بيان ٻارھون
دل ڏانھن شيطان جي واٽن جو تفصيل
ڄاڻڻ گھرجي تھ انسان جو قلب ھڪ قلعي وانگر آھي ۽
شيطان دشمن آھي. جيڪو ان جي اندر گھري ان جو قبصو
ڪرڻ ٿعو چاھي. انھيءَ صورت ۾ جيڪڏھن قلعي جي
دروازن جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ شيطان جي اچڻ وارن
رستن تي پھرو ھوندو تھ قلب محفوظ رھي ٿو سگھي. مگر
جنھن شخص کي خود دروازن جو ئي علم ڪينھي اھو ڪيئن
ٿو حفاظت ڪري سگھي. ياد رکڻ گھرجي تھ شيطان جي
وسوسون کان قلب کي بچائڻ واجب آھي. بلڪھ ھر عاقل ۽
بالغ بندي تي عين فرض آھي. ازانسواءِ جيڪا شيءِ
عين فرض تائين پھچڻ جو ذريعو ھجي اھا بھ واجب آھي.
ھاڻي جنھن صورت ۾ شيطان کي دفع ڪرڻ ھن جي اچڻ وارن
رستن جي واقفيت تي ٿو دارومدار رکي تنھن صورت ۾
انھن رستن جو سڃاڻڻ واجب آھي. اھي رستا بندن جون
صفون“ آھن جن جي ڪا انتھا ئي ڪانھي. مگر انھن
منجھان اسان اھي وڏا وڏا رستا ٻڌائي ٿا ڇڏيون جن
تي شيطان وڏي انداز ۾ لشڪر بيھاريو بيٺو ھوندو
آھي.
پھريائين ھن جو وڏو دروازو آھي ”غضب ۽ شھوت“ ڇاڪاڻ تھ غضب ۽غصي
وقت عقل صفا موڪلائي ٿو وڃي ۽جڏھن عقل ڪمزور ٿي
وڃي ٿو تھ فورا شيطان ھن سان حملو ڪري ٿو وٺي
۽جڏھن انسان ڪاوڙ ۾ اچي تھ شيطان ھن سان اھڙيءَ
طرح ٿو کيڏي جھڙيءَ طرح ٻار کينھوڙي سان کيڏندو
آھي. روايت ۾ آھي. تھ روايت ۾ آھي تھ ابليس ھڪ
دفعي سان مليو
۽عرص ڪيائين تھ تون اھڳ ائين جنھن کي الله تعالي
رسول ڪيو آھي جنھن سان الله تعالي ڪلام ٿو ڪري.
مان بھ ان خدا جو خلقيل آھيان، مون کان ھڪ گناه ٿي
ويو اھي ، مان انھيءَ کان توبه ڪرڻ ٿو گھران.
تواھان خدا تعالي کي سفارش ڪريو تھ منھنجي توبه
قبول
فرمائي.
ھن جو عرض قبول ڪيو جو پھاڙ تي تشريف وٺي ويو ۽ رب
تعالي سان ڪلام ڪري لھڻ لڳو تھ رب العزت کان ارشاد
ٿيو تھ اي موسا امانت ادا ڪر! پاڻ عرض ڪيائين تھ
تنھنجو ابليس ھي گھري ٿو تھ ھن جي توبه قبول
فرمايو باري تعالي جو حڪم ٿيو تھ آدم جي قبر کي
سجدو ڪري تھ توبه قبول ٿي ويندي. حضرت موسا ابليس
کي اچي چيو تھ مون تنھنجي حاجت پوري ڪري ڇڏي. حڪم
ٿيو آھي تھ آدم عليه السلام جي قبر کي سجدو ڪر تھ
تنھنجي توبه معاف ٿي ويندي. ھو ملعون غصي ۾ اچي
ويو ۽ تڪبر سان چوڻ لڳو تھ مان ھن کي زندگيءَ ۾ تھ
سجدو ڪين ڪيو باقي ھاڻي مٽيءَ کي ڪيئن سجدو ڪريان.
پوءِ عرض ڪيئن ڪيائين تھ اوھان جو مونتي حق آھي جو
اوھان منھنجي سفارش ڪئي آھي، مان ھڪڙي اوھان کي
ڳالھھ ٿو ٻڌايان تھ اوھان ٽن شين ۾ مون کي ياد
رکجو. انھن ۾ مان اوھان کي ضرر نھ پھچائي سگھندس.
ھڪ غصي جي وقت، ڇاڪاڻ تھ منھنجو روح تھ اوھان جي دل ۾ آھي ۽اک
اوھان جي اک ۾ ۽ جتي بھ بدن جو خون دورو ٿو ڪري
اتي منھنجو گذر ٿو ٿئي، تنھنڪري غصي جي حالت ۾
منھنجو خيال ضرور ڪندا ڪريو. انھيءَ لاءِ تھ جڏھن
انسان غصو ڪندو آھي تھ امن ان جي نڪ ۾ ڦوڪ ڏيئي
ڇڏيندو آھيان. پوءِ ھن کي اھا خبر نھ پوندي آھي تھ
مان ڇا ٿو ڪريان.
ٻيو لڙائي جي صف ۾ مونکي ياد رکندا ڪريو. ڇاڪاڻ تھ مان ھن کي ھن
جو گھر بار ۽ ٻچا زال ياد ڏياريندو آھيان انھيءَ
لاءِ تھ ھو ھٽي يا ڀڃي وڃي.
ٽئين ڳالھھ اھا ياد رکو تھ جنھن عورت جو محرم ساڻ نھ ھجي انھيءَ
عورت جي ويجھو ھرگز نھ ويھجو. مان اڪيلائيءَ ۾ مرد
جي طرف کان ھن عورت ڏي پيغام پھچائيندو آھيان ۽
عورت جو پيغام مرد ڏاھن پھچائيندو رھندو آھيان.
تانجو ٻئي گناھ ۾ مبتلا ٿي ويودا آھن.
ھنن ڳالھين جو غرض ھي آھي تھ ھن شھوت، غضب ۽حرص جي طرف اشارو
ڪيو آھي. ازانسواءِ مرڻ کانپوءِ بھ آدمﷺ جو سجدو
نھ ڪرڻ شيطان جو حسد ٿو ظاھر جري لڙائيءَ کان بچي
اچڻ دنيا جي حرصن سببان ٿو ٿئي ۽ اھي شيطان جا وڏا
دروازا آھن. ساڳيءَ طرح بڪن اولائين لان منقول آھي
تھ انھن جي شيطان کان پڇيو تھ آدميءَ جي دل تي تون
ڪنھن وقت غالب ٿيندو آھين. ھن جواب ڏنو تھ غضب ۽
نفسياتي خواھش جي وقت آدميءَ کي قبضي ۾ آڻي ڇڏيندو
آھيان.
اھو پاڻ مروي آھي تھ ابليس ھڪ راھب وٽ آيو. راھب پڇيس تھ
ماڻھوءَ جي ڪھڙي صفت منجھان توکي وڌيڪ مدد ملي.
ابليس جواب ڏنو تھ مزاج جي تيزي منجھان ڇاڪاڻ تھ
جڏھن ماڻھو تيز مزاج ٿو ٿئي تھ مان ان جي دل کي
اھڙي طرح ڦيرائيندو ۽ڪڏائيندو آھيان جھڙي طرحڪو
ٻار کينھون کي ڦيرائي يا ڪڏائي.
چون ٿا تھ شياطان جي ھي قول آھي تھ ماڻھون مونتي ڪيئن ٿو غالب
ٿي سگھي. جڏھن ھو کل خوشيءَ ۾ آھي تھ مان ان جي دل
۾ ويٺو ھوندو آھيان ۽جڏھن ڪاوڙ ايندي اٿس تھ مان
تپ ڏئي وڃي ھن جي مٿي ۾ ويھندو آھيان (اتي جيڪي
وڻندو اٿم اھو ھن کان ڪرائي ڇڏيندو آھيان).
ٻيو وڏو دوازو شيطان جو آھي “ حسد ۽ حرص“ جڏھن ماڻھو ڪنھن شي جو
حريص ٿيندو آھي تھ حريص ھنکي ٿيندو آھي تھ حرص ان
کي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏيندو آھي جھڙوڪ حسيثشريف ۾
آھي تھ “ پيار ڪرڻ تنھنجي ڪنھن شيءِ کي توکي انڌو
ڪري ۽ ڻوڙو ڪري ٿو ڇڏي“ جڏھن بصيرت جو نور اکين
منجھان حرص ۽ حسد جي ڪري نڪري وڃي ٿو تھ انسان کي
ڪجھھ نٿو سمجھي ۽انسان کي ان وقت موقعو ملي ٿو وڃي
۽ جيڪا شيءِ حرصن جي خواھش تائين ھن کي پھچائي اھا
ھنجي نظرن ۾ چڱي طرح ٿو ڏيکاري جيتوڻيڪ ھوءَ ڪيتري
بھ کڻي ڪوڙي ھجي. حضرت نوحﷺ جڏھن ٻيڙي ۾ سوار ٿيو
۽ خدا تعالي جي حڪم موجب ھر ھڪ شيءِ جو ان ئم جوڙو
رکي ڇڏيو ٻيڙي ۾ حضرت جن ھڪ پوڙھو اجنبي شخص ڏٺو.
تھ تون ڇو سوار ٿيو آھين. ھن عرص ڪيو تھ اوھان جي
يارن جون دليون وٺن آيو آھيان. انھن جا رڳا بدن
توھان سان رھندا، دليون مون وٽ ھوندن. پاڻ
فراميائونس تھ معلوم ٿيو تھ تون شيطان مردود آھين
۽ خدا تعاليٰ جو دشمن آھين. ھتان نڪري وڃ. ھن يڪدم
عرض ڪيو تھ مون وٽ پنج شيون آھن جن سان مان ماڻھن
کي ھلاڪ ڪندس. انھن منجھان ٽي تھ مان ٻڌائيندس
باقي ٻھ نھ ٻڌائيندس. انھيءَ وقت حضرت نوح عليه
السلام تي وحي نازل ٿيو تھ جيڪي شيون ابليس توھان
کي ٻڌائڻ گھري ٿو انھن جي اوھان کي ضرورت ڪانھي.
اھي ڳالھيون پڇوس جيڪي لڪائڻ ٿو چاھي. تنھن تي پاڻ
ھن کان زور ڪري اھي ٻھ ڳالھيون پڇيائون. ابليس چيو
تھ ھي ٻھ ڳالھيون اھي آھن جيڪي ماڻھن کي ھلاڪ ڪرڻ
۾ ڪڏھن بھ ناڪامياب نٿيون وڃن. اھي بئي آھن حسد ۽
حرص. حسد تھ اھا شيءِ آھي جنھن کان مان ملعون ۽
شيطان بڻيس ۽ حرص اھو آھي جو آدم عليه السلام لاءِ
ھيڏو سارو وڏو بھشت مباح ٿيو ھو سواءِ ھڪڙي ننڍي
وڻ جي. مگر مان حرص جي ذريعي پنھنجو ڪم ڪڍيو ۽
انھي وڻ جي کائڻ جو حرص ھن جي دل ۾ وجھي ھن کي
ايترو ھلاڪ ڪيو.
شيطان جي وڏن رستن منجھان ھڪڙو رستو ”پيٽ ڀري کائڻ“ بھ آھي.
جيتوڻيڪ کاڌو حلال مال منجھان بھ کڻي ھجي. ڇاڪاڻ
تھ پيٽ ڀرجڻ سان شھوتون زور ٿيون وٺن. ۽ اھي
شھوتون شيطان جا زبردست ھٿيار آھن. روايت آھي تھ
حضرت يحيٰ عليه السلام وٽ ابليس آيو ۽ ان وقت ھن
جي ھٿ ۾ ڄار ھوا. حضرت جن پڇيس تھ ”ھي ڄار ڇا جا
آھن؟“ ھن عرض ڪيو تھ اھي شھوتون آھن جن سان مان
ماڻھن کي ڦاسائيندو آھيان. پاڻ پڇيائون تھ انھن ۾
ڪو منھنجي لاءِ بھ آھي؟ جواب ڏنائين تھ ھائو، جڏھن
اوھان پيٽ ڀري مان يکائيندا آھيو تھ مان نماز پڙھڻ
۽ ذڪر ڪرڻ اوھان تي ڀاري ڪندو آھيان. پاڻ
فرمايائونس تھ ان کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ بھ آھي؟ ھن
عرض ڪيو تھ نھ، تنھن تي پاڻ فرمايائون مونکي قسم
آھي تھ ڪڏھن بھ پيٽ ڀري ماني نھ کائيندس شيطان چيو
تھ مان بھ قسم ٿو کڻان تھ اڳتي مسلمان کي ڪڏھن بھ
خير خواھي جي ڳالھھ نھ ڏسيندس.
چون ٿا تھ گھڻي کائڻ ۾ ڇھھ خراب ڳالھيون ڪٺيون آھن.
(1)
پھريون تھ خدا تعاليٰ جو خوف
دل منجھان نڪري ٿو وڃي.
(2)
ٻيو تھ خلق تي رحم نٿو اچي
ڇاڪاڻ تھ اھو سمجھي ٿو تھ مون وانگر سڀني جو پيٽ
ڀريو پيو آھي.
(3)
ٽيون تھ اطاعت ڪرڻ ڀاري ٿي پوي
ٿي.
(4) چوٿون تھ حڪمت جي ڳالھھ ٻڌڻ سان بھ دل ۾
نرمي نٿي اچي.
(5)
پنجون تھ جيڪڏھن پيٽ ڀريل
ماڻھو ٻين کي نصيحت ڪندو تھ ڪنھن جي بھ دل تي ان
جو اثر نھ ٿيندو يعني ان جي وعظ نصيحت ۾ ڪو بھ
تاثير نٿو ٿئي،
(6) ڇھون تھ اھو ماڻھو بيماريءَ جو گھر ٿي ٿو
پوي.
ٻيو شيطان جو رستو آھي ”ظاھري زيب زينت جو سامان“ جھڙوڪ پوشاڪ ۽
رھڻ جو گھر وغيره ڪنھن کي عمدو ۽ چڱو لڳي. سيطان
جڏھن ھيءَ ڳالھھ انسان جي قلب ۾ ڏسندو آھي تھ اتي
آنا لاھڻ ۽ ٻچا ڦوڙڻ شروع ڪري ڏيندو آھي. اھڙي
ماڻھوءَ کي ھميشه ھي چوندو رھندو آھي تھ گھر خوب
وڏو ۽ ويڪرو ٺھرائيج جنھن جي ڇت ۽ ڀتين تي خوب رنگ
روپ ھجن. اھڙيءَ طرح پوشاڪ ۽ سواري وغيره بھ وڏي
ٺاٺ سان ھئڻ گھرجي. مطلب تھ ساري عمر ھن کي انھن
ڳالھين ۾ لڳائيندو رھندو آھي. جڏھن آدميءَ کي
شيطان ھن ڌن ۾ لڳل ٿو ڏسي تھ پوءِ وري ان وٽ
پنھنجي اچڻ جي گھڻي ضرورت بھ ڪا نھ ٿو سمجھي.
ڇاڪاڻ تھ اھڙي ماڻھوءَ کي ھڪ شيءِ منجھان ٻيءَ
شيءِ جو شوق ازخود جاڳي پوندو آھي ۽ ھو نوانوي جي
چڪر ۾ جڪڙجي پوندو آھي. تان جو موت اچي ھن جي مٿان
ڪڙڪندو آھي ۽ ھو انھيءَ ئي شيطاني راھ ۽ نفساني
خواھشن ۾ روانو ٿي ويندو آھي. ھن حالت ۾ عاقبت جي
خرابي ۽ ڪفر جو بھ گھڻو انديشو ٿو رھي. نعوذ بالله
منه.
ٻيو رستو شيطان جي وڏن رستن مان آھي ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪا ”طمع
رکڻ“. جڏھن انسان کي ٻئي ڪنھن ۾ ڪنھن ڪم جي لالچ
زور واري ھوندي آھي تھ شيطان ھن کي ھيءُ سبق ڏيندو
آھي تھ ايترو ڏيکاءُ ٿو ڪري جو ڄڻ تھ ھو ھن جو
ڪارساز ۽ معبود آھي. اھڙو ماڻھو رات ڏينھن انھيءَ
ئي فڪر ۾ رھندو آھي تھ شل اھڙو سبب ٿئي جو مان ھن
جي نظرن ۾ محبوب ٿي وڃان ۽ انھيءَ ڳالھھ جي پٺيان
ھو ھر وقت خاڪ ڇاڻيندو وتندو آھي. گھٽ ۾ گھٽ ھو
اھا ڳالھھ ڪندو آھي تھ انھيءَ ماڻھوءَ جي تعريف ۾
ڪڏھن ڍاپندو ئي ڪينھي. جيڪڏھن امر باالمعروف
(نيڪيءَ لاءِ ترغيب ڏيڻ ۽ نھي عن المنڪر (بديءَ
لاءِ منع ڪرڻ) جو موقعو ايندو آھي تھ ديده دانسته
ھن جي اڳيان ڳالھھ نٽائي ويندو آھي (يعني حق جي
ڪلمي چوڻ کان ھن جي اڳيان ھردم ڊڄندو رھندو آھي).
حضرت صفوان بن سليم کان روايت آھي تھ ھڪ دفعي ابليس جسماني صورت
۾ عبدالله بن حنظله رحھ وٽ ويو ۽ چيائينس تھ مان
ھڪڙي ڳالھھ توکي سيکاري ٿو ڇڏيان جا ياد رکجانءِ -
عبدالله رحھ چيس تھ مون کي تنھنجي ڳالھھ جي ڪا
ضرورت ڪانھ آھي. ابليس چيو تھ ڳالھھ چڱي ھجي تھ
ياد رکجانءِ نھ تھ منھنجي پلو ۾ ٻڌي ڇڏجانءِ.
ڳالھھ ھيءَ آھي تھ خدا تعاليٰ کان سواءِ ٻئي کان
اھڙو سوال نھ ڪجانءِ جنھن ۾ طمع لڪل ھجي (يعني
جنھن شيءِ جي توکي طمع يا لالچي ھجي تھ اھا خدا
تعاليٰ کانسواءِ ٻئي ڪنھن کان بھ نھ گھرجانءِ) ٻيو
تھ غصي جي وقت پنھنجو پاڻ کي سنڀالجانءِ ڇو تھ ان
وقت ۾ تون منھنجي قبضي ۾ ھوندو آھين.
ٻيو وڏو طريقو شيطان جو
اھي ڪمن ۾ .جلدي ڪرڻ“ ۽ استقلال کي ھٿان ڇڏي ڏيڻ، جيئن حديث
شريف ۾ آھي تھ ”تڪڙ شيطان کي ھٿان ڇڏي ڏيڻ، جيئن
حديث شريف ۾ آھي تھ ”تڪڙ شيطان جي طرف کان آھي ۽
ڌيرج الله تعاليٰ جي طرف کان.“ الله تعاليٰ بھ
فرمايو آھي تھ خلق الاِنسان من عجل - (ماڻھو اٻھر
مان بڻايو ويو آھي) ۽ فرمائي ٿو تھ وڪان الاِنسان
عجولا (۽ ماڻھو اٻھرو آھي ۽ رسول ڪريم ﷺ جن کي پڻ
الله تعاليٰ ارشاد فرمايو تھ ”ولا تعجل باِلقرآن
من قبِل ان يقضيٰ اِليڪ وحيه“ (۽ قرآن جي پڙھڻ ۾
ان کان اڳ جو ھن جو لھڻ تو ڏانھن پورو ڪجي تڪڙ نھ
ڪر). ھن جو سبب اھو آھي تھ ڪم ھميشه ڏسي وائسي
جاچي جوچي ۽ ڌيرج سان ڪرڻ گھرجي ۽ جاچڻ لاءِ تامل
۽ مھلت گھرجي. جلدي ۾ جاچڻ نٿو ٿي سگھي. تڪڙ ۾
شيطان پنھنجي برائي انسان ۾ اھڙي طرح ٿو وجھي ڇڏي
جو ھن کي پتو ئي نٿو پوي. روايت آھي تھ جنھن وقت
حضرت عيسيٰ عليه السلام پيدا ٿيو تھ سڀ شيطان
ابليس وٽ ويا ۽ چيائون تھ اڄ سڀ بت اونڌا ٿي ويا.
ھن چيو تھ معلوم ٿو ٿئي تھ اڄ ڪا نئين ڳالھھ ٿي
آھي. توھان ھتي ترسو. مان خبر رکي ٿو اچان. انھيءَ
وقت روءِ زمين تي چڪر ڏنائين. مگر ڪائي ڳالھھ ھن
کي معلوم نھ ٿي سگھي. پوءِ ڏٺائين تھ حضرت عيسيٰ
عليه السلام پيدا ٿيو آھي ۽ فرشتا ان جي چوڌاري
بيٺا آھن. پوءِ اچي پنھنجي گروھ وارن کي ٻڌايائين
تھ گذريل رات ھڪ پيغمبر پيدا ٿيو آح:” ٻش آڄ کان
بتن جي پوڄا کان نااميد ٿيڻ گھرجي. ماڻھن کي اڳتي
تڪڙ ڪرڻ جي وقت ڀلائيندا ۽ گمراھھ ڪندا رھو.
شيطان جي ھڪ وڏي راھھ منجھان روپيا پيسا، مال ۽ جائداد وغيره بھ
آھن. ھنن شين منجھان جيڪا شيءِ مقدار کان زياده
ھوندي آھي شيطان جو ان تي پھرو ھوندو آھي انھيءَ
جو سبب اھو آھي تھ جنھن وٽ قوت جيترو موجود ھوندو
آھي اھو فارغ البال (ڳڻتي کان آجو) ھوندو آھي مگر
ھن کي جيڪڏھن سو روپيا ملي وڃن تھ ھن جي دل جي
اندران اھڙيون ڏھھ خواھشون اڀرنديون جو ھر ھڪ کي
پوري ڪرڻ لاءِ ھن کي ھڪ سؤ رپيا کپن. تنھنڪري
جيترو ھن وٽ وڌيڪ آھي انھيءَ کان ھر وقت ھن کي
ڏھوڻو وڌيڪ کپي. حالانڪھ جڏھن ھن وٽ ڪجھھ بھ وڌيڪ
نھ ھو تھ ڳڻتي کان آجو ۽ بي پرواھھ ھو. ھو سمجھي
ٿو تھ بس مون کي جو سو روپيا ملي ويا آھن تھ مان
ٽتونگر ٿي ويو آھيان مگر اھو نٿو سوچي تھ ٻين نون
سون جو محتاج ٿي ويو آھيان. مثلا جيڪڏھن سؤ روپيا
ڪنھن کي ھٿ ايندا تھ چوندو تھ جيڪڏھن نو سؤ ٻيا
ھجن تھ جيڪر گھر خريد ڪريان ۽ گھر جو سامان ۽ ڪپڙا
لٽا بھ چڱا ٿي پون ھا ۽ انھن منجھان ھر ھڪ شيءِ
وري اھڙ: آھي جنھن کي ٻي ڪا ضروري شيءِ لاڳو ٿي
رھي. اھڙيون بي انتھا شيون ضرور نڪرنديون اينديون
آھن. انھن جو فڪر ڪندي ڪندي آخر نتيجو اھو ٿو نڪري
جو ماڻھو وڃي ٿو جھنم ۾ پوي ۽ انھيءَ حالت ۾ ھن جو
خاتمو ٿو ٿئي.
حضرت ٿابت بناني رحھ روايت ڪري ٿو تھ جڏھن آنحضرت ﷺ جن رسالت جو
جامو پھريو تھ ابليس پنھنجي گروھ کي چيو تھ ڪائي
نئين ڳالھھ ٿي آھي. ان جي تلاش ڪريو. سڀ شيطان
ھيڏي ھوڏي ڦري عاجز ٿي موٽي آيا تھ اسان کي پتو ڪو
نھ ٿو پوي. ابليس چيو تھ ويھو مان ٿو خبر رکي
اچان. پاڻ وڃي خبر آندائين تھ محمد ﷺ کي پيغمبر
مقرر ڪيو ويو آھي. ھاڻي توھان سڀئي وڃي آنحضرت جي
يارن جي خبر رکي اچو. ٿوري وقت کان پوءِ شيطان
نااميد ٿي ابليس وٽ ويا ۽ چيائونس تھ اھڙا ماڻھو
تھ اسان ڪڏھن ڏٺائي ڪينھن، اسان جيڪڏھن ھنن کان ڪا
ڳالھھ ڪرائي ٿا ويھون تھ نماز لاءِ کڙا ٿي ٿا وڃن
۽ ھنن جون خطائون ميٽجي ٿيون وڃن. ابليس چيو تھ
ٿورو ترسو ڄاڻ اھي ماڻھو ملڪ فتح ڪندا ۽ انھن کي
دنيا ملندي تھ پوءِ اسان جو ڪم بڻجي پوندو ۽ مطلب
پورو ٿي ويندو.
ٻي روايت ۾ آھي تھ حضرت عيسيٰ عليه السلام ھڪ دفعي پٿر مٿي
ھيٺان رکيو. ابليس جو اچي اتان لنگھيو چون لڳو تھ
حضرت اوھان کي تھ دنيا جي رغبت ٿي ويئ.ي آھي. پاڻ
پٿر مٿي ھيٺان ڪڍي اڇلائي چيائونس تھ وٺ ھي پٿر
دنيا سميت تنھنجي لاءِ ئي آھي.
حقيقت ۾ جيڪڏھن غور ڪريو تھ جنھن شخص وٽ وھاڻي لاءِ پٿر آيو تھ
ھن وٽ بھ ايتري دنيا تھ ٿي وئي جو شيطان پنھنجو
داءُ کيڏيو. مثلا جيڪڏھ ڪوئي تھجد لاءِ اٿي ۽ ھن
جو ويجھو ھڪ پٿر بھ ھجي جنھن تي ھو مٿو رکي سگھي
ٿو تھ شيطان ضرور ھن کي دل ۾ وجھندو تھ ٿورو ھن تي
ٽيڪ ڏجي ۽ انھيءَ صورت ۾ ننڊ جي رغبت پيدا ٿي
ويندي آھي ڇاڪاڻ تھ گاڏيءَ کي ڏسي پيو سور ڪرڻ لڳي
ويندا آھن. اصلي جيڪڏھن پٿر نھ ھجن ھا تھ اھڙي
ڳالھھ ئي دل ۾ نھ گذري ھا ۽ نھ سمھڻ جي رغبت ئي
ٿئي ھا. ھيءَ ھقيقت تھ آھي پٿر جي. مگر جنھن وٽ
طول وھاڻا، نرم نرم فرش ۽ بيو آرام جو سامان موجود
آھي ان کي عبادت الاھي منجھان ڪيئن ٿو مزو حاصل ٿي
سگھي.
بخل ڪرڻ ۽ سڃو يا فقير ٿي وڃڻ جو خوف بھ شيطان جي وڏين راھن
منجھان ھڪ راھھ آھي. ھيءَ اھا ڳالھھ آھي جيڪا صدقو
يا خيرات وغيره بھ ڪرڻ نٿي ڏئي بلڪھ جمع ڪرڻ ۽
پوري رکڻ جي رغبت ٿي ڏياري. اھڙن شخصن لاءِ عذاب
اليم جو وعيد قرآن مجيد ۾ موجود آھي. خثيمه بن
عبدالرحمان ٿو فرمائي تھ شيطان جو قول آھي تھ
ماڻھو ڪيترو بھ مون تي غالب ٿي وڃي مگر ٽن ڳالھين
۾ مون کان ٻاھر نٿو وڃي سگھي. ان وقت جيڪي چوندو
آھيانس اھو مڃيندو آھي. پھريون ناحق ڪنھن جو مال
وٺڻ – ٻيو ان جو بي موقعھ خرچ ڪرڻ – ٽيون جتي
ضرورت ھجي اتي خرچ نھ ڪرڻ – سفيان ثوري رحھ ٿو
فرمائي تھ مفلسي جي خوف ڏيارڻ کان وڌيڪ ڪوئي ھٿيار
شيطان وٽ ڪو نھ آھي. جڏھن ماڻھو انھي خوف ۾ اچي
وڃي ٿو تھ باطل جي طرف راغب ٿئي ٿو وڃي ۽ حق جي
ڳالھھ کان پٺتي رھجي ٿو وڃي. ھو فقط پنھنجي مطلب
جي ڳالھھ ٿو ڪري ۽ خدا تعاليٰ کان بدگمان ٿئي ٿو
وڃي. بخل ۽ حرص جي آفتن منجھان اھا آفت بھ آھي تھ
ھو مال جمع ڪرڻ لاءِ ھر دم بازار ۾ موجود ٿو رھي
جيڪا شيطان جي رھڻ جي جاءِ آھي.
حضرت ابو امامه رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو
تھ جڏھن ابليس زمين تي لٿو تھ رب تعاليٰ کي عرض
ڪيائين تھ مون کي زمين تي لاھي مردود بڻايو ويو
آھي مگر ھاڻي منھنجي رھڻ جي جاءِ ڪٿي آھي. ارشاد
ٿيس تھ تنھنجي رھڻ جي جاءِ آھي ”حمام“. عرض ڪيائين
تھ ڪا اوطاق جي جاءِ بھ عنايت ٿئي. ارشاد ٿيس تھ
بازار ۽ چوواٽو تنھنجي اوطاق آھي. عرض ڪيائين تھ
منھنجي خوراڪ ڇا آھي. حڪم ٿيس تھ جنھن کاڌي تي خدا
جو نالو نھ ورتو وڃي. اھو تنھنجو کاڌو آھي. عرض
ڪيائين تھ پيئڻ لاءِ ڪجھھ ملي. فرمان ٿيس تھ نشي
واريون شيون سڀ تنھنجو پاڻي آھن. عرض ڪيائين تھ
مون کي ڪو خبرن پھچائڻ وارو کپي. ارشاد ٿيس تھ
مزامير يعني ڳائڻ وڄائڻ وارا ۽ ساز سرود سڀ تنھنجا
مؤذن آھن. عرض ڪيائين تھ منھنجي لاءِ ڪا پڙھڻ جي
شيءِ بھ ھجي. حڪم ٿيس تھ تنھنجي پڙھڻ جي شيءِ شعر
آھن. عرض ڪيائين تھ لکڻ لاءِ ڪجھھ ملي. حڪم ٿيس تھ
بدن کي ڳوھڻ تنھنجو لکڻ آھي. عرض ڪيائين تھ مون
لاءِ ڪو خاص ڪلام ھجي. حڪم ٿيس تھ ڪوڙ تنھنجو خاص
ڪلام آھي. عرض ڪيائين تھ منھنجي شڪارگاھھ بھ مقرر
ٿئي. ڪم ٿيس تھ اھي عورتون آھن.
ٻيو شيطان جي وڏن رستن منجھان آھي مذھبن جو تعصب ۽ نفساني
خواھشون رکڻ، جيڪو پاڻ کان برخلاف ھجي ان سان بغض
رکڻ ۽ ان کي حقارت ۽ ڌڪار سان ڏسڻ، ڄاڻن گھرجي تھ
ھيءَ ھڪ اھڙي ڳالھھ آھي، جنھن مان عابد ۽ فاسق ٻئي
برباد ٿي ٿا وڃن. ڇاڪاڻ تھ ٻين تي لعن طعن ڪرڻ ۽
انھن جي براين جو ذڪر ڪرڻ ھڪ طبعي صفت آھي، جيڪا
آدميءَ جي طينت ۾ داخل آھي. جڏھن شيطان ھن صفت کي
ماڻھوءَ جي نظر ۾ حق ٿو ڪري ڏيکاري ۽ جيئن جو ھن
جي طبيعت ۾ اھا ڳالھھ اڳيئي موجود آھي، تھ قلب کي
اھڙين ڳالھين جو چسڪو اچي ٿو وڃي ۽ ھو پنھنجي سڀ
ھمت ان تي خرچ ڪري ٿو ڇڏي. ھن ڳالھھ کان ھو نھايت
خوش ٿئي ٿو ۽ سمجھي ٿو تھ مان ھڪ وڏو دين جو ڪم
ڪري رھيو آھيان. مگر خبر نٿي پويس تھ ائين ڪرڻ سان
ھو شيطان جي اتباع يا پيروي ڪري رھيو آھي. مثلا:
ھڪ شخص حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جي محبت ۾
متعصب آھي، مگر افعالن ۾ ھو حرام خور. وات جو ڪچو،
ڪوڙو، جھيڙالو ۽ فسادي آھي تھ اھڙي شخص کي جيڪڏھن
حضرت ابوبڪر صديق رضھ ڏسي ھا تھ ان کي پنھنجو وڏو
دشمن تصور ڪري ھا. ڇاڪاڻ تھ ھن جو دوست تھ اھو
آھي، جيڪو ھن جي راھھ تي ھلي ۽ ھن جي سيرت کي
دستور العمل بڻائي ۽ زبان کي واھيات کان روڪي.
حضرت صديق اڪبر رضھ جو تھ اھو دستور ھو تھ وات ۾
پٿريون رکندا ھئا تھ متان ڪو بيجا ڪلمھ نھ وات مان
نڪري وڃي. ھن صورت ۾ ھي مدعي ڪيئن ٿو محبت جي
دعويٰ ڪري سگھي. جڏھن ھن جي سيرت (عادتون) اختيار
نٿو ڪري. اھڙيءَ طرح ڪن کي حضرت علي ڪرم اللهوجھھ
جي محبت ۾ تعصب ھوندو آھي. حالانڪھ ريسمي ڪپڙا بدن
تي ھوندا اٿن ۽ حرام جي مال منجھان زيب ۽ زينت جو
سامان پاڻ وٽ ھوندو اٿن ۽ دعويٰ وري محبت حضرت علي
ڪرم الله وجھھ جي ڪندا آھن. حضرت جن تھ عين خلافت
جي وقت ۾ اھي ڪپڙا پھريا آھن جن جي ڪل قيمت ھڪ
روپيھ کان بھ گھٽ ھئي. پوءِ اھڙي شخص کان ھو ڪيئن
خوش ٿيندا. بلڪھ قيامت جي ڏينھن اھڙو شخص تھ ھن جو
دشمن ئي ليکبو. ھي غور ڪرڻ جھڙي ڳالھھ آھي تھ
جيڪڏھن ڪوئي شخص ڪنھن جي فرزند جگر جي ٽڪر کي پاڻ
وٽ وٺي وڃي ۽ ھن جا وار پٽي ۽ بدن کي ڪئنچين سان
ڪاٽي ۽ ھر قسم جو ايذاءُ رسائي ۽ پوءِ بھ انھيءَ
ڳالھھ جو مدعي رھي تھ مان ھن ٻار جي پيءُ سان محبت
ٿو رکان تھ اھا دعويٰ ڪيئن ٿي سچي ٿي سگھي. اھو ئي
حال آھي انھن ماڻھن جو جيڪي دين ۽ شريعت، جيڪا چئن
خليفن ۽ سڀني اصحابن سڳورن کي پٽ، زال، مال ۽ عيال
بلڪھ پنھنجي جان کان بھ وڌيڪ پياري ھئي. ان جا تھ
ھي ماڻھو ڪن ٽڪرا ٽڪرا ۽ انھن جي ڪا بھ پيروي نھ
ڪن. بلڪھ پابندي شھوتن جي ڪري ابليس لعين، دين جي
دشمن کي خوش ڪندا وتن ۽ انھيءَ سان گڏ صحابھ رضي
الله عنھم جي محبت جو دم ھڻندا وتن. قيامت جي
ڏينھن معلوم ٿيندو تھ اصحابن ۽ اوليائن جي اڳيان
اھڙي دعويٰ ڪندڙن جو ڪھڙو حال ٿيڻ وارو آھي. قيامت
تھ پري رھي جيڪڏھن دنيا ۾ ئي پڙدو کنيو وڃي ۽
اصحابن جو نظريو امت جي باري ۾ معلوم ٿي وڃي تھ
ڪھڙي قسم جا ماڻھو انھن کي چڱا ٿا لڳن تھ ھي
پنھنجن حالتن کي ڏسي شرم جا ماريل پنھنجي ناقص
زبان سان انھن جو نالو بھ نھ وٺن. مگر حقيقت ھيءَ
آھي تھ شيطاني تخيلات جي اثر ھيٺ انھن جي دلين ۾
اھا ڳالھھ ڄمي ويئي آھي تھ جيڪو حضرت ابوبڪر رضھ
يا حضرت عمر رضھ جي محبت ۾ مرندو تھ ان جي ويجھو
دوزخ جي باھھ جو شعلو نھ ايندو ۽ جيڪو حضرت علي
رضھ جي محبت ۾ مرندو تھ ان جي نزديڪ (ويجھو) خوف
نھ ايندو مگر اھڙا ماڻھو ھن حديث شريف کي ڪو نھ ٿا
ڏسن تھ آنحضرت رضي الله عنھا کي ٿا فرمائين
تھ ”عمل ڪر، ڇاڪاڻ تھ مان توکي خدا تعاليٰ جي ڪنھن
بھ حڪم کان بچائي نٿو سگھان“ – ھي نفساني ھوا يا
خواھشن جي پابندي جو مثال آھي. ساڳيو ئي حال آھي
انھن ماڻھن جو جيڪي امام ابو حنيفه شافعي، مالڪ ۽
احمد رحمت الله عليھم جي باري ۾ تعصب ڪندا آھن،
جيڪي ماڻھو ھڪ امام جي مذھب جي دعويٰ ٿا ڪن ۽ ان
جي سيرت اختيار نٿا ڪن، قيامت جي ڏينھن اھو ئي
امام انھن جي مقابل ٿي ھنن کان پڇندو تھ منھنجو
مذھب تھ عمل ھو. قول تھ نھ ھو ۽ قول بھ عمل واسطي
ھو. رڳو جک مارڻ لاءِ نھ ھو. تو منھنجي عمل جي
مخالفت ڇو ڪئي جنھن تي مان ھميشه رھيس ۽ انھيءَ تي
منھنجو خاتمو ٿيو. پوءِ ھي ڪوڙي دعويٰ منھنجي مذھب
جي تو ڇو پئي ڪئي.
مطلب تھ ھي ايڏو وڏو رستو آھي شيطان جي اچڻ جو جنھن ۾ تمام گھڻا
ماڻھو تباھھ ٿي ٿا وڃن. اڄڪلھھ وعظ ۽ نصيحت جو ڪم
اھڙن ماڻھن جي ھٿ اچي ويو آھي جيڪي خدا تعاليٰ جو
خوف نٿا رکن، دين جي مسئلن کان گھٽ واقف آھن. دنيا
جي رغبت انھن ۾ زياده آھي ۽ ماڻھن کي معتقد ڪرڻ جو
حرص گھڻو اٿن. ماڻھن جو اعتقاد ۽ انھن جو وقار صرف
تعصب سان ئي وڌيو آھي تنھنڪري انھن ڳالھين کي چڱو
ڪري ٿا ليکين ۽ شيطان جو فريب ڪري ٿا سمجھن. مگر
حقيقت اھا آھي تھ ھن جي فريب جاري رکڻ لاءِ ھو ھن
جا نائب بڻجي ويا آھن ۽ ماڻھو بھ وري انھن جي
ڳالھين تي ڄمي ويا آھن ۽ دين جي اصولن کي بلڪل
وساري ڇڏيو اٿن. انھيءَ صورت ۾ ھو خود بھ تباھھ ٿا
ٿين ۽ ٻين کي بھ تباھھ ٿا ڪن. خدا تعاليٰ شل انھن
جي ۽ اسان جي توبه قبول فرمائي.
حضرت حسن بصري رحھ ٿو فرمائي تھ شيطان جو ھي قول آھي تھ مان
محمد ﷺ جي امت لاءِ گناھھ کي آراستھ يا سينگاريل
ڪيم تھ انھن استغفار ڪري منھنجي پئي ڀڃي وڌي
تنھنڪري مان انھن لاءِ اھڙي قسم جا گناھھ گھڙيا جو
انھن کان استغفار نھ ڪن ۽ اھي آھن ”نفساني
خواھشون“ ۽ ھيءَ ڳالھھ ھن ملعون سچ چئي آھي. ڇاڪاڻ
تھ نفساني خواھشن ۾ ماڻھن کي اھا ئي خبر ڪا نھ ٿي
پوي تھ انھن ۾ ڪا نافرماني آھي ورنھ استغفار ضرور
ڪن ھا.
ھڪڙي وڏي راھھ شيطان جي اچڻ جي ھيءَ بھ آھي تھ انسان پنھنجو پاڻ
ماڻھن سان اڻبڻت ۽ خصومت ۾ لڳي وڃي. حضرت عبدالله
بن مسعود رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙي جماعت ذڪر الاھي ۾
مشغول ھئي. شيطان گھريو تھ ھي جيڪر ھتان اٿي ڇڙوڇڙ
ٿي وڃن، مگر ڪو حيلو نھ ھليس. پوءِ ٻي ٽوليءَ
ڏانھن ويو جيڪا دنيا جون ڳالھيون ڪري رھي ھئي،
انھن جي وچ ۾ شيطان سولائيءَ سان فساد برپا ڪري
وڌو. ايتري قدر جو ھڪٻئي کي ڪشت و خون تائين پھچي
ويا. پھرين جماعت جيڪا ذڪر الاھي ڪري رھي ھئي اھا
اچي ھ ٽولي وارن کي پھتي ۽ انھن جي وچ ۾ صلح ڪرائي
وڌو. شيطان جو مطلب پوئين ٽوليءَ ۾ صلح ڪرائڻ جو
نھ ھو ڇاڪاڻ تھ جھيڙو فساد ڪرائڻ تھ ھن جو مکيھ ڪم
آھي. بلڪھ ھيئن ڪرڻ ۾ ھن جو مقصد ھو پھرين جماعت
وارن کي ذڪر کان پري ڪرڻ ۽ ھو پنھنجي مراد ۾
ڪامياب ٿي ويو.
ٻيو رستو شيطان جو اھو آھي تھ عام ماڻھن کي جن کي علم ۾ تمام
ٿورو تجربو ٿو ٿئي انھن کي خدا تعاليٰ جي ذات ۽
صفات ۽ بين اھڙن ڪمن جي فڪر ۾ منجھائي ٿو ڇڏي جيڪي
انھن جي سمجھھ ۾ ڪڏھن بھ اچي نٿا سگھن تان جو
نتيجو اھو ٿو نڪري جو اھي خود دين اسلام ۾ شڪ ٿا
آڻين ۽ خداوند ڪريم جي باري ۾ انھن کي اھڙا خيال
پيدا ٿا ٿين جو انھن جي ڪري ھو يا ڪافر يا دھريا
ٿي ٿا وڃن ۽ ھو انھيءَ حال ۾ ڏاڍا خوش ٿا رھن ۽
سمجھن ٿا تھ بصيرت ۽ معرفت اھا ئي آھي جيڪا اسان
کي ھينئر ملي آھي ۽ گويا ھي ڳالھيون اسان کي ڪشف
جي ذريعي معلوم ٿيون آھن. اھڙيءَ طرح ھو پنھنجي
عقل تي نازان ٿا رھن مگر حقيقت ۾ سڀ کان وڏي بيعقل
۽ بيوقوف آھن جيڪي صرف پنھنجي عقل تي اعتماد ڪن ۽
عقيل اھو شخص آھي جيڪو پنھنجي عقل کي خطاوار ۽
ناقص سمجھي علمائن کان مسئلا پڇندو رھي. حضرت
عائشھ رضي الله عنھا کان روايت آھي تھ آنحضرت ﷺ جن
فرمايو تھ ”تحقيق شيطان اچي ٿو توھان منجھان ھڪڙي
وٽ ۽ ڇيس ٿو توکي ڪنھن پيدا ڪيو. ھو چويس ٿو تھ
مون کي الله تبارڪ و تعاليٰ پيدا ڪيو آھي. پوءِ
پڇيس ٿو تھ ڀلا الله تعاليٰ کي ڪنھن پيدا ڪيو.
جڏھن توھان منجھان ڪو اھڙي ڳالھھ معلوم ڪري تھ چوي
تھ ”آمنت بِلله ورسوله (مان ايمان آندو الله
تعاليٰ تي ۽ ھن جي رسول تي) ھن چوڻ سان ھن جي اڳين
حالت ھلي ويندي.“ ياد رکڻ گھرجي تھ آنحضرت ﷺ جن
اجازت نھ فرمائي آھي تھ ھن وسواس جي علاج ۾ ڪو بحث
مباحثو ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ تھ ھي وسواس عوام کي ٿيندو
آھي علمائن کي نھ ٿيندو آھي. عوام کي گھرجي تھ
ايمان ۽ اسلام آڻي يڪدم پنھنجي عبادت ۽ زندگي جي
ضروريات ۾ لڳي وڃي. علم جون ڳالھيون عالمن تي ڇڏي
ڏجن. عوامي ماڻھو جيڪڏھن زنا ۽ چوري ڪري تھ اھ بھ
ھن کان بھتر آھي جو ھو مذھب ۾ خدا جي باري ۾
اھڙيون ڳالھيون ڪري جن جي ڪرڻ سان بنا ڪنھن سوچ
ويچار جي ھو ڪافر ٿي وڃي ۽ ھن کي انھيءَ ڳالھھ جو
پتو ئي ڪو نھ ھو پوي. ھن شخص جو مٿال ھن طرح آھي
تھ ڪو ماڻھو ترڻ جاڻي ٿي ڪين ۽ کڻي درياءَ ۾ ٽپو
کائي. مطلب تھ مذھبن ۽ عقيدن ۾ شيطان جا فريب بيحد
آھن. اسان فقط نموني طور ڪجھھ بيان ڪيا آھن.
ٻيو دروازو ھن جو آھي مسلمانن جو ھڪٻئي ۾ بدگمان ٿيڻ جھڙو الله
تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”يا يھا الذين آمنوا اجتنبُوا
ڪثِيرا من الظن اِن بَعض الظن اِثمءٌ“ (اي ايمان
وارؤ گھڻو ڪري گمان کان بچو. بيشڪ ڪي گمان گناھھ
آھن). پوءِ جيڪو ٻئي ۾ بديءَ جو گمان ڪندو تھ
شيطان ھن کي ھن ڳالھھ جي ترغيب ڏيندو تھ ھن جي
غيبت گلا ڪري يا ھن جا حق گھٽ ادا ڪري يا تعظيم ۾
ڪوتاھي ۽ سستي ڪري ۽ حقارت جي نظر سان ڏسي ۽ پاڻ
کي ھن کان بھتر سمجھي. ھي سڀ ڳالھيون تباھيءَ جون
آھن ۽ انھيءَ ڪري شريعت ۾ تھمتن کان بچڻ لاءِ حڪم
ڏنو ويو آھي. جھڙيءَ طرح حديث شريف ۾ بھ آيو آھي
تھ ”تھمت وارين جڳھن کان بچو“ ۽ خود آنحضرت ﷺ جن
تھمت کان پاسو ڪرڻ فرمايو آھي.
علي بن حسن رضي الله عنه، صفيه بنت جبي رضھ کان روايت ٿو ڪري تھ
ھڪ دفعي حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ ويس تھ حائض (حيض
واري) ٿي پيس. شام جو مسجد کان موٽيس تھ حضور ﷺ جن
بھ ٿورو مون سان گڏجي ٻاھر آيا. رستي ۾ ٻھ انصاري
مليا، جيڪي سلام ڪري موٽڻ لڳا. پاڻ سڳورن ھنن کي
سڏ ڪيو ۽ فرمايائون تھ ھي صفيه بنت جي رضھ آھي ۽
منھنجي زال ام المؤمنين آھي. ھنن عرض ڪيو تھ يا
رسول الله ﷺ اسان جو اوھان ۾ نيڪ گمان آھي. پاڻ
فرمايائون تھ اھو درست آھي مگر شيطان آدمي سان
ائين آھي جيئن بدن ۾ خون، تنھنڪري اسان کي خوف ٿي
بيٺو تھ متان اوھان کي بدگماني نھ وجھي. شفقت نبوي
کي ڏسو تھ انصارن جي دين جو خوف رکي انھن کي بچائي
وڌو ۽ امت کي تھمت کان پڇڻ جو طريقو سيکاري ڇڏيو
تھ سڀاڻي ائين نھ ٿئي تھ ڪوئي متقي جيڪو دينداريءَ
۾ مشھور ۽ معروف ھجي تھمت جي ڳالھين کي معمولي ۽
ھلڪو ڪري سمجھي ۽ پنھنجي نفس تي غور ڪري سمجھي تھ
بس مون تي ڪوئي تھمت يا بدگماني نھ ڪندو. ماڻھو
مون مان ھميشه حسن ظن سان پيش ايندا. مگر حقيقت
اھا آھي تھ ڪھڙو بھ کڻي ڪو وڏو متقي ۽ عالم ھجي سڀ
ماڻھو ھن جا ھڪ جھڙ امعتقد نھ ھوندا آھن. ڪيترا ھن
منجھان خوش رھندا تھ ڪيترا ناراض بھ ھوندا اٿس،
جيڪي خوش ھوندا سي کڻي ھن جو عيب نھ ڏسندا باقي
جيڪي بيا آھن اھي ضرور ڪجھھ نھ ڪجھھ ٻيا چوندا.
تنھنڪري ضرورت انھيءَ ڳالھھ جي آھي تھ بدگماني ۽
بڇڙن جي تھمت کان پاسو ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ تھ اھو فرقو
سڀني ماڻھن کان بدگمان رھندو آھي. پوءِ جڏھن بھ ڪو
اھڙو شخص نظر اچي جو ماڻھن ۾ بدگماني ڪندو ھجي ۽
انھن جي عيبن جي تلاش ۾ ھجي تھ ڄاڻڻ گھرجي تھ ھو
خود باطن ۾ خباثت ٿو رکي ۽ اھا ٻين جي عيب جوئي ھن
جي پنھنجي خيانت جي نشاني آھي جو ھو سڀ کي پاڻ
جھڙو ٿو سمجھي. ڇاڪاڻ تھ عيب جوئي منافق جو ڪم
آھي. مؤمن جو سينو ساري خلق جي طرف صاف ٿو رھي. ھي
آھي ٿورو بيان ش:طان جي رستي جو قلب جي طرف ۽
جيڪڏھن اسان سڀ راھون لکون تھ اھو اسان جي وس کان
ٻاھر آھي. باقي جيڪي رھيل دروازا آھن انھن لاءِ
کني سمجھجي تھ جيڪا بھ صفت ھڪڙي بڇڙي ماڻھو جي آھي
اھا ش:طان جو ھٿيار ۽ قلب ڏي وڃڻ يا پھچڻ جو رستو
آھي.
ھاڻي جيڪڏھن ڪوئي پڇي تھ شيطان کي دفع ڪرڻ جي تدبير ڪھڙي آھي ۽
ھن کي دفعيھ ۾ زبان سان ”لاحول ولا قوت الا
باالله“ يا ڪو ٻيو الله تعاليٰ جو ذڪر ڪافي آھي يا
نھ تھ ان جو جواب ھي آھي تھ دل جو علاج شيطان کان
بچائڻ لاءِ اھو ئي آھي تھ ان جون سڀ واٽون بند
ڪيون وڃن. يعني دل کي انھن سڀني مذموم صفتن کان
صاف ڪيو وڃي ۽ انھيءَ جو بيان تمام ڊگھو آھي ۽ ھن
جلد منجھان اسان جو غرض فقط ھي آھي تھ انسان کي
ھلاڪ ڪندڙ صفتون بيان ڪريون ۽ ھر ھڪ صفت لاءِ ھڪ
الڳ باب جي ضرورت آھي. جھڙوڪ تفصيل وار ھيٺ بيان
ڪيو ويندو. ھتي ايتري قدر ڪافي آھي تھ جڏھن قلب
انھن صفتن جي اصولن يا پاڙن کان منقطع ۽ علحده ٿي
ٿو وڃي تھ پوءِ شيطان رڳو ھيڪڙ ٻيڪڙ چڪر لڳائيندو
ٿو رھي ۽ خطرات پيدا ڪندو ٿو وتي ھڪ جاءِ تي ڄمي
نٿو ويھي ۽ ھن جي آمد رفت ذڪر الاھي جي ڪري بند ٿي
رھي. ڇاڪاڻ تھ دل ۾ ذڪر الاھي تڏھن جاءِ وٺندو
آھي، جڏھن دل تقويٰ ۽ صفائي جي ڪري مذموم صفتن کان
آجي ٿي ويندي آھي ۽ جيڪڏھن اھا حالت ناھي تھ پوءِ
ذڪر بھ خطرات جي قبيلي منجھان ٿو ٿي پوي ۽ ھن جو
دل تي ڪوئي بھ قبضو نٿو رھي ۽ شيطان کي بھ دفع نٿو
ڪري سگھي انھيءَ ڪري خداوندي ڪريم ھن آيت ”اِن
الذين اتقوا اِذا مسھم طائفءٌ من الشيطان تذڪروا
فاذا ھم مبِصرون“ – (جيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن
ڪو وسوسو شيطان کان پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد
ڪندا آھن. پوءِ انھيءَ مھل ڏسندڙ ٿيندا آھن) ۾ ذڪر
کي شيطان کي ٽارڻ جو ذريعو متقين سان خاص مقرر ڪيو
آھي.
مطلب تھ شيطان کي پاڻ وٽ بکئي ڪتي وانگر ڪري ڏسجي جيڪڏھن ماڻھو
وٽ گوشت ماني نھ ھوندي تھ رڳو ٽڪر ڏيڻ سان ئي ھليو
ويندو. مگر جيڪڏھن سامان کائڻ جو ھوندو ۽ ڪتو بھ
بکيو ھوندو تھ ضرور کاڌي لاءِ گھورندو، رڳو ٽڪر تي
جند نھ ڇڏيندو. ساڳيءَ طرح جنھن دل ۾ شيطان جي غذا
جي شيءِ ناھي اتان ھو رڳو ذڪر الاھي کان نڪري پاسو
ڪري ويندو مگر جيڪڏھن دل ۾ شھوت غالب آھي تھ دل جي
واڳ شيطان جي ھٿ ۾ ھوندي ۽ ذڪر الاھي جيڪڏھن ڪو
ڪندو بھ تھ اھو رڳو قلب جي ارد گرد ٻيو چڪر
کائيندو. متقين جون دليون جيڪي مذموم صفتن کان
خالي آھن انھن تي شيطان جو اچڻ شھوتن جي ذريعي نٿو
ٿي سگھي. جڏھن ٿوري غفلت ذڪر کان ٿيندي آھي تھ ان
وقت ٿورو اچي دل جي ڀر وٺندو آھي ۽ ڪتي وانگر پڇ
لٽڪائيندو آھي. مگر وري ذڪر شروع ٿيڻ سان وٺي
ڀڄندو آھي ۽ ھن جو دليل اھو آھي جو خدا تعاليٰ
شيطان کي دفع ڪرڻ لاءِ فرمايو آھي تھ ”فاستعذ
باالله من الشيطان الرجيم“ (تڏھن تڙيل شيان جي شر
کان الله جي پناھھ وٺو) ھن باري ۾ ٻيون بھ ڪيتريون
آيتون ۽ حديثون بيان ڪيل آھن.
حضرت ابوھريره رضي الله عنه کان منقول آھي تھ ھڪ دفعي مؤمن جو
شيطان ۽ ڪافر جو شيطان پاڻ ۾ مليا. ڪافر جو شيطان
خوب ٿلھو متارو ۽ سھڻو لباس پھريل ھو. مگر مؤمن جو
شيطان اگھاڙو ڏٻرو ۽ غبار آلود ھو. ھن ھن کان پڇيو
تھ تون ڏٻرو ڇو ٿيو آھين؟ جواب ڏنائين تھ مان ھڪ
اھڙي آدمي سان رھان ٿو جو کائڻ، پيئڻ، ڪپڙا پائڻ ۽
تيل لڳائڻ وقت بسم الله ٿو پڙھي تھ مون کي نڪو
کاڌو ٿو نصيب ٿئي، نڪو پاڻي ۽ نڪو وري ڪو تيل يا
ڪپڙو ئي ٿو پچي. انھيءَ ڪري ھر دم اڃيو، بکيو ۽
اگھاڙو ٿو رھان ۽ ھر وقت ڇتن ۾ ڇائي ٿي پئي وسي.
ڪافر جي شيطان چيو تھ يار مان تھ اھڙي وٽ ٿو
گذاريان جو انھن ڳالھين منجھان ڪنھن تي بھ خدا
تعاليٰ جو نالو ڪو نھ ٿو وٺي، انھيءَ ڪري مان ھن
سان ھر شيءِ ۾ ڀائيوار ٿو رھان.
محمد بن واسع رحھ ھر روز صبح جو ھيءَ دعا گھرندو ھو. ”اللھم
سلطت علينا عدوه بَصيرا لعيوبِنا يرانا ھو و
قبِيله من حيثءٌ لانراھم – اللھم فايسه مناڪما
آيسته من رحمتِڪ وقنطه منا ڪما قنطته من عفوڪ
وبَاعد بَيننا وبَينه کما بَاعدت بَينه وبَين
رحمتِڪ اِنڪ عليٰ ڪل شيءِ قديرءٌ.“ (اي منھنجا
الله! تون اسان تي ھڪڙو دشمن مقرر ڪيو آھي جيڪو
اسان جا عيب ڏسي ٿو ۽ ھو ھن جي ٽوليءَ وارا ڏسن ٿا
اھڙيءَ طرح جو اسن انھن کي نٿا ڏسي سگھون. اي
منھنجا الله! ھن کي اسان کان اھڙي طرح مايوس ڪر
جھڙيءَ طرح تو ھن کي پنھنجي رحمت کان مايوس ڪيو
آھي ۽ نااميد ڪر ھن کي اسان کان جھڙيءَ طرح تو
نااميد ڪيو آھي. ھن کي پنھنجي معافيءَ کان ۽ دوري
ڪر اسان جي ۽ ھن جي وچ ۾ جھڙيءَ طرح تو دوري ڪئي
آھي ھن جي ۽ پنھنجي رحمت جي وچ ۾ بيشڪ تون ھر شيءِ
تي قادر آھين).
حضرت عبدالرحمان بن ابي ليليٰ رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙو شيطان
آنحضرت ﷺ جن جي سامھون نماز جي وقت ۾ ھٿ ۾ مشعل
کڻي اچي بيھندو ھو ۽ قرآن شريف جي پرھڻ ۽ استغفار
ڪرڻ تي نھ ھٽندو ھو. حصور ﷺ جن جي خدمت ۾ حضرت
جبرئيل عليه السلام تشريف فرما ٿيو ۽ عرض ڪيائين
تھ اوھان ھي پڙھو ”اعوذ بِڪلماتِ الله التاماتِ
التِي لا يجاوزھن بِرءٌ ولا فاجرءٌ من شر ما يلج
في الارض وما يخرج منھا وما ينزل من السماءِ وما
يعرج فيھا ومن فتِن اليل والنھار ومن طوارق الليل
والنھار اِلا طارقا يطرق بِخير يا رحمٰن.
حضور ﷺ جن اھو پڙھيو تھ انھي وقت ھن مردود جي شمع گل ٿي وئي ۽
ٻوٿ ڀر وڃي ڪريو.
حضرت حسن بصيري رحھ کان منقول آھي تھ حضرت جبرئيل عھ حضور ﷺ جن
جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين تھ ھڪڙو جِن توھان سان
دعا ڪرڻ ٿو چاھي. جڏھن توھان بستري تي ليٽو تھ
آيا. الڪرسي پڙھي ڇڏيندا ڪريو ۽ حديث شريف ۾ آيو
آھي تھ ”مون وٽ شيطان آيو ۽ مون سان جھڳڙو ڪيائين.
پوءِ مون پڪڙيو ھن کي ڳلي کان ۽ قسم آھي انھيءَ
ذات جو جنھن مون کي حق سان موڪليو آھي تھ مون ھن
کي نپوڙيو جيستائين ھن جي وات جي پاڻيءَ جي سردي
منھنجي ھٿ کي معلوم نھ ٿي ۽ جيڪڏھن منھنجي ڀاءُ
سليمان عليه السلام جي دعا نھ ھجيس ھا تھ ھو مسجد
۾ اونڌو پيو ھجي ھا.“ ۽ ھي پڻ وارد آھي تھ ”نھ
ھليو عمر رضھ ڪنھن راھھ کان جو ھليو شيطان انھيءَ
راھھ کان سواءِ جنھن کان ھليو عمر (يعني جنھن راھھ
کان عمر رضھ ويندو ھو تھ شيطان اھا راھھ ڇڏي ھميشه
ٻيءَ راھھ کان ويندو ھو).“ ھي انھيءَ ڪري فرمايو
ويو آھي تھ انھن اصح٨ابن جا قلب شيطان جي داخل ٿيڻ
۽ غذا کان پاڪ ھئا يعني شھوتن جو انھن ۾ دخل ڪو نھ
ھو. مگر جيڪڏھن ڪو ٻيو شخص چاھي تھ فقط ذڪر
الاھيءَ سان شيطان دور ٿي وڃي جھڙيءَ طرح حضرت عمر
رضھ کان جدا ٿي ويو ھو تھ ھيءَ ڳالھھ محال آھي. ھن
جو مثال اھڙو آھي جھڙوو ڪو ماڻھو دوا پيئي مگر
پرھيز يا رک نھ رکي. حالانڪھ آنڊي ۾ بھ گند بلا
ڀريل ھجيس ۽ پوءِ وري دوا مان فائدي جي اميد بھ
رکي تھ جھڙو پرھيز يا رک واري کي فائدو ٿيندو آھي
تھڙو مون کي بھ ٿئي. ھتي زڪر الاھيءَ کي دوا سمجھڻ
گھرجي ۽ تقويٰ کي رک ۽ قلب جي خالي ھئڻ کي شھوتن
کان تنقيھ يا صفائي. جڏھن زڪر الاھي اھڙي قلب ۾
ويندو جيڪو غير الله کان خالي آھي تھ شيطان دفع ٿي
ويندو. جھڙيءَ طرح تنقيھ يعني آنڊي جي صفائي (جلاب
وغيره جي ذريعي ٿيڻ) کان پوءِ بيماري ھلي ويندي
آھي.
الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو تھ ”اِن في ذالڪ لذڪريٰ لمن ڪان له
قلبءٌ (بيشڪ انھيءَ ڳالھھ ۾ نصيحت آھي انھيءَ لاءِ
جنھن کي دل ھجي) ۽ ٻي جڳھھ تي فرمايو ويو آھي تھ
”ڪتبَ عليه انه من تولاه فاِنه يضله و يھديه اِليٰ
عذاب السعير.“ (ان ش:طان تي لازمي ڪيو ويو آھي تھ
جيڪو کيس دوست رکندو تنھن کي ھو بيشڪ گمراھھ ڪندو
۽ ان کي دوزخ جي عذاب ڏانھن سڌو رستو ڏيکاريندو).
پوءِ جيڪو شخص عمل ۾ شيطان جي تابعداري ڪندو اھو
ھن جو ساٿي ۽ يار ليکبو. توڻيڪ ھو زبان سان الله
تعاليٰ جو ذڪر ڪندو ھجي. ھاڻي جيڪڏھن ھو کڻي ھيئن
چوي تھ حديث ۾ تھ مطلقا وارد آھي تھ الله تعاليٰ
جي ذڪر سان شيطان دفع ٿو ٿئي ۽ ھي خصوصيات جن جو
دين جا عالم ذڪر ٿا ڪن، انھن جي الفاظ ۾ تھ عام
مفھوم ڪو نھ ٿ اچي تھ انھيءَ جو جوب ھي آھي تھ ھٿ
جي ڪنگڻ کي آئيني جو ضرور ڪينھي ھن جي آزمائش
پنھنجي نفس تي ئي ڪري ڏسجي تھ حقيقت بيان معلوم ٿي
ويندي. غور ڪرڻ گھرجي تھ ماڻھوءَ جي انتھا ذڪر ۽
عبادت ۾ نماز آھي. جڏھن ماڻھو نماز ۾ بيٺو ھجي ان
وقت پنھنجي دل جي حالت ڏسندو رھي تھ ڪاڏي ڪاڏي ٿي
ھوءَ ڇڪجي. ڪڏھن بازار ۽ حساب ڪتاب جي فڪر ڏي ٿي
ڇڪجي ۽ ڪڏھن دنيا جي دوا دارونءَ ڏي تھ ڪڏھن دشمن
جي جوابي مقالي جي طرف – مطلب تھ نوبت انھيءَ کي
ٿي وڃي پھچي جو جيڪي ڳالھيون ھونئن وسريل ھونديون
اٿس اھي انھيءَ مھل نامز ۾ ياد اچي ٿيون وڃنس.
شيطان جو حملو بھ نماز جي وقت زياده ٿو ٿئي. پوءِ
نماز دلين لاءِ ڪسوٽي آھي. ڇاڪاڻ تھ انھي منجھان
برائي ۽ خوبي دلين جي معلوم ٿئي ٿي وڃي، جيڪي
دليون دنيا جي شھوتن (خواھشن) سان ڀريل آھن انھن
جي نماز ڪا نھ ٿي ٿئي. (بست در ذکر و دل در فکر
خانھ – چھ حاصل زين نماز پنجگانھ) اھڙي نماز جي
اثر کان شيطان بھ دفع نٿو ٿئي. بلڪھ گھڻو ڪري
وسواس اڃا بھ زياده ٿا ٿين. جھڙيءَ طرح دوا سواءِ
پرھيز جي اڪثر نقصان ڪندي آھي. جيڪڏھن ڪنھن کي
شيطان کان ڇوٽڪارو منظور ھجھي تھ اول تقويٰ ۽
پرھيز حاصل ڪري. انھيءَ کان پوءِ ذڪر جي دوا پيئي
تھ پوءِ شيطان ھن کان ڀڄندو جھڙو حضرت عمر رضھ کان
ڀڄندو ھو.
حضرت رھب بن منبه ٿو فرمائي تھ اوھان الله تعاليٰ کان ڊڄو ۽
شيطان کي بڇڙو نھ سڏيو ڇاڪاڻ جو اندر ۾ اوھان ھن
جا دوست يعني فرمانبردار آھيو.
ڪن بزرگن جو قول آھي تھ وڏي تعجب جي ڳالھھ آھي جو آدمي جنھن شخص
جو پنھنجي مٿان احساس ڏسي ۽ پوءِ انھيءَ محسن جي
نافرماني ڪري (يعني عجب آھي جو الله تعاليٰ جھڙي
احسان ڪندڙ ھستيءَ جي ڪو ماڻھو نافرماني ڪري) ۽
شيطان لعين جي سرڪشي ۽ زور معلم ڪري ۽ پوءِ بھ ان
جي اطاعت ڪري.
ياد رکڻ گھرجي تھ جھڙي ھيءَ آيت شريف ”ادعوني استجِب لڪم“ (مون
کان دعا گھرو تھ مان اوھان جي دعا قبول ڪريان)
تمام صاف لفظن واري آھي تھ توھان دعا گھرو تھ مان
اوھان جي دعا قبول ڪريان. مگر حقيقت اھا آھي تھ
دعا گھري گھري ماڻھو ٿڪجي ٿا پون مگر ڪا قبوليت ڪا
نھ ٿي ٿئي (ڇاڪاڻ تھ اندروني طرح شيطان جي پيروي
ٿي ڪئي وڃي) ساڳيءَ طرح ذڪر الاھي ڪيو ٿو وڃي مگر
شيطان نٿو ٽري ڇاڪاڻ تھ ذڪر ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ جا شرط
سڀ ناپيد آھن. حضرت ابراھيم ادھم رحھ کان ڪنھن
پڇيو تھ ھي تھ ٻڌايو تھ اسان ماڻھن جي دعا ڇو نھ
ٿي قبول ٿئي. حالانڪھ قرآن شريف ۾ صاف صاف آيو آھي
تھ ادعوني استجِب لڪم يعني مون کي سڏ ڪيو تھ مان
اوھان کي جواب ڏيان. پاڻ فرمايائون تھ اھو انھيءَ
ڪري آھي جو اوھان جون دليون مرده آھن. وري ماڻھن
عرض ڪيو تھ دلين جي مرده ھجڻ جو سبب ڇا آھي. پاڻ
فرمايائون تھ انھيءَ لاءِ اوھان جون اٺ عادتون سبب
ٿيون بڻجن.
1.
پھريائين تھ خدا تعاليٰ جو حق اوھان معلوم ڪيو
مگر ان کي اوھان ادا نھ ڪيو.
2.
قڙان کڱي پڙھيو، مگر ان تي عمل نھ ڪيو.
3.
رسول ڪريم جي محبت جي اوھان دعويٰ ڪئي. مگر
ھن جي طريقي موجب عمل نھ ڪيو.
4.
موت جو خوف ڪيو مگر ان لاءِ تياري ڪا نھ ڪيو.
5.
خدا تعاليٰ جو حڪم ھئو تھ شيطان کي دشمن ڪري
ڄاڻو جھڙوڪ فرمان آھي تھ اِن الشيطان لکم عدوءٌ
فاتخِذوه ھدوا (تحقيق شيطان اوھان جو دشمن آھي ۽
ھن کي دسمن ڪري وٺو) مگر توھان گناھھ ڪرڻ ۾ ھن جي
دوستيءَ جو ثبوت ڏنو.
6.
دوزخ جو خوف ڪرڻو ھو. مگر اوھان پنھنجن جسمن کي ان
۾ اڇلائي ڇڏيو.
7.
بھشت کي دل سان گھرو ٿا، مگر ان لاءِ عمل نھ ٿا
ڪريو.
8.
صبح جو اٿڻ سان پنھنجن عيبن کي تھ پٺيءَ تي اڇلائي
ٿا ڇڏيو ۽ ٻين ماڻھن جي عيب جوئيءَ کي لڳي ٿا وڃو.
جڏھن ھنن ڳالھين کان ڌڻي تعاليٰ ناراض ٿو ٿئي، تھ
پوءِ دعا قبول ڪيئن فرمائي.
باقي رھي ھيءَ ڳالھھ تھ جدا جدا گناھن ڏي پڪاريندڙ ھڪ ئي شيطان
آھي، يا ھر ھڪ گناھھ لاءِ جدا جدا شيطان آھي. سو
ھن ڳالھھ جو ڄاڻڻ علم معاملات ۾ چندان ضروري ناھي.
ھتي انھيءَ ڳالھھ جي ڄاڻڻ جي ضرورت آھي تھ پنھنجي
نفس کي شيطان کان بچائڻ جا اپاءَ ڳولجن ۽ پنھنجي
مطلب سان مطلب رکيو وڃي. انھيءَ ھوندي بھ جيڪي
ڪجھھ حديثن ۽ بصيرت جي نور جي ذريعي وقتا فوقتا
واضح پئي ٿيو آھي اھو اسان بيان ڪري ٿا ڏيون، تھ
ھر گناھھ جي قسم تي ھڪ خاص جدا شيطان مقرر آھي. ھن
جو ڪم اھو ئي آھي تھ ھو انھيءَ خاص گناھھ جي طرف
سڏي. ھن حساب سان شيطان جا ولرن جا ولر آھن ۽ جنھن
طريقي سان ھيءَ ڳالھھ دريافت ٿي آھي ان جو لکڻ وڏو
طول طويل ڪم ٿي پوندو.
حضرت مجاھد رضھ ٿو فرمائي تھ شيطان کي پنج پٽ آھن، انھن منجھان
ھر ھڪ کي ھڪ حڪم ڏنو ويو آھي. ھڪڙي جو نالو ثبر
آھي، ھن کي مصيبت جو ڪم سپرد ٿيل آھي. واويلا ڪرڻ،
گريبان ڦاڙڻ، منھن تي چنبا ھڻڻ ۽ پار وغيره ڪڍڻ سڀ
ھن جي ورغلائڻ ڪرڻ تي ٿا ٿين. ٻئي جو نالو اعور
آھي ھن جو ڪم زنا جي لاءِ بھڪائڻ ۽ انھيءَ ڪم کي
عمدو ڪري ڏيکارڻ آھي. نيون مبسوط آھي جنھن کي ڪوڙ
جو عھدو آھي. چوٿون واسم آھي جيڪو گھرن ۾ مائٽن
جون برايون ٿو پيش ڪري ۽ گھر وارن کي انھن کان خفا
ڪري ٿو ڇڏي. پنجون آھي زلنبور جيڪو بازار ۾ رھندو
آھي، اتي جا فساد سڀ اھو ٿو ڪرائي. |