ھڪڙو اصحاب سڳورو ٿو فرمائي تھ ڪي ماڻھو مونکان
اھڙي ڳالھھ ٿا پڇن، جنھن جو جواب ڏيڻ مون کي
انھيءَ کان بھ وڌيڪ چڱو ٿو لڳي، جھڙو پياسي
ماڻھوءَ کي ٿڌو پاڻي چڱو لڳندو آھي. مگر مان
انھيءَ جو جواب وڌيڪ ڳالھائڻ جي خوف کان نٿو ڏيان
۽ مطرف رحمت الله عليه ٿو فرمائي تھ الله تعاليٰ
جي جلال جو لحاظ رکو ۽ بيجا ھن جو ذڪر نھ ڪريو.
مثلا ڪتي يا گڏھھ کي ڏسي چئو تھ اي الله! ھن کي
پري ڪر ۽ اھڙي قسم جي ٻين ڳالھين ۾ بھ ھن جو ذڪر
نھ ڪريو.
ھاڻي معلوم ڪرڻ گھرجي تھ زائد ڪلام جي ڪا حد مقرر ڪانھي. مگر
جيڪو ضروري ڪلام ڪرڻو آھي. ان جي حد قرآن مجيد ۾
موجود آھي. الله تعاليٰ ٿو فرمائي، لا خير في
ڪثِير من تّجواھم اِلاّ من امر بِصدقته او معروف
او اِصلاحِِ بَين الناس ”انھن جي گھڻين ڳجھين
صلاحن ۾ ڪا چڱائي نھ آھي، پر جنھن خيرات ڏيڻ يا
چڱي ڪم يا ماڻھن جي وچ ۾ سڌاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو
(تنھن جي صلاح ۾ چڱائي آھي).“ ۽ حديث شريف ۾ آھي
تھ خوشخبري ھجي انھيءَ شخص کي، جيڪو زائد ڪلام کان
زبان کي روڪي ۽ زائد مال کي خرچ ڪري ڇڏي. مگر ڏسڻ
گھرجي تھ ماڻھن ڪھرو نھ معاملو اونڌو ڪري ڇڏيو
آھي. يعني زياده مال کي نھ رچ ڪرڻ بدران ٺاھي جوڙي
قابو ڪري رکيو اٿن ۽ زبان کي روڪڻ بدران صفا ڇڙواڳ
ڇڏي ڏنو اٿن.
مطرف بن عبدالله رحھ پنھنجي والد کان روايت ٿو ڪري تھ ان جو
والد، رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ عامر جي ھڪ ٽولي سان
گڏ حاضر ٿيو. انھن ماڻھن حضور ﷺ جن کي عرض ڪرڻ
شروع ڪيو تھ سائين جن اسان جا بابا ۽ سيد (سردار)
۽ افضل ۽ محسن (نيڪي ڪندڙ) ۽ منعم (نعمتون ڏيندڙ)
آھن ۽ ھيئن اھن ۽ ھونءَ آھن. انحضرت ﷺ جن ٻڌي
ارشاد فرمايو تھ، ”اوھان پنھنجي ڳالھھ ڪريو. (ڏسو)
متان گھڻي (ڳالھائڻ ۾) شيطان اوھان کي پريشان ڪري
ڇڏي.“ ھن حديث مان معلوم ٿيو تھ جڏھن انسان ڪنھن
جي تعريف ۾ زبان ھلائڻ شروع ٿو ڪري تھ پوءِ کڻي ھو
ڳالھھ سچي بھ ڪري، پر خوف انھيءَ ڳالھھ جو آھي تھ
شيطان ڪا حد کان وڌيڪ ڳالھھ چورائي نھ وجھي.
حضرت ابن مسعود رضھ فرمائي ٿو تھ مان توھان کي گھڻي ڳالھائڻ کان
ڊيڄاريان ٿو. ماڻھوءَ لاءِ ايتري قدر ڳالھائڻ ڪافي
آھي، جنھن منجھان ھن جي حاجت يا ضرورت پوري ٿي
وڃي.
حضرت حسن رضھ فرمائي ٿو تھ اي ابن آدم تنھنجي اعمالن جو ڪاغذ ھر
وقت وڇايو پيو آھي ۽ ٻھ فرشتا ان تي تنھنجن عملن
لکڻ لاءِ مقرر ڪيل آھن. ھاڻي تنھنجي مرضي ٿورو
ڳالھائين توڙي گھڻو (سڀ تنھنجو ڳالھائڻ درج ڪيو
ويندو).
حضرت سليمان عليه السلام پنھنجي ھڪ جن کي ڪاڏي موڪليو ۽ ٻين کي
ھن جي پٺيان روانو ڪيو تھ جيڪو حال اوھان ھن جو
ڏسو ۽ جيڪي ڪجھھ ھي چوي. اھو مون کي اچي ٻڌائجو.
انھن اچي ٻڌايو تھ ھو بازار ۾ ويو ۽ ھن پنھنجو
منھن آسمان ڏي مٿي کنيو ۽ پوءِ ماڻھن ڏي نھاري مٿو
ڌوئڻ لڳو. پاڻ انھيءَ جن کان پڇيائون تھ ھيءُ ڇا
ھو؟ ھن عرض ڪيو تھ مون کي آسمان جي فرشتن تي تعجب
آيو تھ انسانن جي مٿن تي ويھي ڪيترو نھ تڪڙو انھن
جا اعمال لکي رھيا ھئا ۽ حضرت انسان تي وري اچرج
لڳو تھ ھو ڪيترو جلد ورغلائجي ٿو وڃي.
حضرت ابراھيم تيمي رحھ ٿو فرمائي تھ ايماندار جو ڳالھائڻ ڌيرج
سان ٿيندو آھي. جيڪڏھن ڪجھھ فائدو نظر ايندو اٿس
تھ ڳالھائيندو آھي ورنھ خاموش رھندو آھي. ٻئي پاسي
بدڪار ماڻھوءَ جي زبان لٻ لٻ پئي ڪندي آھي ۽ ھو
بنا ڪنھن ڌيان ۽ ڌيرج جي بڪندو ويندو آھي.
حضرت حسن رضھ فرمائي ٿو تھ جيڪو زياده ڳالھائيندو آھي. اھو
زياده ڪوڙو ھوندو آھي ۽ جنھن وٽ مال زياده ھوندو
آھي، اھو گناھھ زياده ڪندو آھي ۽ جيڪو بد خلق
ھوندو آھي. اھو پنھنجي جان تي جلد عذاب (يا وبال)
آڻيندو آھي.
حضرت عمرو بن دينار رضھ فرمائي ٿو تھ آنحضرت ﷺ جن جي مجلس مبارڪ
۾ ڪنھن ماڻھوءَ ڊگھي ڳالھھ وٺي ڪئي. پاڻ پڇيائونس
تھ تنھنجي زبان کي ھن طرف گھڻا دروازا آھن؟ ھن عرض
ڪيو تھ منھنجا ٻھ چپ ۽ ٻٽيھھ ڏند آھن. پاڻ
فرمايائونس تھ پوءِ انھن ۾ ڪوئي اھڙو ڪونھي، جو
تنھنجي ڳالھائڻ کي کڻي روڪي، ھڪڙي ٻي روايت ۾ آھي
تھ آنحضرت ﷺ جي شان ۾ ھڪڙي شخص وٺي ڊيگھھ ڪئي ھئي،
تنھن تي پاڻ فرمايائونس تھ انسان کي زبان جي زياده
گوئي کان وڌيڪ بري ٻي ڪا بھ شيءِ عنايت نھ ڪئي وئي
آھي.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ فرمائي ٿو تھ تڪبر ۽ فخر جي ڀؤ کان
مان گھڻو ڪري ڳالھائيندو ئي ڪو نھ آھيان.
ڪن سياڻن جو چوڻ آھي تھ جڏھن ماڻھو ڪنھن ڪچھريءَ ۾ ھجي ۽ اتي
پنھنجو ڳالھائڻ چڱو پيو لڳيس تھ ھن کي خاموش رھڻ
گھرجي ۽ جيڪڏھن وري پنھنجي خاموشي (فخر جي لحاظ
کان) چڱي لڳڻ شروع ٿئيس تھ ھن کي ضرور ڪجھھ نھ
ڪجھھ ڳالھائڻ گھرجي (انھيءَ لاءِ تھ ھن جو اھو فخر
ڀڄي).
يزيد بن آبي حبيب فرمائي ٿو تھ عالم جي لاءِ اھا بھ ھڪ وڏي
امتحان جي ڳالھھ آھي تھ پنھنجي ڳالھائڻ کان ٻين جي
ڳالھائڻ کي ٻڌڻ زياده پسند ڪري. انھيءَ ڪري اھو
لازمي آھي تھ جيسين ٻيو شخص ڳالھھ ڪري، تيسين چپ
رھجي. ڇاڪاڻ تھ ٻڌڻ ۾ سلامتي آھي ۽ ڳالھائڻ ۾ زبان
کي چرب ڪرڻ ۽ گھٽ وڌ چوڻ ۽ ٻين ڪيترين مصيبتن کي
منھن ڏيڻو ٿو پوي.
حضرت ابن عمر رضھ فرمائي ٿو تھ پاڪ ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مستحق
انسان جي زبان آھي ۽ حضرت ابراھيم رحھ جو قول آھي
تھ ٻن ڳالھين ۾ انسان جي تباھي آھي. ھڪ مال زائد ۽
ٻيو ڪلام زائد.
حضرت ابو درداِ رضھ ھڪ عورت زبان دراز ڏٺي. فرمايائون تھ ھيءَ
جيڪڏھن گونگي ھجي ھا تھ ھن جي حق ۾ بھتر ٿئي ھا.
اھڙيءَ طرح فضول ۽ زائد ڪلام جي مذمت ۽ ان جو سبب
۽ علاج اھو ئي آھي، جيڪو پھرين آفت ۾ گذري چڪو
آھي.
ٽين آفت
باطل ڳالھين جو ذڪر ڪرڻ
باطل ڳالھين جو ذڪر ڪرڻ بھ فضول ڪلام ۾ داخل آھي. مگر ھن م ۽
پھرين ٻن آفتن ۾ فرق ھي آھي تھ ھو ٻئي مباح ھيون ۽
انھن ۾ حرمت (حرام ھجڻ جي حالت) ڪا نھ ھئي. باطل
ڪلام اھو آھي، جنھن ۾ زياده گوئيءَ سان گڏ حرمت
(حرام ھجڻ) بھ شامل آھي. جھروڪ، گناھھ جون ڳالھيون
ڪرڻ يا عورتن جو بيان ڪرڻ يا شراب جي محفل ۽
بدڪارين جي جلسن جو ذڪر ڪرڻ يا بادشاھن ۽ دولتمند
ماڻھن جي عياشي خواه ٻين مڪروھ ڪمن جو داستان کولڻ
آھي. سڀ ھن ٽئين قسم جي آفت ۾ داخل آھن ۽ قطعا
ناجائز ۽ حرام آھن. ھيءَ آفت ھيئن پيدا ٿيندي آھي.
جو اول اول بي فائدي ۽ زائد ڪلام جي عادت پوندي
آھي ۽ پوءِ ماڻھو آھستي آھستي ھنن ڳالھين ۾ وڃي
پوندو آھي. گھنا ماڻھو رڳو تفريح ۽ تماشي طور
ڳالھيون ڪرڻ ويھندا آھن مگر جڏھن ڳالھيون ٿينديون
تھ اھي ئي ٿينديون. ڪڏھن ڪنھن جي آبروءَ جو ذڪر
ھوندو تھ ڪڏھن ڪنھن جي رخسار جو بيان يا مٿين
ڳالھين منجھان شراب ڪباب جي ڪا ڳالھھ ھوندي.
جيئن جو باطل ڳالھين جي ڪا حد مقرر ڪانھي ۽ انھن جا نمونا ۽ قسم
ڳاڻاٽي کان ٻاھر آھن. انھيءَ ڪري انھن کان بچڻ
سواءِ انھيءَ ڳالھھ جي ٿي نٿو سگھي تھ سواءِ انھن
ڳالھين جي، جيڪي دين يا دنيا جون مکيھ ۽ ضروري آھن
ٻي ڪا ڳالھھ وات تي نھ آڻجي ڇاڪاڻ تھ ھن آفت ۾
مبتلا ٿيڻ سان ماڻھو تباھھ ۽ برباد ٿئي ٿو ۽ ھو
پنھنجي ذھن ۾ ھن ڳالھھ کي ڏاڍو خفيف (ھلڪو) ٿو
سمجھي. ھن باري ۾ ھلال بن حارث رضھ فرمائي ٿو تھ
آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ، ”انسان ھڪڙو ڪلمو
(لفظ) الله تعاليٰ جي خوشيءَ جو ڳالھائي ٿو ۽ اھا
خبر ڪانھيس تھ انھيءَ مان ڪا وڏي رضامندي حاصل
ٿيندي. مگر خداوند ڪريم انھيءَ ڪلمي جي سبب قيامت
تائين رضامندي لکي ٿو ڇڏي ۽ ڪڏھن وري ھن کان ڪو
ناخوشيءَ جو ڪلمو نڪري ٿو وڃي ۽ اھو ھن کي معلوم
نٿو ٿئي تھ ھن منجھان ڪا ناخوشي زياده ٿيندي. مگر
الله تعاليٰ انھيءَ ڪلمي جي سبب پنھنجي ناخوشي
قيامت تائين ٿو لکي ڇڏي.“ حضرت علقمه رضھ ٿو
فرمائي تھ ڪيترين ڳالھين کان مون کي ھلال بن حارث
رضھ جي بيان ڪيل حديث روڪي ڇڏيو آھي.
ھڪ حديث شريف ۾ آھي تھ، ”تحقيق ماڻھو ڪا ڳالھھ ڪري ٿو تھ، جنھن
سان پنھنجن محفل وارن (ھمنشينن) کي کلائي يا خوش
ڪري (مگر) انھيءَ جي ڪري ھو ثريا کان بھ پري ٿو
وڃي ڪري.“
حضرت ابو ھريره رضھ فرمائي ٿو تھ ماڻھو ڪڏھن بي پرواھيءَ کان
اھڙي ڳالھھ چئي ٿو ويھي جو انھيءَ جي سبب دوزخ ۾
وڃي ٿو پوي ۽ ڪڏھن اھڙي ڳالھھ ٿو ڪري، جنھن جي سبب
جنت جا درجا ھن کي عنايت ٿا ٿين. آنحضرت ﷺ جن
فرمائين ٿا تھ، ”سڀ کان مٿي خطائن (گناھن) ۾ قيامت
ڏينھن اھو ھوندو، جيڪو باطل ڳالھين ۾ گھڻو خوض
(غور، سوچ ويچار) ڪندو ھوندو“ ۽ انھيءَ طرف اشارو
آھي ھن آيت ڪريمھ جو، ”وکنا نخوص مع الخائضين، ۽
اسان اجايو بحث ڪندڙن سان بڪواس ڪندا ھواسين“ ۽ ھن
آيت جو تھ، ولا تقعدوا معھم حتّي يخوضوا في حديثِِ
غيره اِنکم اِذا مثلھم“ ۽ تسين نھ ويھو انھن سان
گڏجي، جيسين ھو انھيءَ کانسواءِ ٻي ڪنھن ڳالھھ ۾
مشغول نھ ٿين (يا ٻيو ڪو بحث نھ ڪن).اوھين انھيءَ
مھل (جي وھندؤ تھ) انھن جھڙا ٿيندؤ.“
حضرت سليمان رضھ ٿو فرمائي تھ قيامت جي ڏينھن زياده تر خطاوار
اھو ئي ھوندو، جنھن خدا تعاليٰ جي نافرمانيءَ جون
ڳالھيون ڪيون ھونديون.
ابن سيرين رحھ فرمائي ٿو تھ انصارن منجھان ھڪ شخص جڏھن بھ انھن
جي مجلس وٽان گذر ڪندو ھو تھ چوندو ھو تھ وضو ڪري
وٺو. ڇاڪاڻ جو جيڪي ڳالھيون توھان ڪريو ٿا، اھي
پاخاني کان بھ وڌيڪ بڇڙيون آھن. بس باطل ڳالھيون
انھن جو نالو آھي ۽ ھي گلا، چغلي ۽ گارين وغيره
کان سواءِ آھن ۽ اھي مڪروھ شيون آھن، جن جو وجود
اڳ ۾ گذري چڪو آھي ۽ انھن جي وري بيان ڪرڻ لاءِ ڪا
بھ ديني ضرورت ڪا نھ ھجي. ھنن ڳالھين ۾ گھڻو ڪري
ھي ڳالھيون شامل آھن: بدعت جي ڳالھين جو نقل ڪرڻ،
ڪوڙن مذھبن جون حڪايتون بيان ڪرڻ ۽ اصحابنسڳورن جي
جھڳڙن کي اھڙيءَ طرح بيان ڪرڻ، جنھن مان ھي وھم
پيدا ٿئي تھ انھن مان ڪو خطا تي ھو. اھي ڳالھيون
بيڪار آھن. الله تعاليٰ شل انھن کان بچائي.
چوٿين آفت
اجايو بحث مباحثو يا ردڪد ڏيڻ
عربي ٻوليءَ ۾ اجائي بحث مباحثي ڪرڻ ۽ ٻئي جي ڳالھھ کي رد ڪد
ڏيڻ کي مراءُ ڪري سڏيندا آھن. حديث شريف ۾ ڪنھن بھ
ڳالھھ تي بحث مباحثو ڪرڻ ۽ جھڳڙي ڪرڻ جي منع آئي
آھي. حديث ۾ آھي تھ، ”پنھنجي ڀاءُ جي ڳالھھ کي رد
نھ ڏي. ھن تي ٺٺول نھ ڪر ۽ اھڙو وعدو ھن سان نھ
ڪر، جنھن وعدي جي تون وري خلاف ڪرين.“ بي حديث ۾
آھي تھ، ”ڳالھھ کي رد ڏيڻ ڇڏي ڏيو. ڇاڪاڻ تھ نھ ھن
۾ ڪا حڪمت سمجھي وڃي ٿي ۽ نھ ھن جي فتني کان امان
ملي ٿي سگھي.“ ٽين حديث ۾ وري فرمائين ٿا تھ،
”جنھن ماڻھوءَ رد ڏيڻ ترڪ ڪيو باوجود انھيءَ جي،
جو ھو حق تي ھو تھ ھن لاءِ جنت اعليٰ ۾ ھڪ گھر
اڏايو ٿو وڃي ۽ جنھن ماڻھوءَ رد ڏيڻ ڇڏيو ۽ ھو
باطل تي ھو تھ ھن لاءِ جنت جي وچ (يا آسپاس) ۾ گھر
اڏيو ٿو وڃي.“
حضرت ام سلمھ رضھ آنحضرت ﷺ کان روايت ٿي ڪري تھ پاڻ سڳورن
فرمايو تھ، ”تحقيق پھريون عھد، جيڪو منھنجي رب مون
کان ورتو ۽ بتن جي پوڄا ڪرڻ ۽ شراب پيئڻ کانپوءِ
جنھن شيءِ جي مون کي (منھنجي رب) منع ڪئي اھا آھي
ماڻھن سان رد ڪد ڏيڻ (يعني گفتگو ۾ اجايو جھڳڙو
ڪرڻ).“ اھو پڻ سندن فرمان آھي تھ، ”ايمان جي حقيقت
کي ڪو بھ بنده تيسين پورو نٿو ڪري، جيسين ھو ڳالھھ
جي رد ڏيڻ کي ترڪ نٿو ڪري، انھيءَ ھوندي جو (ھو رد
ڏيڻ ۾) حق تي بھ ھجي.“ اھو بھ حديث ۾ آيو آھي تھ،
”جنھن ۾ ڇھھ خصلتون آھن اھو حقيقي ايمان جي درجي
کي پھچي ٿو وڃي. پھريون گرمين ۾ روزا رکڻ، ٻيو خدا
تعاليٰ جي دشمن کي تلوار سان ڪپڻ، ٽيون مينھن ۽
جھڙ جي ڏينھن نماز جلد ادا ڪرڻ، چوٿون مصيبت ۾ صبر
ڪرڻ، پنجون باوجود مڪروھات جي وضوءَ کي پورو ڪرڻ ۽
ڇھون حق بجانب ھوندي بھ اعتراض جھڳڙو (رد ڪد) نھ
ڪرڻ.
حضرت زبير رضھ پنھنجي پٽ کي ھدايت ڪئي تھ قرآن جي ڳالھھ ۾ ڪنھن
سان جدال (جھڳڙو) نھ ڪجانءِ. ڇاڪاڻ تھ ماڻھن سان
مقابلو ڪري نھ سگھندين، بلڪھ سنت نبوي کي پنھنجو
دستور العمل بڻائجانءِ.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ فرمائي ٿو تھ
جيڪو دين ۾ زياده اعتراضات جي پٺيان ھوندو آھي،
اھو دين ۾ ھميشه ڦرندو رھندو آھي.
حضرت مالڪ بن انس رحھ فرمائي ٿو تھ جدال (يعني جھڳڙو) ڪرڻ دين
سان ڪو بھ واسطو نٿو رکي ۽ ھيءُ بھ انھيءَ جو قول
آھي تھ جھڳڙي ڪرڻ سان دليون سخت ٿي ٿيون وڃن ۽
دلين ۾ ڪين جو ٻج پئجي ٿو وڃي.
لقمان حڪيم پنھنجي پٽ کي نصيحت ڪئي تھ
علماءَ سان جدال، يعني اجايو بحث مباحثو نھ
ڪجانءِ. متان ھو توسان بغاوت ڪن.
بلال بن سعد رحھ ٿو فرمائي تھ جڏھن ڪنھن کي جھڳڙالو، منھن مقابل
ٿيندڙ ۽ خود راءِ (رڳو پنھنجي ھلائڻ وارو) ڏسين تھ
سمجھھ نھ خساره (ٽوٽو يا گھاٽو) ھن تي ختم ٿي چڪو
آھي.
حضرت سفيان ٿوري رحھ ٿو فرمائي تھ ھونءَ تھ ڪنھن بھ ماڻھوءَ کان
ڪنھن بھ ڪم لاءِ معافي ۽ صفائي حاصل ڪري ٿي سگھجي
مگر مراءُ يا جدال واري ٿوري ڳالھھ تي ماڻھوءَ کي
اھڙو غصو اچي ٿو سگھي جو ھو ڪنھن وقت ٻئي کي اھڙي
مصيبت ۾ ڦاسائيندو، جنھن منجھان ھن جي ساري حياتي
تلخ ٿي وڃڻ جو امڪان اھي.
حضرت ابن آبي ليليٰ رحھ ٿو چوي تھ مان پنھنجن دوستن سان تڪرار
نھ ڪندو آھيان ڇاڪاڻ تھ اھو ٻن ڳالھين کان خالي
ناھي يا تھ انھن کي مان ڪوڙو ڪندس يا اجايو غصو
ڏياريندو مان.
حضرت ابو درداِ رضھ فرمائي ٿو تھ آدميءَ لاءِ اھو گناھھ ئي ڪافي
آھي، جو ھميشه بحث مباحثو ڪندو وتي.
آنحضرت ﷺ جن ٿا فرمائين تھ، ”ھر بحث ڪرڻ واري جو ڪفارو ٻھ
رڪعتون آھن.“
حضرت عمر رضھ جو قول آھي تھ علم ٽن ڳالھين لاءِ سکڻ نھ گھرجي ۽
ٽن ڳالھين جي ڪري ان کان پاسو ڪرڻ نھ گھرجي. يعني
بحث، رياءَ ۽ فخر لاءِ علم سکڻ نھ گھرجي ۽ حياءُ،
زھد ۽ جھالت تي راضي رھڻ جي لحاظ کان علم کان ھٿ
کڻڻ نھ گھرجي.
حضرت عيسيٰ عليه السلام ٿو فرمائي تھ جيڪو گھڻو ڪوڙ ٿو ڳالھائي
ان جي نيڪي ختم ٿي ٿي وڃي، جيڪو ماڻھن سان بحث
مباحثو ٿو ڪري، اھو بي مروت ٿي ٿو وڃي، جنھن کي
رنج گھڻو ھوندو آھي، اھو مريض ٿي ٿو وڃي ۽ جنھن کي
چڱي عادت ناھي، ان جي جان عذاب ۾ ٿي رھي.
ميمون بن مھران رضھ کان ماڻھن پڇيو تھ ڪھڙو سبب آھي جو توھان
ڪنھن سان بھ عداوت جي سببان تعلقات نٿا ٽوڙيو
(يعني ڪو بھ اوھان سان عداوت نٿو ڪري). ورندي
ڏنائون تھ مان نھ ڪنھن سان دل لڳي (کل مسخري يا
مذاق) ڪريان ۽ نھ بحث يا تڪرار ڪريان پوءِ ٻڌايو
تھ عداوت جو سبب باقي ڇا بڻبو؟
مطلب تھ مراءُ (يعني اجايو بحث مباحثو) ۽ جدال (يعني دين جي
ڳالھين تي تڪرار ڪرڻ) جون برايون ڳاڻاٽي کان ٻاھر
آھن ۽ مراءُ (يعني بحث ۽ تڪرار) جي وصف آھي. ٻئي
ماڻھوءَ جي ڳالھھ ۾ لفظن يا معنائن يا ارادي تي
اعتراض وٺي. انھن م نقص يا غلطي ظاھر ڪرڻ، لفظن ۾
عيب ڪڍڻ جو مثال اھو آھي تھ ڪو چوي تھ تون علم نحو
يا لغت يا مھاوري جي ابتڙ ٿو ڳالھائين يا چئجي تھ
ھن جملي جي بناوت ٺيڪ ناھي ۽ لفظن ۾ اڳ پوءِ گھڻي
ٿيل آھي. اھو گھڻو ڪري ڏٺو ويو آھي تھ جيڪو ماڻھو
گھٽ ٿو ڄاڻي، اھو سٺي عبارت ۾ نٿو ڳالھائي سگھي يا
جيڪڏھن ڪنھن کان زبان منجھان ڪجھھ مان ڪجھھ نڪري
ٿو وڃي تھ جنھن ۾ اعتراض جي عادت ٿي ٿئي اھو فورا
عيب ڪڍڻ تي تيار ٿي ٿو وڃي، حالانڪھ عيب ظاھر ڪرڻ
جو ڪو سبب ئي نظر ڪو نھ ايندو آھي. معنائن ۾
اعتراض اھو آھي تھ ڪنھن کي چئجي تھ جيئن تو لکيو
آھي. تيئن صحيح ناھي، ان ۾ ھي ھي غلطيون آھن ۽
ارادي ۾ عيب ظاھر ڪرڻ جي صورت ھيءَ آھي تھ ڪنھن کي
ٻڌائجي تھ تنھنجو مضمون تھ ٺيڪ آھي مگر تو اھو ڪم
حق کي ثابت ڪرڻ لاءِ نھ ڪيو آھي. ان ۾ تنھنجو ڪو
ٻيو مطلب رکيل ٿو ڏسجي جيڪڏھن علمي مسائل ۾ اھڙي
قسم جو اعتراض ورتو ويندو آھي تھ ان کي جدل ۽ جدال
سڏبو آھي. بھر صورت ٻئي تڪرار ۽ جھڳڙي جا قسم خراب
آھن ۽ انھن کي ترڪ ڪرڻ لازمي آھي.
جڏھن ماڻھو ڪا ڳالھھ ٻڌي، تڏھن جيڪڏھن سچي آھي تھ يڪدم کڻي ان
کي مڃي، جيڪڏھن ڪوڙي آھي ۽ ديني ڪمن سان ان جو ڪو
تعلق ناھي تھ چپ رھي، عيب ڪڍڻ جو ڪو ضرور ڪونھي.
ھا جيڪڏھن سچ پچ فائدي حاصل ڪرڻ جي غرض سان سوال
ڪري ۽ عناد ۽ بغض کي دخل نھ ھجي ۽ جواب ڏيندڙ بھ
(ھن جي سوال کي طعنو نھ سمجھي) نرمي سان جواب ڏئي
تھ پوءِ پڇڻ ۾ ڪو مضائقو ناھي، جدال منجھان غرض
ھوندو آھي. ٻئي جي ڪلام تي اعتراض ڪري ھن کي چپ
ڪرائڻ ۽ ھن جي گھٽتائي ۽ عاجزي ظاھر ڪرڻ. ان جي
پڇاڻ ھي آھي تھ ڳالھھ يا بيان ڪندڙ کي ٻيءَ طرح
سمجھائڻ چڱو نھ لڳي. جدال ڪرڻ وارو انھيءَ ڳالھھ
کي ضروري ٿو سمجھي تھ مان ئي ڳالھائيندڙ جو قصو
علانيھ (کلم کلا) ٻڌايان تھ منھنجي فضيلت ۽ ھن جي
گھٽتائي ڪئي وڃي. ھن کان ڇوٽڪاري جي صورت فقط اھا
ئي آھي تھ جنھن ڳالھھ جي ڪرڻ سان ڪو گناھھ بھ نھ
ٿيندو ھجي تھ انھيءَ کان سڪوت اختيار ڪري ۽ مراءُ
۽ جدال جو سبب اھو ئي آھي جو ماڻھو پنھنجي لياقت ۽
فضيلت ٻين تي انھن جي ڪم لياقتي ۽ نالائقي ظاھر
ڪرڻ سان ٿو جتائڻ چاھي ۽ ھي ٻئي خواھشون نفس م ھر
وقت باقاعدي موجود ٿيون رھن.
فضيلت جو اظھار خود ثنائي (پاڻ ٻڌائڻ) جي قبيلي يا ڪٽنب منجھان
آھي. اھو فضيلت جتائڻ جو جذبو، وڏائي ۽ بزرگيءَ
(يعني ربوبيت جي صفتن) جي جوش کان پيدا ٿو ٿئي ۽
ٻئي کي ناقص ڄاڻڻ جو جذبو درندن جي صفتن جي تقاضا
جي اثر کان ٿو جوش ۾ اچي. ڇو تھ درندو بھ اھو
چاھيندو آھي تھ ٻئي کي چيري ڦاڙي ختم ڪري ڇڏي يا
ڪم از ڪم ھن کي صدمو يا ايذاءُ پھچائي. مطلب تھ ھي
ٻئي صفتون انسان جي حق ۾ ھلاڪت جو باعث آھن ۽ انھن
کي مراءُ (بحث مباحثو) ۽ جدال (جھڳڙي) کان ويتر
طقت ملي ٿي وڃي. پوءِ جيڪو بحث مباحثو ۽ جھڳڙو
ڪندو رھندو. اھو انھيءَ ھلاڪ ڪندڙ صفتن کي شھھ
ڏيندو رھندو. يعني ڀڙڪائيندو رھندو ۽ ھي ڪم ڪراھت
جي حد کان وڌي وڃي معصيت (گناھھ) ۾ داخل ٿو ٿئي
(بشرطيڪ ٻئي کي ايذاءُ پھچي). بحث ۽ تڪرار ۾ اھا
ڳالھھ تھ ھميشه ھوندي آھي تھ ٻئي کي ضرور ايذاءُ
پھچندو آھي ۽ غصو ايندو آھي ۽ اعتراض جي جواب ۽
پنھنجي ڪلام جي تائيد (ٽيڪ) ۾ جيڪو بھ آلو سڪو ۽
ڪوڙ سچ ٺھي ايندو آھي. اھو پيش ڪبو آھي ۽ اعتراض
ڪندڙ جي ڪلام ۾ جيڪو بھ نقص يا خلل سمجھي ايندو
آھي. اھو پيش ڪيو آھي اھڙيءَ طرح پاڻ ۾ ٻئي ڄڻا
وڌندي وڌندي اھڙو وڙھندا آھن، جھڙو ڪٿا، ڇاڪاڻ جو
ھر ھڪ جو ارادو اھو ئي ھوندو آھي تھ ھن دفعي اھڙي
چوٽ ڏيانس جو خوب صدمو ۽ تڪليف پھچيس ۽ سواءِ
خاموشي ۽ عاجزيءَ جي ٻيو ڪو چارو ئي نھ ھجيس. |