بيان
ڇھون
دل جو مثال عملن مطابق
واضح رھي تھ علم جو محل يعني رھڻ جي جاءِ آھي قلب يا دل يعني اھ
لطيفو جيڪو سڀني عضون جو ڪاروبار ھلائي ٿو ۽ سڀئي
عضوا ان جي تابعداري ۽ خدمت ڪن ٿا. ھن قلب جي
نسبت، معلومات سان اھڙي آھي جھڙي آئيني جي تصويرن
سان. يعني جھڙيءَ طرح تصوير آئيني ۾ نقش بڻجي ان ۾
موجود رھي ٿي تھڙيءَ طرح ھر ھڪ معلوم شيءِ يعني
اھا شيءِ جيڪا علم ۾ آندي وڃي ٿي پنھنجي تصوير قلب
جي آئيني تي عڪس جي صورت ۾ اڇلائي ان تي واضح ٿي
وڃي ٿي. ڄاڻڻ گھرجي تھ جھڙيءَ طرح آئينو ھڪ جدا
شيءِ آھي، تصوير ٻي شيءِ آھي ۽ ان تصوير جو آئيني
۾ اچڻ وري ٽين نرالي شيءِ آھي. تھڙيءَ طرح دل جي
باري ۾ بھ ٽي جدا جدا شيون آھن. ھڪڙو قلب، ٻي ڪنھن
شيءِ جي حقيقت ۽ ٽيون انھيءَ حقيقت جو قلب ۾ اچڻ.
ھن حساب سان قلب آھي عالم، جنھن ۾ شين جون حقيقتون
حلول ٿيون ڪن يا سمائجن ٿيون ۽ شين جون حقيقتون
آھن معلوم ۽ انھن حقيقتن جو قلب ۾ حاضر ٿيڻ آھي
علم.
ٻيو مثال عالم، معلوم ۽ علم جو ھي آھي تھ ڪنھن بھ شيءِ جي قبضي،
گرفت يا پڪڙ لاءِ ٽي شيون ضروري آھن. ھڪ گرفت يا
پڪڙ ڪرڻ واري شيءِ جھڙوڪ ھٿ، ٻي اھا شيءِ جنھن جي
گرفت يا پڪڙ ڪئي وڃي ٿي. جھڙوڪ ترار ۽ ٽين شيءِ
آھي ھٿ ۽ ترار جو پاڻ ۾ ملڻ، جنھن کي اصل ۾ قبضو
يا گرفت ٿو سڏيو وڃي. ساڳيءَ طرح معلوم جي تصوير
جو دل ۾ پھچڻ جو نالو آھي علم. بعضي ڪا شيءِ موجود
ھوندي آھي ۽ قلب بھ موجود ھوندو آھي مگر علم ڪو نھ
ھوندو آھي ڇاڪاڻ تھ علم نالو آھي ڪنھن شيءِ جي
حقيقت جو دل تائين.
ھڪ حديث شريف ۾ آھي تھ ”نھ پھچي مون کي ۽ نھ مان پھچان انھيءَ
زماني کي جنھن ۾ ماڻھو نھ پيروي ڪن عالم جي ۽ نھ
حيا ڪن حليم (بردبار) کان، نھ دليون انھن جون ھجن
عجم جون دليون ۽ زبانون انھن جون ھجن عرب جون
زبانون“ ۽ فرمايائون تھ ”شل توھان منجھان مون وٽ
بالغ ۽ عاقل رھن پوءِ جيڪي انھن جي ويجھو آھن ۽
اختلاف يا اڻبڻت نھ ڪريو متان اوھان جون دليون
مختلف (يعني ھڪ ٻئي جي خلاف) ٿي وڃن ۽ بچايو پاڻ
کي بازارن جي جھڳڙن کان.“
روايت آھي تھ اشيح رضھ، آنحضرت ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، پوءِ
پنھنجو اٺ ويھاري ان کي ٻڌي ڇڏيائين، بدن وارا
ڪپڙا لاھي ڳوٿريءَ منجھان ھڪ جوڙو چڱو ڪڍي حضور ﷺ
جن جي سامھون پاتائين ۽ پوءِ حضور ﷺ جن ڏانھن
روانو ٿيو. جڏھن ڀرسان اچي پھتو تھ حضور ﷺ جن
فرمايس تھ تو ۾ ٻھ شيون اھڙيون آھن جيڪي الله ۽ ان
جي رسول کي عمديون معلوم ٿينديون آھن. عرض ڪيائين
اھي ڪھڙيون آھن، پاڻ فرمايائونس تھ حلم ۽ درنگ
(ڌيرج). عرض ڪيائين اھي ٻئي عادتون آھن جيڪي مان
اختيار ڪيون آھن يا پيدائشي آھن. پاڻ فرمايائونس
تھ الله تعاليٰ توکي اھڙو پيدا ڪيو آھي. اھي تو ۾
جبلي ۽ فطرتي ڳالھيون آھن. ھن عرض ڪيو تھ شڪر آھي
انھيءَ خالق جو جنھن مون کي اھڙيون ٻھ پيدائشي
ڳالھيون ڏنيون جن کي الله ۽ سندس رسول ﷺ پسند ٿا
ڪن.
ٻي حديث ۾ آھي تھ ”الله تعاليٰ پسند ٿو ڪري بردبار، حيادار،
غني، پارسا ۽ متقي کي ۽ بغض ٿو رکي يعني ناپسند ٿو
ڪري بيھوده ڳالھائيندڙ، زبان دراز، سوال ڪندڙ ۽
چنبڙي پوندڙ کي.“
حضرت ابن عباس رضھ فرمائي ٿو تھ حضور
ﷺ
جن فرمايو تھ ٽي ڳالھيون اھڙيون آھن جو انھن
منجھان ڪنھن ۾ ڪا ھڪ بھ نھ ھجي تھ ان جي ڳالھھ تي
ڪو بھ اعتبار نھ ڪجو. ”تقويٰ جيڪا ھن کي خدا
تعاليٰ جي نافرمانيءَ کان روڪي. حلم جنھن سان
بيوقوف کي بيوقوفي کان جھلي سگھي ۽ خوش خلق جنھن
سان ھو ماڻھن ۾ گذاري.“
ھن پڻ حضور ﷺ جن جو ارشاد آھي تھ قيامت جي ڏينھن جڏھن الله
تعاليٰ ساري خلق کي ڪٺو ڪندو تڏھن ھڪ پڪارڻ وارو
پڪاريندو تھ ”اھل فضل“ ڪٿي آھن. تڏھن ٿورڙا ماڻھو
اٿندا ۽ جنت ڏانھن وٺي ڊڪ پائيندا. فرشتا جو انھن
کي ڏسندا تھ انھن کان پڇندا تھ توھان ڊڪي ھلندا
آھيو ڇا؟ ھو چوندا تھ ھائو اسان اھل فضل آھيون،
تنھن تي انھن کان ھو پڇندا تھ اوھان ۾ ڪھڙي فصيلت
ھئي. ھو جواب ڏيندا تھ اسان جو اھو حال ھو جو اسان
تي جيڪڏھن ظلم ٿيندو ھو تھ صبر ڪندا ھئاسين. ڪو
بدسلوڪي ڪندو ھو تھ بخشي ڇڏيندا ھواسين ۽ ڪو جھالت
سان پيش ايندو ھو تھ حلم ڪندا ھئاسين. فرشتا چوندن
تھ توھان ضرور جنت ڏانھن تشريف فرما ٿيو. فنعم
اجرا لعاملين (پوءِ سھڻو آھي اجر عمل ڪرڻ وارن
جو).
آثار (يعني بزرگن جا قول): حضرت عمر رضھ ٿو فرمائي تھ علم سکو ۽
انھيءَ لاءِ وقار ۽ حلم سکو. ھضرت علي ڪرم الله
وجھھ ٿو فرمائي تھ خير برڪت انھيءَ جو نالو ناھي
جو ماڻھوءَ جي دولت وڌي وڃي ۽ اولاد جي ڪثرت ٿئيس
بلڪھ برڪت انھيءَ جو نالو آھي جو علم ۽ حلم جھجھو
ھجيس. جيڪڏھن ڪنھن کي فخر ڪري. جڏھن ڪو نيڪ ڪم ڪري
تھ خدا تعاليٰ جو شڪر ڪري ۽ جيڪڏھن ڪو برو ڪم ٿي
پويس تھ توبه ۽ استغفار ڪري. حضرت حسن رحھ ٿو
فرمائي تھ علم جي تحصيل ڪريو ۽ ان کي وقار ۽ حلم
سان زينت وارو ڪريو.
اڪثم بِن صيفي ٿو فرمائي تھ عقل جو رڪن يا ٿنڀو آھي حلم ۽ سڀني
نيڪ ڳالھين جي پاڙ آھي صبر، حضرت ابو درداءَ رضھ
ٿو فرمائي تھ ماڻھن کي مان ائين ڏٺو جو ننھن کان
وٺي چوٽيءَ تائين پن ئي پن. ڪنڊي جو ڪو نانءُ نشان
ئي ڪو نھ ھو ۽ ھاڻي رڳو ڪنڊا ئي ڪنڊا آھن پنن ۽
پتن جو تھ ڪو پتو ئي ڪونھي. جيڪڏھن انھن کي ڪجھھ
چئو تھ مقابلي لاءِ تيار ٿي ٿا وڃن. انھن کي درگذر
ٿو ڪيو وڃي تھ پاڻ درگذر ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، تنھن
تي ماڻھن پڇيو تھ پوءِ اھڙن ماڻھن سان ڪيئن
گذارجي. پاڻ فرمايائون تھ جيڪڏھن انھن منجھان ڪو
اوھان کي برو چوي تھ جواب نھ ڏيو. ھيءَ ڳالھھ
قيامت جي ڏينھن جڏھن اوھان مفلس ٿيندءُ تڏھن توھان
کي ڪم ايندي.
حضرت علي ڪرم الله وجھھ جو قول آھي تھ حليم کي حلم جي ڪري
پھريون بدلو تھ اھو ٿو ملي جو سڀ ماڻھو ھن جا
طرفدار ٿي ھن جي بدخواھ جي ڪڍ لڳي ٿا پون.
حصرت معاويھ رضھ ٿو فرمائي تھ ماڻھو اجتھاد ۽ تجويز جي درجي کي
نٿو پھچي جيسين ھن جو حلم، جھل تي ۽ صبر شھوت تي
غالب ناھي ۽ ھيءَ ڳالھھ علم جي زور سان ٿي حاصل
ٿئي. ھن عمرو بن آثم کان پڇيو تھ مردن ۾ بھادر ڪير
آھي. ھن جواب ڏنو تھ جيڪو پنھنجي حلم سان سڀني جي
جھالت کي ھٽائي يا شڪست ڏئي ڇڏي. پوءِ پڇيائونس تھ
سڀ کان سخي ڪير آھي، جواب ڏنائين تھ جيڪو دنيا کي
دين جي بھتري لاءِ خرچ ڪري ڇڏي.
حضرت انس بن مالڪ ھن آيت فاِذا الذي بَينڪ وبَينه عداوتءٌ کانه
حميمءٌ وما يلقمآ اِلاّ الذين صبَروا وما يلقھآ
اِلاّ ذوحّظ عظيم (پوءِ اھو ماڻھو جو انھيءَ جي ۽
تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي سو (نيڪيءَ سان) ڄڻ تھ دوست
۽ مائٽيءَ وارو ٿي پوندو. اھا ڳالھھ صابرن کان
سواءِ ٻئي کي نصيب نھ ٿيندي آھي ۽ نڪي وڏي نصيب
واري کان سواءِ ٻئي کي حاصل ٿيندي آھي) جي تفسير ۾
فرمائي ٿو تھ ھن منجھان اھو شخص مراد آھي جيڪو
جيڪڏھن ھن کي مسلمان ڀاءُ گار ڏئي تھ ھو ھينئن
چويس تھ جيڪڏھن تون ڪوڙو آھين تھ خدا تعاليٰ توکي
بخشي ۽ جيڪڏھن سچو آھين تھ مون کي بخشي.
اڪابرن منجھان ڪنھن ٻڌايو تھ مان بصري جي ماڻھن منجھان ھڪڙي کي
گار ڏني. ھن صبر ڪيو ۽ انھيءَ صبر ڪرڻ سان ھن مون
کي ڄڻ تھ ساري عمر ٽڪن سان خريد ڪري ڇڏيو.
حضرت معاويھ، عرابھ بن اوس انصاريءَ کان پڇيو تھ تون پنھنجي قوم
۾ سردار ڪيئن بڻئين. ھن جواب ڏنو تھ مان پنھنجي
قوم جي جاھلن سان حلم ڪندو آھيان. سائلن کي (جيڪي
گھرندا آھن) ڏيندو آھيان. ضرورتن ۾ انھن جي مدد
ڪندو آھيان، جيڪو شخص منھنجي ڪم جي برابر ٿو ڪم
ڪري تھ اھو مون جھڙو آھي، جيڪو مون کان وڌيڪ ٿو
ڪري سو مون کان فضيلت ۾ وڌيڪ آھي ۽ جيڪو گھٽ ٿو
ڪري اھو مون کان گھٽ آھي ۽ مان انھيءَ کان بھتر ٿو
ليکجان.
حضرت ابن عباس رضھ کي ڪنھن گاريون ڏنيون. جڏھن گاريون ڏئي بس
ڪيائين تھ پاڻ پنھنجي خادم عکرمھ رضھ کي فرمايائين
تھ ڏسو جيڪڏھن ھن کي ڪجھھ ضرورت ۾ ھجي تھ ڏيوس.
انھيءَ ماڻھوءَ تي ڄڻ گھڙا پاڻيءَ جا پلٽجي پيا ۽
ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيائين.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ کي ڪنھن چيو تھ مان گواھي ٿو ڏيان تھ
تون فاسق آھين. پاڻ فرمايائون تھ تنھنجي گواھي
قبول ناھي.
حضرت امام زين العابدين عليه السلام کان منقول آھي تھ ڪنھن کين
گار ڏني. پاڻ پنھنجي چادر کڻي ھن ڏي اڇلايائون ۽
سؤ درھم ڏياريائونس. ڪن جو چوڻ آھي تھ امام صاحب
جن ھن ٿوري دنيا جي شيءِ يعني چادر ڏيڻ منجھان پنج
عمديون ڳالھيون حاصل ڪيون. پھريون حلم ٻيو دفع ڪرڻ
ايذاءَ جو ٽيون ان شخص کي اھڙي شيءِ سان رھائي ڏيڻ
جيڪا الله تعاليٰ کان دور ڪري، چوٿون انھيءَ شخص
جو پشيمان ٿيڻ ۽ پنھنجي ڪئي کان توبه ڪرڻ ۽ پنجون
ھن جي تعريف ڪرڻ برائي جي عيوض ۾.
حضرت جعفر صادق عليه السلام کان ھڪڙي شخص اچي پڇيو تھ منھنجي ۽
ڪن ماڻھن جي وچ ۾ ڪو جھڳڙو آھي. مان چوان ٿو تھ
انھيءَ کي دفع ڪريان مگر ماڻھو چون ٿا تھ دفع ڪرڻ
۾ ذلت آھي. پاڻ فرمايائون تھ ذليل ظالم ھوندو آھي
توکي ڪائي ذلت نھ ٿيندي.
خليل بن احمد جو قول آھي تھ عام طرح اھو مشھور آھي تھ جيڪڏھن
ڪوئي شخص بدي ڪري ۽ انھيءَ جي عيوض ۾ ھن سان نيڪ
سلوڪ ڪيو وڃي تھ ھن جي دل ۾ خود بخود ھڪ اھڙي
ڳالھھ پيدا ٿيندي جو وري ھو اھڙي برائي ھرگز نھ
ڪندو.
اخنف بن قيس چوندو ھو تھ مان حليم ناھيان مگر زور سان حلم ڪندو
آھيان.
حضرت وھب ابن منبھ رحھ ٿو فرمائي تھ جيڪو شخص رحم ٿو ڪري ان تي
رحم ڪيو ٿو وڃي، جيڪو خاموش ٿو رھي اھو بچي ٿو
وڃي، جيڪو جھالت ٿو ڪري اھو غالب ٿو ٿئي، جيڪو
جلدي يا تڪڙ ٿو ڪري اھو خطا ٿو ڪري، جيڪو شر جو
ھرص ٿو ڪري اھو انھيءَ کان نٿو بچي، جيڪو ڳالھين ۾
دخل ڏيندو آھي ان کي گاريون ملنديون آھن، جيڪو بري
ڳالھھ کي برو نٿو ڄاڻي اھو گنھگار ٿو ٿئي ۽ جيڪو
بري کي برو ٿو سمجھي اھو محفوظ ٿو رھي. جيڪو الله
تعاليٰ جي ارشاد موجب ٿو ھلي اھو سلامت ٿو رھي ۽
جيڪو ھن کان خوف ٿو ڪري اھو امن امان ۾ ٿو رھي،
جيڪو ھن کي دوست ٿو رکي اھو ھر دلعزيز ٿو ٿئي.
جيڪو الله تعاليٰ کان نٿو گھري اھو محتاج ٿو ٿئي،
جيڪو ھن جي عذاب کان نٿو ڊڄي اھو ذلت برداشت ٿو
ڪري ۽ جيڪو ھن کان مدد ٿو گھري اھو ڪاميابي حاصل
ٿو ڪري.
حضرت مالڪ بن دينار رحھ کي ڪنھن چيو تھ مان ٻڌو آھي تھ تو مون
کي ڪجھھ گھٽ وڌ ڳالھايو آھي. پان فرمايائون تھ
پوءِ تھ تون منھنجي خيال ۾ منھنجي پنھنجي جان کان
بھ وڌيڪ افضل چئين يعني نيڪيون تھ منھنجي نفس ڪيون
۽ مان وري (برو ڳالھائي) اھي توکي ھديھ ڪري ڏئي
ڇڏيون.
ڪن علمائن جو قول آھي تھ حلم، عقل جي نسبت ۾ زياده رتبو ٿو رکي.
ھن جي دليل ۾ چون ٿا تھ خدا تعاليٰ جو نالو ”حليم“
آھي مگر ”عقيل“ ڪونھي.
ھڪري شخص ڪنھن حڪيم کي چيو تھ توکي اھڙي گار ڏيندس جيڪا قبر ۾
بھ توسان ساڻ ھلندي، حڪيم جواب ڏنس تھ مون سان تھ
ڪا نھ ھلي سگھندي البتھ اھا توسان ضرور ھلندي.
حضرت عيسيٰ عليه السلام يھودين جي قوم وٽان اچي لنگھيو، انھن
پاڻ سڳورن ﷺ کي گھٽ وڌ ڳالھايو مگر جواب ۾ حضرت
عيسيٰ عھ انھن کي بلڪل خير ۽ نيڪيءَ جا ڪلما چيا.
ماڻھن عرض ڪيو تھ حضرت! ھو تھ اوھان کي بدشد ٿا
ڳالھائين. پاڻ فرمايائون تھ اسان منجھان ھر ھڪ اھا
ئي شيءِ ٻئي کي ڏيندو آھي جيڪا ھن وٽ موجود ھوندي
آھي.
لقمان حڪيم رحھ جو چوڻ آھي تھ ٽي ماڻھوءَ ٽن ڳالھين ۾ سڃاتا ٿا
وڃن. حڪيم يا ڏاھو ماڻھو غصي جي وقت، بھادر
لڙائيءَ جي وقت ۽ دوست ضرورت جي وقت. ڳالھھ ٿا ڪن
تھ ھڪڙي ڏاھي ماڻھوءَ وٽ ڪو دوست آيو. ڏاھي وٽ
جيڪي گھر ۾ ھيو اھو اچي دوست اڳيان حاضر ڪيائين.
انھيءَ ڏاھي جي زال ڏاڍي بدمزاج ھئي. دستر خوان تھ
کنيائين مگر مڙس کي گاريون ڏيڻ لڳي. مھمان ڪاوڙ ۾
ڀرجي اٿي ھليو ويو. ڏاھو ھن جي پٺيان ويو ۽
چيائينس تھ ادا! توکي ياد آھي تھ ھڪڙي دفعي تنھنجي
گھر ۾ ماني ويٺي کاڌي سين تھ تنھنجي ڪڪڙ آئي جنھن
اچي دسترخوان تي ڪنھن شيءِ کي خراب ڪيو. پوءِ اسان
منجھان ڪو بھ ان تي ڪاوڙيو ھو ڇا، جواب ڏنائين تھ
نھ – تنھن تي حڪيم چيس تھ ھي اڄوڪو دسترخوان وارو
معاملو بھ ائين ئي کڻي تصور ڪريو. مھمان کلي ويٺو
۽ ڪاوڙ يڪدم لھي ويس ۽ چوڻ لڳو تھ سياڻن جا قول
سچا آھن تھ ”حلم ھر درد جي دوا آھي.“
ھڪڙي شخص ڪنھن ڏاھي کي پير ۾ اھڙو ڌڪ ھنيو جو ھن کي ڏاڍو ايذاءُ
آيو مگر ھو ڪاوڙيو اصلي ڪين. ماڻھن انھيءَ جو سبب
پڇيس تھ چيائين تھ مان ائين ئي کڻي سمجھو تھ
منھنجو پير پاڻمرادو ڪنھن پٿر تان ٿڙي پيو آھي ۽
تڏھن اھو ڌڪ لڳو آھي. اھو تصور ڪري مان غصي کي ختم
ڪري ڇڏيو.
محمود وراق سالي ھڪ عرب جي شاعر ھڪ قطعھ عربيءَ ۾ چيو آھي جنھن
جو ترجمو ھي آھي: - ”مون کي ڪوئي بھ کڻي ڳالھائي
يا گاريون گند ڏئي تھ مان جيڪر ان کي معاف ڪري
ڇڏيان ڇاڪاڻ تھ دنيا ۾ انسان ٽن قسم جا ٿا ٿين.
ھڪڙا شريف بيا رذيل ۽ ٽيان پاڻ جھڙا. جيڪڏھن ڪو
شريف گھٽ وڌ ٿو ڳالھائي تھ اھو قبول ڪرڻ گھرجي
ڇاڪاڻ تھ شريف ماڻھو ھميشه سچي ڳالھھ ڪندو آھي
(يعني ھو ڪو نقص ڏسي پوءِ گھٽ وڌ چوندو). جيڪڏھن
ڪو رذيل ٿو گھٽ وڌ ڳالھائي تھ ان کي تھ ڪجھھ جواب
نھ ڏيڻ گھرجي ۽ جيڪي ھو چوي اھو صبر ڪري سھجي.
باقي رھيو جھڙو ڪو ڀاءُ برادر تھ انھيءَ صورت ۾
جيڪڏھن ڪو اھڙو ماڻھو مون کي ڀل چوڪ ۾ گھٽ وڌ
ڳالھائي تھ مان تھ ان سان جيڪر احسان يا نيڪي
ڪريان.
بيان اٺون
ڪلام (ڳالھائڻ) جو مقدار جيڪو انتقام ۽ دل جي تسڪين لاءِ جائز آھي
اھو تھ بلڪل ناجائز آھي جو ظلم جي بدلي ۾ ظلم ڪيو وڃي يا بديءَ
جو مقابلو بديءَ سان ڪيو وڃي. مثلا گلا جي عيوض ۾
گلا ڪرڻ، گار جي بدلي ۾ گار ڏيڻ، جاسوسيءَ جو بدلو
جاسوسيءَ سان وٺڻ ۽ اھڙي طرح ھر برائيءَ بدران
برائي ڪرڻ ناجائز آھي. ھان، قصاص يعني بدلي جي
عيوض جيڪي شريعت ۾ جائز آھي ۽ آسان فقه ۾ بيان ڪري
چڪا آھيون. قصاص وٺڻ جائز آھي. گار جي بدران گار
نھ ھرگز جائز ناھي ڇاڪاڻ تھ حديث شريف ۾ آھي تھ
”جيڪو ظاھر ڪري اھي (عيب) جيڪي تو ۾ آھن تھ تون
ظاھر نھ ڪر اھي (عيب) جيڪي ھن ۾ آھن“. ٻيو
فرمايائون تھ ”ٻھ گارين ڏيڻ وارا ٻھ شيطان آھن
جيڪي ھڪٻئي تي ڪوڙ ٿا بڪن.“
ھڪڙي شخص حضور ﷺ جن جي ڪچھريءَ ۾ ابوبڪر صديق رضھ کي ڪجھھ گھٽ
وڌ لفظ چيا. ھضور ﷺ جن اھي صبر ڪري ٻڌندا رھيا.
جڏھن حضرت ابوبڪر صديق رضھ انتقام ۾ ڪجھھ چوڻ شروع
ڪيو تھ حضور ﷺ جن اٿي کڙا ٿيا. حضرت ابوبڪر صديق
رضھ عرض ڪيو تھ جڏھن ھن شخص پئي مون کي ڳالھايو تھ
اوھان چپ رھيا مگر ھاڻي مان بدلو ٿو وٺان تھ حضور
ﷺ جن اٿي کڙا ٿيا آھن. پاڻ ﷺ فرمايائون تھ
جيستائين تون چپ ھئين تھ فرشتو تنھن جي طرف کان
جواب ڏئي رھيو ھو. جڏھن تون ڳالھائڻ شروع ڪيو تھ
فرشتو ھليو ويو ۽ شيطان اچي حاضر ٿيو. مون کي اھڙي
مجلس ۾ ويھڻ پسند ناھي جتي شيطان ھجي. حضرت ابوبڪر
صديق رضھ يڪدم صبر اختيار ڪيو.
ڪن نيڪ مردن جو قول آھي تھ مقابلي ۾ اھڙا لفظ چوڻ جنھن ۾ ڪوڙ نھ
ھجي درست آھي ۽ حديث ۾ جيڪا منع ٿيل آھي اھا
احتياط جي ڪري آھي يعني ترڪ ڪرڻ اھڙن لفظن جو بھ
بھتر ۽ افضل آھي مگر جيڪڏھن چوندو تھ گنھگار نھ
ٿيندو. ھن قسم جا ڪلما ھي آھن تھ ”تون ڪير ٿيندو
آھين؟“، ”تون فلاڻي جو پٽ ناھين؟“ جھڙيءَ طرح سعد
رضھ حضرت ابن مسعود رضھ کي چيو تھ تون ”بني ھزيل“
منجھان ناھين؟ جنھن تي ھن ورندي ڏني ھئي تھ تون بھ
”بني اميھ“ منجھان ناھين؟
ٻيو تھ ڪنھن کي بيوقوف احمق کڻي سڏجي ڇاڪاڻ تھ مطرف رحھ جي قول
موجب سڀ ماڻھو خدا تعاليٰ جي معاملات ۾ بيوقوف
(يعني اڻ ڄاڻ) آھن. پوءِ ڪي ٿورا تھ ڪي گھڻا. ھضرت
ابن عمر رضھ کان بھ اھڙي ئي قسم جي حديث مروي آھي
تھ ”انھيءَ حد تائين جو ڏسين تون سڀني ماڻھن کي
احمق يعني اڻ ڄاڻ خدا تعاليٰ جي ذات بابت“.
ساڳي نموني ۾ ڪنھن کي جاھل ڪري سڏجي ڇاڪاڻ تھ ڪا نھ ڪا جھالت يا
اڻ ڄاڻائپ ھر ڪنھن شخص ۾ ھوندي آھي. غرض تھ ھن قسم
جا الفاظ اھڙا آھن جو ٻئي کي ايذاءُ تھ پھچي ٿو
مگر درحقيقت اھي ڳالھيون ڪوڙيون ناھن. اھڙيءَ طرح
بد خلق، بي حيا، عيب جو وغيره جون بشرطيڪ اھي
ڳالھيون ڪنھن ۾ ھجن ي ھيئن چوڻ تھ توکي جيڪر شرم
ھجي ھا تھ ائين نھ چوين ھا يا تون پنھنجي حرڪتن
ڪري پنھنجي اڳيان حقير يا ھيچ ٿي چڪو آھين يا خدا
شل توکان عيوض وٺي وغيره وغيره. مگر چغلي ۽ گلا ۽
پيءُ ماءُ تي گاريون ڏيڻ حرام آھن.
چون ٿا تھ خالد بن وليد ۽ سعد رحھ جي وچ ۾ ڪا ڳالھھ ٿي پئي ھئي.
ھڪڙي شخص حضرت سعد رضھ جي روبرو خالد کي ڪجھھ چوڻ
ٿي گھريو تھ پاڻ فرمايائونس تھ صاحب ٻڌ! منھنجي ۽
ھن جي وچ ۾ جيڪا ڳالھھ آھي انھيءَ جي نوبت اڃا دين
تائين نھ پھتي آھي يعني ھڪ ٻئي سان اھڙي ڳالھھ ڪا
نھ ڪئي اٿئون جو گنھگار ٿيون. مطلب تھ ھنن خالد جي
برائي ٻڌڻ بھ پسند نھ ڪئي باقي سچ پچ برائي ڪرڻ تھ
پنھنجي جاءِ تي رھي.
ھيٺ بيان ڪيل حديث منجھان بھ اھو دليل ٿو ملي تھ جا ڳالھھ ڪوڙي
۽ حرام ناھي اھا انتقام ۾ چوڻ جائز آھي. حضرت
عائشه رضھ ٿي فرمايئ تھ سڀني بيبين سڳورين رضي
الله عنھن حضرت فاطمه زھريٰ رضي الله عنھا کي
آنحضرت ﷺ جن جي خدمت اقدس ۾ موڪليو. پاڻ تشريف
فرما ٿي حضور ﷺ جن کي عرض ڪيو تھ اوھان جن سڀني
زالن مون کي سائينءَ جن ڏي موڪليو آھي تھ عائشھ
رضھ کي بھ انھن جي برابر ئي ليکيو. زياده نھ
ليکيو. پاڻ سڳورا ان وقت ليٽيا پيا ھئا. فرمايائون
تھ اي فاطمه! جنھن کي مان ٿو چاھيان تنھن کي تون
بھ چاھيندينءَ، جواب ۾ عرض رکيائين تھ البتھ ائين
ئي ٿيندو، پوءِ فرمايائون تھ تون عائشھ کي پيار
ڪر. حضرت فاطمه رضي الله عنھا وڃي بيبين سڳورين کي
اھا ماجرا بيان ڪئي. ھنن چيس تھ تو ڪجھھ بھ ڪين
ڪيو. ائين ئي موٽي آئينءَ. پوءِ زينب رضي الله
عنھا بنت حجش کي موڪليائون. حضرت عائشه رضھ ٿي چوي
تھ حضرت زينب رضھ کي محبت جي حق ۾ مون سان
برابريءَ جي دعويٰ ھوندي ھئي. ھيءَ بيبي سڳوري اچڻ
سان ئي چوڻ لڳي تھ ابوبڪر جي ڌيءُ ھھڙي، ابوبڪر جي
ڌيءُ ھھڙي. اھڙيءَ طرح ڪجھھ چوندي رھي ۽ مان چپ
ڪيو پئي ٻڌان. مگر رڳو اھو انتظار ھو تھ حضور ﷺ جن
مون کي بھ جواب ڏيڻ جي اجازت فرمائين. مون کي جڏھن
اجازت ڏيڻ فرمايائون تھ مان ايترو ڪجھھ چيو جو
زبان سڪي وئي. تڏھن حضور ﷺ جن حضرت زينب رضھ کي
فقط ايترو فرمايو تھ ابوبڪر جي ڌيءُ کي ڏٺئي (يعني
توکي ھن سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪا نھ رھي). ھيءَ
گفتگو جيڪا حضرت عائشه رضھ حضرت زينب رضھ سان ڪئي
انھيءَ ۾ خراب لفظ ھڪ بھ ڪو نھ ھو. رڳو ھن جي
ڳالھھ جو ٺيڪ ٺيڪ جواب ھو.
ٻي حديث ۾ آيو آھي تھ ”پاڻ ۾ بھ گارين ڏيڻ وارا جيڪي ڪجھھ چون
ٿا ان جو سمورو بار انھيءَ تي آھي جيڪو پھريائين
گاريون ڏيڻ شروع ٿو ڪري جيسين مظلوم (يعني ٻي ڌر)
بدلي وٺڻ ۾ يا وراڻي ڏيڻ ۾ حد کان نھ لنگھي.“ ھن
منجھان معلوم ٿيو تھ مظلوم کي انتقام جو حق آھي
مگر ھن کي حد کان ٽپي نھ وڃڻ گھرجي. اڳين اڪابرن
جو اجازت ڏني آھي تھ اھا بھ ايتري ڏني اھي تھ
جيتري قدر ڪنھن کي ايذاءُ پھتو آھي ايتري قدر ئي
ھو پنھنجو بدلو وٺي ٿو سگھي. مگر ھن مقدار جو بھ
ترڪ ڪرڻ افضل آھي ڇاڪاڻ تھ بدلي وٺڻ ۾ زيادتي جي
نوبت ضرور پھچي ٿي وڃي ۽ واجب مقدار تي ڪفايت ڪرڻ
ڏاڍي ڏکي آھي ڇاڪاڻ تھ اھڙين ڳالھين جي منڍ ۽
پڇاڙيءَ جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آھي يعني گھٽ
وڌ ڳالھاڻ جي شروعات ۽ انتھا ٻئي مخفي ڳالھيون
آھن. انھيءَ ڪري جواب ڏيڻ کان صبر ڪرڻ افضل آھي.
ھاڻي اھو معلوم ڪرڻ گھرجي تھ ڪي ماڻھو غصي جي شدت يا سختيءَ کي
روڪي نٿا سگھن توڙي اصلي حالت ۾ ھو جلد اچي بھ ٿا
وڃن يعني غصو انھن کان صفا لھي بھ ٿو وڃي. ڪي
انسان وري اھڙا آھن جو بر وقت نھ غصو کائي ويندا
آھن مگر دل ۾ ھميشه لاءِ بغض ۽ ڪينو رھجي ويندو
اٿن. ھنن حالتن جي لحاظ کان ماڻھو چئن قسمن ۾
ورھايل آھن.“
1.
پھريان اھي ماڻھو آھن جيڪي گاھھ يا ڪکن وانگر
آھن. باھھ بھ جلدي لڳين تھ وري وسامي بھ ستت وڃن.
2.
ٻيا اھي جيڪي پٿر جي ڪوئلي وانگر دير سان ٻرن ۽
دير سان وسامن.
3.
ٽيان اھي جيڪي آلي ڪاٺيءَ وانگر دير سان ٻرن ۽
وسامي جلد وڃن. ھيءَ حالت ڏاڍي سھڻي آھي بشرطيڪ
نرميءَ جو سبب نامردي يا بي غيرتي نھ ھجي.
4.
چوٿان اھي جيڪي جلد ڀڙڪي وڃن ۽ دير ۾ ٿڌا ٿين.
ھيءَ حالت سڀ کان خراب آھي. حديث شريف ۾ آھي تھ
ايماندار کي جلدي غصو ايندو آھي ۽ جلدي راضي ٿي
ويندو آھي.
حضرت امام شافعي رحھ ٿو فرمائي تھ جنھن کي غصو ڏياريو وڃي ۽ ان
کي غصو نھ اچي اھو گڏھھ آھي ۽ جنھن کي پرچايو وڃي
۽ نھ پرچي اھو شيطان آھي. حضرت ابو سعيد خدري رضھ
ٿو فرمائي تھ آنحضرت ﷺ جن فرمايو تھ آدمي جدا جدا
قسمن جا ٿا ٿين. ڪي دير سان ڪاوڙبا آھن ۽ جلد ٿڌا
ٿي ويندا آھن. ڪن کي ڪاوڙ ايندي بھ جلد آھي تھ
ويندي بھ جلدي آھي. ھڪڙيءَ ڳالھھ جو تدارڪ ٻئي سان
ٿئي ٿو وڃي. ڪي جلد غصو ڪندا آھن ۽ دير ۾ ٺرندا
آھن. سڀ کان بھتر اھو آھي جو دير سان ڪاوڙجي يا
خفي ٿئي ۽ ستت ڀرجي يا ٺھي وڃي ۽ سڀ کان بڇڙو اھو
آھي جو جلد غصي ۾ ڀرجي وڃي ۽ دير سان راضي ٿئي.
جيئن جو ڪاوڙ جي شدت يا سختي ھڪ لازمي شيءِ آھي تنھن ڪري
بادشاھن کي گھرجي تھ غصي جي حالت ۾ ڪنھن کي سزا نھ
ڏين نھ تھ اھا ڳالھھ پري ڪينھي تھ سزا واجبي مقدار
کان وڌي وڃي ۽ ڪاوڙ ۾ انتقام حد کان ٽپي وڃي.
انھيءَ ڪري واجب آھي تھ سزا رڳو انھيءَ کي ڏجي
جيڪو خدا تعاليٰ جي نافرماني يا قصور ڪري. پنھنجي
شخصي غرض کان سزا نھ ڏجي. جھڙيءَ طرح حضرت عمر رضھ
ھڪ مست کي ڏٺو ۽ چاھيان تھ ھن کي پڪڙي ڪا سزا ڏجي.
انھي مست کين ڪجھھ گھٽ وڌ ڳالھايو. پاڻ يڪدم موٽي
پيا. ماڻھن عرض ڪيو تھ توھان گھٽ ڳالھائڻ تي ھن کي
ڇو ڇڏي ڏنو. پاڻ فرمايائون تھ ھن جي خراب ڳالھائڻ
تي مون کي غصو اچي ويو ھو. مان جيڪڏھن ھن کي
ماريان ھا تھ منھنجي نفس ۾ شخصي غصي جو اثر ضرور
رھي ھا ۽ مون کي اھا ڳالھھ منظور آھي تھ منھنجي
نفساني غيرت يا خواھش ھيٺ ڪنھن کي بھ نھ ماريان.
ساڳيءَ طرح حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ کي جڏھن ھڪ
شخص ڪاوڙ ڏياري تھ پاڻ فرمايائونس تھ مون کي ڪاوڙ
نھ ڏيارين ھا تھ ضرور توکي سزا ڏين ھا.
بيان نائون
حقد (يعني ڪينھ) جي معنيٰ ۽ ڦل ۽ معافي ۽ نرمي جي فضيلت
واضح ھجي تھ جڏھن ماڻھو غصي جي وقت مجبوريءَ جي حالت ۾ انتقام
يا بدلو نٿو وٺي سگھي ۽ غصو پيئڻو ٿو پويس تھ اھو
غصو باطن تي حسد ڪا ڪينو بڻجي ٿو پوي ۽ حقد جي
معنيٰ آھي ڪنھن ”ماڻھوءَ جو دل کي ڳرو يا گران لڳڻ
۽ ھن سان ھميشه بغض ۽ نفرت رکڻ ڄاڻڻ گھرجي تھ ائين
ڪرڻ جي سخت منع آئي آھي جھڙيءَ طرح آنحضرت ﷺ جن
فرمايو آھي تھ ”مؤمن حقد يا ڪينو نٿو رکي.“ ھاڻي
ثابت ٿيو تھ حقد يا ڪينو غضب جو نتيجو آھي ۽
انھيءَ منجھان اٺ شيون ٿيون پيدا ٿين.
1.
پھرين ڳالھھ اھا آھي تھ ڪيني منجھان حسد ٿو
پيدا ٿئي. حسد جي معنيٰ آھي انھيءَ ڳالھھ جي تمنا
ڪرڻ تھ ٻئي وٽان نعمت ھلي وڃي. جيڪڏھن ٻئي کي ڪا
نعمت ملي تھ ان تي ڏک ڪرڻ ۽ ان تي ڪا مصيبت پوي تھ
ان تي خوشي ڪرڻ. ھيءُ ھسد خاص منافقن جو ڪم آھي،
ھن جي برائي عنقريب لکي ويندي.
2.
ٻئي ڳالھھ اھا آھي تھ ڪيني سببان دل ۾ حسد روز
بروز وڌندو ٿو رھي. ٿوري گھڻي تي مخالف جي مٿان ھر
وقت پيو ماڻھو کلون ڪندو ۽ ٽھڪ ڏيندو.
3.
ٽيون تھ پنھنجي مخالف کان ھر وقت ماڻھو الڳ رھڻ
چاھيندو ۽ ھن سان قطع تعلقات ڪندو رھندو توڙي ھو
پيو ھن سان ميلاپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
4.
چوٿون تھ ٻئي کي ماڻھو حقير ۽ ذليل پيو سمجھندو ۽
پاڻ کي لائق ۽ فاضل پيو تصور ڪندو.
5.
پنجون تھ مخالف لاءِ ھميشه ناجائز ڪلما زبان
تي پيا ايندا جھڙوڪ گلا، ڪوڙ، خواري، رسوائي ۽
پرده دري ۽ عيب جوئي وغيره.
6.
ڇھون تھ مخالف سان ڳالھائڻ وقت ھميشه ٺٺول، مسخري
۽ طنز سان پيو ماڻھو گفتگو ڪندو.
7.
ستون تھ جيڪڏھن وس پڄندو تھ ماڻھو ٻئي کي مارڪٽ
ڏئي جسماني ايذاءُ پيو پھچائيندو.
8.
اٺون تھ جيڪڏھن مخالف جو حق رھيل ھوندو تھ ان جي
ادا ڪرڻ ۾ لاپرواھي ۽ بي حيائي پيو ڪندو. مثلا قرض
جو نھ ڏيڻ، مائٽيءَ جو حق بجا نھ آڻڻ، ڪا شيءِ ھن
جي ھٿ اچي وئي ھجي تھ ان کان انڪار ڪرڻ وغيره
وغيره.
ھي اٺئي شيون حرام آھن ۽ ادنيٰ درجو ڪيني جو اھو
آھي تھ ماڻھو انھن سڀني ڳالھين کان ظاھر ۾ تھ پاسو
ڪندو رھي ۽ خدا تعاليٰ جي نافرمانيءَ تائين نوبت
نھ پھچائي مگر رڳو دل ۾ ٻئي کي خراب سمجھي ۽
جھڙيءَ طرح اڳي ھن کي پيش ايندو ھ ھاڻي نھ اچي.
مثلا ھن کي ڏسي خوش ٿيڻ، نرمي يا عنايت ڪرڻ، ڏکيءَ
ويل ڪم اچڻ. ھن سان گڏجي ويھي زڪر ڪرڻ، يا ھن جي
نفعي جي ڳالھين ۾ مددگار ٿيڻ وغيره وغيره ڳالھيون
بجا نھ آڻي يا رڳو ھن جي لاءِ دعا گھري مگر ھن جي
تعريف نھ ڪري ۽ نھ وري ھن کي ڪا ھمدرديءَ سان
نيڪيءَ لاءِ ترغيب ڪري. ڄاڻڻ گھرجي تھ ھي سڀ
ڳالھيون اھڙيون آھن جن جي ڪري ماڻھوءَ جو درجو دين
۾ گھٽجي ٿو وڃي ۽ ھو وڏي ثواب ۽ رتبي حاصل ڪرڻ کان
محروم رھجي ٿو وڃي. توڙي عذاب جو مستحق ماڻھو کڻي
نھ بھ ٿو ٿئي. ڏسو حضرت ابوبڪر صديق رضھ جن قسم
کاڌو ھو تھ مسطح کي ڪڏھن بھ ڪجھھ نھ ڏيندس. ھي شخص
حضرت ابوبڪر رصديق رضھ جو ويجھو عزيز ھو مگر حضرت
عائشه رضھ جي تھمت ۾ ڪجھھ ھن بھ چيو ھو جنھن تي
صديق اڪبر قسم کنيو ھو. مگر جڏھن ھيءَ آيت لٿي تھ
”ولا ياتل اونوا الفضل منوڪم والسمته ان يوتوا
اولي القربيٰ والمساڪين والمھاجِرين في سبِيل الله
وليعفوا وليعفحا الا تحِبّون ان يغفر الله لڪم (۽
اوھان منجھان گھڻي ھوندي وارا ۽ آسودا، مائٽيءَ
وارن ۽ مسڪينن ۽ خدا جي راھھ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي ڪي
بھ نھ ڏيڻ جو قسم نھ کڻن ۽ کين جڳائي تھ معاف ڪن ۽
ٽارو ڪن. اوھين نھ گھرندا آھيو ڇا تھ الله اوھان
کي اوھان جا ڏوھھ گناھھ بخشي) حضرت ابوبڪر صديق
رضھ فرمايو تھ ھائو اسان الله تعاليٰ جي مغفرت کي
دوست ٿا رکون ۽ پوءِ جيڪي مسطح کي ڏيندا ھئا اھو
باقاعدي ڏيندا رھيا. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ ڪيني
جي بدران بھتر اھي تھ جھڙا تعلقات ۽ معاملات اصلي
ھجن اھي دستور موجب قائم رکيا وڃن ۽ جيڪڏھن انسان
پنھنجي نفس تي ضابطو رکي شيطان جي مخالفت ڪري انھن
تعلقات کي ۽ ظاھري سلوڪ کي اڃا بھ ڪجھھ اڳين کان
زياده ڪري تھ اھو رتبو تھ ويتر صديقن جو آھي ۽
بارگاھ الاھي جي مقربين جي اعمالن منجھان وڏي ۾
وڏو عمل اھو آھي (يعني ڪينھ جي بدران سھڻو سلوڪ
رکڻ).
ڄاڻڻ گھرجي تھ غصبي جي دوران ۾ جيڪڏھن ڪيني واري کي بدلي وٺڻ جي
طاقت ھوندي آھي تھ ھن جون ٽي حالتون ھونديون آھن.
پھرين حالت اھا آھي تھ جيترو ھن جو حق ھجي اوترو
بنا ڪمي يا پيشيءَ جي ٻئي کان حاصل ڪري. ھن کي
سڏبو آھي عدل يا انصاف ٻي ھالت اھا آھي تھ پنھنجو
حق معاف ڪري ڇڏي ۽ زياده مٽي مائٽي ڳنڍي، انھيءَ
جو نالو آھي فضل – ٽين حالت اھا آھي تھ جيڪو
پنھنجو حق نھ ھجي اھو ٻئي کان زوري حاصل ڪري.
انھيءَ کي ظلم يا جورو جفا ڪري سڏيندا آھن ۽ ھي
پيشو رذيلن ۽ ڪمينن جو آھي. پھرين عدل واري حالت
صالحن جي دجي جي انتھا ليکي ٿي وڃي ۽ ٻي فضل واري
حالت صديقن جو درجو آھي.
بيان ڏھون
عفو (معافي) ۽ احسان (نيڪي)
جي فضيلت
عفو جي معنيٰ آھي پنھنجو حق جيڪو ٻئي ڏي لھڻل ھجي اھو ھن کي ڇڏي
ڏيڻ يا معاف ڪري ڇڏڻ. مثلا قصاص يا قرض وغيره جيڪو
ڪنھن ڏي ھجي انھيءَ کان ان کي آزاد ڪري ڇڏجي. ھن
صفت يا گن جي شان ۾ تمام گھڻي ساراھھ ۽ تعريف آيل
آھي. الله تعاليٰ ٿو فرمائي خذ العفو وامر
بِالمعرف واعرض عن الجاھلين (اي پيغمبر! معافي جي
عادت اختيار ڪر ۽ جاھلن کان منھن موڙ) ۽ وري ٻي
آيت ۾ ارشاد آھي تھ ”وان تعفآ اقربُ للتّقويٰ (۽
جي ڪڏھن اوھان معاف ڪندا تھ اھو تقويٰ ۽
پرھيزگاريءَ کي ويجھو آھي)، آنحضرت ﷺ جن فرمائين
ٿا تھ ٽي ڳالھيون اھڙيون آھن جن جي باري ۾ مان قسم
کڻي تصديق ٿو ڪريان. پھرين ڳالھ اھا تھ صدقي يا
خيرات ڏيڻ سان مال گھٽ نٿو ٿئي. صدقو ضرور ڏيڻ
گھرجي. ٻيو تھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي حق محض خدا
واسطي ڇڏيندو تھ الله تعاليٰ قيامت ۾ ان جي عزت
وڌائيندو. ٽيون تھ جيڪو ماڻھو پاڻ تي سوالن جو
دروازو کوليندو يعني ھر وقت رڳو پيو سوال ئي سوال
ڪندو الله تعاليٰ ھن تي محتاج ٿيڻ جو دروازو ٿو
کولي.
ھڪڙي حديث ۾ آھي تھ ”تواضح ٻانھي جو رتبو وڌائي ٿو تنھن ڪري
تواضع يعني نوڙت ڪريو تھ الله تعاليٰ اوھان جا
رتبا وڌائي ۽ عفو ٻانھي جي عزت ٿو وڌائي تنھنڪري
اوھان معافي ڏئي ڇڏيو تھ الله تعاليٰ اوھان کي عزت
وارو ڪري. صدقو رڳو مال ۾ واڌارو ٿو ڪري تنھنڪري
صدقو ڪريو تھ الله تعاليٰ اوھان تي رحم ڪري.“
حضرت عائشه رضھ ٿي فرمائي تھ مان حضور اقدس جن کي ڪڏھن بھ حقن
جو انتقام وٺندي نھ ڏٺو جيستائين خدا تعاليٰ جي
حرام ڪيل شيءِ يا حڪم جي انحرافي نھ ٿيندي ھئي.
جيڪڏھن وري ائين ٿيندو ھو يعني خدا تعاليٰ جي حڪم
جي انحرافي ٿيندي ھئي تھ پوءِ سڀ کان وڌيڪ غصو وري
حضور ﷺ جن کي ايندو ھو. جيڪڏھن ڪن بھ ٻين شين
منجھان ھڪڙي شيءِ جي چونڊ ڪرڻي ھوندي ھين تھ ھميشه
جيڪا ٻنھي ۾ آسان ۽ سولي ھوندي ھئي اھا اختيار
ڪندا ھئا بشرطيڪ انھيءَ ۾ ڪو گناھھ نھ ھوندو ھو.
حضرت عقبھ رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪڙي ڏينھن مان حضور ﷺ جن جي خدمت
اقدس ۾ حاضر ٿيس. ياد ناھي تھ حضور ﷺ جن پھريائين
منھنجي ھٿ کي پڪڙيو يا مان حضور ﷺ جن جي دست مبارڪ
سان پنھنجو ھٿ ملايو. دنيا ۽ آخرت جي ماڻھن
جي اخلاقن ۾ جيڪي افضل آھن اھي ٿو مان توکي
ٻڌايان. اھي ھي آھن تھ ”جيڪو توکان جتي تون ان سان
ڳنڍ ۽ جيڪو توکي محروم رکي تون ان کي عطا ڪر ۽
جيڪو توسان ظلم ڪري تون ان کي معاف ڪري ڇڏ.“
حضور ﷺ جن اھو پڻ فرمايو آھي تھ حضرت موسيٰ عليه السلام ڌڻي
تعاليٰ جي درگاھھ ۾ عرض ڪيو تھ الاھي تنھنجي بندن
منجھان توکي سڀ کان وڌيڪ پيارو ڪھرو بندو آھي.
ارشاد ٿيو تھ اھو شخص جيڪو وس ۽ طاقت ھوندي ٻئي کي
معاف ڪري ڇڏي.
حضرت ابودردا رضھ کان ڪنھن پڇيو تھ سڀ کان وڌيڪ عزت ڪنھنجي آھي.
جواب ڏنائون تھ جيڪو ٻئي کي پنھنجي چنبي ۽ پوري
قبضي ۾ آڻي ۽ پوءِ معافي ڏئي ڇڏيس. تون بھ ماڻھن
کي معاف ڪري ڇڏيندو ڪر خدا تعاليٰ توکي عزت
بخشيندو.
ھڪڙو شخص حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ڪا حق طلبي ڪرڻ لڳو.
حضور ﷺ جن ھن کي ويھڻ جو حڪم ڏنو ۽ ارادو
فرمايائون تھ ھن کي حق ڏياريو وڃي مگر ائين ڳالھين
ڪندي ھڪ نصيحت فرمايائون تھ ”تحقيق جيڪي مظلوم آھن
(ھن دنيا ۾) اھي ئي قيامت جي ڏينھن ڇٽل ۽ ڪامياب
ھوندا.“ انھيءَ ماڻھوءَ ھي حديث شريف ٻڌي پنھنجي
حق جي طلب ڇڏي ڏني.
حضرت عائشه رضھ کان مروي آھي تھ ”جيڪو شخص دانھن ٿو ڏئي انھيءَ
تي جنھن ان سان ظلم ڪيو تھ اھو ڄڻ پنھنجو بدلو وٺي
چڪو.“
حضور انس ٿو فرمائي تھ حضور ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”جڏھن قيامت جي
ڏينھن الله تعاليٰ خلق کي اٿاريندو تھ ھڪڙو پڪارڻ
وارو عرش جي ھيٺان ٽي دفعا پڪاريندو تھ اي توحيد
وارؤ! تحقيق الله تعاليٰ معاف ڪري ڇڏيو اوھان کي
ھاڻي اوھان کي جڳائي تھ ھڪ ٻئي کي معاف ڪري ڇڏيو.
حضرت ابوھريره رضھ کان روايت آھي تھ حضور ﷺ جن مڪي جي فتح
کانپوءِ ڪعبته الله جو طواف ڪيو ۽ ٻھ نفل ادا ڪري
وري ڪعبھ تشريف فرما ٿيا ۽ ڪعبي جي چوڪاٺ کي وٺي
ماڻھن کان پڇيو تھ ھاڻي اوھان جو منھنجي باري ۾
ڪھڙو قول ۽ گمان آھي. انھن عرض ڪيو تھ اسان ھيئن
ٿا چئون تھ اوھان اسان جا ڀاءُ آھيو، سوٽ آھيو
حليم آھيو ۽ رحيم آھيو ۽ ھي لفظ ٽي دفعا چيائون.
تنھن تي حضور ﷺ جن فرمايو تھ مان اھو قول ٿو چوان
جيڪو يوسف عليه السلام چيو ھو يعني ”لا تشريبَ
عليڪم اليوم يغفر الله لڪم وھو ارحم الراحِمين (اي
يوسف) چئو تھ اڄ اوھان تي ميار ڪانھي. الله اوھان
کي بخشيندو ۽ ھو سڀني ٻاجھارن کان وڌيڪ ٻاجھارو
آھي) راوي ٿو چوي تھ ھي قول ٻڌي ماڻھو ائين نڪري
پيا جيئن قبرن منجھان نڪرندا ۽ مسلمان ٿي ويا.
سھيل بن عمرو رضھ وري ھن قصي کي ھن طرح ٿو بيان
ڪري تھ جڏھن حضور جن مڪھ معظمھ ۾ تشريف فرما ٿيا
تھ ماڻھو حضور ﷺ جن جي اردگرد ھئا، اتي پنھنجا ٻئي
ھٿ ڪعبي جي چوڪاٺ تي رکي ھيءَ دعا پڙھي ”لا اِلاه
اِلاّ الله وحدهو لا شريڪ له صدق وعده ونصر عبده
وھزم الاحزاب“ (ناھي ڪوئي معبود سواءِ الله جي، ھو
اڪيلو آھي ۽ ڪوئي ھن جو شريڪ ناھي، ھن پنھنجو وعدو
سچو ڪيو ۽ پنھنجي ٻانھي جي مدد ڪئي ۽ تولين کي
اکيري ڀڄائي ڇڏيو.)“ پوءِ ماڻھن جي طرف مخاطب ٿي
فرمايائون تھ اي قريش جا گروھ! توھان جو منھنجي
باري ۾ ڪھڙو قول ۽ گمان آھي. راوي (يعني حضرت سھل)
ٿو چوي تھ مان عرض ڪيو تھ يا رسول الله ﷺ! اسان
چڱو ٿا چئون ۽ گمان بھ چڱو ئي ٿا رکون يعني اوھان
اسان جا ڪريم ڀاءُ ۽ رحيم ڀائٽيا آھيو ۽ اسان سڀئي
اوھان جي قبصي ۾ آھيون. تنھن تي پاڻ فرمايائون تھ
مان اھا ڳالھھ ٿو چوان جيڪا يوسف عليه السلام چئي
ھئي ”لا تثِريبَ عليڪم اليوم .....“ |