حضرت عمر رضي الله عنه جن ھيءَ حديث ٿا فرمائين تھ، ”جيڪو شخص
پنھنجي زبان کي ٿو روڪي تھ الله تعاليٰ ان جي
اوگھڙ، يعني عيب ٿو ڍڪي ۽ جيڪو شخص پنھنجي ڪاوڙ
قبضي ۾ ٿو رکي تھ الله تعاليٰ ان کي پنھنجي عذاب
کان ٿو بچائي ۽ جيڪو الله تعاليٰ جي اڳيان عذر پيش
ٿو ڪري (يعني معافي ٿو گھري) تھ الله تعاليٰ ان جو
عذر قبول ٿو فرمائي.“
روايت آھي تھ معاذ بن جبل آنحضرت ﷺ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تھ مون کي
ڪا وصيت فرمايو، پاڻ فرمايائون تھ، ”الله تعاليٰ
جي عبادت اھڙي طرح ڪر، جو ڄڻ تھ تون ھن کي ڏسي
رھيو آھين ۽ پاڻ کي مئن ۾ شمار ڪر“ ۽ پوءِ وري
فرمايائون تھ جيڪڏھن تون چوين تھ توکي اڃا بھ اھڙي
ڳالھھ ٻڌايون، جيڪا توکي انھن سڀني کان وڌيڪ فائدي
ڏيڻ واري ھجي. اھي لفظ فرمائي پنھنجي ھٿ مبارڪ سان
زبان ڏانھن اشارو فرمايائون (يعني فرمايائون تھ
ٻيو ھن جو خيال رکجانءِ).
صفوان بن سليم رضھ کان ھيءَ حديث شريف مروي آھي تھ، ”ڇا، نھ
ٻڌايان مان توکي سڀ کان وڌيڪ آسان عبادت ۽ جيڪا
ڏاڍي ھلڪي ھجي بدن تي ۽ اھا آھي ”چپ“ ۽ خلق سان
”سھڻو برتاءُ“ (يعني خوش خلقي).“
حضرت ابوھريره رضھ کان مروي آھي تھ آنحضرت ﷺ فرمايو تھ، ”جيڪو
شخص الله تعاليٰ ۽ قيامت جي ڏينھن تي امينا ٿو
رکي. ان کي گھرجي تھ نيڪيءَ جي ڳالھھ ڪري يا چپ
رھي.“
حضرت حسن بصري رحمت الله عليه فرمائي ٿو تھ اسان کي ھيءَ حديث
پھتي آھي تھ، ”رحم ڪري الله تعاليٰ ان ٻانھي تي،
جو ڳالھائي تھ غنيمت (فائدو) حاصل ڪري ۽ چپ ڪري تھ
سلامت رھي (يعني ھن جو ڳالھائڻ سود مند ھجي ۽ سڪوت
سلامتيءَ وارو ھجي).“
حضرت عيسيٰ عليه السلام جي خدمت ۾ ماڻھن عرض ڪيو تھ ڪو اھڙو عمل
ٻڌايو، جنھن سان جنت ملي. پاڻ فرمايائون تھ،
”ڳالھايو اصلي نھ.“ ماڻھن عرض ڪيو تھ اھو تھ نٿو
ٿي سگھي، تنھن تي پاڻ فرمايائون تھ، ”نيڪيءَ (جي
ڳالھھ) کانسواءِ زبان منجھان ٻيو ڪجھھ بھ نھ ڪڍو.“
حضرت سليمان بن دائود عليه السلام جن فرمائين ٿا تھ جيڪڏھن فرض
ڪيو تھ ڳالھائڻ ”چاندي“ آھي تھ چپ رھڻ ”سون“ آھي.
براِ بن عازب رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ ھڪ اعرابي آنحضرت ﷺ جي
خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين تھ مون کي ڪو اھڙو عمل
ٻڌايو، جنھن سان مون کي جنت ملي. پاڻ فرمايائون تھ
بکئي کي ماني کاراءِ، پياسي کي پاڻي پيار ۽ چڱي
ڳالھھ جي لاءِ امر ڪر ۽ بڇڙي ڳالھھ کان منع ڪر ۽
جيڪڏھن ھي نھ ٿي سگھئي تھ ڪم از ڪم پنھنجي زبان
منجھان سواءِ نيڪيءَ جي ٻيو ڪو بھ ڪلمو نھ ڪڍ.“
ھڪ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ، ”سواءِ نيڪيءَ جي ڪلمي جي (ٻين
ڳالھين کان) زبان کي روڪ. ائين ڪڇرڻ سان بيشڪ تون
شيطان تي غالب ٿيندين.“ ٻيو فرمان آھبي تھ، ”الله
تعاليٰ ھر ڳالھائيندڙ جي زبان سان شامل آھي، پوءِ
جيڪو شخص ڪا ڳالھھ ڪري تھ ان کي گھرجي تھ جيڪي ھو
چوي، تنھن تي الله تعاليٰ کان ڊڄي“ ۽ ٽيون قول آھي
تھ، ”جڏھن توھان ڏسو مؤمن کي ماٺيڻو ۽ وقار وارو
تھ ھن جي ويجھا ٿيو، ڇاڪاڻ جو ھو (ھميشه) حڪمت،
يعني ڏاھپ جي تلقين ٿو ڪري.“
حضرت ابن مسعود رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو
تھ آدمي ٽن قسمن جا آھن، ھڪ غنيمت حاصل ڪندڙ، جيڪي
الله تعاليٰ جو ذڪر ٿا ڪن، ٻيا آفتن کان محفوظ
رھندڙ، جيڪي خاموش ٿا رھن ۽ ٽيان ھلاڪت ۾ پوڻ
وارا، جيڪي باطل (يعني ڪوڙين ۽ فضول ڳالھين) ۾ خوش
(يعني خيال ۽ فڪر) ٿا ڪن ۽ ھڪ حديث ۾ آھي تھ ”مؤمن
جي زبان دل جي پٺيان رھندي آھي. جڏھن ھو ڳالھائڻ
چاھيندو اھي تھ پھريائين دل ۾ سوچ ويچار ڪندو آھي
۽ پوءِ ڪجھھ زبان مان ڪڍندو آھي ۽ منافق جي زبان
دل کان اڳي ھوندي آھي، جنھن ڪري بنا سوچڻ سمجھڻ
جي، جيڪي وڻندو اٿس. سو بڪي ڏيندو آھي.“
حضرت عيسيٰ عليه السلام جن فرمائين ٿا تھ عبادت جا ڏھھ حصا آھن،
انھن منجھان نو حصا چپ رھڻ ۾ آھن ۽ ھڪ حصو ماڻھن
کان علحدگي (دوري) اختيار ڪرڻ ۾ آھي ۽ اسان جا نبي
سڳورا ﷺ فرمائين ٿا تھ، ”جيڪو گھڻو ڳالھائيندو،
تنھنجون غلطيون گھڻيون ٿينديون ۽ جنھن جون غلطيون
گھڻيون ٿينديون تنھنجا گناھ گھڻا ٿيندا ۽ جنھن جا
گناھھ گھڻا ٿيندا، تنھن کي دوزخ وڌيڪ ويجھو
ٿيندو.“
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه وات ۾ پٿريون وجھي ڇڏيندو ھو،
انھيءَ لاءِ تھ زبان ڳالھائڻ کان روڪيل رھي ۽
پنھنجي زبان ڏانھن اشارو ڪري فرمائيندو ھو تھ ھن
مون کي اڍين مصيبتن ۾ وڌو آھي.
حضرت عبدال بن مسعود رضي الله عنه فرمائيندو ھو تھ قسم آھي
انھيءَ ذات پاڪ جو، جنھن کانسواءِ ٻيو معبود
ڪونھي. زبان کان زياده ٻي ڪائي بھ شيءِ قيد ۾ رکڻ
جي وڌيڪ لائق ناھي (يعني زبان قيد ۾ رکڻ جي لائق
آھي ۽ ان کي ھميشه قيد ۾ رکجي).
حضرت طائوس رحمت الله عليه فمرائي ٿو تھ منھنجي زبان ھڪ درندو
(چيري ڦاڙي کائڻ واري جانور جي مثال) آھي. جيڪڏھن
مان ھن کي ڇوڙي ڇڏيان تھ مون کي کائي چٽ ڪري ڇڏي.
وھب بن منبه رحمت الله عليه ”حڪمت آل دائود“ ۾ لکي ٿو تھ عاقل
تي واجب آھي تھ ھو زماني جو عارف (پورو پورو
ڄاڻو)، زبان جو حافظ (سنڀال وٺندڙ) ۽ پنھنجي وضع
(رھڻ جي طور طريقي) ۾ پورو ھجي.
حضرت حسن رضي الله عنه ٿو فرمائي تھ جنھن پنھنجي زبان نھ روڪي.
انھيءَ دين کي نھ سمجيو. آوزاعي فرمائي ٿو تھ اسان
کي عمر بن عبدالعزيز رحمت الله عليه لکيو ھو تھ
جيڪو موت کي وڌيڪ ياد ڪندو، اھو دنيا جي ٿوري شيءِ
تي قناعت ڪندو ۽ جيڪو پنھنجي ڳالھاڻ کي ھ عمل ڪري
سمجھندو، اھو بيسود ۽ بيفائدي ڳالھيون ٿوريون
ڪندو. ڪن اڪابرن جو قول آھي تھ سڪوت (چپ) منجھان
انسان ۾ ٻھ خصلتون پيدا ٿيون ٿين، ھڪ تھ ھن جو دين
سلامت ٿو رھي ۽ ٻيو ھو ٻئي جي ڳالھھ تمام چڱيءَ
طرح ٿو سمجھي.
محمد بن واسع رحھ مالڪ بن دينار کي فرمايو تھ ماڻھوءَ کي زبان
جي حفاظت ڪرڻ، روپين ۽ پيسن جي حفاظت ڪرڻ کان وڌيڪ
مشڪل آھي.
حسن بصري رحھ ٿو فرمائي تھ امير معاويھ رضھ جي مجلس ۾ ٻيا ماڻھو
ڳالھائي رھيا ھئا، مگر آھنف بن قيس چپ ڪيو ويٺو
ھو. حضرت معاويھ رضھ ھن کان پڇيو تھ ڇو اوھان ڪجھھ
نھ ٿا ڪڇو؟ جواب ڏنائون تھ جيڪڏھن ڪوڙ ٿو ڳالھايان
تھ خدا جو خوف ٿو ٿئي ۽ جيڪڏھن سچ ٿو چوان تھ
توھان کان ڊپ ٿو لڳي (تنھن ڪري چپ ۾ آھيان).
ابوبڪر بن عياش رحھ فرمائي ٿو تھ ھڪ دفعي چار بادشاھھ اچي گڏ
ٿيا. ھند جو بادشاھھ، چين جو بادشاھھ، فارس جو
بادشاھھ ۽ روم جو قيصر، انھن منجھان ھڪڙي چيو تھ،
”جيڪي مان ڳالھائي ويھندو آھيان، ان تي مون کي
پڇتائڻو پوندو آھي ۽ جيڪا ڳالھھ گفتگو ۾ نھ آنيندو
آھيان، انھيءَ لاءِ مون کي ڪا بھ پشيماني ڪرڻي ڪا
نھ پوندي آھي.“ ٻئي چيو تھ، ”جڏھن مان ڪو ڪلمو
زبان منجھان ڪڍي ويھندو آھيان تھ مان ھن جي اختيار
ھيٺ اچي ويندو آھيان ۽ ھو منھنجي قبضي ۾ نھ رھندو
آھي. مگر جيسين اھو ڪلمو مون نھ ڳالھايو آھي.
تيسين ھو منھنجي اختيار ۾ ھوندو آھي ۽ مان ھن يج
گرفت کان بچيل رھندو آھيان.“ ٽئين چيو تھ، ”مون کي
اھڙي ڳالھائيندڙ تي ئي تعجب ٿو لڳي. جو جيڪڏھن نھ
موٽائي وڃي تھ ڪو فائدو نھ ڏئي.“ چوٿين چيو تھ
”مان جيڪا ڳالھھ نھ ڳالھائي آھي، ان کي ھٽائڻ جي
وڌيڪ طاقت ٿو رکان، مگر جيڪا ڳالھھ مان ڳالھائي
چڪو آھيان، انھيءَ کي ھٽائي يا ٽاري نٿو سگھان.“
منصور بن المعتمر رحھ جي احوال ۾ لکيو اٿن تھ عشا (سومھڻيءَ جي
نماز) کانپوءِ چاليھن ورھين تائين ڪو لفظ نھ
ڳالھايو ھئائين. اھڙيءَ طرح ربيع بن خثيم لاءِ
ڪچون ٿا تھ ويھن ورھين ۾ ڪا بھ دنيا جي ڳالھھ ڪا
نھ ڪئي ھئائين. جڏھن صبح ٿيندو ھو، تڏھن ھي درويش
مس قلم ۽ ڪاغذ جو پرچو پنھنجي ڀرسان رکي ڇڏيندو
ھو، جيڪي ڪجھ ڳالھائيندو ھو، اھو ڪاغذ تي لکي
ڇڏيندو ھو ۽ سام جو پنھنجي نفس کان ان جو حساب
ڪتاب وٺندو ھو.
ھي سڪوت (چپ) جا فضائل آھن ۽ سڪوت جي افضل ھئڻ جو سبب ھي آھي تھ
ڳالھائڻ ۾ سوين آفتون آھن، جھڙوڪ، خطا، ڪوڙ، گلا،
چغلي، رياءُ، نفاق، فحش تڪرار وغيره ۽ پنھنجو پاڻ
کي پاڪ چوڻ، باطل ڳالھين ۾ حوض ۽ خيال ڪرڻ، خصومت
(جھيڙو فساد)، زياده ڳالھائڻ، ڳالھھ بدلائڻ،
گھٽائڻ وڌائڻ، خلق کي ايذائڻ، پرده دري ڪرڻ، اھي
سڀ زبان چورڻ سببان ئي ٿا ٿين. زبان کي چورڻ پورڻ
۾ ڪا دقت ڪا نھ ٿي ٿئي. دل کي مزو ٿو اچي ۽ انسان
جي پنھنجي طبيعت ۽ ٻيو شيطان ھن کي ڀڙڪائيندا رھن
ٿا ۽ اھڙا مثال تمام ٿورا آھن، جو جيڪو ڳالھائڻ جو
عادي ھجي. اھو زبان کي اھڙيءَ طرح قبضي ۾ رکي، جو
جتي ھو ڳالھائڻ چاھي، فقط اتي ئي ڳالھائي ۽ جا
ڳالھھ ھو بيان ڪرڻ نھ چاھي. ان کان باز رھي سگھي.
ڇاڪاڻ جو اھو معلوم ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي تھ ڪھڙي
ڳالھھ بيان ڪرڻ جي لائق آھي ۽ ڪھڙي ناھي. اھڙيءَ
طرح ڳالھائڻ ۾ خطرو ۽ خاموشيءَ ۾ سلامتي آھي ۽
انھيءَ ڪري خاموشيءَ جي فضيلت بھ زياده ليکي ٿي
وڃي. ازانسواءِ سڪوت منجھان ھي بھ فائدا آھن تھ
اھڙي انسان جي ھمت ھميشه جوان ۽ ماڻھن ۾ ھن جي
ھيبت قائم ٿي رھي ۽ ذڪر فڪر ۽ عبادت لاءِ ھن کي ھڪ
وڏي فراغت ميسر ٿي ٿئي. دنيا ۾ ڳالھائڻ جي آفتن
کان ڇوٽڪارو ٿو ملي ۽ آخرت ۾ ان جي حساب ڪتاب کان
روح آزاد ٿو رھي. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ ٿو
فرمائي تھ، ما يلفظ من قول اِلاّ لديه رقيبءٌ
عتِيدءٌ ه ”ھو (يعني انسان) ڪو بھ قول وات منجھان
ڪڍي (ئي) نٿو تھ (اڳيئي) ھن وٽ (انھيءَ قول جي درج
ڪرڻ لاءِ) نگھابن تيار بيٺو آھي.“
سڪوت جي فضيلت لا؛ءِ ھڪ ٻيو عقلي دليل بھ ڏاڍو عمدو بيان ڪيو
ويو آھي ۽ اھو ھيءُ آھي تھ ڪالم چئن قسمن جو ٿو
ٿئي. پھريون اھو، جنھن ۾ ضرر ئي ضرر ھجي. ٻيو اھو،
جنھن ۾ نفعو ئي نفعو ھجي. ٽيون اھو، جنھن ۾ نفعو ۽
ضڙر ٻئي برابر برابر ھجن ۽ چوٿون اھو، جنھن ۾ نفعو
ھجي نھ ضرر. انھيءَ صورت ۾ پھرين قسم کان تھ چپ
ڪرڻ نھايت ضروري آھي ۽ ٽئين قسم کان بھ، ڇاڪاڻ تھ
ان ۾ ھر وقت اھو انديشو آھي تھ متان ضرر، نفعي کان
ڪٿي وڌي نھ وڃي. چوٿين قسم جي ڪلام ۾ رڳو وقت ضايع
ڪرڻو ٿو پوي ۽ اھو ھڪ وڏو نقصان آھي. پوءِ ڳالھائڻ
جي لاءِ فقط بيو قسم ئي وڃي رھيو ۽ ساري ڪلام
منجھان چئبو تھ رڳو چوٿون حصو ڳالھائڻ جي لائق آھي
۽ ٽن حصن ۾ سڪوت ئي بھتر آھي. مگر اھو چوٿون حصو
بھ خطري کان خالي ناھي. ڇاڪاڻ جو ان ۾ ڪي پوشيده
آفتون، جھڙوڪ، رياءُ، تڪلف، خود پرستي، زياده
گوئي، گلا، چغلي وغيره (بي اختيار) اھڙيءَ طرح ملي
ٿيون وڃن، جو ڳالھائيندڙ کي انھن جو پتو ئي نٿو
پوي. انھيءَ ڪري ڳالھائڻ منجھان ھروقت خطرو آھي ۽
جيڪو شخص زبان جي آفتن کان اسان جي ڏنل تفصيل موجب
آگاھھ ٿي ويندو. ”جنھن چپ ڪئي، تنھن ڇوٽڪارو حاصل
ڪيو“ بلڪل صحيح آھي ۽ اھو ھڪ اٽل فيصلو آھي (۽ اھو
بھ سمجھي ويندو تھ ) خداوند ڪريم اسان جي حضور پاڪ
ﷺ جي ذات عالي صفات کي حڪمت (ڏاھپ) جا بي بھا موتي
۽ جامع ڪلمات عنايت فرمايا آھن. ھر ھڪ لفظ ۾ ڪٽي
ڪٽي موتي ڀري ڇڏيا اٿن ۽ سمنڊ کي ڪوڙي ۾ بند ڪيو
اٿن. سواءِ ڪن خاص علمائن جي. آنحضرت سمجھي
نٿو سگھي. انشاءَ الله تعاليٰ اڳتي ايندڙ بيان
منجھان اھا ساري حقيقت کيل ويندي، ھاڻي اسان ويھھ
آفتون ترتيب وار شروع ٿا ڪريون.
پھرين آفت
بي فائدو ڪلام
زبان جي پھرين آفت آھي بي فائدو يا بي سود ڪلام. يعني اھڙي ڪا
ڳالھھ وات مان ڪڍڻ، جيڪا جيڪڏھن نھ ڪڍجي ھا تھ ڪو
گناھھ نھ ٿئي ھا ۽ نھ وري انھيءَ ۾ ڪو جان ۽ مال
جو ڪجھھ نقصان ئي ٿئي ھا. واضح رھي تھ سڀ کان عمدي
ڳالھھ ھيءَ آھي تھ آدمي پنھنجن سڀني لفظن ۾ اھو
خيال رکي تھ جيتريون آفتون، جھڙوڪ: گلا، چغلي،
ڪوڙ، خصومت وغيره آھن. انھن کان ھن جا لفظ محفوظ
ھجن ۽ صرف اھا ڳالھھ وات مان نڪري، جنھن جو بيان
ڪرڻ مباح ھجي ۽ ان ۾ نھ ڪو پنھنجو ضرر ھجي ۽ نھ
پنھنجي ٻئي ڪنھن ڀاءُ جو، مگر ڪڏھن ڪڏھن اھڙيون
ڳاھيون بھ زبان مان نڪريو ٿيون وڃن جن جي ڪابھ
ضرورت نھ ھوندي آھي. اھڙيءَ صور ۾ بھ ھڪ تھ وقت
اجايو زيان ٿو ڪجي ۽ ٻيو تھ پنھنجي گردن ۾ انھيءَ
زيان جو حساب ڪتاب بي سود مڙھڻو ٿو پوي، يعني ھڪ
نيچ شي (بي سود ڪلام) جي عيوض ۾ ھڪ بھتر شيءِ
(حياتيءَ جي گھڙي) ڏيڻي ٿي پوي. جيڪڏھن غير ضروري
ڪلام جي بدران ھو اھا گھڙيزڪر فڪر ۾ مشغول ھجي ھا
تھ شايد غيبي فتوحات منجھان ڪا اھڙي شي ھن کي ملي
وڃي ھا، جنھن جو نفعو ضرور زياده ھجي ھا ۽ انھيءَ
کانسواءِ جيڪڏھن تھليل (لااله الاالله چوڻ)، تسبيح
(سبحان الله پڙھڻ) ۽ تڪبير ، الله اڪبر چوڻ يا
ڪنھن ٻئي ذڪر ۾ لڳي ھا تھ يقينا انھن ۾ ڪيترا لفظ
اھڙا آھن، جن جي ورد ڪرڻ سان جنت ۾ جاءِ ٺھي وڃي
ھا. ھاڻي خيال ڪرڻ گھرجي تھ جنھن شخص کي ھيرن ۽
موتين جي خزاني ڪٺي ڪرڻ جي طاقت ھجي، اھو ھاڻي
خيال ڪرڻ گھرجي تھ جنھن شخص کي ھيرن ۽ موتين جي
خزاني ڪٺي جرڻ جي طاقت ھجي، اھو جو ويھي ٺڪر ۽ ڀتر
گڏ ڪري تھ ان لاءِ نقصان کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ڇئي
سگھجي. الله تعاليٰ جو ذڪر عمدن خزانن منجھان ھڪ
خزانو آھي. انھيءَ کي ڇڏي ڪرڻ جو ساڳيوئي مثال
آھي. جيتوڻيڪ اھڙي ڳالھھ کڻي مباح بھ ھجي ۽ ابن ۾
ڪو گناھ بھ نھ ھجي مگر جيئين جو انھي ڳالھھ ڪرڻ
سببان ھڪ وڏو مقصد ۽ مطلب ھٿ مان نڪري فوت ٿئي ٿو
وڃي، تنھن ڪري ائين ڪرڻ ۾ وڏو خسارو يا گھاٽو ٿو
پوي.
ايماندار جو سڪوت فڪر وارو، ڳالھائڻ ذڪر وارو ۽ ڏسڻ، عبرت وارو
ھوندو آھي ۽ اھڙي طرح آنحضرتﷺ جن ارشاد فرمايو آھي
تھ انسان جي موڙيءَ آھيوقت، يعني انسان جي حياتيءَ
جون گھڙيون ھڪ ھڪ وڏي موڙيءَ جي رقم جي برابر آھن.
جيڪڏھن انھن گھڙين کي غير ضروري ڳالھين ۾ صرف ڪندو
۽انھن ۾ آخرت جو ذخيرو حاصل نھ ڪندو تھ موڙيءَ ۾
اجايو گھاٽو ڪمي پوندي وينديس ۽ انھيءَ ڪري ئي
حضورﷺ جن فرمايو آھي تھ، جنھن شيءِ منجھان ڪو
فائدو نھ ھجي، ان کي ڇڏڻ انسان جي اسلام جي ھڪ
خوبي آھي.“ بلڪ ھن باري ۾ ھن کان بھ سخت ھڪ حديث
آھي. حضرت انس رضھ ٿو فرمائي تھ احد جي لڙائيءَ ۾
ھڪڙو ڇوڪرو اسان منجھان ڪو شھيد ٿيو. اڃا جو کڻي
ڏسون تھ بک جي ڪري ان جي پيٽ تي پٿر ٻڌل ھو. ھن جي
ماءُ جوآئي، سو ھن جي منھن تان مٽي ڇنڊي چوڻ لڳي
تھ پٽڙا! توکي جنت جي مبارڪ ھجي! آنحضرتﷺ جن ٻڌي
فرمايو تھ (مائيتوکي) ھي ڪيئن معلوم ٿيو ؟ شايد ھن
ڇوڪري بي فائدو ڪلام ڪيو ھجي ۽ جنھن شيءِ جي ڏيڻ ۾
ھن کي ڪو نقصان نھ پوندو ھجي اھا ٻين کي نھ ڏجي
ھجيس. ٻي حديث ۾ آھي تھ آنحضرتﷺ جن ڪجھھ ڏينھن
حضرت ڪعب رضھ کي نھ ڏٺو. پڇيائون تھ ڪٿي آھي؟
اصحابن عرض ڪيو تھ ھو بيمار آھي. پاڻ سعادت (خير و
عافيت پڇڻ) لاءِ تشريف ٿيا. جڏھن ھن وٽ پھتا، تڏھن
فرمايائون تھ توکي مبارڪ ھجي اي ڪعب! (اھو ٻڌي) ھن
جي ماءُ چيو تھ اي ڪعب! توکي جنت بنا روڪ ٽوڪ جي
مبارڪ ھجي! حضور ﷺ جن پڇيو تھ ھيءَ ڪير آھي، جيڪا
الله تعاليٰ تي ٿي حڪم صادر ڪري؟ حضرت ڪعب رضھ عرض
ڪيو تھ ھيءَ منھنجي ماءُ آھي، پاڻ فرمايائونس تھ
توکي اھا ڪيئن خبر پئي؟ شايد تنھنجي پٽ ڪا غير
ضروري ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ھجي ۽ ڪنھن شيءِ کان بي
فائدي بين کي منع ڪئي ھجي. ھن منجھان اھو مطلب ٿو
نڪري تھ بھشت ۾ بنا ڪنھن حساب ڪتاب جي اھو ويندو،
جنھن جي ذمي ڪو ٿورو ذرو بھ حساب جو نھ ھوندو ۽
جڏھن انسان بنا حاجت ۽ ضرورت جي ڪا ڳالھھ ٻولھھ ٿو
ڪري تھ ان جو حساب ھن جي مٿان باقي رھجي ٿو وڃي.
توڻي جو اھا ڳالھھ مباح بھ کڻي ھجي. انھيءَ ڪري
باوجود ان جي جو ماڻھو حساب ڪتاب باقاعدي سختيءَ
سان رکندو ھجي. تڏھن بھ بنا روڪ ٽوڪ بھشت ۾ وڃڻ جي
مبارڪ چوڻ نھ گھرجي.
محمد بن ڪعب رضھ کان روايت آھي تھ آنحضرت ﷺ جن ھڪڙي ڏينھن
فرمايو تھ، ”ھن دروازي کان اڄ جيڪو سڀ کان اول
ايندو، اھو جنتي ٿيندو“. حضرت عبدالله بن سلام رضھ
داخل ٿيو تھ ان کي ڏسي ڪجھھ اصحاب رضي الله عنھم
ھن وٽ ويا ۽ جيڪي ڪجھھ پاڻ سڳورن ﷺ ھن جي حق ۾
فرمايو ھو. ھن کي ٻڌايو ۽ پڇيو تھ ڪھڙو عمل
پختگيءَ سان توھان ڪندا آھيو؟ انھي عمل سببان
جيڪڏھن اوھان کي ھن معاملي ٿيڻ جو توقع ھجي تھ اھو
اسان کي بھ ٻڌايو. ھن صاحب فرمايو تھ مان ھڪ ضعيف
آدمي آھيان، منھنجو ڪھڙو عمل آھي. البتھ جنھن
ڳالھھ کان مون کي توقع آھي، اھا ھيءَ آھي تھ مان
نھنجي سيني کي (ڪيني کان) بچائيندو ايندو آھيان ۽
بيفائدو ڪلام نھ ڪندو آھيان.
حضرت ابوذر رضھ کان مروي آھي تھ آنحضرت ﷺ جن ھن کي فرمايو تھ
توکي اھڙو عمل ٻڌايون جيڪو بدن کي ھلڪو لڳي ۽
ميزان (وزن) ۾ اري (ڳرو) ھجي، تنھن تي ھن عرض ڪيو
تھ ڏاڍو چڱو، مھرباني ڪري ٻڌايو. پاڻ فرمايائون
تھ، ”اھو سڪوت ۽ خوش خلقي ۽ غير مفيد شيءِ جو ترڪ
ڪرڻ آھي.“
مجاھد رضھ ٿو فرمائي تھ مان حضرت ابن عباس رضھ کان ٻڌو آھي، جو
ھو چوندو ھو تھ پنج شيون مون کي رپين جي وقف ڪرڻ
کان بھ چڱيون معلوم ٿينديون آھن، ھڪ ڪلام بيفائدي
کي ترڪ ڪرڻ، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ کان گناھھ جو خوف لڳو
ٿو رھي. ٻيو ڪلام مفيد بي موقعي نھ چوڻ، ڇو جو
اڪثر مفيد ڪلام بھ جيڪڏھن بنا ڪنھن موزون موقعي جي
بيان ڪيو ٿو وڃي تھ خرابي پيدا ڪري ٿو وجھي. ٽيون
حليم ۽ بيوقوف سان بحث نھ ڪرڻ، ڇاڪاڻ تھ ھڪ حليم
(يعني ماٺيڻي ۽ ڳنڀير ماڻھو) سان بحث ڪرڻ سان ان
کي اجايو ڪاوڙ ڏيارڻي آھي ۽ بيوقوف سان بحث ڪري
اجايو ايذاءُ پرائڻو آھي. چوٿون ڪنھن غائب ڀاءُ
بابت اھڙيءَ طرح ڳالھھ ڪرڻ، جھڙيءَ طرح پنھنجي
ڳالھھ ھن کان ڪرائڻ منظور ھجي ۽ ھن جي انھن قصورن
کي درگذر ڪرڻ، جيڪي جيڪڏھن تون ڪرين تھ انھن جو،
ھن جو توکي معاف ڪرڻ چڱو معلوم ٿئي ۽ ھن سان اھڙو
معاملو ڪرڻ جيڪو جيڪڏھن ھو بھ اھڙو ڪري تھ چڱو
لڳي. ھن جو حاصل مطلب ھي ٿيو تھ، ”جيڪي پاڻ تي
پسند نٿو ڪرين، اھو ٻين تي بھ پسند نھ ڪر.“ پنجون
عمل ڪرڻ انھيءَ يقين سان تھ نيڪي ڪرڻ سان مون کي
جزا ملندي ۽ جرم ڪرڻ سان سزا ملندي.
لقمان حڪيم رحمت الله عليه کان پڇيو ويو تھ تون ڪھڙو حڪمت جو ڪم
ڪندو آھين؟ چيائين تھ جيڪا شيءِ از خود معلوم ٿي
وڃي. ان جي پڇڻ جي پٺيان نھ پوندو آھيان ۽ بي تڪلف
۽ بيفائدي ڪلام نھ ڪندو آھيان ۽ مورق عجلي رحمت
الله عليه چوي ٿو تھ مان ويھن ورھين کان ھڪ ڳالھھ
جي تلاش ۾ آھيان، اھا تھ ھن وقت تائين مون کي ملي
آھي تھ ھن جي طلب مان ڇڏي آھي. ماڻھن پڇيس تھ اھا
ڪھڙي شيءِ ٿو گھرين؟ چيائين تھ بيفائدي ڪلام کان
خاموشي يا چپ ٿو گھران.
حضرت عمر رضي الله عنه فرمائن ٿا تھ بيفائدي ڪلام جي پويان پوڻ
نھ گھرجي ۽ دشمن کان ڪناره ڪش ۽ دوست کان پر حذر
(حجاب ۾) ھئڻ کپي. مگر انھيءَ دوست کان نھ جيڪو
امين ھجي ۽ امين اھو آھي ،جيڪو خدا تعاليٰ کان
ڊڄي. ٻيو تھ بدڪار جي صحبت کان پچڻ گھرجي ورنھ ھن
جو اثر پاڻ تي پئجي ويندو ۽ پنھنجي ڀيد (ڳجھھ،
راز) جي خبر بھ ڪميني بدڪار کي ڪرڻ نھ گھرجي. ڪمن
۾ مشورو اھڙن ماڻھن کان وٺجي، جن کي خدا جو خوف
ھجي.
ھاڻي ڄاڻڻ گھرجي تھ بيفائدي ڪلام جي وصف تھ مٿي بيان ٿي چڪي،
ھتي ان جا مثال بيان ڪيا ٿا وڃن.
1.
مثال طور ھڪڙو ماڻھو گھڻن ماڻھن ۾ ويھي
پنھنجين مسافرين جو بيان ڪري، انھيءَ بيان ۾ جبل،
بيابان، ساوڪ ۽ وھندڙ پاڻي وغيره ۽ گذريل حالات ۽
عمدن کاڌن ۽ پوشاڪن ۽ وڏن ماڻھن جي عجيب ۽ غريب
نمونن ۽ ٻئي ڪنھن اھڙي شيءِ جو ذڪر ڪري، جيڪا ھن
ڏٺي يا ٻڌي ھجي. اھي سڀ شيون اھڙيون آھن جو جيڪڏھن
انھن جو بيان نھ ڪري ھا تھ انھيءَ ۾ ھن جو ڪو
گناھھ يا نقصان نھ ٿئي ھا. جيڪڏھن اھڙيون ڳالھيون
بيان ڪندو تھ اھو سڀ بيفائدي ڪلام ليکيو ويندو ۽
اھڙو ڪلام ڪرڻ پنھنجو وقت ضايع ڪرڻ آھي. انھيءَ
مان ثابت ٿي چڪو تھ ڳالھائڻ ۾ انسان آفتن کان ھرگز
بچي نٿو سگھي ۽ ڪنھن نھ ڪنھن مصيبت ۾ ضرور مبتلا
ٿئي ٿو وڃي. جيڪڏھن ٻي ڪا مصيبت نھ تھ بھ قيمتي ۽
امل وقت جي ضايع ٿيڻ ۾ تھ ڪو شڪ ئي ڪينھي.
2.
ٻيو قسم بيفائدي ڪلام جو ھي آھي تھ ماڻھو ٻين کي
سوال بيفائدا ڪري. انھيءَ ۾ ھڪ تھ پنھنجو وقت سوال
ڪرڻ ۾ ضايع ڪيائين ۽ جيئن جو ٻئي کي بھ ضرور جواب
ڏيڻو پوندو تھ گويا ھن جو وقت بھ اجايو وڃايائين.
مگر اھو رڳو وقت ضايع ڪرڻ بھ فقط انھيءَ صورت ۾
آھي. جڏھن سوال ۾ خود ڪا آفت لڪل نھ ھجي. حقيقت ۾
گھڻو ڪري سوالن ۾ وڏيون وڏيون آفتون لڪل ھونديون
آھن. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کان ڪو کڻي ھن جي عبادت
جو احوال پڇي، جھڙوڪ: پڇيس تھ تون روزيدار آھين؟
تھ ھن وال جي جواب ۾ چار صورتون پيش اينديون. يا
تھ ھو ”ھائو“ چوندو ۽ انھيءَ ۾ ھن کي عبادت کي
ظاھر ڪرڻو پوندو ۽ اھا عبادت رياءَ ۾ داخل ٿي
ويندي، پر فرض ڪريو تھ رياءَ ۾ شامل نھ بھ کڻي ٿئي
تھ بھ پوشيده عبادت جو نواب ڪيئي درجا زياده ھوندو
آھي، اھو ضرور گھٽجي ويندو. ٻي صورت آھي تھ جواب ۾
ھو ”نھ“ چوي تھ انھيءَ ۾ ڄڻ تھ ھن ڪوڙ ڳالھايو.
ٽين صورت اھا آھي تھ ھو خاموش رھي ۽ ڪوئي جواب نھ
ڏي. مگر اھو وري سوال ڪندڙ کي ڏاڍو برو لڳندو تھ
مان سوال ڪيومانس تھ مون کي جواب ئي نھ ڏنائين.
شايد مون کي حقير (نيچ) ٿو سمجھي. چوٿين صورت ۾ ھو
جواب نھ ڏيڻ جو ڪو حيلو سوچڻ لڳندو ۽ اھا مصيبت
سوچ ويچار ڪرڻ جي اجائي ھن جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي.
مطلب تھ اھڙي قسم جي سوال جي ڪري جواب ڏيڻ وارو
رياءُ ڪرڻ، ڪوڙ ڳالھائڻ، حقير سمجھيو وڃڻ يا حيلي
بھاني جي فڪر ۾ مبتلا ٿيڻ منجھان ڪنھن نھ ڪنھن
خرابيءَ ۾ ضرور پوندو. اھڙيءَ طرح ٻين عبادتن جو
حال پڇڻ بھ ساڳيو ئي آھي.
ساڳيءَ طرح جيڪڏھن گناھن يا ڳجھين ڳالھين بابت اوھان ڪنھن کان
پڇو ۽ ٻڌائڻ کان شرمائي يا ھيئن پڇو تھ فلاڻي
ماڻھوءَ توکي ڇا چيو ۽ تنھنجي ڪھڙي راءِ آھي يا
ڪنھن مسافر کان پڇو تھ ڪٿان ٿو اچين، انھن ڳالھين
کي گھڻو ڪري پسند نھ ڪيو ويندو آھي ۽ بعضي ڪا
ڳالھھ ٻڌائڻ کان سخت مانع بھ ھوندي آھي. انھيءَ
ڪري ھو سچ ٿو ڳالھائي تھ راز ٿو کليس يا حياءُ ٿو
اچيس ورنھ ڪوڙ ڳالھائڻو ٿو پويس ۽ انھن ٻنھي
مصيبتن جو ڪارڻ فقط سوال ئي آھي. يا ڪنھن مسئلي جي
ضرورت نھ ھجي ۽ ائين ئي کڻي ڪنھن عالم کان پڇجي.
ھن کي ياد نھ ھجي مگر ائين چوڻ دل نٿي چاھيس تھ
مون کي مسئلو نھ ٿي اچي ۽ ھٿ جو ٺھيل جواب ڏئي ٿو
وجھي تھ اھا بھ چڱي ڳالھھ نھ ٿي.
مگر بيفائدي ڪلام منجھان اسان جو مطلب رڳو ھن قسم جي سوالن
متعلق ناھي، ڇاڪاڻ تھ ھنن ۾ تھ گناھھ موجود آھي يا
ضرر جو امڪان آھي، بلڪھ غير مفيد ڪلام جو مثال ھي
آھي، جيڪو لقمان حڪيم کان نقل ڪيل آھي تھ ھو حضرت
دائود عليه السلام جي خدمت ۾ اھڙي وقت ويو جو پاڻ
سڳورا ﷺ زرھھ بڻائي رھيا ھئا. لقمان حڪيم زرھھ اڳي
ڪا نھ ڏٺي ھئي. تعجب سان ڏسندو رھيو ۽ چاھيائين تھ
پڇان مگر حڪمت جي اصول پڇڻ کان منع ڪيس. تنھن ڪري
تھ پڇيائين، جڏھن پاڻ سڳورا ﷺ زرھھ تيار ڪري چڪا
تھ اٿي بيھي بدن تي پھريائون ۽ فرمايائون تھ
لڙائيءَ جي لاءِ زرھھ ڪھڙي نھ عمدي شيءِ آھي. حضرت
لقمان دل ۾ چيو تھ سڪوت ۾ واقعي وڏي حڪمت رکيل
آھي. مگر ان کيڪي ٿورا ماڻھو ٿا اختيار ڪن، يعني
چپ ڪرڻ مان بنا سوال جي ڳالھھ معلوم ٿي وئي ۽ سوال
پڇڻ جي ضرورت ئي نھ پئي.
ھڪ روايت ۾ آھي تھ ھڪ پورو سڄو سال چڪر ڪاٽڻو ۽ ڦرڻو پوي تھ
پوي. پر بنا سوال جي ڳالھھ معلوم ٿئي تھ اھو بھتر
آھي. انھيءَ مان ثابت ٿيو تھ اھڙا سوال، جن ۾
جيتوڻيڪ لقمان، ھتڪ، رياءَ يا ڪوڙ ۾ مبتلا ٿيڻ جو
امڪان بھ نھ ھجي تھ بھ ھو بيفائدي ڪلام ۾ داخل آھن
۽ اھڙي ئي ڪلام لاءِ حديث شريف ۾ آيو آھي تھ ھن جي
ترڪ ڪرڻ ۾ اسلام جي خوبي آھي.
ھاڻي معلوم ڪرڻ گھرجي تھ بيفائدي ڪلام جو ڪارڻ يا تھ غير ضروري
شيءِ کي معلوم ڪرڻ جو حرص ھوندو آھي. يا مھبت ۽
پيار جي لحاظ کان ڪلام کي وڌائڻ پسند ھوندو آھي.
يا دل وندرائڻ لاءِ اھڙيون ڳالھيون بيان ڪيون
وينديون آھن، جن ۾ ڪو بھ فائدو نھ ھوندو آھي. ھنن
سڀني ڳالھين جو واحد علاج ھي آھي تھ انسان ھن
ڳالھھ جو يقين ڌاري تھ موت سامھون بيٺو آھي ۽ مرڻ
کانپوءِ ھڪ ھڪ لفظ جو پڇاڻو ٿيندو. اھو پڻ ڄاڻڻ
گھرجي تھ آدمي جيڪو ساھھ ٿو کڻي، اھو ھن جي وڏي
موڙي آھي ۽ زبان ھڪ ڄار آھي، جنھن سان بھشتي نعمتن
جو پکي ڦاسندو آھي. تنھن ڪري زبان کي بيڪار ڳالھين
۾ رڌائڻ وڏي نقصان جي ڳالھھ آھي. ھي علاج علمي
آھي. مگر عملي تدبير گوشھ نشيني کانسواءِ ٻي بھتر
ڪانھي يا ڪڪرا يا پٿريون وات ۾ رکجن ۽ سڀ کان
پھريائين منڍ منڍ ۾ مفيد ڪلام ڪرڻ بھ ڇڏي ڏجي.
انھيءَ لاءِ تھ بي فائدي ڪلام ترڪ ڪرڻ جي عادت
پئجي وڃي. مگر ھن زماني ۾ سواءِ گوشھ نشينيءَ جي
زبان کي روڪڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.
ٻي آفت
زياده گوئي يا گھڻو ڳالھائڻ
ھن ۾ بيفائدو ۽ غير ضروري ٻئي ڪلام شامل آھن ۽ اھو ضروري ڪلام
بھ ھن ۾ شامل آھي، جنھن جو مقدار ضرورت کان وڌي
وڃي. انھيءَ ڪري گھڻي ڳالھائڻ کي زبان جي ٻي آفت
مقرر ڪيو ويو آھي. ضروري ڳالھھ ماڻھو مختصر نموني
۾ بھ ڪري ٿو سگھي. جتي ھڪ لفظ جي ضرورت ھجي اتي
جيڪڏھن ڪو بھ لفظ ڪم آڻيندو تھ ٻيو لفظ زائد ڪلمو
ليکيو ويندو. يعني اھو لفظ ضرورت کان زياده ٿيندو.
جيتوڻيڪ انھيءَ جي ڪم آڻڻ منجھان کڻي تاڪيد ڪرڻ جو
ئي مطلب ھجي. ائين ڪرڻ سان ڪو گناھھ يا ضرر نھ بھ
ھجي تھ بھ خرابي ضرور آھي. عطاِ بن آبي رياح رحمت
الله عليه فرمائي ٿو تھ اڳيان اڪابر ائد ڪلام
(گھڻي ڳالھائڻ) کي برو سمجھندا ھئا ۽ ڪتاب الله ۽
سنت رسول الله چڱي ڪم لاءِ ھدايت ڪرڻ) ۽ نھي عن
المنڪر (بڇڙي ڪم کان منع ڪرڻ) ۽ ضروري دنيوي حاجت
کانسواءِ ٻيو سڀ زائد ڪلام ڪري ليکيندا ھئا. پوءِ
انھيءَ ڳالھھ کان ڪھڙو انڪار آھي تھ انسان جي کٻي
۽ سڄي ٻھ معتبر ۽ عزت وارا لکندڙ ويٺا آھن، جيڪي
قرآن مجيد جي آيت موجب، ما يلفظ من قول اِلاّ لديه
رقيبءٌ عتِيدءٌ ه ”ھو (انسان) ڪو قول وات منجھان
ڪڍي ئي نٿو تھ اڳيئي ھن وٽ (انھيءَ قول جي درج ڪرڻ
لاءِ) نگھبان موجود آھن“ ۽ انھيءَ ھوندي بھ افسوس
جو انھيءَ ڳالھھ جو شرم نٿو اچي تھ اعمال نامو
جڏھن کلندو تھ ان ۾ گھڻو ڪري اھڙيون ڳالھيون
نڪرنديون، جيڪي نھ دين جون ھونديون نھ دنيا جون. |