سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :23

ٽيون درمياني درجو غصي جو ڏاڍو چڱو ۽ ساراھيل آھي. اھو ھي آھي تھ غصو عقل جي اشاري جو منتظر ۽ دين جو تابعدار ھجي. جتي شرعا  حيرت واجب ھيج اتي غصو ڪري ۽ جتي حلم ڪرڻو ھجي ۽ غصو پيئڻو ھجي اتي اعتدال جي حد کان نھ وڌي. اھڙي ئي غصي کان ڌڻي تعاليٰ پنھنجن ٻانھن کي سينگاريو آھي ۽ اھو ئي وچٿرو درجو آھي جنھن جي صفت ۾ حديث شريف آھي تھ ”سڀ کان وڌيڪ چڱا ڪم درمياني يا وچولي درجي وارا ھوندا آھن.“

ھن منجھان معلوم ٿيو تھ جيڪڏھن ماڻھوءَ ۾ غصو ايتري قدر جھڪو آھي جو ھن ۾ غيرت بھ گھٽ ٿي نظر اچي ۽ نفس کي اجائي ذلت ۽ اجايو ظلم برداشت ڪرڻ بھ ناگوار نٿو لڳيس تھ ھن کي گھرجي تھ پنھنجي نفس جو علاج ڪري انھيءَ حد تائين جو غصي ۾ گھربل فوت اچي وڃي. ٻئي پاسي وري جنھن ۾ غصو اعتدال جي حد کان ٻاھر ھجي ۽ بي خوف ٿي بي عقلي کان برن ڪمن ۾ ڪاھي پوڻ تائين تيار ھجي تھ انھيءَ حالت ۾ بھ نفس جو علاج ڪرڻ ضروري آھي جيئن غصو ھڪ عمدي ۽ درمياني حالت ۾ اچي وڃي جنھن جو نالو صراطءٌ مستقيم آھي. جيتوڻيڪ صراط مستقيم وار کان بھ زياده سنھي ۽ تلوار کان زياده تيز آھي مگر جيڪو ان کي پنھنجو ڪري سگھي ان تي لازم آھي تھ جيترو ٿي سگھيس اوترو ان جي قريب اچڻ جي ڪوشش ڪري (جھڙوڪ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”ولن تستطيعوآ ان تعدلا بَين النسآءِ ولو حرصتم فلا تميلوا ڪل الميل فتذروھا کالمعلقته (اوھين زالن جي وچ ۾ ڪڏھن بھ برابري رکي نھ سگھندؤ توڻيڪ کڻي خواھش ڪريو تنھنڪري اوھين ھڪڙي پاسي اھڙو سارو لاڙو نھ ڪريو جو ٻئي کي لڙڪيل وانگر ڇڏيو) انھيءَ لاءِ تھ اھو ضروري ناھي تھ جنھن کان ھمھ تن نيڪي يا چڱائي نھ ٿي سگھي اھو ھمھ تن بڇڙائي ۽ برائي ڪندو رھي بلڪھ ڪا بدي ٻين کان ھلڪي ٿيندي آھي ۽ ڪي نيڪيون ٻين جي مقابلي ۾ زياده رتبي واريون ٿين ٿيون. پوءِ جيڪڏھن وڏي نيڪي نھ ٿي سگھي تھ ننڍيءَ جي ئي ڪڍ پوڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن شر کان محفوظ نھ رھي سگھجي تھ پوءِ جنھن ۾ گھٽ ضرر يا نقصان ھجي ان تي قناعت ڪرڻ کپي.

بيان ٽيون

رياضت سان غضب صفا دور ٿيڻ ممڪن آھي يا نھ

ڄاڻڻ گھرجي تھ ڪي ماڻھو اھو خيال ڪندا آھن تھ رياضت سان غصي کي صفا محو ڪري يا ميٽي ڇڏڻ ممڪن آھي ۽ رياضت جو اصل مقصد بھ اھو ئي آھي. ڪي وري چوندا آھن تھ غصي جو ڪو علاج ئي ڪونھي ۽ ھي قول انھن ماڻھن جو آھي جيڪي تصور ڪندا آھن تھ عادتون بھ ظاھري پيدائش وانگر آھن. جھڙيءَ طرح ظاھري عضوي ۾ جيڪڏھن ڪو قدرتي نقصان يا عيب ٿي ٿو پوي ۽ آدمي درست نٿو ڪري سگھي تھڙيءَ طرح اھا خلقيل شيءِ يعني غصو يا غصب بھ قابل علاج ناھي. ھي ٻئي قول ضعيف آھن.

اصلي حقيقت اھا آھي تھ ماڻھو پنھنجي زندگيءَ ۾ ھڪڙي شيءِ کي پيار ڪندو آھي ۽ ٻي شيءِ کي برو سمجھندو آھي. انھيءَ حالت ۾ غصي جو ھجڻ بھ نھايت ضروري آھي ڇاڪاڻ تھ ڪا شيءِ ھن جي مزاج جي موافق ھوندي تھ ڪا مخالف ھوندي. موافق شيءِ ھن جي دل کي وڻندي رھندي ۽ مخالف تي ضرور ھن کي غصو ايندو. مثلا فرض ڪريو تھ ڪنھن ھن جي محبوب يعني پيار واري شيءِ کسي ورتي تھ ھن کي ضرور ڪاوڙ ايندي يا ڪو ھن کي ضرر پھچائيندو تھ ھو ضرور غصو کائيندو. ڄاڻڻ گھرجي تھ جن شين سان انسان جي محبت ھوندي آھي انھن جا ٽي قسم آھن:

پھريون قسم: اھڙين شين جو آھي جيڪي سڀ جي لاءِ ضروري آھن جھڙوڪ غذا، لباس، مڪان ۽ بدن جي صحت، پوءِ جيڪو شخص ڪنھن ماڻھوءَ جي اھڙين شين کي دور ڪرڻ گھرندو مثلا کائڻ وارو طعام کسي وٺي يا پيئڻ وارو پاڻي ھاري ڇڏي يا ڪپڙو جنھن سان ستر ڍڪيل آھي اھو سٽ ڏئي لاھي ڇڏي يا رھڻ واريءَ جاءِ منجھان ٻاھر ڪڍي ڇڏي تھ جيئن جو اھڙيون شيون ھر ھڪ شخص جي ضروريات ۾ داخل آھن انھيءَ ڪري انھن جو علحدو ٿيڻ ھن کي ڏاڍو برو لڳندو، جيڪو بھ انھن شين جي زحمت ڏيندو ان تي ضرور غصو ايندو.

ٻيو قسم: اھڙين شين جو آھي جيڪي ڪنھن جي لاءِ بھ ضروري نھ ھجن جھڙوڪ حد کان وڌيڪ سامان، جاه و جلال، نوڪر چاڪر ۽ سواريون وغيره. ھي شيون رڳو عادت جي ڪري پياريون لڳنديون آھن ۽ ضرورت ۾ داخل نھ آھن. ماڻھن کي ھر شيءِ جي علت غائي يعني (اصلي ۽ ضروري مقصد) جي پروڙ بلڪل ڪا نھ ٿي رھي ۽ جھالت کان اھڙين ڳالھين سان پيار ٿا رکن. ڏسو تھ سون چاندي انھن کي اھڙو تھ پيارو ٿي ويو آھي جو ان کي زمين ۾ پوري ٿا رکن (جتي ھو ھزارين سال اڳيئي رھي آيو آھي) جيڪڏھن ڪو انھن کي بيجاءِ خرچ ٿو ڪري تھ ان تي بھ غصو ٿو اچين. حالانڪھ ھي ٻئي کائڻ جون شيون . پوءِ ھن قسم جي شين تي جيڪو عصو ايندو آھي اھو انھيءَ جي لائق آھي تھ انسان کان بلڪل منقطع ٿي يا ٽٽي ٿو سگھي. مثلا جيڪڏھن ڪنھن وٽ ھڪڙيءَ جاءِ حاجت کان وڌيڪ ھجي ۽ ان کي ڪو ظالم ڊاھي ڪيرائي ڇڏي نھ ٿي سگھي ٿو تھ ان جي ڪيرائڻ جو غصو نھ اچيس. اھڙي گھر جو مالڪ ڪو اھڙو سياڻو ماڻھو ھجي جنھن کي ضرورت کان وڌيڪ واري شيءِ سان محبت نھ ھجي ۽ ان کي ظالم ڊاھي وجھي تھ ھن کي ان سان محبت نھ ھجڻ جي حالت ۾ غصو نھ ايندو مگر جيڪڏھن محبت ھوندس تھ ضرور غصو ايندس.

اڄڪلھھ عام طرح ڏسجي ٿو تھ گھڻن ماڻھن کي غصو اھڙين ئي ڳالھين تي ٿو اچي جيڪي ضروري ناھن مثلا شھرت ۽ شان شوڪت ٿي. مجلس ۾ وڏو ماڻھو بڻجي ويھڻ تي ۽ علم تي فخر ڪرڻ تي، جنھن ماڻھوءَ کي ھنن ڳالھين جو ذرو بھ چسڪو يا محبت ھوندي اھو ضرور ڪاوڙجي ويندو. جيڪڏھن محفل ۾ ٿوري بھ ھن جي جاءِ بدلي تھ سارو لال پيلو ٿي ويندو ۽ جنھن کي وري صدر ٿي ويھڻ جو شوق نھ ھوندو اھو جيڪڏھن جتين ۾ ويھي رھندو تھ تڏھن بھ ڪاور ڪو نھ ڪندو. مطلب تھ گھڻن ماڻھن جي محبت اھڙين ئي ردي ۽ خراب عادتن سان ٿي وئي آھي ۽ انھيءَ ڪري ھو غصو بھ ھر ھر ٿا پيا ڪن. اھا ڳالھھ نھ ٿا سمجھن تھ جيتريون شھوتون ۽ ارادا زياده ھوندا آھن اوترو ئي آدمي ۾ نقص زياده ھوندو ڇاڪاڻ تھ حاجت ھڪ نقصان واري صفت آھي جيتري قدر ھن جي زيادتي انسان ۾ ھوندي اوتري قدر ھن ۾ نقص زياده ھوندو. نادان ماڻھو ھميشه انھيءَ ڳالھھ جي ڪوشش ڪندو آھي تھ منھنجون حاجتون گھڻيون پوريون ٿين ۽ منھنجون آرزون ۽ اميدون زياده پر آمد ٿين. حالانڪھ اھي ئي شيون وري اٽلندو غم ۽ اندوه جو ذخيرو بڻبيون اٿس. ڪي خدا جا بندا تھ وري اھڙا جھالت جي سمنڊ ۾ ٻڌا پيا ھوندا آھن جو انھن کي جيڪڏھن بڇڙي ڳالھھ جو ئي عيب کڻي ٻڌايو ويندو آھي تھ ان تي بھ ڪاوڙجي باھھ ٿي ويندا اھن. مثلا ڪو چوي تھ توکي ڪڪڙ ويڙھائڻ چڱيءَ طرح نٿا اچن يا شطرنج چڱيءَ طرح نٿو کيڏين يا شراب گھڻو نٿو پي سگھين يا توکي ھمت ئي ڪانھي جو کڻي مون سان ھتي کائڻ ۾ مقابلو ڪرين وغيره وغيره. ھي سڀ ڳالھيون اھڙيون آھن جو جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ناھن تھ ڏاڍي چڱي ڳالھھ آھي مگر انھن تي بھ ڪي ماڻھو بگڙي ويندا آھن تھ ھن مون کي اھي لفظ چيا ڇو؟ مطلب تھ اھڙيون شيون جيڪي محبت ڪرڻ جي لائق ناھن اھي غصي ڪرڻ جي لائق بھ ناھن.

ٽيون قسم: اھڙين شين جو آھي جيڪي ڪن لاءِ ضروري آھن تھ ڪن لاءِ ناھن. مثلا ڪتاب ھڪڙي عالم لاءِ محبوب شيءِ آھي ۽ انھيءَ جي ھن کي ضرورت ٿي پوي. انھيءَ ڪري ھن سان پيار ٿو رکي. جيڪڏھن ڪو انھيءَ ڪتاب کي ساڙيندو يا ڦاڙيندو يا ضايع ڪندو تھ ان تي عالم ضرور ڪاوڙ ڪندو. اھو ئي حال آھي ڪاريگرن جي اوزارن جو. ھر ھڪ ڪاريگر کي اوزارن کان سواءِ ۽ پنھنجي محنت ڪرڻ کان سواءِ غذا ملڻ محال آھي. پوءِ جيئن جو اوزار ضروري شيءِ آھن غذا وغيره حاصل ڪرڻ لاءِ تنھنڪري سڀ ڌنڌي وارا پنھنجن پنھنجن اوزارن ۽ ھٿيارن سان پيار ٿا رکن ۽ انھن کي ضروري ٿا سمجھن. مگر ياد رکڻ گھرجي تھ ضروري فقط اھا شيءِ آھي جنھن طرف حضور ﷺ جن ھن حديث ۾ اشارو فرمايو آھي تھ ”جيڪو شخص پنھنجي گھر ۾ امن امان ۾ آھي. بدن تندرست اٿس ۽ ھن وٽ ھڪ ڏينھن جو کاڌو ميسر آھي تھ ھن کي گويا ساري دنيا حاصل آھي.“ پوءِ جيڪو ماڻھو معاملات جي حقيقتن کان واقف آھي ۽ مٿين حديث واريون ٽئي شيون ھن کي حاصل آھن تھ ٿي سگھي ٿو تھ ھن کي سواءِ انھن ٽن شين يعني گھر تندرستي ۽ ھڪ ڏينھن جي خوراڪ کانسواءِ ٻين شين تي ڪو غصو نھ ڪاچي.

شين جا ٽي جدا جدا قسم بيان ٿي چڪا. ھاڻي رياضت جو اثر جيڪو ھر شيءِ تي ٿو پوي اھو ٻڌڻ گھرجي.

مٿي ذڪر ڪيل پھرين قسم جي حالت ۾ جيڪو غصو ٿو اچي اھو بجاءِ آھي. تنھنڪري رياضت جو اثر انھيءَ غصي تي صرف ايترو پوڻ گھرجي جو دل جي اندر اھڙو ملڪ پيدا ٿي وڃي جو ھوءَ غصي جي مطيع نھ رھي ۽ ان جو استعمال ظاھر ۾ ايتري قدر ڪيو وڃي جيترو شرع ۽ عقل سھڻو ۽ مناسب سمجھي ۽ اھا ڳالھھ مجاھدي ۽ ڪوشش سان ممڪن آھي. ھنن ڳالھين ۾ جنھن کي گھڻو غصو ايندو ھجي ان کي گھرجي تھ پھريائين زور مس ڪري غصو کائيندو رھي ۽ حلم ۽ بردباري سان تڪلف کان ڪم وٺندو رھي. اھو مجاھدو ڪجھھ وقت جاري رکي جيسين حلم ۽ برداشت جي قوت ھن جي ٻين طبعي ڳالھين وانگر ھڪ پختي عادت بڻجي وڃي. باقي رھيو غصي کي پاڙ کان ڪڍي نيست نابود ڪرڻ سو بلڪل ناممڪن آھي. ھان، ھن جي تيزي کي ٽوڙڻ ۽ ھن کي ڪمزور ڪرڻ ايتري قدر جو باطن ۾ ھو جوش نھ کائي اھو ممڪن ٿي سگھي ٿو. ھن کي ايتري قدر ضعيف ڪرڻ جو ان جو اثر چھري تي ظاھر نھ ٿئي. اھو ڪم ذرا ڏکيو آھي، مگر امڪان کان ٻاھر ناھي. اھو ئي حال آھي ٽين قسم وارين شين جو ڇاڪاڻ تھ ھن حالت ۾ بھ ڪن ماڻھن لاءِ تھ اھي شيون ضروري آھن. تنھنڪري رياضت منجھان انھن کي بھ ايتري قدر فائدو ضرور حاصل ٿيندو تھ باطن ۾ غصي جي شدت گھڻي نھ رھندي ۽ صبر ڪرڻ جي سختي زياده محسوس نھ ٿيندي.

باقي رھيو ٻئي قسم وارين شين تي غصو سو انھيءَ جي پاڙ رياضت سان صفا پٽجي ٿي سگھي يعني جڏھن دل منجھان غير ضڙوري شين جي محبت دور ٿي ويندي تھ ان سان گڏ غصو بھ ھليو ويندو ڇاڪاڻ تھ محبت ۽ غصو ھڪ ٻئي سان لازم ملزوم آھن. ھن باري ۾ رياضت جو نمونو ھي آھي تھ ماڻھو ھن طرح تمور ڪرڻ تھ منھنجو وطن ھڪ ڪاري قبر آھي ۽ ھميشه رھڻ واري جاءِ آخرت آھي. دنيا صرف ھڪ گذر گاھھ آھي. ھن منجھان گذر ڪري ضرور اڳتي ھلڻو آھي. ھتي جو مان آيو آھيان سو صرف آخرت جي توشي بنائڻ لاءِ. ضرورت کان وڌيڪ جيڪي بھ شيون آھن انھن لاءِ يقين رکي تھ اھي اصلي وطن ۽ حقيقي قرارگاھھ ۾ پھچڻ کانپوءِ جان لاءِ ويل ٿي پونديون. انھن جو پڇاڻو ۽ ڇڪتاڻ تمام وڌي آھي. اھڙن خيالن سان دنيا ۾ زھد ڪري دنيا جي محبت ڪو ماڻھو دل تان مٽائي تھ اھڙي قسم جي رياضت سان غصي جي پاڙ بلڪل پٽجي ٿي وڃي. جيڪڏھن وڌيڪ نھ ٿيو تھ ڪو از ڪم ايترو ضرور ٿيندو تھ غصي کي ظاھر نھ ڪندو ۽ ان موجب عمل نھ ڪندو ڇاڪاڻ تھ غصو ٻڌل آھي محبت سان. جڏھن محبت نھ رھندي تھ غصو بھ فنا ٿي ويندو. مثلا ھڪڙي ماڻھوءَ وٽ ڪتو آھي جنھن سان ھن جي محبت ڪانھي. جيڪڏھن ڪو ٻيو ماڻھو ھن کي ماريندو تھ ھن کي غصو نھ ايندو ڇاڪاڻ تھ ھن کي ھن سان ڪو پيار ڪونھي جو ھن کي ايذاءُ يا ڪھڪاءُ اچي. بھرحال پاڙ کان پٽجي وڃڻ تھ غصي جو ڏاڍو ڏکيو آھي. مگر ان جو ضعيف ٿيڻ ۽ ان جي اثر ھيٺ ڪنھن قسم جي عمل نھ ٿيڻ بھ غنيمت آھي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ درد يا رنج ۽ غصي ۾ وڏو فرق آھي. ڪيترا دفعا ضروري شيون ھليون وينديون آھن تھ اھا ڳالھھ ضروري آھي تھ درد ۽ رنج پھچي مگر اھو ضروري ناھي تھ غصو بھ اچي. مثلا ڪو ماڻھو کير لاءِ ٻڪري ٿو پالي. جيڪڏھن اھا مري ٿي وڇي تھ ھن کي ڏک تھ ڏاڍو ٿيندو مگر غصو ڪنھن تي بھ نھ ڪندو. ساڳيءَ طرح سير ڇوڙائڻ يا ٽڪي ڏيارڻ وقت ايذاءُ ۽ تڪليف ڏاڍي ايندي آھي مگر طبيب يا ڊاڪٽر تي غصو ڪين ايندو آھي.

پوءِ جنھن شخص تي توحيد جو غلبو آھي ايتري قدر جو سڀني شين کي قدرت جي قبضي ۾ ٿو ڄاڻي ۽ سڀ ڪجھھ انھي ماڪ حقيقيءَ جي طرف کان ٿو سمجھي. اھو غصو نٿو ڪري ڇاڪاڻ تھ مخلوق کي ھو رڳو ھڪ واسطو ٿو سمجھي جھڙيءَ طرح لکڻ جي واسطي لکدنڙ جي ھٿ ۾ قلم ھڪ واسطو آھي. جيڪڏھن بادشاھھ يا ڪو جج ڪنھن جي باري ۾ ڦاسي يا ڪا ٻي سزا ٿو لکي تھ ان ۾ قلم جو ڪھڙو قصور ۽ انھيءَ حالت ۾ قلم تي ڪو بھ غصو ڪو نھ ڪندو آھي. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن جي ٻڪري ذبح ٿو ڪري تھ توحيد جو صاحب ان تي بھ غصو نھ کائيندو ڇاڪاڻ تھ ذبح ۽ موت کي ھو خدا تعاليٰ جي طرف کان سمجھندو. ھن منجھان ثابت ٿيو تھ توحيد جي غلبي کان بھ غصو نٿو اچي.

انھيءَ کان سواءِ خدا تعاليٰ م حسن ظن يعني نيڪ گمان رکڻ بھ غصي کي گھٽائي ٿو. جڏھن ڪو ماڻھو اھو تصور ٿو ڪري تھ خداوند ڪريم منھنجي حق ۾ اھو ٿو ڪري جيڪو منھنجي لاءِ بھتر آھي تھ بک ۽ بيماريءَ جي وقت ھو ائين ٿو سمجھي تھ منھنجي لاءِ بکايل يا بيمار يا زخمي رھڻ ئي خدا تعاليٰ جي نزديڪ بھتر آھي ۽ انھيءَ حال تي ڪو بھ غصو نٿو ڪري. جھڙيءَ طرح رت ڪڍڻ واري يا ٽڪي ڏيڻ واري تي غصو نٿو اچي ڇاڪاڻ تھ انھيءَ ۾ مريض جي بھتري سمجھي وڃي ٿي.

ياد رکڻ گھرجي تھ توحيد جي غلبي سان غصو دور تھ ٿي ٿو وڃي مگر اھو توحيد جو غلبو ھر وقت ۽ ھر ڳالھھ تي ھڪ جيترو ڪو نھ ٿو رھي. عام ماڻھن جي حالت ۾ تھ ھو بجلي جي چمڪاٽ وانگر جھلڪ ڏئي ختم ٿي ويندو آھي ۽ انھيءَ ٿوري اثر کان پوءِ دل وري ساڳيو حيلن ۽ وسيلن ڏي رجوع ڪندي آھي ۽ اھا ڳالھھ جبلي ۽ طبعي آھي. جيڪڏھن اھو توحيد جو غلبو ھميشه ھڪجھڙو رھي ھا تھ اشرف المخلوقات يعني سرور ڪائنات . مگر حضور ﷺ جن کي بھ غصو ايندو ھو انھيءَ حد تائين جو رخسار مبارڪ ڳاڙھو ٿي ويندو ھون ۽ پاڻ خدا تعاليٰ کي عرض ڪيائون تھ ”اي منھنجا الله مان انسان آھيان ۽ انسانن وانگر مون کي بھ غصو اچي ٿو پوءِ جنھن بھ مسلمان کي مان گار ڏني ھجي يا لعنت ڪئي ھجي يا ماريو ھجي تھ تون منھنجي طرفان انھن ڳالھين لاءِ انھن تي رحمت نازل فرماءِ ۽ انھن کي تقرب يعني پنھنجي ويجھي ٿيڻ جو سبب بڻاءِ جيئن ھو قيامت جي ڏينھن تنھنجي ڪرم ۽ فضل جي ويجھو ھجن.

حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص رضھ ٿو فرمائي تھ مان حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو تھ يا رسول الله! جيڪي ڳالھيون اوھان غصي ۽ خوشيءَ جي حالت ۾ فرمائيندا آھيو اھي سڀ لکان؟ پاڻ فرمايائون تھ ھائو لکندو ڪر. قسم آھي انھيءَ ذات پاڪ جو جنھن مون کي نبي برحق بڻايو آھي تھ ھن (زبان) منجھان سواءِ حق جي ٻيو ڪجھ بھ نھ نڪرندو. ھن منجھان ثابت ٿو ٿئي تھ پاڻ ائين تھ ڪو نھ فرمايائون تھ مون کي غصونٿو اچي بلڪھ اھو واضح ڪيائون تھ غصو مون کي حق کان ٻاھر نٿو ڪڍي يعني مان غصي جي تقاضائن موجب عمل نٿو ڪريان.

ھڪ دفعي حضرت عائشه رضي الله عنھا غصي ۾ آئي. پاڻ فرمايائونس تھ توکي ڇا ٿيو آھي؟ تنھنجو شيطان تو وٽ آيو آھي ڇا – بيبي صاھبھ رضھ عرض ڪيو تھ ڇا اوھان جو شيطان ڪونھي. پاڻ فرمايائون تھ ڇو نھ آھي مگر مان الله تعاليٰ کان دعا گھري ۽ ھو مسلمان ٿي ويو. ھاڻي ھو مون کي نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ٿو چوي. ھتي بھ پاڻ اھو نھ فرمايائون تھ منھنجو شيطان ڪينھي پر اھو فرمايائون تھ مون کي بديءَ جو حڪم نھ ٿو ڏئي ۽ ھتي شيطان منجھان ڪاوڙ جو شيطان مراد آھي.

حضرت علي ڪرم الله وجھھ کان مروي آھي تھ آنحضرت ﷺ کي دنيا جي واسطي ڪڏھن بھ غصو ڪو نھ ايندو ھو  ۽ جيڪڏھن حق جي ڳالھھ تي غصو فرمائيندا ھئا تھ اھو بھ اڻ لکو ھوندو ھو جو ڪنھن کي پتو ڪو نھ پوندو ھو ۽ نھ وري ڪو بھ آدمي حضور ﷺ جن جي غصي جي مقابلي جي ھمت ڪري سگھندو ھو جيسين ھو حق جو انتقام وٺي پورو نھ ڪندا ھئا.

ھن بيان منجھان معلوم ٿو ٿئي تھ جيتوڻيڪ آنحضرت ﷺ جو غصو فقط الله جي واسطي حق جي ڳالھھ تي ھوندو ھو مگر تڏھن بھ ڪو نھ ڪو سبب نھ ڪاوڙ جو  انھيءَ ڪري جيڪو شخص قوت گذران ۽ ضرورت واري شيءِ جي کسجي وڃڻ يا ضايع ٿيڻ تي غصو ٿو ڪري اھو بھ الله واسطي ئي آھي. ھن قسم جي غصي جو بلڪل نھ ھجڻ ممڪن ناھي. ھان، باقي ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو جڏھن ھڪ وڌيڪ ضروري مھم ۾ محو ۽ مشغول رھندو آھي تھ ٻئي ڪنھن ضروري شيءِ جي کسجي وڃڻ تي بھ غصو ڪو نھ ڪندو آھي. ڇاڪاڻ تھ دل ٻئي طرف مشغول رھندي آھي ۽ ان ۾ ٻئي ڪنھن طرف غصي ڪرڻ جي گنجائش ڪا نھ ھوندي آھي. پنھنجي استغراق يا محويت سببان ھوءَ ڪنھن بھ شيءِ جو خيال نھ ٿي ڪري.

ڳالھھ ٿا ڪن تھ حضرت سلمان رضھ کي جڏھن ڪنھن گار ڏني تھ پاڻ انھيءَ ماڻھوءَ کي فرمايائون تھ جيڪڏھن قيامت جي ڏينھن عملن جي تارازيءَ ۾ منھنجا نيڪ اعمال گھٽ رھيا تھ پوءِ جيڪي تون چوين ٿو مان انھيءَ کان بھ وڌيڪ بڇڙو آھيان ۽ جيڪڏھن نيڪ عملن جو پڙ ڀاري ٿيو تھ جيڪي تون چوين ٿو تنھن ۾ مون کي ڪو بھ نقصان ڪونھي. جيئن جو ھن بزرگ جو قلب آخرت جي وڏن معاملن ۾ مشغول ھيو تنھنڪري گار جو ھن تي ڪو بھ اثر نھ پيو.

ساڳيءَ طرح ربِيع بِن خثِيم کي ڪنھن گار ڏني تھ پاڻ فرمايائين تھ الله تعاليٰ تنھنجو قول ٻڌي ٿو. جنت جي اوريان ھڪ ڏاڍي ڏکي ماٿري آھي. جيڪڏھن مان اھا سلامتيءَ سان پار ڪري ويس تھ پوءِ تنھنجن انھن لفظن منجھان مون کي ڪو بھ ضرور ڪو نھ ٿيندو باقي جي اورينءَ ڀر رھجي ويس ۽ پار نھ لنگھي سگھيس تھ پوءِ تون جيڪي چوين ٿو مان انھيءَ کان بھ وڌيڪ بڇڙو آھيان.

ھڪڙي شخص حضرت ابوبڪر صديق رضھ کي گار ڏني تھ پاڻ پنھنجي نفس ڏي مخاطب ٿي فرمايائونس تھ تنھنجي جن گناھن کي الله تعاليٰ پوشيده رکيو آھي اھي گھڻا آھن. مطلب تھ ابوبڪر صدق پنھنجن عيبن جي ڏسڻ ۽ انھن جي فڪر ۾ مشغول ھو يعني اھا ڳالھھ کين مدنظر ھئي تھ خدا تعاليٰ کي جھڙيءَ طرح سڃاڻڻ جو حق ھو اھڙيءَ طرح نھ سڃاتو ويو آھي ۽ جيتري قدر ھن کان خوف ڪرڻ گھرجي اوتري قدر خوف نھ ڪيو آھي. پوءِ انھيءَ حال ۾ جيڪڏھن ھن جي نفس کي ناقص سڏيو ويو تھ ان جو تاثير ڪو نھ ٿيو ڇاڪاڻ تھ ھو تھ پاڻ باوجود صديقي شان رکڻ جي بھ پنھنجي نفس کي قصور وارو ۽ ناقص ڪري سمجھندا ھئا.

ھڪڙيءَ عورت مالڪ بن دينار رحھ کي رياڪار ڪري سڏ ڪيو تھ اي رياڪار! پاڻ جواب ۾ فرمايائونس تھ مائي توکان سواءِ مون کي ٻئي ڪنھن بھ نھ سڃاتو آھي. ھن حالت ۾ حضرت مالڪ رحھ گويا پنھنجي نفس کان ريا واري آفت دور ڪرڻ ۾ مشغول ھر ۽ پنھنجي نفس کي سمجھايائين ٿي تھ رياءُ توکان ڇٽو ناھي. توکي جيڪڏھن انھيءَ قسم جو خيال آھي تھ اھو شيطان جو غريب ۽ دوکو آھي. جيئن جو ھن بزرگ پنھنجي نفس کي اڳيئي رياڪار سمجھيو پئي تنھنڪري مائي جي رياڪار سڏڻ تي ھن کي صفا غصو ڪو نھ آيو.

بيان چوٿون

انسان جي قلب جي خاصيت جو ذڪر

واضح رھي تھ جيڪي شيون اسان عضون ۽ حواسن بابت بيان ڪيون آھن، اھي الله تعاليٰ سڀني حيوانن کي بھ ڏنيون آھن جھڙوڪ شھوت ۽ غضب ۽ ظاھري ۽ باطني حواس حيوانن کي بھ مليل آھن. ڏسو ٻڪري جڏھن بگھڙ کي اکين سان ڏسي ٿي تھ ان جي دشمني پنھنجي دل ۾ معلوم ڪري فورا وٺي ٿي ڀڄي. انھيءَ منجھان معلوم ٿيو تھ حيوان ۾ بھ باطني ادراڪ يعني اندروني پروڙ موجود آھي. ھاڻي اان اھا ڳالھھ بيان ڪريون ٿا جيڪا خاص انساني قلب ۾ ملي ٿي ۽ جنھن جي ڪري ھن کي شرف ۽ الله تعاليٰ جي قرب جي لياقت حاصل آھي ۽ اھي ٻھ ڳالھيون آھن، ھڪ علم ٻيو ارادو.

درحقيقت علم جو واسطو ديني ۽ دنيوي ڳالھين ۽ عقلي حقيقتن سان آھي. اھي ڳالھيون نھ محسوسات جي حد ۾ داخل آھن ۽ نھ حيوانات کي انھن ۾ انسان سان ڪا شرڪت آھي. بلڪھ جيڪي ظاھر ظھور ڪليھ قاعدن جا علم ۽ تجربا آھن. انھن جو بھ خاص انساني عقل سان واسطو رھي ٿو. مثال طور انسان ھي ھڪ حڪم يا ڪليھ قاعدو ٺاھي ٿو تھ ھڪ شخص جو ٻن جاين تي ساڳي وقت ۽ ساڳي حالت ۾ موجود ھئڻ ناممڪن آھي. ھاڻي ھي قاعدو يا حڪم دنيا جي ھر ھڪ شخص سان لاڳو ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ھن ھڪڙي انسان تھ دنيا جا ڪي تمام ٿورا ماڻھو ڏٺا آھن مگر اھو قاعدو سڀني سان لاڳو ڪرڻ ھن جي حس جي پروڙ کان ٻاھر آھي تنھن ڪري اھو ھڪ انسان جي علم جو خاص دائرو آھي. اھو ئي ساڳيو حال آھي دنيا جي سڀني نظريات يا اصولن يا تجربن جو. اھي سنڀ حيواني حس کان ٻاھر آھن ۽ فقط انساني علم ۾ داخل آھن.

ارادي جو مفھوم وري ھن طور آھي تھ جڏھن انسان ڪنھن ڪم جي نتيجي کي سوچي ٿو ۽ ھن کي ان ۾ بھتري معلوم ٿئي ٿي تھ ھن جي طبيعت ۾ انھيءَ بھتريءَ کي ۽ ان بھتري سان گڏ جيڪي لاڳو ڳالھيون آھن انھن جي حاصل ڪرڻ جو ھڪ شوق پيدا ٿئي ٿو. انھيءَ شوق کي ارادو سڏيو وڃي ٿو. ھي ارادو اھو ناھي جيڪو ارادو شھوت جو يا حيوانن جو ھوندو آھي. بلڪھ ھي ارادو شھوت جي ارادي جو ضد آھي. مثلا شھوت سير ڇوڙائڻ يا لڪي ڏيارڻ کان نفرت ٿي ڪري مگر عقل ھن جو ارادو ٿو ڪري ۽ انھيءَ تي مال خرچ ڪرڻ لاءِ بھ تيار رھي ٿو يا ٻيو مثال تھ بيماريرءَ جي حالت ۾ شھوت جو لاڙو لذيذ کاڌن ڏانھن ٿئي ٿو مگر عاقل ماڻھو پنھنجي نفس ۾ انھيءَ لاءِ يعني انھن لذيذ کاڌن لاءِ ھڪ منع يا روڪ يا جھل محسوس ڪري ٿو ۽ ھيءَ روڪ يا جھل شھوت جي طرف کان ناھي. ھاڻي جيڪڏھن خدا تعال:ٰ غٰلله ؛: ٽح ڦ:ڊآ ڪڙ: حآ ڄڻحڻ شآڻ ڪڻحڻ ٻح ڪ۾ ڄ: ڻٽ:ڄ: ڄ: ش ڪ؟: ُڃي ھا ۽ ھن ارادي کي پيدا نھ فرمائي ھا جنھن سببان عضون جي حرڪت عقل جي حڪم موجب ٿئي ھا تھ عقل جو حڪم محض بي فائدو رھجي ُڇي ھا. مطلب تھ انسان جي قلب يا دل م اھو علم ۽ اھو ارادو آھي جيڪو ٻين حيوانات ۾ ناھي. بلڪھ انسان جي ننڍن ٻارن ۾ بھ نھ ھوندو آھي ڇاڪاڻ تھ اھو ارادو انھن ۾ بلوغت کان پوءِ پيدا ٿئي ٿو باقي شھوت ۽ غضب ۽ ظاھري ۽ باطني حواس انھن ۾ سڀ موجود ھوندا آھن. ھاڻ، انھن علمن جي حاصل ٿيڻ جا ٻارن ۾ ٻھ درجا آھن. ھڪ ھي تھ ھن جي دل ۾ ڳالھين جو بديھي يعني ظاھر ظھور نتيجن وارو علم اچي وڃي مثلا جن شين جو وجود ظاھر ۾ نٿو ٿي سگھي انھن کي مھال سمجھڻ يا ظاھري ممڪن شين کي جائز سمجھڻ، تھ انھيءَ صورت ۾ ھن کي نظري علم تھ حاصل نھ ٿيندا مگر انھن جي حاصل ٿيڻ جي ويجھو ٿي وڃي ٿو. ھن جو حال نظري علمن ۾ اھڙو ٿيندو جھڙو ڪوئي ڪاتب جيڪو ڪتابت جي مرڪبات کان تھ ناواقف آھي مگر اکرن جي مفردات ۽ مس قلم کي ڄاڻي ٿو. اھڙي قسم جو ڪاتب، ڪتابت جي درجي کي تھ ڪو نھ ٿو پھچي مگر ان جي ويجھو ضرور ٿو وڃي پوي.

ٻيو درجو ھي آھي تھ علم ھن کي ڪسب يعني ڪم ڪرڻ ۽ تجربي ۽ فڪر سان حاصل ٿين ۽ انھن جي مخزن ھن وٽ موجود رھي. جڏھن چاھي ان جي طرف رجوع ڪري تھ اھڙي شخص جو  حال ھڪ حاذق ڪاتب جھڙو آھي جو بالفعل لکندو نھ ھجي مگر ان کي ڪاتب ضرور سڏيو ويندو ڇاڪاڻ تھ ڪتابت تي ھو ھر وقت قدرت رکي ٿو. ھي مرتبو علمن جو انسانيت جي درجن ۾ ھڪ اعليٰ درجو آھي. مگر ھن درجي ۾ اڻ کٽ مرتبا يا ڏاڪا آھن ڇاڪاڻ تھ ھن ۾ ماڻھو معلومات جي گھڻائي يا ٿورائيءَ سببان يا معلومات جي شرافت ۽ خسٽ جي ڪري ھڪ ٻئي کان جدا جدا ٿين ٿا. ان کان سواءِ انھيءَ علم جي حاصل ڪرڻ جي طريقن ۾ بھ گھڻو تفاوت ٿئي ٿو. ڪن قلبن کي تھ پھرين ئي دفعي ۾ مڪاشفي جي صورت ۾ الھام الاھي سان علم حاصل ٿي وڃي ٿو ۽ ڪن کي ڪسب ڪرڻ ۽ تعليم پرائڻ جي نوبت اچي وڃي ٿي. وري ڪي زود فھم يعني جلد سمجھي وڃڻ وارا تھ ڪي وري سمجھڻ جا قسمت يا جڏا ٿيندا آھن. ھن مقام ۾ نبين، عالمن ۽ حڪيمن جا درجا مختلف آھن ۽ ترقيءَ جي درجن جي تھ ڪا انتھائي ڪانھي ڇاڪاڻ تھ الله تعاليٰ جي معلومات جي تھ ڪا حد ئي ڪانھي. سڀ کان وڌيڪ اعليٰ رتبو انھي نبيءَ جو ھوندو آھي جنھن تي سڀ حقيقتون بنا ڪسب يا ڪشالي ڪڍڻ جي مڪاشفي سان تمام جلد کلي پون ۽ انھيءَ سعادت سان بندي جو خداوند ڪريم سان قرب معنوي ۽ حقيقي ۽ وصفي ٿيندو آھي مگر قرب مڪاني يا مفاصلي جي ويجھڙائي وارو نھ ٿيندو آھي ۽ ھنن درجن ۾ ترقي ڪرڻ کي سالڪن جون منزلون ڪري سڏيندا آھن ۽ انھن منزلن جي ڪا بھ حد ڪا نھ آھي. ھر سالڪ کي جنھن منزل تائين ھو پھچندو آھي. انھيءَ منزل جو ۽ ھن کان ھيٺين منزلن جو سمورو حال معلوم ھوندو آھي باقي جيڪي منزلون ھن کان اڳتي آھن انھن کي علم جي لحاظ کان تھ نٿو ڄاڻي مگر غيب تي ايمان آڻڻ جي اعتبار سان انھن جي تصديق ڪندو رھي ٿو. جھڙيءَ طرح نبوت ۽ نبيءَ تي ايمان رکون ٿا ۽ انھن جي وجود جي تصديق ڪريون ٿا مگر نبوت جي حقيقت کي سواءِ نبيءَ جي ٻيو ڪو بھ ڪو نھ ٿو ڄاڻي. يا جھڙيءَ طرح پيٽ واري ٻار کي کير پياڪ جو حال معلوم نٿو رھي ۽ کير پياڪ ٻار کي سمجھدار ۽ تميز واري ٻار جي حال جو پتو نٿو پوي تھ ھن کي ڪھڙيون ڪھڙيون ظاھري اصولن واريون ڳالھيون معلوم ٿي چڪيون آھن ۽ تميز واري ٻار کي وري عقل واري ڇوڪري يا ماڻھو جي خبر نھ ٿي پوي تھ ھن جو حال ڪھڙو آھي ۽ ظاھر نظري عملن منجھان ھن ڇا سکيو آھي. ساڳيءَ طرح وري ھڪ عاقل ۽ بالغ انسان کي اھا پروڙ پوڻ مشڪل آھي تھ الله تعاليٰ نبين ۽ اوليائن تي ڪھڙا ڪھڙا لطف ۽ ڪھڙيون ڪھڙيون رحمتون عنايت فرمايون آھن. ”ما يفتحِ الله للناس من رحمته فلا ممسک لھا“ (الله ماڻھن لاءِ جيڪي پنھنجيءَ ٻاجھھ منجھان کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو ناھي).

ياد رکڻ گھرجي تھ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ھن جي رحمت عام آھي. ڪنھن جي واسطي بھ ھن وٽ بخل يا ڪنجوسائي ڪا نھ آھي. مگر ظھور انھي رحمت جو انھن دلين ۾ ٿيندو آھي جيڪي ھن جي رحمت جي خوشبودار ھيرن جي لاءِ ھر وقت تاڙ ۽ انتظار ۾ ھونديون آھن. جھڙيءَ طرح آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”تحقيق خدا تعاليٰ جي رحمت جون ڪيتريون ئي ھيرون گھلنديون رھن ٿيون اوھان جي حياتي جي ڏينھن ۾ - پوءِ اوھان کي گھرجي تھ (ھميشه) انھن جي تاڙ ۾ رھو.“ ۽ انھن جي تاڙ ۾ رھڻ ھن طرح آھي تھ اسان دل کي پاڪ رکون ۽ خبث ۽ ڪدورت جيڪا بڇڙن اخلاقن منجھان پيدا ٿئي ٿي ان کان پاسو ڪريون. جھڙيءَ طرح عنقريب انھيءَ جو بيان اچڻ وارو آھي. خدا تعاليٰ جي جود ۽ سخا جيڪا ھتي بيان ڪئي وئي آھي تنھن جو اشارو ھن حديث شريف ۾ آھي تھ ”الله ھر رات جو دنيا جي آسمان تي تشريف فرما ٿئي ٿو ۽ فرمائي ٿو تھ ڪير آھي دعا گھرندڙ تھ مان ان جي دعا قبول ڪريان.“ انھيءَ کانسواءِ حديث قدسي ۾ آيو آھي تھ ”البتھ ابرارن يعني نيڪو ڪارن جو شوق منھنجي ملاقات لاءِ وڌي ويو آھي ۽ (حقيقت وري اھا آھي تھ) مان انھن جي ملاقات لاءِ وڌيڪ شائق آھيان.“ بي حديث قدسي ۾ آھي تھ ”جيڪو منھنجي طرف گراٺ ٿو وڌي تھ مان ان جي طرف ھڪ ھٿ ٿو وڌان.“

مٿي ذڪر ڪيل حديثن منجھان معلوم ٿئي ٿو تھ ھي جو الله تعاليٰ جي قدرت جي علمن جا انوار دلين کان پوشيده ٿا رھن انھيءَ ۾ منعم حقيقي (يعني نعمتون عطا ڪرن واري حقيقي ڌڻي سڳوري) جي طرفان ڪو بھ بخل يا ڪا بھ ڪنجوسائي يا روڪ ڪانھي بلڪھ خبث ۽ ڪدورت جيڪي دلين ۾ موجود ٿا رھن، اھي ئي معرفت الاھي جي انوارن جي حجاب جو سبب بڻجن ٿا. ڇاڪاڻ تھ دلين جو مثال ھڪ برتن جھڙو آھي، جيستائين برتن ۾ پاڻي ڀريو پيو ھوندو ھن ۾ ھوا يا ڪا ٻي شيءِ ھرگز نٿي وڃي سگھي. ساڳيءَ طرح جيستائين دل غير الله سان مشغول ھوندي تيستائين ان ۾ معرفت الاھي داخل ٿي نھ سگھندي ۽ انھيءَ ڳالھھ ڏانھن اشارو آھي ھن حديث شريف جو تھ ”جيڪڏھن شيطان بني آدم جي دلين جي چوڌاري نھ ڦرندا رھن ھا تھ ماڻھن کي آسمان جا فرشتا ۽ اسرار (ڳجھھ) نظر اچن ھا.“

ھنن سڀني بيانن جو خلاصو ھي نڪتو تھ انسان جي خاصيت آھي ”علم ۽ حڪم“ ۽ سڀني علمن کان وڌيڪ شرف وارو علم، الله جل جلاله ۽ ھن جي صفتن ۽ افعالن جو علم آھي ۽ انسن جو ڪمال حاصل ٿي وڃي ٿو تھ انسان انھيءَ ڪمال جي سبب ۽ برڪت مان حضرت رب العزت جي حضوريءَ جي سعادت ۽ لياقت حاصل ڪري سگھي ٿو.

مطلب تھ بدن نفس جي سواري آھي ۽ نفس علم جي رھڻ جي جاءِ آھي ۽ علم انسان جو مقصد ۽ خاصيت آھي جنھن جي لاءِ ھو پيدا ڪيو ويو آھي. جھڙيءَ طرح گھوڙو ٻار کڻڻ ۾ گڏھھ جو شريڪ آھي ۽ خوبصورتي ۽ ڊڪ ڊوڙ ۾ ھن کان نرالو آھي تھ گويا گھوڙي جي خاصيت اھا ئي آھي ۽ انھيءَ لاءِ ئي پيدا ڪيو ويو آھي. پوءِ جيڪڏھن ھو انھيءَ ڪم (يعني ڊڪ ڊوڙ) کان لاچار ٿيندو تھ گڏھھ جي درجي کي پھچي ويندو. اھڙيءَ طرح انسان بھ گھڻين ئي ڳالھين ۾ گھوڙي ۽ گڏھھ سان شريڪ آھي مگر جيڪا انساني خاصيت آھي انھيءَ سبب ھو انھن ٻنھي کان نرالو آھي ۽ اھا خاصيت مقرب ملائڪن جي صفتن منجھان ھڪ صفت آھي. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ انسان جو رتبو ڍورن ۽ ملائڪن جي وچ ۾ آھي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ انسان غذا کائڻ ۽ اڀرڻ ۽ اسرڻ جي لحاظ کان تھ گاھھ جي مثالآھي. اختياري حس ۽ حرڪت (چرپر) جي اعتبار کان حيوان آھي ۽ قدوقامت جي لحاظ کان ديوار جي نقش جي برابر آھي. مگر ”خاصيت“ ھن جي آھي شين جي حقيقتن جي معرفت حاصل ڪرڻ، پوءِ جنھن شخص پنھنجي سڀني عضون ۽ طاقتن کان اھريءَ طرح ڪم ورتو جو ھن کي علم ۽ عمل ۾ مدد ملي تھ اھڙو شخص فرشتن سان مشابھت رکي ٿو ۽ انھن سان ملي وڃڻ جو حقدار بڻجي پوي ٿو. تان جو ھن کي ھڪ ملائڪ رباني سڏيو وڃي تھ اھو بھ بجا آھي. جھڙيءَ طرح الله تعاليٰ حضرت يوسف عليه السلام کي ڏسڻ وارين عورتن جو قول نقل فرمائي ٿو تھ ”ما ھٰذا بَشرا اِن ھٰذا اِلاّ ملکءٌ ڪريمءٌ.“ (ھي نينگر ماڻھو ناھي بلڪھ ھڪ ملائڪ سڳورو آھي.)

انھيءَ جي ابتڙ جنھن شخص پنھنجي ھمت ۽ قوت بدني لذتن ۾ صرف ڪئي ۽ چوپاين جانورن وانگر ھلڻ ۽ کائڻ لڳو تھ اھو ڍورن جي درجي ۾ داخل ٿي يا تھ ناتجربيڪار ٿلھو متارو وھڙو ٿي پوندو يا سوئر جھڙو حريص يا ڪتي ۽ ٻليءَ جھڙو گونرندڙ يا اٺ جھڙو ڪينھ پرور يا چيتي جھڙو متڪبر يا لومڙيءَ جھڙو مڪار بڻجي پوندو ۽ جيڪڏھن انھن سڀني جو جامع يا ميڙ ٿي پوي تھ پورو شيطان رجيم ٿي پوندو.

ڄاڻڻ گھرجي تھ انسان ۾ ڪو بھ عضوو يا حواس اھڙو نھ آھي جو ان کان الله تعاليٰ جي وصول حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي نھ سگھي. جھڙيءَ طرح باب الشڪر ۾ ٿورو بيان ايندو. پوءِ جيڪو پنھنجن عضون کي انھيءَ ڪم ۾ لڳائيندو اھو فلاح يا ڇوٽڪاري کي پھچندو ۽ جيڪو ان کان عدول ڪندو اھو نقصان ۾ رھندو. انسان جي ڪامل سعادت انھيءَ ۾ آھي تھ ديدار الاھي کي ھو پنھنجو مقصد بڻائي ۽ آخرت کي پنھنجي ھميشه رھڻ واري جاءِ ڄاڻي. دنيا کي ھڪ منزل ۽ بدن کي سواري ۽ عضون کي خادم تصور ڪري ۽ پنھنجي پروڙڻ واري قوت کي بادشاھھ مقرر ڪري، جنھن جو دارالسلطنت يا گاديءَ جو ھنڌ قلب آھي. خيالي قوت جيڪا دماع ۾ اڳئين حصي ۾ آھي ان کي بادشاھھ جو قاصد بڻائي ڇاڪاڻ تھ محسوسات جون خبرون ان وٽ گڏ ٿين ٿيون ۽ حفاظي جي قوت جنھن جي جاءِ دماغ جي پوئين حصي ۾ آھي اھو خزانچي ٺاھي ۽ زبان ھن جي ترجمان ۽ چرندڙ عضوا ھن جا محرر يا منشي ۽ پنج حواس ھن جا جاسوس بڻائي، ڇاڪاڻ تھ ھر ھڪ انھن منجھان ھڪ طرف جي اخبار رساني تي مقرر ڪيل آھي. اک رنگ جي عالم تي مقرر آھي. ڪن آواز جي عالم تي، نڪ خوشبوءِ جي عالم تي، ۽ اھڙي طرح ٻيا حواس – پوءِ ھي سڀ پنھنجي پنھنجي علائقي جون خبرون جمع ڪري خيالي قوت تائين پھچائي ڏين ٿا جنھن جو ڪم قاصديءَ جو آھي. ھو انھن خبرن کي خزانچي يعني حافظي جي حوالي ڪري ٿو ۽ خزانچي بادشاھھ جي حضور ۾ پيش ڪري ٿو. انھيءَ لاءِ بادشاھھ سلامت کي انھن خبرن منجھان جيتري قدر سلطنت جي تدبيرن ۾ يا جنھن سفر ۾ روانو آھي انھيءَ جي تڪميل ۾ يا جنھن دشمن سان مقابلو آھي انھيءَ کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ يا رھزنن کي دور ڪرڻ ۾ جيتري ضرورت ھجي اوتري قدر مدد وٺي. پوءِ جيڪڏھن ائين ڪيائين تھ نيڪ بخت ۽ ڪامياب ٿيو ۽ خدا تعاليٰ جي نعمتن جو شڪر ڪندڙ ٿيو. باقي جيڪڏھن انھن سڀني کي بيڪار رکيائين يا ڪم تھ ورتائين مگر انھيءَ ۾ پنھنجن دشمنن يعني شھوت ۽ غضب ۽ فاني لذتن ۽ ھن رھگذر واري آبادي يعني دنيا جو لحاظ رکيائين تھ ھو شقي ۽ رسوا (يعني بدنام) ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو لشڪر جيڪو ھن جي تابعداري ۾ ڏنو ويو ھو تنھن کي ھو برباد ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي دشمنن جي عزت ۽ الله تعاليٰ جي ٽولي وارن جي ذلت ٿيندي. نتيجو انھيءَ جو اھو نڪرندو جو ھو عتاب ۽ عذاب ۽ آخرت جي خرابيءَ جو مستحق ٿي پوندو نعوذ باالله منھا.

ھي جيڪو مثال اسان بيان ڪيو آھي احبار رضي الله عنه بھ انھيءَ طرف اشارو ڪرڻ فرمايو آھي. جھڙوڪ پاڻ فرمائن ٿا تھ مان حضرت عائشه رضي الله عنھا جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم تھ انسان ۾ اکيون رھبر، ڪن محافظ، زبان ترجمان، ھٿ لشڪر، پير قاصد ۽ قلب بادشاھھ آھي تھ پوءِ بادشاھھ چڱو ھوندو تھ ھن جا تابعدار بھ چڱا ھوندا. حضرت عائشه رضي الله عنھا جواب ۾ فرمايو تھ مان آنحضرت ﷺ کان بھ ائين ئي ٻڌو آھي. پاڻ سڳورا ﷺ بھ ائين ئي فرمائيندا ھئا. انھيءَ کانسواءِ حضرت علي ڪر۾ وجھھ تمثيل قلوب (قلبن جي مثالن) ۾ ھن طرح ارشاد فرمايو آھي تھ زمين ۾ خا تعاليٰ جا برتن قلب آھي. انھن قلبن منجھان زياده محبوب ۽ مرغوب اھو آھي جيڪو نرم ۽ صاف ۽ پڪو آھي. پوءِ انھن لفظن جي تفسير ھن طرح فرمائي آھي تھ انسان کي پنھنجن ڀائرن سان نرم، يقين ۾ صاف ۽ دين ۾ سخت ھئڻ کپي. انھيءَ ۾ اشارو آھي ھن آيت ڪريم جي طرف ”اشداءِ علي الڪفار رحمآءُ بَينھم“ (ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن).

حضرت ابي بن ڪعب رضي الله عنه ”مثل نوره کمشکٰوتِِ فيھا مصبَاحءٌ“ (سندن نور جو مثال جاريءَ وانگر آھي جنھن ۾ ڏيو ھجي) جي تفسير ۾ فرمايو آھي تھ ھي مثال مؤمن جي نور ۽ ان جي دل جو آھي ۽ ھن آيت بابت ”او کظلماتِِ في بَحر لجِي“ يا (ڪافرن جي عمل جو مثال) اونھي دراءَ ۾ اونداھيءَ وانگر آھي) فرمايو تھ ھي مثال منافق جي قلب جو آھي.

زيد بن اسلم ”لوح محفوظ“ جو قرآن شريف ۾ وارد ٿيو آھي. ان بابت فرمايو آھي تھ اھو مؤمن جو قلب آھي ۽ سھل تستري رضي الله عنه فرمايو تھ قلب ۽ سيني جو مثال، عرش ۽ ڪرسيءَ جي مثال وانگر آھي، ھي آھن مثال قلب جا.


 

بيان پنجون

قلب جا جامع اوصاف ۽ ان جا مثال

ڄاڻڻ گھرجي تھ انسان جي خلقت ۽ ترڪيب يا بناوت ۾ چار آميزشون يا ملاوٽون آھن، جنھن ڪري ھو چئن وصفن جو ھڪ مجموعھ يا ميڙ آھي. انھن منجھان پھرين وصف آھي ”سبعيت“ يعني درندگي يا چير ڦاڙ ڪرڻ، ٻي آھي، ”بھيميت“ يعني چوپاين ڍورن واري صفت، ٽين آھي شيطاني صفت ۽ چوٿين آھي رباني صفت.

انھن جو تفصيل ھن طرح آھي تھ انسان ۾ غضب جي ھڪ قوت موجود آھي. انھيءَ غضب يا غصي جي خاصيت آھي. ٻئي سان دشمني ۽ ڪينو رکڻ، ايذاءُ ڏيڻ، گاريون گند بڪڻ ۽ وس پڄيس تھ چيري ڦاڙي ڪچو کائي ڇڏڻ. ھي صفتون آھن درندن يعني ڪتن ۽ بگھڙن جون ۽ انھيءَ ڪري انسان جي ھڪ صفت جو نالو آھي ”سبعيت“ ٻي قوت انسان ۾ آھي ”شھوت“ (يعني سڌ يا خواھش) ۽ شھوت جي خاصيت آھي حرص، حسد ۽ طمع وغيره رکڻ يعني ڍورن وانگر رڳو پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۽ پنھنجو مطلب پورو ڪرڻ. انھيءَ ڪري ٻي وصف کي بھيميت (يعني ڍور پڻو) ڪري ٿا سڏين.

جڏھن غضب ۽ شھوت زور ٿا وٺن تھ انسان انھن جي غلبي ھيٺ اچي حيلا بھانا، مڪر، فريب ۽ دوکا ڏيڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ ھي ڪم شيطان جو آھي، تنھنڪري ھن جي ٽين وصف آھي ”شيطانيت“ ھن وصف جي اثر ھيٺ انسان پنھنجي تميز، شر جي ڪمن ۾ استعمال ڪري ٿو.

مگر انھن سان گڏ انسان ۾ روح بھ موجود آھي، جنھن جي شان ۾ خدا تعاليٰ فرمائي ٿو تھ ”قل الروح من امر ربِي.“ انھيءَ ڪري انسان جي پيدائش ۾ ھڪڙو جزو رباني بھ رکيل آھي، جنھن ڪري ھن جي چوٿين وصف آھي ”ربانيت“.

مطلب تھ ھر انسان ۾ ھنن چئن اصولن يعني ربانيت، شيطانيت سبعيت (درندگي) ۽ بھيميت (حرص و طمع) جو مرڪب يا ميلاپ رھي ٿو ۽ اھي چارئي قلب ۾ ڪٺا آھن، ڄڻ تھ انسان جي کل ۾ چار جاندار لڪل آھن جھڙوڪ سوئر، ڪتو، شيطان ۽ حڪيم، انھن منجھان سوئر شھوت جو ٻيو نالو آھي. ڇاڪاڻ تھ سوئر کي ننديو يا ڌڪاريو وڃي ٿو سو ھن جي رنگ يا شڪل جي ڪري نھ، بلڪھ بي حد حريص ۽ تمام گھڻي کائڻ ڪري ھو ننديل رھي ٿو.

ساڳيءَ طرح ڪتو آدميءَ جو غضب آھي ڇاڪاڻ تھ درنده جيڪو نقصان ٿو پھچائي ۽ ڪتو جيڪو ڏاڙھي ٿو اھو ڪم ھن جي صورت ۽ شڪل جي ڪري نھ آھي بلڪھ ھن ۾ سبعيت يعني آزار ڏيڻ ۽ عداوت رکڻ وارو مادو موجود آھي. اھڙيءَ طرح انسان جي باطن ۾ بھ تڪليف يا ايذاءَ پھچائڻ ۽ غضب ۾ اچي وڃڻ درندن جھڙو ۽ حرص ۽ طمع سوئر جھڙو موجود آھي. پوءِ سوئر يعني شھوت پنھنجي حرص جي اثر ھيٺ فحش ۽ بدڪاري جي طرف سڏي ٿو ۽ ڪتو يعني غضب پنھنجي درندگيءَ جي صفت کان ظلم ۽ ايذاءُ ڏانھن رغبت ڏئي ٿو. شيطان وري انھن ٻنھي کي اشتعال ڏيندو ۽ ھڪٻئي تي ڀڙڪائيندو رھي ٿو ۽ ھنن جي اھڙين صفتن کي انسان جي نظر ۾ چڱو ڏيکاريندو رھي ٿو. انساني عقل جيڪو ”ھڪيم“ سڏيو  وڃي ٿو ان کي وري اھو ڪم سونپيو ويو آھي تھ شيطان جي مڪر ۽ فريب کي دور ڪندو رھي يعني پنھنجي ڪامل بصيرت ۽ واضح نور جي مدد سان انھن جو مڪر ظاھر ڪندو رھي. ڪڏھن ڪتي کي سوئر تي غالب ڪري ڇاڪاڻ تھ غضب جي زور سان شھوت ٽٽي وڃي ۽ ڪڏھن وري سوئر کي ڪتي تي غالب ڪري ان جي ايذاءَ کي دفع ڪري ۽ ڪتي کي پنھنجي سياست جو مغلوب يا زيردست بڻائي ڇڏي. جيڪڏھن اھڙي طرح ڪيائين تھ چڱي ڳالھھ بڻبي ۽ بدن جي مملڪت ۾ عدل انصاف قائم ٿيندو ۽ سڀئي راھھ راست تي اچي ويندا ٧ جيڪڏھن اھو حڪيم انھن کي مغلوب يا مات ڪري نٿو سگھي تھ اھي قوتون ھن کي دٻائي ٿيون ڇڏين ۽ ھن کان الٽو پنھنجي مرضيءَ موجب ڪم وٺڻ شروع ڪري ٿيون ڏين ۽ حڪيم ويچاري کي پنھنجي سر سوئر جي پيٽ ڀرڻ ۽ ڪتي کي راضي رکڻ جا حيلا وسيلا ڳولھڻا پون ٿا ۽ ھميشه انھن ٻنھي جو غلام بڻجي وڃي ٿو. ھن جھڙو حال تمام گھڻن ماڻھن جو آھي. جن جي ھمت جو وڏو حصو پنھنجي پيٽ، شھوت ۽ دشمنن جي خوشامد ۾ مصروف ٿئي ٿو. ھن معاملي ۾ عجب جھڙي ڳالھھ وري اھا آھي تھ اھڙو آدمي بت پرستن جي پٿر جي پوڄا ڪرڻ تي تھ اعتراض ڪري ٿو مگر جيڪڏھن ھن جو حجاب دور ڪيو وڃي ۽ ھن جي حال جي حقيقت ظاھر ڪئي وڃي ۽ ھن جي صورتحال کي مجسم بانئي بيداري يعني جاڳندي يا خواب ۾ مڪاشفي وارن وانگر ڏيکاريو وڃي تھ ھن کي ڪڏھن ھي معلوم ٿيندو تھ ھو سوئر جي سامھون سجدو ڪري رھيو آھي ۽ ڪڏھن وري رڪوع لاءِ ھن جي اشاري ۽ امر جو منتظر آھي. جڏھن بھ سوئر پنھنجي خواھشن جي ڪا چيز گھري ٿو تھ فورا ھن جي پورائي ۽ تعميل لاءِ اٿي کڙو ٿئي ٿو يا وري ھيئن معلوم ٿيندس تھ ھو پاڻ ھڪ ڇتي ڪتي ڏانھن مائل آھي ۽ ھن جي عبادت ۽ اطاعت ڪري رھيو آھي ۽ ھن جي حڪم کي رضامنديءَ سان ڪن لائي ٻڌي رھيو آھي ۽ ھن جي خدمت گذاري ۾ وڏو فڪر ڪري رھيو آھي. غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو تھ انھن ڳالھين ۾ ھو اڻ سڌيءَ طرح شيطان جي رضا ۽ خوشيءَ ۾ ڪوشان آھي. ڇاڪاڻ تھ شيطان ئي تھ سوئر ۽ ڪتي (يعني شھوت ۽ غضب) کي ڀڙڪائيندو آھي ۽ انسان کان خدمت وٺڻ لاءِ انھن کي ڀڙڪائيندو رھندو آھي. انھيءَ سبب ڪري سوئر ۽ ڪتي جي ڇا بلڪھ ھو خود شيطان جي پوڄا ٿو ڪري.

وءِ ھر ھڪ شخص جيڪڏھن پنھنجي حرڪات (چرپر). سڪنات (ھڪ ھنڌ ويھڻ)، سڪوت (چپ ۽ ماٺ)، نطق (ڳالھائڻ ٻولھائڻ)، قيام (اٿڻ) ۽ قعود (يوھڻ) وغيره کي تاڙيندو رھندو ۽ غور سان انھن جو مطالعو ڪندو رھندو تھ صاف صاف ھن کي معلوم ٿيندو تھ سارو ڏينھن ھو انھن جي پوڄا جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي ۽ ھي ھڪ وڏي درجي جو ظلم آھي جو مالڪ کي مملوڪ، غالب کي مغلوب ۽ آقا کي غلام (ٻانھو) بڻائي ڇڏي ٿو. غلبي ۽ سرداري جي لائق تھ عقل ھو، جنھن کي ھو شين جو مغلوب ۽ خادم ڪري ڇڏي ٿو. نتيجو ھن جي اطاعت يا فرمانبرداريءَ جو اھو نڪري ٿو جو ھن جي دل ۾ ھڪ ٻئي جي پٺيان اھڙيون صفتون پيدا ٿين ٿيون جن جي ڪري دل تي رنگ يا ڪٽ چڙھي وڃي ٿو ۽ اھي صفتون آخر ھن جي ھلاڪت يا تباھي جو باعث بڻجن ٿيون.

ياد رکڻ گھرجي تھ شھوت جي سوئر جي اطاعت منجھان بيحيائي، خبث (پليدي)، اسراف (فضول خرچي)، بخل (ڪنجوسائي)، رياءُ (ڏيکاءُ) حرص، حسد، خوشامد، ساڙ، وير، ڪينو، بغض وغيره جھڙيون صفتون پيدا ٿين ٿيون ۽ غضب جي ڪتي جي اطاعت منجھان وري دل تي ھيٺيون صفتون پکڙجي وڃن ٿيون جھڙوڪ تھور (دليري سان وڙھڻ) عدم صيانت (بچاءُ يا دفاع نھ ڳولھڻ)، وڏائي، خودستائي (پاڻ ڦنڊائڻ) تڪبر، ٽانءِ، ٺٺول ڪرڻ، خلق جي تحقير ڪرڻ، شرارت جو ارادو ٻڌڻ ۽ ظلم جي خواھش ڪرڻ وغيره وغيره. انھن کان سواءِ شيطان جي اطاعت جيڪا شھوت ۽ غضب جي اطاعت ڪرڻ منجھان نڪري ٿي. ان منجھان وري مڪر، فريب، دغابازي، خيانت، ڪنجوسائپ ۽ فحش ڪلامي جھڙيون صفتون ڇانيل ٿين ٿيون. سياست سان ماڻھو دٻائي ٿو وٺي تھ دل ۾ ربانيت واريون صفتون حاصل ٿيون ٿين. جھڙوڪ علم، حڪمت، يقين، شين جي حقائق ۽ ماھيت جي معرفت، ھر شيءِ تي علم ۽ عقل جو غلبو وغيره وغيره. ھن صورت ۾ انسان شھوت ۽ غضب جي عبادت کان لاپرواھھ ٿي وڃي ٿو ۽ شھوت جي سوئر کي روڪڻ منجھان ۽ ھ کي اعتدال جي حد تي رکڻ منجھان ڪيئي شرافت واريون صفتون پيدا ٿي پون ٿيون جھڙوڪ عفت (پاڪدامني)، قناعت، سڪون، زھد، پرھيزگاري، تقويٰ، حيا، سھڻي صورت، ظرافت ۽ مساعدت (مدد ڪرڻ يا ياري رکڻ) وغيره. ساڳيءَ طرح غضب جي قوت کي روڪڻ ۽ مات ڪرڻ ۽ واجبي حد تي آڻڻ سان ھي صفتون حاصل ٿيون ٿين جھڙوڪ شجاعت، ڪرم، رفعت (بلند خيالي)، صبر، حلم (بردباري)، عفو (خطا بخشڻ)، استقلال، جوانمردي، توقير، اصول پرستي وغيره وغيره.

مطلب تھ ھن معاملي ۾ دل کي آئينو ڪري سمجھڻ گھرجي، جنھن کي انھن ٽن اثر ڪندڙن ڳالھين جي اثرن وڪوڙي ورتو آھي ۽ اھي اثر ھڪٻئي جي پٺيان دل جي آئيني تي ھچندا رھن ٿا. مگر مٿي ذڪر ڪيل سھڻن اثرن منجھان دل جي آئيني کي وڌيڪ ۽ زياده چمڪ، نور ۽ تجلي پھچي ٿي. تان جو حق جي تجلي بھ ان تي جلوه گر ٿئي ٿي ۽ جنھن بھ ديني ڪم جي طلب ڪئي وڃي ٿي ان جي حقيقت کلي پوي ٿي ۽ اھڙي ئي دل جي طرف ھن حديث شريف ۾ اشارو آھي تھ ”جڏھن الله تعاليٰ پنھنجي بندي سان بھتري ڪرڻ چاھي ٿو تھ ھن جي لاءِ ھڪ نصيحت ڪرڻ وارو ھن جي دل ئي منجھان کڙو ڪري ٿو ڏئي.“ ۽ ھن حديث ۾ پڻ (اشاره آھي) تھ ”جنھن شخص لاءِ سندس دل منجھھ نصيحت موجود آھي، ان لاءِ خدا جي طرف کان ھڪ نگھبان رھي ٿو.“ ۽ اھڙي ئي دل ۾ ذڪر الاھي قرار وٺي ٿو جنھن لاءِ خدا تعاليٰ ارشاد فرمايو آھي تھ ”الا بِذڪر الله تطمئن القلوبُ“ (خبردار! الله جي ذڪر سان دليون قرار وٺنديون آھن).

ھن جي ابتڙ خراب اثر جيڪي قلب جي آئيني تي پنھنجو عڪس اڇلائن ٿا انھن جو حال وري ڪاري دونھين وانگر آھي. آئيني تي جيترو دونھون لڳندو آھي اوترو آئينو ڪارو ٿيندو يوندو اھي. دل بھ ساڳيءَ طرح انھن بڇڙن اثرن ڪري آھستي آھستي ڪاري ٿيندي ٿيندي خدا تعاليٰ کان ساري محبوب (رحمت جي نظر کان دور) ٿي وڃي ٿي ۽ انھيءَ پردي جو نالو مھر ۽ زنگ يا ڪٽ آھي، جن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ آھي: ”ڪلاّ بَل ران عليٰ قلوبِھم ما ڪانوا يڪسبُون“ (ائين بلڪل ناھي! بلڪھ جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي ويئي آھي ۽ فرمان آھي تھ ”ان لو نشآءُ اصبناھم بِذنوبِھم ونطبَع عليٰ قلوبِھم فھم لا يسمعون“ (تھ جيڪڏھن گھرون ھا تھ کين سندن گناھن سببان سزا ڏيون ھا ۽ سندن دلين تي مھر ھنئي سين جنھنڪري اھي نٿا ٻڌن) ھن آيت شريف ۾ نھ ٻڌڻ کان گناھن جي ڪثرت سببان مھر لڳي وڃڻ سان ملايو ويو آھي. جھڙيءَ طرح ٻئي ھنڌ وري ٻڌڻ کي تقويٰ سان ملايو ويو آھي ۽ فرمايو ويو آھي تھ ”اِتّقوا الله واسمعوا“ (خدا کان ڊڄو ۽ ٻڌو) مطلب تھ جڏھن گناھن جي ڪثرت کان دل تي مھر لڳي وڃي ٿي تھ انسان حق جي ڄاڻ سڃاڻ (پروڙ) ۽ دين جي درستيءَ کان انڌو ٿي وڃي ٿو. آخرت جي ڪم کي ھلڪو يا معمولي ليکي ٿو ۽ دنيا جي ڪم کي وڏو ڪري سمجھي ٿو ۽ ساري ھمت انھيءَ ۾ صرف ڪري ٿو. ھن صورت ۾ جڏھن آخرت ۽ ھن جي احوال جو بيان ٻڌي ٿو تھ ھڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي منجھان ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ اھو بيان ھن جي دل ۾ ڪو ٽڪاءُ ئي نٿو ڪري ۽ تدارڪ ۽ توبھ جي طرف رغبت ئي ڪا نھ ٿي ٿئيس. اھڙن ماڻھن جو ھال ھي آھي تھ ”قد يئسوا من الاٰخِرتِ ڪما يئس الڪفار من اصحابِ القبُور“ (بيشڪ اھي آّڙٽ (جي ثواب) کان (اھڙا) نااميد ٿيا آھن جھڙو ڪافر قبرن وارن کان ٿيا آھن) ۽ اھا ئي معنيٰ آھي قلب ج يسياھي يا ڪاراڻ جي جنھن جو ذڪر قرآن مجيد ۽ سنت سعيد ۾ آيو اھي.

ميمون بن مھران رحمت الله عليه فرمائي ٿو تھ جڏھن بندو گناھھ ڪري ٿو تھ ھن جي دل تي ھڪ ڪارو داغ چٽجي وڃي ٿو ۽ جڏھن توبه ڪري ٿو تھ اھو داغ ميٽجي وڃي ٿو. وري جيڪڏھن ٻيو دفعو گناھھ ڪري ٿو تھ ان نقطي يا داغ ۾ زيادتي اچي وڃي ٿي، تان جو داغ ٿيندي ٿيندي ساري دل تي سياھي پکڙجي وڃي ٿي ۽ انھيءَ جو نالو رين يا زنگ يا ڪٽ آھي. آنحضرت ﷺ جن ارشاد فرمائين ٿا تھ ”مؤمن جي دل صاف ٿيندي آھي.“ ھن منجھان معلوم ٿيو تھ الله جل شانه جي اطاعت ۽ شھوتن جي مخالفت کان دل کي چمڪ پھچي ٿي ۽ الله تعاليٰ جي نافرمانيءَ سان دل ڪاري ٿئي ٿي. پوءِ جيڪو گناھھ ڪري ٿو ان جي دل ڪاري ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪڏھن گناھھ کان پوءِ نيڪ ڪم ڪري ٿو ۽ پھريون اثر ڊاھڻ چاھي ٿو تھ انھيءَ صورت ۾ جيتوڻيڪ سياھي تھ دور ٿي وڃي ٿي مگر نور ۽ چمڪ ۾ نقصان تڏھن بھ رھجي وڃي ٿو. جھڙيءَ طرح آئيني تي ڦوڪ ڏجي ۽ پوءِ ان کي صاف ڪجي وري ڦوڪ ڏجي ۽ وري صاف ڪجي تھ اھڙي حالت ۾ صاف ڪرڻ کان وءِ بھ ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪدورت ضرور رھجي وڃي ٿي.

ٻي حديث ۾ آنحضرت ﷺ جن فرمائين ٿا تھ ”قلب چئن قسمن جا آھن، ھڪ قلب اجاريل يا چمڪ وارو جنھن ۾ چراغ روشن ھوندو آھي. ھي ايماندار جو قلب آھي. ٻيو قلب آھي ڪارو ۽ انڌو، اھو ڪافر جو قلب آھي. ٽيون قلب آھي جنھن تي غلاف يا ڍڪ آھي ۽ ھن جو منھن بند آھي، اھو آھي منافق جو قلب. چوٿون قلب وڏو ويڪرو آھي جنھن ۾ ايمان ۽ نفاق (منافقت) ٻئي آھن. ايمان جو مثال (يا اثر) ھن ۾ اھڙو آھي جھڙو سبزيءَ جو مثال جنھن کي پاڪ ۽ صاف پاڻي اوڀاري ۽ اوساري ٿو ۽ نفاق جو مثال (يا تاثير) ھن ۾ اھڙو آھي جھڙو زخم جو مثال جنھن کي پونءِ ۽ گند پکيڙي ٿو. پوءِ جيڪو بھ مادو انھن منجھان غالب ٿيندو، ضابطو انھيءَ جو ھلندو.“ بي روايت ۾ آھي تھ ”قلب کي اھو غالب مادو پاڻ ڏي کڻي ويندو.“

انھيءَ کان سواءِ الله تعاليٰ بھ قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو تھ ”ان الذين اتّقوا اِذآ مسھم طائفءٌ من الشسيطان تذڪروا فياذاھم مبِصرون“ (جيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد ڪندا آھن پوءِ اھي انھيءَ مھل ڏسندڙ ٿيندا آھن) ھن آيت ۾ ٻڌايو ويو تھ قلب جو اوجر الله تعاليٰ جي ذڪر سان حاصل ٿئي ٿو ۽ ذڪر تقويٰ وارا ئي ڪندا آھن. پوءِ معلوم ٿيو تھ تقويٰ ذڪر جو دروازو آھي ۽ ذڪر ڪشف جو دروازو آھي ۽ ڪش فوز ڪبير يعني وڏي سوڀ ۽ ديدار الاھيءَ جو دروازو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org