ھن ساري بيماريءَ جو علاج اھو آھي تھ ھڪ ”وڏائي“،
جنھن جي ڪري ھو پنھنجي فضيلت ۽ برتريءَ جو اظھار
ٿو چاھي ۽ ٻيو ”سبعيت“ ٠درندگي يا ٻئي کي چيرڻ
ڦاڙڻ وارو جذبو)، جنھن جي ڪري ھو ٻئي کي ناقص ۽
نالائق ثابت ڪرڻ ٿو چاھي، انھن ٻنھي کي ڇڏي ڏي ۽
انھيءَ جو بيان ڪير، عجب ۽ غضب جي برائي واري واري
باب ۾ ڏنو ويندو. ھتي رڳو ايتري قدر معلوم ڪرڻ
گھرجي تھ ھر ھڪ بيماريءَ جو علاج انھيءَ اصول تي
ڪيو ويندو آھي تھ ان جي سبب کي ھٽايو وڃي. جيئن جو
بحث ۽ تڪرار جو سبب اھي ئي ٻھ شيون آھن، جھڙيءَ
طرح بيان ٿي چڪو تھ پوءِ انھن ٻنھي کي دور ڪرڻ سان
انھن جو علاج از خود ٿي ويندو. انھيءَ کان پوءِ
بحث ۽ تڪرار جي ترڪ ڪرڻ ۾ ايتري مداومت (ھميشه ۽
ھردم ڪرڻ جي حالت) رھڻ گھرجي، جو اھو ترڪ ڪرڻ عادت
۽ طبيعت ۾ داخل ٿي وڃي ۽ نفس تي پٿر جي ليڪي وانگر
جاءِ وٺي وڃي.
حضرت امام ابو حنيفه رحھ، دائود طائي کان پڇيو تھ تو گوشھ نشيني
جو اختيار ڪئي آھي؟ جواب ڏنائين تھ انھيءَ لاءِ تھ
نفس تي جدال (تڪرار) ڪرڻ جي خلاف مجاھدو ڪريان.
امام صاحب فرمايو تھ ائين ڇو نھ ڪريو، جو ماڻھن ۾
ويھو ۽ انھن جي ٻڌندا رھو ۽ پنھنجي زبان منجھان
ڪجھھ بھ نھ ڪڇو. دائود طائي ٿو چوي تھ مان بلڪل
ائين ڪيو، مگر مجاھدو نھايت سخت ڏٺم ۽ واقعي
مجاھدي جي ھيءَ صورت ڏاڍي دشوار آھي. ڇاڪاڻ جو
جيڪو شخص ٻئي جي غلطي ٻڌي ٿو ۽ انھيءَ جي اصل
حقيقت ٻڌائن جي طاقت رکي ٿو ان تي صبر ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿي ٿو پوي ۽ انھيءَ سبب ڪري، (بحث ۽
تڪرار) ترڪ ڪري تھ ان کي جنت اعليٰ ۾ جاءِ ملندي.
ھي ڪم نفس تي نھايت سخت ٿو گذري، خصوصا مذھبن ۽
عقيدن ۾ ان جو زياده غلبو ٿو رھي. ڇاڪاڻ تھ طبيعت
۾ بحث جو مادو تھ اڳيئي موجود آھي. جڏھن معلوم ٿو
ٿئکي تھ فلاڻي عقيدي کي ظاھر ڪرڻ ۾ ثواب آھي تھ
نواب حاصل ڪرڻ جو حرص وڌي ٿو ۽ طبيعت ۽ شريعت گڏجي
ڪم ڪرڻ شروع ٿيون ڪن تھ ھيءَ بھ ھڪڙي خطا آھي ۽
ثواب ناھي جو پنھنجي زبان سان ھو پنھنجي قبلھ ڀائي
کي ڪجھھ (سچ) نھ چوي.
جڏھن اھل بدعت (بدعتي) کي ڪو ڏسي تھ ھن کي
پري ڪري اڪيلائيءَ ۾ ھن کي نصيحت ڪري. مگر اھڙيءَ
طرح، جو ان ۾ جدال (تڪرار) جي پوءِ ئي نھ اچي.
ورنھ ھن کي اھو خيال ٿيندو تھ تقرير ڪندڙ جيڪڏھن
چاھيندا آھن تھ تقرير جي ذريعي ٻئي کي ھميشه بس
ڪرائي ڇڏيندا آھن ۽ ساڳيءَ طرح شايد ھي بھ مون کي
بس ڪرائڻ ٿو چاھي. تنھن ڪري بدعت ھن جي دل ۾ پڪي
پختي ٿئي ٿي وڃي انھيءَ ڪري نرميءَ سان خير
خواھيءَ جي نموني ۾ ھن کي سمجھائڻ گھرجي. جيڪڏھن
مڃي تھ واھھ نھ تھ ھو ڄاڻي، ھن جو ڪم ڄاڻي. پاڻ
ماڻھو ھن کان پاسو ڪري وڃي. حديث شريف ۾ آھي تھ،
”رحم ڪري الله ان شخص تي، جنھن اھل قبلا (پنھنجي
قبلھ ڀائي) جي حق ۾ روڪيو زبان کي (۽ نھ چيائين ھن
جي حق ۾) سواءِ سڀ کان وڌيڪ سھڻو قول جيڪو ھن کان
ٿي سگھيو.“ ۽ ھشام بن عروه رضھ فرمائي ٿو تھ حضور
ﷺ جن انھيءَ جملي کي ست دفعا دھرايو ھو.
جيڪو شخص جدال جو عادي ٿي ٿو وڃي ۽ ھن جي نفس ۾ غيرت جو مادو
وڌي ٿو وڃي تھ ان ۾ ھي مھلڪات (ھلاڪ ڪندڙ شيون،
جھڙوڪ، بحث ۽ تڪرار) زور وٺي ٿا وڃن ۽ جڏھن وري
غضب، ڪبر (وڏائي) رياءُ (ڏيکاءُ) ۽ عزت ۽ جاه جلال
جي محبت جا لشڪر گڏجي حملو ٿا ڪن تھ نفس انھن جي
اڳيان مقابلي ۾ بيھڻ جي طاقت نٿو رکي. ڇاڪاڻ تھ
انھن لشڪرن منجھان ھر ھڪ لشڪر اھڙو قوي آھي جو ان
سان ويڙھھ کائڻ ڏاڍي مشڪل آھي ۽ جڏھن وري سڀئي ٿا
گڏجن تھ پوءِ انھن کان ڌڻي تعاليٰ بچائي تھ ماڻھو
بچي ٿو سگھي، ورنھ بچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.
پنجين آفت
خصومت (دنگو فساد)
خصومت ۾ ۽ مراءُ ۽ جدال ۾ ھي فرق آھي تھ مراءُ انھيءَ کي ٿو
سڏجي، جنھن سان ٻئي جا عيب ظاھر ڪيا ٿا وڃن ۽
سواءِ ٻئي جي نيچائي ۽ پنھنجي اوچائيءَ ظاھر ڪرڻ
جي ٻيو ڪو مطلب نھ ھجي. جدال جو واسطو وري رڳو
مذھبي ڳالھين جي بحث سان آھي، مگر خصومت ۾ جھڳڙي
جو غرض مال يا ڪنھن ٻئي حق حاصل ڪرڻ جو ھوندو آھي.
ھن ۾ ڪڏھن اعتراض ھوندو آھي ۽ ڪڏھن اعتراض نھ بھ
ھوندو آھي. مگر مٿين ٻن ڳالھين ۾ اعتراض جو ھئڻ
ضروري آھي. ھاڻي معلوم ڪرڻ گھرجي تھ خصومت بھ ھڪڙي
بڇڙي شيءِ آھي. حضرت عائشه رضي الله عنھا فرمائي
ٿي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ، ”جيڪو ماڻھو پنھنجي
جھڳڙي ۾ بغير ڄاڻ جي بحث مباحثو ٿو ڪري اھو الله
تعاليٰ جي ڏمر ھيٺ ٿو رھي جيسين ھو انھيءَ منجھان
ھٿ ڪڍي.“
ڪن اڪابرن جو چوڻ آھي تھ خصوصيت کان
بچڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ ھوءَ دين کي برباد ٿي ڪري.
ابن قتيبه رحھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙي ڏھاري مان ويٺو
ھوس تھ بشر بن عبدالله اچي مون وٽان لنگھيو.
پڇيائين تھ اتي ڪيئن ويٺو آھين؟ مان ٻڌايومانس تھ
منھنجي ۽ منھنجي سوٽجي وچ ۾ ھڪڙو حق رھيل آھي، مان
چاھيان ٿو تھ مان ان جو ٿورو لاھيان ۽ ان جي عيوض
توکي ڏيان. تنھن تي چيائينس تھ ھيءَ ڳالھھ ياد رک
تھ خصوصيت کان وڌيڪ زياده بڇڙي ٻي ڪابھ شي ڪانھي.
انھيءَ جي ڪري دين برابد ٿو ٿئي، مروت ختم ٿئي ٿي
وڃي، زندگيءَ جي لذت ماڻھو وڃائي ٿو ويھي ۽ انسان
جي دل ھميشه ان ۾ رڌل ۽ منجھيل رھي ٿي. ھي ٻڌي مان
اٿيس ۽ گھر ڏي وڃڻ لڳس. ٻيءَ ڌر چيو تھ ڪاڏي وڃڻ
لڳو آھين؟ مان جواب ڏنو تھ (جھڳڙو) نھ ڪندس.
ڪن اڪابرن جو چوڻ آھي تھ خصومت کان بچڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تھ ھوءَ
دين کي برباد ٿي ڪري، ابن فتيبه رحھ ٿو فرمائي تھ
ھڪڙي ڏھاڙي مان ويٺو ھوس تھ بشر بن عبدالله اچي
مون وٽان لنگھيو. پڇيائين تھ اتي ڪيئن ويٺو آھين؟
مان ٻڌايومانس تھ منھنجي ۽ منھنجي سوٽ جي وچ ۾
ھڪڙو حق رھيل آھي، مان چاھيان ٿو تھ مان ان جو
ٿورو لاھيان ۽ ان جو عيوض توکي ڏيان. تنھن تي
چيائينس تھ ھيءَ ڳالھھ ياد رک تھ خصومت کان وڌيڪ
زياده بڇڙي ٻي ڪا بھ شيءِ ڪانھي. انھيءَ جي ڪري
دين برباد ٿو ٿئي، مروت ختم ٿئي ٿي وڃي. زندگيءَ
جي لذت ماڻھو وڃائي ٿو ويھي ۽ انسان جي دل ھميشه
ان ۾ رڌل ۽ منجھيل ٿي رھي. ھي ٻڏي مان اٿيس ۽ گھر
ڏي وڃڻ لڳس. ٻيءَ ڌر چيو تھ ڪاڏي وڃڻ لڳو آھين؟
مان جواب ڏنو تھ مان ھاڻي نزاع (جھڳڙو) نھ ڪندس.
ھن چيو تھ ھاڻي معلوم ٿي ويو تھ شايد حق منھنجو ئي
ھو، مان چيومانس تھ ائين ناھي مگر مان خصومت کي
درگذر ڪري پنھنجي نفس جي بزرگي حاصل ڪرڻ ٿو گھران.
ھن چيو تھ جيڪڏھن اھا ڳالھھ آھي تھ مون کي ھاڻي ڪا
دعويٰ ڪانھي. اھا شيءِ تون ئي وڃي رک. ھتي ھڪرو
شبھ پيدا ٿو ٿئي تھ جڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو حق ڪو
ظالم دٻائي رکي تھ ان جي طلب ۽ حفاظت ۾ نھ خصومت
ھميشه ھڪڙي قسم جي تھ نٿي ٿئي. ڪڏھن ڪوڙي بھ ٿيندي
آھي تھ ڪڏھن بيخبريءَ ۾ بھ ڪئي ويندي آھي. جھڙيءَ
طرح وڪيل جھڳڙو ڪندا آھن. انھن کي انھيءَ ڳالھھ جو
پتو نھ ھوندو آھي تھ حق ڪنھن جي طرف آھي. مگر
وڪالت جيئن بھ ٺھي ايندي اٿن تھ پيا ڪندا آھن ۽
بنا ڪنھن سچي خبر جي خصومت ۽ جواب دھي جاري ڪري
ڏيندا آھن.
انھن ڳالھين کان سواءِ حق جي گھر ڪرڻ ۾ واجبي مقدار کان بعضي
وڌيڪ جي طلب ڪئي ٿي وڃي ۽ جھڳڙي ۾ زياده تر بد
معاملگي ۽ خصومت محض ايذائڻ يا دٻائڻ جي لحاظ کان
ڪئي ٿي وڃي. ڪڏھن وري خصومت محض عناد (وير ۽ ساڙ)
تي ھوندي آھي. ڇاڪاڻ تھ جنھن شيءِ تي ٽڪر ھوندو
آھي، اھا اھڙي حقير ھوندي آھي، جو ٻنھي ڌرين وٽ ھن
جي ڪا بھ حقيقت يا وقعت ڪا نھ ھوندي آھي. بلڪھ ڪي
ماڻھو تھ طاھر ظھور چئي بھ ڏيندا آھن تھ ھن نزاع
منجھان اسان جو غرض صرف عناد ۽ ٻي ڌر جي ھتڪ ڪرڻ
آھي. باقي اھڙي مال جي تھ اسان جي موچڙي کي بھ ڪا
پرواھھ ڪينھي. انھيءَ ڪري خصومت اڍي راب شيءِ آھي.
مگر جيڪڏھن مظلوم پنھنجي داد رسي لاءِ شريعت جي حد
اندر بحث ڪري ۽ ڪڌائپ، اسراف ۽ ضروري مقدار کان
زياده خصومت نھ ڪري ۽ عناد ۽ ايذاءُ جو قصد بھ وچ
۾ نھ ھجي تھ ھن جو اھل فعل حرام ناھي. مگر بھتر
آھي تھ جيڪڏھن بنا خصومت جي ڪا واٽ نڪري اچي تھ
خواھ مخواھھ روڄ راڙو نھ ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تھ زبان
کي اعتدال جي حد اندر قابو ڪري رکڻ ڏاڍو دشوار
آھي. خصومت جي ڪري سيني ۾ عصي جو شعلو ٿو اٿي،
جنھن جي سبب کان حق کي تھ سڀڪو وساري ٿو ڇڏي، باقي
طرفين (ٻنھي ڌرين) ۾ رڳو ڪينو رھجي ٿو وڃي. انھيءَ
حد تائين، جو ھڪڙي جو رنج ۽ صدمو ٻئي لاءِ خوشي ۽
راحت جو سبب ٿو بڻجي ۽ ھڪڙي ڌر جي راحت ڏسي، ٻي ڌر
کي بي چيني ۽ بيقرارري وٺي ٿي وڃي ۽ ھڪ ٻئي جي ھتڪ
۽ بي عزتي ڪرڻ ۾ زبان درازيون شروع ٿي ٿيون وڃن.
انھيءَ ڪري جيڪو ماڻھو خصومت شروع ٿو ڪري، اھو
انھن شين ۾ مبتلا ٿو ٿئي ۽ گھٽ ۾ گھٽ نتيجو انھيءَ
جو اھو ٿو ڪري. اھو انھن شين ۾ مبتلا ٿو ٿئي ۽ گھٽ
۾ گھٽ نتيجو انھيءَ جو اھو ٿو نڪري، جو ھن جي دل
تي ھر وقت تشويش غاب ٿي رھي. تان جو نامز ۾ بھ ھن
کي انھيءَ ڳالھھ جو ڌيان ٿو رھي تھ حريف (ٻي ڌر)
تي ڪيئن غالب ٿيڻ گھرجي. غرض تھ خصومت جي ڪري
ڳالھھ وڌي ٿي ۽ طلب پنھنجي واجبي قدر ۽ انداز تي
نٿي رھي ۽ اھا خصومت گويا سڀني ٻين بڇڙن ڪمن ۽
عادتن جو سبب بڻجي ٿي پوي ۽ ساڳيو حال آھي مراءُ ۽
جدال جو. تنھن ڪري بھتر اھو آھي تھ ان جو دروازو
ئي بند ڪيو وڃي ۽ جيڪڏھن ڪنھن وقت واجبي ۽ ضڙوري
خصومت ڪنھن کي ڳلي پئجي وڃي تھ انھيءَ وقت تي بھ
زبان ۽ قلب کي خصومت سان گڏ جيڪي لازمي ڳالھيون
ٿيڻ واريون آھن، انھن کان بچائي، توڻيڪ ھي نھايت
ئي دشوار ڪم آھي. بھرحال جيڪو شخص واجبي خصومت جي
حد تائين رھندو، اھو گنھگار نھ ٿيندو ۽ نھ ھن جي
خصومت بڇڙي ليکبي. مگر انھيءَ ھوندي بھ جيڪڏھن
تڪرار واري شيءِ کان ھو غني (بي پرواھھ) آھي ۽ ھن
کي الله تعاليٰ ايترو ڏنو آھي، جو انھيءَ شيءِ جي
ھن کي ڪا پرواھھ ڪانھي تھ خصومت ڪرڻ ۾ گنھگار تھ
نھ ٿيندو مگر اولا جو ترڪ (يعني جيڪا شيءِ وڌيڪ
چڱي ھئي، تنھن کي ڇڏڻ جو ڏوھھ) ضرور ٿيندس ۽ خصومت
۽ مراءُ ۽ جدال جو ادنيٰ درجو ھي آھي تھ ھڪ ٻئي
سان پاڻ ۾ مٺو ۽ سڪ ڀريو ڳالھائڻ ڇٽي ٿو وڃي ۽ طيب
ڪلام (نيڪ ۽ پاڪ گفتگو) جي ثواب کان ماڻھو محروم
رھجي ٿو وڃي ۽ طيب ڪلام جو گھٽ ۾ گھٽ فائدو اھو
آح: ٽح ٻن جي وچ ۾ موافقت ظاھر ٿي ٿئي ۽ اعتراض
ڪرڻ ۽ طعني سان ھيءَ ڳالھھ ڪيترا درجا پري ٿي وڃي
پوي. ڇاڪاڻ تھ جيڪو شخص ٻئي سان خصومت ٿو ڪري ۽
بحث ۽ تڪرار ۾ ٿو پوي اھو يا تھ ٻئي کي جاھل ٿو
سمجھي يا ڪوڙو. پوءِ اھو طيب ڪلام ڪٿي رھيو، جنھن
لاءِ آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ، ”اوھان کي جنت ۾
جاءِ (وٺي) ڏيندو طيب ڪلام ۽ (بکئي کي) ماني
کارائڻ.“ ۽ قرآن شريف ۾ ارشاد آھي تھ وقولوا للناس
حسنا – ماڻھن سان سھڻي نموني ۾ ڳالھايو.
حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي تھ جيڪڏھن خدا تعاليٰ جي مخلوق
منجھان ڪوئي بھ توھان جو سلام ڪري تھ ان جي جواب ۾
اوھان بھ سلام ڪريو. توڙي ھو مجوسي ئي ڇو نھ ھجي.
انھيءَ ڪري جو خدا تعاليٰ (بنا ڪنھن خصوصيت جي)
حڪم فرمايو آھي تھ، واِذا حييتم بِتحِيته فحيوا
بِاحسن منھا او ردوھا ”جڏھن ڪو سلام ڪري (يا دعا
ڏئي) اوھان کي تھ اوھان بھ سلام ڪيو (يا دعا ڏيو)
بھتر ان کان يا (ڪم از ڪم) اوترو.“ ۽ مون سان تھ
جيڪڏھن فرعون بھ نيڪ گفتگو ڪري تھ مان ان جو جواب
جيڪر اھڙو ئي ڏيان.
حضرت انس رضھ کان حديث منقول آھي تھ جنت ۾ ڪجھھ اھڙا محلات لطيف
۽ شفاف آھن، جو ٻاھر کان اندر جون شيون ۽ اندر کان
ٻاھر جون شيون معلوم ٿي ٿيون سگھن. الله تعاليٰ
ھنن کي انھن ماڻھن لاءِ بنايو آھي، جيڪي (بکئي کي)
ماني ٿا کارائن ۽ نرميءَ سان گفتگو ٿا ڪن.
ڳالھھ ٿا ڪن تھ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڀرسان ھڪڙي دفعي سوئر
اچي لنگھيو، پاڻ فرمايائونس تھ، ”چڱيءَ طرح ھليو
وڃ.“ ماڻھن عرض ڪيو تھ اوھان اھڙي (گندي) جانور
سان اھڙي (سھڻي) طرح ٿا ڳالھايو. پاڻ ورندي ڏنائون
تھ، ”مون کي اھا ڳالھھ بڇڙي ٿي لڳي، جو زبان بڇڙي
گفتگو جي عادي ٿي وڃي.“ حديٿ شريف ۾ آھي تھ، ”طيب
ڪلمو (پاڪ ۽ صاف لفظ ڳالھائڻ) خيرات ۾ داخل آھي.“
ھضور ﷺ جن اھو پڻ فرمايو آھي تھ، ”بچو (دوزخ جي)
باھھ کان توڙي کارڪ جي ھڪ ٽڪري سان ٿي سگھي ۽
جيڪڏھن اھو بھ نھ ملي سگھي تھ طيب ڪلمو (ھڪ سھڻو ۽
مٺو لفظ) ئي سھي.“
حضرت عمر رضھ جو قول آھي تھ، نيڪي ھڪ آسان شيءِ آھي. پيشانيءَ
جي ڪشادگي ۽ زبان جي نرمي جو نالو آھي نيڪي ۽ ڪن
حڪيمن جو چوڻ آھي تھ نرم گفتگو لڪل ڪينن کي ڌوئي
صاف ڪري ٿي ڇڏي. ھيءُ بھ ڪن سياڻن جو قول آھي تھ
خدا تعاليٰ ڪنھن بھ گفتگو منجھان ناراض نٿو ٿئي،
رڳو ايترو شرط ضروري آھي تھ جيڪو گڏ ويٺل ھجي، اھو
راضي رھي. تنھن ڪري انسان کي گھرجي تھ پنھنجي ڀر ۾
وھندڙن سان چڱو گفتگو ڪرڻ ۾ دريغ نھ ڪري، شايد
انھيءَ عوض ۾ الله تعاليٰ ھن کي محسنين وارو ثواب
عنايت فرمائي. مطلب تھ نرم گفتگو ۾ ڪيتريون
فضيلتون آھن ۽ خصومت ۽ مراءُ ان جا ضد آھن، جن جي
ڪري ماڻھوءَ کي وحشت پيدا ٿي ٿئي، عيش تلخ ٿي ٿو
وڃي. غصي جو غلبو ٿو ٿئي ۽ دل کي ڏاڍو رنج ٿو
پھچي. ڌڻي تعاليٰ شل پنھنجي فضل ۽ ڪرم سان انھيءَ
آفت کان بچائي وٺي.
ڇھين آفت
جملي کي خوب ٺاھي ٺاھي بيان ڪرڻ
گفتگو ۾ تڪ بندي ڪرڻ، قافيا ڪم آڻن ۽ فصاحت جي لاءِ تڪلف ڪرڻ ۽
تمھيد ۽ مقدمات گھڙڻ، جيئن جو اڪثر تقرير ڪرڻ جي
فن جي دعويٰ ڪندڙ ڪندا آھن. اھي بناوٽون ۽ سجاوٽون
سڀ مذموم (ننديل) آھن. حديث شريف ۾ آھي تھ، ”آءٌ ۽
منھنجا پرھيزگار امتي تڪلف (اجائي بناوٽ ڪرڻ) کان
بيزار آھيون“ ۽ اھو بھ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ،
”تحقيق توھان منجھان منھنجي نزديڪ وڌيڪ بڇڙا ۽
ويھڻ ۾ مون ان وڌيڪ پري، اجائي بڪ ڪرڻ وارا، گھڻو
ڳالھائيندڙ ۽ گفتگو ۾ بناوٽ ڪرڻ وارا آھن.“ حضرت
فاطمه رضي الله عنھا ٿي فرمائي تھ حضور ﷺ جن
فرمايو تھ، ”منھنجي امت ۾ بڇڙا اھي آھن، جن جي
پرورش دولت سان ٿي، جيڪي قسمين قسمين طعام ٿا
کائن، قسمين قسمين پوشاڪون ٿا پھرين ۽ گفتگو ۾
بناوٽ ٿا ڪن“ ۽ اھو بھ فرمايائون تھ، ”خبردار ٿيو،
مبالغھ ڪرڻ وارا تباھھ ٿيڻ وارا آھن“ ۽ ھن جملي کي
پاڻ سڳورن ﷺ ٽي دفعا ارشاد فرمايو، حضرت عمر ٿو
فرمائي تھ گفتگو ۾ مستي ۽ چيخ پڪار ڪرڻ شيطان جي
طرف کان آھي.
عمر بن سعد رحمت لله ورضي عن ابيه ھڪڙي ڏينھن پنھنجي والد جي
خدمت ۾ ڪو ڪم کڻي ويو ۽ ان جي لاءِ ھن وٺي لنبي
چوڙي تمھيد شروع ڪئي. حضرت سعد رضھ فرمايو تھ
جيتري ڊگھي تمھيد پنھنجي ڪم جي لاءِ اڄ تو بيان
ڪئي آھي، ايتري تو اڳي ڪڏھن ڪا نھ ڪئي آھي. مان
آنحضرت ﷺ جن کان ٻڌو آھي جو پاڻ فرمائيندا ھئا تھ
ھڪڙو زمانو ايندو، جو ماڻھو ڪلام کي اھڙو
چٻاڙيندا، جھڙو ڳئون گاھ کي چٻاڙيندي آھي. انھيءَ
مان معلوم ٿو ٿي تھ حضرت سعد رضھ کي پنھنجي پٽ جي
ضرورت بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ تمھيد ڪرڻ خراب لڳي ۽ ان
کي سراسر تصنع ۽ تڪلف (يعني بناوٽ ۽ سجاوٽ) ڪري
سمجھيو، جيڪا ڳالھھ سخت مذموم آھي ۽ زبان جي آفتن
۾ شامل آھي. عام گفتگو ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ بھ
تڪلف جي منع ٿيل آھي. انھيءَ ڪري جڏھن ھڪڙي دفعي
آنحضرت ﷺ ھڪ مئل ٻار جي عيوض ۾ غلام آزاد ڪرڻ جو
حڪم ڏيڻ فرمايو تھ ھڪڙو شخص انھن منجھان، جن کان
اھو ٻار ضايع ٿيو ھو، اٿي چوڻ لڳو تھ اسان اھڙي
ٻار جو ڪيئن خون بھا (قتل جي عيوضي جي رقم) ڏيون
(۽ سجع سان چوڻ لڳو تھ) ”جنھن نھ کاڌو نھ پيتو نھ
رنو نھ ڳالھايو. انھيءَ جو خون بھا معافيءَ ۾ ڇو
نھ آيو.“ پاڻ فرمايائونس تھ ڪھڙي نھ جاھلن واري تڪ
بندي ڪري رھيو آھين. عرض تھ پاڻ سڳورن کي گفتگو جي
درميان قافيو برو معلوم ٿيو ۽ واقعي اھڙي ڪلام ۾
تڪلف جو اثر صاف معلوم ٿو ٿئي. انھيءَ ڪري اھا
ڳالھھ نھايت ضروري آھي تھ ڪا بھ ڳالھھ اھڙي طرح
ڪجي، جو مطلب ۽ مقصد حاصل ٿي وڃي ۽ ڳالھھ جو مطلب
رڳو اھو ھوندو آھي تھ اڳلو ڳالھھ سمجھي وڃي ۽
انھيءَ کانسواءِ جيڪا اجائي سجائي ڊيگھھ ڪئي ٿي
وڃي، اھا تڪلف ۾ داخل آھي، جنھن جي مذمت (نندا)
شريعت ۾ موجود آھي. ھا، پر ھن اصول ۾ اھا قافيھ
بندي داخل ناھي، جيڪا خطبن ۽ وعظن ۾ افراط ۽
مبالغي جي ڪئي ٿي وڃي. ڇاڪاڻ تھ وعظ ۽ نصيحت جو
مقصد ھوندو آھي، دلين کي ذوق شوق ڏيارڻ ۽ انھن کي
تحريڪ ۽ قبضي ۾ آڻڻ ۽ انھيءَ ڪم ۾ لفظن جي خوبيءَ
کي وڏو خل ۽ اثر آح:” حڻ ۾ لفظن جو عمدو ۽ باموقع
(پوري جاءِ تي ھئڻ) ضروري آھي. مگر اھي محاورا
جيڪي روز مره معمولي ڪم ڪارين ۾ ڪم آندا ٿا وڃن،
ان ۾ وزن ۽ قافيي جي ضرورت ڪانھي. پوءِ ان ۾ تڪلف
۽ زبان کي آڪڙائڻ جو ڪھڙو فائدو ۽ ائين ڪرڻ نھايت
ئي برو آھي ۽ سبب انھيءَ ساري تصنع (بناوٽ) جو
رياِ (ڏيکاءُ ڪرڻ) ۽ پنھنجي فصاحت ۽ بلاغت جو
اظھار ڪرن آھي، جيڪو شرعا ناجائز ۽ ممنوع آھي.
ستين آفت
فحش بڪڻ (گندا لفظ ڪم آڻڻ)
گندا لفظ ڪم آڻڻ ۽ گاريون ڏيڻ بھ زبان جي آفتن ۾ شمار آھن.
شريعت ۾ انھن لاءِ سخت مذمت (نندا) ۽ منع آيل آھي.
انھن منجھان باطني خبث (بليدي) ڪمينائي جو اظھار
ٿو ٿئي ۽ آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”بچايو پاڻ کي
فحش کان ڇاڪاڻ تھ تحقيق الله تعاليٰ فحش (گندن
لفظن ڪم آڻڻ ۽ تفحش (گاريون گند ڏيڻ) کي پسند نٿو
ڪري.“ ۽ بدر جي لڙائيءَ ۾ جيڪي مشرڪ ماريا ويا
ھئا، انھن کي بھ گارين ڏيڻ کان منع فرمائي ھئائون.
اتي بھ ھي ارشاد فرمايو ھئائون تھ انھن کي گاريون
نھ ڏيو ڇاڪاڻ جو جيڪي اوھان چئو ٿا، اھو انھن کي
ڪو نھ ٿو لڳي. رڳو انھن جي جيئرن مائٽن کي ايذاءُ
ٿو پھچي ۽ خبردار ٿيو! خراب لفظ ڪم آڻڻ ڪمينپڻو
آھي. ھڪ ٻي حديث شريف ۾ ٿا فرمائين تھ، ”طعني
ھڻندڙ، لعنت ڪندڙ، گندا لفظ ڪم آڻيندڙ ۽ زبان
دراز، مؤمن ناھي.“ ٻي حديث آھي، ”گندا لفظ ڪم آڻڻ
واري کي جنت ۾ داخل ٿيڻ حرام آھي.“ ازانسواءِ پاڻ
فرمايو اٿن تھ چار ماڻھو اھڙا ھوندا جيڪي دوزخ جي
ماڻھن کي، باوجود انھن کي اڳيئي ڪافي ايذاءُ ھجڻ
جي ھي وڌيڪ ايذاءُ ڏيندا، يعني دوزخي تھ اڳيئي
پنھنجي مصيبت ۾ پيا لوڙيندا ۽ ٽچڪندڙ پاڻي ۽ باھھ
۾ ڊوڙي ڊڪي رھيا ھوندا ۽ پنھنجي خرابي ۽ تباھي تي
رڙيون ڪندا ھوندا، مگر ھي چار ڄڻا سڙندڙن کي ويتر
ساڙيندا. انھن منجھان ھڪڙو شخص اھڙو ھوندو، جنھن
جي وات منجھان رت ۽ پونءِ پئي وھندي ھوندي. ان کان
ٻيا دوزخي پڇندا تھ اڙي پٽيل ٻڌاءِ تھ تنھنجو ڪھڙو
حال آھي. تو تھ اسان کي ڏک ۾ ڏک ڏئي ڇڏيو آھي. ھو
جواب ڏيندو تھ جيڪو لفظ بڇڙو ۽ پليد مون کي
سمجھندو ھو اھو وات مان ڪڍي زنا جھڙو مزو وٺندو
ھوس.
حضور ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”بذاءُ (يعني گندا لفظ ڪم آڻڻ) ۽ بيان،
اھي ٻئي نفاق (منافقت) جون ٻھ شآخون آھن.“ ھن حديث
۾ ”بيان“ جون ڪيئي معنائون ٿي ٿيون سگھن. پھريون
تھ جيڪا شيءِ ظاھر چوڻ جھڙي نھ ھجي اھا ظاھر ظھور
چوڻ ۽ ان کي پڌرو ڪرڻ. ٻيو تھ ”بيان“ منجھان
مبالغي جي معنيٰ بھ وٺي سگھجي ٿي، يعني ڪنھن شيءِ
کي اھڙي مبالغي سان چئجي، جو تڪلف ۾ داخل ٿي وڃي.
ٽيون تھ ديني ڪمن ۽ الله تعاليٰ جي صفتن جو ”بيان“
بھ مراد ٿي سگھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ ڪنھن ديني ڳالھين جو
ٿلھي ليکي بيان ڪرڻ ۽ ماڻھن جي ڪنن ۾ وجھڻ چڱو ۽
ڪافي آھي بنسبت انھيءَ جي، جو انھن جي ”بيان“ ۽
تفصيل ۾ مبالغو ڪيو وڃي. ڪن مسئلن کي تفصيل ۽ وڏي
پيماني تي بيان ڪرڻ منجھان شڪ شبھا پيدا ٿي ٿان ۽
دل کي وسوسا وڪوڙي ٿا وڃن ۽ موٽي متاري بيان سان
دل جھٽ پٽ ان کي مڃڻ لاءِ تيار ٿي ٿئي ۽ جلد
اطمينان حاصل ٿي ٿو وڃيس. مگر جيئن جو حديث ۾
”بيان“ تي لفظ کي بذاءُ (گندا لفظ يا فحش بڪڻ) سان
گڏ ذڪر ڪيو ويو آھي تھ گھڻو ڪري ائين معلوم ٿو ٿئي
تھ ”بيان“ منجھان غرض اھو ئي ھجي تھ جنھن ڳالھھ
کان شرم ايندو ھجي. تنھن کي ڏاڍيان وڏي آواز ۾ چوڻ
۽ نفاق (يعني منافقت) جي شاخ انھيءَ ڪري آھي. جو
اھڙن ڪمن ۾ مبھم يا اشاري يا لڪ وارا لفظ ڪم آڻڻ
گھرجن ۽ کولي بيان ڪرڻ نھ گھرجن. ھڪڙي حديث شريف ۾
آھي تھ ”تحقيق الله تعاليٰ نٿو پسند ڪري فاحش،
بيھوده گو ۽ بازارن ۾ چيخون ڪرڻ واري کي.“ حضرت
جابر بن سمره فرمائي ٿو تھ مان آنحضرت ﷺ جن جي
خدمت ۾ ويٺو ھوس ۽ منھنجو والد منھنجي اڳيان ويٺو
ھو، پاڻ سڳورن فرمايو تھ ”تحقيق فحش ۽ بيھوده گوئي
اسلام ۾ ڪنھن بھ شيءِ ۾ شمار ناھن ۽ اسلام ۾ سڀ
کان وڌيڪ چڱو اھو آھي، جيڪو اخلاقن ۾ سڀ کان سھڻو
آھي.“
ابراھيم بن ميسره فرمائي ٿو تھ ائين ٻڌڻ ۾ آيو آھي تھ گاريون
ڏيڻ وارو ۽ گندا لفظ استعمال ڪرڻ وارو قيامت ۾ ڪتي
جي صورت يا ڪتي جي ڀيٽ ۾ ٿي اٿندو ۽ احنف بن قيس
ٿو فرمائي تھ مان توھان کي سڀ کان وڌيڪ خراب مرض
ٿو ٻڌايان ۽ اھو آھي گندي زبان ۽ ڪميني عادت. ھي
آھن فحش (يعني بد گوئي) جون برايون، ھاڻي ان جي
وصف معلوم ڪرڻ گھرجي تھ فحش آھي ڇا.
فحش، قبيح (بڇڙين ۽ گندين) ڳالھين کي صريح (يعني چٽن ۽ کليل)
لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو نالو آھي. جھڙوڪ شرمگاھھ يا
تناسل گھڻو ڪري رات ڏينھن بڪندا رھندا آھن. نيڪ
بخت ماڻھو انھن شينجا نالا ڪنايتا وٺندا آھن ۽
ضرورت جي وقت رڳو رمز يا اشاري سان بيان ڪري ويندا
آھن. حضرت ابن عباس رضھ ٿو فرمائي ٿو تھ الله
تعاليٰ جل شانهحياء وارو آھي گناه معاف ڪرڻ ٿو
فرمائي ۽ اھڙي اھڙي شيءِ جو بيان اشاري سان ٿو
فرمائي. ڏسوصحبت يا مباشرت کي ”لمس“ (ڇھڻ) جي لفظ
سان ارشاد فرمايو ويو آھي. اھڙيءَ طرح جماع جي
لاءِ محبت، لمس (ڇھڻ) ۽ دخول، اھي ڪنايات (الڪل
الفاظ) آھن جن ۾ بد گوئي ناھي. مگر انھيءَ لاءِ ڪي
لفظ اھڙا بڇڙا استعمال ڪيا ٿا وڃن، جيڪي نھ
ڳالھائڻ جھڙا آھن. گھڻو ڪري اھڙا لفظ گارين وغيره
۾ ڪم ايندا ٿا وڃن ۽ انھن منجھان ڪن ۾ فحش ٿورو
آھي تھ ڪن ۾ گھڻو ۽ ھر ڳوٺ ۽ ملڪ ۾ مختلف عادتن جي
ڪري انھن لفظن جي ڪري معنائن ۾ بھ اختلاف آھي. بھر
صورت انھن ۾ گھٽ درجي وارا مڪرو، (ڪراھت وارا) آھن
۽ وڏي درجي وارا ممنوع (منع ڪيل) آھن ۽ انھن جي وچ
وارا لفظ بھ آھن مگر اھي بھ خرابيءَ کان خالي
ناھن.
فحش (يعني بد گوئي ) رڳو جماع تائين محدود ناھي. ھر ھڪ مڪرؤ ڪم
لاءِ ساڳيو خيال رکڻ گھرجي، جھڙوڪ پاخاني۽ پيشاب
لاءِ قضاي حاجت (ضرورت جو پورو ڪرڻ) جو لفظ ٻين جي
مقابلي ۾ بھتر آھي. مطلب تھ جن لفظن ۾ ڪراھت ۽
قباحت ھجي اھي صريحا (چٽيءِ طرح) بيان نھ ڪيا وڃن،
ورنھ فحش ۾ داخل ٿي ويندا. ساڳيءَ طرح ڪنھن کي
ڪوڙه، بواسير يا ناسور وغيره جي بيماري ھجي تھ ان
لاءِ رڳو سخت بيماري چوڻ ڪافي آھي. عورتن جو ذڪر
ڪنايتا ڪرڻ مناسب آھي. مثال طور ائين نھ چوڻ گھرجي
تھ تنھنجي جوءِ ھيءُ چيو آھي، بلڪ چئجي تھ گھران
ھيءَ چيو اٿن يا پردي کان آواز آيو اھي ٻارن جي
والده ٿي چوي. باقي ٻئي قسم جا سنوان سڌا ڪورا لفظ
ڪم آڻڻ
فحش ۾ داخل آھن ۽ فحش زبان بھ ھڪ وڏي آفت آھي.
علاءُ بن ھارون رحھ ڳالھھ ٿو ڪري تھ حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ
کي ھڪ دفعي بغل ۾ ڦرڙي نڪري پئي ۽ ھن کي عادت ھئي
تھ زبان جي حفاظت ڏاڍي ڪندو ھو. اسان ھن جي عيادت
(خير آفيت ۽ ڪم ڪار پڇڻ) وياسين تھ ڏسو تھ انھي
بغل جي مرض لاءِ ڇاٿو ٻڌائي. اسان پڇيوسون تھ ڦرڙي
ڪاٿي نڪتي آھي. جواب ڏنائين تھ ھٿ جي اندرئين طرف.
فحش جو سبب بين کي ايذاءُ پھچائڻ جي نيت منجھان ٿو پيدا ٿئي يا
بڇڙن جي صحبت کان عادت پئجي ٿي وڃي ڇاڪاڻ جو بڇڙن
کي گار گند جي تمام گھڙي عادت ھوندي آھي ھڪ اعرابي
آن حضرتﷺ جن کي عرض ڪيو تھ مون کي ڪا وصيت فرمايو
پاڻ فرمايائونس تھ ڌڻي تعاليٰ کان ڊڄندو رهه
۽ جيڪڏھن تو ۾ ڪو ماڻھو ڪا ڳالھھ ڏسي توتي عار ڪري
تھ تون ان جي ڳالھھ ڏسي عار نھ ڪجاءَ، يعني جيڪڏھن
توکي ڪو گھٽ وڌ ڳالھاءِ تھ تون ھنکي ساڳيا لفظ نھ
چئجان. ائين ڪرڻ سان ھن تي وبال پئجي ونيدو ۽ توکي
ثواب ملي ويندو ۽ ڪنھنکي گاريون نھ ڏيجانءِ.
اعرابي پوءِ ٻڌايو تھ انھيءَ کان پوءِ مان ڪنھن کي
گار ڪان ڏني. حيصيت ۾ مون کان گھٽ آھي، اھو
اند ڏيڻ وارا ٻئي شيطان آھن، جيڪي ھڪ ٻئي کي ڪوڙو
ٿا بڻائين ۽ اجايون تھمتون ٿا مڙن. ھڪ حديث ۾ حضور
ﷺ جن فرمايو آھي تھ مومن کي گار ڏيڻ، فسق (خدا جي
نافرماني) ۽ قتل ڪرڻ، ڪفر آھي. ٻئي حديث آھي تھ،
گارين ڏيڻ وارا، جيڪي ڪجھھ چون ٿا، ھو انھيءَ تي
ٿو پوي، جيڪو پھريائين شروعات ٿو ڪري. بشرطيڪ
مظلوم ( يعني ٻيو ماڻھو ) حد کان وڌي نھ وڃي. اھا
پڻ حديث آھي تھ، ”جيڪو، پنھنجي والدين کي گاريون
ڏي ان تي خدا جي ڦٽڪار ٿي وسي. ھڪڙي روايت ۾ آيو
آھي تھ سڀني ڪبيرن گناھن ۾ وڏو گناھ آھي، پنھنجي
والدين کي گاريون ڏيڻ“. ماڻھن عرص ڪيو تھ سائين!
انسان پي ماءُ کي ڪيئن گاريون ڏيندو؟ فرمايائون تھ
ڪو ٻئي جي والدين کي گاريون ڏئي ۽ ھو موٽائي ھنجي
والدين ڏي تھ گويا انھن گارين جو سبب تھ ماڻھو
پنھنجو پاڻ ئي بڻيو.
|