ٻيو سبب ھي آھي تھ خود مال انسان کي چڱو لڳندو
آھي. مثال طور ڪن ماڻھن وٽ ايترو مال ھوندو آھي جو
پنھنجي دستور موجب انھيءَ کي جيڪڏھن خرچ ڪندا رھن
تھ ساري زندگيءَ جو تھ پورائو ٿئين پر ڪيترا ھزار
بچي بھ پون ۽ ڪي تھ وري تمام جھور پوڙھا ۽ بي
اولاد ھوندا آھن مگر تڏھن بھ زڪوات ڏيڻ تي دل نھ
ٿيندي اٿن. اھي جڏھن پاڻ بيمار ٿي پون تھ علاج تي
بھ پاڻي خرچ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو اٿن. روپين ۽
پيسن جا اھڙا عاشق ٿا ٿين جو انھن جو پنھنجي ھٿ ۾
ھجڻ ڏاڍو لذيذ پيو معلوم ٿيندو اٿن. انھيءَ ڪري
مال کي زمين ۾ پوري ڇڏيندا آھن تھ ھميشه سلامت
رھي. حالانڪھ اھو بھ ڄاڻن ٿا تھ اسان جي مرڻ کان
پوءِ اھو مال ضايع ٿي ويندو يا دشمنن جي ھٿ چڙھندو
پر انھيءَ منجھان ڪجھھ کائڻ يا ڪو ڪڻو خيرات ڪرڻ
واڪ نھ ٿيندو اٿن. مرض اھڙو آھي جنھن جو علاج ڏاڍو
مشڪل ٿو ٿئي. خصوصا ٻڍاپڻ ۾ تھ ھي مرض پراڻن مرضن
وانگر لاعلاج ٿئي ٿو وڃي. ھن مرض واري جو مثال
اھڙو آھي جھڙو ڪوئي ڪنھن تي عاشق ھجي ۽ انھيءَ
معشوق جي طفيل ان جي ايلچيءَ کي بھ پير ڪرڻ لڳي
وڃي. ٿوري وقت کان پوءِ انھيءَ ايلچيءَ سان ايترو
پيار رکي جو اصل معشوق وسري وڃيس. ساڳيءَ طرح
روپيا بھ ضرورتن ۽ حاجتن جا ايلچي آھن ڇاڪاڻ تھ زر
جي ذڙيعي ئي ٿيون حاجتون حاصل ٿين ۽ انھيءَ ڪري ئي
زر محبوب شيءِ آھي. مگر ڪن وقتن تي حاجتن جو خيال
بھ نٿو رھي فقط زر سان محبت ٿئي ٿي وڃي. ھيءَ سخت
گمراھي ۽ ويسر جي ڳالھھ آھي. جيڪو ماڻھو زر ۽ پٿر
۾ فرق ٿو سمجھي اھو جاھل آھي. يعني زر سان حاجتون
تھ ضرور پوريون ٿين ٿيون مگر انھن حاجتن پوري ٿيڻ
کان پوءِ جيڪا زر وڌيڪ ٿي ٿئي. انھيءَ زر ۽ پٿر ۾
ڪو فرق ڪونھي.
ھي آھن مال جي محبت جا سبب ۽ ھر بيماريءَ جو علاج ان جي سببن جي
ضد سان ڪيو ويندو آھي. تنھنڪري شھوتن جي محبت جو
علاج تھ اھو آھي تھ ماڻھو ٿوريءَ شيءِ تي قناعت ۽
صبر ڪري ۽ طول امل يعني ڊگھي اميد جو علاج ھي آھي
تھ ھردم موت کي ياد ڪري ۽ پنھنجن ھڪ جھڙن جي مري
وڃڻ تي بھ غور ۽ خوض ڪري تھ انھن مال کي گڏ ڪرڻ
لاءِ ڪيترا نھ ڏک ڪاٽيا ۽ مصيبتون سٺيون مگر جڏھن
دنيا منجھان ويا تھ سڀئي ھٿين خالي ھليا ويا. مال
انھن جو سارو تباھھ ٿي ويو.
اولاد جو خيال جيڪڏھن دل ۾ ھجي تھ ان جو علاج ھي آھي. ھن کي
سوچڻ گھرجي تھ جنھن خالق پٽ ڏنو آھي انھيءَ ھن
(پٽ) جو رزق انھيءَ سان گڏ زمين تي لاھي ڇڏيو آھي.
ڪي ٻار اھڙا ٿيندا آھن جو پيءُ جي ميراث انھن وٽ
ڪجھھ ڪا نھ ھوندي آھي مگر انھن جو حال پيءُ جي
ميراث ملڻ وارن کان چڱو ھوندو آھي. ھيءَ ڳالھھ بھ
سمجھڻ جي لائق آھي تھ ماڻھو جيڪو پنھنجي اولاد
لاءِ ٿو مال ڪٺو ڪري ان جي نيت اھا ئي ھوندي آھي
تھ پوين جو ڪو چڱو حال رھي. مگر ڪڏھن ڪڏھن معاملو
صفا برعڪس نظر ايندو آھي. انسان کي سوچڻ گھرجي تھ
بت جيڪڏھن صالح آھي تھ خدا تعاليٰ ھن لاءِ ڪافي
آھي ۽ جيڪڏھن فاسق آھي تھ جيڪو بھ مال ميراث ۾
ملندس اھو گناھن ۾ اڏاريندو ۽ انھيءَ جو سارو وبال
ميراث ڇڏڻ واري تي ٿو پوي.
بخل جو ھڪڙو اھو بھ علاج آھي تھ جيڪي بھ حديثون بخل جي مذمت ۽
سخاوت جي تعريف ۾ وارد ٿيون آھن ۽ جيڪو سخت عذاب
جو وعيد خدا تعاليٰ بخيل جي لاءِ فرمايو آھي انھن
سڀني تي خوب ويچار ۽ غور ڪري. مفيد علاجن منجھان
ھڪ ھيءَ تدبير بھ آھي تھ ماڻھو بخيلن جي حالات ۾
زياده غور ڪري ۽ انھن کان نفرت ڪري ۽ انھن کي برو
سمجھي ڇاڪاڻ تھ ڪوئي بھ اھڙو بخيل ڪونھي جيڪو ٻئي
جي بخل کي برو نھ سمجھندو ھجي. پوءِ پاڻ لاءِ بھ
ساڳيو تصور ڪري تھ جيڪڏھن مان بھ بخل ڪندس تھ سڀني
جي نظرن ۾ بخيل ۽ ڳرو معلوم ٿيندس جھڙيءَ طرح
منھنجي دل ۾ٻيا بخيل برا ٿا لڳن.
ھڪڙو ٻيو علاج اھو بھ آھي تھ ماڻھو مال جي اصل مقصد ۾ غور ڪري
تھ ھو پيدا ڇو ٿيو آھي ۽ جڏھن ھن کي چڱيءَ ريت
معلوم ٿي وڃي تھ رڳو انسان جي حاجت روائي يعني
دنيا جي ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آھي
تھ پوءِ ھن کي گھرجي تھ جيترو مال ضڙورت ۾ ھجيس
اھو خرچ ڪري ۽ باقي آخرت لاءِ گڏ ڪري يعني ان کي
خدا جي راھھ ۾ خرچ ڪري ثواب جو ذخيرو بڻائي ڇڏي.
ھي تدبيرون ۽ تجويزون علم ۽ معرفت تي ٿيون مدار رکن. جڏھن انسان
کي عقل جي زور سان معلوم ٿيندو تھ خرچ ڪرڻ بنسبت
خرچ نھ ڪرڻ جي دنيا ۽ آخرت ٻنھي ۾ بھتر آھي تھ
پوءِ ڪڏھن عقل وارو ھوندو تھ ھن جي رغبت خرچ ڪرڻ
جي طرف جوش کائيندي. تنھنڪري بھتر آھي تھ جنھن وقت
بھ ڪنھن خرچ ڪرڻ جو خيال اچي تھ بنا دير انھيءَ جي
تعميل ڪجي. دير مدار يا وڌيڪ سوچ ويچار ھرگز ڪرڻ
نھ گھرجي ڇاڪاڻ تھ شيطان ھر وقت مفلسيءَ جو خوف
ڏيندو ٿو رھي ۽ چڱي خرچ ڪرڻ کان روڪيندو ايندو
آھي. روايت آھي تھ حضرت ابوالحسن پوشنگي رحھ ھڪڙي
ڏينھن پاخاني ۾ ھو. اتان پنھنجي ھڪ شاگرد کي
چيائين تھ منھنجو ڪڙتو (چولو) منھنجي بدن تان لاھي
فلاڻي شخص کي ڏئي ڇڏ. جڏھن ٻاھر آيا تھ شاگرد عرض
ڪيو تھ اوھان پاخاني منجھان ٻاھر اچڻ تائين انھيءَ
ڳالھھ چوڻ لاءِ صبر ڇو نھ فرمايو. جواب ڏنائونس تھ
مون کي ان وقت خيال آيو تھ ڪڙتو لاھي فلاڻي
ماڻھوءَ کي ڏئي ڇڏيان. مگر پنھنجي نفس کان خوف پيو
ٿئي تھ متان ڦري نھ وڃي انھيءَ ڪري توکي ٻڌائي
ڇڏيم تھ انھيءَ جي تعميل يڪدم ٻاھر نڪرڻ تي ڪرڻي
آھي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ بخل جي صفت تڏھن ٿي ڇٽي جھن انسان پھريائين زور
مس ڪري خرچ ٿو ڪري. اھو دستور آھي تھ جيستائين
معشوق نظرن ۾ موجود ھوندو آھي تيستائين محبت جو
قطع ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي. جيڪڏھن ماڻھو انھيءَ
جڳھھ يا جوءِ کان پري ٿيندو ۽ ڪجھھ وقت لاءِ زور
مس ڪري جدائيءَ تي صبر ڪندو تھ آھستي آھستي دل کي
تسڪين اچي ويندي جھڙيءَ طرح ڪنھن پيار واري
ماڻھوءَ جي مرڻ کان پوءِ ٿي ٿو وڃي. ساڳيءَ طرح
جيڪو شخص بخل جو علاج ڪرڻ گھري تھ ان کي بھ اھڙيءَ
طرح عمل ڪرڻ گھرجي يعني شروع شروع ۾ مال کان زور
مس ڪري جدا ٿئي يعني ان کي صفا ڏئي ڇڏي ۽ بھتر تھ
اھو آھي تھ ساري جو ساري کڻي وڃي پاڻيءَ ۾ ڦٽو
ڪري.
ڄاڻڻ گھرجي تھ ھڪڙو وڏو لطيف حيلو بخل کان بچڻ جو اھو بھ آھي تھ
انسان ابتدا ۾ پنھنجي نفس کي ھن طرح ريجھائي تھ
ماڻھن کي ڪجھھ ڏيڻ سان تنھنجي نيڪنامي ٿيندي ۽ تون
سخي مرد ليکيو ويندين. پوءِ اھڙي نموني سان رياءِ
طور ئي کڻي خرچ ڪري. مگر اڳتي ھلي جڏھن ھن کي
نيڪنامي جي طمع ٿيندي تھ انھيءَ شخص سڏجڻ جي لالچ
۾ خرچ ڪرڻ ھن کي ناگوار نھ گذرندو. ھن صورت ۾ اھا
ڳالھھ تھ ضرور ٿيندي تھ بخل کي ڇڏي ماڻھو وڃي ريا
۾ مبتلا ٿيندو. مگر جڏھن بخل جي پاڙ پٽجي وڃي تھ
پوءِ رياءِ جو دور ڪرڻ ڏاڍو آسان آھي. حقيقت ۾
نيڪنامي ۽ شھرت، نفس جي لاءِ مال جي خرچ ٿي وڃڻ
کانپوءِ ھڪ قسم جي تسڪين جو سامان آھي. جھڙيءَ طرح
ٻار کان جڏھن کيريا ببا ڇڏائبا آھن تھ ھن کي
رانديڪن ۽ پکين سان کيل ٽپن ۾ مشغول رکيو ويندو
آھي انھيءَ لاءِ تھ کير کي ياد نھ ڪري. ھن طرح
راند روند ۾ مشعول رکڻ جو مقصد اھو ھرگز نھ ھوندو
آھي تھ ٻار ڪو ھميشه فقط راند روند کي لڳو رھي
بلڪھ جڏھن کير جو خيال لھي ويندو اٿس تھ انھيءَ
کيل وغيره کي بھ دور ڪيو ويندو آھي. اھڙيءَ طرح
خبيث صفتن منجھان ھڪڙيءَ کي ٻئي تي غالب ڪري ان جي
تيزي ختم ڪئي ويندي آھي. مگر ياد رکڻ گھرجي تھ ھي
علاج فقط اھڙي شخص لاءِ مفيد ٿي ٿو سگھي جنھن ۾
شان شوڪت ۽ ريا جي محبت، بخل جي صفت جي مقابلي ۾
ضعيف ھوندي. جيڪڏھن شان شوڪت ۽ ريا جي محبت زور
واري ۽ قوي آھي تھ پوءِ ڪو بھ فائدو ڪو نھ ٿيندو
ڇاڪاڻ تھ فائدو تڏھن ٿيندو جڏھن ھڪ قوي صفت کي ٻي
ضعيف صفت سان مٽايو ويندو. جيڪڏھن ٻي بربار برابر
ھونديون آھن تڏھن بھ فائدو ڪو نھ ٿو ٿئي.
ھي جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي تھ ھڪ خراب صفت ئي خراب صفت کي دور
ڪري ٿي ڇڏي ان جو مثال ھن طرح سمجھڻ گھرجي. چون ٿا
انسان جي مڙدي جا سڀ عضوا ڪيڙا ٿي ٿا وڃن ۽ اھو
مشھور آھي تھ اھي ڪيڙا ھڪ ٻئي کي کائيندا ۽ وڏا
ٿيندا ٿا وڃن ۽ انھن جو تعداد گھٽ ٿيندو ٿو وڃي
تان جو انھن منجھان فقط ٻھ ڪيڙا ٿلھا متارا وڃي ٿا
بچن. اھي بھ آخر پاڻ ۾ لڙندا ٿا رھن ۽ نيٺ ھڪڙو
ٻئي کي مات ڪري ان کي کائي وڌيڪ موٽو متارو ٿو ٿئي
پوي. جڏھن ھن کي کائڻ لاءِ وڌيڪ ڪجھھ بھ نھ ٿو ملي
تھ ھو بک وگھي پاڻ بھ مري ختم ٿي ٿو وڃي. اھڙيءَ
طرح ھنن خبيث صفتن ۾ ممڪن آھي تھ جيڪا ضعيفت صفت
آھي انھيءَ کي قوي صفت جي غذا بڻائيندو وڃجي تان
جو آخر ۾ رڳي ھڪ رھجي وڃي. پوءِ انھيءَ ھڪڙي جو
علاج اھو آھي تھ ھن جي غذا کي روڪيو وڃي ۽ غذا کي
روڪڻ جو طريقو اھو آھي تھ جيئن اھا عادت ڪجھھ ڪرڻ
چاھي اھو ان کي ڪرڻ نھ ڏجي. جيڪڏھن ائين ڪبو تھ
اھا خبيث عادت خود بخود ضعيف ۽ نٻل ٿي ختم ٿي
ويندي. مثال طور بخل جي صفت جي تقاضا اھا ھوندي
آھي تھ مال کي سانڍي رکجي ۽ ان منجھان ڪجھھ بھ خرچ
نھ ڪجي پر جيڪڏھن ماڻھو زور مس ڪري بار بار پيو
خرچ ڪندو تھ نيٺ ڪڏھن نھ ڪڏھن ھن جي وجود منجھان
ڪنجوسيءَ واري صفت گھٽجي گھٽجي صفا ختم ٿي ويندي ۽
خرچ ڪرڻ جي صفت طبيعت جو ھڪ جزو بڻجي پوندي ۽ پوءِ
خرچ ڪرڻ ۾ ڪا تڪيلف نھ ٿيندي.
ھن منجھان معلوم ٿيو تھ بخل جو علاج ٻن ڳالھين سان ٿو ٿئي. ھڪ
علم ٻيو عمل. علم جو غرض ھي آھي تھ بخل جي آفتن
کان ۽ سخا ۽ جود جي فائدن جي واقفيت ھئڻ گھرجي ۽
عمل منجھان اھا مراد آھي تھ جود ۽ ڏيڻ وٺڻ زوري مس
ڪرڻ گھرجي تان جو ماڻھو وڃي پنھنجي مقصد کي پھچي.
مگر ياد رکڻ گھرجي تھ بخل جي صفت بعض اوقات ايڏي
قوي ٿيندي آھي جو ماڻھوءَ کي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري
ڇڏيندي آھي. نھ ھن کي بخل جي ڪا آفت يا خرابي
سجھندي آھي ۽ نھ وري جود ۽ سخا جي فائدن ۽ خوبين
جو ڪو ھن تي اثر ٿيندو آھي. ھاڻي جڏھن ھن کي انھن
ٻنھي ڳالھين جي واقفيت يا معرفت ڪانھي تھ ھن ۾ شوق
ڪيئن پيدا ٿيندو. انھيءَ ڪري ڏيڻ وٺڻ وارو عمل بھ
ھن کي ميسر نٿو ٿئي. اھڙيءَ صورت ۾ اھو روڳ يا مرض
ھميشه رھندو آھي. انھيءَ مرض وانگر جنھن جي دوا جي
خبر نھ پوي ۽ جي خبر پوي تھ ان جو استعمال ڪرڻ
ممڪن نھ ھجي. انھيءَ صورت ۾ موت تائين صبر ڪرڻ
کانسواءِ ٻيو ڪو بھ چارو ڪو نھ ٿو ھلي.
ڪن صوفي بزرگن جو دستور بخل جي علاج بابت ھي ھيو تھ پنھنجن
مريدن کي ڪنھن خاص ڪنڊ ۾ رھڻ جو حڪم نھ ڏيندا ھئا
پر جڏھن بھ ڪنھن مريد کي ڏٺائون تھ ھي پنھنجي گوشي
يا ڪنڊ سان ۽ ٻيو جيڪي ڪجھھ ان ۾ آھي ان سان نھايت
خوش ٿو گذاري تھ ھن کي ٻئي گوشي ڏي موڪلي ڇڏيندا
ھئا ۽ ھن جو گوشو شين ۽ اسبابن سميت ٻي جي حوالي
ڪري ڇڏيندا ھئا. مطلب تھ جيڪي ڪجھھ ڪنھن مريد وٽ
ھوندو ھو ۽ انھيءَ مريد کي ان سان خوش ڏسندا ھئا
تھ ھڪدم ھن کي انھيءَ ملڪ منجھان ئي ڪڍي ڇڏيندا
ھئا. مثال طور جيڪڏھن ڪنھن مريد کي ڏٺائون تھ ھو
نوان ڪپڙا پائي يا عمدو مصلو وڇائي ان ڏانھن ڌيان
ٿو ڪري تھ اھي ڪپڙا ۽ اھو مصلو ٻين کي ڏيارائي
ڇڏيندا ھئا ۽ ان جي عيوض ۾ ھن کي ڪو پراڻو ڦاٽل
ڏيندا ھئا جيئن ان جي طرف ھن جي ڪا رغبت نھ ٿئي.
اھڙيءَ طرح سان دل البتھ دنيا جي سامان کان علحده
ٿي رھي. پوءِ جيڪو شخص اھا واٽ نٿو وٺي اھو دنيا
سان مانوس رھندو ۽ ان کي پنھنجو پيارو محبوب ڪري
ليکيندو. جيڪڏھن فرض ڪيو تھ ھن وٽ ھزار شيون آھن
تھ ھزار شيون ئي ھن جون محبوب آھن. انھن منجھان ڪا
بھ ھڪڙي شيءِ چورائجي ويندس تھ انھيءَ لاءِ ھن کي
جيتري قدر محبت ھوندي اوتري قدر ھن تي مصيبت يا
صدمو پھچندو ۽ مرڻ مھل تھ ھزار جون ھزار مصيبتون
اچي يڪدم مٿان ڪڙڪندس. آخر انھن سڀني سان محبت ھيس
جيڪي ھاڻي اوچتو ھن کان جدا ڪيون ٿيون وڃن. غور
ڪري ڏسبو تھ زندگيءَ ۾ بھ انھن شين جي شايع ٿيڻ جو
خوف ھن تي ھر وقت طاري رھندو ھو ۽ اھو خوف بھ ھڪ
وڏي مصيبت جي برابر ٿو ٿئي جيئن ھيٺين قصي منجھان
معلوم ٿيندو.
روايت آھي تھ ھڪڙي بادشاھھ وٽ ھڪڙو فيروزي جو پيالو جواھرن سان
جڙيل پيش ٿيو جنھن جو نظير دنيا جي تختي تي ڪو نھ
ھو. بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪڙو ڏاھو ماڻھو جيڪو
ھن وٽ رھندو ھو ان کان پڇيائين تھ تنھنجي اڳيان ھي
پيالو ڪيئن آھي. سياڻي ماڻھوءَ جواب ڏنس تھ منھنجي
نزديڪ تھ ھي پيالو ھڪ مصيبت آھي يا محتاجي.
بادشاھھ چيو تھ اھو وري ڪيئن. سياڻي چيو تھ ھي
جيڪڏھن ڀڄي پوي تھ اھا اھڙي مصيبت آھي جنھن جو
تدارڪ ئي ڪونھي. جيڪڏھن وري چوري ٿي وڃي ۽ توھان
کي ان جي ضرورت پوي تھ ڪڏھن ملي بھ نھ سگھي. جيسين
ھي اوھان وٽ نھ آيو ھو تيسين اوھان کي ھن جي مصيبت
جو خوف يا احتياج ڪو نھ ھو. ٿورن ڏينھن کان پوءِ
اھو پيالو ڀڄي پيو يا ڪو کڻي ويس. بادشاھھ کي ڏاڍو
رنج پھتو ۽ چيائين تھ حڪيم يعني سياڻي ماڻھوءَ
بلڪل سچ ٿي چيو. نھ ھو مون وٽ اچي ھا ۽ نھ مون کي
اھا مصيبت يا ذھني ڪوفت ايتري قدر سھڻي پوي ھا.
اھو ئي حال آھي دنيا جي سڀني اسبابن جو. ڇاڪاڻ تھ
اھا دنيا خدا تعال:ٰ جي دسمن ۽ دوستن جي دسمن تھ
ٺھيو پر خدا تعاليٰ جي بھ دشمن آھي. خدا تعاليٰ جي
دشمنن جي دشمن ھن طرح آھي تھ ھوءَ انھن کي دوزخ ڏي
ڪاھي ٿي وڃي ۽ خدا تعاليٰ جي دوستن جي دشمن ھن طرح
آھي تھ انھن کي ھن جي مصيبتن تي ڏاڍو صبر ڪرڻو ٿو
پوي. خدا تعاليٰ جي وري دشمن ھ لحاظ کان آھي تھ ھن
جي بندن کي ھن جو رستو ھلن نٿي ڏئي ۽ انھن جي
رھزني ٿي ڪري. بلڪھ ھوءَ (يعني دنيا) خود پنھنجي
بھ دشمن آھي جو پنھنجو پاڻ کي پاڻ بھ کائڻ شروع
ڪري ٿي ڏئي. مثلا مال جي حفاظت ناڻي ۽ پھري وارن
سان ٿي ٿئي ۽ انھيءَ لاءِ وري مال جو خرچ ٿو ٿئي
جنھن منجھان پاسبانن کي پگھارون ۽ ٻيا وظيفا وغيره
ڏنا ٿا وڃن گويا دنيا جي حفاظت لاءِ دنيا ئي ٿي
خرچ ٿئي تان جو اھا ختم ٿيئ ٿي وڃي ۽ ان جو ڪو
وجود ئي نھ ٿو رھي.
ڄاڻڻ گھرجي تھ جيڪو شخص مال جي آفتن کي ڄاڻي ٿو اھو ان سان
مانوس ۽ خوش نھ ھوندو آھي ۽ نھ وري ضرورت کان وڌيڪ
ان منجھان ڪجھ واپرائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. اھو
لازمي آھي تھ جيڪو شخص مال جو فقط ايترو حصو
چاھيندو جيترو فقط ھن جي ضرورتن لاءِ ڪافي آھي تھ
باقي زائد مال ۾ ھو ھرگز بخل ڪو نھ ڪندو. ھن حالت
۾ جيڪي ڪجھھ ھو پاڻ وٽ رکي ٿو تھ اھو بخل ۾ داخل
ناھي ۽ ضرورت کان وڌيڪ واري مال جي حفاظت جي مشقت
سھڻ بدران ھو يڪدم خرچ ڪري ٿو ڇڏي. ھن ماڻھوءَ جو
مثال اھڙو آھي جھڙو ڪو ماڻھو نديءَ جي ڪناري تي
ويٺو ھجي جتان ھو پنھنجي ڪم جيترو پاڻي وٺندو ٿو
رھي ۽ باقي ٻيو پاڻي جيڪو چاھي ۽ جيترو چاھي ڀلي
پيو ڍوئي ۽ استعمال ڪري تھ ھن کي ڪو بھ خيال ڪو نھ
ٿيندو. ٿوري تي قناعت ڪندڙ ماڻھو بھ زائد مال جي
يڻ ۾ ساڳيءَ طرح بلڪل جھجھڪ ڪو نھ ٿو ڪري.
بيان يارھون
مال بابت ضروري ڳالھيون
ھاڻي اھو معلوم ٿي چڪو تھ مال ھڪ لحاظ کان چڱو آھي
۽ ٻئي لحاظ کان خراب آھي. ھن جو مٿال ھوبھو نانگ
جھڙو آھي، جنھن کي منتر ايندو آھي نانگ انھيءَ
لاءِ ڏاڍو چڱو آھي جو منتر وارو ھن کي پڪڙي ھن جي
مغز منجھان مڻ يا زھر مھرو ٿو ڪڍي. مگر ھڪڙي ان
ڄاڻ لاءِ نانگ نھايت نقصانڪار آھي. ھٿ وجھڻ سان
نانگ ھڻي سيڪاٽي ٿو ڇڏيس ۽ اتي جو اتي دم ڪڍي ٿو
ڇڏيس. اھو ئي حال آھي مال جي زھر جو انھيءَ زھر جي
اثر کان بھ ڪوئي شخص بچي ڪو نھ ٿو سگھي سواءِ
انھيءَ جو ھو ھيٺين پنجن ڳالھين کي ڌيان ۾ رکي ان
کي ھٿ لائيندو:
1.
پھريائين ھن ک يمال جي اصل مقصد جي واقفيت ھجي
تھ ھو ڇا لاءِ پيدا ڪيو ويو آھي ۽ ان جي ضرورت ڇو
ٿي پوي. ھن ڳالھھ جي ڄاڻڻ سان ھو فقط ضرورت جيتري
روزگار ڪمائڻ جو خيال ڪندو ۽ ھو پاڻ وٽ رکندو بھ
ايترو جيتري جي ھن کي حاجت ھوندي ۽ مال جي خواھش ۽
منزلت بھ پنھنجي دل ۾ انھيءَ ضرورت واري مقدار
جيتري رکندو (يعني ھو نھ گھڻو مال پاڻ وٽ سانڍيندو
۽ نھ ان لاءِ ڪا دل ۾ رغبت ئي رکندو).
2.
ٻيو تھ مال جي آمدنيءَ جو ذريعو خيال ۾ رکڻ گھرجي
جيڪڏھن اھو ذريعو محض حرام آھي يا گھڻي قدر حرام
يا مڪروه آھي تھ ان کان پرھيز ڪرڻ گھرجي. مثلا
ڪنھن رشوت خور ماڻھو جو ھديھ ۾ محض مروت جي لحاظ
کان قبول ڪرڻ يا ڪنھن کان سوال ڪري ڪا شيءِ وٺڻ يا
اھڙن ذليل طريقن سان مال حاصل ڪرڻ جائز ناھي.
3.
ٽين ڳالھھ اھا آھي تھ مال جي مقدار جو لحاظ رکڻ
نھايت ضروري آھي، نھ ھو گھٽ ھجي نھ وڌ. واجبي
مقدار کي حاجت وارو مقدار ڪري سڏبو آھي ۽ حاجت ٽن
شين جي ٿي رھي. خوراڪ، پوشاڪ ۽ گھر ھرھڪ حاجت جا
وري ٽي درجا ٿا ٿين. اعليٰ درجو، ادنيٰ درجو ۽
اوسط يعني درميانو درجو، جيسين انسان ڪمي جي طرف
مائل ھوندو ۽ ضرورت واري حد جي ويجھو ھوندو تيسين
ھو نجات يا ڇوٽڪارو پائيندو. جيڪڏھن ضروري مقدار
جي حد ٿيندو تھ اھڙيءَ طرح کڏ ۾ وڃي پوندو جنھن جي
اونھائيءَ جو ڪو پتو ئي ڪونھي ۽ اسان انھن درجن جو
تفصيل زھد جي ڪتاب ۾ لکيو آھي.
4.
چوٿين ڳالھھ آھي تھ خرچ ڪرڻ وارين جاين جو لحاظ
رکڻ گھرجي ۽ خرچ دمريانو ڪرڻ گھرجي. نھ اسراف ڪجي
۽ نھ حد درجي جي تنگ جنھن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي.
حلال جي ڪمائيءَ کي مناسب جاءِ ۽ موقعي تي خرچ ڪرڻ
گھرجي. بي موقعي خرچ ڪرڻ جائز ناھي. جھڙو گناھھ
ناجائز طريقي سان مال حاصل ڪرڻ ۾ آھي اھڙو ئي
گناھھ مال کي بيجا خرچ ڪرڻ ۾ آھي.
5.
پنجين ڳالھھ آھي نيت جي. مال جي وٺڻ، ڏيڻ،
کپائڻ ۽ نھ خرچ ڪرڻ ۾ نيت ٺيڪ ھئڻ گھرجي. يعني
جيڪو مال حاصل ڪجي ان ۾ نيت اھا ھجي تھ انھيءَ مال
منجھان عبادت لاءِ مد ملندي ۽ جيڪو مال ڇڏي ڏجي ان
۾ محض زھد ۽ مال جي دلي حقارت ھجي، جيڪو ائين ڪندو
تنھن کي مال جو ھجڻ مان نقصان نھ رسندو. انھيءَ
لاءِ تھ حضرت علي ڪرم الله وجھھ جن فرمايو آھي تھ
جيڪڏھن ماڻھوءَ سموري زمين جون شيون حاصل ڪري ۽
نيت الله واسطي جي رکي تھ اھو ماڻھو باوجود ايڏي
مال جي زاھد رھندو ۽ جيڪڏھن سڀئي شيون دنيا جون
ترڪ ڪري ڇڏي ڏي ۽ نيت ان ۾ خدا واسطي جي نھ اٿس تھ
زاھد نھ ليکبو.
پوءِ انسان کي گھرجي تھ پنھنجو سمورو ڪم ڪار خدا واسطي ڪري يعني
اھي ڪم ڪري جن جي ڪرڻ سان عبادت ۾ مدد مليس ۽ اھي
ڪم ڇڏي جن جي ڇڏڻ سان دين ۾ اضافو ٿئيس. سڀ کان
وڌيڪ ۽ عام ڪم آھن کائڻ ۽ پاخاني ڪرڻ جا. جيڪڏھن
اھي ڪم بھ انسان انھيءَءِ خيال سان ڪر تھ انھن
منجھان عبادت ۾ مدد ٿي ملي تھ اھي ڪم ھن جي عبادت
۾ ليکيا ويندا. اھڙءَ طرح سان جنھن بھ شيءِ جي
حفاظت ڪرڻي ٿي پوي مثلا چولو، پتلون، ھنڌ، وھاڻو،
ٿانءُ وغيره انھن سني لاءِ اھا نيت ھئڻ کپي تھ دين
۾ ڪڏھن انھن شين جي ضرورت ٿي پوي تنھن لاءِ انھن
کي حاصل ڪيو ۽ سنڀاليو ٿو وڃي. پنھنجي ضرورت کان
زياده جيڪا شيءِ ڪنھن وٽ موجود ٿي وڃي تھ ان لاءِ
اھا نيت ھئڻ کپي تھ اھا ڪنھن خدا جي بندي کي ڪم
اچي ويندي ۽ جڏھن بھ ھن کان انھيءَ شيءِ جي تقاضا
ڪئي وڃي تھ ڏيڻ لاءِ انڪار نھ ڪري، جيڪو ماڻھو ھنن
ڳالھين کي دستور العمل بڻائيندو اھو ماڻھو اھو آھي
جيڪو زر جي نانگ جو زھر مھرو يعني جوھر ۽ ترياق
(يا مڻ) ڪڍي پنھنجي ڪم ۾ ٿو آڻي ۽ باقي زھر وغيره
ڪڍي ڦٽي ٿو ڪري. ھن قسم جي ماڻھوءَ کي مال جي ڪثرت
منجھان ڪو بھ نقصان ڪو نھ ٿو ٿئي.
مگر ياد رکڻ گھرجي تھ اھا ڳالھھ انھيءَ شخص کي ٿي حاصل ٿئي سگھي
جيڪو دين ۾ پڪو آھي ۽ دين جي علم منجھان چڱيءَ طرح
واقف ٿو رھي. جيڪڏھن ڪو اڻ پرھيل ماڻھو مال گڏ ڪرڻ
۾ ھي خيال ڪندو تھ جھڙيءَ طرح مان بھ مال گڏ ٿو
ڪريان تھ ان جو مثال آھي جھڙو ڪو ڇوڪرو ڪنھن وڏي
منتر واري کي ڏسي جيڪو پنھنجي فن ۾ ڪامل ھجي ۽ ھو
نانگ کي پڪڙي ان منجھان جوھر ڪڍي مگر ھو ڇوڪر
سمجھي تھ انھيءَ ماڻھوءَ نانگ کي انھيءَ ڪري ورتو
ھو جو ان جي صورت ۽ شڪل سھڻي ھئي ۽ کل نرم نرم ھيس
سو سٽ ڏئي پاڻ بھ کڻي نانگ کي ھٿ وجھي ۽ اتي جو
اتي اجل جو لقمو بڻجي وڃي. ھن مثالن ۾ فرق آھي تھ
نانگ جو کاڌل مئل معلوم نٿو ٿئي. ( مگر حقيقت ۾
گھڻي دولت ۾ ھٿ وجھڻ سان ماڻھوءَ جو قلب فوري مري
ٿو وڃي.
اھا ھڪ پڌري حقيقت آھي تھ خدا تعالي پير ۽ پيرن ۾ گھمڻ جي طاقت
تھ جھڙي انڌي ڏٺي آھي تھڙي سڄي کي. مگر پھاڙن تي
چڙھڻ، درياه جي ڪناري تي گھمڻ ۽ ڪنڊن وارن پيچرن
منجھان لنگھڻ ۾ انڌو ماڻھو ڏسڻ جي برابري نھ ٿو
ڪري سگھي. ساڳيءَ طرح مال گڏ ڪرڻ ۾ ھڪ معمولي
مانحو عالمن ۽ اصحابن سان برابري نھ ٿو ڪري سگھي.
بيان ٻارھون
تونگري جي برائي ۽ فقيريءَ جي ثنا
معلوم ھئڻ گھرجي تھ ماڻھن جو انھيءَ ڳالھھ تي اختلاف آھي تھ
شاڪر تونگر جو رتبو اعليٰ افضل آھي يا صابر فقير
جو. ھي بيان اسان فقر ۽ زھد جي ڪتاب ۾ بيان
ڪنداسين ۽ حق جي تحقق ڪنداسين. ھن ڪتاب ۾ صرف
ايترو ٿا لکون تھ غنا (شاھوڪاري) جي مقاھلي ۾
بھرحال فقر (غريبي حال) ئي افضل آھي ۽ زياده تفصيل
جي طرف ڌيان نٿا ڏيون. ھن موقعي تي فقر جي فضيلت ۾
فقط اھا ڳالھھ ٿا نقل ڪريون جيڪا حارث محاسبي رحھ
ڪنھن تونگر عالم جي جواب ۾ لکي آھي جنھن پنھنجي
مال جي جمع ڪرڻ جي حجت ۾ صحابھ رضھ جن جي تونگري ۽
حضرت عبرالرحمان بن عوف جي مال جي ڪثرت جو بيان
ڏنو ھو ۽ پاڻ کي انھن اصحابن رضھ سان مشابھت ڏني
ھئي.
حضرت حارث رحھ معاملات جي علم ۾ بھترين امتي آھي ۽ نفس جا عيب،
اعمالن جون آفتون ۽ عبادتن جون حقيقتون جيتريون ھي
بزرگ ٿو لکي اوتريون ٻيا ڪو نھ ٿا لکن. انھيءَ ڪري
لکڻ انھيءَ بيان جو ھن جاءِ تي ھڪ مصلحت آھي.
پھريائين انھن ھي ارشاد فرمايو آھي تھ اسان کي ھن
طرح روايت پھتي آھي تھ حضرت عيسيٰ عليه السلام
جھڙن، عالمن جي حق ۾ ھي ارشاد فرمايو آھي تھ:
اي بڇڙا عالمو! توھان نماز پڙھو ٿا، روزو رکو ٿا، صدقو ڏيو ٿا
مگر جنھن ڳالھھ جو اوھان کي حڪم آھي اھا ڪا نھ ٿا
ڪريو ۽ جيڪا ڳالھھ خود نٿا ڪريو اھا ٻين کي ٿا
سيکاريو. ھي جيڪي اوھان ڪري رھيا آھيو اھو نھايت
برو آھي. ظاھر ۾ تھ وات ۽ زبان سان توبھ ڪريو ٿا
مگر باطن ۾ نفسن جي سڏن مطابق عمل ٿا ڪريو. ھيءَ
ڳالھھ اوھان کي ھرگز ڪم نھ ايندي جو اوھان ظاھر کي
پاڪ ۽ صاف رکو ۽ دليون اوھان جون ناپاڪ رھن. مان
اوھان کي سچ ٿو چوان تھ اوھان پروڻ يا اٽي جي ڇاڻي
وانگر نھ بڻجو جنھن منجھان چڱو اٽو نڪري ٿو وڃي ۽
باقي ڇاڻ پٺتي رھجي ٿو وڃيس. ساڳيءَ طرح توھان
آھيو جو حڪمت ۽ ڏاھپ جون ڳالھيون تھ اوھان جي وات
منجھان نڪرنديون ٿيون رھن مگر اوھان جي دلين ۾
ڪافي ڪدورت ڀريل آھي.
اي دنيا جا بندو! جيڪو شخص دنيا کان پنھنجي رغبت ۽ خواھش منقطع
نھ ڪندو، اھو آخرت موچاري ڪيئن حاصل ڪندو. خدا ٿو
ڄاڻي تھ اوھان جون دليون اوھان جي اعمالن کي ڏسي
روئينديون ٿيون رھن. دنيا کي اوھان پنھجن زبانن
ھيٺان رکي ڇڏيو آھي ۽ اعمالن کي پنھنجي پيرن
ھيٺان. دنيا جي بھتري، آخرت جي بھتريءَ کان اوھان
کي بھتر ٿي لڳي. توھان پنھنجي آخرت برباد ڪري ڇڏي
آھي. پوءِ سمجھو تھ توھان کان وڌيڪ نقصان وارو ڪير
ھوندو. توھان جو ڀلو ٿئي ڪيستائين توھان انڌيري ۾
ھلڻ وارن کي رستو ٻڌايئدنا رھندءُ ۽ پاڻ وائڙن
وانگر بيھي انھن کي تڪيندا رھندا. معلوم ائين ٿو
ٿئي تھ توھان دنيا وارن کان دنيا انھيءَ ڪري ٿا
ڇڏايو تھ ھوءَ ساري توھان وٽ اچي ڪٺي ٿئي ۽ توھان
جي ٿي وڃي. توھان پاڻ نٿا پليو ٻين کي ڇو ٿا
نصيحتون ڪريو. بس ڪريو! بس ڪريو!! انھيءَ منجھان
ڪوئي فائدو ڪونھي جو گھر جي ڇت تي چراغ رکيو ھجي ٧
گھر ۾ اندر اھا ئي اونداھي ھجي. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن
علم جو نور اوھان جي وات منجھان نڪرندو رھي ۽ دل
اھا ئي اونداھيءَ ۾ بيڪار پئي ھجي تھ ان منجھان
ڪھڙو فائدو . اي دنيا جا بندو! اوھان پرھيزگار
ٻانھا ٺاھيو ۽ نھ آزاد بزرگن وانگر آھيو. انھيءَ ۾
ڪھڙو عجب آھي جو دنيا توھان کي پاڙ کان پٺي اونڌي
ڪنڌ اڇلائي ڇڏي ۽ انھيءَ حالت ۾ اوھان کي زمين
گھلڻ ۽ رڳڙڻ شروع ڪري ڏئي. اوھان جا گناھھ اوھان
جي وارن کي پڪڙيون بيٺا ھجن. اوھان جو علم اوھان
کي پٺيان ڌڪا ڏيندو ھجي ۽ انھيءَ حال ۽ شان ۾
توھان کي دا تعاليٰ جي حوالي ڪيو وڃي. نھ اوھان جو
ڪو ساٿي ھجي تھ غمخوار ۽ نھ وري اوھان جي بدن تي
ھجي ڪا ڪپڙي جي تار ۽ اتي انھيءَ بيپرواھھ بادشاھھ
وٽان اوھان کي جوڳي سزا ملي.“
انھيءَ کانپوءِ حضرت حارث رحھ ٿو فرمائي تھ ”ڀائرو! ھي حال آھي
بڇڙن عالمن جو. اھي ماڻھن ۾ شيطان جي مثال ۽ وڏي
فتني جا باعث آھن. ھي اھي ماڻھو آھن جن دنيا جي
طمع ۾ ۽ شان شوڪت ۽ بلند رتبي جي حرص ۾ آخرت کي
ڇڏي ڏنو آھي ۽ دين کي ذليل ڪيو اٿن. ھي ماڻھو دنيا
۾ عار ۽ ننگ جو سبب آھن ۽ آخرت ۾ بھ قطعي خساري يا
ٽوٽي وارن منجھان آھن سواءِ انھيءَ جي جو الله
پنھنجي فضل ۽ ڪرم سان کڻي معاف ڪري. انھيءَ کان
پوءِ معلوم ھئڻ کپي تھ جيڪو شخص دنيا ۾ غرق ٿو رھي
۽ انھيءَ کي دين تي ترجيح ٿو ڏئي تھ ائين ڏٺو ويو
آھي تھ ان جي خوشي ڪدورت آميز تي ٿئي ۽ ھو طرحين
طرحين رنج ٿو سھي ۽ قسمين قسمين گناھھ ھن کان سر
زد ٿا ٿين ۽ آخر ۾ سواءِ بربادي ۽ تباھيءَ جي ٻيو
ڪجھھ بھ حاصل ڪو نھ ٿو ٿئين. دنيا دار ڪنھن نھ
ڪنھن اميد ۾ خوش نھ ٿيندو آھي مگر تھ ھن کي من
گھريا مطلب حاصل ٿيندا آھن نھ وري دنيا ئي ملندي
اٿس ۽ نھ دين ئي سلامت ٿو رھيس. ”خسر الدنيا
والاخِرت ذالڪ ھو الخسران المبِين (يعني دنيا ۽
آخرت جو خسارو حاصل ڪيائون ۽ ھيءُ ھڪ ظاھر ظھور
خسارو يا ٽوٽو آھي) ھن کان وڏي مصيبت ۽ دردناڪ آفت
ٻي ڪھڙي ھوندي. ڀائرو! الله تعاليٰ جو ڌيان رکو ۽
شيطان جي فريب ۾ نھ اچو ۽ نھ شيطان جي دوستن کان
دوکو کائو جيڪي ھڪ باطل حجت ۾ اٽڪيا پيا آھن ۽
دنيا جي حاصل ڪرڻ ۾ پورا مشغول آھن. انھيءَ سان گڏ
وري عذر ۽ حجت اھا ٿا پيش ڪن تھ رسول ڪريم ا' جن
جي اصحابن سڳورن وٽ بھ گھڻو مال ھوندو ھو. اصحابن
جو ذڪر انھيءَ ڪري ٿا وچ ۾ آڻن تھ جيئن خدا جي خلق
ھنن کي مال جمع ڪرڻ لاءِ جائز سمجھي. حالانڪھ ھي
ھڪ شيطاني وسوسو آھي جنھن جو انھن کي پتو ڪو نھ ٿو
پوي. اي ڪم بخت! حضرت عبدالرحمان بن عوف رضھ جي
مال جي حجت وٺڻ تنھنجي لاءِ جائز ناھي. شيطان توکي
ھلاڪ ڪرڻ واسطي تنھنجي زبان منھنجھان اھا حجت ٿو
ڪڍرائي ڇاڪاڻ تھ جڏھن تون چوين ٿو تھ اصحابن سڳورن
مال، زينت ۽ اسراف ۽ گھڻائي لاءِ جمع ڪيو ھو تھ
تون انھن سردارن سڳورن جي ھڪ قسم جي غيبت ٿو ڪرين
۽ انھن تي ھڪ بري ڳالھھ ٿو مڙھين. جڏھن وري تون
ھيئن ٿو چوين تھ حلال مال جو ڪٺو ڪرڻ ان کي ترڪ
ڪرڻ کان افضل آھي تھ انھيءَ چوڻ سان ڄڻ تھ تون
آنحضرت ' ۽ انبيائن عليھم السلام جي طرف ھڪ قسم جي
خطا ۽ جھل ٿو منسوب ڪرين تھ انھن ايڏي مال ۽ طاقت
ھوندي ناحق زھد ۽ پرھيزگاري اختيار ڪئي. ھيءَ
فضيلت ۽ رتبو جيڪو تو مال جي گڏ ڪرڻ جي باري ۾
بيان ڪيو آھي اھو شايد حضور ' جن ۽ ٻين نبين کي نھ
ٿي سجھو جو اھي بھ تو وانگر مال ڪٺو ڪن ھا. تنھنجي
ھن قسم جي بيان منجھان اھا ڳالھھ بھ لازمي طور
ظاھر ٿي ٿئي تھ تنھنجي خيال ۾ رسول الله ' جن
(معاذ الله) امت سان خير خواھي نھ ڪئي آھي جو مال
کي ڪٺي ڪرڻ کان منع فرمائي اٿن. حالانڪھ تنھنجي
نظرن ۾ مال جو جمع ڪرڻ امت جي حق ۾ زياده چڱو آھي.
پوءِ گويا آنحضرت ' جن (معاذ الله) امت کي دوکو
ڏنو ۽ انھن کي بھتر ڳالھھ نھ سيکاري، خدا ٿو ڄاڻي
تھ ھي تنھنجو قول محض لغو آھي. آنحضرت ' جن امت جا
خير خواھھ ۽ وڏا مشفق ۽ رؤف آھن.
انھيءَ کانسواءِ جڏھن تون چوين ٿو تھ مال گڏ ڪرڻ افضل آھي تھ
انھيءَ جي اھا بھ معنيٰ ٿي نڪري تھ خدا تعال:ٰ بھ
پنھنجن بندن ڏانھن ڪوئي توجھ ڪو نھ فرمايو آھي جو
انھن کي مال گڏ ڪرڻ کان منع ڪئي آھي خدا تعاليٰ کي
اھا ڳالھھ معلوم نھ ھئي تھ ڪا فضيلت مال جي گڏ ڪرڻ
۾ آھي ۽ انھيءَ ڪري لاعلميءَ ۾ منع فرمائي ۽ توکي
مال جي چڱائي ۽ فضيلت گويا چڱيءَ طرح معلوم ٿي وئي
جنھن ڪري تون مال دولت وڌائيندو ٿو رھين. چئبو تھ
خدا تعاليٰ کان بھ توکي وڌيڪ سمجھھ ۽ شعور آھي شين
جي چڱائي ۽ فضيلت جي سڃاڻڻ جو. معاذ الله من ذالڪ
– خدا تعاليٰ شل اھڙي جھل کان پناھھ ڏئي ذرا سوچ
تھ سھي. اصحابن رضھ جي مال جي حجت وٺڻ صريحا شيطان
جو فريب آھي ۽ عبدالرحمان بن عوف رضھ بابت حوالو
ڏيڻ سان تنھنجو ڇا مطلب آھي. قيامت جي ڏينھن اھي
سڳورا خود چاھيندا تھ دنيا منجھان اسان کي فقط گذر
اوقات جيترو ملي ھا تھ ڏاڍو چڱو ھو.
انھيءَ سلسلي ۾ مون کي ھڪ روايت پھتي آھي تھ عبدالرحمان بن عوف
رضھ جي جڏڌھن وفات ٿي تھ ڪن اصحابن رضھ ذڪر ڪيو تھ
اسان کي حضرت عبدالرحمان بن عوف رضھ جي حال تي
ڏاڍو خوف آھي جو ھن مرڻ کان پوءِ ھي ھي مال ڇڏيو
آھي. اتي حضرت ڪعب رضھ فرمايو تھ سبحان الله!
عبدالرحمان جي مال تي ڪھڙو خوف آھي. ھن سڳوري،
حلال مال ڪمايو، حلال نموني ۾ خرچ ڪيو ۽ پاڪ ڪمائي
ڇڏي فوت ٿيو. حضرت ڪعب رضھ جو ھي قول ڪنھن وڃي
حضرت ابوذر غفاري رضھ کي ٻڌايو. ھو ڏاڍي رنج ۽ غصي
۾ اچي حضرت ڪعب رضھ جي تلاش ۾ نڪتو. ھڪڙو ڏاس جو
رسو ھٿ ۾ کڻي ان جي ڳولھا ڪرڻ لڳو. حضرت ڪعب رضھ
کي جو اھا خبر پئي سو سڌو حضرت عثمان رضھ جن وٽ
ويو ۽ انھن کي ساري ماجرا بيان ڪري سندن پناھھ
گھري. حضرت ابوذر رضھ بھ ھن جو پيرو کڻي اچي حضرت
عثمان رضھ جي گھر تي پھتو. کيس ڏسي حضرت ڪعب رضھ
وڃي حضرت عثمان رضھ جي اوٽ ٿي ويٺو. حضرت ابوذر
رضھ، ڪعب رضھ کي مخاطب ٿي فرمايو تھ، اي يھودي
ٻچا! اھو تنھنجو چوڻ آھي ڇا تھ عبدالرحمان بن عوف
جيڪو مال مرڻ وقت پٺتي ڇڏيو آھي تنھنجو ڪو مضائقو
ناھي. حالانڪھ ھڪ ڏينھن آنحضرت ' جن جبل احد جي
طرف تشريف فرما ٿيا ۽ مان ساڻن ھمراھھ ھوس. مون کي
سڏ ڪيائون تھ اي ابوذر! مان جواب عرض رکيو تھ لبيڪ
يا رسول الله'! پاڻ فرمايائون تھ ”(ھن دنيا ۾)
گھڻي مال وارا قيامت ۾ ٿور سرمائي وارا ھوندا
سواءِ انھيءَ شخص جي جنھن ھيڻن چيو ۽ ھيڻن چيو
پنھنجي کٻي پاسي ۽ اڳيان ۽ پٺيان ۽ اھڙا تمام ٿورا
آھن“. پوءِ بھ وري مون کي پڪاريائون ۽ مان لبيڪ
عرض رکيو. پاڻ فرمايائون تھ جيڪڏھن مون وٽ احد جبل
جيڏو خزانو اچي تھ مان اھو خدا تعاليٰ جي راھھ ۾
خرچ ڪري ڇڏيان مگر جيڪڏھن مرڻ جي وقت مون وٽ ٻن
جون جي مقدار جيترو مال بھ رھجي ويندو تھ اھا
ڳالھھ مون کي چڱي معلوم ٿي ٿئي. مان عرض ڪيو تھ ڇا
ٻھ ڍير رھجي وڃن. تنھن تي فرمايائون تھ نھ بلڪھ ٻھ
جو رھجي وڃن. پوءِ فرمايائون تھ اسان ٿورو ڇا چئون
۽ تون گھڻو ٿو چوين. ھاڻي رسول الله ' جن تي ھي ٿا
فرمائن ۽ تون يھودي جا ٻچا حضرت! عبدالرحمان بن
عوف جي مال ڇڏي مرڻ تي ٿو چوين تھ انھيءَ ۾ ڪو
مضائقو ناھي. تون بھ ڪوڙو آھين ۽ ٻيو بھ جيڪو ائين
چوي اھو بھ ڪوڙو آھي. ابوذر رضھ جي ھن ڳالھھ تي جو
اتي ڪنھن بھ جواب ڪو نھ ڏنو تان جو ھو ائين چوندو
ٻاھر نڪري ويو. |