آبان بن عثمان کان روايت آھي تھ ڪنھن ماڻھوءَ گھريو تھ حضرت
عبدالله بن عباس رضھ کي ڪجھھ نقصان پھچايان. اھو
ارادو ڪري ھن وڃي قريش جي سڀني سردرن کي دعوت ڏني
تھ سڀاڻي صبح جي ماني اوھان سڀ حضرت عبدالله وٽ
کائيندا. ماڻھو ھن جي چوڻ تي عمل ڪيو. صبح جو سڀ
اچي حضرت عبدالله جن جي گھر گڏ ٿيا. ايتري انداز ۾
جو گھر ۾ ويھڻ جي جاءِ بھ نھ پئي ٿئي. پاڻ سڀني
کان اچڻ جو احوال پڇيائون ھنن سڀني ماجرا بيان ڪئي
تھ فلاڻي ماڻھوءَ جي ھٿ اوھان جو پيغام پھتو تھ
صبح جي ماني اوھان وٽ اچي کائون. پاڻ اھو بڌڻ سان
ئي ميوا گھرائي کڻي مھمانن جي اڳيان رکيا ۽ پنھنجن
ماڻھن کي حڪم ڪيائين تھ يڪدم کاڌو تيار ڪيو. اڃا
مھمانن ميوو کائي پورو ئي ڪو نھ ڪيو تھ کاڌو تيار
ٿي ويو ۽ سڀئي کائي خوش ٿي ھليا ويا. جڏھن مھمان
ھليا ويا تھ پاڻ پنھنجن ڪم وارن ماڻھن کي گھرائي
پڇيائون تھ جيترو خرچ کاڌي تي اڄ ٿيو آھي اھو ھر
روز ٿي سگھي ٿو. انھن جواب ڏنو تھ ٿئي ٿو سگھي.
تنھن تي پاڻ فرمايائون تھ اھي سڀ ماڻھو ھر روز ھتي
اچي صبح جو کاڌو کائن.
حضرت مصعب بن زبير کان روايت ٿيل آھي تھ ھڪ سال امير معاويھ حج
لاءِ ويو ۽ اتان مديني جو ارادو ڪيائين. جڏھن
مديني منوره ۾ پھتو تھ حضرت امام حسين رضھ پنھنجي
ڀاءُ حضرت امام حسن رضھ کيچيو تھ توھان ھن جي نھ
ملاقات ڪجو نھ سلام عليڪ ڪجو. جڏھن ھو مديني منوره
کان نڪتو تھ امام حسن رضھ فرمايو تھ اسان تي ھن جو
قرض آھي اسان ضرور ھن سان ملنداسين. سو سوار ٿي
وڃي دڳ تي امير معاويھ کي سلام عليڪ ڪيو ۽ ھن جي
قرض بابت ٻڌايو. ايتري ۾ اسي ھزار دينارن سان لڏيل
ھڪ ڏاچي، امير معاويھ وٽ وٺي آيا ۽ انھيءَ ڏاچيءَ
تي دينارن جو ايترو بار ھيو جو ھوءَ ھلي مس پئي
سگھي. ماڻھو ھن کيزبردتي ڪاھيون پئي آيا. امير
معاويھ پڇيو تھ ھن ۾ ڇا آھي؟ ماڻھن ٻڌايس تھ ھن ۾
اسي ھزار دينار آھن. حڪم ڪيائين تھ اھا سموري رقم
ڏاچيءَ سميت امام حسن رضھ کي وڃي ڏئي اچو.
حضرت واقد پنھنجي پيءُ محمد واقديءَ جو حال ٿو بيان ڪري تھ انھن
ھڪ خط خليفھ مامون رحھ ڏي لکيو تھ مون تي قرض گھڻو
ٿي ويو آھي ۽ مان وڌيڪ صبر ڪري نٿو سگھان. خليفي
انھيءَ خط جي پٺيءَ تي لکيو تھ توھان اھي شخص آھيو
جنھن ۾ ٻھ عادتون يعني سخاوت ۽ حيا جون ڪٺيون آھن.
سخاوت جي ڪري توھان وٽ مال ڪو نھ رھيو ۽ حيا جي
ڪري توھان اسان کي ڪا خبر ڪا نھ ڏني. ھاڻي مان ھڪ
لک درھم توھان کي ڏياريان ٿو. جيڪڏھن مان توھان جي
ٻي ڪا خدمت ڪرڻ جي لائق آھيان تھ اھا بھ ٻڌائجو ۽
ماڻھن کي ڏيندا رھو. جيڪڏھن نھ ڏيندو تھ اھو قصور
توھان جو ٿيندو ۽ ياد ڪريو جڏھن توھان خليفھ رشيد
جي زماني ۾ قاضي ھيا تھ ھڪ حديث توھان مون کي
ٻڌائي ھئي تھ محمد بن اسھاق، زھري کان راوي آھي ۽
ھو حضرت انس رضھ کان ۽ ھو آنحضرت ' جن کان تھ پاڻ
حضور ' جن حضرت زبير بن عوام رضھ کي فرمايو تھ ”اي
زبير! اھا ڳالھھ سمجھي ڇڏ تھ بندن جي رزق جون
ڪنجيون عرش معليٰ جي سامھون آھن. جيتري قدر جيڪو
بندو خرچ ٿو ڪري اوتري قدر الله تعاليٰ ھن کي
موڪلي ٿو ڏئي. جيڪو زياده ٿو ڪري اوتري قدر الله
تعاليٰ ھن کي موڪلي ٿو ڏئي. جيڪو زياده ٿو خرچ ڪري
تنھن کي زياده ٿو ملي ۽ جيڪو ٿورو ٿو خرچ ڪري تنھن
کي ٿورو ٿعو ملي.“ توھان کي تھ مون کان وڌيڪ
انھيءَ ڳالھھ جي خبر آھي. واقدي ٿو چوي تھ خدا ٿو
ڄاڻي تھ مون کي خليفي مامون جا ھڪ لک درھم ايترا
پيارا ناھن جيترو مون کي ھن حديث جو مضمون ياد
ڏيارڻ مون کي سھڻو ٿو لڳي.
ھڪڙي شخص امام حسن رضھ کان ڪنھن حاجت جو سوال ڪيو. پاڻ
فرمايائونس تھ تو جيڪو اسان کان سوال ڪيو آھي
انھيءَ جو حق مون تي وڏو آھي ۽ مون لاءِ اھا ڳالھھ
سمجھڻ بھ دشوار آھي تھ مان توکي ڇا ڏيان. جيتري جو
تون لائق آھين اوترو مون وٽ ڪونھي. انھيءَ کان
سواءِ ال تعاليٰ جي راھھ ۾ گھڻو ڏيڻ بھ ٿورو آھي.
منھنجي قبضي ۾ تنھنجي حاجت جيترو تھ ڪونھي. مگر
جيڪڏھن تون ٿوري تي قناعت ڪرين ۽ مون کي زياده ڏين
جي لاءِ ڪنھن تڪليف ۽ حيلي ۾ نھ وجھين تھ البتھ
جيڪي آھي سو مان توکي ڏيان. ھن عرض ڪيو تھ ”اي ابن
رسول الله! جيڪي اوھان ڏيندو مون کي قبول آھي.
جيڪڏھن اوھان نھ ڏيندو تھ اوھان کي معذور ڄاڻندس.
امام صاحب جن پنھنجي ڪار پرداز کي سڏايو ۽ ان کان
پنھنجي خرچ جو حساب ورتو. حساب ڪرڻ کانپوءِ
فرمايائونس تھ ٽن لکن درھمن منجھان جيڪي بچيل آھي
اھو کڻي اچ. ھن پنجاھھ ھزار درھمن کي اچي اڳيان
حاضر ڪيو. پاڻ فرمايائونس تھ پنج سؤ دينار بھ تھ
ھئا. انھن جو ڇا ٿيو. ڪار پردازن چيو تھ اھي مون
وٽ موجود آھن. پاڻ اھي بھ گھرايائون ۽ سڀ دينار ۽
درھم انھيءَ سائل جي حوالي ڪري ڇڏيائون ۽ چيائونس
تھ انھن کي کڻي وڃڻ لاءِ مزور کي وٺي اچ. جڏھن اھو
مزور آيو تھ ھن کي پنھنجي چادر مزوريءَ ۾ ڏئي
ڇڏيائون. سندن خادمن عرض ڪيو تھ اسان وٽ نڪو دينار
بچيو آھي نڪو ڪو درھم. پاڻ فرمايائون تھ الله
تعاليٰ ھن جو ثواب تمام گھڻو عنايت فرمائيندو.
حضرت ابن عباس رضھ جڏھن بصري جو گورنر ھو تھ ھن وٽ ھڪڙي دفعي
اتاھون جا قاري اچي ڪٺا ٿيا ۽ عرض ڪيائون تھ اسان
جو ھڪ پاڙيسري آھي ھو ڏينھن جو روزو ٿو رکي ۽ رات
جو ساري رات ٿو جاڳي. اسان منجھان ھر ھڪ ٿو چاھي
تھ جيڪر ھن جھرو ٿيان. ھن پنھنجي نياڻي جو نڪاح
پنھنجي ڀائٽي سان ڪيو آھي مگر ھو ايترو مفلس ۽
نادار آھي جو ھن وٽ ايترو بھ ڪونھي جو کڻي نياڻي
کي ڏاج ڏئي سگھي. حضرت عبدالله ابن عباس اٿي کڙو
ٿيو ۽ انھن ماڻھن کي ھٿ کان وٺي پنھنجي گھر وٺي
آيو ۽ ھڪڙي صندوق کولي ان منجھان ڇھھ ٿيلھيون
ڪڍيون ۽ حڪم ڪيائين تھ اھي کڻو. انھن اھي کنيون.
پوءِ فرمايائون تھ اھا تھ چڱي ڳالھھ ناھي جو اسان
ھڪ مسلمان ماڻھوءَ کي اھڙي شيءِ ڏيون جيڪا ھن جي
روزه داري ۽ شب بيداريءَ ۾ خلل وجھي. ھلو تھ اسان
سڀئي گڏجي ھلي ھن جي نياڻيءَ کي رخصت ڪرائي ڇڏيون.
اسان سمجھون ٿا تھ دنيا جي ڪا ايتري حقيقت ڪانھي
جو ڪنھن پڪي مؤمن کي خدا تعاليٰ جي عبادت کان روڪي
مگر اسان ۾ بھ ايترو تڪبر ڪونھي جو اولياءَ الله
جي خدمت نھ ڪريون. ھي چئي پاڻ سڀني ھمراھن سان
گڏجي ويا ۽ ھن مسڪين جو ڪم بلڪل خاطر خواه سر
انجام ٿي ويو.
روايت آھي تھ مصر ۾ ھڪ دفعي جڏھن ڏڪار پيو تڏھن عبدالمجيد بن
سعد رحھ جي اميريءَ جو زمانو ھو. ھن چيو تھ خدا جو
قسم آھي تھ مان شيطان کي چڱيءَ طرح جتائيندس تھ
مان ھن جو دشمن آھيان. پوءِ سولائي ۽ سڻائيءَ جي
وقت تائين سڀني ماڻھن جون حاجتون پوريون ڪندو رھيو
جڏھن وقت پورو ڪري نوڪريءَ تان لٿو تھ ھن تي
سوداگرن جا ڏھھ لک درھم رھجي ويا. پنھنجن زالن جا
زيور ڳھھ رکيائين جيڪي پنجاھھ ڪروڙ درھمن جا ھئا.
جڏھن اھي زيور ڇڏائي نھ سگھيو تڏھن سوداگرن کي لکي
موڪليائين تھ اھي ڳھھ ڳاري ڇڏيو ۽ اوھان منھنجي
رقم ڪاٽي ڪري باقي رقم انھن ماڻھن ۾ تقسيم ڪري
ڇڏيو جن کي منھنجي ھٿان اڄ تائين ڪجھھ بھ نھ پھتو
آھي.
ابو طالب بن ڪثير ھڪ شيعو ھو. ڪنھن سائل اچي سوال ڪيس تھ مرتضيٰ
علي رضھ جي نالي تي مون کي پنھنجو فلاڻو باغ بخشش
ڪر. جواب ڏنائينس تھ اھو باغ تھ مان توکي ڏنو پر
انھيءَ باغ جي ڀرسان جيڪو ٻيو باغ آھي ۽ جيڪو
انھيءَ باغ کان ٻيڻو ٽيڻو آھي اھو بھ مان توکي
ڏنو.
ابو مرثد نالي ھڪ سخي ھو. ڪنھن شاعر ھن جي تعريف ۾ ڪجھھ لکيو.
ان وقت ھن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجھھ بھ ڪو نھ ھو. شاعر کي
چيائين تھ ڌڻي تعاليٰ ڏسي پسي ٿو تھ مون کي ھن وقت
ڪجھھ بھ ڪونھي جو توکي کڻي ڏيان. باقي ھڪڙي صلاح
آھي تھ تون وڃي قاضيءَ وٽ مون تي ڏھن ھزارن درھمن
جي دعويٰ ڪر. مان اھا رقم قبول ڪندس. پوءِ قاضي
مون کي جيل ڏي موڪليندو. منھنجا مائٽ اميد آھي تھ
مون کي جيل ۾ رھڻ نھ ڏيندا ۽ رقم توکي ملي ويندي
شاعر ائين ڪيو ۽ ابو مرثد کي قاضي جيل ڏي روانو
ڪيو. اڃا شام ئي ڪا نھ ٿي تھ مائٽ ڏھھ ھزار درھم
شاعر کي ڏئي ابو مرثد کي جيل منجھان ڪڍرائي ويا.
معن بن زائده جڏھن ٻنھي عراقن جو عامل ھو ۽ بصري ۾ رھندو ھو تھ
ھڪڙو شاعر ھن وٽ آيو. ڪافي مدت تائين انتظآر
ڪيائين مگر ھن جي پيشي نھ پئي ٿي سگھي. ھڪڙي ڏينھن
شاعر ھڪڙي نوڪر کي عرض ڪيو تھ امير صاحب جڏھن باغ
۾ اچي تھ ان وقت مون کي اطلاع ڏجان. نوڪر ائين
ڪيو. شاعر ھڪ سڪل ڪاٺيءَ تي شعر لکيو ۽ اھا ھڪڙي
ڪسيءَ ۾ کوڙي ڇڏي جتان امير جو گذر ھو. جڏھن امير
جي نظر انھيءَ کتل ڪاٺيءَ تي پيئي تھ شاعر کي
گھرايائين ۽ پڇيائين تھ تو ڪھڙو شعر چيو آھي. شاعر
ساڳيو شعر ٻڌايس جيڪو ڪاٺيءَ تي لکيو ھئائين. انھي
سعر جي معنيٰ ھيءَ ھئي ”اي معن جي سخا! تون منھنجي
معين يا مددگار ٿي معين جي درٻار ۾ پھچڻ لاءِ ناھي
ڪو توکان سواءِ ھن تائين منھنجو ٻيو شفيع (يعني
سفارش ڪرڻ وارو)“ امير يڪدم ھن کي ڏھھ ھزار درھم
ڏياريا ۽ ڪاٺي کي وھاڻي ھيٺيان رکي ڇڏيو. ٻئي
ڏينھن وري اھا ڪاٺي کڻي اھو شعر پڙھيو ۽ شاعر کي
گھرائي ھن کي ھڪ لک درھم ڏياريا. شاعر کي اچي فڪر
۽ خوف ورتو تھ متان اڳتي ھلي اھو انعام کسي نھ وٺن
سو يڪدم شھر ڇڏي ھليو ويو. جڏھن ٽيون ڏينھن ٿيو تھ
امير وري بھ اھو شعر ڪاٺيءَ تي پڙھي شاعر کي سڏايو
تھ ڪجھھ ڏيانس. پتو پيس تھ شاعر ڊپ کان شھر ئي ڇڏي
ويو آھي. تڏھن چيائين تھ شاعر اجائي تڪڙ ڪئي. مان
تھ ھن کي ايترو ڏيان ھا جو مون وٽ نھ درھم رھي ھا
نھ دينار.
ابو الحسن مدائني ٿو روايت ڪري تھ ھڪڙي دفعي حضرت امام حسن رضھ،
امام حسين رضھ ۽ عبدالله بن جعفر رضھ ٽئي حج لاءِ
روانا ٿيا. واٽ تي قافلي کان ٿورو الڳ ٿي ويا تھ
انھن کي اڃ ۽ بک اچي ورتو. واٽ تي ڏٺاون تھ ھڪڙي
پوڙھي ڪنھن جھوپڙيءَ ۾ ويٺي آھي. ٽئي صاحبزادا
جڏھن جھوپڙيءَ وٽ پھتا تھ پڇيائون تھ پاڻي آھي.
مائيءَ چين تھ ھائو آھي. اھو ٻڌي ٽئي ڄنا لھي پيا.
ھن مائي وٽ ھڪ ٻڪري بيٺل ھئي. چيائين تھ اھا ٻڪري
ڏھندا انھيءَ جو کير پيئندا وڃو. جڏھن کير پي بس
ڪيائون تھ پڇيائون تھ تو وٽ کائڻ لاءِ بھ ڪجھھ
آھي. تنھن تي مائيءَ وراڻي ڌنن تھ مون وٽ ٻڪريءَ
کانسواءِ ٻيو ڪجھھ بھ موجود ڪونھي. توھان منجھان
ڪو انھيءَ کي ڪھي ٺاھي صاف ڪري مون کي ڏئي تھ مان
اوھان کي پچائي ڏيان. انھن منجھان ھڪڙي صاحبزادي
بڪري ذبح ڪئي. گوشت پچي تيار ٿيو ۽ سڀئي کائي خوش
ٿيا. ٽپھري تائين اتي ترسيا. جڏھن ھلڻ لڳا تھ
پوڙھيءَ کي چيائون تھ اسان قريشي آھيون ھاڻي حج تي
ٿا وڃون. اتان جيڪڏھن سلامت موٽياسين تھ پوءِ تون
اسان وٽ اچجانءِ. اسان توکي ججھو ڏينداسين اھو چئي
ھليا ويا. جڏھن عورت جو مڙس آيو تھ ھن کي صاحبزادن
جي اچڻ جو ۽ ٻڪريءَ کي ذبح ڪري کارائڻ جو قصو
ٻڌايو. ھو ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙجي ويو تھ منھنجي ٻڪري خدا
ڄاني الائي ڪنھن کي کارائي ڇڏي اٿس ۽ ھاڻي ٿي چوي
تھ اھي صاحب قريش ھئا. گھڻي مدت کانپوءِ انھيءَ
مرد ۽ عورت کي مدينھ منوره ۾ اچڻ جي ضرورت ٿي. اتي
پھچي اٺ جا ليڏڻا ميڙي اھي وڪڻي وقت گذاريندا ھئا.
اتفاق سان ھڪڙي ڏينھن اھا پوڙھي اچي اتان لنگھي
جتي حضرت امام حسن رضھ پنھنجي گھر جي دروازي تي
ويٺو ھو. پاڻ مائيءَ کي سڃاتائون مگر مائيءَ کين
نھ سڃاتو. امام صاحب جن نوڪر کي حڪم ڪيو ۽ ھو وڃي
انھيءَ پوڙھيءَ کي وٺي آيو. پاڻ پڇيائونس تھ مائي
تون اسان کي سڃاڻين ٿي. عرض ڪيائين تھ مان نٿي
سڃاڻان. پاڻ فرمايائونس تھ مان اھو آھيان جيڪا
فلاڻي ڏينھن تو وٽ مھمان ٿيو ھوس. ھن عرض ڪيو تھ
منھنجا پيءُ ۽ ماءُ اوھان تان قربان ٿين. اوھان
ھيو؟ پاڻ فرمايائون تھ ھائو مان ھيس. پوءِ ھڪ ھزار
ٻڪريون ۽ ھڪ ھزار دينار پوڙھيءَ کي ڏئي ۽ نوڪر کي
حڪم ڪيائون تھ ھن مائيءَ کي وڃي امام حسين رضھ وٽ
ڇڏي اچ. امام حسين مائي کان پڇيو تھ منھنجي ڀاءُ
توکي ڇا ڏنو آھي. عرض ڪيائين تھ ھي ھي ڏنو اٿس.
تنھن تي امام صاحب بھ اوترو ئي عنايت ڪيس ۽ نوڪر
کي حڪم ڪيائون تھ ھن مائيءَ کي عبدالله بن جعفر
رضھ وٽ ڇڏي اچ. حضرت عبدالله مائي کان پڇيو تھ
حسين رضھ توکي ڇا ڏنو آھي. ھن عرض ڪيو تھ ٻھ ھزار
ٻڪريون ۽ ٻھ ھزار دينار. تنھن تي ھن بھ ٻھ ھزار
ٻڪريون ۽ ٻھ ھزار دينار پنھنجي طرفان ڏنا ۽ مائيءَ
کي چيائون تھ جيڪڏھن تون پھريائين مون وٽ اچين ھا
تھ مان توکي ايترو ڏيان ھا جو حسنين رضھ کي ڏيڻ
ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ھا. پوڙھي چار ھزار بڪريون ۽ چار
ھزار دينار وٺي مڙس وٽ آئي ۽ ٻڌايائينس تھ ھي آھي
عيوض انھيءَ ٻڪريءَ جو جيڪا قريش وارن تنھنجي کاڌي
ھئي.
ھڪ دفعي عبدالله بن عامر بن ڪريز مسجد منجھان اڪيلو پنھنجي گھر
ڏي پيو وڃي تھ ثقيف جي قوم جو ھڪڙو ڇوڪرو ھن سان
گڏجي ھلڻ لڳو. ان کان پڇيائون تھ تنھنجو ڪو مون ۾
ڪم آھي ڇا. ھن وراني ڏني تھ مون کي ڪو بھ ڪم
ڪونھي. توھان اڪيلا وڃي رھيا ھئا مون کي خيال آيو
تھ مان اوھان سان گڏجي ھلان. رستي تي خدا نخواستھ
ڪجھھ ٿي پوي تھ اھو مان پاڻ تي کڻان ۽ اوھان کي
بچايان. عبدالله ھن کي ھٿ کان ورتو ۽ گھر اچي ھن
کي ھزار دينار عنايت ڪيا ۽ چيائينس تھ توکي تنھنجي
پالنا ڪرڻ واري ڏاڍي سھڻي سکيا ڏني آھي. وچ ۽ ھي
دينار وڃي پنھنجي ڪم ۾ خرچ ڪر.
ڳالھھ ٿا ڪن تھ ھڪڙو عربن جو قافلو پنھنجي قوم جي ھڪ سخي مرد جي
قبر جي زيارت لاءِ روانو ٿيو ۽ وڏا ڪشالا ڪري اچي
انھيءَ قبر تي پھتا. ھن سخيءَ وٽ ھڪڙو گھوڙو ھوندو
ھو جيڪو سڄي قوم ۾ مشھور ھو. جڏھن ھي ماڻھو رات جو
ستا تھ انھن منجھان ھڪڙي انھيءَ سخي مرد کي خواب ۾
ڏٺو جيڪو چويس پيو تھ جيڪڏھن تون پنھنجو اٺ مون کي
ان گھوڙي جي عيوض ۾ ڏئين تھ مان جيڪر اھو اٺ ڪھي
اوھان جي مھماني ڪريان. ھن مانھوءَ جواب ڏنس تھ
ڏاڍو چڱو. مون کي اھا ڳالھھ قبول آھي. پوءِ ڏٺائين
تھ اھو مئل ماڻھو اٺ ڏي ويو ۽ وڃي اٺ کي ذبح
ڪيائين. اھو اٺ چڱو ٿلھو متارو ھو. ايتري ۾ انھيءَ
ماڻھوءَ جي اک کلي وئي. ڏٺائين تھ واقعي انھيءَ اٺ
جي گردن منجھان خون جاري ھو يڪدم وڃي ان کي ذبح
ڪيائين ۽ گوشت صاف ڪري سڀني ۾ تقسيم ڪيائين ۽ کائي
پي سڀ اتان موٽڻ لڳا. ٻئي ڏھاڙي رستي ۾ انھن کي ڪي
سوار مليا. انھن منجھان ھڪڙي قافلي وارن کان پڇيو
تھ فلاڻي نالي سان اوھان منجھان ڪير آھي ۽ ھي
انھيءَ شخص جو نالو ھو جنھن خواب ڏٺو ھو. ھن جواب
ڏنو تھ اھو شخص مان آھيان. ھن سوار پڇيس تھ فلاڻي
ماڻھوءَ کي تو ڪجھھ وڪڻي ڏنو آھي. ھن جواب ڏنو تھ
ھائو خواب ۾ مان پنھنجو اٺ ھن جي گھوڙي جي عيوض ۾
ھن کي وڪيو آھي. ھن چيس تھ چڱو وٺ ھي انھيءَ مرد
جو گھوڙو موجود آھي. پوءِ ٻڌايائينس تھ اھو شخص
منھنجو پيءُ ھو. رات مون کي خواب ۾ چيائين تھ
جيڪڏھن تون منھنجو پٽ آھين تھ ھي گھوڙ وڃي فلاڻي
شخص کي ڏي. سو مان انھيءَ حڪم جي تعميل ڪرڻ آيو
آھيان.
ھڪڙي قريشي شخص جو گذر ھڪڙي عرب وٽان ٿيو جيڪو رستي تي ھٿن پيرن
کان معذور ۽ سخت مفلسي ۽ مرض ۾ مبتلا ٿيو پيو ھو.
قريشي کي ڏسي ھو چوڻ لڳو تھ اي ميان صاحب! ڪجھھ
منھنجي مدد ڪريو. ھن پنھنجي غلام کي چيو تھ جيڪي
خرچ منجھان بچيو آھي اھو ھن کي ڏئي ڇڏ. غلام چار
ھزار درھم ھنب جي جھولي ۾ وجھي ڇڏيا. معزور
ماڻھوءَ چاھيو تھ انھن درھمن کي کڻي جيڪر اٿان مگر
ھيڻائيءَ جو ماريل اٿي نھ سگھيو ۽ روئي ڏنائين.
قريشي چيس تھ تون شايد انھيءَ ڪري ٿو روئين جو
جيڪي مون توکي ڏنو آھي اھو ٿورو آھي. ھن چيو تھ ھي
سبب ناھي بلڪھ ھي سبب آھي تھ مون کي خيل آيو تھ
دنيا فاني آھي ۽ ھي زمانو تنھنجي سخاوت کي بھ کائي
ويندو يعني تنھنجي مرڻ سان گڏ تنھنجي سخاوت بھ ختم
ٿي ويندي.
حضرت عبدال بن عامر رضھ، حضرت خالد بن عقبھ رضھ کان ان جو گھر
جيڪو بازار ۾ ھيو نوي ھزار درھمن ۾ ريد ڪيو ھو.
جڏھن رات ٿي تھ خالد رضھ جي گھر وارن جي روئڻ جو
آواز حضرت عبدالله رضھ جي ڪنن تي پھتو. پڇيائين تھ
اھي ڇو ٿا روئن، ماڻھن ٻڌايس تھ اھي پنھنجي گھر
لاءِ ٿا روئن جيڪو توھان خريد ڪيو آھي. انھيءَ مھل
پنھنجي غلام کي ڀڄايائون تھ وڃي انھن گھر وارن کي
چئو تھ ھي مال ۽ گھر اوھان جو آھي مان دعويٰ ڇڏي.
روايت آھي تھ خليفھ ھارون رشيد حضرت امام مالڪ بن انس رحھ جي
خدمت ۾ پنج سؤ دينار موڪليا. ھيءَ خبر ليث رحھ کي
پھتي. ھن امام صاحب ڏي ھڪ ھزار دينار موڪلي ڏنا.
ھارون رشيد حضرت ليث رحھ کي گھرائي عتاب ڪيو تھ
تون ھڪ رعيتي آھين. ٻڌاءِ تھ جڏھن مان امام صاحب
ڏي پنج سؤ دينار موڪليا تھ تو ھڪ ھزار ڇو موڪليا.
وراڻي ڏنائين تھ يا امير المؤمنين مون کي ھر روز
ھڪ ھزار دينار جي آمدني آھي. مان خيال ڪيو تھ اھڙي
بزرگ ھستيءَ کي ھڪ ڏينھن جي آمدني کان گھٽ ڇا
ڏيان. ليث بن سعد رھھ جي سخاوت مشھور آھي. اھو ئي
سبب آھي جو ھڪ ھزار دينار جي آمدني ھوندي بھ ھن تي
زڪوات واجب نھ ھوندي ھئي. ھڪ دفعي ھڪ عورت ھن کان
ٿوري ماکي گھري تھ ھن ھڪ پوري ڀريل مشڪ ماکيءَ جي
ھن کي ڏئي ڇڏي. ماڻھن چيس تھ ھن مائيءَ تھ توکان
ٿوري گھر ڪئي تو گھڻي ڇو ڏني. جواب ڏنائين تھ ھن
پنھنجي ضرورت مطابق گھري ۽ مان ڌڻي تعاليٰ جي ڏنل
نعمت مطابق ڏني. چون ٿا تھ اھو ھن جو دستور ھو تھ
جيسين تي سؤ سٺ مسڪينن کي کاڌو ۽ خيرات نھ ڏيندو
ھو تيسين ڪا بھ ڳالھھ زبان منجان نھ ڪڍندو ھو.
اعمش روايت ٿو ڪري تھ منھنجي ھڪ ٻڪري بيمار ٿي پئي. حثيمھ بن
عبدالرحمان ھر روز صبح جو اچي پڇندو ھو تھ ٻڪري
گاھھ کائي ٿي يا نھ ۽ تنھنجا ٻار کير کانسواءِ
ڪيئن گذاريندا ھوندا. اھو چئي منھنجي ھنڌ جي
ھيٺيان ڪجھھ رکي ويندو ھو ۽ وڃڻ مھل چوندو ھو تھ
ھنڌ جي ھيٺان جيڪي پيو آھي اھو کڻجانءِ. مان حساب
ڪيو تھ ٻڪري جي بيماريءَ جي ڏينھن ۾ مون کي ٽي سؤ
دينار ملي چڪا ھئا. اھو حال ڏسي منھنجي دل ۾ تمنا
پيدا ٿي تھ اھا ٻڪري جيڪر ائين بيمار رھي تھ ڏاڍو
چڱو. |