ڪتاب ٻيو
نفس جي رياضت
يعني تھذيب الاخلاق
خطبو
نعحمده ونصلي عليٰ رسوله الڪريم
الحمدلله الذي صرف الامور بِتدبيره ه و عدل ترڪيبَ
الخلق فاحسن في تصويره ه و ززن صورت الانسان بِحسن
تقويمه و تقديره ه وحرسه من الزيادتِ والنقصان في
شڪله ومقاديره ه وفروض تحسين الاخلاق اِليٰ
اِجتِھاد العبد وتشميره ه و استحثّه عليٰ تھذيبِھا
بِتخِويفه و تھذيره ه و سھل عليٰ خواص عبَاده
تھذيبَ الاخلاق بِتوفيقه وتيسيره ه وامتن عليھم
بِتسھيل صعبه وعسيره ه والصلات والسلام عليٰ محمد
عبد الله ونبِيه وحبيبِه وصفيه و بَشيره و نذيره ه
الذي ڪان يلوح انوار النبُوتِ من بَين اساريره ه و
يستشرف حقيقته الحق من مخايله وتبَاشيره ه و عليٰ
آله واصحابِه الذين طھروا وجه الاِسلام من ظلمته
الڪفر وديا جِيره ه وحسموا مادت البَاطل َلم
يتدنسوا بِقليله ولا بِڪثيره ه
سڀ ساراھھ جڳائي انھيءَ مالڪ حقيقيءَ کي جيڪو سڀ ڪم پنھنجي
تدبير سان ٿو ھلائي ۽ پنھنجي خلق کي پوري وزن ۾
رکي ان کي سھڻي شڪل ٿو بخشي * ۽ انسان جي صورت کي
سحني بيھڪ ۽ سھڻي شڪل سان ٿو سينگاري * ۽ ان جي
شڪل ۽ ان جي اندازي جي حفاظت ٿو ڪري * اخلاقن کي
سھڻو بنائڻ جو ڪم پنھنجي ٻانھن جي ڪوشش ۽ ھمت جي
سپرد ٿو ڪري * پنھنجي خوف ۽ خطر جي اطلاع ڏيڻ سان
انسان کي اخلاقن جي سنوارڻ لاءِ جوش ڏياريندو ٿو
رھي * پنھنجي توفيق ۽ آساني بخشڻ سان پنھنجي خاص
ٻانھن تي اخلاق جي تھذيب آسان ڪري ٿو ڇڏي * ۽ انھن
جي سختين ۽ مشڪلاتن کي سھل بڻائي انھن تي وڏا
احسان ٿو ڪري * ۽ صلاتون ۽ سلام ھجن محمد تي جيڪو
ھن جو ٻانھو، نبي، حبيب، صفي، بشير ۽ نذير آھي *
اھو محمد جنھن جي پيشاني مبارڪ منجھان نبوت جو نور
چمڪندو ھو * ۽ جنھن جي روشن خيالن سان حق جي حقيقت
روشن ۽ استوار ٠پڪي پختي) ٿيندي ھئي * (صلواتون ۽
سلام ھجن) ھن جي آل ۽ اصحابن تي جن پاڪ ڪيو اسلام
کي ڪفر جي انڌيري ۽ اونداھيءَ کان * ۽ وڍي ڇڏيائون
باطل جي مادي کي اھڙيءَ طرح جو نھ آلوده ٿيا وري
باطل کان ٿورا يا گھڻا.
نفس جي رياضت يعني تھذيب الاخلاق
ڄاڻڻ کپي تھ حسن خلق اسان جي سيد المرسلين ﷺ جي صفت آھي ۽ صديقن
جي اعمالن منجھان افضل عمل بھ حسن خلق آھي. حقيقت
۾ ”دين جو اڌ“ ، تقويٰ وارن جي مجاھدي جو ڦل ۽
عابدن جي رياضت جو نتيجو ھن کي ئي سڏڻ گھرجي. حسن
خلق جي ابتڙ بد اخلاق وري زھر قاتل ۽ برباد ڪندڙ
آھن ۽ انسان جي لاءِ ذلت، خواري، بدنامي، فضيحت ۽
رسوائي وغيره جھڙا بڇڙا نتيجا انھن منجھان ٿا پيدا
ٿين. اھي انسان کي الله تعاليٰ جي قرب کان دور ٿا
رکن. شيطان جي گروه واري ڏور ۾ ھن کي سلھاڙي ٿا
ڇڏين ۽ قرآن جي آيت ”نار الله الموقدت ه التِي
تطلع علي الافئدتِ“ ه (الله جي ٻاريل باھھ (آھي)
جيڪا دلين تي پھچندي) جا کليل دروازا آھن. جھڙيءَ
طرح سھڻا اخلاق يا نيڪ لڇڻ دارالنعيم يعني بھشت جا
ڦاٽڪ يا وڏا دروازا ۽ الله تعاليٰ جي قرب حاصل ڪرڻ
جا وسيلا آھن. ڄاڻڻ گھرجي تھ بد اخلاق قلب لاءِ
اھڙيون بيماريون آھن جن سان روحاني ابدي حياتي ختم
ٿئي ٿي وڃي ۽ بدني بيماريون رڳو جسماني حياتي ٿيون
ختم ڪن. انھن ٻنھي جي وچ ۾ ڪائي نسبت ئي ڪا نھ ٿي
ٿئي سگھي. تنھن ھوندي بھ دنيا جا طبيب رڳو انھن
مرضن جو علاج ٿا ڪن جن سان رڳو ھيءَ فاني حيات ختم
ٿئي ٿي وڃي ۽ انھيءَ لاءِ قانون ۽ تشخيص ۽ علامتون
ڳولھيندا ۽ جاچيندا ٿا وتن. مگر جھڙيءَ طرح بدني
بيمارين لاءِ قانون قاعدا ۽ علاج آھن تھڙيءَ طرح
قلب جي مرضن لاءِ پڻ طبي قانون آھن جن جو ڄاڻڻ ۽
سکڻ سڀني عقل وارن تي واجب آھي. ھر ھڪ دل ۾ ڪو نھ
ڪو مرض ضرور ھوندو آھي. جيڪڏھن ان جو علاج ڪچيءَ ۾
نٿو ڪيو وڇي تھ ان منجھان سوين لاعلاج مرض پيدا ٿي
ٿا پون. ياد رکن گھرجي تھ ھيءَ طب رڳو اص خاص
طبيبن کي نھ بلڪھ ھر ھڪ ايمان واري فرد کي سکڻ ۽
حاصل رڪڻ نھايت ضروري آھي. تنھنڪري دل جي مرضن کي
پڇائڻ، انھن جا اسباب معلوم ڪرڻ ۽ انھن جي علاج ۽
اصلاح لاءِ ھر وقت تيار رھڻ ھر مسلمان تي فڙض آھي.
قرآن شريف جي آيت ”قد افلح من زکھا“ (جنھن ان
(نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو) ۾
نفس جي علاج ڪرڻ ڏانھن اشارو آھي. ٻي آيت ”وقد
خابَ من دسھا“ (۽ جنھن ان کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو
سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو) ان ۾ قلب جي علاج نھ ڪرڻ
ڏانھن اشارو آھي. ھن باب ۾ اسان قلب جا ڪجھ مرض
انھن جي علاجن سميت اجمالي طرح ٿا بيان ڪريون ۽
تفصيل سان ھر مرض جو بيان ان جي علاج سميت اڳتي
جدا جدا ڪنداسين. ھتي صرف ھي مقصد آھي تھ اخلاقن
جي تھذيب جو عام طور بيان ڪجي ۽ بيان ڪندي بدن جي
علاج جا مٿال ڏجن، انھيءَ لاءِ تھ ڳالھھ جلد سمجھھ
۾ اچي وڃي.
بيان پھريون
حسن خلق جي فضيلت ۽
بدخلق جي مذمت
واضح ھجي تھ جناب رب العزت پنھنجي نبي ڪريم ﷺ جي ثنا ۾ انھن تي
پنھنجن نعمتن جو اظھار ڪندي فرمايو تھ ”انڪ لعليٰ
خلق عظيم“ (۽ بيشڪ تون وڏي خلق تي آھين). حضرت
عائشه رضھ فرمائيندي ھئي تھ آنحضرت ﷺ جو خلق قرآن
ھو. جڏھن ھيءَ آيت لٿي تھ ”خذ العفو وامر بِالعرف
واغرض عن الجٰھلين“ (اي پيغمبر!) معافي ڏيڻ جي
عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪر ۽ جاھلن کان منھن
موڙ) ھنن عرض ڪيو تھ جناب احديث (واحد ڌڻي)
کان جيسين ڪجھھ نھ ٻڌو اٿم يا پڇيو اٿم تيسين مون
کي معلوم ناھي تھ ڇا مراد آھي. پوءِ حضرت عبرئيل
عليه السلام آسمان تي ويو ۽ اتان موٽڻ کان بعد عرض
ڪيائين تھ انھيءَ جي مراد ھيءَ آھي تھ ”توھان کان
جيڪو ڇني توھان ان سان ڳنڍيو ۽ جيڪو اوھان کي ڪا
شيءِ نھ ڏئي اھا اوھان ھن کي مرحمت فرمايو ۽ جيڪو
اوھان تي ظلم ڪري اوھان ان کي معافي ڏيو.“ حديث
شريف ۾ آيو آھي تھ حضور ﷺ جن فرمايو تھ ”مون کي
انھيءَ لاءِ موڪليو ويو آھي تھ مان عمدن اخلاقن جي
تڪميل ڪريان (يعني نيڪ لڇڻن کان ڪمال درجو انسان
ذات کي ڏيکاريان)“ ۽ ھي پڻ فرمايائون تھ ”سڀ کان
وڌيڪ ڀاري يا ڳري شيءِ جيڪا قيامت جي ڏينھن اعمالن
جي ميزان يعني ترازوءَ ۾ رکي ويندي اھا خدا تعاليٰ
جو خوف ۽ خوش خلقي ھوندي.“ ھڪڙي شخص حضور ﷺ جن کان
اچي سامھون بيھي سوال ڪيو تھ ”دين ڇا ھي“ پاڻ
فرمايائون حسن خلاق يعني خوش خلق ٿيڻ يا ماڻھن سان
ھر حال ۾ خنده پيشاني ۽ ڪشاده دليءَ سان پيش اچڻ.
پوءِ وري انھي شخص ساڄي پاسي کان بيھي سوال ڪيو تھ
حضور! دين ڇاھي. پاڻ اھو ئي جواب فرمايائون. وري
کٻي پاسي کان بيھي ساڳيو سوال ڪيائين ۽ حضور ﷺ جن
ساڳيو جواب مرحمت فرمايو. آخر پٺيان اچي اھو ئي
سوال ڪيائين. ھن دفعي حضور ﷺ جن فرمايو تھ ”تون
نٿو سمجھين دين ھي آھي تھ تون ڪاوڙ يا غصو نھ
ڪرين.“
ھڪڙي شخص حضور ﷺ جن کان پڇيو تھ نحوست ڪھڙي شيءِ آھي. پاڻ
فرمايائون تھ ”سوءُ خلاق يعني بد خلقي.“ ھڪڙي ٻئي
شخص عرض ڪيو تھ يا رسول الله ﷺ مون کي ڪجھ نصيحت
فرمايو. پاڻ فرمايائونس تھ جتي بھ رھين اتي ڌڻي
تعاليٰ کان ڊڄندو رھھ. ھن عرض ڪيو تھ ڪجھھ ٻيو بھ
فرمايو، پاڻ فرمايائونس تھ توکان جيڪڏھن ڪو گناھھ
ٿي وڃي تھ ان کان پوءِ يڪدم ڪا نيڪي ڪندو ڪر.
انھيءَ سان اھو گناھھ ميٽجي ويندو. ھن عرض ڪيو تھ
ڪجھھ ٻيو بھ فرمايو، پاڻ فرمايائونس تھ ”ماڻھن سان
خوش خلقيءَ سان ھلڻ جي عادت اختيار ڪر“. ڪنھن ٻئي
ماڻھوءَ عرض ڪيو تھ اعمالن ۾ افضل ڪھڙو عمل آھي.
پاڻ فرمايائون تھ ”خوش خلقي“ ھڪ حديث ۾ آيو آھي تھ
”الله تعاليٰ ڪنھن ٻانھي جي خلق ۽ ان جي خلقت
(بدني بناوت) کي سھڻو نھ ڪيو جنھن کي پوءِ باھ
کائي“ يعني جنھن ٻانھي کي ڌڻي تعاليٰ خوش خلقي ۽
خوبصورتي عطا فرمائي آھي ان کي باھھ ڪڏھن بھ نھي
کائي.
حضرت فضيل رضھ کان مروي آھي تھ آنحضرت ﷺ جن سان ڪنھن ذڪر ڪيو تھ
فلاڻي عورت ڏينھن جو روزو رکندي آھي ۽ رات جو تھجد
پڙھندي آھي مگر بد خلق آھي. پاڙيسرين کي پنھنجي
زبان سان ايذاءُ ڏيندي آھي. پاڻ فرمايائون تھ ”ھن
۾ ڪا خوبي يا نيڪي ڪانھي. ھوءَ دوزخ وارن منجھان
آھي.“ حضرت ابو درداء رضي الله عنه فرمائي ٿو تھ
مان پاڻ ڪريم ﷺ جن کان ٻڌو آھي جو پاڻ فرمائيندا
ھئا تھ ميزان ۾ قيامت جي ڏينھن جيڪا شيءِ پھريان
پھريان ترندي اھا خوش خلقي ۽ سخاوت ھوندي.
جڏھن الله تعاليٰ ايمان کي پيدا ڪيو تھ ھن عرض ڪيو تھ مون کي
قوت عنايت ڪريو. تنھن تي الله تعاليٰ ان کي خوش
خلقي ۽ سخاوت سان زور وٺرايو ۽ جڏھن ڪفر کي پيدا
ڪيائون تھ ھن بھ تقويت جي لاءِ عرض ڪيو. ان کيبخل
۽ بد خلقيءَ جو زور عنايت ٿيو. ھڪڙي حديث ۾ آھي تھ
”الله تعاليٰ ھن دين کي پنھنجي لاءِ خاص مقرر ڪيو
آھي ۽ ڪائي بھ شيءِ اوھان جي دين جي شايان شان
ناھي سواءِ سخاوت ۽ خوش خلقي جي. پوءِ اوھان
سينگاريو پنھنجي دين کي انھن ٻنھي سان.“ ھڪ ٻي
جاءِ تي وري فرمايو اٿن تھ ”خوش خلقي الله تعاليٰ
جل شانھ جو خلق آھي.“
ڪنھن عرض ڪيو تھ يا رسول ال! مؤمنن ۾ ايمان جي لحاظ کان افضل
ڪير آھي، پاڻ فرمايائون تھ ”جيڪو خلق ۾ سڀ کان چڱو
آھي.“ ھڪڙي حديث ۾ آھي تھ ”توھان ماڻھن کان پنھنجي
مال جي لحاظ کان زيادتي يا گھڻائي حاصل ڪري نھ
سگھندؤ. پوڱءِ توھان خوش خلقي ۽ ڪشاده پيشانيءَ
(يعني خنده پيشاني) جي زيادتي يا گھڻائي حاصل
ڪريو.“ ۽ ھي پڻ فرمايو اٿن تھ ”بد خلقي عملن کي
اھڙيءَ طرح ٿي ڦٽائي يا بگيڙي ڇڏي جھڙيءَ طرح سرڪو
ماکيءَ کي ٿو ڦٽائي يا بگيڙي ڇڏي.“
حضرت جرير بن عبدالله رضھ ٿو فرمائي تھ مون کي پاڻ ڪريم ﷺ جن
ارشاد فرمايو تھ ”توکي الله تعاليٰ خوبصورت بڻايو
آھي. تون پنھنجي خلق کي بھ خوبصورت بڻاءِ.“ حضرت
برآِ بن عازب رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ آنحضرت ﷺ
جن سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ سڀ کان زيادھ خليق ھئا.“
حضرت ابو مسعود رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ آنحضرت
ﷺ جن گھڻو ڪري ھي دعا گھرندا ھئا تھ ”اي منھنجا
الله! تو منھنجي صورت سھڻي بڻائي آھي منھنجي سيرت
بھ سھڻي فرماءِ.“ حضرت عبدالله بن عمر رضي الله
عنه ٿو فرمائي تھ آنحضرت ﷺ جن اڪثر ھي دعا بھ
گھرندا ھئا تھ ”اي منھنجا الله! مان توکان
تندرستي، عافيت ۽ خوش خلقي ٿو گھران.“
اسامه بن شريڪ رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ ھڪ دفعي مان حضور ﷺ جن
جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيس تھ ان وقت بدوي ماڻھو
حضور ﷺ جن کان دريافت ڪري رھيا ھئا تھ بندي کي سڀ
کان وڌيڪ ڪھڙي شيءِ عنايت ٿي آھي. پاڻ فرمايائون
تھ ”خوش خلقي“ ھڪ روايت ۾ آھي تھ پاڻ ڪريم ﷺ جن
فرمايو تھ ”قيامت جي ڏينھن توھان منجھان مون کي
وڌيڪ پيارا ۽ ويھڻ ۾ زياده ويجھا اھي ھوندا جن جو
خلق چڱو ھوندو.“
حضرت ابن عباس رضي الله عنه آنحضرت ﷺ کان روايت ٿو ڪري تھ پاڻ
فرمايائون تھ ”جنھن شخص ۾ ٽي شيون نھ ھجن يا ھڪ بھ
انھن منجھان نھ ھجي تھ ھن جي عمل جو ڪجھ بھ اعتبار
نھ ڪريو. ھڪ تقويٰ جيڪا خدا تعاليٰ جي نافرمانيءَ
کان يا گناھھ ڪرڻ کان ھن کي بچائي ٻيو حلم يا
بردباري جنھن سان بيوقوف کي باز رکي يا پلي سگھي
ٽيون خلق جنھن سان ماڻھن ۾ حياتي گذاري سگھي.“ ۽
نماز جي منڍ ۾ حضور ﷺ جن ھيءَ دعا گھرندا ھئا ”اي
منھنجا الله! مون کي سھڻن اخلاقن جي ھدايت ڪر.
توکان سواءِ ڪوئي بھ انھن جي ھدايت نھ ڪندو ۽ مون
ان بداخلاقي کي پري رک. توکان سواءِ ڪوئي بھ انھن
کي مون کان پري نھ رکي سگھندو.“
حضرت انس رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ اسان ھڪڙي ڏينھن حضور ﷺ جن
جي خدمت اقدس ۾ حاضر ھئاسين، پاڻ فرمايائون تھ
”بيشڪ خوش خلقي خطائن يا گناھن کي اھڙيءَ طرح ٿي
پگھاري يا ڳاري جھڙيءَ طرح سج ڄميل پاڻيءَ کي (ٿو
ڳاري).“ ۽ فرمايائون تھ خوش خلقي آدميءَ جي نيڪ
بختيءَ منجھان آھي.“ ۽ ”خوش خلقي ھجڻ جگر شگون
آھي.“ ۽ حضرت ابودرداءُ رضي الله عنه کي فرمايائون
تھ ”اي ابودر داعھ ! ڪوئي عقل تدبير جي برابر ناھي
۽ نھ ڪوئي حسب يا ڪائي خانداني خوش خلقي جھڙي
آھي.“ اھا روايت بھ حضرت انس رضي الله عنه کان آھي
تھ حضرت ام حبيبه رضي الله عنھا حضور ﷺ جن جي خدمت
۾ عرض يو تھ ڪنھن عورت جا دنيا ۾ ٻھ مڙس ٿيا ھجن ۽
اھي ٻئي مري ويا ھجن ۽ جنتي بڻيا ھجن تھ اھا عورت
انھن منجھان ڪنھن کي ملندي. پاڻ فرمايائون تھ
”دنيا ۾ جيڪو ھن سان زياده خوش خلق رھيو ھوندو. اي
ام حبيبه! خوش خلقي ساري دنيا ۽ آخرت جي برڪت کڻي
وئي آھي.“ ۽ اھو پڻ فرمايائون تھ ”مسلمان آدمي
جنھن کي الله تعاليٰ توفيق ٿو ڏئي اھو پنھنجي خوش
خلقي ۽ طبيعت جي ڪرم يا نيڪيءَ سان شب بيدار ۽
روزيدار جو درجو ٿو حاصل ڪري.“ ۽ ٻي ھڪ روايت ۾
”ٻن پھرن جي وقت ۾ اڃايل جي درجي“ جي برابر جا لفظ
آيل آھن.
حضرت عبدالرحمان بن سمر رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ اسان حضور ﷺ
جن جي خدمت ۾ ويٺا ھئاسين تھ پاڻ فرمايائون تھ رات
مان ھڪ عجيب خواب ڏٺو جو ھڪڙو ماڻھو منھنجي امت
منجھان گوڏن تي ويٺو آھي ۽ ھن جي ۽ خدا تعاليٰ جي
وچ ۾ حجاب آھي. ايتري ۾ ”خوش خلقي“ آئي ۽ ان
ماڻھوءَ کي خدا تعاليٰ جي سامھون وڃي بيھاريو.
حضرت انس رضي الله عنه حصور ﷺ جنکان روايت ٿو
فرمايئ تھ ڪي ماڻھو عبادت ۾ ضعيف آھن مگر پنھنجي
خوش خلقيءَ سببان آخرت ۾ شرف واريون منزلون ۽ وڏا
وڏا درجا حاصل ڪندا.
ھڪ روايت آھي تھ ھڪڙي ڏينھن حضرت عمر رضي الله عنه آنحضرت ﷺ جي
خدمت ۾ حاضر ٿيو. حضور ﷺ جن وٽ ڪجھھ قريش جون
عورتون گڏ ھيون ۽ حضور ﷺ جن سان وڏي زور سان
ڳالھائي رھيون ھيون. جڏھن حضرت عمر رضي الله عنه
جو آواز ٻڌائون يڪدم پردي ۾ ھليون ويون. انھيءَ
ڪري حضرت عمر رضي الله عنه جڏھن خدمت ۾ حاضر ٿيو
تھ حضور ﷺ جن کي کلندو ڏٺائين. ھن کلڻ جو سبب پڇيو
تھ حضور اچي جو مون وٽ ھيون مگر جڏھن تنھنجي
اچڻ جو آواز ٻڌائون تھ يڪدم لڪي ويون. حضرت عمر
رضي الله عنه عرض ڪيو تھ حضور ﷺ جن زياده ھيبت جا
حقدار آھن ۽ عورتن ڏانھن مخاطب ٿي چيائين تھ اي
بيوقوفو! مون کان ڊڄو ٿيون ۽ رسول خدا ﷺ کان نٿيون
ڊڄو. ھنن جواب ڏنو تھ ھا اوھان کان خوف ٿو ٿئي جو
اوھان حضور ﷺ جن جي بنسبت سخت مزاج آھيو. انھيءَ
تي حضور ﷺ جن فرمايو ”اي بن خطاب! قسم آھي انھيءَ
جو جنھن جي ھٿ ۾ منھنجي جان آھي تھ شيطان جنھن دڳ
سان توکي ايندو ڏسندو تھ ھو اھو تو وارو رستو ڇڏي
ٻئي دڳ سان ھليو ويندو.“ ھڪ حديث ۾ آھي تھ ”بد
خلقي اھڙو گناھ آھي جيڪو بخشيو نھ ويندو ۽ بدگماني
اھڙو گناھھ آھي جنھن منجھان ٻيا گناھھ پيدا ٿيندا
آھن.“ حضور ﷺ جن اھو پڻ فرمايو آھي تھ ”ٻانھو
پنھنجي بد خلقيءَ سببان دوزخ جي سڀ کان ھيٺين طبقي
تي پھچي ٿو وڃي.“
حضرت لقمان حڪيم رحھ کان ھن جي پٽ پڇيو تھ انسان ۾ ڪھڙي خصلت
چڱي آھي. فرمايائون تھ ”دين“ – ھن پڇيو تھ جيڪڏھن
ٻھ ھجن تھ ڪھڙيون شيون ھجن. فرمايائينس تھ ”دين ۽
مال“، واري پڇيائينس تھ جيڪڏھن ٽي ھجن تھ،
فرمايائينس تھ ”دين، مال ۽ حيا“ – وري پڇيائينس تھ
جيڪڏھن چار ھجن تھ، فرمايائينس تھ ”دين، مال، حيا
۽ حسن خلق“ وري پڇيائينس تھ ڀلا پنج ھجن تھ پوءِ
فرمايائينس تھ ”دين ۽ مال ۽ حيا ۽ حسن خلق ۽
سخاوت“. جڏھن ڇھن شين لاءِ سوال ڪيائين تھ جواب ۾
چيائين تھ پٽ! انھن پنجن خصلتن گڏ ٿيڻ سان انان
صاف متقي. الله تعاليٰ جو ولي يا دوست ۽ شيطان کان
پري ٿئي ٿو وڃي باقي وڌيڪ جي ڪھڙي ضرورت آھي.
حضرت ھسن بصري رحمت الله عليه ٿو فرمائي تھ جيڪو بد خلقي ٿو ڪري
اھو پنھنجي جان کي پاڻ ٿو ستائي. حضرت انس بن مالڪ
رحھ ٿو فرمائي تھ آدمي پنھنجي خوش خلققي جي سببان
جنت جي اعليٰ درجي کي پھچي ٿو وڃي جيتوڻيڪ عبادت
نھ ڪندو ھجي ۽ بد خلقي جي سبب جھنم جي ھيٺين طبقي
۾ ٿو پھچي توڙي ھو عابد بھ ھجي. يحيٰ بن معاذ جو
قول آھي تھ خوش خلقي روزيءَ جو خزانو آھي. وھب بن
منبه ٿو فرمائي تھ بد خلق ماڻھو ڀڳل دلي وانگر آھي
جيڪو نھ ڳنڍجي سھي ۽ نھ وري مٿي ٿي سگھي (جو ڪنھن
ڪم ۾ اچي).
حضرت فضيل ٿو فرمائي تھ ڪوئي بدڪار خوش خلق آدمي مون سان رھي تھ
اھو انھيءَ کان بھتر آھي جو عابد ۽ بد خلق اچي
رھي. عبدالله بن المبارڪ کان منقول آھي تھ ھڪ دفعي
ڪو بد خلق ماڻھو ھن سان سفر ۾ ڪٿي گڏجي ويو. پاڻ
ھن جي ڏاڍي خاطرداري ۽ ناز برداري ڪندا رھيا. جڏھن
ھو جدا ٿي ويو تھ پاڻ روئڻ لڳا. ماڻھن روئڻ جو سبب
پڇيو. پاڻ فرمايائون تھ مون کي ھن جي حال تي رحم
اچي ويو تھ مان تھ ھن کان جدا ٿي ويس مگر افسوس جو
ھن جو بد خلق ھن کان جدا نھ ٿيو ۽ ھن سان رھجي
ويو.
حضرت جنيد رحمت الله عليه ٿو فرمائي تھ چار ڳالھيون ماڻھوءَ ۾
اھڙيون آھن جو جيتوڻيڪ ھن جو علم ۽ عمل گھٽ ھجي تھ
بھ ھن کي وڏا درجا ملي ٿا وڃن ۽ اھي آھن حلم
(بردباري). تواضع (نوڙت) سخاوت ۽ خوش خلقي ۽ ايمان
ڪامل بھ انھيءَ خوش خلقيءَ سان ٿو ٿئي. ڪناني رحمت
الله جو قول آھي تھ تصوف، خلق جو نالو آھي. جيڪو
ڪنھن ماڻھوءَ ۾ خلق زياده ڪري رھيو آھي اھو ڄڻ تھ
ھن جي تصوف کي وڌائي ۽ سڌاري رھيو آھي. حضرت عمر
رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ ماڻھن سان خلق سان ملو
باقي اعمال جي لحاظ سان انھن کان جدا رھو. يحيٰ بن
معاذ ٿو فرمائي تھ بد خلقي اھڙي بلا آھي جو ھن جي
ھوندي حسنات (يعني نيڪين) جي ڪثرت جو ڪوئي فائدو
ڪو نھ ٿو ٿئي ۽ خوش خلقي وري اھڙي خوبي آھي جو
انھيءَ جي ھوندي براين منجھان ڪو ضرر ڪو نھ ٿو
پھچي.
حضرت ابن عباس رضي الله عنه کان ڪنھن سوال ڪيو تھ ”ڪرم“ ڪھڙي
شيءِ آھي. فرمايائون تھ ڪرم اھا ئي شيءِ آھي جيڪا
خدا تعاليٰ پنھنجي ڪلام اڪ ۾ فرمائي آھي تھ ”اِن
اڪرمڪم عند الله اتقاڪم“ (بيشڪ اوھان منجھان تمام
عزت (ڪرم) وارو الله وٽ اھو آھي جيڪو اوھان مان
ڏاڍو پرھيزگار آھي). وري پڇيائونس تھ ”حسب“ ڇا آھي
تھ فرمايائون تھ جنھن جو خلق سھڻو ۽ زياده آھي
انھيءَ جو حسب بھ سھڻو ۽ زياده آھي. ھي سڀني بزرگن
جو قول آھي تھ ”ڀت ھميشه پيڙھھ تي ويندي آھي.“ ۽
اسلام جي ديوار جي پيڙھھ خوش خلقي آھي. ابن عطاِ
رحمت الله جو قول آھي تھ جنھن کي بھ شرف جو رتبو
حصل ٿيو آھي اھو خوش خلقيءَ کان ٿيو آھي ۽ ڪوئي بھ
شخص انھيءَ جي ڪمال کي سواءِ آنحضرت ﷺ جن جي ڪوئي
ڪو نھ پھتو آھي. ياد رکڻ گھرجي تھ اخلاقن ۾ الله
تعاليٰ وٽ زياده مقرب (ويجھا) اھي آھن جيڪي خوش
خلقيءَ ۾ آنحضرت ﷺ جن جي قدم بقدم ٿا ھلن.
بيان ٻيو
خوش خلقي ۽ بدخلقي جي حقيقت
ڄاڻڻ گھرجي تھ ماڻھن خوش خلقي جي باري ۾ گھڻو ڪجھ لکيو آھي. مگر
ان جي حقيقت ج بيان جي چٽائي ڪنھن ڪا نھ ڪئي آھي.
فقط ان جا نتيجا ۽ ثمرات (ڦل) لکيا اٿن. مگر اھي
بھ پورا نھ لکيا اٿن بلڪھ جنھن کي جيڪو ثمر (ڦل)
نظر آيو اھو انھيءَ لکي ڇڏيو آھي. باقي ان جي حد ۽
ماھيت ۽ ثمرات جي بيان جو تفصيل وار ذڪر ڪنھن بھ
ڪو نھ لکيو آھي. اسان ھتي انھن جا ڪي اقوال نقل ٿا
ڪريون.
حضرت حسن بصري رحمت الله عليه ٿو فرمائي تھ خوش خلقيءَ جي معنيٰ
آھي ڪشاده ۽ خنده پيشاني سان رھڻ، دولت خرچ ڪرڻ ۽
ٻين کي (ھر قسم جي) ايذائڻ کان باز اچڻ.
واسطي رحھ جو قول آھي تھ خوش خلقي اھا آھي جو ماڻھو نھ ڪنھن ٻئي
سان خصومت ڪري ۽ نھ ڪو ٻيو ھن سان خصومت ڪري ڇاڪاڻ
جو معرفت الاھيءَ ۾ ھن کي قوت ھاصل آھي ۽ ھن جو
ٻيو قول اھو آھي تھ خوش خلق اھو آھي جيڪو مفلسي ۽
تونگري ٻنھي ۾ خلق کي راضي رکي.
شاھھ ڪرماني رحھ جو چوڻ آھي تھ ايذائڻ کان باز رھڻ ۽ مشقتون سھڻ
خوش لقيءَ جو ٻيو نالو آھي. ڪن جو وري قول آھي تھ
خوش خلقي ماڻھن سان قريب رھڻ ۽ انھن سڀني ۾ غريب
رھڻ کي ٿو سڏجي.
حضرت سھل تستري رحمت الله عليه کان جو پڇيائون تھ خوش خلقي ڇا
آھي تھ ھن جواب ڏنو تھ ان جو ادنيٰ درجو اھو آھي
تھ بردباري ڪري ۽ انتقام يا بدلو نھ وٺي بلڪھ ظالم
تي رحم ۽ شفقت ڪري ۽ ھن لاءِ مغفرت گھري. ھن جو
ٻيو قول آھي تھ رزق جي باري ۾ الله تعاليٰ کان بد
گمان نھ رھي. ھن تي اعتماد ڪري ۽ جنھن شيءِ جو ھو
يعني ڌڻي تعاليٰ ضامن ٿيو آھي ان جي پوري ٿيڻ تي
چپ رھي ۽ جيڪي بھ ھن ۽ بندن جا حقوق آھن انھن ۾ ڪا
نافرماني نھ ڪري بلڪھ اطاعت ڪري.
حضرت علي ڪرم وجھھ ٿو فرمائي تھ خوش خلقي ٽن شين ۾ آھي. محرمات
کان بچڻ، حلال روزي تلاش ڪرڻ ۽ عيال تي زيادھ خرچ
ڪرڻ.
حسين بن منصور ٿو فرمائي تھ خوش خلقي ھيءَ آھي تھ حق جي معلوم
ٿيڻ کان پوءِ، ماڻھن جو ظلم اثر نھ ڪري ۽ ابو سعيد
خراز ٿو چوي تھ سواءِ خدا تعاليٰ جي ٻئي طرف نگاھھ
نھ ڪرڻ جو نالو خوش خلقي آھي.
ھن قسم جا ڪيئي قول آھن مگر انھن سڀني ۾ خوش خلقي ڇا آھي تنھن
جو ذڪر ڪينھي. انھيءَ کان سواءِ اھي ڦل ۽ نتيجا بھ
س مذڪور ناھن. انھن حالتن کي ڏسندي خوش خلقيءَ جي
حقيقت بيان ڪرڻ انھن قولن جي قل ڪرڻ کان بھتر ٿو
معلوم ٿئي. تنھن ڪري ڄاڻڻ گھرجي تھ خلق ۽ خلق ٻھ
لفظ آھن جيڪي گھڻو ڪري گڏ استعمال ڪيا ويندا آھن
يعني ھن طرح چيو ويندو آھي تھ فلاڻو ماڻھو خوش خلق
۽ خوش خلق آھي يعني ظاھري توڙي باطني خوبصورتي
رکندڙ آھي. انھيءَ مان معلوم ٿيو تھ خلق منجھان
ظاھري صورت مراد ھوندي آھي ۽ خلق منجھان باطني
صورت. ڇاڪاڻ تھ انسان ٻن شين جو مرکب آھي. ھڪ بدن
جيڪو اک سان ڏسي ٿو سگھجي ۽ ٻيو روح يعني نفس جيڪو
بصيرت ۽ عقل سان معلوم ٿيندو آھي. انھن منجھان ھر
ھڪ لاءِ ھڪ صورت ھوندي آھي خواھ چڱي يا بري. نفس
جيڪو عقل جي اک سان ڏسي ٿو سگھجي اھو قدر ۽ منزلت
۾ جسم کان وڌيڪ آھي ۽ انھيءَ ڪري الله تعاليٰ روح
کي پنھنجي طرف منسوب ڪيو آھي تھ ان جي عظمت معلوم
ٿئي. قرآن مجيد ۾ آھي تھ اِني خالق بُشرا من طين -
فاِذا سويته ونفخت فيھ من روحِي فٰقعوا له
ساجِدين“ (بيشڪ مان مٽيءَ مان ھڪ ماڻھو بنائڻ وارو
آھيان. پوءِ جڏھن کي سپورو ناھي رھان تڏھن کيس
سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.) ھن آيت ۾ صاف ارشاد آھي
تھ جسم مٽيءَ جو آھي ۽ روح جي نسبت خدا تعاليٰ جي
طرف آھي ۽ روح ۽ نفس ھن جاءِ تي ھڪ ئي آھن.
غرض تھ خلق جي وصف آھي تھ خلق نفس جي اھا پڪي پختي حالت آھي
جنھن سان ڪي ڪم آساني ۽ بنا ڪنھن فڪر ۽ تامل جي
صادر ٿين. جيڪڏھن ھيءَ حالت اھڙي آھي جو ان ڪري
اھڙا ڪم ٿا صادر ٿين جيڪي عقل ۽ شريعت موجب عمدا
آھن تھ انھيءَ حالت جو نالو نيڪ يا چڱو خلق آھي ۽
جيڪڏھن ان کان برا ڪم ٿا صادر ٿين تھ ان حالت جو
نالو بد خلق آھي ۽ جيڪڏھن ان کان برا ڪم ٿا صادر
ٿين تھ ان حالت جو نالو بدخلق آھي. ھاڻي اسان انھن
شرطن جو فائدو ٿا بيان ڪرون تھ حالت جو پڪو پختو ۽
دل ۾ مضبنوط ھجڻ جو شرط انھيءَ لاءِ آھي تھ جيڪڏھ
ڪو شخص اتفاق سان ڪنھن ضرورت واسطي گھڻو خرچ ڪري
ويھي تھ ھن جو اھو خلق سخاوت نھ سڏيو جيسين اھا
ڳالھھ ھن جي دل ۾ ڄميل نھ ھجي. ٻيو تھ يا تامل ۽
سوچ ويچار جو شرط انھي ڪري آھي تھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو
وڏي غور ويچار کانپوءِ تڪلف سان مال خرچ ڪندو يا
پنھنجو غصو لاھيندو تھ اھو خلق سخاوت ۽ حلم
(بردباريءَ) جو نھ ليکبو. مطلب تھ خلق جي لاءِ چار
ڳالھيون ضروري آھن. ھڪ تھ ڪم چڱو ھجي يا برو. ٻيو
انھيءَ ڪم ڪرڻ جي پوري طاقت ھئڻ، ٽيون انھيءَ ڪم
کي پچائڻ، چوٿون نفس ۾ اھڙي حالت ھجڻ جنھن سان نفس
کي ٻنھي طرفن منجھان ھڪ طرف ڏي لاڙو ھجي يعني چڱي
يا مٺي ڪم منجھان ھڪڙو ڪم ڪرڻ ھن کي آسان لڳي.
ھن منجھان معلوم ٿيو تھ خلق ڪم جو نالو ناھي ڇاڪاڻ تھ ڪي ماڻھو
سخا جو خلق رکن ٿا مگر مفلسي يا ڪنھن ٻيءَ رنڊڪ جي
ڪري خرچ ڪرڻ کان معذور آھن يا وري ڪي ماڻھو اھڙا
بھ آھن جيڪي بخل ۽ ڪنجوسيءَ جو خلق ٿا رکن مگر
رياء وغيره سبب ھو خرچ ڪندا ٿا رھن. ياد رکڻ
گھجرجي تھ خلق ”ملڪھ“ جو نالو بھ ناھي. انھيءَ
ڪري جو ”ملڪي“ جي نسبت سخا ۽ بَخل بلڪھ ٻين ضدين
(يعني ضدن) جي طرف بھ ساڳي يا ھڪجھڙي آھي ۽ ھرھڪ
انسان پنھنجي فطرت کان سخا ۽ بخل ٻنھي تي قدرت ٿو
رکي مگر اھو ضروري ناھي تھ سخا جو خلق يا بخل جو
خلق بھ ھن ۾ ھجي.
ٽيون فقط معرت يا پڇاڻڻ بھ خلق ناھي ڇاڪاڻ تھ معرف ت۾ بھ ملڪھ ۽
قدرت وانگر چڱي مٺي سڀ سان ٿي تعلق رکي. تنھنڪري
باقي رھي چوٿين ڳالھھ يعني اھا حالت جنھن سان نفس
بخل يا سخا جي ڪرڻ لاءِ تيار ٿو ٿئي تھ در حقيقت
نفس جي انھيءَ باطني حالت ۽ صورت جو ئي نالو آھي
خلق. مگر ياد رھي تھ جھڙيءَ طرح ظاھري حسن صرف ھڪ
عضوي مثلا اکين جي سٺي ھجڻ سان ڪامل نٿو ٿئي بلڪھ
نڪ، منھن، ڳل ۽ پيشاني وغيره سڀني عضون جي عمدي
ھجڻ سان ٿو پورو ٿئي ۽ ٺھي تھڙيءَ طرح باطن جي حسن
يا سونھن لاءِ بھ چار ارڪان آھن. جڏھن انھن ۾ حسن
ھوندو تڏھن وڃي خوش خلقي پوري ٿيندي يعني جڏھن اھي
چار ارڪان اعتدال جي درجي تي ھڪ ٻئي سان ٺھڪي
ايندا تھ پوءِ ماڻھو پاڻ کي خوش خلق ٿابت ڪندو.
اھي چار ارڪان ھي آھن: قوت علم، قوت غضب، قوت شھوت
۽ قوت عدل (جيڪا مٿينٽن قوتن کي اعتدال ۾ رکي ٿي).
قوت علم يعني علم جي طاقت يا سگھھ جي خوبي اھا آھي تھ آدمي
انھيءَ جي ذريعي ”اوال“ جو سچ ۽ ڪوڙ. ”اعتقادن“ جو
حق يا باطل ھجڻ ۽ .اعمالن“ جو چڱو مٺو ھئڻ معلوم
ٿو ڪري، پوءِ جڏھن علم جي قوت ھن درجي کي ٿي پھچي
تھ ان جو لازمي نتيجو يا ڦل ”حڪمت“ جي رنگ ۾ ٿو
ظاھر ٿئي ۽ اھا حڪمت يا سمجھھ سڀني نيڪ ۽ عمدن
اخلاقن جي پاڙ آھي ۽ جنھن بابت الله تعاليٰ قرآن
مجيد ۾ فرمايو آھي تھ ”ومن يوت الحِڪمته فقد اوني
خيرا ڪثِيرا“ (۽ جنھن کي حڪمت يا سمجھھ ڏني ويئي
تنھن کي بيشڪ گھڻي چڱائي ڏني ويئي).
غضب ۽ شھوت جي قوت يا سگھھ جي خوبي اھا آھي تھ اھي ٻئي ”حڪمت“
سان موافق ھئڻ گھرجن ۽ انھي جي اشاري تي ھلن يعني
جيڪا ڳالھھ عقل ۽ شريعت تجويز ڪن غضب ۽ شھوت جي
قوت ان جي تڪميل ڪن. عدل جي قوت جو غرض ۽ مقصد اھو
آھي تھ غضب ۽ شھوت کي عقل ۽ شريعت جي پابند بڻائڻ
۾ مدد ڪرڻ، پوءِ عقل کي ھڪ نصيحت ڪندڙ يا صلاحڪار
مشير ڪري سمجھڻ گھرجي ۽ عدل جي قوت کي سمجھڻ گھرجي
تھ ھوءَ فقط عقل جي اشاري تي عمل ڪرڻ واري طاقت
آھي. انھيءَ لحاظ کان غضب کي وري ھڪ شڪاري ڪتي جي
مثال سمجھڻ گھرجي جنھن کي عقل ۽ عدل جي اشاري تي
جنسي تعميل ڪرڻي ٿي پوي ۽ ھن ڪتي جو پڪڙڻ لاءِ وڃڻ
يا بند رھڻ سڀ اشاري سان ھئڻ گھرجي ۽ ان جي پنھنجي
نفس جي خواھشن يا مرضي موجب نھ ھجي.ساڳيءَ طرح
شھوت يک ان گھوڙي جي مثل سمجھڻ گھرجي جنھن تي شڪار
جي پٺيان تلاش ۾ پڄڻو ٿو پوي ۽ اھو گھوڙو ڪڏھن تھ
ڏاڍو فرمانبردار ۽ ھريل ھوندو آھي ۽ ڪڏھن ڏاڍو
اڙجھل ۽ شرير ٿيندو آھي.
مطلب تھ جنھن شخص ۾ اھي چارئي رڪن اعتدال جي درجي ۾ ھندا تھ اھو
پورو پورو خوش خلق ٿيندو ۽ جنھن ۾ فقط ھڪ يا ٻھ
شيون اعتدال ۾ ھونديون اھو انھيءَ حساب موب خوش
خلق ھوندو جھڙيءَ طرح ڪنھن جي چھري ۾ جيتريون شيون
چڱيون ھونديون آھن اوترو ھن کي خوبصورت سمجھيو
ويندو آھي. جيڪڏھ ڪنھن حصي ۾ گھٽتائي يا نقص ھوندو
اٿس تھ ان کي پورو پورو خوبصورت نھ ليکيو ويندو
آھي.
ياد رکڻ گھرجي تھ غضب جي قوت جي اعتدال ۽ حسن جو نالو شجاعت
(يعني بھادري يا دليري يا جوانمردي) ۽ شھوت جي قوت
جي اعتدال ۽ حسن جو نالو عفت (يا پاڪدامني) آھي.
غضب جي قوت جيڪڏھن اعتدال جي حق کان وڌيڪ ھوندي
آھي تھ ان کي نامردي ۽ بزدلي ڪري سڏيو آھي. ساڳيءَ
طرح شھوت جي قوت جي زياده ھجڻ کي ھٻڇ يا لالچ يا
حرص سڏبو آھي ۽ گھٽ ھئڻ کي نامردي ۽ بي حسي سڏيو
ويندو آھي. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ انھن سڀني ۾
فضيلت ۽ بھتري اوسط يا درمياني يا اعتدالي درجي ۾
آھي. ٻئي طرف زيادتيءَ گھٽتائي وارا مذموم ۽ خراب
آھن.
ياد رکڻ گھرجي تھ عدل جي قوت ۾ ڪمي بيشي يعني گھٽ وڌائي جو ڪو
بھ ڏاڪو ڪينھي. عدل کان گھٽ يا وڌ واري حالت کي
سنئون سڌو ”ظلم“ جو نالو ڏنو ٿو وڃي يعني جيڪا
ڳالھھ عدل جي دائري ۾ ناھي انھيءَ کي سواءِ ”ظلم“
جي نالي کان بيو ڪو بھ نالو نٿو ڏئي سگھجي مگر علم
واري قوت ۾ البتھ غضب ۽ شھوت وانگر ڪمي ۽ بيشيءَ
جا جدا ڏاڪا آھن. يعني جيڪڏھن علم جي قوت واري
اعتدالي ڏاڪي يعني حڪمت جي زيادتي ڪن خاص ڪمن جي
طرف لڳي ٿي وڃي تھ ان جو نالو ”مڪر ۽ فريب“۾ ٿو
ٿئي وڃي ۽ جيڪڏھن ڪمي يا گھٽتائيءَ جي صورت ٿو
اختيار ڪري تھ ان کي ”بيوقوفي“ ٿو سڏيو وڃي.
ھاڻي معلوم ٿي چڪو تھ اخلاقن جون بنيادي شيون چار آھن ھڪ ”حڪمت“
ٻئي ”شجاعت“ ٽين ”پاڪدامني“ ۽ چوٿين ”عدالت“ –
”حڪمت“ منجھان اان جو غرض اھا نفس جي حالت آھي
جنھن جي ذريعي سڀني اختياري ڪمن جو صحيح ۽ غلط ھئڻ
معلوم ٿي وڃي. ”عدلت“ منجھان مراد اھا نفس جي حالت
آھي جنھن سان غضب ۽ شھوت کي قابو ۾ رکيو وڃي ۽ ان
جو ڇٽڻ يعني آزاديءَ سان چرڻ پرڻ ۽ روڪجڻ حڪمن جي
گھر ۽ تقاضا موجب ھجي ۽ ”شجاعت“ جو مطلب آھي تھ
غضب کي عقل جو تابعدار ھئڻ کپي. جتي عقل چويس اتي
غضب جو قدم کني (نھ تھ چپ ۾ رھي) – ”پاڪدامني يا
پارسائي“ منجھان وري اسان جو مقصد اھو آھي تھ شھوت
جي قوت. عقل جي سکيا ۽ تربيت موجب عمل ڪري. اھڙيءَ
طرح سان انھن چئني بنيادي شين جي اعتدال منجھان
عمدا اخلاق ٿا پيدا ٿين ۽ انھن جي افراط ۽ تفريط
(يعني گھٽ وڌائي) منجھان بڇڙا اخلاق ٿا ڦٽن جن جو
تفصيل ھيٺ ڏنو ٿو وڃي.
(1)
علم يا عقل جي قوت جي اعتدال ۾ ھئڻ منجھان نيڪ
تدبير تيز فھمي، پختي راءِ، اعمالن جي دقيق نڪتن
جي معلومات. نفس جي پوشيده آفتن جو معلوم ڪرڻ
وغيره جھڙيون قوتون پيدا ٿيون ٿين. مگر انھيءَ
عقلي قوت جي زيادتيءَ منجھان وري مڪر، فريب، ساڙ،
حسد ۽ باطن جي پليدي جھڙيون حالتون پيدا ٿيون ٿين
۽ ڪميءَ منجھان وري ناتجربھ ڪاري، بي شعوري، حماقت
۽ جنون جھڙا جذبا ٿا اڀرن. ”ناتجربيڪاري“ منجھان
غرض ھي اھي تھ باوجود خيال جي سلامت ھئڻ جو تجربو
نھ ھجي جھڙوڪ ڪي ماڻھو ھڪڙي ڳالھھ ۾ ھوشيار ٿيندا
آھن ۽ بيءَ ۾ جاھل يا اڻ ڄاڻ ۽ حماقت ۽ جنون ۾ اھو
فرق آھي تھ احمق ماڻھوءَ جو مقصد تھ صحيح ھوندو
آھي مگر انھيءَ تائين پھچڻ جو رستو ھن کي معلوم نھ
ھوندو آھي ۽ ھن کي اھا خبر نھ پوندي آھي تھ مان
پنھنجي مقصد کي ڪھڙي طريقي سان پھچي سگھندس. يعني
ھن جو طريقو بگڙيل ھوندو آھي. ٻئي طرف ”جنون“ وري
انھ:ءَ کي ٿو سڏجي جنھن ۾ ڪو ماڻھو اھا ڳالھھ ٿو
اختيار ڪري جيڪا اختيار ڪرڻ جي لائق ناھي يعني ھن
جي اختيار ڪرڻ ۾ ئي منڍ کان وٺي بگيڙو آھي ۽ ھن جو
مقصد ئي صحيح نٿو رھي.
(2)
غضب (يعني غصي، ڪاوڙ يا ڏمر) جي قوت جي اعتدال
يعني شجاعت جي خلق منجھان ڪھل، ٻاجھھ، دليري،
بزرگي، توانائي، ڪسر نفسي تحمل، بردباري، استقلال
(يعني ارادي جي پختگي)، ڪاوڙ مارڻ غصو کائڻ ۽ وقار
جھڙيون خصلتون ٿيون پيدا ٿين ۽ ان جي زيادتيءَ
منجھان وڏائي، شيخي، ٽانءِ، ڦونڊ ۽ تڪبر وغيره ۽
ڪمي يا گھٽتائي منجھان نامردي، بزدلي، خواري،
رسوائي، ذلت، خوف، ڪنجوسائپ، ڪم ھمتي ۽ واجبي
ڳالھين ۾ بھ پٺتي پوڻ جھڙيون عادتون پيدا ٿي ٿيون
پون.
(3)
شھوت جي قوت جي اعتدال يعني پرھيزگاري ۽
پاڪدامنيءَ منجھان سخاوت، حيا، صبر، چشم پوشي،
قناعت، ڪفايت ، ھمت لاطمعي وغيره ۽ ان جي گھٽ
وڌائي منجھان حرص، بيحيائي، اسراف گھر وارن تي
ٿورو خرچ ڪرڻ، بيحرمتي، فحش، لغو، خوشامد، حسد،
گونگرن اڳيان ذليل ٿيڻ، فقيرن کي حقير يا نيچ
ڄاڻڻ، جھڙيون حالتون پيدا ٿيون ٿين.
مطلب تھ سھڻن اخلاقن جون پاڙون (يا اصول) آھن حڪمت، شجاعت،
پاڪدامني ۽ عدالت ۽ باقي شيون سڀ انھن جون فروغ
(يعني شاخون) آھن ۽ انھن چئني جو ڪمال اعتدال ۾
ھئڻ سواءِ آنحضرت ﷺ جي ٻئي ڪنھن کي نصيب نھ ٿيو
آھي ۽ حضور ﷺ جن کان پوءِ ٻين سڀني ماڻھن جي
اخلاقن ۾ تفاوت آھي يعني ڪن جي اخلاقن جو درجو مٿي
آھي ۽ ڪن جو ھيٺ، جيڪو شخص جيتري قدر انھن اخلاقن
۾ رسول الله ﷺ جن جي قريب آھي ۽ جيڪو انھن کان پري
آھي اھو الله تعاليٰ کان بھ پري آھي. پوءِ جيڪو
شخص انھن سڀني اخلاقن جو مالڪ آھي اھو انھيءَ
ڳالھھ جو مستحق آھي جو ھو سڀني جي رجوع ٿيڻ جو
مرڪز ھجي ۽ ماڻھو ان جي اطاعت ۽ تابعداري ڪن ۽ سني
ڪمن ۾ ان جي پيروي ڪندا رھن ۽ جيڪو انھي چئني
ڳالھين منجھان ڪنھن بھ صفت جو مالڪ نھ ھجي بلڪھ
انھن جي ابتڙ سڀ ڳالھيون ھن ۾ موجود ھجن تھ اھو ھن
ڳالھھ جي لائق آح: ٽح حڻ ؛: شحڙ ۾ڻڄحآڻ ڻ:ڪآلله:
-ڻ: ُڃي ڇاڪاڻ تھ شيطان الرجيم (يعني تڙيل يا
نيڪالي ڏنل) جي ويجھو وڃي پيو آھي. تنھنڪري گھرجي
تھ شيطان جي علحدگي وانگر ھن کان بھ عليحدگي
اختيار ڪئي وڃي. جھڙيءَ طرح مٿي بيان ڪيل ماڻھو
جيڪو فرشتن جي قريب ٿو ٿئي تھ ان جي ڳالھھ انھيءَ
جي لائق آھي تھ ان جي پيروي ۽ نزديڪي اختيار ڪئي
وڃي ڇاڪاڻ تھ رسول مقبول ﷺ جن انھيءَ لاءِ موڪليا
ويا آھن تھ مڪارم اخلاق يعني سھڻن اخلاقن کي پورو
ڪن يا ڪمال تي پھچائن جھڙوڪ حديث شريف ۾ وارد ٿي
چڪو آھي ۽ قرآن مجيد ۾ بھ مؤمنن جي وصفن ۾ انھن
اخلاقن ڏانھن اشارو آھي تھ ”اِنما المؤمنون الذين
آمنوا باِلله و رسوله ثم لم يرتابُوا و جاھدوا
بِاموالھم و انفسھم في سبِيل الله اولئڪ ھم
الصادٰقون ه“ (مؤمن رڳو اھي آھن جن الله ۽ پيغمبر
تي ايمان آندو (۽) وري (ڪو) شڪ نھ ڪيائون ۽ الله
جي واٽ ۾ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جسمن سان جھاد
ڪيائون. اھي ئي سچا آھن) يعني الله ۽ رسول تي
ايمان آڻڻ قوت يقين (يعني علم) سان ٿو ٿئي جيڪو
عقل جو ثمر (ڦل) ۽ حڪمت جي پڇاڙي آھي ۽ مال سان
مجاھدو ڪرڻ سخاوت آھي جيڪا سھوت جي قوت کي روڪڻ
سان ٿي پيدا ٿئي ۽ نفس جي جھاد جو ٻيو نالو شجاعت
آھي جيڪا غضب جي قوت کي اعتدال ۾ رکڻ منجھان ٿي
ٺھي ۽ ساڳيءَ طرح اصحابن جي تعريف ۾ پڻ اڙشآڊ آح:
ٽح ”اشداءُ علي الڪفار رحماءُ بَينھم“ (اھي ڪافرن
تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن). ھن ۾ انھيءَ
ڳالھھ ڏي اشارو آھي تھ شدت (يعني سختي) ۽ رحمت جدا
جدا حدن تي ٿيون ٿين. ھن منجھان ثابت آھي تھ ڪافرن
سان ھر حال ۾ شدت ڪرڻ سان ئي ڪمال آھي ۽ نھ رحمت
ڪرڻ سان. ھيءُ آھي بيان خلق جي حقيقت ۽ ان جي حسن
۽ قباحت ۽ ارڪان ۽ ثمرات ۽ فروعن جو.
بيان ٽيون
رياضت سان اخلاقن جو بدلجڻ
ڄاڻڻ گھرجي تھ جن ماڻھن تي باطل اعتقاد جو غلبو آھي (يا جن
ماڻھن تي بيڪاري ۽ وقت رائگان وڃائڻ جي حالت غالب
ھوندي آھي) انھن تي نفس جي تڪزيھ يا پاڪائيءَ لاءِ
مجاھدو يا رياضت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آھي. انھن
جو نفس ھن ڳالھھ کي خيال ۾ آڻن ئي نٿو گھري تھ
باوجود نقصان ۽ اندر جي پليديءَ جي اسان کان ڪو
نفس جو تزڪيو ٿي سگھندو. ھن قسم جي ماڻھن جو چوڻ
اھو آھي تھ اخلاقن جو بدلجڻ ممڪن ئي ناھي ڇاڪاڻ تھ
انسان جي طبيعت ۾ تبديلي اچڻ محال آھي ۽ ھن دعويٰ
جا ٻھ سبب بيان ڪيا ٿا وڃن. پھريون سبب ھي ٿا ڏين
تھ خلق باطني صورت جو نالو آھي جھڙيءَ طرح خلق
ظاھري صورت کي سڏيو ٿو وڃي. مگر طاھري صورت ۾
تبديلي ممڪن ناھي مثلا بندرو پاڻيھي پنھنجي قد کي
وڌائي نٿو سگھي ۽ ڊگھو ماڻھو بندرو ٿي نٿو سگھي.
ساڳيءَ طرح قدرتي بد صورت بھ خوبصورت نٿو ٿي سگھي.
انھيءَ ڪري باطن جي برائيءَ کي بھ اھڙيءَ طرح قياس
ڪرڻ گھرجي.
ٻيو سبب ھي ڏنو ٿو وڃي تھ خوش خلقيءَ منجھان شھوت ۽ عضب جي قوتن
جي پاڙ پٽڻ جي مراد ورتي ٿي وڃي مگر اسان وڏن
مجاھدن جي تجربي سان معلوم ڪيو آھي تھ ھي شيون
(يعني شھوت ۽ عضب) مزاج ۽ طبيعت جي تقاضا موجب
ٿيون ٿين ۽ ڪڏھن بھ قطع ٿئي نٿيون سگھن. تنھنڪري
انھيءَ ڳالھھ جي ڪڍ پوڻ اجائي پنھنجي عمر ضايع
ڪرڻي آھي. ڇاڪاڻ تھ نفس جي تزڪيي جو غرض ھي آھي تھ
دل جو لاڙو فاني لذتن جي طرف نھ رھي مگر اھو بلڪل
محال آھي.
ھاڻي اسان انھن ٻنھي سببن جو جواب ٿا ڏيون. پھرئين سبب جي جواب
۾ چئون ٿا تھ جيڪڏھن اخلاقن ۾ تغير يا ڦير ڦار نٿو
ٿي سگھي تھ پوءِ ھي وعظ نصيحتون ۽ تربيتون وغيره
سڀ چئبو تھ بيڪار آھن ۽ آنحضرت ﷺ جن ھي ڇو فرمائين
ھا تھ ”سھڻا يا چڱا ڪريو اخلاق پنھنجا.“ ماڻھو تھ
درڪنار پر ھيءَ ڳالھھ تھ جانورن ۾ بھ ممڪن آھي ڏسو
باز پکيءَ جي وحشت (يعني ٽھڻ) ڪيئن انس (يعني محبت
۽ ميل جول) ۾ بدلجي ٿي وڃي. سڪاري ڪتو ڪيئن تعليم
ڏيڻ سان ادب وارو ٿئي ٿو وڃي. شڪار کي رڳو پڪڙي ٿو
وٺي ۽ ان جي کائڻ جو حرص مطلق نٿو ڪري. سرڪش ۽ لچو
گھوڙو ڪھڙو نھ غريب ۽ فرمانبردار بڻجي ٿو وڃي.
جيڪڏھن ھي اخلاق جو بدلجڻ ناھي تھ بيو ڇاھي.
ھن باري ۾ حقيقت اھا آھي تھ موجوده شين منجھان ڪي شيون تھ
اھڙيون آھن جن جي بناوت ڪامل آھي ۽ جنھن ڳالھھ جي
انھن ۾ ضرورت ھئي اھا پوري ٿي چڪي آھي. ھاڻي
مانھوءَ جي اختيار سان ان ۾ ڪجھھ بھ نھ ٿو ٿي
سگھي. جھروڪ آسمان ۽ تارا ۽ گرھ ۽ انسانن ۽ حيوانن
جا ظاھري ۽ باطني عضوا وغيره. انھن کان علاوه ڪي
شيون اھڙيون آھن جن جو وجود يا جسم ناقص يعني
اڻپورو آھي مگر پوري يا ڪامل ٿيڻ لاءِ انھن ۾
لياقت موجود آھي. جيڪڏھن ڪامل ٿيڻ وارا شرط
باقاعدي پورا ڪيا وڃن تھ اھي شيون ڪمال جي درجي کي
پھچي ٿيون سگھن ۽ اھي شرط ڪڏھن انسان جي اختيار ۾
آھن ۽ ڪڏھن ناھن. مثلا انب جي ککڙي نھ ڦل آھي ۽ نھ
وڻ. مگر ان جي پيدائش اھڙيءَ طرح ٿيل آھي جو ھوءَ
وڻ ٿي سگھي ٿي. بشرطيڪ دسوتري خدمت ڪئي وڃيس. مگر
جيڪڏھن ھن کي ڪو ڦل بنائڻ چاھي تھ ھرگز نھ ٿي
سگھندو. انھيءَ جي لياقت ھن ۾ ڪانھي. جڏھن ککڙي ھڪ
ٻانھي جي اختيار کان متاثر ٿئي ٿي ۽ ھڪڙي حالت
منجھان ٻي حالت ۾ اچي ٿي وڃي تھ پوءِ غضب ۽ شھوت
جيڪڏھن بدلجي وڃن تھ اھا ڳالھھ امڪان کان بعيد
ناھي. ھاڻ انھن ٻنھي يعني غضب ۽ شھوت جي وجود جي
بلڪل پاڙ پٽجي وڃڻ ۽ ان جو ڪو بھ اثر نھ رھڻ، اھو
ذرا ناممڪن آھي ۽ انھيءَ تي ڪنھن جو وس ڪو نھ ٿو
ھلي سگھي. مگر ھن کي دباءَ ھيٺ رکڻ ۽ رياضت ۽
مجاھدي سان ھن کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ ٿئي ٿو سگھي ۽
انھيءَ جو اسان کي حڪم بھ آھي ۽ اھو ئي اسان جي
ڇوٽڪاري ۽ الله تعاليٰ وٽ پھچڻ جو وسيلو يا سبب
آھي. البتھ طبيعتون مختلف آھن جو ڪن تي جلدي ٿو
اثر ٿئي ۽ ڪن تي دير سان ۽ انھن جياختلاف جا ٻھ
سبب آھن. پھريون سبب آھي انھيءَ حالت جي گھڻي عرصي
گذرڻ جو، جنھن جو بدلائڻ چاھيو وڃي ٿو يعني اھي
حالتون انسان سان ڄائي ڄم کان وٺي موجود آھن. مثلا
غضب، شھوت ۽ تڪبر ھر ھڪ انسان ۾ موجود آھن مگر سڀ
کان وڌيڪ مشڪل آھي شھوت جو بدلجڻ ڇاڪاڻ تھ اھا
پيدائش واري ڏينھن کان وٺي وجود ۾ ٿي اچي ۽ ٻار کي
ڄمڻ سان ئي قدرتي طرح خواھشون ھونديون آھن. مگر
غصو گھڻو ڪري ستن سالن کان پوءِ ٿو پيدا ٿئي ۽
انھيءَ کان پوءِ تميز جي قوت حاصل ٿيندي آھي.
ٻيو سبب ھي آھي تھ خلق يعني عادت ڪڏھن ڪڏھن عمل ھيٺ ڪثرت سان
اچڻ ڪري بھ مضبوط ۽ ڏاڍي پڪي پختي ٿي ويندي آھي.
ڇاڪان جو انسان ھميشه پنھنجي عادت موجب ڪم ڪاريون
ڪندو رھندو آھي ۽ انھيءَ جي اطاعت يعني پيروي ڪرڻ
لاءِ سخت ڪوشش ۾ ھوندو آھي ۽ ان کي ڏاڍو وڻندڙ ۽
عمدو ڪري تصور ڪندو آھي ۽ ھن معاملي ۾ ماڻھن جا
چار درجا آھن:
پھريون درجو ھي آھي تھ انسان جھرو پيدا ٿيو آھي اھڙو رھي. ھق ۽
باطل ۽ چڱي مٺي ۾ تيمز نھ ڪري سگھي. سڀني قسمن جي
عقيدن کان خالي ھجي ۽ لذتن جي استعمال سان ھن جي
شھوت بھ ڪامل نھ ٿي ھجي تھ اھڙي شخص جو علاج تمام
جلد ٿي سگھي ٿو. صرف ھڪ استاد ۽ مرشد جي ئي ضرورت
آھي. جيڪڏھن ھن جي نفس ۾ مجاھدي جو مادو بھ موجود
آھي تھ ٿورن ئي ڏينھن ۾ اھڙي ماڻھوءَ جو خلق درست
ٿئي ٿو وڃي.
ٻيو درجو اھو اھي تھ بڇڙا ڪم ڄاڻي ٿو مگر نيڪ ڪمن جو عادي ناھي.
بڇڙا ڪم ئي ھن کي چڱا ٿا لڳن. ھن معاملي ۾ ھو شھوت
جو تابعدار آھي ۽ ٺيڪ ۽ سڌي صلاح کان منھن
موڙيندڙ. انھيءَ ھوندي بھ ھو پنھنجي عمل جي قصور
يا گھٽتائيءَ کان واقف آھي. اھڙي ماڻھو جو سڌي
راھھ تي اچڻ پھرين درجي واري ماڻھوءَ کان ڏکيو آھي
ڇاڪاڻ تھ ھن لاءِ ٻن ڳالھين جي ضرورت پوندي.
پھريائين بد (خراب) عادت جو ڇڏائڻ ۽ ٻيو نيڪ عادت
جي عادت وجھڻ، بھرحال اھڙو شخص بھ تاثير جي قابل
آھي. بشرطيڪ رياضت ڪرڻ لاءِ چڱيءَ طرح سان تيار
ھجي.
ٽيون درجو اھو آھي تھ بد اخلاقن لاءِ ھن جو عقيدو ھجي تھ ھي
ڏاڍا چڱا آھن ۽ انھن جو ڪرڻ واجبي آھي ۽ ھن جي
پرورش بھ انھن اصولن تي ٿي آھي تھ اھڙي آدميءَ جو
علاج ڄڻ تھ ڏکيو آھي ۽ ان جي سڌرڻ جي ڪا اميد
ڪانھي ڇاڪاڻ تھ گمراھيءَ جا سبب ھن حالت ۾
گھڻائيءَ ۽ غلبي ۾ آھن. |