بيان
چوٿون
انسان جي حق ۾ دنيا جي حقيقت ۽ ماھيت
ياد رکڻ گھرجي تھ رڳو دنيا جي مذمت يعني بڇڙائيءَ جي ڄاڻ ھئڻ
ڪافي ناھي جيسين اھو معلوم نھ ٿئي تھ مذمت جي لائق
ڪھڙي دنيا آھي ۽ ڪھڙي دنيا کان پاسو ڪرڻ کپي.
انھيءَ ڪري انھن ٻنھي ڳالھين جو بيان ڪرن ضروري
آھي ڇاڪاڻ تھ اھي ئي ٻھ ڳالھيون ڌڻي تعاليٰ جون
دشمن ۽ ان جي معرفت جون رھزن (يعني ڦرلٽ ڪرڻ
واريون) آھن. چون ٿا تھ دنيا آخرت جي ٻن مختلف
حالتن جو نالو آھي. اھا دل جي حالت جيڪا ويجھي
زماني يعني موت کان اڳ واري عرصي لاءِ ٿي رھي تنھن
کي دنيا سڏيو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ تھ دنيا نڪتل آھي دنو
منجھان جنھن جي معنيٰ آھي ويجھو يا قريب ۽ جيڪا دل
جي حالت ٻئي يا بوءِ ايندڙ زماني يعني موت کان بعد
واري عرصي لاءِ ھجي تنھن کي آخرت ٿا سڏين. ھن
منجھان اھو معلوم ٿيو تھ جيڪي شيون اھڙيون آھن جن
جو عرض ۽ جن جون خواھشون ۽ لذتون موت کان اڳ واري
زماني تائين ٿيون رھن اھي انسان جي ھق ۾ دنيا ۾
داخل آھن. مگر ھن منجھان ھي نھ سمجھڻ گھرجي تھ
جنھن شيءِ جي طرف دل جي رغبت ٿئي اھا خواھ مخواھ
بَري يا بڇڙي آھي بلڪھ دنيا جي شين جا ٽي قسم آھن.
پھريون قسم انھن شين جو آھي جيڪي آخرت ۾ ساڻ ٿيون رھن ۽ انھن جو
ڦل موت کانپوءِ ٿو معلوم ٿئي. اھي ٻھ شيون آھن. ھڪ
”علم“ ۽ ٻيو ”عمل“. علم منجھان مراد اھو علم آھي
جنھن جي ذريعي الله تعاليٰ جي ذات، صفات ۽ افعال
جي معرفت، ملائڪن ۽ آسماني ڪتابن، رسولن ۽ زمين ۽
آسمان جي مختلف سلطنتن ۽ بادشاھتن جي پروڙ ۽ شريعت
نبوي حاصل ٿئي. ”عمل“ جو غرض آھي خدا تعاليٰ جي
خاص ۽ خالص عبادت. ڪي عالم شخص ڪڏھن علم ۾ اھڙا تھ
مانوس (انس رکندڙ) ٿي ويندا آھن جو سڀني شين کان
وڌيڪ لذت علم ۾ حاصل ٿيندي اٿن انھيءَ حد تائين جو
کاڌو پيتو، ننڊ آرام، زال ۽ اولاد سان ڳالھائڻ
ٻولھائڻ بھ ترڪ ڪري ڇڏيندا آھن. ھي لذت انھن کي
مرڻ کان اڳ ٿي حاصل ٿئي مگر تنھن ھوندي بھ اسان ان
کي مذموم (يعني بڇڙي) دنيا ۾ شمار نٿا ڪريون.
حقيقت ۾ ان کي دنيا ۾ شمار نھ ڪرڻ ڪافي ناھي بلڪھ
ان کي آخرت ئي تصور ڪرڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح عابد
ماڻھو بھ پنھنجي عبادت ۾ ايتري قدر ئي حلاوت
(ميٺاج) ۽ لذت ٿا حاصل ڪن. جيڪڏھن انھن کي بالفرض
انھيءَ عبادت کان روڪيو وڃي تھ ھو سخت عذاب ۾
مبتلا ٿي ٿا وڃن. ھن بيان جي تائيد ۾ ڪن عابدن جو
قول آھي تھ موت کان ٻيو تھ ڪو خوف ڪينھي باقي رڳو
اھو خوف آھي تھ تھجد جي نماز ويندي ھلي ۽ ھڪڙو
عابد دعا گھرندو ھو تھ اي منھنجا الله! مون کي قبر
۾ نماز ۽ رڪوع ۽ سجدي جي قوت عنايت فرمائجانءِ.
ھاڻي توڙي ھيءَ لذت اتي جو اتي حاصل ٿي ٿئي ۽
اشتياق جي لحاظ کان ھن کي دنيا سڏي ٿو سگھجي ليڪن
جنھن دنيا جي مذمت آيل آھي اھا شيءِ ھيءَ ناھي.
حديث شريف ۾ اچي ٿو تھ ”۾حبوب آھن مون کي توھان جي
دنيا منجھان ٽي شيون عورتون، خوشبو ۽ منھنجي اک جي
ٺنڊڪ نماز ۾ آھي.“ ھن حديث ۾ نماز کي بھ دنيا جي
لذتن ۾ ارشاد فرمايو ويو آھي. انھيءَ سبب کان جو
پھريائين تھ ھو محسوسات (جيڪي شيون محسوس ڪجن تن)
منجھان آھي ۽ جيڪي بھ محسوسات آھن اھي دنيا جي
عالم ۾ داخل آھن. انھيءَ کانسواءِ رڪوع ۽ سجدي ۾
جيڪا عضون جي چرپر سان ھن کي لذت تي اچي اھا بھ
دنيوي لذت آھي مگر ھن جاءِ تي اھڙين لذتن سان اسان
جو واسطو ڪونھي ۽ انھن کي اسان دنيا تصور نٿا
ڪريون بلڪھ جنھن دنيا لاءِ مذمت آيل آھي اھا بيان
ڪنداسين.
ٻيو قسم لذتن ۽ مزن جو اھو آھي جنھن منجھان زندگيءَ ۾ فائدو ھجي
۽ آخرت ۾ ڪجھھ ڦل نھ ملي جھڙوڪ گناھن جي لذت يا
مباح شين منجھان ضرورت کان زياده مزا وٺڻ جنھن کي
رفاھيت ۽ رعونت ڪري سڏيندا آھن مثلا سون، چانديءَ
جا وڏا ڍير، گھوڙا چوپايو مال، پوکون، ٻانھيون،
غلام، اوچيون ماڙيون، نفيس پوشاڪون ۽ عمديون
غذائون حاصل ڪري انھن جو لطف ۽ مزو وٺي. انھن سڀني
جو حظ يا مزو مرڻ کان اڳ واري زماني تائين محدود
آھي انھيءَ ڪري مذموم دنيا ۾ داخل آھن ۽ انھيءَ
ڳالھھ تي وڏا بحث ٿي چڪا آھن تھ انھن منجھان ڇا کي
”فضول“ تصور ڪجي ۽ ڇا کي ”حاجت ۾ داخل ڪجي ڇاڪاڻ
تھ حضرت عمر رضھ جي ڳالھھ آھي تھ انھن حضرت ابو
درداء رضھ کي حمص جو عامل ڪري موڪليو ھو. ھن سڳوري
اتي ٻھ درھم خرچ ڪري ھڪ پاخانو بڻايو. جڏھن ھضرت
عمر رضھ کي خبر پئي تڏھن ھن کي لکي موڪليائون تھ
”عمر بن خطاب امير المؤمنين جي طرفان عويمر کي
معلوم ھجي تھ فارس ۽ روم جي عمارتن ۾ اھا شيءِ
موجود ھئي جيڪا توکي ڪافي ٿئي ھا. دنيا جي تو
آبادي ڇو ڪئي جنھن جي خراب يعني ويران ڪرڻ جو حڪم
خدا تعاليٰ ڏنو آھي. ھاڻي ھن خط پھچڻ شرط تون
پنھنجي اھل عيال سميت دمشق ھليو وڃ. فقط، ”تنھن
کانپوءِ حضرت ابو دردا رضھ ساري عمر دمشق ۾ رھيو.
ھتي اھو ڏسڻ گھرجي تھ حضرت عمر رضھ دنيا جي ايتري
خسيس ۽ معمولي ڳالھھ ک يبھ فضول سمجھيو (يعني اھو
پاخانو ٺھرائڻ حاجت جي حد کان ٻاھر ھو).
ٽيون قسم لذتن جو اھو آھي جيڪو مٿي ڏنل ٻنھي قسمن جو وچ آھي
جھڙوڪ غذا قوت جيتري، جوڙو ٿلھن ڪپڙن جو ۽ ٻيون
اھڙيون شيون جيڪي ماڻھوءَ کي علم ۽ عمل ٻنھي ۾ مدد
ڪن. انھن شين منجھان جيڪا بھ لذت حاصل ٿي ٿئي اھا
دنيا جي لذتن ۾ نٿي شمار ڪئي وڃي بلڪھ جيئن جو ھي
شيون آخرت جي لحاظ کان ڪنھن مقرر حد تي رکيون ويون
آھن يا آخرت جي نعمتن کي حاصل ڪرڻ جو نھايت ضروري
ذريعو آھي تنھنڪري اھي شيون پھرين قسم وارين لذتن
۾ شامل آھن ۽ جيڪو شص انھن کي رڳو علم ۽ عمل لاءِ
مدد وٺڻ جي قصد سان حاصل ڪندو اھو دنيادار نھ
ليکيو ويندو. پر جيڪڏھن علم ۽ عمل ۾ مدد وٺڻ جي
نيت سان ڪوئي ھاصل نھ ڪندو ۽ غرض فقط دنيوي لذتن
جو ھوندو تھ پوءِ ٻئي قسم ۾ آھي شيون داخل ڪيون
وينديون ۽ دنيوي شين ۾ شمار ٿينديون.
موت کان پوءِ ماڻھوءَ سان ٽي شيون رھنديون آھن. پھرين شيءِ آھي
پاڪ دل يعني اھا دل جيڪا دنيا جي گندگيءَ کان پاڪ
۽ ظاھر ھجي. ٻي آھي الله تعاليٰ جي ذڪر جي الفت ۽
ٽين آھي الله تعاليٰ جي محبت، انھن منجھان قلب جي
طھارت (يعني دل جي پاڪائي) دنيا جي شھوتن ۽ نفساني
خواھسن کي ترڪ ڪرڻ کانسواءِ نٿي ٿي سگھي ۽ الفت
سواءِ ذڪر الھٰي تي ڪثرت ۽ ھميشگي ڪرڻ جي ميسر ٿيڻ
مشڪل آھي ۽ الله تعاليٰ جي محبت بغير معرفت جي
حاصل ٿيڻ محال آھي ۽ معرفت الاھي ھر وقت ۽ ھر گھڙي
فڪر ڪرڻ کان سواءِ ملي نھ ٿي سگھي. اھي ئي ٽي شيون
يعني طھارت، الفت ۽ معرفت آھن جيڪي مرڻ کان پوءِ
سعادت (نيڪ بختي) ۽ نجات (ڇوٽڪاري) جو سبب ٿيون
بڻجن. دنيا جي شھوتن کان قلب جي طھارت ھن طرح ٿي
ڇوٽڪارو ڏئي جو ھوءَ قيامت جي ڏينھن انسان ۽ عذاب
جي وچ ۾ اوٽ ٿئي ٿي بيھي جھڙيءَ طرح حديث شريف ۾
آيو آھي تھ انسان جا اعمال قيامت جي ڏينھن ھن جي
پاران وڙھندا يا مقابلو ڪندا. مثلا جيڪڏھن عذاب
پيرن جي طرف کان ايندو تھ تھجد ان کي روڪيندو ۽
جيڪڏھن ھٿن جي طرف کان ايندو تھ زڪوات ان کي
روڪيندي. انس ۽ محبت کي وري ھن طرح سعادت جو باعث
ليکيو ٿو وڃي جو ان جي ذريعي ديدار خداوندي نصيب
ٿو ٿئي ۽ ماڻھو مرڻ سان ئي ھيءَ سعادت حاصل ڪري ٿو
وٺي ۽ ديدار ٿيڻ جي وقت تائين جيڪو ديدار جنت ۾
ٿيڻ وارو آھي. انسان پنھنجي قبر ۾ انھيءَ حال ۾ ٿو
رھي يعني الفت ۽ محبت جي ڪري مرڻ سان ئي قبر باغ
ارم جي مثال بڻجي ٿي وڃي. اھو ڇو نھ ٿئي. آخر عاشق
جو محبوب تھ ھڪ ئي ھو جنھن کان دنيا جا تعلقات ھن
کي بري رکيون ويٺا ھئا. جڏھن موت جي ذريعي اھي
لاڳاپا ۽ ڳانڍاپا ٽٽي ويا ۽ دنيوي حالتون ختم ٿي
ويون تھ باقي محبوب ۽ ديدار مطلوب لاءِ ڪھڙي شيءِ
مانع يا روڪ ڪرڻ واري ٿئي ٿي سگھي. ھاڻي تھ آفتن
کان ڇٽي ۽ وڇوڙي جي رنج ۽ تڪليف کان امان وٺي عاشق
پنھنجي محبوب جي انوار منجھان ھميشه ھميشه لاءِ
نوري تجليات حاصل ڪندو رھندو.
ھيڏانھن وري دنيادار کي قبر ۾ عذاب شروع ٿي ويندو ڇاڪاڻ تھ ھن
کي محبوب صرف دنيا ھئي جيڪا موت جي رڪي کانئس ڇني
وئي آھي ۽ ڪوئي بھ حيلو وسيلو ھاڻي ان کي ورائڻ جو
ھن کي نظر ڪو نھ ٿو اچي. جڏھن محبوب ئي نھ رھيو
تھ رنج ۽ عذاب نھ ٿيندو تھ ٻيو ٿيندو. موت سان
ماڻھو نيست ۽ نابود نٿو ٿئي فقط دنيا جون محبت
واريون شيون ھن کان ڇٽي ٿيون وڃن ۽ الله تعاليٰ جي
سامھون حاضري ٿي ٿئي.
ھن منجھان ثابت ٿيو تھ آخرت جي طريقي يا راھھ جو سچو مالڪ اھو
آھي جيڪو انھن ٽن صفتن يعني ذڪر، فڪر ۽ انھيءَ عمل
تي جنھن جي ڪرڻ سان دنيا جون خواھشون ۽ شھوتون ڇٽي
وڃن ھميشه ڄميل رھي ۽ سڀئي دنيوي لذتون ھن جي
اڳيان مڪروھ ھجن ۽ ھيءَ حالت وري تن ۽ من ٻنھي جي
صحت ۽ تندرستيءَ کانسواءِ ممڪن ناھي. ھاڻي غور ڪري
ڏسبو تھ تن جي صحت سواءِ غذا ۽ لباس جي حاصل ٿيڻ
ڏاڍي ڏکي آھي ۽ انھيءَ غذا ۽ لباس لاءِ جدا جدا
سامان جي ضرورت آھي. پوءِ جيڪو ماڻھو غذا، لباس ۽
رھائش، آخرت جي ضرورت جيتري حاصل ڪندو اھو دنيادار
نھ ليکبو ۽ ھيءَ دنيا ھن جي لاءِ ”آخرت جي پوک“
ٿئي ٿي پوي، پر جيڪڏھن اھي ئي شيون ھو صرف نعس جي
لذت ۽ مزي لاءِ ۽ دنيا جي ظاھري ٺٺ وٺڻ لاءِ پيدا
ڪندو تھ دنيا وارن ۾ شمار ٿيندو ۽ ھن کي دنيا جو
”راغب“ ڪوٺيو ويندو. ليڪن دني اجي مزي جي رغبت بھ
ٻن قسمن جي آھي. ھڪ اھا رغبت جيڪا راغب کي آخرت جي
عذاب جو مستحق بڻائي ۽ ان کي ”حرام“ ڪري سڏيندا
آھن. ٻي رغبت اھا جيڪا عذاب جي اعليٰ درجي تائين
نھ پھچائي مگر ھڪ ڊگھي حساب ڪتاب ۾ ڦاسائي وجھي ۽
ان جو نالو ”حلال“ آھي. عقل واري لاءِ صاف ظاھر
آھي تھ حشر جي ميدان ۾ حساب ڪتاب لاءِ ترسڻ ۽
انتظار ڪرڻ بھ ھڪ قسم جو عذاب آھي. وري جيڪڏھن
حساب ۾ ڪجھھ گھٽ وڌائي ٿي پئي تھ پوءِ الائي ڪھڙي
تڪليف ٿيندي. حديٿ شريف ۾ آھي تھ ”ھن دنيا جي حلال
جو حساب ٿيندو ۽ ھن جي حرام لاءِ بھ عذاب آھي مگر
حرام جي عذاب کان ھلڪو آھي.“ پر فرض کڻي ڪجي تھ
حساب نھ بھ کڻي ٿئي پر انھن نفساني مزن ۽ فاني
لذتن جي ڪري رڳو ماڻھو اعليٰ رتبي کان محروم رھجي
وڃي يا دل تي انھن جي حسرتن جو گذر ٿئي تھ اھو بھ
ڪو عذاب کان خالي ناھي. ھن ڳالھھ کي دنيا ۾ ئي کڻي
ڏسو تھ جڏھن ڪوئي پنھنجو ساٿي ساڳي درجي وارو
دنيوي سعادت ۽ رتبي ۾ وڌي ٿو وڃي تھ ڪيڏو نھ ٿو
ارمان ٿئي. حالانڪھ انھيءَ دنيوي رتبي کي ڪو جٽاءِ
ڪينھي. ھو ھر وقت مٽبو ٿو رھي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ضرور
کسيو ٿو وڃي. پوءِ جيڪڏھن دنيا جي فاني ۽ بي بقا
لذتن تي ايڏو افسوس ۽ ارمان آھي تھ آخرت جي دائمي
سعادت تي تھ الائي حسرت جي ڪھڙي حالت رھندي. آخرت
جون نعمتون تھ پائيدار ۽ تعريف ڪرڻ کان ٻاھر آھن ۽
انھن جھڙيون نعمتون نھ ڪنھن اک ڏٺيون ۽ نھ ڪنھن ڪن
ٻڌيون آھن. پوءِ اھڙين نعمتن کان محروم رھڻ ڪري دل
تي ڇا ڇا نھ گذرندو. اھو ڏيکاري ٿو تھ جيڪو شخص
دنيا جو مزو ماڻيندو پوءِ اھو کڻي ڪنھن جانور يا
پکيءَ جو ڪو مٺو آواز ئي ڇو نھ ھجي تھ ھن جو حصو
آخرت ۾ ڏاڍو گھٽ ٿي ويندو. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو
گلزار يا چمن جو سير ڪري يا ٿڌو پاڻي پي لذت وٺندو
تھ قيامت ۾ ان جي عيوض ٻيڻ يا ٽيڻ جيتري ڪمي يا
گھٽتائي ضرور ٿيندي. ھيءَ ئي مراد آھي انھيءَ
ارشاد مبارڪ ۾ جيڪو آنحضرت ' جن حضرت عمر رضھ کي
فرمايو ھو تھ ”ھيءَ اھا نعمت يا آسائش آھي جنھن جو
پڇاڻو يا حساب ڪتاب ٿيندو.“ ھي اشارو ٿڌي پاڻيءَ
ڏ٠ي فرمايو ھئائون. غرض تھ سوال جي جواب ڏيڻ ۾
خوف. ذلت ۽ انتظار جي مشقت آھي ۽ انھيءَ منجھان
آخرت جي لطف ۽ مزي ۾ نقصان ٿو پوي. انھي ڪري جڏھن
حضرت عمر رضھ کي اڃ لڳي ۽ پاڻي گھريائون ۽ ماڻھو
ٿڌو پاڻي ماکي مليل کڻي آيا تھ ان کي ھٿ ۾
ڦيرائيندا رھيا ۽ آخر نھ پيتائون ۽ چيائون تھ ”مون
کي انھيءَ جي حساب کان پري رکو.“
ھنن ڳالھين جو خلاصو اھو ٿيو تھ دنيا جو ٿورو توڙي گھڻو. حلال
توڙ: حرام. سڀ ملعون آھي سوآءِ انھيءَ مقدار جي
جيڪو خدا تعاليٰ جو خوف رکي تمام لازمي ۽ ضروري
مقرر ڪيو ويو آھي. ياد رکڻ گھرجي تھ ضروري مقدار
واري سيءِ تھ دنيا ۾ داخل ئي ناھي. اھا ڄڻ ھڪڙي
آخرت جي شيءِ آھي ۽ اھو لازمي مقدار بھ جدا جدا
ماڻھن لاءِ جدا جدا مقدار ۾ ٿو ڏئي، جنھن ماڻھوءَ
جي معرفت قوي ھوندي اھو دنيوي لذتن کان سڀ کان
وڌيڪ پاسو ڪندو انھيءَ حد تائين جو حضرت عيسيٰ
عليه السلام ليٽڻ وقت مٿي ھيٺان پٿر رکيو تھ شيطان
جسماني صورت وٺي اچي کين عرض ڪيو تھ توھان بھ تھ
دنيا سان ھاتي رغبت رکي آھي. فورا پٿر رکي مٿي
ھيٺان ڪڍي ڦٽو ڪيائون. حضرت سليمان عليه السلام
ماڻھن کي نفيس عذائون کارائيندو ھو مگر پاڻ اھا ئي
جون جي رکي ماني کائيندو ھو. ساري سلطنت پاڻ تي
اھڙيءَ طرح ذليل ۽ سخت ڪري ڇڏي ھئائين. باوجود
طاقت ھئڻ جي لذت وارن کاڌن کان صبر ڪرڻ واقعي ھڪ
وڏو ڪم آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو آنحضرت ' جن بھ
دنيا جون نعمتون پاڻ کان علحديون رکندا ھئا. ڏينھن
جا ڏينھن پورو کاڌو نھ کائيندا ھئا ۽ بک جي شدت
کان پيٽ سان پٿر ٻڌندا ھئا ۽ اھو ئي حال ٻين نبين
۽ ولين سان ٿيندو آيو آھي. ھن جو اصل مقصد ھي آھي
تھ انھن کي ال تعاليٰ آخرت ۾ ڪامل حصو عنايت
فرمائيندو. ھڪڙو شفيق ۽ مھربان پيءُ پنھنجي پٽ کي
ميوي وغيرھ کان پري رکندو آھي ۽ سير ڇوڙائڻ ۽ ٽڪي
ڏيڻ سان ھن کي ڏک ۽ ايذاءُ پھچائيندو آھي مگر ھن
جو ھي ڪم ڪنجوسيءَ کان نھ ھوندو آھي. ھي سڀ ڪجھھ
پدري شفقت ۽ محبت کان ڪيو ويندو آھي تھ پٽ چڱو ڀلو
ٿي باقاعدي پوري غذا کائي سگھي.
ھن بيان منجھان اھا ڳالھھ ثابت ٿي وئي تھ جيڪا شيءِ خاص الله
تعاليٰ جي لاءِ ناھي اھا دنيا آھي ۽ اھا شيءِ جيڪا
خاص الله تعاليٰ واسطي ھجڻ تصور ۾ ئي نٿو اچي
سگھي. ھن قسم ۾ اھي شيون شامل آھن جن کي گناھن ۽
نفساني خواھشن جو نالو ڏنو ٿو وڃي ۽ قسمين قسمين
نعمتون جيڪي مباح تھ آھن مگر رڳو بدن جي راحت ۽
آسائش لاءِ استعمال ڪيون ٿيون وڃن تھ انھن جو نالو
خاص دنيا آھي ۽ پرين درجي جون مذموم (ننديل) آھن.
ٻيو قسم انھن شين جو آھي جيڪي ظاھر ۾ تھ خدا جي
واسطي آھن مگر باطن ۾ اھي غير خدا جي واسطي بھ ٿي
ٿيون سگھن. اھي آھن ذڪر، فڪر ۽ شھوتن کان پاسو ڪرڻ
جيڪڏھن ٽئي شيون خفيھ ڪري ۽ ڪوئي سبب سواءِ خدا
تعاليٰ جي حڪم ۽ آخرت جي خوف جي نھ ھجي تھ ھي شيون
خدا جي واسطي ليکيون ۽ دنيا ۾ شمار نھ ٿينديون مگر
جيڪڏھن انھن ۾ دنيا جو ڪو غرض ھوندو مثلا فڪر سان
علم جي طلب ڪو ماڻھو انھيءَ ڪري ٿو ڪري تھ ماڻھن ۾
قبول ۽ ممتاز ٿيان. ذڪر انھيءَ ڪري ٿو ڪري تھ
ماڻھو مون کي وڏو عارف سمجھن ۽ شھوتن کي ترڪ ڪرڻ
جو مقصد ھجيس تھ مال محفوظ رھي يا بدن جي صحت قائم
۽ سٺي رھي يا زاھد ۽ پرھيزگار مشھور ٿئي تھ اھي
ڳالھيون دنيا ۾ ليکيون وينديون. ظاھر ۾ تھ خدا
واسطي ٿيون ڏسجن مگر معنيٰ ۽ نيت جي اعتبار کان
خدا واسطي ناھن دنيا واسطي آھن. ٽيون قسم انھن شين
جو اھو آھي جيڪي ظاھر نفس جي حظ (مزي) لاءِ ھجن
مگر معنيٰ جي اعتبار کان انھن کي خدا واسي ڪري ٿو
سگھجي جھڙوڪ غذا ۽ نڪاح ۽ ٻيون شيون جن تي پنھنجي
۽ پنھنجي اولاد جي حياتي ٻڌل آھي. انھن شين ۾ بھ
جيڪڏھن صرف حظ نفس (انساني لذت) اھي تھ دنيا واسطي
آھن ۽ جيڪڏھن قصد تقويٰ جي لاءِ مدد وٺڻ جو آھي تھ
پوءِ خدا واسطي آھن توڙ ظاھر ۾ دنيا جي صورت معلوم
ٿئي. حديث ۾ آيو آھي تھ ”جنھن طلب ڪئي دنيا جي
حلال جي طريقي سان ضرورت يا حاجت کان وڌيڪ ۽ فخر
حاصل ڪرڻ لاءِ ان سان ملاقات ڪندو الله تعاليٰ وڏي
ڪاوڙ ۽ غصي جي حالت ۾ ۽ جنھن طلب ڪيو ان کي
محتاجيءَ کان بچڻ واسطي ۽ نفس کي ھلاڪت کان بچائڻ
واسطي اھو ايندو يا اٿندو قيامت جي ڏينھن اھڙي
حالت ۾ جو ھن جو منھن چوڏھين جي چنڊ جھڙو ھوندو.“
ڏسو تھ رڳو قصد جي اختلاف سان حڪم بھ ڪيئن نھ
مختلف ٿي ٿو وڃي. انھي٤ منجھان معلوم ٿيو تھ دنيا
انھيءَ حظ جو نالو آھي جيڪو زندگيءَ ۾ گذري وڃي ۽
آخرت ۾ ڪم نھ اچي. انھيءَ کي نفس جي ھوا يا خواھش
بھ ڪري سڏيندا آھن ۽ انھيءَ طرف اشارو آھي ھن آيت
۾ تھ ”ونھي النفس عن الھويٰ فاِن الجنته ھي
الماويٰ“ (۽ روڪيائين نفس کي سڌ (خواھش) کان پوءِ
بيشڪ بھشت آھي ھن جي موٽڻ جي جاءِ).
ياد رکڻ گھرجي تھ ھويٰ پنجن شين جي ميڙ جو نالو آھي جيڪي ھن آيت
شريف ۾ ڪٺيون ڪيون ويون آھن. ”اِنما الحيوت الدنيا
لعبءٌ و لھوءٌ و زينتهءٌ وتفاخرءٌ بَينڪم و
تڪافرءٌ في الاموال والاولاد“ (ڄاڻو تھ دنيا جي
حياتي رڳو ھڪ راند ۽ بي فائدي ڪم ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾
فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ گھڻائي طلبڻ (جو ٻيو
نالو) آھي ۽ اھي شيون جن منجھان ھي پنج حاصل ٿيون
ٿين اھي ست آھن جيڪي ھن آيت شريف ۾ گڏ ڪيون ويون
آھن. ”زين لناس حبّ الشھواتِ من النسآءِ ولبَنين
والقناطير المقنطرتِ من الذھبِ والفضتِ والخيل
العسومتِ والانعام والحرثِ ذالک متاع الحيوٰتِ
”الدنيا“ ماڻھن لاءِ زالن ۽ پٽن ۽ سون چانديءَ جي
سٿيل ڍيرن ۽ گھوڙن ۽ ڍورن ۽ پوک جي سڌن جو پيار
سينگاريو ويو آھي. اھو ئي دنيا جي حياتيءَ جو
سامان آھي.“
ھاڻي ھي معلوم ٿي چڪو تھ جيڪا شيءِ خدا واسطي استعمال ۾ آندي ٿي
وڃي اھا دنيا منجھان ناھي ۽ اھو بھ ثابت ٿي چڪو تھ
خوراڪ، پوشاڪ ۽ رھائش جو. ”ضروري مقدار“ جيڪو
انساني ”ضرورت“ جي حد اندر آھي ۽ محض الله تعاليٰ
جي رضامندي ھاصل ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو ٿو وڃي اھو
خدا تعاليٰ جي قرب ۾ سامل آھي. مگر ”انساني ضرورت
واري حد“ کان وڌيڪ ھٿ ڊگھيڙبو تھ انسان وڃي ”تنعم
يعني عيش عشرت“ واري حد ۾ پوندو جيڪا الله تعاليٰ
جي قرب کان تمام گھڻو پري آھي. ياد رکڻ گھرجي تھ
انھيءَ ”ضرورت“ ۽ ”عيش و عشرت“ جي وچ ۾ ھڪ درجو
آھي جنھن کي ”حاجت“ ٿو سڏجي ۽ حاجت کي وري ٻھ پاسا
۽ ھڪ مرڪز آھي. ھڪڙو پاسو ”ضرورت“ واري حد سان ٿو
وڃي لڳيس ۽ ٻيو ڪنارو ”عيش عشرت“ جي حد ۾ ٿو وڃي
پوي. جيڪڏھن ”ضرورت“ جي حد کي وڌائي انسان ”حاجت“
جي مرڪز جي حد تائين آڻي تھ ان ۾ مضائقو ناھي
ڇاڪاڻ تھ ”ضرورت جي حد“ تائين محدود رھڻ ھر ھڪ
انسان جو ڪم ناھي. مثلا کاڌي لاءِ ماني سان ٻوڙ
ملائي ۽ پوشاڪ ھڪ جوڙي بدران ٻھ جوڙا رکي ۽ رھائش
لاءِ وڻ بدران ڪکن جي جھوپڙي بڻائي تھ انھيءَ ۾
ضرر ڪونھي مگر جيڪڏھن انھيءَ حد کان نفس مٿي گھليس
تھ (پوءِ انسان وڃي تنعم يعني عيش عشرت جي ھڪ
اٿاھھ سمنڊ ۾ داخل ٿيندو جتان جان بچائڻ ڏاڍي ڏکي
آھي. انھيءَ لاءِ بھتر آھي تھ انسان پنھنجي ”حاجت“
کي ”ضرورت“ جي حد ڏي جھلي ۽ ”عياشيءَ“ کان پاسي
ڪري.
ياد رکو تھ جيڪو ماڻھو شاھي چراگاھھ جي ڀر ۾ جانور پيو
گھمائيندو اھو ممڪن آھي تھ ڪڏھن وڃي انھيءَ ممنوع
(منع ٿيل) چراگاھھ ۾ پوي. انھيءَ ڪري ھوشياري ۽
احتياط جي تقاضا اھا آھي تھ ان کان پرھيز ۽ خوف
رکي ۽ جيڪو ھن جي ضرورت جي حد وارو ڪنارو آھي
انھيءَ جي ٿورو ويجھو يا ڀر ۾ وڃي رھي ڇاڪاڻ تھ
انھن سڀني ڳالھين ۾ پيروي آھي انبياء عليھم
الصلوات والسلام ۽ اولياءِ ڪرام جي جيڪي پنھنجي
نفسن کي ھميشه ضرورت واري حد تائين مائل رکندا
ھئا. جھڙي طرح حضرت ويس قرني رحھ جي ڳالھھ آھي تھ
ھو پاڻ کي ايتري قدر ”ضرورت جي حد“ جي طرف مائل
رکندو ھو ۽ ايتري قدر نفس تي تنگي ڪندو ھو جو سڀئي
گھر وارا ھن کي مجنون ڪري سمجھندا ھئا. ھن کي رھڻ
لاءِ گھر جي دروازي وٽ ھڪ ننڍڙي ڪوٺي ٺھرائي ڏني
وئي ھئي. انھيءَ ۾ ھو رھندو ھو ۽ ڪڏھن سال ۾ ڪڏھن
ٻن سالن ۾، ۽ ڪڏھن ٽن سالن کانپوءِ گھر ۾ ايندو
ھو. ايتري وقت تائين ھن جو منھن ڪوئي ڪو نھ ڏسي
سگھندو ھو. عشاء (سومھڻي) جي نماز کانپوءِ گھر ۾
ايندو ھو ۽ فجر جي نماز ۾ ٻانگ کان اڳ ۾ نڪري
ويندو ھو. کاڌو پنھنجو ھي مقرر ڪيو ھئائين. سارو
ڏينھن کارڪن جون ککڙيون وڃي چونڊيندو ھو ۽ جڏھن ڪا
سڪل وڏي کارڪ ھن کي ملندي ھئي تھ اھا افطار لاءِ
رکندو ھو. جيڪڏھن سڪل کارڪون چڱي انداز ۾ ھٿ
لڳنديون ھيس تھ ککڙيون وري فقيرن ۾ خيرات ڪري
ڇڏيندو ھو ۽ جيڪڏھن وڏيون کارڪون ايتريون نھ
ملنديون ھيس تھ ککڙيون وڪڻي ڪا شيءِ خريد ڪري
کائيندو ھو. ھن جي ڪپڙن جو ھي حال ھو جو گند جي
ڍير تي پيل اڳڙيون چونڊي فرات ندي ۾ ڌوئي پاڪ ڪندو
ھو ۽ انھن کي ڳنڍ ٽوپو ڪري پائيندو ھو. گھڻو ڪري
شھر جا ٻار ھن کي پٿريون ھڻندا ھئا تھ ھي چريو
آھي. انھيءَ وقت انھن کي چوندو ھو تھ ڀائرو جيڪڏھن
پٿر يا ڦوڙ ھڻو ٿا تھ ننڍا ننڍا تھ ھڻو. مون کي
اھو ڀؤ ٿو ٿئي تھ متان توھان وڏا ڀتر ھڻو ۽ مون
کان رت نڪري پوي ۽ پوءِ جيڪڏھن نماز جو وقت اچي
وڃي تھ مون کي پاڻي نھ ملي جو مان رت کي ڌوئي صاف
ڪريان ۽ نماز جو وضو ڪريان. ھي خصلتون ھيون اويس
قرني رحھ جون. انھيءَ ڪري تھ آنحضرت ' جن پنھنجي
ڪلام مبارڪ سان ھن کي بزرگيءَ جو خطاب ڏيڻ فرمايو
۽ ان جي طرف اشارو فرمائي ارشاد فرمايائون تھ
”تحقيق مون کي اچي ٿي محبت جي بوءِ يمن جي طرف
کان.“
جڏھن حضرت عمر فاروق رضھ جي خلافت جو زمانو آيو تھ پاڻ سڀني
ماڻھن کي سڏي ڪٺو ڪري چيائون تھ توھان سڀني منجھان
جيڪو عراق جي رھڻ وارو آھي اھو اٿي بيھي اھو ٻڌي
جيترا ماڻھو عراق جا ھئا سڀ اٿي بيٺا. پوءِ چيائون
تھ توھان سڀئي ويھي رھو مگر جيڪي ”ڪوفھ“ جا آھن
اھي اٿي بيھن. اھي اٿي بيٺا. انھن کي چيائون تھ
توھان بھ سڀئي ويھي رھيو سواءِ ”مراد جي قبيلي“
وارن جي ۽ وريانھن کي بھ ويھڻ لاءِ چيو ويو سواءِ
انھيءَ شخص جي جيڪو ”قرن“ کان ھجي. اھي ٻيا سڀ
ويھي رھيا باقي ھڪڙو شخص بيٺو رھيو. ان کان حضرت
عمر رضھ پڇو تھ تون ”قرن“ جو رھاڪو آھين. ھن جواب
ڏنو تھ ”ھا،. پوءِ پڇيائونس تھ تون اويس بن عمار
قرني رحھ کي سڃاڻين ۽ ھن جي ڪيفيت ھن جي اڳيان
بيان ڪيائون. ھن جواب ڏنو تھ ”ھا“ يا امير
المؤمنين مان ھن کي سڃاڻان. توھان ھن لاءِ ڇو ٿا
پڇو. قسم آھي خدا جو تھ اسان جي قبيلي ۾ ڪوئي شخص
اويس رحھ کان وڌيڪ ديوانو ۽ مجنون ڪينھي ۽ نھ وري
ھن کان ڪو وڌيڪ وحشي (ٽاھڙ يعني ماڻھن کان پاسو
ڪندڙ) ۽ گھٽ رتبي وارو آھي. اھا ڳالھھ ٻڌي حضرت
عمر رضھ رنو ۽ فرميو تھ مان جيڪي ڪجھھ چيو آھي
پاڻان نھ چيو اٿم بلڪھ اھو ڪجھھ چيو اٿم جيڪي مون
ٻڌو آھي آنحضرت ' جن کان، جن فرمايو تھ ”داخل
ٿيندا جنت ۾ قيامت جي ڏينھن اويس قرني جي شفاعت تي
ربيعھ ۽ مضر جي قبيلي جيترا ماڻھو“.
حضرت ھرم بن حيان رضھ ٿو فرمائي تھ جنھن وقت مان ھي قول حضرت
عمر رضھ جو ٻڌو تھ پھتس ڪوفھ ۾ ۽ منھنجو ڪو بھ
مقصد ڪو نھ ھو سواءِ انھيءَ جي تھ ڳولھيان اويس
قرني رحھ کي ۽ پڇان ھن کان ڪي سوال. آخر مان ھن وٽ
پھتس. ٻپھري جو وقت ھو ۽ پاڻ ان وقت فرات ندي جي
ڪناري تي ڪپڙا ڌوئي ۽ وضو ڪري رھي اھئا. مان ھنن
کي سڃاتو انھن نشانين سان جيڪي مان ٻڌيون ھيون.
مان ڏٺو تھ ھي شخص بدن ۾ قوي ۽ ڪڻڪ رنگو ھو ۽ مٿي
جا وار ڪوڙيل ۽ ڏاڙھي گھاٽي ۽ ڀريل ھيس. پريشان
حال ۽ اڻ وڻندڙ شڪل ۾ ھو. مان ھن کي سلام ڪيو ۽ ھن
سلام جو جواب ڏنو ۽ مون ڏانھن نھارڻ لڳو. مان ھن
ڏانھن مخاطب ٿي ھٿ ملائڻ لاءِ ھٿ وڌايو مگر ھٿ
ملائڻ کان انڪار ڪيائين. مان چيو تھ رحمت ۽ مغفرت
خدا تعاليٰ جي ھجي توتي اي اويس ڇا حال آھي
تنھنجو. ھي ٻڌي منھنجي محبت جي ڪري ھن جي اکين
منجھان ڳوڙھا ڪرڻ لڳا. ان وقت مان ھن جي عجيب
ڪيفيت ڏٺي جيڪا مان ئي ٿو ڄاڻان. آخر ائين ٿيو جو
مان بھ رنس ۽ ھو بھ روئندو رھيو. پوءِ فرمايائين
تھ اي ھرم بن حبان رضھ خدا توکي زنده رکي ڇو آيو
آھين ۽ ڇا حال آھي تنھنجو – منھنجو پتو توکي ڪنن
ڏنو. مان چيو تھ الله تعاليٰ مون کي تو وٽ اچڻ جي
ھدايت ڪئي. تنھن تي ھي پڙھيائون ”الله تعاليٰ کان
سواءِ ڪو معبود ڪونھي. پاڪ آھي الله تعاليٰ تحقيق
وعدو رب تعاليٰ جو پورو ٿيڻ وارو آھي.“
ابن حبان رضھ ٿو چوي تھ مون کي تعجب لڳو انھيءَ ڳالھھ جو تھ مون
کي ھريائين سڃاڻي ورتائين حالانڪھ قسم آھي خدا
تعاليٰ جو تھ نھ ڪڏھن، ھن مون کي ڏٺو ۽ نھ مان کيس
ڏٺو ھو. مان عرض ڪيو تھ اوھان مون کي ڪيئن سڃاتو ۽
اوھان کي منھنجيوالد جو نالو ڪيئن آيو. مون کي تھ
اوھان اڄ تائين ڪڏھن ڏٺو ئي ڪينھي. جواب ڏنائين تھ
”مون کي انھيءَ عليم (ڄاڻندڙ) ۽ خبير (واقف)
ٻڌايو“ توکي خبر ناھي تھ روحن جو روحن سان وڏو
تعلق ٿو ٿئي. منھنجي روح تنھنجي روح کي سڇاتو جڏھن
منھنجي نفس تنھنجي نفس سان گفتگو ڪئي. روحن کي بھ
نفس ٿا ٿين جھڙيءَ طرح جسمن کي ٿا ٿين ۽ مؤمنين ھڪ
ٻئي جا دوست آھن. روح ھڪ ٻئي کي سڃاڻن ٿا ۽ انھن
جي پاڻ ۾ گفتگو ٿيندي ٿي رھي توڙي رھڻ جون جايون
ھڪ ٻئي کان پري اٿن ۽ ڪيئي منزلون وچ ۾ اچي ٿيون
وڃن. ابن حبان رضھ ٿو چوي تھ مان عرض ڪيو تھ مون
کي ڪا حديث مبارڪ ٻڌايو جيڪا اوھان آنحضرت کان ٻڌي
ھجي. جواب ڏنائون تھ مان حضور ' جن کي ڏٺو ناھي ۽
نھ مون کي سند حضور اقدس ۾ حاضر ٿيڻ جو اتفاق حاصل
ٿيو آھي. البتھ مان انھن شخصن کي ڏٺو آھي جن جناب
رسالت ماب جي صحبت جو شرف حاصل ڪيو آھي. انھن
ماڻھن جي زبان کان مان حديثون ٻڌيون آھن جھڙيءَ
طرح تو بھ ٻڌيون آھن. مان اھا ڳالھھ بھتر نٿو
سمجھان تھ حديثن جو دروازو پاڻ تي کوليان ۽ محدث ۽
مفتي ۽ قاضي بڻجان. اي ھرم بن حبان رضھ! مون کي
پنھنجي نفس جي درستي جي ايتري مشغولي آھي جو انھن
ڪمن ۾ ماڻھن سان منھن ڏيڻ جي فرصت ئي ڪانھي. پوءِ
مان عرض ڪيو تھ ڪا آيت ئي پڙھي ٻڌايو. مان اوھان
کان ڪجھھ ٻڌڻ ٿو گھران ۽ منھنجي ھق ۾ ڪا دعا بھ
فرمايو ۽ ڪجھھ وصيتون بھ ڪريو جن کي مان ياد رکان.
مون کي اوھان سان فقط خدا واسطي جي محبت آھي. ابن
حبان رضھ ٿو چوي تھ اتي پاڻ اٿيا ۽ منھنجو ھٿ وٺي
فرات ندي جي ڪناري تي ٽھلڻ لڳا ۽ فرماائون ”اعوذ
باالله السميع العليم من الشيطان الرجيم“ اعوذ
پڙھي روئڻ لڳا ۽ پوءِ فرمايائون تھ ”سچو قول
منھنجي رب جو آھي ۽ سڀ کان وڌيڪ سچي خبر ھن جي خبر
آھي ۽ سڀ کان وڌيڪ سچو ڪلام ھن جو ڪلام آھي.“ ان
کانپوءِ ھي آيت شريف پڙھيائون.“ وما خلقنا
السمٰواتِ والارض وما بَنھما لٰعببين ما خلقنٰھما
اِلاّ باِلحق ولٰکن اڪثرھم لا يعلمون ”( ۽ آسمانن
۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نھ
بڻايوسون. انھن کي پوريءَ رٿ کانسواءِ نھ بڻايوسون
مگر انھن (ماڻھن) منجھان گھڻا نھ ڄاڻندا آھن“.
ھيءَ آيت اِنه ھو العزيز الرحِيم تائين پڙھي اھڙو
نعرو ھنيائون جو مان سمجھو تھ غشي اچي وئي اٿن.
پوءِ فرمايائون تھ اي ابن جان تنھنجو پيءُ حبان
مري ويو ۽ عنقريب تون بھ مرندين ۽ بھشت يا دوزخ ۾
ويندين. شروع کان کڻي وٺ. پھريائين آدم ۽ حوا رضھ
جي وفات ٿي. پوءِ حضرت نوح رضھ جو وصال ٿيو. پوءِ
حضرت ابراھيم جو انتقال ٿيو. پوءِ حضرت موسيٰ رضھ
الوداع ڪيو. وءِ ھضرت دائود دارالبقا ڏي راھي ٿيو.
پوءِ لولاڪ جو مالڪ ۽ ھن جھان جي ايجاد جو باعث
محمد مصطفيٰ ' اعليٰ عليين جو شھنشاھھ ٿيو. پوءِ
حضرت ابوبڪر صديق رضھ فردوس پرين روانو ٿيو ۽ ان
کان پوءِ حضرت عمر رضھ منھنجو ڀآءُ ۽ دوست بھ وڃي
ھن جو ھمدم ٿيو. ھي چئي ھاءِ عمر! ھاءِ عمر! پڪارڻ
لڳو. مان چيو تھ خدا توھان تي رحم ڪري حصرت عمر
رضھ تھ اڃا زندھ آھي. مئو ڪٿي آھي. پاڻ فرمايائون
تھ خدا تعاليٰ ھن جي وفات جي خبر مون کي پھچائي
آھي ۽ منھنجي مرڻ جي بھ خبر ڏني آھي. پوءِ
فرمايائون تھ مان ۽ تون بھ گويا مئلن ۾ آھيون.
پوءِ آنحضرت ' جن جي روح پر فتوح تي درود پڙھي
گھڻيون دعائون آھستھ آھستھ گھريائون تھ اي ابن
حبان منھنجي وصيت ھي آھي تھ ڪتاب الله ۽ صالحين جي
طريقي کي پنھنجو دستور العمل رکجانءِ. مون کي
تنھنجي ۽ پنھنجي مرڻ جي خبر پھچ يچڪي آھي. موت کي
ھردم ياد ڪجانءِ. ڪنھن گھڙي بھ غافل نھ ٿجانءِ ۽
نصيحت ڪجانءِ. ساري امت جي خير خواھي ڪجانءِ.
جيڪڏھن جماعت ان ھڪ گرانٺ بھ علحدو ٿيندين تھ دين
کان علحدو ٿي ويندين ۽ توکي خبر ئي نھ پوندي تان
جو دوزخ ۾ وڃي پوندين. پنھنجي واسطي ۽ منھنجي
واسطي دعا ڪجانءِ. پوءِ فرمايائون تھ اي منھنجا
الله! ھي ماڻھو پنھنجي سمجھھ مطابق ذمون کي صرف
تنھنجي (رضامندي) واسطي ٿو چاھي ۽ تنھنجي ئي
(رضامندي) واسطي منھنجي ملاقات لاءِ آيو آھي. جنت
۾ بھ ھن جي صورت مون کي ڏيکارجانءِ ۽ دارالسلام ۾
ھن کي مون ڏانھن موڪلجانءِ. جيسين جيئرو رھي تيسين
ھن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪجانءِ ۽ دنيا جي ٿوري
شيءِ تي صبر ڪرڻ جي ھن کي توفيق ڏجانءِ ۽ منھنجي
طرفان خير جي جزا بخشجانءِ. پوءِ فرمايائون تھ اي
ھرم بن حبان رضھ! ھاڻي توکي خا تعاليٰ جي سپرد ٿو
ڪريان. السلام عليڪم ورحمت الله وبرڪتاته - اڄ
کانپوءِ وري مون ڏي نھ اچجانءِ. مون کي شھرت بڇڙي
ٿي لڳي ۽ اڪيلائي وڻندي اھي. جيستائين مان ھنن
ماڻھن سان زندھ ھوندس وڏو رنج ۽ غم رھندو. مان دل
سان تو وٽ آھيان. رڳو ھڪٻئي جي نظر کان کڻي ٿورو
پري آھيون. پوءِ ڳولھا ڪرڻ ۽ پڇڻ جي ضرورت ڪانھي.
مون کي ياد ڪري مون کي دعا ڪندو ڪر. مان بھ انشاءَ
الله تعاليٰ ائين ڪندس. چڱو ھاڻي مان ھيڏي ٿو وڃان
تون ھوڏي وڃ. مان گھريو تھ ٿوري دير ساڻن وڃان
مگر پاڻ نھ مڃيائون. مون کان ٿورو پري ٿيا تھ پاڻ
بھ رنا ۽ مون کي بھ رئاريائون. پوءِ مان انھن ڏي
تڪيندو رھيس تان جو ھڪڙي گھڙي ۾ ھليا ويا. ان کان
پوءِ وري مان گھڻي ئي پڇا ڪئي مگر ھمون کي ڪين ملي
سگھيا. خدا تعاليٰ انھن جي مغفرت ڪري. آخرت جي
ماڻھن جو بس اھو ھال آھي. دنيا کان اھڙي طرح ڪنارو
ڪندا ھئا.
دنيا بابت جيڪي بيان گذري چڪو انھي منجھان ۽ نبين ۽ ولين جي مٿي
ذڪر ڪيل سيرت منجھان معلوم ٿيو تھ دنيا جي معنيٰ
آھي سڀ اھي شيون جيڪي آسمان جي ھيٺان ۽ زمين مٿان
موجود آھن سوآءِ (انھن منجھان) انھن شين جي جيڪي
خدا جي راھھ ۾ خدا تعاليٰ جي فرمان موجب ڪم
اينديون ھجن. دنيا ضد آھي آخرت جو ۽ آخرت جي وصف
آھي اھا شيءِ جيڪا الله تعاليٰ جي مرضي مطابق ۽ ان
جي مرضي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم اچي. ياد رکڻ گھرجي تھ
دنيا جو مقدار جيڪو ضرورت آھر ھجي يعني خدا تعاليٰ
جي اطاعت بجا آڻڻ جي قوت حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري
گھرجي اھو دنيا ۾ شمار ناھي. ھي مسئلو ھڪڙي
فقھ جي مثال سان ٿا سمجھايون. مثال طور ڪنھن حاجيءَ حج تي ويندي
رستي تي قسم کنيون تھ سواءِ حج جي ٻئي ڪنھن بھ
ش:ءِ ۾ مشغول نھ ٿيندس. پوءِ جيڪڏھن پنھنجي سمر جي
حفاظت ۽ سواريءَ کي گاھھ داڻي ڏيڻ ۽ سمر جي ٻوري
وغيره کي سبڻ يا ٻي ڪنھن اھڙي قسم جي ضروري ڪم ۾
مشغول ٿيندو تھ قسم نھ ٽٽندس ۽ سمجھبو تھ حج ۾ ئي
مشغول رھيو آھي. اھڙيءَ طرح بدن بھ نفس جي سواري
آھي جنھن سان نفس زندگيءَ جو فاصلو طئي ڪري رھيو
آھي. پوءِ انھيءَ جي سنڀال وٺن ايتري قدر جو علم ۽
عمل جي طاقت رھيس دنيا ۾ شمار نھ ٿيندي. بلڪھ اھا
آخرت ڪري ليکبي. ھا جيڪڏھن ان ۾ دنيا جي بدني لذت
جو مقصد ھوندو تھ آخرت نھ رھدني ۽ خوف اھو آھي تھ
دل سخت نھ ٿي وڃي. طنافسي رحھ ٿو فرمائي تھ مان
ڪعبھ جي مسجد جي بني شبيھ واري باب يعني دروازي تي
ستن ڏينھن تائين بکيو رھيس. اٺين رات اڃا مون کي
پنڪي مس آئي تھ ھڪ منادي آواز ڏنو تھ دنيا منجھان
جيڪو ضرورت کان وڌيڪ وٺندو الله تعاليٰ ھن جي دل
جي اک کي انڌو ڪندو. بس انسان لاءِ دني جو اھو
احوال آھي. ان تي خوب غور ڪريو. انشاءَ الله
تعاليٰ فائدو ٿيندو.
بيان پنجون
دنيا بي حقيقت ھجڻ ۽ انسان جو ان جي شغلن ۾ غرق ھئڻ
ھن بيان ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ دنيا ھڪ بي حقيقت شيءِ آھي ۽ ان جا
شغل ۽ ڌنڌا اھڙا آھن جن ۾ خدا جي خلق ايترو غرق
ٿئي ٿي وڃي جو ھو پنھنجي نفس کي ۽ پنھنجي اچڻ وڃڻ
(يعني ڄم موت) کي وساري ٿي ويھي. واضح ھئڻ گھرجي
تھ دنيا انھن بيروني (ٻاھرين) شين جو نالو آھي
جنھن منجھان انسان کي حظ (لذت يا مزو يا لطف) ٿو
پھچي ۽ ھو سڄو وقت انھن کي ٺيڪ ڪڙڻ ۾ مصروف ۽ محو
ٿو رھي. اھي شيون ٽن قسمن جون ٿيون ٿين. ڪڏھن اھو
گمان ڪيو ويندو آھي تھ دنيا انھن منجھان ھڪ کي
سڏيندا آھن مگر ائين ناھي. دنيا انھڻ ش:ڻ ؛: ۾غ
آڻحڻ ڄ: آثرن ۽ بلاڳاپن يا تعلقات جي ٿو سڏجي.
جيڪي شيون موجود آھن ۽ جن کي دنيا سان تعبير ڪيو
ٿو وڃي سي آھي زمين ۽ ان جي مٿان رھندڙ شيون.
جھڙيءَ طرح الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ ”اِنا جعلنا
ما علي الارض زينته لھا لنبلوھم ايھم احسن عملا“
جيڪي زمين تي آھي سو اسان ان جي سينگار لاءِ ھن
ڪري بڻايو آھي تھ اسان آزمائش وٺون تھ انھن منجھان
عملن ۾ ڪير وڌيڪ چڱو آھي. زمين تھ ماڻھن لاءِ
وڇايل فرش ۽ رھڻ ۽ قرار جي جاءِ آھي ۽ ان جي مٿان
واريون شيون کائڻ پيئڻ پھرڻ ۽ صحبت ۾ ڪم ايندڙ
آھن. اھڙي طرح ساري روءِ زمين جون شيون ٽن قسمن ۾
ورھايل آھن. ھڪ معدني (کاڻين واريون) ٻيو نباتات
(گاھھ ٻوٽا) ٽيون حيوان (ساھھ وارا پکي وغيره)
نباتات کي ماڻھو انھيءَ ڪري ٿو چاھي تھ ان منجھان
غذا ۽ دوا حاصل ڪري. معدني شين جو انھيءَ ڪري طالب
آھي تھ انھن منجھان اوزار ۽ برتن بڻائي جھڙوڪ لوھ
يا ٽامي منجھان بڻايا ويندا آھن يا نقد جي صورت ۾
انھن کي گڏ ڪري رکي جھڙوڪ سون چاندي يا انھن جا
سڪا، حيوان، جا ٻھ قسم آھن انسان ۽ چوپايا جانور،
چوپائي جانورن کي گوشت جي لاءِ، بار برداري لاءِ ۽
زينت لاءِ رکيو ويندو آھي. باقي رھيو انسان سو
انسان ۾ ڪڏھن تھ اھو غرض ھوندو آھي تھ ھن کان خدمت
وٺي جھڙوڪ ٻانھن ۽ نوڪرن کان خدمت ورتي ٿي وڃي يا
ان سان صحبت ڪئي ٿي وڃي يا انسانن جي دلين کي
پنھنجي طرف مائل ڪري ۽ جھڪائي نھ آھي ھن جي تعظيم
۽ عزت ڪن يعني ھو ماڻھن جي دلين جو مالڪ ٿئي جنھن
کي ڄآءِ ڪري ٿا سڏين. بس اھي شيون آھن جن کي دنيا
ٿو سڏجي ۽ انھن کي ڌڻي تعاليٰ پنھنجي ڪلام پاڪ ۾
ھن طرح ڪٺو ڪيو آھي ”ماڻھن لاءِ زالن ۽ پٽن ۽ سون
چانديءَ جي (وڏن وڏن) سٿيل ڍيرن ۽ نشان ڪيل گھوڙن
۽ ڍورن ۽ پوک جي سڌن جو چيار سينگاريو ويو آھي.
اھو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آھي ۽ ال وٽ چڱو
موٽڻ جو ھنڌ آھي.“ ھن ۾ ”زالون ۽ پٽ“ انسانن جي
قسم آھن. ”سون چاندي“ معدني قسم ۾، ”گھوڙا“ ۽ ڍور،
جانورن جي قسم ۾ ۽ ”پوک“ نباتات جو قسم بيان ٿي
ڪري.
ھاڻي زمين جي مٿاڇري تي اھي شيون آھن مگر انھن شين کي انسان سان
ٻن قسمن جا تعلقات ٿا ٿين. ھڪ تعلق تھ دل سان ٿو
ٿئي. ھن تعلق جي اثر ھيٺ انسان انھن شين جي محبت ۽
حفاظت (يعني ھر وقت سڀنالي رکڻ) ۾ ايتري قدر مصروف
۽ محو ٿئي ٿو وڃي جو دنيا جو ٻانھو نظر ٿو اچي ۽
ھن جي دل ۾ اھي سڀ صفتون پيدا ٿيون ٿين جن جو دنيا
سان تعلق آھي جھڙوڪ وڏائي، ٽانءِ، ڪينو، ساڙ“ ٻغض،
حسد، ڏيکاءُ (رياء)، شھرت، بدگماني، چغلي، ڪوڙ،
گلا، دين جي سستي، پنھنجي تعريف (خود ثنائي) جي
محبت ۽ شيخي وغيره. ھن تعلق کي باطني دنيا بھ ڪري
سڏيندا آھن. ٻيو تعلق آھي بدين سان. يعني بدن کي
دنيوي شين حاصل ڪرڻ لاءِ درست ۽ مضبوط بڻائڻ جيئن
ھو انھن جو حظ (لطف ۽ مزو) حاصل ڪري سگھي. ھن تعلق
جي نتيجي ۾ آھي سڀ پيشا ۽ ڌنڌا ۽ ھنر اچي ٿا وڃن
جن ۾ ساري خلقت مشغول ۽ ٻڏل آھي. انھن ٻنھي دلي ۽
بدني تعلقات جي ڪري خدا جي خلق کي نھ پنھنجي نفس
جي خبر ٿي پوي ۽ نھ دنيا ۾ پنھنجي آغاز ۽ انجام کي
ڪوئي سوچي ٿو سگھي.
جيڪڏھن ماڻھو پنھنجي نفس کي ۽ پنھنجي پروردگار کي سڃاڻي ۽ دنيا
جي حڪمت ۽ اسرارن کي ڄاڻي تھ ھن کي جيڪر معلوم ٿي
وڃي تھ ھي سڀ شيون جن کي اسان ظآھري دنيا ٿا سڏيون
انھيءَ ڪري پيدا ٿيون آھن تھ جنھن سواريءَ تي خا
تعاليٰ ڏانھن ھلڻو آھي ان جو گاھھ داڻو انھن
منجھان ميسر ٿي وڃي. سواريءَ منجھان اسان جو مطلب
انساني بدن آھي جيڪو کاڌي پيتي ۽ پوشاڪ ۽ ڪنھن
اجھي کانسواءِ ھلي نٿو سگھي. جھڙي طرح حج جي رستي
۾ اٺ کي داڻو پاڻي ۽ جھل نھ ملندي تھ ھو ندھ رھي
نھ سگھندو مگر جيڪو ماڻھو دنيا ۾ پنھنجي (نفس ۽
مقصد) کي وساري ٿو ويھي ان جو مٿاو اھڙو آھي جيئن
ڪو حاجي ڪنھن منزل تي اچي ترسي ۽ سارو وقت رڳو
پنھنجي سواريءَ جي گھاھ داڻي ۽ ھار ينگار جي قسمين
قسمين خدمتن ۾ مروف ٿي وڃي. ڪٿان وڃي گاھھ کڻي اچي
۽ ڪٿان ٿڌو پاڻي آڻي ۽ انھيءَ فڪر ۽ اڻ تڻ ۾ نتيجو
اھو نڪري جو قافلي کان پٺتي رھجي وڃي ۽ ھن کي
معلوم ئي نھ ٿئي تھ جيڪڏھن ائين ڪندس تھ حج کان بھ
رھجي ويندس ۽ ھتي جھنگ ۾ سواريءَ سميت بگھڙن ۽
شينھن جو لقمو بڻيس.
ٻئي طرف وري جيڪو حاجي ھوشيار ۽ سياڻو ھوندو ان جي دل تھ ڪعبت
الله ۽ حج ۾ لڳل رھندي ۽ سواريءَ جي خدمت رڳي
ضرورت جي حد تائين ڪندو جنھن سان ھن جي پنڌ ڪرڻ جي
طاقت قائم رھي. ساڳيءَ طرح جيڪو شخص آخرت جي سفر ۾
دانا بينا ھوندو آھي اھو بدن جي خدمت فقط ضرورت جي
حد تائين ڪندو آھي جھڙيءَ طرح ڪوئي ماڻھو پاخاني ۾
ضرورت جي حد تائين ويندو آھي. ياد رکڻ گھرجي تھ
پيٽ ۾ ڪجھھ وجھڻ (يعني کائڻ) ۽ وري ان کي پاخاني
رستي ڪڍڻ ۾ ڪو فرق ڪونھي. ٻئي ڳالھيون ضرورت ھيٺ
ٿيون ڪيون وڃن. پوءِ گھرجي تھ ھڪڙي ضرورت کي ٻئي
تي ترجيح نھ ڏني وڃي. جھڙيءَ طرح پاخاني ۾ ضرورت
کان وڌيڪ مصروف نٿو ٿجي تھڙيءَ طرح پيٽ جي ڀرڻ ۾
بھ ضرورت جي حد کان وڌيڪ مصروف نٿو ٿجي تھڙيءَ طرح
پيٽ جي ڀرڻ ۾ بھ ضرورت جي حد کان وڌيڪ مصروف رھڻ
نھ گھرجي. انسان کي جيڪا شيءِ خدا کان گھڻو پري
رکڻ واري آھي سا آھي ”پيٽ“، ڇاڪاڻ تھ غذا جو مسئلو
اھم ۽ ڏاڍو ضروري آھي رھائش جي جاءِ ۽ لباس ٻئي
آسان شيون آھن. ماڻھن کي جيڪڏھن انھن شين جي حاجت
جو سبب معلوم ھجي ۽ رڳو حاجت جي حد کي قائم رکڻ
ڪافي سمجھن تھ ھوند دنيا جي شعلن ۽ ڌنڌن ۾ ايترو
غرق ئي نھ ٿين. جيڪي مانھو دنيا ۾ غرق آھن انھن جي
حقيقت ھي آھي تھ انھن کي دنيا ۽ انھن جي حڪمتن جو
پتو ئي ڪينھي ۽ پنھنجي دنيوي لذتن ۾ ھو ايتري قدر
غلطان آھن جو انھن کي ڪل ئي ڪا نھ ٿي پوي. انھيءَ
جھالت ۽ غفلت جي ڪري ھڪڙي شغل ۽ ڌنڌي جي مٿان ٻيو
۽ ٻئي مٿان ٽيون پيدا ٿيندو ٿو وڃپي ۽ بي انتھا ڪم
نڪرندا ٿا رھن. پوءِ ماڻھو انھن ڌنڌن ۾ لڳي پنھنجي
اصلي مقصد کي وساري ٿا ڇڏين.
اسان دنيا جي ڪمن جي تفصيل سان گڏ اھو بھ بيان ٿا ڪريون تھ ڪھڙي
طرح ماڻھن کي انھن جي ضرورت ٿي پوي ۽ ڪيئن ماڻھو
نھنجي مقصد ۾ دوکو ٿا کائن. اھو سڀ انھيءَ لاءِ ٿا
بيان ڪريون تھ اھا ڳالھھ معلوم ٿي وڃي تھ دنيا جي
ڪمن ۾ امڻھو الله تعاليٰ کان ڪيئن ٿا غافل ٿين ۽
پنھنجي انجام ڪار کي وساري ويھن. پوءِ ڄاڻڻ گھرجي
تھ دنيا جي شغل جدا جدا پيشا ۽ ھنر ۽ ٻيا ڪم آھن
جن ۾ لق وري طرح مشغول ٿي رھي ۽ ڌنڌن جي ڪثرت جو
سبب ھي آھي تھ انسان کي ھڪڙي ئي وقت ٽن شين جي
ضرورت ٿي پوي. غذا، لباس ۽ ٽيون گھر (يا اجھو)،
غذا آھي زندگي قائم رکڻ لاءِ، لباس بدن کي گرمي
سردي کان بچائڻ لاءِ گھر اس ھوا ۽ مينھن کان بچڻ ۽
پنھنجي اھل و عيال ۽ جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ.
خداوند ڪريم انساني غذا ۽ لباس ۽ رھڻ جي جڳھھ اھڙي
طرح نھ خلقيا آھن جنھن ۾ انسان جي صنعت يا
ڪاريگريءَ کي ڪو دخل نھ ھجي. البتھ جانورن لاءِ
اھي شيون يا ڪاريگريءَ کي ڪو دخل نھ ھجي. البتھ
جانورن لاءِ اھي شيون قدرتي طرح مھيا ٿيون ٿين.
مثلا گاھھ جانورن جي غذا آھي جنھن جي بچائڻ جي
ڪانھي. ساڳيءَ طرح ھنن جي بدن جا وار پوشاڪ جو ڪم
ٿا ڏين ۽ ھنن جون چمڙيون اھڙيون انھن جن تي گرمي
سردي جو اثر نٿو ٿئي. ھو غارن يا ميدانن ۾ رھي ٿا
سگھن تنھنڪري انھن کي گھرن اڏائڻ جي ضرورت ئي ڪا
نھ ٿي پوي. مگر انسان جو معاملو ائين ناھي. انسان
کي پنجن مکيھ صنعتن جي ضرورت ٿي پوي جن کي دنيا
جون اوائلي يا ابتدائي صنعتون ۽٧ بنيادي شغل يا
پيشا ڪري ٿو سڏجي جھڙوڪ:
.1
پوک ڪرڻ
.2
ڌڻ چارڻ
.3
شڪار ڪرڻ
.4
ڪپڙو اڻڻ ۽
.5
گھر اڏڻ، پوک منجھان غذا ٿي
ملي. شڪار ڪرڻ يا خدا تعاليٰ جون تار ٿيل شيون مفت
۾ حاصل ڪرڻ جھڙوڪ کاڻين منجھان ڌاتو ۽ جھنگلن
منجھان گاھھ ڪاٺيون ڦل وغيره حاصل ڪرڻ منجھان
ماڻھو غذا، لباس ۽ مڪان ٽئي ضرورتون پوريون ڪري ٿو
۽ اھي شيون ماڻھو پنھنجي ھنر سان ڪو نھ ٿو ٺاھي پر
انھن کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪيترائي ھنر ڪ تب اچن ٿا ۽
وري ھر ھڪ ھنر لاءِ اوزارن ۽ ٽپڙن جي ضرورت رھي
ٿي. مثال طور زراعت جا اوزار ۽ اڻڻ جا اوزار ۽
اڏاوت جا اوزار ۽ شڪار ڪرڻ جا اوزار، ھٿيار يا تھ
ڪاٺيءَ جا ھوندا آھن يا لوھھ جا يا حيوانن جي چمڙي
جا، ھاڻي ٽن ھنرن جي وڌيڪ ضرورت پئي، ڊکاڻڪو،
لوھارڪو ۽ موچيءَ جو، اھي ماڻھو اوزار بڻائيندڙ
آھن. ڊکڻ مان اسان جو اھو مطلب آھي، جيڪو ڪاٺيءَ
جو ڪم ڪري، اھڙيءَ طرح لوھارڪي مان اھو ڌنڌو آھي
جيڪو معدنيات يعني لوھھ ۽ سون وغيره جو ڪم ڪري ۽
موچيءَ جو مطلب آھي چمڙي جو ڪم ڪندڙ. پوءِ اھي ڪم
ڪھڙي بھ نموني جا ھجن. جو ھتي ان جو مطلب جنسن جو
بيان ڪرڻ آھي. اڪيلن ڌنڌن بيان ڪرڻ جو مقصد ناھي.
بس اھي ئي فن ۽ ھنر جو اصل آھن. وري انسان جي
پيدائش اھڙي قسم جي آھي جو ھو اڪيلو نٿو رھي سگھي
پر خانداني ۽ ميڙ واري زندگيءَ جو محتاج آھي. يعني
سندس جنس جو ٻيو انسان ساڻس گڏ رھي ۽ انساني جنس ۽
نسل جي باقي رھڻ لاءِ زال ۽ مڙس جو گڏ رھڻ بھ
ضروري آھي. گڏ رھڻ جو ٻيو سبب اھو آھي تھ گھر
ھلائڻ، ٻچن جي پرورش ۽ سامان جي تياري ۾ ھڪ ٻئي جي
مدد ٿئي ۽ ظاھر آھي تھ اھي سمورا ڪم ۽ اولاد جي
پيدائش ھڪ اڪيلي ماڻھوءَ کان تھ ٿي نھ ٿا سگھن.
وري اھو بھ ڪافي ناھي تھ ڪو شخص زال ۽ ٻارن کي وٺي
اڪيلي ڪنھن گھر ۾ رھي پوي. ائين تھ حياتي گذارڻ
ڏکيو ٿي پوندس. سو کيس ان لاءِ ٻين ماڻھن جو ساٿ
گھرجي جو ھڪ ماڻھو سمورا ھنر ۽ ڌنڌا تھ ڪو نھ ڪري
سگھندو. مٿال طور ھڪ ماڻھوءَ لاءِ تھ اھو بھ ممڪن
ناھي تھ ھو اڪيلي سر پوک ڪري ان ڪري جو کيتي وغيره
لاءِ زراعت جا اوزار گھرجن. انھن اوزارن کي ٺاھڻ
لاءِ وري ڊکڻ ۽ لوھر جو ھئڻ ضروري آھي ۽ غذا لاءِ
پيھڻ وارو، پچائڻ وارو گھرجي. اھڙيءَ ريت اڪيلو
لباس بھ حاصل ڪري نٿو سگھي جو ان ۾ اول تھ ڪپھھ جي
ضرورت، وري ان کي ڪتي ڪپڙو ٺاھڻ جو خفو آھي، خلاصو
ان ڳالھھ جو آھي تھ انسان جو اڪيلو گذارڻ مشڪل
آھي. گڏجي رھڻ جي ضرورت آھي. ھاڻي اھو گڏجي رھڻ
جيڪڏھن ڪنھن جھنگ ۾ آھي تھ گرميءَ، سردي ۽ مينھن ۽
چورن کان تڪليف پھچڻ جو خطرو آڏو آھي. ان لاءِ
ضروري ٿيو تھ پڪا گھر ٺاھي. ھر گھر وارو الڳ الڳ
پنھنجن ڀاتين ۽ سامان سان رھي ۽ مٿين مصيبتن کان
بچيل رھي. ڪڏھن ڪڏھن وري اھو خوف ٿيندو آھي تھ
متان ٻاھران ڪو چور اچي سڀني گھر وارن کي ڦري وڃي.
ان ڪري ضرورت شھر کي حفاظتي ڀت جي ھوندي آھي ٧ ان
ضرورت جي ڪري شھرن جو بنياد پوندو آھي. جڏھن ماڻھو
شھر ۾ گڏ رھڻ لڳندا آھن ۽ ھڪٻئي سان مختلف معاملا
ھلائيندا آھن تھ جھيڙا بھ ٿيندا آھن. مڙس جو زال ۽
ٻارن تي حڪم ھلندو آھي. حاڪم جو رعيت تي زور ھلندو
آھي. ان ۾ مختلف فساد پيدا ٿيندا آھن. جانورن تي
تھ حڪومت ۾ ڪو جھيڙو نھ ٿيندو آھي. چاھي انھن تي
ڪيترو بھ ظلم ڪيو وڃي پر زال پنھنجي مڙس سان ۽
اولاد پنھنجي پيءُ سان وڙھي پوندي آھي. اڃان بھ
اڳتي وڌجي تھ شھر جا ماڻھو جڏھن ھڪ ٻئي سان
ڪاروھنوار ھلائيندا آحڻ ٽح آڻحڻ ۾ بھ جھيڙا فساد
پيدا ٿي پوندا آھن. جيڪڏھن انھن کي ان ئي ويڙھھ
جھيڙ جي حالت ۾ ڇڏي ڏنو ُڃي تھ وڙھي وڙھي ناس ٿي
وڃن. اھڙيءَ طرح ڌنار ۽ زميندار ھڪ ئي چراگاھھ ۽
زمين جا دعويدار بڻجي ويندا آھن تھ ان مان بھ
جھيڙا پيدا ٿيندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ڪراڙپ يا
بيماريءَ جي ڪري ڪو شخص زراعت ۽ صنعت کان خارج ٿي
ويندو آھي تھ اھڙي شخص کي بھ ان حالت ۾ ڇڏي نھ ڏبو
جو اھو ھلاڪ ٿي ويندو. جيڪڏھن سڀني جي ذمي ان جي
خبر گيري رکبي تھ بھ ھر ڪو ھڪ ٻئي جي آسري اھو ڪم
نھ ڪندو ۽ جيڪڏھن ڪنھن خاص ماڻھوءَ جي حوالي ڪئي
وڃي تھ اھو اڪيلو ڇو اھا جوابداري نڀائيندو. انھن
سببن جي ڪري ڪيتريون صنعتون وجود ۾ اچي وڃن ٿيون.
جو پھرين پئمائش يعني ماپي ڏيڻ جو فن، ان مان زمين
جو مقدار جھيڙي جي قوت جھيڙي واري زمين ماپي ڌرين
۾ پوريءَ طرح ورھائي وڃي. ٻيو سپھھ گيري جو فن
جيڪو ترار جي زور سان شھر جي چورن وغيره کان حفاظت
ڪري. ٽيون پنچايت يا حڪومت جو فن جنھن سان جھڳڙن
جا فيصلا ڪيا وڃن، چوٿون فقه يعني اھو عشري قانون
جنھن سان خلق جو انتظام ٿئي ۽ ماڻھو ان جي حدن کي
قائم رکن ۽ معاملات ۽ انھن جي شرطن ۾ تاجوز نھ ڪن
يعني مقرر حدن کان ٻاھر نھ وڃن. پوءِ معلوم ٿيو تھ
سياست يعني جان مال ۽ شھر يا ملڪ جي ڪاروبار ھلائڻ
لاءِ اھي سڀ ڳالھيون ضروري آھن ۽ انھن منجھان ھر
ھڪ ڪم لاءِ ھڪ ماڻھو مخصوص صفت جو گھرجي جيڪو علم
۽ تميز ۽ ھدايت ۾ ھڪ خاص درجو رکندڙ ھجي. ھاڻي
جيڪڏھن اھي خاص لياقتن وارا خاص ڪمن ۾ مشغول ٿيندا
تھ ٻيو تھ ڪو ڪم انھن کان ساڳي وقت ٿين محال آھي ۽
... يعني زندگيءَ جو سامان ھنن لاءِ بھ ضروري آھي.
تنھنڪري انھن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ وري بين کي
لڳايو پيو وڃي. اھڙيءَ طرح جدا جدا ڪم جدا جدا
ماڻھن جي حوالي ٿيا. ھڪڙا واپار ۽ کيتي ڪري پيسا
پي اڪمائن تھ ٻيا وري انھن کان حفاظت لاءِ محصول ۽
ڍل وغيره وٺي سپاھين ۽ ججن ۽ بين ضرورتمندن کي پيا
ين ۽ ڪي وري حاڪمن ۽ بادشاھن جي صورت ۾ انھيءَ
ساري معاملي کي سڀنالڻ لاءِ مقرر ڪيا پيا وڃن.
معلوم ٿيو تھ ماڻھو ڌنڌي جي لحاظ کان مکيھ ٽن قسمن جا آھن. ھڪڙآ
ڪڙمي، ڌنار ۽ ڌنڌي ڌاڙي وارا، ٻيا اھل سيف (يعني
ترار وارا يا حڪومت ھلائڻ وارا ۽ ٽيان اھي جيڪي
ڪڙمين وغيره کان وصول ڪري اھل سيف کي ٿا پھچائن ۽
انھن کي اھل قلم جو نالو کڻي ڏجي. ھاڻي ڏسڻ گھرجي
تھ منڍ ۾ تھ حاجت رڳي غذا لباس ۽ گھر جي ھئي مگر
آخر معاملو وڏي ڪٿي وڃي پھتو. دنيا جي سڀني ڳالھين
جو اھو حال آھي. ھڪ ڪم شروع ڪيو تھ ڏھھ ٻيا پيدا
ٿي پوندا ۽ وڌندي وڌندي بي انتھا ٿي ويندا. گويا
دنيا دوزخ وانگر آھي جنھن جي اونھائيءَ جي ڪا حد
ڪانھي. انسان ھڪڙي کڏي ۾ ڪري ٿو تھ اتان وري ٻئي ۾
ٿو وڃي پوي ۽ آخر وڃي ٿو تحت الثريٰ کي پھچي.
وڌيڪ غور ڪري ڏسبو تھ اھي ڌنڌا۽ ڪاريگريون وري مال کانسواءِ
ڪامياب ٿيڻ محال آھن ۽ مال انھن شين جو نالو آھي
جيڪي روءِ زمين تي آھن ۽ ماڻھو انھن جو فائدو ٿا
وٺن. انھيءَ مال جي ڏيتي ليتي تي ئي ٿو دنيا جو
چرخو ھلي. غور ڪري ڏسبو تھ اھي سڀ ضرورت واريون
شيون وري ھڪ جاءِ تي ڪونھن. ڪيئي اھڙا ھنڌ آھن جتي
ڪاشتڪاري جا اوزار اصل آھن ئي ڪين ۽ ڪي لوھار ۽
مستري وري اتي ٿا رھن جتي کيتي جو نالو ئي ڪونھي.
انھيءَ ڪري کيتي واري کي ان ڏئي اوزار وٺڻا ٿا پون
۽ اوزارن واري کي اوزار ڏيئي ان وٺڻو ٿو پوي ۽
اھڙ:ءَ طرح خريد فروخت شروع ٿئي ٿي وڃي. مگر اھو
ضروري ناھي تھ ڪڙميءَ کي ۽ لوھار يا ڊکڻ کي ھڪ ٻئي
کان شين وٺڻ جي ضرورت ساڳي ئي وقت پوي. ممڪن آھي
تھ لوھار يا ڊکڻ ڪي شيون تيار ڪري مگر ڪڙميءَ کي
انھن جي انھن وقت ضرورت نھ ھجي. تنھنڪري وري ھڪ
نئون پيشو پيدا ڪرڻو پيو جنھن کي دڪانداري جو نالو
ڏنو ويو آھي. لوھار ۽ ڊکڻ جو سامان دڪانن تي ۽
ڪڙميءَ جو اناج مارڪيٽن ۽ منڊين تي وڃي ٿو گڏ ٿئي
۽ جيڪا شيءِ جنھن مھل بھ ڪنھن کي کپي تھ سڌو سنئون
وڃي وٺي ٿو سگھي. ھلو وري اڳتي، انھن دڪانن ۽
منڊين منجھھ وري نفعي جي اچي لالچ پئي. مال وٺن
سستو ۽ وڪڻن مھانگو، تان جو ملڪ ۾ وڏا وڏا سيٺيون
۽ شاھوڪار اچي پيدا ٿيا. معاملو اتي بھ نھ بيٺو
نفعي جو ذائقو چڱي ماڻھو ھڪڙي ڳوٺ منجھان ٻئي ڳوٺ
ڏي ھڪڙي شھر منجھان ٻئي شھر ۾ اڻ لڀ ۽ ضرورت
واريون شيون کڻي وڃڻ لڳا ۽ قافلن جي ذريعي وڻج
واپار شروع ٿي ويو. ھن ڌنڌي تھ ھڻي وري ماڻھن جو
ننڊ آرام ڦٽائي ڇڏيو. نھ رات ننڊ نھ ڏينھن آرام.
برابر لڳاتار سفر پيو ھلي. جيڪڏھن غور ڪري ڏسبو تھ
ھن ڌنڌي ۾ فائدو ٻين جو آھي جن کي ضرورت جو مال
ملي ٿو وڃي. واپاريءَ کي نھ فقط دنا وڌيڪ ڪٺي ڪرڻ
جو غرض ھوندو آھي جنھن کي ھڪڙي ڏينھن لٽيرا ڦري ٿا
وڃنس يا ڪو زبردست حاڪم زوري کسي ٿو وٺيس ۽ ھو
اھڙي جو اھڙو رھجي ٿو وڃي. مگر خدا تعاليٰ ھن کي
اھو راز ھرگز نھ ٻڌايو. ھو برابر غفلت ۽ جھالت ۾
ڳھندو ٿو رھي ۽ ھن جي ويسر ۽ ناداني سان شھرن ج
ڌنڌن جو انتظام ۽ سڌارو ۽ خدا جي بندن جي بھتري
پئي ٿي ٿئي. وري جيڪڏھن انھيءَ ڳالھھ جو خيال ڪيو
تھ اھو سوداگريءَ جو مال وڃي ڇا تي ٿو تھ ان لاءِ
ٻھ صورتون نظر اينديون يا تھ سوداگر کي سواري
پنھنجي آھي يا پاڙي تي ٿو وٺي. مگر ڏٺو ويو آھي تھ
گھڻو ڪم ڀاڙي تي ٿو ھلي. انھيءَ ڪري سامان ڍوئڻ ۽
ڀاڙي ڪمائڻ جو بھ ھڪ جدا پيشو پيدا ٿي پيو.
ھن کان سواءِ وري آيو ناڻي جو وارو، جيڪو ماڻھو ڪپڙي جي عيوض ۾
ان خريد ڪرڻ پيو چاھي ان کي اھا خبر نھ پئي پوي تھ
ڪيترو ڪپڙو ڏئي ڪيترو ان وٺي ٿو سگھان. پھريائين
تھ اڪي ڌڪي تي ڪم ھلندو رھيو مگر نيٺ وڃي معدنيات
منجھان سون چاندي ۽ ٽامي وغيره جا سڪا تيار ٿيا جن
وري ضرب خانا ۽ صرافن جا دڪان وجود ۾ آندا. اھڙيءَ
طرح نفس جي لالچ ۽ حرص ھڪڙن ڌنڌن منجھان ٻيا ڌنڌا
ڪڍي دنيا کي انھيءَ ڏاڪي تي آندو آھي جيڪا اسين
ھينئر ڏسي رھيا آھيون يعني ڪوئي بھ ماڻھو بنا ڪنھن
ڌنڌي يا ڪاريگري جي روزي حاصل ڪر نٿو سگھي. |