سورھين
آفت
چغلي
سورھين آفت آھي چغلي – الله تعاليٰ ٿو فرمائي: ھماز مشآءِ
بِنميم (جيڪو) گھڻو عيب لائيندڙ چغلي ھڻندو گھمندڙ
(ھجي) ۽ وري ٿو فرمائي: عتل بَعد ذالک زنيم. ”بد
عادتون، ان (سڀني) کان پوءِ زنيم يعني حرامي (بھ)
ھجي.“ عبدالله ابن لمبارڪ رحھ ٿو فرمائي تھ زنيم
جي معني ٰھا يھو ولدالزنا يا حرامي ٻار جيڪو ڳالھھ
نھ لڪائي ۽ ھن آيت منجھان ھي بھ نتيجو ڪڍيو ويو
آھي تھ جيڪو ماڻھو ڳالھھ نٿو لڪائي ۽ چغلي ھو ھڻي
سو ولدالزنا يعني حرامي آھي ۽ الله تعاليٰ اھو پڻ
فرمايو آھي تھ ويلءٌ لکل ھمزتِِ لمزتِِ“ ويل آھي
گلا ڪندڙ (يا چغلي ھڻندڙ) عيب ڳولھيندڙ لاءِ“ ۽
ابو لھجب جي زال لاءِ آيو آھي تھ حمالته الحطبِ“
ڪاٺين جي لڏ کڻندڙ آھي“ حقيقت ۾ چون ٿا تھ ھوءَ
چغلخور يعني ماڻھن جي ڳالھين جي لڏ کڻندڙ ھئي. ٻي
آيت شريف ۾ آھي تھ ”پوءِ انھن زالن ٻنھي (نبين)
سان خيانت ڪئي“. ھي آيت حضرت لوط عھ ۽ حضرت نو
عليھما السلام جي زالن جي باري ۾ آھي. حضرت لوط عھ
جي زال جڏھن بھ ھن وٽ ڪو مھمان ايندو ھو تھ يڪدم
وڃي قوم کي ٻڌائيندي ھئي ۽ قوم وارا اچي مھمانن کي
لواطت لاءِ تنگ ڪندا ھئا ۽ حضرت نوح جي زال ماڻھن
کي چوندي ھئي تھ ھو مجنون يعني پاڳل آھي ۽ حضور
ﷺ
جن ٿا فرمائين تھ ”نھ داخل ٿيندو جنت ۾ (نماز
يعني) چغلخور“ ٻي روايت ۾ نمام جي بدران قتات جو
لفظ آھي جنھن جي معنيٰ بھ تمام يا چغلخور آھي ۽
حضرت ابوھريره رضھ ٿو فرمائي تھ پاڻ فرمايائون تھ
”توھان منجھان الله تعاليٰ وٽ وڌيڪ پسند يا محبوب
اھي آھن جيڪي خلق ۾ چڱا آھن ۽ انھن جا پاسا نرم
آھن جو ھو پاڻ ٻين سان الفت ٿا رکن ۽ ٻيا بھ انھن
سان الفت ٿا ڏيکارن ۽ اوھان منعجھان الله تعاليٰ
وٽ بڇڙا اھي آھن جيڪي چغليون ھڻندا ٿا وتن ۽ ڀائرن
۾ جدائي وجھندا ٿا وتن ۽ پاڪ باز ماڻھن جا عيب
ڳولھيندا ٿا رھن.“ ۽ فرمايائون تھ مان جيڪر اوھان
کي سڀ کان وڌيڪ شرير نھ ٻڌايان تھ ڪير آھي. اصحابن
رضھ عرض ڪيو تھ ارشاد فرمايو تھ اھي ڪھڙا ماڻھو
آھن. پاڻ فرمايائون تھ جيڪي چغليون ھڻي ھڻي دوستن
۾ ڦوٽ ٿا وجھن ۽ صاف ماڻھن جي عيب جي تلاش ۾ ٿا
رھن ۽ حضرت ابوذر رضھ کان ھيءَ حديث مروي آھي تھ
پاڻ فرمايائون تھ ”جيڪو شخص ڪنھن مسلمان تي ھڪ لفظ
جو اشارو ڪري انھيءَ لاءِ تھ ھن کي ڪو ناحق عيب
لڳائي تھ الله تعاليٰ انھيءَ لفظ سان ھن کي قيامت
جي ڏينھن دوزخ ۾ عيب لڳائيندو.“ ۽ ھيءَ حديث بھ
انھيءَ کان مروي آھي تھ ”جيڪو شخص گواھي ڏئي ڪنھن
مسلمان تي اھڙي ڳالھھ جي جيڪڏھن ۾ نھ ھجي تھ ھن کي
گھرجي تھ ڳولھي پنھنجي رھڻ جي جاءِ دوزخ ۾.“
چون ٿا تھ قبر جي عذاب جو ٽيون حصو چغليءَ مان ٿو پيدا ٿئي ۽
حضرت ابن عمر رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو
تھ الله تعاليٰ جڏھن جنت کي پيدا ڪيو تھ ان کي
ارشاد فرمايو تھ ڪجھھ ڳالھاءِ. جنت عرض ڪيو تھ
جيڪو مون وٽ اندر اچي اھو سعيد ھجي. الله جل انه
ارشاد فرمايو تھ قسم آھي پنھنجي عزت ۽ جلال جو تھ
اٺن قسمن جا ماڻھو تو ۾ نھ رھندا. ھڪ ھميشه شراب
پيئڻ وارو، ٻيو زنا ۾ اصرار ڪرڻ وارو، ٽيون
چغلخور، چوٿون ديوث، پنجون ظالم سپاھي، ڇھون مخنث
(کدڙو)، ستون مائٽ ڇنڻ وارو ۽ اٺون جيڪو خدا جو
قسم ڪنھن ڪم ڪرڻ لاءِ کڻي ۽ پوءِ اھو قسم پورو نھ
ڪري. ڪعب احبار کان روايت آھي تھ بني اسرائيل ۾ ھڪ
سال خشڪ سالي ٿي وئي. حضرت موسيٰ عليه السلام
ڪيترا دفعا دعا گھري مگر مينھن نھ وسيو. خدا
تعاليٰ وحي موڪلي تھ دعا تنھنجي ۽ تنھنجي ساٿين جي
انھيءَ ڪري مقبول نٿي ٿئي جو توھان ۾ ھڪڙو چغلخور
آھي جيڪو چغليءَ تي اصرار ڪندو آھي يعني ھر وقت
ھڻندو وتندو آھي. حضرت موسيٰ عليه السلام عرض ڪيو
تھ اھو ڪير آھي، مون کي ھن جو نالو ٻڌايو تھ ھن کي
ٽوليءَ کان خارج ڪجي. ارشاد ٿيو تھ اي موسيٰ چغلي
کان منع ٿو ڪريان ۽ پوءِ مان ئي وري چغلي ھڻان.
پوءِ سڀني ساٿين گڏجي ساڳي وقت توبھ ڪئي ۽ باران
رحمت نازل ٿيو.
ھڪ روايت ۾ آيو آھي تھ ھڪڙو شخص يڪا ست سؤ ڪوھ پنڌ ڪري ھڪڙي
حڪيم وٽ آيو ۽ ھن کي چيائين تھ توکي الله تعاليٰ
علم ڏنو آھي. مان پنھنجي فائدي ھاصل ڪرڻ لاءِ تو
کان ست ڳالھيون پڇڻ آيو آھيان انھن جو ڪو تسلي بخش
جواب عنايت فرمايو.
پھريون سوال اھو آھي تھ آسمان کان باري يا ڳري شيءِ ڪھڙي آھي.
ھن جواب ڏنس تھ ”صاف ۽ پاڪدامن ماڻھوءَ تي بھتان
ٻڌڻ.“
ٻيو سوال ڪيائين تھ زمين کان ويڪري ڪھڙي شيءِ آھي. ھن چيو تھ
”حق“.
ٽيون سوال پڇيائين تھ پٿر کان زياده سخت ڪھڙي شيءِ آھي، جواب
مليس تھ ”ڪافر جي دل“.
چوٿون سوال ھن پڇيو تھ باھ کان وڌيڪ گرم ڪھڙي شيءِ آھي. جواب
مليس تھ ”حسد ۽ حرص“.
پنجون سوال ڪيائين تھ زمھرير کان زياده ٿڌي شيءِ ڪھڙي آھي؟ حڪيم
ٻڌايس تھ ”ڪنھن ويجھي مائٽ وٽان ڪنھن حاجت جو پورو
نھ ٿيڻ.“
ڇھون سوال تھ سمنڊ کان وڌيڪ بي پرواھھ ڪھڙي شيءِ آھي. حڪيم چيو
”جنھن دل ۾ فراغت ھجي.“
ستون سوال تھ يتيم کان وڌيڪ ذليل ڪير آھي. جواب مليس تھ اھو
چعلخور آھي. جڏھن ھن جي چغلي ھڻڻ جي خبر ماڻھن کي
پئجي ويندي آھي تھ ھو يتيم کان بھ وڌيڪ ذليل ٿيندو
آھي.
چغليءَ جي وصف ۽ ان کي روڪڻ واريون شيون
واضح رھي تھ چغليءَ جي وصف ماڻھن ۾ ھن طرح مشھور آھي تھ ھڪڙو
ماڻھو ٻئي کي وڃي چوي تھ فلاڻو ماڻھو توکي ھيئن
پيو چوي. مگر حقيقت ۾ چغلي رڳي اھا شيءِ ناھي.
چغليءَ جي حقيقي معني آھي تھ جنھن شيءِ جو ظاھر
ڪرڻ خراب ھجي، اھا ظاھر ڪرڻ. پوءِ اھا انھيءَ
ماڻھوءَ کي خراب لڳي جنھن جي طرف کان اھا چئي ٿي
وڃي يا ان کي بري لڳي جنھن کي ٻڌائي ٿي وڃي يا
ڪنھن ٽين ماڻھو (حاضر مجلس) کي بڇڙي ۽ ناگوار لڳي
۽ ظاھر ڪرڻ بھ خواه قول سان ھجي يا لکڻ سان يا رمز
(اشاري) ۽ ڪنايھ سان ھجي. جيڪا شيءِ ظاھر ڪئي ٿي
وڃي اھا بھ خواه عمل ھجي يا ڪلام ۽ عيب ھجي يا
نقصان جيڪو ٻئي ۾ ھجي يا نھ ھجي. مطلب تھ چغلي
”راز فاش ڪرڻ ۽ مڪروه ڳالھھ کي ظاھر ڪرڻ“ جو نالو
آھي. پوءِ جڏھن ڪنھن جي نظر ماڻھن جي حالت تي پوي
تھ گھرجي تھ ھو سڪوت اختيار ڪري مگر اھڙي ڳالھھ
جنھن ۾ ڪنھن مسلمان جو فائدو ھجي يا ڪنھن گناھھ
کان بچاءُ ٿيڻو ھجي تھ انھيءَ حالت ۾ البتھ ڳالھھ
ڪرڻ گھرجي. مثلا جڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڏسي تھ ڪنھن
جو مال کنيون ٿو وڃي تھ ھن کي گھرجي تھ ھن جي خلاف
گواھي ڏي. انھيءَ ۾ مال جي مالڪ سان ھڪ فيض ۽
رعايت ٿيڻ جو امڪان آھي مگر جيڪڏھن ڪو پنھنجو مال
لڪائي رکندو ھجي تھ ان جي انھيءَ راز کي کولڻ چغلي
۾ داخل آھي.
چغليءَ جو سبب يا تھ ھي ھوندو آھي تھ جنھن جي ڳالھھ ڪئي وڃي ان
کي نقصان پھچي يا ھي تھ جنھن سان بيان ڪيو ٿو وڃي
ان سان خير خواھي ۽ دوستيءَ جو اظھار ڪرڻو ھجي يا
ڳالھين ڪندي دل کي خوش ڪرڻ لاءِ منافق طور بيان
ڪيو وڃي يا فضول ۽ اجائي بڪواس ڪرڻ جو شوق ھجي.
بھر صورت جڏھن بھ ڪنھن ماڻھوءَ جي اڳيان اھڙي قسم
جي ڪائي چغلي ھنئي وڃي يعني مثال طور جيڪڏھن چيو
وڃي تھ فلاڻو توکي ھي ھي پيو چوي يا تنھنجي باري ۾
ھيءَ رٿ يا تجويز سٺي اٿس يا تنھنجي نقصان جي فڪر
۾ آھي يا تنھنجي دشمن سان وڃي سياز باز ٿيو آھي يا
ٻي ڪا اھڙي قسم جي ڳالھھ ڪري تھ ٻڌڻ واري کي گھرجي
تھ ھيٺيون ڇھھ ڳالھيون اختيار ڪري.
پھريائين تھ ھن کي سچو نھ سمجھي ڇاڪاڻ تھ چغلخور فاسق ٿو ٿئي ۽
ھن جي شاھدي قبول ناھي. ال تعاليٰ ٿو فرمائي تھ
يٰايھا الذين آمنوا اِن جآءَڪم فاسقءٌ بِنبَاِِ
فتبَينوا ان تصيبُوا قوما بِجھالته - ”اي ايمان
وارؤ جيڪڏھن ڪو فاسق اوھان وٽ ڪا خبر آڻي تھ ان کي
جاچي ڏسو متان ڪنھن قوم مٿان وڃي اوچتو ڪڙڪو.“
ٻيو تھ چغلي ھڻڻ واري کي منع ڪري تھ وري منھنجي اڳيان اھڙي
ڳالھھ نھ ڪجانءِ ۽ ان کي نصيحت جو رستو ڏيکاري ۽
ٻڌائيس تھ ھيءَ ھڪ بيجا ڳالھھ آھي جيئن جو قرآن
شريف ۾ آھي تھ وامر بِالمعروف وانه عن المنڪر -
”سيکار چڱي ڳالھھ ۽ منع ڪر بري ڳالھھ کان.“
ٽيون تھ ان سان الله واسطي بغض (يعني غصو ۽ رنج) رکي ڇاڪاڻ تھ
اسان الله تعاليٰ بغض ٿو رکي ۽ جنھن سان الله
تعاليٰ بغض ٿو رکي تنھن سان بغض ڪرڻ واجب آھي.
چوٿون تھ جنھن ماڻھوءَ تي چغلي ھڻي ان تي صرف ھن جي چوڻ تي
بدگماني نھ ڪري ڇاڪاڻ جو الله تعاليٰ بدگمانيءَ
کان منع فرمائي آھي.
پڇنجون تھ ھن جي چوڻ تي جيڪي ھو چوي تنھنجي تحقيق ۽ تلاش جي
پٺيان نھ پوي ڇاڪاڻ جو الله تعاليٰ جاسوسي ڪرڻ کان
منع فرمائي آھي.
ڇھون تھ جنھن ڳالھھ کان چغلخور کي منع ڪري اھا ڳالھھ پاڻ نھ ڪري
يعني ماڻھن ۾ اھا ڳالھھ نھ ورنائي تھ فلاڻو مون کي
ھي ھي پيو چوي. انھيءَ ۾ وري ھن جي پنھنجي طرف کان
غيبت ۽ چغلي ٿي ويندي جنھن کان ھن ٻئي کي منع ڪئي
ھئي.
روايت اھي تھ ھڪڙو شخص حضرت عمر بن عبدالعزيز جي خدمت ۾ آيو ۽
ھڪڙي ٻئي شخص جي ڳالھھ اچي ھن سان ڪئي. پاڻ
فرمايائونس تھ جيڪڏھن تون چوين تھ ھن ڳالھھ جو
امتحان وٺون. جيڪڏھن ڪوڙ نڪتو تھ ھن آيت جو مصداق
نڪرندين، اِن جاءَڪم فاسقءٌ بِنبَاِِ ”جيڪڏھن ڪو
فاسق اوھان وٽ خبر آڻي“ ۽ جيڪڏھن سچ نڪتو تھ ھن
آيت جو تھ، ھماز مشاء بنميم ”جيڪو گھڻو عيب
لائيندڙ چغلي ھڻندو گھمندڙ (ھجي)“ ۽ جي چوين تھ
توکي انھيءَ ڳالھھ ڪرڻ جي معافي ڏئي ڇڏيون. عرض
ڪيائين تھ يا امير المؤمنين مون کان خطا ٿي وئي.
وري ڪڏھن بھ اھڙو ڪم نھ ڪندس. ھن دفعي معاف
فرمايو. بي ھڪ روايت آھي تھ ڪنھن حڪيم وٽ ھن جو
ھڪڙو ڀاءُ آيو ۽ ھن کي سندس دوست جو ڪجھھ احوال
ٻڌايو. حڪيم جواب ڏنو تھ تون گھڻن ڏينھن کان پوءِ
تھ آيو آھين مگر ٽي ڪرتوت پاڻ سان کڻي آيو آھين.
پھريون تھ منھنجي دوست لاءِ تو اچي مون ۾ بغض (غصو
۽ رنج) پيدا ڪيو آھي. ٻيو تھ منھنجي دل فارع ۽ چين
۾ ھئي تو ان ۾ تردد ۽ بيچيني وڌي آھي. ٽيون تھ مان
توکي امين ڪري ليکيندو ھوس مگر ھاڻ تو مان اعبتار
ھليو ويو. روايت آھي تھ سليمان بن عبدالملڪ رحھ جن
ويٺا ھئا ۽ انھن وٽ حضرت زھري رحھ بھ ھو. ايتري ۾
ھڪڙو شخص آيو. سليمان ھن کي چيو تھ مان ٻڌو آھي تھ
تو منھنجي لاءِ ھي ھي چيو آھي. ھن جواب ڏنو تھ اھا
حرڪت مون کان نھ ٿي آھي ۽ نھ مان ڪجھھ چيو آھي.
سليمان چيو تھ جنھن مون سان اھا ڳالھھ ڪئي آھي اھو
سچار آدمي آح:” ٽڻحڻ ٽ: حضرت زھري رحھ چيو تھ
چغلخور سچار ٿي نٿو سگھي. سليمان چيو تھ واقعي
اوھان سچ چيو آھي ۽ ھن شخص کي چيائين تھ وڃ توکي
ڏاڍو آسان ڇوٽڪارو ملي ويو.
حضرت حسن رضھ جو قول آھي تھ ”جيڪو تو وٽ ٿو چغلي ھڻي اھو توتي
بھ چغلي ھڻندو.“ ھن منجھان معلوم ٿيو تھ چغلخور
سان بغض (غصو ۽ رنج) رکڻ گھرجي ۽ ھن جي قول کي
معتبر ۽ سچو نھ سمجھڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ ھو ڪوڙ،
غيبت، عذر، خيانت، بغض، حسد، نفاق ۽ ماڻھن ۾ ڦوٽ
وجھڻ کان خالي نٿو رھي ۽ جنھن شيءِ کي ڳنڍڻ لآءِ
ّڊآُڻڊ ڪڙ:۾ ڄ حڪم آھي اھا ھو ڇنندو ٿو رھي. جھڙوڪ
قرآن شريف ۾ آھي تھ ”و يقطعون ما امر الله بِه ان
يوصل ويفسدون في الارض“ ”۽ اھي الله جن ڪمن جي
ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو آھي تن کي ڇنندا آھن ۽ ملڪ ۾ فساد
وجھندا آھن“ ۽ ٻي آيت ۾ آھي تھ ”اِنما السبِيل علي
الذين يظللمون الناس و يبغون في الارض بِغير
الحق“. ”(ڏوراپي جي) واٽ رڳو انھن تي آھي جيڪي
ماڻھن کي ايذائيندا آھن ۽ ملڪ ۾ ناحق فساد وجھندا
آھن“. ۽ چغلخور بھ اھڙن ئي ماڻھن منجھان آھي ۽
حديث شريف ۾ آھي تھ ”ماڻھن ۾ سڀ کان وڌيڪ بڇڙو اھو
شخص آھي جنھن کان ماڻھو ھن جي شرارت ۽ برائيءَ ڪري
ڊجن.“ ۽ چغلخور کان بھ ماڻھو سنس شرارت جي ڪري
ڊڄندا رھندا آھن. ٻي حديث ۾ حضور ﷺ جن فرمايو آھي
تھ ”قاطع (وڍيندڙ يا ڇنندڙ) بھشت ۾ داخل ٿيڻ وارو
ناھي.“ ھن ۾ قاطع جي معنيٰ ڪن مائٽي ڇنڻ واري جي
ورتي آھي ۽ ڪي چون ٿا تھ ھن مان اھو شخص مراد آھي
جيڪو ماڻھن ۾ چغلي ھئي ڦوٽ ٿو وجھي. حضرت علي رضھ
جي سامھون ھڪڙي ماڻھوءَ ٻئي تي چغلي ھنئي. پاڻ
فرمايائون تھ اسان ان جي تحقيقات ٿا ڪريون. جيڪڏھن
ڳالھھ سچي نڪتي تھ اسان توتي ناراض ٿينداسين ۽
جيڪڏھن ڪوڙي نڪتي تھ سزا ڏينداسين ۽ جي چوين تھ
توکي معافي ڏئي ڇڏيون. ھن عرض ڪيو تھ سائين مون کي
معاف ڪريو. محمد بن ڪعب قرطي کان ڪنھن ڪپڇيو تھ
ڪھڙي خصلت ڪري ايماندار جي وقعت گھٽ ٿي ٿئي. جواب
ڏنائون تھ گھڻين ڳالھين ڪرڻ سان، راز فاش ڪرڻ سان
(جنھن ۾ چغلي بھ اچي ٿي وڃي) ۽ ھر ھڪ جي ڳالھھ مڃڻ
سان، ھڪ شخص عبدالله بن عامر کان ان جي عھد حڪومت
۾ پڇيو تھ مان ٻڌو آھي تھ فلاڻو ماڻھو توھان کي
ٻڌائي ويو آھي تھ مان اوھان کي گھٽ وڌ ڳالھايو
آھي. انھن جواب ڏنو تھ ھا ٻڌائي ويو آھي. ھن چيو
تھ جيڪي ڪجھھ ھن چيو اھي اھو مون کي ٻڌايو تھ مان
اھو ڪوڙو ثابت ڪريان. انھن جواب ڏنس تھ اسان کي
اھو منظور ناھي جو پنھنجي زبان سان پنھنجو پاڻ کي
گاريون ڏيون. بس ھاڻي اھو ڪافي آھي تھ مان ھن جي
ڳالھھ کي سچ نھ سمجھندس ۽ توسان ملاقات نھ ڇڏيندس.
ڪن صالح شخصن کان منقول آھي تھ انھن جي سامھون چغليءَ جي ڳالھھ
نڪتي جنھن تي انھن چيو تھ ماڻھن کي الائي ڇا ٿيو
آھي جو ٻين سڀني کان سچي ڳالھھ ٿا پسند ڪن، باقي
رڳو چغلخورن جي ڪوڙي ڳالھھ الاي ڇو ٿا چڱي سمجھن
(مطلب تھ چغلي گھڻن ماڻھن کي پسند ٿي اچي جو ھو
انھيءَ ۾ پنھنجي خير خواھي سمجھندا آھن. حضرت مصعب
بن زبير رضھ ٿو فرمائي تھ اسان جو اعتقاد آھي تھ
چغلي ھڻڻکان چغلي کي مڃن يا قبول ڪرڻ وڌيڪ خراب
آھي ڇاڪاڻ تھ ڇغلي ھڻڻ ۾ تھ فقط ڪا ڳالھھ ھڪ دفعو
ٻڌائي ٿي وڃي ۽ انھن کي ڪن ڏئي ٻڌڻ ۽ مڃڻ ۾ تھ
گويا اڳلي کي اجازت ڏني ٿي وڃي تھ چغلي بيشڪ ھڻندو
رھھ ۽ ٻنھي ۾ وڏو فرق آھي. انھيءَ ڪري چغلخور کان
پاسو ڪرڻ کپي ڇاڪاڻ تھ فرض ڪريو تھ ھن جي ڳالھھ
سچي آھي تھ اھو ڪم بھ ھن جو ڪمينپڻي کان خالي
ڪونھي جو ھن ٻئي جي حرمت جي حفاظت نھ ڪئي ۽ عيب
پوشي تي عمل نھ ڪيائين.
ھڪڙي شخص عمرو بن عبيد کي چيو تھ تنھنجو دوست (رفيق اسواري)
ھميشه پنھنجي گھر ۾ توکي گھٽ وڌ ڳالھائيندو آھي.
ھن جواب ڏنو تھ ڪھڙي نھ عجب جي ڳالھھ آھي جو تو نھ
تھ ھن جي رفاقت ۽ ھم نشيني جو ڪو حق سمجھيو جو ھن
جي برائي بيان ڪري ڏني ۽ نھ منھنجي حق جو ڪو خيال
ڪيئي جو مون کي ھن جي اھڙي ڳالھھ ٻڌايئي جيڪا مون
کي بڇڙي لڳي. خير جيڪڏھن ائين آھي تھ ھن کي چئي
ڇڏجانءِ تھ موت اسان ٻنھي تي ايندو ۽ قبر اسان
ٻنھي کي کپائي ڇڏيندي ۽ قيامت ۾ گڏ ھونداسين جتي
فيصلي ڪرڻ وارو احڪم الحاڪمين ھوندو.
ھڪڙي دفعي ڪن چغلخورن گڏجي صاحب بن عباد ڏي ھڪ چٺي لکي تھ جيڪو
يتيم تنھنجي تربيت ھيٺ آھي ان وٽ مال گھڻو آھي.
جيڪڏھن خزاني ۾ داخل ڪيو وڃي تھ وڌيڪ مناسب ٿيندو.
ھن چٺيءَ جي پٺ تي لکيو تھ چغلي ڏاڍي خراب شيءِ
آھي توڙي ھوءَ کڻي سچي بھ ھجي. خدا تعاليٰ فوت ٿيل
پيءُ تي رحمت نازل فرمائي ۽ يتيم کي عيوض عنايت
فرمائي ۽ ھن جو مال ۾ برڪت وجھي ۽ چغلخورن تي لعنت
ڪري. حضرت لقمان حڪيم پنھنجي پٽ کي فرمايو تھ توکي
اھڙيون عادتون ٿو سيکاري ڇڏيان جو جيڪڏھن تون انھن
تي ڪاربند (مضبوط يا ڄمي) رھندين تھ ھميشه سردار
بڻيو وتندين. اھي ھي آھن تھ پنھنجن ۽ پراون سان
خلق سان پيش ايندو ڪر. پنھنجي جھالت ۽ لا علمي چڱي
۽ مٺي ٻنھي تي ظاھر نھ ڪندو ڪر. ماڻھن جي حرمت ۽
عزت جو خيال رکندو ڪر، پنھنجن ھڪ جيڏن ۽ ھڪجھڙن
سان ملندو ڪر، جيڪو شخص تنھنجي ۽ ماڻھن جي وچ
(چغلي ھڻي) ڦوٽ وجھڻ چاھي ۽ فريب ڏيڻ گھري ان جي
ڳالھھ ڪڏھن بھ نھ مڃيندو ڪر ۽ پنھنجو ڀاءُ ۽ دوست
انھيءَ کي ليکيندو ڪر جيڪو جڏھن توکان جدا ٿئي تھ
نھ تون ھن جي گلا ڪرين ۽ نھ ھو تنھنجي گلا ڪري.
ڪن جو چوڻ آھي تھ چغلي، ”ڪوڙ، حسد ۽ نفاق“ ٽن شين جي ٺھيل آھي ۽
اھي ٽيون شيون ئي ذلت جون پاڙون ۽ ٿوڻيون آھن. ڪن
اڪابرن جو قول آھي تھ چغلخور سمجھو تھ سچ ئي ٿو
ڳالھائي مگر حقيقت ۾ گاريون تھ اھو ئي ٿو ڏئي
ڇاڪاڻ جو جنھن جي طرف کان ھو بيان ٿو ڪري اھو سچ
پڇو تھ قابل رحم آھي جو ھن کي ايتري ھمت ۽ جرئت نھ
ٿي جو منھن تي ڪجھھ چئي سگھي مگر تو کي منھن تي تھ
چغلخور گھٽ وڌ ڳالھائي توکي رنج ڏنو. حاصل مطلب ھي
آھي تھ چغليءَ جي بڇڙائيءَ کان بچڻ گھرجي. ھوءَ ھڪ
وڏي بلا آھي ۽ انھيءَ جي ذريعي وڏيون ڦوٽيون ۽
جدايون پئجي ٿيون وڃن ۽ ڪيئي خاندان بگڙي ۽ ناس ٿي
ٿا وڃن.
حماد بن سلمه ٿو ڳالھھ ڪري تھ ھڪڙي ماڻھوءَ ڪو ٻانھو وڪيو.
خريدار کي چيائين تھ ھن ۾ ٻيو عيب ڪونھي رڳو
چغلخور سٺو آھي. خريدار چيو تھ مون کي منظور آھي.
سودو ٺھي ويو ۽ خريداري ٿي وئي. ٿورن ئي ڏينھن کان
پوءِ انھيءَ ٻانھي پنھنجي آقا جي زال کي چيو تھ
تنھنجو مڙس توکي نٿو چاھي. ھاڻ ھو ڪا ٻي زال ٿو
گھر ۾ آڻڻ گھري. مون کي ھڪ منتر ايندو آھي، جڏھن
تنھنجو مڙس سمھي پوي تھن ڪياڙيءَ جي وارن جي جڳ
مون کي پاڪيءَ سان ڪپي ڏجانءِ تھ اھو منتر توکي
پڙھي ڏيان، پوءِ ھو تنھنجو ئي ٿي رھندو. مائيءَ
اھا ڳالھھ منظور ڪئي ۽ مڙس جي سمھڻ جي انتظار ۾
رھي. ھن چالاڪ ٻانھي پنھنجي مالڪ کي وري مخفي طور
ٻڌايو تھ تنھنجي زال ڪنھن ٻئي سان ٿي ناتو رکي ۽
فرصت مليس تھ توکي مارڻ کان بھ ڪا نھ مڙندي.
ازمائش وٺڻي ھجيو تھ سمھڻ جو بھانو ڪري ليٽي ڏسجو.
ھو شخص اھڙي طرح ليٽي پيو جو بيو سمجھي تھ ڄڻ ننڊ
پيو آھي. عورت ويچاري تھ انتظار ۾ ھئي پاڪي کڻي ھن
جي ڀرسان وئي، جيئن جو ھوءَ گردن جي طرف نوڙي تھ
مرد سمجھيو تھ پڪ سان مون کي قتل ڪرڻ ٿي گھري.
فورا اٿندي ئي ھن کي ماري وڌائين. ايتري ۾ ساھرن
کي خبر وڃي پئي جن اچي مڙس جو ڪم صاف ڪري ڇڏيو.
پوءِ اھو فساد مرد ۽ عورت جي ڪٽنبن ۾ ڦھلجي ويو.
ھڪ ٿوري چغليءَ منجھان اھو ايڏو سارو فساد جو ڀڀڙ
مچي ويو.
سترھين آفت
ٻچا پڙائي يا منافقت
سترھين آفت آھي ٻچاپڙائي يا منافقي ڪرڻ. جيڪڏھن ڪو شخص ٻن دشمنن
سان ملي ۽ جنھن جي سامھون وڃي تھ ان جي موافق
گفتگو ڪري تھ ان کي ٻچاپڙائي سڏبو آھي. اھو ناممڪن
آھي جو ماڻھو ٻن دشمنن سان ملي ۽ ٻچاپڙائي يا
منافقي ڪرڻ کان بچي. انھيءَ جو نالو عين نفاق يا
منافقت يا دوزخي (ٻچاپڙائي) آھي. حضرت عمار بن
ياسر حضور ﷺ کان روايت ٿو ڪري تھ ”جنھن کي دنيا ۾
ٻھ رخ يا ٻھ منھن ھوندا ان کي قيامت ۾ باھھ جون ٻھ
زبانون ھونديون.“ ۽ حضرت ابوھريره رضھ کان ھي حديث
مروي آھي تھ پاڻ فرمايائون تھ ”اوھان ڏسندؤ قيامت
جي ڏينھن الله جي ٻانھن منجھان بڇڙا اھي ٻچاپڙا
ھوندا جيڪي ھڪڙن کي ھيئن چوندا ھئا تھ ٻين کي
ھونءَ چوندا ھوا.“ ۽ ھي بھ ابوھريره رضھ جو چوڻ
آھي تھ ٻچاپڙيو ماڻھو ڌڻي تعاليٰ جي اڳيان امين
نٿو ليکيو وڃي. مالڪ بن دينار رضھ ٿو فرمائي تھ
مان توريت ۾ پڙھيو آھي تھ ماڻھو پنھنجن دوستن سان
ٻچاپڙائي جون ڳالھيون ٿو ڪري ۽ وري امانت جو بھ
طالب ٿو رھي. مگر امانت تھ درڪنار قيامت ۾ الله
تعاليٰ اھڙي منھن کي ھلاڪ يا برباد ڪري ڇڏيندو.
آنحضرت ﷺ جن ٿا فرمائن تھ ”خدا تعاليٰ جي مخلوق
منجھان سڀ کان بڇڙا، ھن جي اڳيان، قيامت ۾ ڪوڙ
ڳالھائيندڙ ۽ تڪبر ڪندڙ ھوندا ۽ اھي ماڻھو جيڪي
پنھنجن دلين ۾ ڀائرن لاءِ ڪينو ٿا رکن مگر جڏھن
ملن ٿا تھ ڏاڍو اخلاق سان پيش ٿا اچن ۽ جڏھن الله
۽ ان جي رسول ﷺ جي طرف سڏيا ٿا وڃن تھ سستي ۽ دير
ڪرڻ وارا ٿا ٿين ۽ جڏھن شيطان ۽ ان جي ڪمن جي طرف
سڏيا ٿا وڃن تھ جلدي ڪرڻ وارا ٿا ٿين.“
حضرت ابن مسعود رضھ ٿو فرمائي تھ توھان منجھان ڪنھن کي بھ رڪيبي
مذھب نھ ٿيڻ گھرجي جو جنھن طرف جي ھوا ڏسي انھيءَ
طرف لڙي پوي. مطلب تھ ھن ڳالھھ تي سڀني جو اتفاق
آھي تھ ٻن شخصن سان دوزخي (ھڪڙي سان ھڪڙي ٻئي سان
ٻي) ڳالھھ ڪرڻ نفاق آھي ۽ نفاق جون ڪيئي نشانيون
آھن. ھڪ ھيءَ بھ روايت آھي تھ ھڪڙو شخص اصحابن
منجھان قوت ٿي ويو. حضرت ھذيقه رضھ رازدار حضور ﷺ
جن ھن جي جنازي جي نماز نھ پڙھي . حضرت عمر رضھ ھن
کي فرمايو تھ تعجب جي ڳالھھ آھي جو اصحابن سڳورن
منجھان ڪو مري ۽ تون ان جي جنازي نماز نھ پڙھين.
جواب ڏنائين تھ ياامير المؤمنين اِنه منھم“. تحقيق
ھي انھن منجھان آھي يعني ھي منافقتن منجھان آھي
تنھن تي حضرت عمر رضھ فرمايو تھ مان توکي قسم سان
ٿو چوان تھ ٻڌاءِ تھ مان تھ ”منھم“ منجھان ناھيان.
ھن جواب ڏنو تھ ”نھ“ مگر توھان کان پوءِ مون کي
انھن جو (يعني ٻن اصحابن جو) کٽڪو آھي ۽ توکان
سواءِ ٻين کي نفاق کان بيخوف نھ ڪندس.
ھاڻي اھا ڳالھھ سمجھڻ گھرجي تھ ٻھ رخو ماڻھو ڪھڙين ڳالھين ڪري
ٿو بڻجي. جيڪڏھن ٻن دشمنن وٽ ڪم وڃي ھر ھڪ سان
چڱيءَ طرح سان ملي ۽ گفتگو بھ رڳو سچ جي ڪري نھ تھ
ٻھ رخو چئبو ۽ نھ منافق انھيءَ ڪري جو ممڪن آھي تھ
ٻنھي عداوت رکندڙن سان سچي ڳالھھ ڪئي ھجيس ۽ دوستي
قائم رھي ھجي مگر اھڙي دوستي ضعيف آھي ۽ ڀائي
برادري واري درجي کي نٿي پھچي ڇاڪاڻ تھ پڪي
دوستيءَ ۾ دوست جي دشمن سان دشمني ڪرڻي ٿي پوي. ھن
مان ڏسجي ٿو تھ ٻھ رخو ماڻھو رڳو تڏھن ٿو ٿئي جڏھن
ٻن دشمني رکندڙن منجھان ھڪڙي جي ڳالھھ وڃي ٻئي سان
ڪري ۽ ھي ڪم چغليءَ کان بھ زياده خراب آھي ڇاڪاڻ
تھ چغلخور تھ فقط ھڪ طرف جي ڳالھھ اچي نقل ڪندو
آھي ۽ ھن صورت ۾ تھ ٻنھي جي ڳالھھ ماڻھو ھڪٻئي سان
ٿو ڪري ۽ جيڪڏھن ھڪٻئي جي ڳالھھ نقل نھ ڪري بلڪھ
ھر ھڪ کي ھيءُ ئي چوي تھ تون جو فلاڻي سان دشمني
ٿو رکين اھا تمام سٺي ڳالھھ آھي يا ھر ھڪ کي
پنھنجي منھن سان چوي تھ مان توسان ٻڌل آھيان يا
دشمني جي سببان ھر ھڪ جي تعريف ڪري تھ انھن سڀني
ڳالھين ڪري ھو ٻھ رخو يا ٻچاپڙو سڏبو.
ساڳيءَ طرح اھا بھ ٻھ رخي چئجي جڏھن منھن تي ڪنھن کي چڱو سڏجي ۽
اکين کان ٿورو پري ٿئي تھ ان کي بڇڙو سڏجي بلڪھ
گھرجي تھ ڪجھھ بھ نھ چئجي يا حق واري جي تعريف
ڪجي. خواھ ھن جي روبرو ھجي يا پرپٺ ھجي. انھيءَ حد
تائين جو ھن جي دشمن جي روبرو بھ ھن جي تعريف ڪئي
وڃي ورنھ جيڪڏھن منھن تي ڪڙي ۽ پرپٺ ٻي ڳالھھ ڪندو
تھ منافق ليکبو.
حضرت عمر رضھ کان ڪنھن سوال ڪيو تھ اسان ماڻھو جڏھن اميرن جي
سامھون ٿا وڃون تھ ھڪڙي ڳالھھ ٿا ڪريون ۽ جڏھن
اتان نڪرون ٿا تھ ٻي ڳالھھ ٿا ڪريون. ھن کي ڇا
سمجھڻ گھرجي. پاڻ فرمايائون تھ اسان انھيءَ ڪم کي
حضور ﷺ جن جي عھد مبارڪ ۾ نفاق ڪري ليکيندا
ھئاسين. پوءِ جيڪڏھن ڪنھن کي اميرن وٽ وڃڻ جي
ضرورت نھ ھجي ۽ ھو خواھ مخواھھ ھليو وڃي ۽ اتي خوف
جو ماريو ٿي انھن جي روبرو خوشامد ۽ تعريف ڪري تھ
اھو سڀ نفاق ۾ داخل آھي. انھيءَ ڪري جو بنا ضرورت
جي ھو ويو ڇو؟ جڏھن ھن وٽ ضرورت آھر کائڻ پيئڻ جون
شيون موجود ھيون تھ پوءِ رڳو وڌيڪ مال ۽ شان شوڪت
لاءِ وڃي ھن کي بي فائدو تعريف ڪرڻي پئي جنھن ڪري
منافق بڻيو ۽ اھو ئي مطلب آھي ھن حديث شريف جو تھ
”مال ۽ جاءِ (شن شوڪت) جي محبت دلين ۾ نفاق اھڙي
طرح ٿي اڀاري جھڙيءَ طرح پاڻي سبزي کي ٿو اڀاري.“
مگر جيڪڏھن اميرن وٽ ڪنھن ضرورت سان ڪو ويو ۽ وڃي ڀو کان تعريف
ڪيائين تھ ھو معذور آھي. انھيءَ ڪري جو شر کان
بچاءُ ڪرڻ جائز آھي. جھڙيءَ طرح حضرت ابودردا رضھ
ٿو فرمائي تھ ڪن امڻھن جي سامھون انھن کي ڏيکارڻ
لاءِ اسان کلي ڏيندا آھيون، مگر اسان جون دليون
انھن تي لعنت ٿيون ڪن. حضرت عائشه رضھ ٿي فرمائي
تھ ھڪڙي دفعي ھڪڙي شخص آنحضرت ﷺ جن جي خدمت ۾ اچڻ
جي اجازت گھري. پڻ فرمايائون تھ ھن کي اچڻ ڏيو.
سري قوم ۾ بڇڙو شخص ھي آھي. جڏھن ھو سامھون آيو تھ
پاڻ سڳورن ھن سان نرمائيءَ سان گفتگو فرمائي. جڏھن
ھليو ويو تھ مون عرض ڪيو تھ اوھان تھ ھن جي باري ۾
ٻيو ڪجھھ پئي فرمايو پوءِ نرم گفتگو ڇو فرمايو.
پاڻ فرمايائون تھ ”بيشڪ سڀني ماڻھن ۾ بڇڙو اھو آھي
جنھن جي تعريف ۽ تعظيم ان جي شر جي خوف کان ڪئي
وڃي.“ مگر ھيءَ حالت صرف متوجھ ٿيڻ ۽ مرڪڻ تائين
محدود آھي مگر تعريف ڪرڻ صفا چٽو ڪوڙ آھي. اھو
ڪنھن سخت ضرورت کان سواءِ درست ناھي. جيسين ڪا
اھڙي صورت پيدا نھ ٿئي جنھن سان ڪوڙ ڳالھائڻ مباح
ٿي وڃي، جھڙيءَ طرح ڪوڙ جي آفت ۾ بيان ٿي چڪو آھي.
ارڙھين آفت
ساراھھ ڪرڻ
ارڙھين آفت آھي تعريف يا مدح يا ساراھھ. ھيءَ بھ ڪن موقعن تي
منع ڪيل آھي ۽ ھجو تھ عين غيبت آھي جنھن جو بيان
اڳي ٿي چڪو آھي. تعريف يا ساراھھ ۾ ڇھھ آفتون رکيل
آھن. انھن منجھان چار تھ ان سان ٿيون تعلق رکن
جيڪو ساراھھ ٿو ڪري ۽ ٻھ ممدوح (جنھن جي ساراھھ
ڪئي وڃي) سان لاڳو آھن. ساراھھ ڪرڻ واري سان جيڪي
تعلق رکندڙ چار آفتون آھن سي ھي آھن:
پھرين آفت ھيءَ آھي تھ تعريف ۾ ماڻھو بعضي افراط ۽ زيادتي ايتري
ٿو ڪري جو ڪوڙ ٿئي ٿو پوي. خالد بن معدان ٿو چوي
تھ جيڪو شخص ڪنھن جي تعريف ھڪ وڏي ميڙ ۾ اھڙي
ڳالھھ سان ڪري جيڪا ممدوح ۾ نھ ھجي تھ خدا تعاليٰ
ھن کي قيامت ۾ ٻاتو يا ھڪڙ ڪري اٿاريندو.
بي آفت آھي ساراھھ ۾ گھڻو ڪري رياء کي دخل ھوندو آھي. مثلا
تعريف ۾ ممدوح لاءِ محبت جو اظھار ڪيو ويندو آھي
مگر دل ۾ ھن جي محبت ڪجھھ بھ نھ ھوندي آھي. انھيءَ
ڪري ماڻھو رياڪار ۽ منافق بڻجي ٿو پوي.
ٽين آفت اھا آھي تھ ساراھھ ڪندڙ ڪي ڳالھوين ۽ ڪي وصفون اھڙيون
ٿو بيان ڪري جو انھن جي خبر بھ نھ ھوندي اٿس تھ
ممدوح ۾ آھن يا ناھن ۽ نھ انھن کان آگاھھ ٿيڻ جو
ڪو رستو ئي ٿئي ٿو سگھي. جيئن جو ھڪ حديث شريف ۾
آھي تھ ھڪڙي شخص ٻئي جي تعريف آنحضرت ﷺ جن جي
اڳيان ڪئي تھ پاڻ ساراھھ ڪندڙ کي فرمايائون تھ
”ھلاڪت ھجي تنھنجي لاءِ تو پنھنجي ساٿيءَ جي ڳچي
ڪپي ڇڏي. جيڪڏھن ھو ٻڌندو تھ فلاح يا ڇوٽڪارو نھ
پائيندو“ ۽ پوءِ فرمايائون تھ جيڪڏھن اوھان منجھان
ڪو ضرور ڪنھن جي تعريف ڪرڻ چاھي تھ ھن کي گھرجي تھ
ھيئن چوي تھ مان فلاڻي شخص لاءِ ھي گمان ٿو ڪريان
۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان ڪنھن جو تزڪيھ يعني پاڪائي
جو فيصلو نٿو ڪريان انھيءَ جو ڄاڻڻھار خدا تعاليٰ
آھي جيڪڏھن ھو ڄاڻي تھ ھو اھڙو آھي، يعني ايترو بھ
تڏھن چوي جڏھن ھو تعريف جي لائق سچ پچ ھجي. مطلب
تھ اھڙين وصفن سان تعريف ڪرڻ جيڪي رڳو دليلن سان
معلوم ٿي ٿيون سگھن ھن آفت ۾ داخل آھن. مثلا ھي
چوڻ تھ فلاڻو شخص متقي ۽ پرھيزگار ۽ زاھد ۽ خيرات
ڏيندڙ وغيره وغيره آھي تھ اھڙي قسم جون وصفون مخفي
ھونديون آھن ۽ باطن سان تعلق ٿيون رکن. جيسين
ماڻھو باطن جي آزمائش نھ ڪري تيسين يقين سان انھن
وصفن جو حوالو نھ ڏيڻ گھرجيس. ھا، جيڪڏھن ھي چوي
تھ مان ھن کي تھجد پڙھندي ڏٺو آھي يا حج ۾ ڏٺو آھي
يا خيرات ڏيندي ڏٺو آھي تھ اھي ڳالھيون ھو يقيني
طور چئي ٿو سگھي. ساڳيءَ طرح ھي بھ چئي ٿو سگھي تھ
ھو مقبول ۽ عادل گواھي جي لائق آھي ڇاڪاڻ جو ھي
ڳالھيون ظاھر سان ٿيون تعلق رکن ۽ رڳو ڏسڻ سان
انھن جو يقين ٿي ٿو سگھي. حضرت عمر رضھ ھڪڙي
ماڻھوءَ کي ٻئي جي تعريف ڪندي ٻڌو. پاڻ تعريف ڪرڻ
واري کان پڇيائون تھ تو ھن سان سفر ڪيو آھي يا ھن
سان ڪڏھن خريد فروخت يا ڏيتي ليتي ڪئي اٿئي يا ھن
جو پاڙيسري ٿيو آھين جو ھن سان صبح سام رھندو
ھجين. ھن ماڻھوءَ جواب ڏنو تھ انھن ڳالھين منجھان
تھ ڪائي بھ ڪانھي. پاڻ فرمايائونس تھ پوءِ تون ھن
جي تعريف نھ ڪر.
چوٿين آفت ھي آھي تھ ساراھھ ڪرڻ وارو ممدوح کي باوجود ظالم ۽
فاسق ھئڻ جي پنھنجي ساراھھ سان خوش ٿو ڪري ۽ اھو
ناجائز آھي. جيئن جو حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ”جڏھن
فاسق جي ڪوئي تعريف ٿو ڪري تھ الله تعاليٰ کي غصو
ٿو لڳي.“ حضرت حسن رحھ ٿو فرمائي تھ جيڪو ظالم
لاءِ وڏي عمر جي دعا ٿو گھري اھو ھن ڳالھھ کي پسند
ٿو ڪري تھ زمين جي تختي تي الله تعاليٰ جي وڌيڪ
نافرماني ٿئي. ھن مان ثابت ٿيو تھ ظالم يا فاسق
انھيءَ ڳالھ جو مستحق آھي تھ ھن جي مذمت ڪئي وڃي
انھيءَ لاءِ تھ ھن کي رنج ٿئي. ھن کي ڪوڙي تعريف
ڪري خوش ڪرڻ نھ گھرجي.
ٻھ ڳالھيون جيڪي ممدوح جي ضرر جون آھن ۽ ھي ٻئي صفتون تباھي
آڻيندڙ آھن. انھن منجھان ھڪ اھا آھي تھ تعريف ٻڌڻ
سان ھن ۾ وڏائي ۽ ٽانءِ پيدا ٿي ٿئي. حضرت حسن رحھ
کان روايت آھي تھ حضرت عمر رضھ ھڪ دفعي درو کنيو
ويٺو ھو ۽ ماڻھو ان جي چوڌاري ويٺا ھئا تھ ايتري ۾
جارود بن منذر آيو. ھڪڙي ماڻھوءَ ھن لاءِ چيو تھ
ھي ربيعه جي قوم جو سردار آھي. خليفي رضھ پاڻ ۽
ماڻھن اھو ٻڌو ۽ ھو جڏھن ويجھو آيو تھ خليفي صاحب
ھن کي آھستي آھستي دري سان ڌڪ ھنيا. ھن عرض ڪيو تھ
ھي ڇا ڳالھھ آھي. پاڻ چيائونس تھ تو ٻڌو ڪو نھ تھ
فلاڻي شخص تو لاءِ ڇا چيو. جواب ڏناين تھ مان ٻڌو
تھ ھو. پاڻ فرمايائونس تھ مون کي ھي خوف ٿيو تھ
متان توکي انھيءَ تي شيخي اچي وڃي تنھنڪري مان
تنھنجي نفس کي نيچي ڪرڻ لاءِ اھا ڳالھھ ڪئي.
ٻي آفت ممدوح لاءِ اھا آھي تھ جڏھن تعريف منجھان ھي معلوم ٿيندس
تھ مان نيڪ آھيان تھ پنھنجي وڌيڪ بھتري لاءِ سستي
ڪندو. ڇاڪاڻ تھ عمل ۾ ڪوشش اھو ئي چڱي طرح ڪندو
آھي جنھن کي اھا ڳالھھ معلوم ھوندي آھي تھ منھنجي
نفس ۾ قصور ۽ ڪمي آھي ۽ جڏھن ماڻھن جي زبان منجھان
رڳي تعريف ٻڌندو تھ سمجھندو تھ مان ڪامل ٿي ويو
آھيان. ھاڻي عمل جي ضرورت ڪانھي ۽ انھيءَ واسطي تھ
مٿي ذڪر ڪيل حديث ۾ ارشاد ھو تھ ”تو پنھنجي يار جي
ڳچي ڪپي ڇڏي. جيڪڏھن ھو تعريف ٻڌندو تھ فلاح
(ڇوٽڪارو) نھ پائيندو.“ ۽ ٻي حديث ۾ آيو آھي تھ
”جڏھن تو ساراھھ ڪئي پنھنجي ڀاءُ جي ان جي منھن تي
تھ تو ڄڻ پاڪي ھلائي ھن جي نڙ گھٽ تي“ ۽ حضور ﷺ جن
ھڪڙي ساراھھ ڪندڙ کي فرمايو تھ ”تو ڳچيون ڪپي
ڇڏيون ھن ماڻھوءَ جون، خدا تنھنجون ڳچيون ڪپي“.
مطرف ٿو چوي تھ مان جڏھن بھ ڪنھن کان پنھنجي
ساراھھ ۽ تعريف ٻڌي آھي تھ منھنجو نفس منھنجي
اڳيان ذليل ٿي ويو آھي ۽ زياد بن ابي مسلم جو قول
آھي تھ جڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي تعريف ٻڌندو آھي تھ
شيطان ان کي فخر ۽ وائيءَ ۾ مبتلا ڪندو آھي. مگر
ايماندار ماڻھو ھن ڳالھھ کان محفوظ ٿو رھي. ھن
منجھان اھو حاصل ٿيو تھ عوام جي لاءِ تعريف زھر
قاتل آھي مگر خاص ماڻھو ان جي آفت کان بچيل ٿا رھن
۽ ھڪڙي حديث ۾ آھي تھ ”جيڪڏھن ھڪڙو ماڻھو ٻئي ڏي
تکي ڇري کڻي وڃي تھ اھو بھتر آھي انھيءَ کان جو ھن
جي تعريف ھن جي منھن تي ڪري.“ ۽ ھضرت عمر رضھ ٿو
فرمائي تھ تعريف ڪرڻ ذبح ڪرڻ جي برابر آھي. ھي
انھيءَ ڪري فرمايائون جو ذبح کان پوءِ ڪو بھ ڪم ٿي
ڪو نھ ٿو سگھي ۽ تعريف جي ڪري بھ سستي وٺي ٿي وڃي
۽ ماڻھو عمل کان باز رھجي ٿو وڃي. يا ھي تھ تعريف
جي ڪري وڏائي ۽ ٽانءِ جھڙيون ھلاڪ ڪندڙ صفتون پيدا
ٿيون ٿين ۽ ھي بھ گويا رنج ٿيڻ جي برابر آھي. مگر
جيڪڏھن تعريف انھن ڳالھين کان خالي آھي. جيڪي مٿي
بيان ٿي چڪيون آھن تھ پوءِ ان ۾ ڪو مضائقو ناھي
بلڪھ اھڙي قسم جي تعريف مستحب آھي جھڙيءَ طرح
آنحضرت ﷺ جن اصحابن سڳورن جي تعريف فرمائي آھي.
حضرت ابوبڪر صديق رضھ جي شآن ۾ فرمايائون تھ
”جيڪڏھن توريو وڃي ايمان ابوبڪر جو ساري جھان جي
ايمان سان تھ ھن جو ايمان ئي ڳرو رھندو.“ ۽ حضرت
عمر رضھ جي شان ۾ فرمايائون تھ ”جڪڏھن مان مبعوث
نھ ٿيان ھا (يعني نبي ڪري نھ موڪليو وڃان ھا) تھ
اي عمر تون (پيغمبر ڪري) موڪليو وڃين ھا“ ۽ انھيءَ
کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي تعريف ھوندي مگر آنحضرت ﷺ جن کي
جيڪي بصيرت جي نور سان معلوم ٿيو اھو ظاھر
فرمايائون. تنھن کانسواءِ آنحضرت ﷺ جن جو رتبو
ايڏو وڏو ھو جو ھن قسم جي تعريف کان وڏائي ۽ فخر
جي خاڪ انھن جي دل جي دامن پاڪ جي مٿان اثر نھ ٿي
ڪري سگھي. مٿين ڳالھين منجھان ٿابت ٿو ٿئي تھ
پنھنجي زبان سان پنھنجي تعريف يا وڏائي ظاھر ڪرڻ
تھ ويتر وڌيڪ بڇڙي ڳالھھ آھي. انھيءَ ڪرڻ سان
ماڻھو پاڻ ۾ اڇائي وڏائي ۽ فخر ٿو پيدا ڪري. ھن
ابري ۾ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ”مان آدم جي اولاد
جو سردار آھيان ۽ ڪوئي فخر ڪونھي.“ يعني ھي قول
فخر جي لحاظ کان نٿا چئون جھڙيءَ طرح ٻيا ماڻھو
چوندا آھن جو پنھنجي زبان سان پاڻ ميان مٺو بڻبا
آھن ۽ اھا ڳالھھ صاف ظاھر آھي تھ آنحضرت ﷺ جو فخر
الله تعاليٰ جي قرب جي سببان ھو ۽ نھ انھيءَ ڪري
جو آدم جي اولاد جي سرداري ملي ھين ۽ ٻين ماڻھن جي
مقابلي ۾ مقدم ھئا. ھن ڳالھھ جو مثال ھي وٺڻ گھرجي
تھ ڪو بادشاھھ جيڪڏھن ڪنھن کي زياده قبول
فرمائيندو آھي تھ ھن کي بادشاھھ وٽ مقرب ۽ معتبر
ھئڻ جو فخر ھوندو آھي ۽ نھ انھيءَ ڪري جو ھن کي
رعايتي برتري يا فضيلت ملندي آھي.
ھاڻي جڏھن آفتن جو تفصيل معلوم ٿيو تڏھن خبر پئجي وئي تھ ساراھھ
جي برائي ڪھڙن سببن ڪري ٿي ٿئي ۽ ھن ڳالھھ تي جو
حديثن ۾ ترغيب مليل آھي ان جو ڇا مطلب آھي مثلا
آنحضرت ﷺ جن ھڪ ٻئي شخص جي باري ۾ فرمايو ”وجيت“
يعني ھي ضرور جتي ٿيو (يا ھن تي جنت واجب ٿي).
پھريائين ماڻھن ھن جو ذڪر خير ڪيو تڏھن پاڻ اھو
لفظ فرمايائون، انھي مان صاف ظاھر آھي تھ ٻئي جو
ذڪر خير ئي ڪرڻ گھرجي ۽ مجاھد رضھ ٿو فرمائي تھ
آدمي سان گڏ ويھڻ وارا فرشتا آھن. جڏھن ڪو مسلمان
ٻئي مسلمان جي نيڪيءَ جو ذڪر ڪندو آھي تھ فرشتا
چوندا آھن تھ توکي بھ خداوند ڪريم اھڙو ڪري ۽ جڏھن
ڪنھن جي برائيءَ جو بيان ڪندو آھي تھ فرشتا چوندا
آھن تھ اي آدم جي اولاد، خدا تعاليٰ تنھنجا عيب
لڪل رکي تون ھاڻي بس ڪر ۽ ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آڻ.
باقي رھي اھا ڳالھھ تھ ممدوح کي تعريف کان پوءِ ڇا ڪرڻ گھرجي.
جيڪڏھن ڪو پنھنجي تعريف ٻڌي تھ يڪدم اھو خيال ڪري
تھ خاتمي جو وقت نازڪ ۽ خطري وارو آھي ۽ اعمالن تي
ڪو ڀروسو ڪونھي. سوين آفتون رياء وغيره جون لڳيون
پيون آھن ۽ پنھنجن عيبن کي بھ ويچار ۾ آڻي جن کي
ھو پاڻ بخوبي ڄاڻي ٿو ۽ تعريف ڪرڻ واري کي انھن جي
خبر ڪانھي. جيڪڏھن ھن کي پنھنجن اندروني لڪل حالتن
۽ خيالن جو حال معلوم ٿيندو تھ تعريف ڪرڻ واري کي
ساراھھ ڪرڻ کان باز رکندو ۽ پوءِ پاڻ انھيءَ تعريف
تي ڪراھت ڪري ساراھھ ڪرڻ واري کي ذليل ۽ پشيمان
ڪري جيئن جو حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ”تعريف ڪرڻ
وارن جي منھن ۾ مٽي (يا ڌوڙ) وجھو.“ ۽ سفيان بن
عينيه ٿو فرمائي تھ جيڪو شخص پنھنجي نفس کي ڄاڻي
سڃاڻي ٿو ان کي ساراھھ سان ضرر نٿو ٿئي. ھڪڙي ٻئي
صالح بندي جي ڪنھن تعريف ڪئي تھ ھن فرمايو تھ اي
منھنجا رب، ھي ماڻھو مون کي نٿا ڄاڻن ۽ تون منھنجي
حال کي ڄاڻين ٿو ۽ ھڪڙي ٻئي بزرگ تعريف کانپوءِ
فرمايو تھ اي منھنجا سائين تنھنجي ھن بندي منھنجو
قرب اھڙي ڳالھھ سان چاھيو آھي جنھن ۾ تون ناخوش
ھجين. مان توکي گواھ ٿو بڻايان تھ مان ھن کان
ناخوش آھيان. حضرت علي رضھ جي تعريف ڪنھن ڪئي تھ
پاڻ فرمايائون تھ اي منھنجا الله! جنھن ڳالھھ جي
ھنن کي خبر ڪانھي ۽ منھنجي باري ۾ چون ٿا تھ ان جو
مون کان مواخذه نھ فرماءِ. مغفرت ڪر ۽ مون کي جيڪي
ھو چون ٿا ان کان بھتر ڪر. ھڪڙي شخص جي حال جي پاڻ
کي خبر ھين تھ پرپٺ گھٽ وڌ ڳالھائيندو آھي. انھيءَ
جڏھن منھن تي اچي ساراھھ ڪئي تھ پاڻ فرمايائون تھ
جيڪي تون زبان سان چئي رھيو آھين انھيءَ کان تھ
مان گھٽ آھيان مگر جيڪا ڳالھھ تنھنجي دل جي اندر
آھي ان کان زياده آھيان. ھڪ شخص حضرت عمر رضھ جي
تعريف ڪئي تھ پاڻ فرمايائون تھ تون مون کي ۽
پنھنجو پاڻ کي. ٻنھي کي ھلاڪ ڪرڻ ٿو گھرين.
اوڻويھين آفت
باريڪ غلطيون
اڻويھين آفت آھي ڳالھھ جي مضمون ۾ تمام باريڪ غلطين کان غافل ٿي
وڃن، خصوصا جيڪي ڳالھيون الله تعاليٰ ۽ ان جي صفتن
سان ٿيون تعلق رکن يا دين جي ڪمن بابت آھن. عالم
شخص تھ اھي دوست ڪري استعمال ڪندا آھن باقي عوام
جن کي علم گھٽ ھوندو آھي ان ۾ غلطي ڪري ويھندا
آھن. مگر لاعلمي سببان الله تعاليٰ معاف ڪري ٿو
ڇڏي ۽ اھي ڳالھيون اھڙيون آھن جھڙوڪ حضرت حذيقه
رضھ ٿو فرمائي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ ”توھان
مان ڪوئي ھي تھ چوي تھ جيڪي خدا تعاليٰ ۽ تون
گھرين بلڪھ ھي چوي تھ جيڪي الله تعاليٰ گھريو ۽
پوءِ تو گھريو“ يعني الله تعاليٰ جي مثبت ۽ خواھش
سان گڏ ٻئي کي شريڪ ڪري چوڻ نھ گھرجي تھ خدا ۽ تون
چاھيندين تھ ھيئن ٿيندو. ھن ۾ بي تعظيمي ۽ بي ادبي
ٿي ٿئي. بلڪھ جي چوڻ گھرجي تھ مقدم ترھ مثبت ايزدي
آھي ۽ پوءِ تنھنجو ارادو اھو آھي. حضرت ابن عباس
رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙو ماڻھو آنحضرت ﷺ جن وٽ آيو ۽
گفتگو ۾ چئي ويٺو تھ خدا ۽ ان جي رسول چاھيو تھ“
پاڻ فرمايائونس تھ تون مون کي خدا تعاليٰ جو شريڪ
ٿو ڪرين. بلڪھ ھيئن چئو تھ ”ماشاءَ الله وحده
(يعني جيڪي فقط ھڪڙي الله تعاليٰ گھريو)“. ھڪڙي
شخص آنحضرت ﷺ جي سامھون خطبو پڙھيو جنھن ۾ چيائين
تھ ”جنھن الله ۽ ھن جي رسول جي فرمانبرداري ڪئي
انھيءَ ھدايت پاتي ۽ جنھن ٻنھي جي نافرماني ڪئي
اھو گمراھھ ٿيو.“ اھو ٻڌي پاڻ فرمايائونس تھ پويون
فقره ٻيھر چئو“ جنھن الله ۽ الله جي رسول جي
نافرماني ڪئي اھو گمراھھ ٿيو.“ يعني ”بنھي“ جو لفظ
جيڪو تثنيه جو صيغو آھي ۽ شرڪت ۽ برابري جي معنيٰ
ٿو ڏيکاري اھو بھ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي چڱو نھ لڳو.
ابراھيم رحھ انھيءَ ڳالھھ کي برو سمجھندو ھو جو
ڪوئي چوي تھ ”خدا جي پناھھ ۽ تنھنجي بناه“ بلڪھ
چوندو ھو تھ چوڻ گھرجي تھ ”خدا جي بناء ۽ پوءِ
تنھنجي بناء“.
ڪي ماڻھو ھي چوڻ بھ خراب سمجھندا آھن تھ ”اي الله! دوزخ کان
اسان کي آزاد ڪجانءِ“ ۽ انھيءَ جو سبب ھي ٿا ڏين
تھ آزاد يا آجو ڪرڻ دوزخ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ٿو ٿي
سگھي. انھيءَ ڪري ڪھڙو ضرور آھي جو ماڻھو اھڙو
ڪلمو چوي، ھيئن ڇو نھ چوي تھ ”اي الله! اسان کي
دوزخ کان بڪچاءَ ۽ پناھھ ۾ رک.“ ۽ ھڪ شخص دعا گھري
تھ اي منھنجا الله مون کي انھن ماڻھن منجھان ڪر جن
کي روز جزا جي شافع حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شفاعت
نصيب ٿئي. انھن جي شفاعت گنھگارن لاءِ ھوندي.
(انھيءَ جي معنيٰ تھ ھن ماڻھو گھنھگار ٿيڻ جي دعا
گھري). ابراھيم رحھ ٿو فرمائي تھ جڏھن ڪو ماڻھو
ٻئي کي ڪتو يا سوئر ٿو سڏي تھ قيامت جي ڏينھن ھن
کان پڇيو ويندو تھ ٻڌاءِ تھ سھي مان ھن کي گڏھھ
بڻايو ھو يا سوئر جو تون ھن کي انھن لفظن سان
سڏيندو ھئين؟ حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي تھ
توھان منجھان ڪي ماڻھو اھڙو شرڪ ٿا ڪن جو ڪتي کي
بھ شريڪ ٿا بڻائن ۽ چون ٿا تھ جيڪڏھن ھي ڪتو نھ
ھجي ھا تھ رات جيڪر ڦرجي وڃون ھا. افسوس جو حافظ
حقيقي جو ڪو بھ خيال ڪو نھ ٿا رکن. حضرت عمر رضھ
ٿو فرمائي تھ جڏھن کان مان آنحضرت ﷺ جن کان ٻڌو
آھي تھ ”تحقيق الله تعاليٰ توھان کي پنھنجن ابن
ڏاڏن جو قسم کڻڻ کان منع ٿو فرمائي“ تھ مان اھڙي
قسم جو قسم وري ڪڏھن بھ نھ کنيو آھي. حضرت
ابوھريره رضھ کان روايت آھي تھ توھان منجھان ڪو
ھيئن نھ چوي تھ ھي منھنجو ٻانھو آھي يا ھيءَ
منھنجي ٻانھي آھي ڇاڪاڻ تھ ٻانھا ۽ ٻانھيون سڀ
الله جا آھن بلڪھ ھي چوي تھ ھي منھنجو ڇوڪرو يا
ڇوڪري آھي يا نوڪر يا نوڪرياڻي آھي .ساڳيءَ طرح
ٻانھي کي بھ پنھنجي مالڪ کي آقا يا سدار سڏڻ گھرجي
۽ رب جو لفظ انھيءَ لاءِ ھرگز ڪم نھ آڻي ڇاڪاڻ جو
سڀني جو رب يعني پالڻ وارو اھو ھڪ الله آھي. ٻيءَ
حديث ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”منافق کي
سيدنا يا سردار ڪري نھ سڏيو ڇاڪاڻ جو ھو توھان جو
سردار بڻيو تھ الله تعاليٰ توھان تي ڏمر ڪندو.“ ۽
اھو بھ فرمايو اٿن تھ ”جيڪو شخص ھي چوي تھ مان
اسلام کان بري آھيان تھ جيڪڏھن سچو آھي تھ جيئن ھو
چوي ٿو تيئن ٿيندو ۽ جيڪڏھن ڪوڙو آھي تھ اسلام جي
طرف وري سلامتيءَ سان نھ موٽندو. غرض تھ اھڙي قسم
جون ڳالھيون جيڪي رات ڏينھن انسانن جي زبان منجھان
نڪرنديون ٿيون رھن اھي سڀ آفتن ۾ دخل آھن ۽ جيڪڏھن
ويچار ٿو ڪجي تھ اھڙيون ڳالھيون روزانھ سون جي
تعداد ۾ نڪري ٿيون وڃن ۽ جيڪو شخص زبان جي آفتن کي
غور سان ڏسندو ان کي يقين ٿي ويندو تھ جيڪڏھن زبان
کي نھ روڪيندس تھ بيشڪ نھ پڇندس ۽ انھيءَ وقت ھن
حديث شريف جي حڪمت معلوم ٿيندس تھ ”جنھن چپ ڪئي
انھيءَ نجات پاتي.“ ڇاڪاڻ تھ آفتون سڀ مھلڪ يعني
تباھھ ڪندڙ آھن ۽ ڳالھا؟ڻ واري جو دڳ وٺيو ويٺيون
آھن. جيڪڏھن چپ ڪري لنگھي ويو تھ سلامت رھندو ۽
جيڪڏھن ڪجھھ ڪڇندو تھ پنھنجي نفس کي خطري ۾
وجھندو. مگر جيڪڏھن زبان فصيح اٿس ۽ گھڻو علم،
تقويٰ، دائمي مراقبو ۽ ٿوري ڳالھائڻ جي عادت ٿو
رکي تھ شايد بچي وڃي. پر انھن سڀني ڳالھين ھوندي
بھ خطري کان خالي ٿي نٿو سگھي. پوءِ جڏھن ماڻھوءَ
کي گفتگو ڪرڻ سان ڪو فائدو نٿو ملي تھ بھتر آھي تھ
چپ رھي جنھن منجھان ٻيو فائدو نھ ٿيس تھ ڪم از ڪم
آفتن کان تھ بچيو رھندو. اھا ئي غنيمت آھي. ھڪڙي
پارسيءَ واري چيو آھي تھ خاموشيءَ جي اھا معنيٰ
آھي جيڪا لفظن ۾ ادا ٿي نھ سگھي.
ويھين آفت
الله تعاليٰ جي صفتن ۽ ڪلام
بابت سوال ڪرڻ
ويھين آفت آھي الله تعاليٰ جي صفتن ۽ ڪلام بابت سوال ڪرڻ تھ ھي
قديم آھن يا حادث حالانڪھ عوام کي تھ فقط اھو
گھرجي تھ جيڪي قرآن شريف ۾ حڪم آھن انھن موجب عمل
ڪن. مگر ھيءَ ڳالھھ نفس ٿي گردان ٿي گذري ۽
بيھودهڳالھيون دل کي ڏاڍيون آسان لڳنديون اھن ۽
عام ماڻھو دخل دي معقولات ڪرڻ ۾ خوش ٿيندا آھن
ڇاڪاڻ تھ شيطان انھن جي دلين ۾ اھا ڳالھھ ڄمائي
ڇڏيندو آھي تھ توھان وڏا عالم ۽ فاضل آھيو ۽ ايتري
قدر ھن ڳالھھ کي انھن جي دل ۾ پڪو ڪري ٿو ڇڏي جو
بعضي بعضي ڪفر جا ڪلما بھ انھن جي زبان منجھان
نڪري ويندا آھن ۽ انھن کي پتو ئي نھ پوندو آھي
۽عامي ماڻھوءَ لاءِ تھ علمي گفتگو ڪرڻ کان ڪو ڪبير
گناه ڪرڻ چڱو آھي خصوصا الله تعاليٰ جي صفتن ۽
ڪالم بابت. انھن ۾ تھ ھن لي ڪا گفتگو ڪرڻ ئي نھ
کپي. ھن کي گھرجي تھ جيڪي قرآن شريف ۾ نازل ٿيو
آھي ان تي ايمان آڻي ۽عبادات ۾ مشغول ٿي وڃي ۽
جيڪي الله تعاليٰ پنھنجي رسول جي معرفت اسان ڏانھن
موڪليو آھي تنھن کي مڃي ۽ ڪو بحث يا تڪرار نھ ڪري.
جيڪي ڳالھيون عبادات سان تعلق نٿيون رکن انھن جو
پڇڻ بي ادبي آھي. انھيءَ ڪرڻ سان ماڻھو الله
تعاليٰ جي مدد جي غصي جا مستحق بڻجي ٿا پون ۽ ڪفر
جي خطري ۾ پئجي ٿا وڃن ھنن جو مثال اھڙو آھي جھڙو
سرڪاري گھوڙن جا سائس بادشاھي رازن جي معلوم ڪرڻ
جي پٺيان پون. ( يعني ھڪڙي گھوڙي جي سائس بادشاھي
رازن ٧ سياست سان ڪھرو واسطو). پوءِ جيڪو ماڻھو
اھڙي دقيق مسئلي ۾ پودو جنھن کي ھن جو عقل پھچي
نٿو سگھي ۽ ھن جو فھم انھيءَ درجي کان گھٽ آھي تھ
اھو شخص بھ انھيءَ علم ۾ عامي ۽ جاھل جي برابر
آھگي ۽ اھڙي سوال ڪرڻ ڪري عقوبت ۽ مذمت جي لائق
ٿيندو. انھيءَ واسطي حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ”
جيڪا شيءِ مان توھان کي ٻڌائڻ ڇڏي ڏني آھي انھيءَ
کي مون تائين ڇڏي ڏيو ڇاڪاڻ تھ توھان کان اڳيان
ماڻھو ھلاڪ ٿيا جو (اھڙين ڳالھين بابت ) سوال
ڪيائون ۽ نين سان اختلاف ڪيائون.
پوءِ توھان پاسو ڪريو انھيءَ ڳالھھ کان جنھن کان مون اوھان کي
منع ڪئي آھي ۽ بجا آڻيو جيترو اوھان کان ٿي سگھي
اھي ڳالھيون جن لاءِ مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي.“ ۽
آنحضرت ﷺ جن کان ايتري قدر ڪثرت سان سوال ڪيا جو
پاڻ تنگ ٿي غصي ۾ اچي ويا ۽ منبر تي چڙھي
فرمايائون جيڪي پڇندو سو توھان کي ٻڌائيندس. ھڪڙو
شخص اٿي بيھي پڇڻ لڳو تھ منھنجو پيءُ ڪير آھي. پاڻ
فرمايائون تھ تنھنجو پيءُ خدافھ آھي. ھن کان پوءِ
ٻيا ٻھ ڀائر اٿي بيٺا. انھن سوال ڪيو تھ اسان جو
پيءُ ڪير آھي جواب ڏنائون تھ جنھن جا پٽ ٿا سڏايو.
تنھن کان پوءِ ھڪڙو شخص اٿي بيٺو ۽ سوال ڪيائين تھ
مان بھشت ۾ وندس يا دوزخ ۾. پاڻ فرمايائون تھ دوزخ
۾“ جڏھن ماڻھن پاڻ سڳورن ﷺ جو غصو ۽ جلال ڏٺو تھ
خاموش ٿي ويا ۽ ڪنھن کي بھ وڌيڪ سوال ڪرڻ يا پڇڻ
جي جرات نھ ٿي. ايتري ۾ حضرت عمر رضھ سامھون بيھي
عرض ڪرڻ لڳو تھ ”اسان انھيءَ ۾ راضي آھيون تھ الله
اسان جو رب آھي ۽ دين اسان جو اسلام آھي ۽ محمدﷺ
اسان جو برحق نبي آھي.“ حضورﷺ جن فرمايو تھ اي
عمر! تون ويھي رھ. مون کي ائين معلوم ٿو ٿئي تھ
الله تعاليٰ جي توفيق توسان رفيق (گڏ) آھي. بي
حديث ۾ آھي تھ حضورﷺ جن بحث مباحثي ڪرڻ، مال کي
تلف يا اجايو ضايع ڪرڻ ۽ گھڻن سوالن سان پڇ پڇ ڪرڻ
کان منع ڪئي آھي ۽ ھي ٻيو بھ آيو آھي تھ، پاڻ
فرمايائون تھ مون کي ائين ٿو معلوم ٿئي تھ ماڻھو
ڪٿرت سان سوال ڪندي ڪندي ھيئن چون لڳندا تھ خلق کي
خدا تعاليٰ خلقيو آھي، مگر خدا کي ڪنھن پيدا ڪيو؟
پوءِ جڏھن ھي قول جون تھ سوره اخلاص سڄي پڙھن ۽
کٻي پاسي تي ٽي دفعا ٿو ٿو ڪن ۽ شيطان رجيم کان
جناب باري ۾ پناھھ گھرن ۽ حضرت جابر رضھ ٿو فرمائي
تھ ٻن لعنتن واري آيت جيڪا سوره نور جي پھرين رڪوع
۾ آھي رڳو ڪثرت سان سوالن پڇڻ جي سبب ڪري نازل ٿي
ھئي ۽ حضرت خضر ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام جي قصي
منجھان تھ اھو صاف ثابت آھي تھ بي موقعو سوال ھرگز
ڪرڻ نھ گھرجي ۽ جنھن ڳالھھ جي پروڙڻ جو پاڻ کي
شعور نھ ھجي تھ اھا ھرگز دريافت ڪرڻ نھ گھرجي.
حضرت حضر جو حضرت موسيٰ سان وعدو ھو تھ جيسين مان
پاڻ نھ چوان تيسين مون کان ڪا ڳالھھ نھ پڇجانءِ.
مگر جڏھن حضرت موسيٰ ٻيڙيءَ جو احوال پھريائين
پڇيو تھ حضرت خضر کي برو لڳو ۽ حضرت موسيٰ کي وعدو
ياد ڏياريو. حضرت موسيٰ عذر پيش ڪيو تھ ڀل چڪ کان
پڇيو اٿم معاف ڪريو. پر جڏھن ٽي دفعا ائين ٿيو تھ
حضرت خضر فرمايو تھ ھٰذا فراق بَيني و بَينک ”ھيءَ
جدائي آھي تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾“ ۽ حضرت موسيٰ کي
ڇڏي ھليو ويو.
ڳالھھ جو حاصل مطلب ھي نڪتو تھ عام ماڻھن جي لاءِ باريڪ علمي
ڳالھيون پڇڻ ھڪ وڏي آفت آھي ۽ انھيءَ منجھان
ڪيترائي فتنا پيدا ٿا ٿين. انھيءَ ڪري انھن جي نھ
پڇڻ ۾ ئي مصلحت (چڱائي) آھي ۽ قرآن جي لفظن ۽ اکرن
۾ ماڻھن جو بحث ڪرڻ ائين آھي جيئن ڪوئي بادشاھھ
ڪنھن ماڻھوءَ ڏي پنھنجو فرمان ناھي موڪلي ۽ ڪي
ضروري حڪم ان ۾ لکي ۽ ھو ماڻھو حڪمن جي طرف نھ
ڌيان ئي نھ ڏي بلڪھ پنھنجو وقت انھيءَ ۾ وڃائي ڇڏي
تھ ھن فرمان جو ڪاغذ پراڻو آھي يا نئون. ھن ڪم ڪرڻ
سان بيشڪ ھو سزا جو مستحق ٿيندو. ساڳيءَ طرح
جيڪڏھن جاھل آدمي بھ قرآن مجيد جي ضروري عبادتن کي
ڇڏي رڳو لفظن جي عبارتن جي بحث ۾ وقت ضايع ڪندو تھ
ھن جو بھ اھو ئي حال ٿيندو ۽ ساڳيو ئي حال الله
تعاليٰ جي ٻين صفتن جو ڄاڻڻ گھرجي. خدا تعاليٰ جي
عنايت سان زبان جي آفتن جو باب ھتي پورو ٿيو.
|