ياد رکڻ گھرجي تھ اصل مھم يا ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم نفس جي مجاھدي ۾
آھي پورو ڪرڻ عزم (يعني ارادي) جو. پوءِ جڏھن
ماڻھو شھوت (خواھش) کي ترڪ ڪرڻ جو عزم ڪري ۽ ھن کي
ڪي لوازم (رنڊڪون) پيش اچي وڃن تھ ھيئن سمجھي تھ
ھي خدا تعاليٰ جي طرف کان امتحان آھي. ان وقت
گھرجي تھ صبر ڪري ۽ پنھنجي وعدي تي ڄميو رھي.
انھيءَ ڪري جو جيڪڏھن عھد شڪني ڪندو تھ نفس کي اھا
ئي عادت پئجي ويندي ۽ تباھھ ٿي ويندو بلڪھ جيڪڏھن
ڪا عھد شڪني ڪري تھ پاڻ تي ھڪ سزا مقرر ڪري.
جھڙيءَ طرح اسان محاسبھ ۽ مراقبي جي باب ۾ نفس جي
تعزير ۾ بيان ڪيو آھي. جيڪڏھن ھن کي سزا سان نھ
ڊيڄاريندو تھ نفس ھن تي غالب اچي ويندو. انھيءَ
صورت ۾ شھوت جي اشاري موجب ڪم ڪري ويھندو جنھن
ساببان رياضت برباد ٿي ويندي.
بيان ڇھون
قلب جون بيماريون ۽ ان جي تندرستيءَ جون نشانيون
واضح ھجي تھ بدن جي سڀني عضون منجھان ھر ھڪ عضوي کي ھڪ خاص ڪم
لاءِ پيدا ڪيو ويو آھي. جيڪڏھن ان کان اھو ڪم نھ
ٿيندو يا ڪجھھ سستي سان يا گيھھ پيھھ سان ٿيندو تھ
اھو عضوو صحيح سالم عضوو نھ سڏائيندو. اھو بيمار
ليکيو ويندو. مثلا ھٿ جي بيماري ھي آھي تھ ھو ڪا
شيءِ پڪڙي يا جھلي نھ سگھي ۽ اک جي بيماري اھا آھي
تھ ڏسي نھ سگھي يا ڏسڻ مشڪل ھجيس. تنھنجي ڪري قلب
جي بيماري اھا چئبي جنھن جي سبب کان ھو پنھنجو خاص
ڪم ادا ڪري نھ سگھي ۽ ان جو خاص ڪم آھي علم، حڪمت،
معرفت، محبت ۽ عبادت الاھي ۾ مشغول رھڻ ۽ الله
تعاليٰ جي يادگيري يا ذڪر منجھان لذت حاصل ڪرڻ ۽
انھيءَ لذت کي ٻين سڀني شين جي خواھشن تي ترجيح
ڏيڻ ۽ سڀني عضون ۽ آرزوئن، خواھشن ۽ شھوتن کان
انھيءَ لذت حاصل ڪرڻ ۾ مدد وٺڻ! جھڙوڪ الله تعاليٰ
فرمايو آھي تھ ”وما خلقت الجِن ولاِنس اِلاّ
ليعبُدن“ (۽ جنن ۽ ماڻھن کي رڳو عبادت لاءِ پيدا
ڪيوسون). انھيءَ منجھان معلوم ٿيو تھ قلب جو خاص
ڪم آھي عبادت ۽ معرفت الاھي حاصل ڪرڻ، ۽ نفس
انساني جي خاصيت اھا ئي ھئڻ کپي جنھن سان ھو ڍورن
کان علحده ٿي سگھي. ڇاڪاڻ تھ کائڻ پيئڻ جماع ۽ ڏسڻ
جي قوتن ۾ تھ انسان ڍور کان نرالو ناھي مگر انسان
۽ ڍور جي وچ ۾ فرق اھو آھي تھ انسان دنيا جي شين
جو ايجاد ڪندڙ ۽ نيون نيون صفتون ڏيندڙ الله جل
شانه آھي. پوءِ جيڪڏھن ڪو سڀني شين کي ڄاڻي سڃاڻي
۽ انھن جي ٺاھيندڙ ۽ بڻائيندڙ کي نھ ڄاڻي تھ چئبو
تھ ھن خاڪ بھ نھ ڄاتو ۽ الله تعاليٰ جي ڄاڻڻ سڃاڻڻ
جي نشاني ان جي محبت آھي. جيڪو ڌڻي تعاليٰ کي
سڃاڻي ٿو اھو ھن جي دوستي ۾ محو ٿئي ٿو وڃي ۽ ھن
جي محبت جي نشاني ھيءَ آھي تھ ھن تي دنيا ۽ جيڪي
ڪجھھ ان ۾ آھي انھن سڀني شين کي ترجيح نھ ڏئي
جھڙيءَ طرح الله تعاليٰ فرمايو آھي تھ ”قل اِن ڪان
ابَآءُڪم و ابنآءُڪم و اِخوالڪم و ازواجڪم و
عشيرتڪم و اموال ان اقترفتموھا و تِجارتءٌ تخشون
ڪسادھا و مساڪن ترضونھا احبّ اِليڪم من الله
ورسوله و جِھاد في سبِيله فتربّصوا حتيٰ ياتِي
الله باِمره“ (اي پيغمبر) چئو تھ جڪيڏھن اوھان جا
پيئر ۽ اوھان جو اولاد ۽ اوھان جون زالون ۽ اوھان
جا مائٽ ۽ اھي مال جي اوھان ڪمايا آھن ۽ واپار
جنھن جي بند ٿيڻ لاءِ ڊڄو ٿا ۽ جايون جن کي پسند
ڪريو ٿا سي اوھان کي الله ۽ سندس پيغمبر ۽ سندس
واٽ ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آھن تھ (ايسين)
ترسو جيسين الله پنھنجو عذاب آڻي.“
پوءِ ھن منجھان معلوم ٿيو تھ جنھن کي خدا تعاليٰ کان سواءِ ٻي
ڪا شيءِ وڌيڪ پياري ۽ پسند آھي تھ ھن جو قلب بيمار
آھي. ڇاڪاڻ تھ ڪنھن جي معدي ۾ ماني ۽ پاڻي جي
مقابلي ۾ مٽي کائڻ جي محبت ۽ چاه زياده ٿي وڃي ۽
غذا جي خواھش ھن جي ختم ٿي وڃي تھ ھو ضرور مريض
ليکيو ويندو. بس قلب جي مرض جون اھي نسانيون آھن ۽
مٿين بيان منجھان معلوم ٿيو تھ سڀئي قلب بيمار آھن
الا مشاءَ الله (يعني سواءِ انھن جي جن لاءِ الله
تعاليٰ صحت چاھي).
ڏٺو ويو آھي تھ ڪي مرض اھڙا بھ ٿا ٿين جن جو پتو مريض کي نٿو
پوي ۽ قلب جو مرض بھ انھن مرضن منجھان آھي. انھيءَ
ڪري انسان ان جي بيماريءَ کان غافل ٿو رھي ۽
جيڪڏھن سمجھي بھ ٿ يا محسوس بھ ڪري ٿو تھ بھ علاج
جي سختي ۽ تلخي برداشت ڪرڻ ڏکي ٿي لڳيس ڇاڪاڻ جو
دوا ضرور ھن جي شھوتن ۽ خواھشن جي مخالفت ٿي ٿئي ۽
انھيءَ کي استعمال ڪرڻ ۾ ھن کي پنھنجي سر وڃڻ جو
خوف ٿو رھي.
ڪن حالتن ۾ وري نفس دوا وٺڻ لاءِ ۽ سختيون سھڻ لاءِ تيار بھ ٿو
ٿئي تھ وري حاذق ۽ قابل معالج يا حڪيم ملڻ ڏکيو
ٿئي ٿو پوي جنھن جو کڻي علاج ڪيو وڃي. ڇاڪان تھ
طبيب انھيءَ مرض جا آھن علماءَ مگر بدقسمتيءَ سان
اھي علماءَ خود انھي مرض ۾ مبتلا آھن. پوءِ جيڪڏھن
اھي پنھنجو علاج نٿا ڪري سگھن تھ ٻئي جو علاج ڇا
ڪندا.
جو معالج تھا وھي اس درد سي لاچار ھي
پھر دوا بيمار کي ھوني بھت دشوار ھي.
انھيءَ ڪري قلب جو مرض لاعلاج ٿي ويو آھي. نھ ھن
جو علم ماڻھن ۾ رھيو ۽ نھ ھن مرض کي ڪوئي ڄاڻي ٿو.
ماڻھو سارا دنيا جي محبت ڏي جھڪي ويا آھن ۽ اھڙن
اعمالن تي وڃي متوجھھ ٿيا آھن جيڪي ظاھر ڏسڻ ۾
عبادت آھن مگر اندر ۾ رياه ۽ عادت.
قلب جي بيمارين جي بنيادن جون نشآنيون مٿي بيان ٿي چڪيون، ھاڻي
علاج کان پوءِ انھن جي صحت جي نشانين جو بيان ٻڌڻ
گھرجي ۽ اھو ھن طرح آھي تھ جنھن بيماريءَ جو علاج
ڪرڻو آھي اھا جيڪڏھن بخل يا ڪنجوسي آھي جيڪا ھڪ
وڏي تباھي جو باعث آھي ۽ الله تعاليٰ جي قرب کان
تمام پري ٿي رکي، ان جو علاج مال جي ڏئي ڇڏ٠ڻ ۽
خرچ ڪرڻ سان ٿيندو آھي مگر مال خرچ اھڙيءَ طرح ڪري
جو اسراف ڪندڙ نھ ٿي پوي نھ تھ وري ھڪڙي ٻئي مرض ۾
ماڻھو مبتلا ٿي پوندو جھڙيءَ طرح ڪو شخص سرديءَ جو
علاج گرميءَ سان ايتري قدر ڪري جو گرمي بدن ۾ حد
کان مٿي وڌي وڃيس ۽ وري گرميءَ جي زيادتيءَ جو
مريض ٿي پوي بلڪھ اصل مقصد اھو آھي تھ گرمي ۽
سرديءَ ۾ اعتدال ٿي وڃي. اھڙيءَ طرح خرچ ڪرڻ ۾ بھ
اھو مقصد آھي تھ فضول خرچي ۽ ڪم خرچي ۾ اعتدال اچي
وڃي ۽ وچون درجو جيڪو ٻنھي چوٽين کان گھڻي فاصلي
تي آھي. اھ حاصل ٿي وڃي. ھاڻي جيڪڏھن اوھان چاھيو
تھ اوسط يا درميانو درجو معلوم ڪيو تھ ان جو طريقو
ھي آھي تھ جيڪو ڪم ڪنھن خلق جي اثر ھيٺ ڪيو ٿو وڃي
ان کي ڏسڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ھو سھل يعني آسان يا
سولو ۽ شيرين يعني مٺو يا لذيذ ٿو معلوم ٿئي تھ
سمجھڻ گھرجي تھ اھو ئي خلق نفس تي غالب آھي. مثلا
جيڪڏھن مال کي ڪٺو ڪرڻ ۽ ان ۾ مٺ ڀيڙ ٿيڻ آسان ۽
لذيذ ٿو معلوم ٿئيس بنسبت مستحقن (يعني غريب غربن
۽ مسڪينن) تي خرچ ڪرڻ جي تھ سمجھو تھ نفس تي بخل
جو غلبو آھي. انھيءَ صورت ۾ ھر وقت خير خيرات ڏيڻ
۾ زيادتي ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن غير مستحقن کي ڏيڻ
آسان ۽ لذيذ معلوم ٿيندو ھجي بنسبت واجبي ھٿ کي
روڪڻ جي تھ پاڻ تي فضول خرچيءَ جو غلبو سمجھيو
وڃي. انھيءَ صورت ۾ ھٿ کي روڪڻ تي زور ڏيڻ جي طرف
رجوع ڪيو وڃي. اھڙيءَ طرح نفس جي ڪمن کي ڏسي انھن
جي آسانيءَ ۽ دشواريءَ منجھان عادت ۽ خلق جي سڃاڻ
ڪندا رھو تان جو دل جو لاڙو مال جي طرف منقطع ٿي
وڃي ۽ فضول خرچي ۽ مٺ ڀيڙ ٻنھن ڏانھن رجوع نھ ڪري
بلڪھ مال جو حال بھ پاڻي جھڙو ٿي وڃي. يعني پاڻي
جو روڪڻ جيڪو ھجي اھو بھ ڪنھن جي حاجت روائي لاءِ
ھجي ۽ جيڪڏھن ان جو خرچ ڪرڻو ھجي تھ اھو ساڳيءَ
نيت سان ھجي مگر انھن ٻنھي کي ھڪ ٻئي تي غلبو نھ
رھي. پوءِ جيڪو قلب اھڙي قسم جو ٿي ويندو اھو
انھيءَ خاص مقام کان سالم رھندو ۽ سڀني اخلاقن کان
سالم رھڻ ضروري آھي ايتري قدر جو دنيا جي تعلقات
منجھان ڪنھن شيءِ جو بھ لاڳاپو نھ رھي ۽ ھن دنيا
منجھان ماڻھو بنا ڪنھن لاڳاپي جي کنيو وڃي. نھ ھن
کي خود دنيا ڏي التفات ھجي ۽ نھ دنيا سان واسطو
رکندڙن شين جو شوق. انھيءَ وقت ھو پنھنجي پروردگار
جي سامھون اطمينان سان ويندو. ھو ھن منجھان راضي ۽
ھي ھن منجھان خوش ۽ خدا تعاليٰ جي مقرب ٻانھن يعني
انبيائن، صديقن، شھيدن، ۽ صالحن جي ٽولي ۾ داخل
ٿيندو جيڪي عمدا رفيق آھن.
ياد رکڻ گھرجي تھ وچولو درجو ٻنھيطرفن جي مقابلي ۾ نھايت باريڪ
بلڪھ وار کان وڌيڪ سنھو ۽ ترار کان وڌيڪ تيز ٿو
ٿئي تنھنڪري لازمي آھي تھ جيڪو ھن دنيا جي صراط
مستقيم تي قائم ھوندو اھو ئي سلامتيءَ سان آخرت جي
پل صراط تان لننگھندو ۽ جيئن جو آدمي ھتي ڪجھھ نھ
ڪجھھ صراط مستقيم کان ھڪ نھ ٻئي پاسي تي جھڪي ٿو
پوي ۽ اھڙي طرح قلب انھيءَ طرف سان ٿو لاڙو رکي
جنھن طرف جھڪيو آھي ساڳيءَ طرح پل صراط تان بھ
ڪجھھ نھ ڪجھھ عذاب ۽ صدمو دوزخ ڏانھن لڙي پوڻ جو
ٿيندو. توڙي ڪو کڻي بجليءَ وانگر بھ ڇو نھ اتان
لنگھي وڃي. الله تعاليٰ ٿو فرمائي ”وانن منڪم
اِلاّ واردھا ڪان عليٰ ربِڪ حتما مقضيا – ثم ننجِي
الذين اتّقوا“ (۽ اوھان مان ڪو اھڙو ڪونھي جو ان
(دوزخ) تي پھچڻ وارو ناھي. تنھنجي پروردگار تي اھو
انجام لازم مقرر آھي. وري پرھيزگارن کي
بچائينداسون). يعني اھي ماڻھو جيڪي صراط مستقيم
سان گھڻو ڪري قريب رھيا بعيد ٿورو رھيا. ۽ انھيءَ
استقامت جي دشواري جي سببان ھر روز ٻانھي تي سورت
الحمد لله جي پڙھڻ ۾
17 دفعا ھيءَ دعا واجب رکي وئي آھي تھ اِھدنا
الصراط المستقيم“ (ھلاءِ اسان کي سڌي واٽ).
روايت آھي تھ ڪنھن شخص حضور ﷺ کي خواب ۾ ڏٺو ۽ عرض ڪيائين تھ
توھان فرمايو آھي تھ ھود جي سورت مون کي پوڙھو ڪري
ڇڏيو آھي ان جو سبب چاھي، پاڻ فرمايائونس تھ ان ۾
حڪم خداوندي آھي تھ ”فاستقم ڪما امرت“ (پوءِ جيئن
توکي حڪم ڪيو ويو آھي تيئن تون محڪم رھھ). انھيءَ
منجھان معلوم ٿيو تھ استقامت سڌي واٽ تي ڏاڍي
دشوار يا ڏکي آھي. بندي کي گھرجي تھ جيڪڏھن حقيقي
استقامت ميسر نھ ھجي تھ ان جي ويجھي ۾ ويجھي حد جي
لاءِ ئي ڪوشش ڪري. مطلب تھ جيڪو شخص پنھنجو
ڇوٽڪارو ٿو چاھي اھو سواءِ نيڪ ۽ صالح عملن جي
حاصل ڪري نٿو سگھي ۽ صالح اعمال عمدن اخلاقن
منجھان ٿا حاصل ٿين. انھيءَ ڪري اھا ڳالھھ نھايت
ضروري آھي تھ ماڻھو پنھنجي صفات ۽ اخلاق جي طرف
ڌيان ڏئي ۽ ھر ھڪ جو علاج ترتيب وار ڪري. خدا
تعاليٰ شل اسان کي تقويٰ نصيب فرمائي، آمين ثم
آمين!!
بيان ستون
پنھنجن عيبن سڃاڻڻ جو طريقو
ڄاڻڻ گھرجي تھ جڏھن خدا تعاليٰ ڪنھن سان ڀلائي ڪرڻ چاھيندو آھي
تھ ھن جي نظر کي ھن جي پنھنجن عيبن جي طرف ڦيري
ڇڏيندو آھي. پوءِ جنھن جي سمجھھ تيز ٿي ٿئي تنھن
کان سندس عيب پوشيده نٿا رھن. عيبن جي معلوم ٿيڻ
کان پوءِ علاج جو خيال اچڻ بھ ضروري آھي مگر افسوس
جو ماڻھو پنھنجن عيبن کان جاھل ۽ بي خبر آھن، ٻين
جا عيب ذرو پرزو ڪري معلوم ڪن ٿا مگر پنھنجا وڏي ۾
وڏا عيب بھ نھ ٿا ڄاڻن.
ياد رکڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ڪو پنھنجا عيب ڄاڻڻ گھري تھ انھيءَ جا
چار طريقا آھن.
1.
پھريون طريقو ھي آھي تھ جيڪو مرشد نفس جا عيب
سمجھي سگھندو ھجي ۽ لڪل آفتون معلوم ڪري سگھندو
ھجي ان جي سامھون يا حلقي ۾ وڃي ويھي ۽ پنھنجو پاڻ
کي ھن جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ جيڪي ڪجھھ مجاھدو ھو
ٻڌائي ان موجب عمل ڪري. مريد جو جمرشد تي اھو حق
آھي تھ مرشد نفس جا عيب ۽ علاج ٻئي ٻڌائي ڏئي مگر
ھن وقت ۾ اھڙن مرشدن جو وجود تمام گھٽ ٿو لڀي.
2.
ٻيو طريقو ھي آھي تھ ڪنھن پنھنجي صادق، ديندار ۽
عاقل کي چيو وڃي تھ منھجنجي حالتن ۽ ڪمن ڪارين کي
جاچيندو ۽ تڪيندو رھھ ۽ جيڪي منھنجي ظاھري ۽ باطني
اخلاقن ۽ افعالن ۾ برائي توکي معلوم ٿئي ان جو مون
کي اطلاع ڏيندو رھھ. اڪابر ۽ دين جا امام ھن طرح
ڪندا ھئا. حضرت عمر رضي الله عنه فرمائيندو ھو تھ
خدا تعاليٰ جي رحمت ھجي انھيءَ شخص تي جيڪو مون کي
منھنجا عيب ٻڌائي ۽ حضرت سلمان فارسي رضي الله عنه
کان پنھنجا عيب پڇندو ھو. ھڪ دفعي جڏھن حضرت سلمان
رضي الله عنه حضرت عمر رضي الله عنه وٽ آيو تڏھن
ھن (حضرت عمر) پڇيس تھ ڪائي اھڙي ڳالھھ بھ منھنجي
تو وٽ پھتي آھي جيڪا توکي پري لڳندي ھجي. عرض
ڪيائين تھ انھيءَ ڳالھھ ٻڌائڻ کان مون کي معاف
ڪريو. پاڻ جڏھن اصرار سان پڇيائونس تھ ھن چيو تھ
مان ٻڌو آھي تھ اوھان دسترخوان تي ٻھ ٻوڙ گڏ ڪيا
آھن ۽ اوھان وٽ ٻھ پوشاڪون آھن ھڪ رات لاءِ ۽ ٻئي
ڏينھن لاءِ. پاڻ فرمايائون تھ انھيءَ کان سواءِ
ڪجھھ ٻيو بھ ٻڌو اٿئي. ھن چيو تھ نھ – پاڻ
فرمايائونس تھ انھن بنھي ڳالھين جي تسلي ڪريو.
انھن لاءِ ھڪ سبب آھي ۽ حضرت حذيقھ رضي الله عنھا
کان پڇندا ھئا تھ توھان منافقن جي باري ۾ آنحضرت ﷺ
جا رازدار آھيو. ھي تھ ٻڌايو تھ مون ۾ تھ ڪوئي
منافقي جو نشان ڪونھي. سبحان الله باوجود ايڏي شان
۽ اعليٰ مرتبي جي پاڻ پنھنجي نفس تي ايتري قدر
تھمت ڪندا ھئا. ھن مان ثابت ٿو ٿئي تھ جيڪو عقل
زياده ۽ وڏو رتبو رکندو اھو اجائي ڪبريائي يا
وڏائي ٿوري ڪندو ۽ سڀ کان وڌيڪ پنھنجي نفس تي
تھمتون ٻڌندو. مگر ھن زماني ۾ اھڙو دوست ملڻ مشڪل
آھي جو منھن ڏٺي جو لحاظ پري ڪري عيب ٻڌائي يا حسد
جي سببان جيترو گھرجي ان کان زياده برخلاف نھ چوي
۽ اجايون ڪوڙيون تھمتون نھ لائي. اڄڪلھھ جا دوست
حاسد ۽ خود غرض آھن جو جيڪو عيب ناھي اھو بھ عيب
ڪري ٿا شمار ڪن يا خوشامد جا ماريا وري عيب ٿا
لڪائن. انھيءَ سبب ڪري دائود طائي رحمه الله
تعاليٰ ماڻھن کان ڪناره ڪئي ھئي. جڏھن ھن کان پڇيو
ويو تھ ماڻھن سان ڇو نھ ٿا ملو تھ جواب ڏنائين تھ
انھن ماڻھن سان ملي ڇا ڪريان جيڪي منھنجا عيب
پوشيده ٿا رکن.
مطلب تھ ارباب دين جي آرزو اھائي ھوندي ھئي تھ ٻئي جي ٻڌائڻ تي
پنھنجن عيبن کان واقف ٿجي مگر ھاڻي زمانو اھڙو اچي
ويو آھي جو جيڪو ٿو ڪا نصيحت جي ڳالھھ ڪري ۽ اسان
کي پنھنجا عيب ٻڌائي. اھو سڀ کان وڏو دشمن شمار
ڪيو ٿو وڃي. اھا نشاني آھي ايمان جي ضعف جي ڇاڪاڻ
تھ بد اخلاق نانگ ۽ ڇونءَ جي مثال آھن. پوءِ
جيڪڏھن ڪوئي اسان کي چوي تھ توھان جن ڪپڙن ۾ وڇون
آھي تھ ڪيترا نھ اسان ھن جا شڪر گذار ٿا ٿيون ۽
خوش ٿي ھن کي پري ڪرڻ ۽ مارڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون.
حالانڪھ وڇونءَ جي ڏنگ ۽ زھر جي تڪليف رڳو ھڪڙو
ڏينھن يا ان کان بھ گھٽ ٿي رھي ۽ بد اخلاقن جي
وبال ۽ صدمي جو خوف آھي تھ موت کان پوءِ بھ ھميشھ
لاءِ ھزارن سالن تائين رھن. افسوس آھي تھ جيڪو
انھن بابت ٿو اسان کي ڪجھھ ٻڌائي تھ اسان خوش بھ
نھ ٿا ٿيون ۽ انھن کي دور ڪرڻ جي ڪائي ڪوشش بھ نھ
ٿا ڪريون بلڪھ انھيءَ جي مقابلي ۾ نصيحت ڪندڙ کي
گھٽ وڌ ڳالھائي ڪو نھ ڪو ھن جو عيب ظاھر ٿا ڪريون
تھ تو ۾ بھ تھ فلاڻو عيب آھي ۽ انھيءَ عيب جوئي
ڪرڻ ۾ نصيحت جو فائدو مھمل ٿئي ٿو وڃي. ھيءَ حالت
گناھن جي ڪثرت سببان دل جي سخت ٿي وڃڻ جي نشاني
آھي ۽ انھن سڀني ڳالھين جي پاڙ، ايمان جي ڪمزوري
آھي. اسان الله تعاليٰ کان ھي ٿا گھرون تھ اسان کي
سڌي واٽ ڏيکاري ۽ اسان جي عيبن تي اسان کي آگاھھ
ڪري انھن جي علاج ۾ مصروف ڪري ۽ ھن ڳالھھ جي اسان
کي توفيق عنايت ڪري تھ جيڪو اسان کي ڪوئي عيب
ٻڌائي تھ ان جا شڪر گذار رھون. آمين ثم آمين!
3.
ٽيون طريقو ھي آھي تھ پنھنجا عيب دشمن جي زبان کان
معلوم ڪيا وڃن جو دشمن ھميشھ عيبن جي ئي ڪڍ ھوندو
آھي ۽ اھا حقيقت آھي تھ ھن باري ۾ ماڻھو پنھنجي
عيب ڳولھيندڙ دشمن منجھان بنسبت دوستن جي وڌيڪ
نفعو حاصل ڪري ٿو سگھي. ڇاڪان جو فطرت ۾ اھا ڳالھھ
آھي جو ھو دشمن جي قول کي ڪوڙو ۽ حسد تي ٻڌل
سمجھندو آھي مگر بصيرت وارا دشمن جي قول کي ڪوڙو ۽
حسد تي ٻڌل سمجھندو آھي مگر بصيرت وارا دشمنن جي
قول منجھان بھ فائدو ٿا وٺن ڇاڪاڻ تھ برايون فقط
دشمن جي زبان تان بيان ڪيون وينديون آھن.
4.
چوٿون طريقو ھي آھي تھ ماڻھن ۾ ملي جلي جيڪو عيب
انھن ۾ ڏسي ان کان پاڻ کي تنبيه ڪري ڇاڪاڻ جو مؤمن
ھڪ ٻئي جو آئينو ٿيندو آھي. ٻئي جا عيب ڏسي پنھنجا
عيب معلوم ڪرڻ يا پرکڻ گھرجن ۽ اھا ڳالھھ سمجھي
ڇڏڻ گھرجي تھ طبيعتون سڀني جون قريب قريب ساڳيون
ٿيون ٿين. جيڪا ڳالھھ ھڪ ۾ ھوندي ان جي پاڙ ٻئي ۾
بھ ھوندي يا ان کان وڌيڪ ھوندي. اھڙي طرح جيڪا
ڳالھھ ٻئي ۾ بري لڳي ان کي پنھنجي نفس کان دور ڪرڻ
گھرجي ۽ ھيءَ تاديپ يا سکيا ڏاڍي عمدي آھي. جيڪڏھن
ماڻھو ھن اصول تي عمل ڪن تھ جيڪر مرشد ۽ مودب جي
بھ حاجت ڪا نھ پوي. حضرت عيسيٰ عليه السلام کان
ماڻھن پڇيو تھ توھان کي ادب ڪنھن سيکاريو. پاڻ
جواب ڏنائون تھ ”مون کي ادب ڪنھن ڪو نھ سيکاريو
آھي. جاھل جي جھالت مون کي بري معلوم ٿي ۽ مان
انھيءَ کان پاسو ڪيو.“ ھي طريقو انھن ماڻھن جي
لاءِ آھي جن کي اھڙو استاد ڪامل نھ ملي جيڪو عارف
۽ ذڪي ۽ نفس جي عيبن کان واقف ھجي ۽ شفقت سان دين
جي نصيحت ڪري ۽ پنھنجي نفس جي تھذيب کان فارغ ٿي
الله جي بندن جي تھذيب ۽ تعليم ۾ مشغول ھجي ورنھ
جنھن کي اھڙو مرشد ھٿ اچي وڃي تھ گويا طبيب ملي
ويو. ان جو پيڇو نھ ڇڏي. اھو ھن جو مرض ڇڏائيندو ۽
ھلاڪت کان بچائيندو.
بيان اٺون
قلب جي بيمارين جو علاج شھوتن کي ترڪ ڪرڻ ۾ آھي
ڄاڻڻ گھرجي تھ مٿي ذڪر ڪيل بيان کي جيڪڏھن غور ۽ اعتبار جي نظر
سان ڏٺو ويندو تھ آدميءَ جي بصيرت کلي ويندي ۽ قلب
جون بيماريون علاجن سميت علم ۽ يقين جي نور سان
معلوم ٿي وينديون. مگر جيڪڏھن انھيءَ اعتبار کان
ڪو عاجز آھي تھ ھن لاءِ اھو ضروري آھي تھ انھن
يبامرين ۽ انھن جي علاج ٿيڻ جي تصديق ۽ انھن تي
ايمان تقليد يعني پيروي ڪرڻ يا ٻڌي مڃڻ سان حاصل
ڪري. ياد رکڻ گھرجي تھ ”ايمان“ جو درجو پنھنجو آھي
۽ ”علم“ جو پنھنجو آھي. علم ھميشھ ايمان کان پوءِ
ٿو حاصل ٿئي ۽ ان جو درجو بھ ايمان کان مٿي آھي.
جھڙيءَ طرح الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”يرفع الله
الذين آمنوا منڪم والذين اوتوا العلم درجاتِِ“
(اوھان مان جن ايمان آندو آھي ۽ جن کي علم ڏنو ويو
تن جا مرتبا الله وڏا ٿو ڪري).
پوءِ جنھن شخص ھن ڳالھھ جي تصديق ڪئي تھ شھوت جي مخلفت الله
تعاليٰ وٽ پھچڻ جو ذريعو آھي ۽ ان جو سبب ۽ ڀيد
نٿو ڄاڻي تھ ھن حد تائين ھو رڳو ايمان وارن منجھان
آھي. جڏھن وري سبب ۽ ڀيد کان بھ واقف ٿي ويو تھ
پوءِ ھو ”علم“ وارن منجھان ليکيو ويندو. ”وڪلاّ
وعد الله الحسنيٰ“ (۽ الله تعاليٰ سڀني کي سھڻو
وعدو ڏنو آھي).
۽ ھن ڳالھھ تي ايمان آڻڻ قرآن ۽ حديث ۽ عالمن جي قولن منجھان
ثابت آھي. الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”ونھي النفس
عن الھويٰ ه فاِن الجنت ھي الماويٰ“ (۽ نفس کي سڏ
کان جھليائين پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي) ۽
اھو بھ ٿو فرمائي تھ ”اولٰئڪ الذين امتحن الله
قلوبَھم للتقويٰ“ (اھي آھي آھن جن جي دلين کي الله
تعاليٰ پرھيزگاريءَ لاءِ آزمايو آھي.) ھنن آيتن جي
تفسير ھي آھي تھ انھن جي دلين منجھان (الله
تعاليٰ) شھوتن جي محبت ڪڍي ڇڏي آھي. آنحضرت ﷺ جن
بھ فرمايو آھي تھ ”مؤمن پنجن سختين جي وچ ۾ آھي.
ھڪ تھ ٻيو مؤمن ڀاءُ ھن سان حسد ٿو رکي، ٻيو منافق
ھن سان بغض ٿو رکي. ٽيون ڪافر ھن سان وڙھي ٿو.
چوٿون شيطان ھن کي ورغلائي ٿو ۽ پنجون نفس ھن سان
نزاع (يعني پڪڙ پڇاڙ) ٿو ڪري.“ ھن بيان ۾ فرمايو
اٿن تھ آدمي جو نفس نزاع ڪندڙ دشمن آھي. ھن سان
مجاھدو واجب آھي.
ھڪ روايت ۾ آھي تھ الله تعاليٰ حضرت دائود عليه السلام کي وحي
موڪليو تھ ”اي دائود، پنھنجي اصحابن کي شھوتن جي
کاني کان ڊيڄار ۽ بنچاءَ ڇاڪاڻ تھ جن قلبن جا عقل
دنيوي شھوتن سان تعلق ٿا رکن اھي مون کان حجاب ھيٺ
ٿا رھن.“
حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو تھ خوش آھي حال انھيءَ ماڻھوءَ
جو جنھن ”حال“ جي شھوت (موجوده دنيوي شھوتن) کي اڻ
ڏٺل وعدي لاءِ ڇڏي ڏنو. آنحضرت ﷺ انھن ماڻھن کي
چيو جيڪي جھاد کان واپس آيا ھئا تھ ”توھان کي
مرحبا ھجي. توھان اصغر (ننڍي) جھاد کان اڪبر (وڏي)
جھاد ڏي آيا آھيو.“ ماڻھن پڇيو تھ سائين جھاد اڪبر
ڇاھي. پاڻ فرمايائون تھ ”جھاد النفس يعني نفس سان
جھاد ڪرڻ.“ اھو پڻ فرمايو اٿن تھ ”مجاھد اھو آھي
جيڪو پنھنجي نفس سان خدا تعاليٰ جل شانه جي اطاعت
لاءِ جھاد ڪري.“ ۽ ”پنھنجو ايذاءُ پنھنجي نفس کان
روڪ ۽ ھن جي خواھشن جي پيروي نھ ڪر الله تعاليٰ جي
نافرمانيءَ ۾. انھيءَ صورت ۾ ھو قيامت جي ڏينھن
توسان جھڳڙو ڪندو ۽ تنھنجو ھڪ ٽڪرو ٻئي ٽڪر کي
لعنت ڪندو سواءِ انھيءَ جي جو الله تعاليٰ مغفرت
ڪري ۽ پردھ پوشي فرمائي.“
حضرت سفيان ٿوري رحمت الله عليه فرمائي ٿو تھ نفس کان وڌيڪ سخت
علاج مان ڪنھن بھ شيءِ جو نھ ڏٺو. ڪڏھن مون کي
مفيد ٿو ٿئي ۽ ڪڏھن مضر (نقصانڪار). حضرت
ابوالعباس موصلي پنھنجي نفس کي چوندو ھو تھ تون نھ
تھ ٿو شھزادن سان گڏ دنيا جا مزا ماڻين ۽ نھ اخوت
جي طلب ۾ عابدن سان محنت ڪرين. ڇا تون مون کي دوزخ
٧ بھشت جي وچ ۾ قيد ڪرائيندين؟ شرم نٿو اچئي. حضرت
حسن بصري رحمت الله چوندو ھو تھ نفس کان وڌيڪ ڪنھن
سرڪش گھوڙي کي بھ لغام جي ضرورت نھ ھوندي.
حضرت يھيٰ بن معاذ رحمنت الله ٿو چوي تھ نفس سان رياضت جي
تلوارن سان لڙائي ڪرڻ گھرجي ۽ رياضت چئن قسمن جي
آھي. ٿورو کائڻ، ٿورو سمھڻ، ٿورو ڳالھائڻ ۽ سڀني
ماڻھن جي ايذاءَ کي سھڻ. ٿوري کائڻ سان شھوت مري
ٿي وڃي. ٿوري سمھڻ سان نيت صاف ٿي ٿئي. ٿوري
ڳالھائڻ سان ماڻھو زبان جي آفتن کان سلامت ٿو رھي
۽ ايذاءَ جي برداشت ڪرڻ سان ماڻھو اقصيٰ (تمام
ويجھي) جي رتبي کي ٿو پھچي ۽ ٻانھي تي ھڪ حڪم ۽
ٻيو جفا کي برداشت ڪرڻ جي برابر ڪائي شيءِ سخت
ناھي. پوءِ جڏھن نفس منجھان شھوت جو ارادو اٿي يا
بيھوده ڪلام ڪرڻ جي شيريني ھن ۾ جوش کائي تھ انھي
وقت گھرجي تھ ٿوري کائڻ جي ترار کي ٿوري سمھڻ جي
غلاف کان اگھاڙو ڪري ۽ خاموشيءَ جو تازيانو ھن تي
جڙي تان جو ظلم ۽ انتقام کان باز اچي ۽ ھميشه لاءِ
انھيءَ جي وبال کان ڇٽي ۽ شھوتن ۽ ڪدورت کان ھن کي
صاف ۽ پاڪ ڪري. تڏھن وڃي ڪا ھن کي آفتن کان رخصت
ملندي. ھن وقت ھو نوري ۽ روحاني ھلڪو ۽ آزاد ٿي
ويندو ۽ نيڪين جي ميدان ۾ ڊوڙندو رھندو ۽ اطاعت ۽
فرمانبرداري جي واٽن ۾ سرپٽ گھوڙي وانگر ميدان
ڏيندو وتندو ۽ اھڙو ٿي ويندو جھڙو بادشاھھ چمن ۾
سير ڪندو آھي. ھي قول بھ انھن فرمايو آھي تھ انسان
جا دشمن ٽي آھن: دنيا، شيطان ۽ نفس. دنيا کان زھد
ڪري بچڻ گھرجي ۽ شيطان کان ان جي مخالفت ڪرڻ سان ۽
نفس کي شھوتن کان ترڪ ڪرڻ سان.
ڪن سياڻن جو قول آھي تھ جنھن شخص تي نفس غالب ٿي ٿو وڃي اھو نفس
جي چاھھ ۾ قيد ٿي ٿو وڃي ۽ ھن تي ٻيڙيون ۽ طوق
پئجي ٿا وڃن ۽ واڳ نفس جي قيبصي ۾ اچي ٿي وڃي.
جاڏي چاھي ٿو تاڏي انسان کي گھليندو ٿو وتي ۽ قلب
کي فائدن حاصل ڪرڻ کان مانع ٿو ٿئي.
امام جعفر عليه السلام ٿو فرمائي تھ انھيءَ تي عالمن ۽ حڪيمن جو
اتفاق آھي تھ دائمي عيش سواءِ (ھن دنيا جي عارضي)
عيش ڇڏڻ جي نٿو ملي. ابو يحيٰ وراق رحمت الله ٿو
فرمائي تھ جنھن ماڻھوءَ عضون جي خوشي شھوت جي پوري
ڪرڻ سان ڪئي ان دل جي ٻنيءَ ۾ ندامت جو ٻج پوکيو.
وھيب بن الورد رحمت الله ٿو فرمائي تھ مانيءَ کان
وڌيڪ ٻي ڪا شيءِ آھي تھ اھا نفس جي خواھش ۾ داخل
آھي ۽ ھي بھ انھن جو قول آھي تھ جيڪو دنيا جي
شھوتن سان محبت ٿو رکي اھو ذلت جي واسطي تيار رھي.
روايت آھي تھ زليخا، حضرت يوسف عليه السلام کي ان وقت ۾ جو پاڻ
مصر جي ملڪ جابادشاھھ ھئا عرض ڪيو تھ يوسف! حرص ۽
شھوت بادشاھن کي غلام ڪري ڇڏيو ۽ صبر ۽ تقويٰ
غلامن کي بادشاھھ بڻائي ڇڏيو. پاڻ فرمايائون تھ ھي
الله تعاليٰ جو فرمان آھي تھ اِنه من يتّق و يصبِر
فاِن الله لا يضيع اجر المحِسنين“ جيڪو پرھيزگاري
ڪندو ۽ صبر ڪندو (يعني ثابت قدم رھندو) تھ الله
ڀلارن جو اجر نھ وڃائيندو آھي.“
حضرت جنيد رحمت الله ٿو فرمائي تھ ھڪ دفعي رات جو مان جاڳيس ۽
نماز لاءِ بيٺس. مون کي اھا لذت نھ آئي جيڪا ھميشه
ايندي ھئي. مان ارادو ڪيو تھ سمھي پوان مگر اھو بھ
نھ ٿي سگھيو. پوءِ وري ويھڻ چاھيم تھ اھو بھ ممڪن
نھ ٿيو. آخر گھر کان نڪتس تھ ڏٺم تھ ھڪ ماڻھو ڪميل
۾ ويڙھيو سيڙھيو رستي ۾ پيو آھي. جڏھن ھن منھنجي
پيرن جو آواز ٻڌو تھ چيائين تھ اي ابوالقاسم ھن
وقت ٿورو تھ مون ڏي اچجانءِ. مون چيومانس تھ ميان
صاحب ڇو ڀلا ھن کان اڳ مون کي پنھنجو اطلاع ڇو نھ
ڏنو اٿو. ھن چيو تھ ٺيڪ آھي مان الله تعاليٰ کان
دعا گھري ھئي تھ تنھنجي دل کي منھنجي لاءِ حرڪت
ڏئي. مان چيو تھ اھو ڪم تھ الله تعاليٰ توھان جو
ڪيو. ھاڻي اوھان ٻڌايو تھ اوھان جو مطلب ڇا آھي.
ھن چيو تھ مون کي ٻڌايو تھ ”نفس جو درد ڪھڙي صورت
۾ نفس جو علاج ٿو بڻجي.“ مان جواب ڏنو تھ جڏھن
آدمي پنھنجي خواھشن جي خلاف ڪو ڪم ٿو ڪري تھ نفس
کي درد ٿو پھچي مگر اھو درد ئي ھن جو علاج ۽ دوا
آھي. انھيءَ وقت اھو ماڻھو پنھنجي نفس ڏي متوجھ ٿي
چوڻ لڳس تھ ٻڌ! مان توکي ست دفعا اھو ئي جواب ڏنو
ھو مگر تو نھ مڃيو ۽ چيئي تھ جنيد کان ٻڌڻ ٿو
گھران. چڱو، ھاڻي ٻڌ، پوءِ اھو ماڻھو ھليو ويو ۽
مان ھن کي نھ سڃاتو.
يزيد رقاسي رحمت الله فرمائيندو ھو تھ يارو! مون کي ٿڌو پاڻي
دنيا ۾ نھ ڏيو. ائين نھ ٿئي جو آخرت ۾ ان کان
محروم رھان. ھڪڙي شخص عمر بن عبدالعزيز رضي الله
عنه کان پڇيو تھ مون کي ڪھڙي وقت ڳالھائڻ گھرجي.
پاڻ فرمايائونس تھ جڏھن نفس خاموشي گھري. وري
پڇيائين تھ ڀلا چپ ڪھڙيءَ مھل ڪريان تھ جواب
ڏنائونس تھ نفس جڏھن ڳالھائڻ چاھي (يعني ھو صورت ۾
نفس جي گھر ۽ چاھھ جي ابتڙ ڪرڻ گھرجي). ھضرت علي
ڪرم الله وجھھ فرمايو تھ جنھن کي جنت جو شوق ھجي
اھو دنيا ۾ خواھشن کان پري رھي. حضرت مالڪ بن
دينار رحمت الله بازار ۾ ڦرندا ھئا. جڏھن ڪا شيءِ
پنھنجي دل کي وڻندڙ ڏسندا ھئا تھ پنھنجي نفس کي
چوندا ھئا تھ صبر ڪرڻ گھرجي. خدا جو قسم آھي تھ
مان توکي منع ٿو ڪريان ۽ توکي مان پنھنجي نزديڪ
وڏو سمجھي ٿو روڪيان.
ھنن سڀني روايتن منجھان معلوم ٿيو تھ عالمن ۽ سياڻن جو ھن ڳالھھ
تي اتفاق آھي تھ آخروي سعادت جي واٽ سواءِ نفس کي
نفساني خواھشن کان روڪڻ جي ۽ سھوتن جيمخالفت ڪرڻ
جي ٻي ڪائي ڪينھي ۽ ھن ڳالھھ تي ايمان آڻن واجب
آھي. باقي رھيو ھن ڳالھھ جي تفصيل جو علم تھ شھوتن
منجھان ڪھڙي شيءِ کي ترڪ ڪرڻ گھرجي ۽ ڪھڙي شيءِ
کي نھ ڪرڻ گھرجي سو انھيءَ بيان منجھان معلوم
ٿيندو جيڪو اسان مٿي لکي چڪا آھيون.
ياد رکڻ گھرجي تھ اصل رياضت انھيءَ جو نالو آھي تھ جيڪا شيءِ
قبر ۾ ساڻ نھ ھلي ان منجھان نفس کي فقط ضرورت
جيترو فائدو وٺڻ گھرجي. جيڪڏھن ھن قدر کان ڪجھھ بھ
زياده ڪندو تھ انھيءَ زياده قدر سان ھن جو انس ۽
الفت ٿيندي. جڏھن مرندو تھ انھيءَ الفت ڪري دنيا ۾
وري اچڻ جي تمنا ھن کي ھوندي ۽ آخرت ۾ ھن کي ڪو بھ
بھرو نھ ملندو ۽ ھن کان نجات جي صورت اھا آھي تھ
قلب خدا تعاليٰ جي معرفت ۽ محبت ۽ فڪر ۾مشغول رھي
۽ انھيءَ مالڪ سائين جو ٿي رھي ۽ دنيا منجھان فقط
ايتري حد تي قناعت ڪري جو فڪر ۽ ذڪر ۾ مانع نھ
ٿئيس. ھي ڳالھيون سڀ انھيءَ مالڪ مھربان جي عنايت
سان ٿيون ميسر ٿين پوءِ جيڪو ھن حقيقي رياضت کي نھ
پھچي سھي تھ گھٽ ۾ گھٽ ان جي قريب قريب پھچڻ جو
قصد ڪري. ھن باري ۾ ماڻھو چئن قسمن جا آھن.
ھڪڙو انھن ماڻھن جو آھي جن جو قلب زڪر الاھي ۾ ٻڏل ٿو رھي ۽
دنيا جي طرف سواءِ گذران جي وڌيڪ توجھ ئي نٿا ڪن،
اھي ماڻھو صديقن منجھان ٿا ٿين مگر ھي رتبو گھڻن
ڏينھن جي رياضت ۽ وڏي مدت تائين شھوتن کي ترڪ ڪرڻ
منجھان ٿو ملي.
ٻيو قسم انھن ماڻھن جو آھي جنھن جي دل دنيا ۾ غرق آھي ۽ الله
تعاليٰ جو ذڪر صرف حديث نفس جي طور تي ٿو اچي.
يعني اھي صرف زبان سان ٿا ذڪر ڪن ۽ نھ دل سان. اھي
ماڻھو ھالڪين (يعني ھلاڪ برباد ٿيڻ وارن) منجھان
آھن.
ٽيون قسم انھن ماڻھن جو آھي جيڪي دين ۽ دنيا ٻنھي ۾ مشغول آھن
مگر دل تي دين غالب آھي تھ اھڙا ماڻھو باھھ ۾ تھ
ضرور ويندا مگر جيتري قدر دل تي ذڪر الاھي جو غلبو
ھوندو اوتري قدر جلد نجات پائيندو.
چوٿين قسم ۾ اھي آھن جيڪي دين ۽ دنيا ۾ مشغول آھن مگر دل تي
دنيا جو غلبو گھڻو آھي تھ ھي ماڻھو دوزخ ۾ زياده
رھندا. مگر ان منجھان بيشڪ نڪرندا ڇاڪاڻ تھ
جيتوڻيڪ دنيا ھنن جي دل تي غالب ھئي مگر خا جو ذڪر
بھ تھ دل سان ڪندا ھئا. انھيءَ زڪر جي قوت سان
نجات حاصل ٿيندن. ڌڻي تعاليٰ اسان کي اھڙيءَ ذلت ۽
رسوائيءَ کان بچائجانءِ.
ڪي ماڻھو چوندا آھن تھ مباح شين منجھان لذت وٺڻ مباح اھي تھ
پوءِ انھيءَ سببان خدا تعاليٰ کان دوري ڪيئن
ٿيندي. مگر ھي خيال انھن جو خام آھي. حقيقت ھيءَ
آھي تھ ”دنيا جي محبت پاڙ آھي سڀني خطائن جي“ يعني
دنيا جي دوستي ھر ھڪ گناھھ جي پاڙ آھي ۽ ھر ھڪ
نيڪيءَ کي گھٽائي يا ڪيرائي ٿي ڇڏي. مباح شيءِ
جيڪا ضرورت کان زياده آھي اھا بيشڪ دنيا آھي ۽
دوريءَ جو سبب ٿي بڻجي.
حضرت ابراھيم خواص رضي الله عنه ٿو چوي تھ مان ھڪ دفعي لڪام
پھاڙ تي ھيس. مون کي ڪجھھ ڏاڙھون ڏسڻ ۾ آيا ۽ دل
سٽ ڏني. ھڪڙو پٽي جو وڍيم تھ کٽو نڪتو. اتي جو اتي
اڇلائي مان اڳتي ھليس. رستي تي ھڪڙو ماڻھو پيو ھو
۽ ان جي مٿان ڏينڀو اچي گڏ ٿيا ھئا. مان ھن کي چيو
السلام عليڪم – ھن چيو وعليڪم السلام يا ابراھيم!
مان پڇيومانس تھ تو مون کي ڪيئن سڃاتو. ھن چيو تھ
جيڪو خدا تعاليٰ کي ٿو سڃاڻي ان کان ڪا بھ شيءِ
مخفي نٿي رھي. مان چيومانس تھ تون پھتل ٻانھو ٿو
ڏسجين، خدا تعاليٰ کان دعا ڇو نٿو گھرين تھ ھنن
ڏينڀن کان توکي بچائي. ھن جواب ڏنو تھ توھان بھ نھ
پھتل آھيو. پوءِ دعا ڇو نھ ٿا گھرو تھ ڏاڙھونءَ جي
خواھش کان توھان جي دل کي بچائي. ڏينڀن جا ڏنگ تھ
دنيا تائين ھلندا. شھوت جي تڪليف تھ آخرت تائين
ھلندي. اھو ٻڌي مان ماٺڙي ڪري ھليو ويس.
سري رحمت الله عليه ٿو فرمائي تھ چاليھھ سالن کان منھنجو نفس ٿو
گھري تھ جيڪو ڇوھارن جي شيري ۾ ماني ٿر ڪري کاوان
مگر مان نھ کارائي اٿمانس. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ
قلب جو اصلاح آخرت جي سلوڪ ملي ڪرڻ لاءِ نٿو ٿئي
جيسين نفس کي شھوتن کان ۽ مباح شين جي لذت کان
روڪيو نٿو وڃي، ڇاڪاڻ تھ مباح شين جي لذت وٺڻ سان
ماڻھو ڪيترن ئي خطرن ۾ مبتلا ٿي ٿو وڃي. انھيءَ
ڪري جيڪڏھن ڪوئي چاھي تھ زبان منجھان غيبت ۽ ٻي ڪا
فضول ڳالھھ نھ ڪري تھ ھن کي گھرجي تھ سواءِ خدا
تعاليٰ جي ذڪر ۽ دين جي ضرورتن جي ٻيو ڪو بھ ڪلمو
زبان منجھان نھ ڪڍي ۽ سڪوت اختيار ڪري تان جو ڪلام
ڪرڻ يعني ڳالھائڻ جي شھوت يا واھش بلڪل فنا ٿي
وڃي. ھن کانپوءِ جيڪو لفظ نڪرندو اھو حق ھوندو ۽
سڪوت ۽ ڳالھائڻ ٻئي عبادت ٿي پوندا. جيڪڏھن اک ۾
ھيءَ عادت آھي تھ ھر ھڪ چڱي شيءِ تي ٿي پوي تھ
ڪڏھن ڪڏھن حرام تي بھ ضرور پوندي ھوندي. بھتر آھي
تھ ان کي چڱين شين ڏسڻ کان ئي روڪجي تھ حرام شين
کان ازخود پري رھندي. ٻين شھوتن جو بھ اھو ئي حال
آھي. ڇاڪاڻ تھ حلال ۽ حرام ٻنھي جي شھوت تھ ھڪ ئي
آھي ۽ بندي کي حڪم آھي تھ حرام کان شھوت کي روڪي.
پوءِ جيڪڏھن حاجت جي مقدار تي ڪفايت ڪرڻ جو عادي
نھ ھوندو تھ شھوت جو غلبو ٿي ويندو ۽ اھا مباح شين
جي ھڪ ادنيٰ آفت آھي. انھيءَ کان علاوه بيون بھ
ڪيئي وڏيون آفتون آھن جھڙوڪ دنيا جي لذت حاصل ڪري
ماڻھو خوش ٿيندو آھي ۽ انھيءَ لذت جي طرف لاڙو ۽
اطمينان ڪندو آھي ۽ ناز نخري ۾ اچي ڪپڙن ۾ ئي نھ
ماپندو آھي ۽ اھڙو ٿي ٿو وڃي جھڙو ھڪ متوالو جيڪو
ھوش ۾ ئي نھ ھجي. ھيءَ خوشي ھن جي حق ۾ زھر قاتل
آھي جيڪو رڳ رڳ ۽ ريشي ريشي ۾ پکڙجي ٿو وڃي ۽ دل
منجھان خوف ۽ موت جي يادگيري ۽ قيامت جون سختيون
يڪدم اڏاري ٿو ڇڏي. انھ:ءَ جو نالو آھي ”قلب جو
موت“ قرآن مجيد ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي دنيا جي ۽ ان
جي خوش ٿيڻ جي مذمت يا برائي موجود آھي. جھڙوڪ
ارشاد آھي تھ ”رضوا بِالحيوٰتِ الدنيا و اطمانوا
بِھا“ (ھي دنيا جي حياتيءَ سان ريجھي ويا ۽ انھيءَ
سان آرامي ٿي رھيا) ۽ ”وما الحيوٰت الدنيا في
الاخِرتِ اِلاّ متاع“ دنيا جي حياتي آخرت ۾ ٿوريءَ
وٽ کانسواءِ نھ آھي (يعني آخرت جي مقابلي ۾ دنيا
تمام معمولي شيءِ آھي) ۽ اھو پڻ فرمايو ويو آھي تھ
”اِعلموا انما الحيوٰت الدنيا لعبءٌ ولھوءٌ و
زينتهءٌ وتفاخرءٌ بَينڪم و تڪاترءٌ في الاموال و
الاولاد“ (ڄاڻو تھ دنيا جي حياتي ھڪ راند ۽
بيفائدي ۽ سنيگار ۽ پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن
۾ ھڪٻئي کان گھڻا ئي طلب آھن). خدا تعاليٰ شل انھن
آفتن کان بچائي.
انھيءَ کان سواءِ اھل دل جيڪي ھر شيءِ ۾ احتياط ڪندڙ آھن. انھن
آزمائي ڏٺو آھي تھ دنيا جي خوشيءَ جي حالت ۾ دل
سخت ۽ سرڪش ۽ ذڪر کان بي اثر ٿي رھي ۽ غم جي حالت
۾ دل فرم ۽ صاف ۽ اثر قبول ڪندڙ ٿي ٿئي. انھيءَ
ڪري انھن سمجھي ورتو آھي تھ آدميءَ جي نجات انھيءَ
۾ آھي تھ ھميشھ غمگين رھي ۽ خوشي ۽ بي فرمانيءَ
کان ڪوھين دور پڄي. انھيءَ ڪري انھن درويشن پنھنجي
نفس ۾ اھا عادت وڌي تھ شھوتون خواه حلال ھجن يا
حرام سڀني کان پاڻ کي روڪڻ گھرجي ۽ جيڪي بھ نفس جي
قرار وٺڻ واريون جايون ۽ رھڻ جا ھنڌ آھن انھن سڀني
کي الڳ ڪري ڇڏجي ۽ ھي بھ سمجھي ڇڏيائون تھ حلال
خواھشن جو بھ حساب ٿو ٿئي جيڪو ھڪ قسم جو عذاب
آھي. ڇاڪاڻ جو جنھن کان حساب ۾ بحث تڪرار ڪيو
ويندو ۽ ذرو پرزو پڇيو ويندو اھو قيامت جي ميدان ۾
ڪيڏي نھ تڪليف سھندو، انھن ڳالھين جي لحاظ کان
انھن پنھنجي نفس کي بچايو ۽ شھوپت جي غلامي ۽ قيد
کان ڇٽي ٻنھي جھانن جي آادي ۽ بادشاھت ورتي ۽ خدا
تعاليٰ سان شغل ۽ انس حاصل ڪيائون.پنھنجي نفس سان
اھو معاملو ڪيائون جيڪو باز پکيءَ سان ھيرائڻ وقت
ڪيو ٿو وڃي. يعني پھريائين باز کي اونداھي ڪوٺيءَ
۾ رکندا آھن ۽ ھن جون اکيون سبي ڇڏيندا آھن تھ ھوا
۾ اڏامڻ ۽ آزاد ڇڙواڳ رھڻ، جنھن جو عادي ھو. اھو
ھن کان ڇٽي وڃي. انھيءَ کانپوءِ ان کي گوشت تي
لڳائيندا آھن تھ ھو جيئن مالڪ کي سڃاڻي ۽ جڏھن ھن
جو آواز ٻڌي تھ ھن ڏي موٽي اچي. اھڙيءَ طرح نفس بھ
پنھنجي رب سان مانوس نٿو ٿئي ۽ نھ ان جي ذڪر سان
الفت ٿو رکي مگر پھريائين ھن جون عادتون عزلت
(گوشھ نشيني) ۽ خلوت (اڪيلائي) جي ذريعي ڇڏايون
ٿيون وڃن ۽ اک کي انھن جي انس وارين شين کان حفاظت
ڪئي ٿي وڃي. پوءِ ذڪر ۽ ثنا جي عادت وڌي ٿي وڃي
تان جو ان سان ھن جو انس ٿي وڃي ۽ دنيا جو انس
پنھنجي سڀني شھوتن سميت ھميشه لاءِ وسري ٿو وڃي.
ھي ڪم مريد کي منڍ ۾ ڏاڍو گران ٿو گذري مگر آخر ۾ عادت پئجي ٿي
وڃيس. جھڙيءَ طرح کير پياڪ ٻار جو کير ٿو ڇڏائجي
تھ ھو ڪيئن نھ ٿو روئي. ڇاڪاڻ تھ ھڪ پل بھ کير
کانسواءِ رھڻ جي ھن کي عادت نھ ھئي. اوچتو ھن کي
روڪيو ويو آھي. انھيءَ کير جي عيوض ۾ جيڪو طعام ھن
جي اڳيان آندو ٿو وڃي اھو بھ نٿو وڻيس ۽ ان کان
نفرت ٿو ڪري. مگر جڏھن کير صفا ڪو نھ ٿو مليس تھ
درجي بدرجي ٿوري عرصي کانپوءِ زور مس ڪري کائڻ
شروع ٿو ڪري تان جو وري ھن کي رڳو طعام ئي ٿو چڱو
لڳي ۽ کير جو نالو ئي نٿو وٺي بلڪھ ان کي برو ڪري
ٿو سمجھي. ساڳيءَ طرح ٻھاڻ (نئون گھوڙو) پھريائين
لغام زين ۽ سواريءَ کان ڀڄندو آھي مگر زوري ھن
کان اھو ڪم ورتو ويندو آھي ۽ ڇڙواڳ گھمڻ جي عادت
وڃائڻ لاءِ اڳياڙي پڇاڙي ٻڌي يندس اٿس مگر آھستي
آھستي اھڙو سکي ٿو وڃي جو جنھن جاءِ تي سوار ڇڏي
ٿو ڏئيس تھ اتان چري ئي نٿو توڙي ٻڌل نھ بھ ھوندو
آھي.
انھن شين جي سکيا وانگر نفس جي بھ سکيا ٿيندي آھي ۽ ھن کي ادب
ھن طرح سيکاريندا آھن جو ھن کي دنيا جي لذتن جي
ڏسڻ ۽ انھن منجھان انس ۽ خوشي حاصل ڪرڻ کان بلڪل
روڪي ڇڏيندا آھن بلڪھ جيڪي بھ شيون موت کان پوءِ
ھن کان ڇٽڻ واريون آھن انھن سڀني جو انس ھن کان
ڇڏايو ٿو وڃي. نصيحت ھن طرح ڪندا اٿس تھ محبت جنھن
شيءِ سان وڻئي تنھن سان رک مگر آخر ۾ اھا تو کان
جدا ڪئي ويندي. جڏھن ھن کي يقين ٿي ٿو وڃي تھ جيڪو
شخص جنھن شيءِ سان دل لڳائيندو بيشڪ درد فراق ۾
مبتلا ٿيندو ۽ جدا ٿيڻ ضروري آھي تھ انھيءَ نصيحت
کان پوءِ ھو اھڙي شيءِ سان ٿو محبت رکي جنھن کان
ڪڏھن بھ جدا نھ ٿئي يعني ذڪر الاھي جيڪو قبر ۾ بھ
ساڻ رھندو ۽ جدا نھ ٿيندو. انھيءَ ڳالھھ لاءِ ٿورا
ڏينھن صبر ڪرڻو ٿو پوي يعني حياتي جي عرصي تائين
جيڪو آخرت جي حياتيءَ جي نسبت تمام ٿورو آھي.
ڏسو عاقل ماڻھو ھن ڳالھھ تي راضي ٿيندا آھن تھ ٿورو سفر ڪري
ڪوئي ڪم يا ڌنڌو ھڪ اڌ مھيني ۾ اھڙو سکجي جنھن سان
ھڪ سال بلڪھ ساري عمر چين اچي وڃي. پوءِ جيڪڏھن
حساب ڪبو تھ زندگيءَ جي مدت ابد الاباد واري عرصي
جي نسبت ايتري بھ ناھي جيتري مدت ھڪ مھيني جي
زندگي جي ڏينھن سان آھي تھ پوءِ انھن ٿورن ڏينھن
جو مجاھدو انھيءَ دائمي خوشي لاءِ ضروري آھي.
مجاھدي ۽ رياضت جو طريقو ھر ھڪ ماڻھوءَ جو الڳ ٿو ٿئي مگر ڪليھ
قاعدو اھو آھي تھ دنيا جي اسباب منجھان جنھن سان
جنھن جي دل ھجي ان کي ترڪ ڪرڻ گھرجي. مثلا جيڪي
ماڻھو مال ۽ جاءِ سان خوش ٿا ٿين يا پنھنجي وعظ جي
تاثير کان خوش ٿيندا ھجن يا اميري ۽ حڪومت کان يا
شاگردن جي وڏي تعداد کان خوش ٿا ٿين تھ انھن کي
گھرجي تھ پھريائين انھن شين کي دل و جان سان وساري
ڇڏين ۽ پوءِ جيڪڏھن انھن شين منجھان ڪا شيءِ انھن
کان روڪي وڃي ۽ چيو وڃين تھ توھان جو ان جي نھ ملڻ
کان ڪجھھ آخرت جو ثواب گھٽ نھ ٿيندو ۽ ھو انھيءَ
کان ناراض ٿين ۽ رنج ڪن تھ ڄاڻڻ گھرجي تھ اھي
ماڻھو انھن منجھان آھن جيڪي ”رضوا بِالحيوتِ
الدنيا واطمانوا بِھا“ (دنيا جي حياتيءَ سان ريجھي
ويا ۽ انھيءَ سان آرامي ٿي ويا) ۽ ھيءَ ڳالھھ انھن
جي حق ۾ زھر آھي. جڏھن انسان فرحت جا سڀ سامان ڇڏي
ڏئي، تڏھن ماڻھن کان الڳ ٿي پنھنجي دل جي نگراني
ڪري انھيءَ حد تائين جو سواءِ الاھي ذڪر ۽ فڪر جي
ٻئي ڪنھن بھ شيءِ ۾ مشغول نھ ٿئي، جيڪو بھ نفس ۾
وسوسو يا شھوت ظاھر ٿئي ان کي تاڙيندو رھي. جڏھن
بھ ڪجھھ پيدا ٿئي تھ فورا ان جي پاڙ پٽي ڇڏي يعني
وسوسي ٿيڻ جو ڪو سبب ھوندو ۽ ان جي پاڙ انھيءَ سبب
کي قطع ڪرڻ سان پٽبي ۽ اھڙيءَ طرح ساري عمر ڪندو
رھي. ھن مان معلوم ٿيو تھ نفس جي مجاھدي جي انتھا
فقط موت ئي آھن.
بيان نائون
حسن خلق جي علامتن جي تميز
ڄاڻڻ گھرجي تھ ماڻھوءَ کي پنھنجن عيبن جو پتو نھ پوندو آھي.
جڏھن ٿورو مجاھدو ڪري وڏا گناھھ ڇڏي ڏيندو آھي تھ
سمجھڻ لڳندو آھي تھ ھاڻي مان تھذيب وارو ٿي ويو
آھيان. مون ۾ حسن خلق اچي ويو آھي. وڌيڪ معجاھدي
جي ضرورت ڪانھي. انھيءَ ڪري اھا ڳالھھ ضروري سمجھي
وئي آھي تھ حسن خلق جون ڪجھھ علامتون ٻڌايون وڃن
ڇاڪاڻ تھ حسن خلق عين ايمان آھي ۽ سوءِ خلق يعني
بد خلق، عين نفاق (يعني منافقي). قرآن مجيد ۾
خداوند ڪريم مؤمنن ۽ منافقتن جون صفتون بيان ڪري
ڇڏيون آھن ۽ اھي سڀ خوش خلق ۽ بد خلق جا نتيجا
آھن. انھن منجھان اسان ڪجھھ ھتي بيان ٿا ڪريون تھ
حسن خلق جي نشاني معلوم ٿي وڃي. الله تعاليٰ ٿو
فرمائي ”قد افلح المؤمنون ه الذين ھم في صلاتِھم
خاشعون ه والذين ھم عن الفو معرضون کان و اولٰئڪ
ھم الوارنون“ تائين. (بيشڪ اھي مؤمن ڇٽا جيڪي
پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن ۽ جيڪ اجائي ڳالھھ
کان منھن موڙيندڙ آھن ۽ جيڪي زڪوات ادا ڪندڙ آھن ۽
جيڪي پنھنجين اوگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن.
رڳو پنھنجين زالن اوگھڙن کي (زنا کان) بچايئندڙ
آھن. رڳو پنھنجين زالن ۽ پنھنجين ٻانھين سان (گڏ
ٿيندا) آھن، پوءِ بيشڪ اھي ملامت ڪيل نھ آھن. پوءِ
جيڪي پنھنجين زالن پنھنجين ٻانھين کان سواءِ
طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن ۽ جيڪي پنھنجين
امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن ۽ جيڪي
پنھنجين نمازن جي نگاھھ رکندا آھن. اھي ئي اھي
وارٿ آھن جيڪي نيٺ بھشت جا وارث ٿيندا). ٻي آيت
شريف ۾ آھي تھ ”التّائبُون العابِدون الحامدون کان
يشر المؤمنين“ تائين (اھي توبه ڪندڙ، عبادت ڪندڙ،
ساراھھ ڪندڙ، (خدا جي واٽ ۾) مسافري ڪندڙ، رڪوع
ڪندڙ، سجدو ڪندڙ، چڱائيءَ جو ڪم ڪندڙ ۽ مدائي کان
جھليندڙ ۽ الله جي ھدن کي نگاھھ ۾ رکندڙ آھن ۽
اھڙن مؤمنن کي خوشخبري ڏي). سوره فرقان ۾ پڻ ارشاد
باري آھي تھ، ”و عبَاد الرحمان الذين يمشون عليٰ
الارض ھونا و اِذا خاطبَھم الجاھلون کان سوره جي
پڇاڙيءَ تائين (۽ ٻاجھاري ان جا ٻانھا اھي آھن
جيڪي زمين تي نوڙت سان گھمندا آھن ۽ جڏھن بيوقوف
ساڻن ڳالھائيندا آھن تڏھن چوندا آھن تھ سلامت ھجو
شال ۽ اھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽
قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن ۽ اھي جيڪي
چوندا آھن تھ اي اان جا پالڻھار اسان کان دوزخ جو
عذاب ٽار. بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چٽي آھي. بيشڪ
اھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۾ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي ۽ اھي
جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نڪي اجايو خرچيندا آھن ۽
نڪي تنگي ڪندا آھن ۽ انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا
ھلندا آھن ۽ اھي جيڪي الله کان سواءِ ٻئي ڪنھن
معبود کي نھ پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي جيءَ کي
ماريندا آھن جنھن جو حق کان سوآءِ مارڻ الله حرام
ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن ۽ جيڪو اھي ڪم ڪندو سو
سخت عذاب لھندو ۽ قيامت جي ڏينھن انھن کي ٻيڻو
عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار رھندو. پر جن توبه
ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي اھي آھن جن جون
مدايون الله ڦيرائي نيڪيون ڪندو ۽ الله بخشڻھار
مھربان آھي ۽ جيڪو توبھ ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري سو بيشڪ
الله ڏانھن وري موٽي ٿو ۽ اھي جيڪي ڪوڙي شاھدي نھ
ڏيندا آھن ۽ جڏھن بيھودي ڪم تي لنگھندا آھن (تڏھن
چڱي ريت) ڀلارن وانگر لنگھندا آھن ۽ اھي جو جڏھن
کين سندن پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏبي آھي (تھ)
ان (جي ٻڌڻ) سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي تھ ڪرندا آھن. ۽
اھي جيڪي چوندا آھن تھ اي اسان جا پالڻھار اسن جي
زالن منجھان ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو
ٺار بخش ۽ اسان کي پرھيزگارن جو امام ڪر. اھي
(اھي) آھن جن کي سندن صبر سببان وڏيون ماڙيون عوض
۾ ڏبيون ۽ ان ۾ چڱي دعا ۽ سلام پھچائين. منجھس
سدائين رھڻ وارا آھن. اھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ
جو ھنڌ چڱو آھي. (اي پيغمبر کين) چئو تھ جيڪڏھن
اوھان (الله کان) دعائون نھ گھرندو تھ منھنجي
پالڻھار کي اوھان جي ڪا پرواھھ ڪا نھ آھي. بيشڪ
اوھان ٠پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو تنھن ڪري سگھو
(اوھان لاءِ) عذاب لازم ٿيندو). ھاڻي جنھن ماڻھوءَ
کي پنھنجي حال تي شڪ پوي تھ ھنن آيتن مطابق پنھنجو
پاڻ کي ڏسي. جيڪڏھن سڀ ڳالھيون انھي مطابق آھن تھ
چئبو تھ حسن خلق حاصل ٿيو آھي ۽ جيڪڏھن ڪا بھ
موجود نھ ھجي تھ اھا بد خلق جي نشاني آھي. مگر
جيڪڏھن ٿوريون ڳالھيون مطابق آھن ۽ ٿوريون ناھن تھ
نفس ۾ اوتري قدر خرابي سمجھڻ گھرجي. اھڙيءَ صورت ۾
جيڪا ڳالھھ حاصل ٿي وئي اھي ان جي حفاظت ڪري ۽
باقي ڳالھين جي تلاش ڪري.
آنحضرت ﷺ جن بھ مؤمن جون گھڻيون صفتون بيان ڪيون آھن ۽ انھن
سڀني منجھان اشارو سھڻن اخلاقن ڏانھن آھي. مثلا ھي
اشارو فرمايو اٿن:
(1)
”مؤمن پنھنجي ڀاءُ لاءِ اھا شيءِ ٿو چاھي جيڪا ھو
پنھنجي لاءِ ٿو چاھي.“
(2)
”جيڪو شخص الله ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان ٿو رکي
ھن کي گھرجي تھ پنھنجي مھمان جي عزت ڪري.“ ٻي
روايت ۾ ”عزت ڪري پاڙيوارن جي“ آيل آھي ۽ ٽين
روايت ۾ ”تھ پوءِ ھن کي جڳائي تھ نيڪيءَ جي ڳالھھ
ڪري يا چپ رھي“ جا لفظ آيل آھن.
(3)
ھي بھ فرمايو اٿن تھ مؤمنن جون صفتون حسن خلق ئي
آھن جھڙوڪ حديث آھي تھ ”ايماندارن منجھان سڀ کان
وڌيڪ ايماندار اھي آھن جيڪي اخلاقن ۾ چڱا آھن.“
(4)
”جڏھن توھان مؤمن کي سانتيڪو (ماٺيرو) ۽ وقار وارو
ڏسو تھ ھن جي ويجھا ٿيو ڇاڪاڻ جو حڪمت سيکاريو ٿو
وڃي.“
(5)
”جنھن شخص کي پنھنجي نيڪي چڱي معلوم ٿئي ۽ برائي
بڇڙي لڳي سو مؤمن آھي.
(6)
”ڪنھن بھ مؤمن کي جائز ناھي جو پنھنجي ڀاءُ کي
اھڙي نگاھھ سان ڏسي جنھن سان ھن کي ايذاءُ پھچي.“
(7)
”ڪنھن مسلمان کي جائز ناھي جو ٻئي مسلمان تي رعب
رکي يا ھن کي ڊيڄاري.“
(8)
”ٻھ ھمنشين خدا تعاليٰ جي امانت طور ھڪٻئي جي
ڀرسان ٿا ويھن پوءِ انھن منجھان ڪنھن کي بھ نھ
جڳائي جو اھڙي ڳالھھ ٻئي سان ڪري جيڪا ھن کي بري
لڳي.“
ڪن بزرگن وري حسن خلق جي سڀني نشانين کي ھڪ جاءِ تي ڪٺو ڪيو آھي
۽ فرمايو اٿن تھ خوش خلق اھو ماڻھو آھي جيڪو ڪثير
الحيا، ڪثير الصلاح، ڪم آزار، ڪم سخن، غير فضول،
ڪثير العمل، غلطيون گھٽ ڪندڙ، سچ ڳالھائيندڙ نيڪو
ڪار، صاحب وقار، صابر، شاڪر، راضي، حليم، رفيق،
پارسا، شفيق ۽ ھشاش بشاش ھجي ۽ بد گفتار، بد
ڪردار، گاريون ڏيندڙ، چغلخور، غيبت ڪندڙ، جلد باز،
ڪينھ پرور، بخيل ۽ حاسد نھ ھجي. بغض ۽ ڪاوڙ الله
جي واسطي ئي ڪري ۽ محبت ۽ رضا بھ الله واسطي ڪري.
خوش خلق انھن سڀني ڳالھين منجھان ٿو ٺھي.
جڏھن آنحضرت ﷺ جن کان منافق ۽ مؤمن جي نشانين بابت عرض ڪيو ويو
تھ پاڻ فرمايائون تھ ”مؤمن جي ساري ھمت نماز ۽
روزي ۾ ھوندي آھي ۽ منافق جي ھمت ڍورن وانگر کائڻ
۽ پيئڻ ۾.“ حاتم اصم ٿو فرمائي تھ مؤمن فڪر ۽ عبرت
۾ مشغول ھوندو آھي ۽ منافق حرص ۽ ڊگھي اميد ۾.
مؤمن سواءِ خدا تعاليٰ جي ڪنھن کان بھ توقع نھ ٿو
رکي ۽ منافق سواءِ الله جي ٻين سڀني کان ٿو توقع
رکي. مؤمن خدا تعاليٰ کانسواءِ ٻين سڀني کان امن ۾
۽ بيخوف آھي ۽ منافق خدا تعاليٰ کانسواءِ ٻين سڀني
کان امن ۾ ۽ بيخوف آھي ۽ منافق خدا تعاليٰ
کانسواءِ بين سڀني کان ڊنل ٿو رھي. مؤمن مان ڏيندو
آھي دين نھ ڏيندو آھي ۽ منافق دين ڏيندو آھي مال
نھ ڏيندو آھي. مؤمن نيڪيون ڪري روئيندو آھي ۽
منافق گناھھ ڪري کلندو آھي. مؤمن نيڪيون ڪري
روئيندو آھي ۽ منافق گناھھ ڪري کلندو آھي. مؤمن کي
خلوت ۽ تنھائي چڱي معلوم ٿيندي آھي ۽ منافق کي
ظاھري محفل جماعت چڱي ٿي لڳي. مؤمن پوک ڪري ٿو مگر
ان جي گس ٿي وڃڻ کان ڊڄي ٿو ۽ منافق بيخ ڪني ڪري
يعني ٻج کوٽي ڪڍي ٿو ڇڏي ۽ فصل جي اميد ٿو رکي.
مؤمن امر و نھي سياست (سيکت) جي ڪري اصلاح ٿو ڪري
۽ منافق امر و نھي رياست (اميري) جي ڪري ٿو ڪري.
حسن خلق جو پھريون امتحان ايذاِ تي صبر ڪرڻ سان
ٿيندو آھي. تنھنڪري جيڪو ٻئي جي بد خلقي جي شڪايت
ٿو ڪري اھا ھن جي پنھنجي بد خلقي جي نشاني آھي
ڇاڪاڻ تھ خوش خلق ايذا ۽ جفا جي برداشت ڪرڻ جو
نالو آھي. جھڙيءَ طرح حديث ۾ وارد آھي تھ ھڪڙي
ڏينھن آنحضرت ﷺ جن ھڪ نجراني چادر ٿلھي ڪناري سان
ويڙھيو تشريف وٺيو پئي ويا ۽ حضرت انس رضي الله
عنه حضور ﷺ جن سان ھمراھھ ھو. ھڪ اعرابي رستي تي
مليو، ھن چادر کان وٺي اھڙو زور سان ڇڪ ڏني جو
چادر جو ڪنارو حضور ﷺ ج نجي گردن مبارڪ ۾ گسڻ لڳو
۽ چوڻ لڳو تھ اي محمد! توھان وٽ جيڪو خدا تعاليٰ
جو مال آھي ان منجھان مون کي بھ ڏيو. پاڻ ﷺ ھن جي
طرف ڏٺائون ۽ کلي ھن کي ڪجھھ ڏياريائون. جڏھن قريش
وارن گھڻي ايذاءَ رساني حضور ﷺ جن تي روا رکي
حقيقت ۾ ھو مون کي نٿا سڃاڻن.“ ڪي ٿا چون تھ ھي
ڪلما حضور ﷺ جن احد جي لڙائي ۾ فرمايا ھئا. بھرحال
انھن ئي ڳالھين ڪري الله تعاليٰ حضور ﷺ جن جي شان
۾ فرمايو آھي تھ ”۽ تحقيق تون پيدا ٿيو آھين وڏي
خلق تي.“
روايت آھي تھ ابراھيم بن ادھم رحمت الله عليه ھڪڙي جھنگ منجھان
لنگھيو ٿي تھ ھڪڙو سپاھي ملين. جنھن پڇين تھ تون
بندو آھين؟ تھ پاڻ جواب ڏنائون تھ ھا مان بندو
آھيان. ھن پڇا ڪئي تھ بستي ڪٿي آھي تھ پاڻ قبرستان
جي طرف اشارو ڪيائونس. تنھن تي ھن چيو تھ مان
آباديءَ بابت پڇي رھيو آھيان تھ پاڻ فرمايائون تھ
قبرستان ئي تھ آبادي آھي. انھيءَ تي سپاھي کي غصو
آيو ۽ مٿي ۾ اھڙو ڌڪ ھنيائين جو مٿو ڦاٽي پيس ۽
کين شھر ڏي پڪڙي وٺي آيو. جڏھن دوست آشنائن اچي
ڏٺو ۽ احوال پڇيائون تھ سپاھيءَ ساري ماجرا ٻڌائي.
ماڻھن ٻڌايس تھ ھي تھ ابراھيم بن ادھم رحمت الله
جن آھن. سپاھي گھوڙي کان ھيٺ لٿو ۽ انھن جا ھٿ پير
چمڻ لڳو. ان کان پوءِ ماڻھن بزرگ کان دريافت ڪئي
توھان ڇو فرمايو تھ توھان ٻانھا آھيو. پاڻ جوب
ڏنائون تھ ھن مون کان اھو ڪين پڇو تھ ڪھڙي ماڻھوءَ
جو ٻانھو آھين بلڪھ ھيئن پڇيائين تھ تون ٻانھو
آھين ڇا – سو جيئن جو مان خدا تعاليٰ جو ٻانھو
ھيس. مان چيو تھ ھائو مان ٻانھو آھيان. جڏھن ھن
مون کي ماريو تھ مان ھن لاءِ جنت جي دعا گھري.
ماڻھن چيو تھ ھن تھ اوھان تي ظلم ڪيو ھو. پاڻ
فرمايائون تھ مون کي يقين ھو تھ ھن مصيبت ڪري مون
کي ثواب ملندو تنھنڪري مان مناسب نھ سمجھيو تھ ھن
جي ڪري مون کي ثواب ملي ۽ منھنجي ڪري ھن کي عذاب
ملي. تڏھن مان ھن لاءِ جنت جي دعا گھري.
ابو عثمان حيري کي ڪنھن شخص امتحان وٺڻ لاءِ دعوت جي بھاني
سڏايو. جڏھن ھو سڳورا ھن جي گھر ويا تھ ھن چيو تھ
ھن وقت مون کان ڪجھھ بھ نھ ٿي سگھيو آھي. پاڻ اتان
گھر ڏانھن واپس وريا. جڏھن ڪافي دور نڪري آيا تھ
اھو شخص وري آيو ۽ چيائين تھ ڀلا جيڪي ھن وقت مون
وٽ حاضر آھي انھيءَ تي ھلي قناعت ڪريو. جڏھن گھر
جي دروازي وٽ پھتا تھ اھي ساڳيا لفظ چيائين جيڪي
اڳي چيا ھئائين. تنھنڪري وري بھ پاڻ موٽي ويا.
اھڙيءَ طرح ڪيئي دفعا ھن سڏيو ۽ پٺتي موٽائي ڇڏيو
مگر پاڻ بزرگن ذرو بھ دل ۾ ڪدورت نھ آندي. پوءِ تھ
اھو شخص پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائين تھ مان اوھان کي
آزمائڻ ٿي گھريو. سبحان الله! ڇا خلق آھي! پاڻ
بزرگن فرمايو تھ ڪائي ڳالھھ ڪانھي، جيڪا ڳالھھ تو
منھنجي ڏٺي اھا تھ صفت ڪتي جي آھي جو جنھن وقت
ڌتڪاريو تھ ھليو اچي ۽ ھڪل ڏيوس تھ ھٽي وڃي.
ھيءَ ڳالھھ بھ انھيءَ ئي بزرگ جي ڪندا آھن تھ ھڪڙي ڏينھن سوار
ٿي ھڪڙي گھٽيءَ منجھان گذريا، مٿان انھن تي ڪنھن
رک يا ڪيري اڇلائي. پاڻ لھي پيا ۽ شڪر جو سجدو ادا
ڪيائون ۽ ڪپڙن تان رک ڇنڊي ڇڏي ۽ ڪجھھ بھ نھ ڪڇيا.
مانھن چين تھ ڇو اوھان رک وجھڻ واري کي نھ جھڻڪيو.
پاڻ فرمايائون تھ جيڪو شخص باھھ جو مستحق ھجي ان
تي جيڪڏھن رک پوي تھ ان کي غصو ڪرڻ نامناسب آھي.
روايت آھي تھ علي بن موسيٰ رضھ جو رنگ سانورو ھو. انھيءَ ڪري جو
سندن والده حبشڻ ھئي. نيشاپور ۾ بزرگن جي دورازي
تي ھڪ حمام ھو. جڏھن پاڻ حمام ۾ وڃڻ گھرندا ھئا تھ
حمامي انھن لاءِ حمام خالي ڪري ڏيندو ھو. ھڪ ڏينھن
جيئن جو پاڻ حمام ۾ ويا تھ حمامي بي خياليءَ کان
حمام جو دروازو بند ڪري ڪنھن ڪم سان ھليو ويو.
ايتري ۾ ھڪڙو شخص رستي تي آيو ۽ دڪان جو دروازو
ٻاھران کولي اندر آيو ۽ ڪپڙا لاھي حمام ۾ ويو. کين
ڏسي ھن خيال ڪيو تھ ھي ڪو حمام جو نوڪر ھوندو سو
چيائين تھ اٿي منھنجي لاءِ پاڻي کڻي اچ. پان ھن جو
چوڻ مڃيو ۽ جيڪي ڪجھھ ھو چوندو ويو پاڻ ڪندا رھيا.
جڏھن حمامي موٽي آيو ۽ ھڪڙي رستائيءَ جا ڪپڙا
ڏٺائين ۽ ھن جي گفتگو بزرگ سان ٻڌي ڀو ۽ شرم کان
دڪان ڇڏي ھليو ويو. جڏھن پاڻ حمام کان نڪتا تھ
حمامي جو پڇيائون. ماڻھن چيو تھ ھو خوف جو ماريو
ڀڄي ويو آھي. تنھن تي پاڻ فرمايائون تھ ھن ۾
حماميءَ جو ڪھڙو قصور آھي. ھن کي ڀڄڻ جو ڪھڙو ضرور
ھو. قصور تھ حقيقت ۾ انھيءَ جو آھي جنھن پنھنجو
نطفو ھڪ حبشڻ جي حوالي ڪيو.
ابو عبدالله خياط (درزي) جي حالات ۾ لکيو اٿن تھ ھو سڳورو دڪان
تي ويھندو ھو ۽ ڪپڙا سبندو ھو. ھڪڙو مجوسي (باھھ
جو پوڄاري) جيڪو بزرگ سان دشمني رکندو ھو اھو
پنھنجا ڪپڙا سبائيندو ھو ۽ سلائيءَ ۾ کوٽا ئسا
ڏيندو ھو. پاڻ اھي پيسا قبول ڪندا ھئا. نھ کيس
موٽائي ڏيندا ھئا ۽ نھ ڪجھھ چوندا ھئا. ھڪ ڏينھن
جو ھو سلائي ڏيڻ آيو تھ پاڻ کي ڪو نھ ڏٺائين. ان
وقت بزرگ جو شاگرد ويٺو ھو. ھن کي سلائي ڏئي
پنھنجا ڪپڙا گھريائين. شاگرد کوٽا پيسا ڏسي ھن کي
موٽائي ڏنا. جڏھن عبدال آيو تھ ھن سان احوال
ڪيائين. پاڻ فرمايائونس تھ تو ڏاڍو برو ڪم ڪيو
آھي. ھي مجوسي سال کن کان وٺي ائين ڪندو ٿو رھي ۽
مان چپ چاپ ۾ سلائي وٺي کوھھ ۾ اڇليندو آھيان تھ
متان ڪنھن ٻئي مسلمان کي نھ ڌوڪو ڏئي.
يوسف بن اسباط ٿو فرمائي تھ حسن خلق جون ڏھھ علامتون آھن:
1.
مخالفت ٿوري ڪرڻ،
.2
انصاف سھڻي طرح ڪرڻ
.3
انتقام يا بدلو نھ وٺڻ
.4
گناھن کي برو سمجھڻ
.5
معذرت ڪرڻ
.6
ايذاِ سھڻ
.7
نفس کي ملامت ڪندو رھڻ
.8
ٻين کي عيبن کان قطع نظر ڪري
پنھنجا عيب سڃاڻڻ
.9 ننڍي وڏي سان ڪشاده پيشآنيءَ سان پيش اچڻ.
.10
پاڻ کان ادنيٰ ۽ اعليٰ سان
نرميءَ سان ڳالھائڻ.
ڪنھن شخص سھل تستري رحمت الله عليه کان پڇيو تھ
حسن خلق ڇا آھي. پاڻ فرمايائون تھ ادنيٰ حسن خلق
اھو آھي تھ انتقام يا بدلو نھ وٺي، ايذاءُ سھي ۽
ظالم تي رحم کائي ھن لاءِ مغفرت جي دعا گھري.
احنف بن قيس رحمت الله عليه کان ڪنھن پڇيو تھ توھان حلم
(بردباري) ڪنھن کان سکي. جواب ڏنائون تھ قيس بن
عاصم کان مڻھن پڇيو تھ ان جي حلم جو ڪھڙو حال آھي.
پاڻ ٻڌايائون تھ ھڪ ڏينھن ھو پنھنجي گھر ۾ ويٺو
ھو. ھن جي ٻانھي ھڪڙي لوھي شيخ کڻي آئي جنھن تي
ڪباب چڙھيل ھو. انھيءَ بانھيءَ جي ھٿان اھا شيخ
نڪري وڃي ھن جي صغير ٻار تي پئي ۽ ھو ٻار انھيءَ
صدمي کان مري ويو. ھو ٻانھي ويچاري اچي ڊڄڻ ۽ ڪنبڻ
لڳي، پاڻ فرمايائونس تھ تون ڪجھھ خوف نھ ڪر. مان
توکي الله واسطي آزاد ڪيو. اھو قصو بھ ھن بزرگ
لاءِ مشھور آھي تھ کين ھڪڙي ماڻھوءَ گاريون ڏيڻ
شروع ڪيون. پاڻ چپ چاپ ڪري ھلندا پئي ويا جڏھن
محلي جي ويجھو پھتا تھ بيھي انھيءَ ماڻھوءَ کي
چيائون تھ اڃا بھ تنھنجي دل ڪجھھ چوڻ چاھي تھ ھتي
چئي وٺ. اڳتي ھلي ائين نھ ٿئي جو ڪو محلي وارو ٻڌي
توکي ڪو ايذاءُ پھچائي.
حضرت اويس قرني رحمت الله عليه جي ڳالھھ ٿا ڪن تھ جڏھن کين ٻار
ڏسندا ھئا تھ پٿر ھڻڻ شروع ڪري ڇڏيندا ھئا. پاڻ
انھن کي فرمائيندا ھئا تھ ڀائرو! جيڪڏھن پٿر ھڻڻ
ضروري آھن تھ ننڍا ننڍا ھڻو جو منھنجي پيرن مان رت
نھ نڪري پوي ۽ منھنجي نماز ۾ حرج پئجي وڃي.
حضرت علي ڪرم الله وجھھ جن ھڪ دفعي پنھنجي ٻانھي کي سڏ ڪيو. ھو
نھ آيو، ٻيھو سڏ ڪيائون مگر ھو نھ آيو. آخر پاڻ ھن
وٽ تشريف فرما ٿيا ۽ ڏٺائون تھ ھو ليٽيو پيو آھي.
پاڻ فرمايائونس تھ تو اسان جو سڏ نھ ٻڌو ڇا! جواب
ڏنائين تھ ھا ٻڌو تھ ھيم. پاڻ پڇيائونس تھ پوءِ
جواب ڇو نھ پي ڏنئھ. ھن عرض ڪيو تھ مون کي اھو خوف
تھ ھيو ئي ڪين تھ ڪو اوھان مون کي ماريندؤ. انھيءَ
ڪري ڪجھھ سستي ڪري ويٺو آھيان. پاڻ فرمايائونس تھ
مان خدا واسي توکي آزاد ڪيو.
مالڪ بن دينار رضي الله عنه کي ھڪڙيءَ عورت رڙ ڪري چيو تھ اي
رياڪار! پاڻ فرمايائونس تھ ھي نالو تو ڏاڍو چڱو
ڪڍيو آھي جيڪو بصري وارن کان وسري ويو آھي.
يحيٰ بن زياد حارثيءَ وٽ ھڪ بد خلق بانھو ھو. ماڻھن کانئن پڇيو
تھ اوھان ھن کي ڇو ٿا پاڻ وٽ رکو. پاڻ فرمايائون
تھ انھيءَ ڪري تھ ھن جي ھجڻ سان حِلم سکان.
ھنن روايتن منجھان معلوم ٿيو تھ انھن شخصن جا نفس رياضت سان ڍرا
ٿي پيا ھئا ۽ انھن جا اخلاق اعتدال تي اچي ويا
ھجئا. دغا خيانت ۽ ساڙ کان دل صاف ھئن. انھيءَ جو
ثمر يا ڦل اھو ٿيو تھ تقديرات الاھي تي راضي رھيا
جيڪا حسن خلق جي پوئين جوٽي آھي. ڇاڪاڻ تھ جيڪو
شخص خدا تعاليٰ جي ڪم کي چڱو ڄاڻي ۽ ان تي راضي نھ
رھي تھ اھا ھن جي نھايت بد خلقي آھي. انھن شخصن ۾
حسن خلق جون علامتون ظاھر ھيون جھڙي طرح بيان ٿي
چڪو آھي. پوءِ جيڪڏھن ڪو شخص پنھنجي نفس ۾ اھي
علامتون نھ ڏسي تھ ان کي حسن خلق سان موصوف ٿيل نھ
سمجھي ۽ دوکو نھ کائي بلڪھ رياضت ۽ مجاھدي ۾ مشغول
ٿئي تان جو ھسن خلق جو درجو ھن کي نصيب ٿئي. ھي
درجو نھايت عظيم الشان آھي. رڳو مقربين ۽ صديقين
ئي ٿا ان کي پھچن. |