سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :34

آثار يعني بزرگن جا قول

روايت آھي تھ حضرت ابو درداء رضھ سان ڪنھن بڇڙو قدم کنيو پاڻ دعا گھريائون تھ اي منھنجا الله! جنھن مون سان بڇڙو قدم کنيو آھي تون انھيءَ جو جسم صحيح سلامت رک. ھن جي عمر دراز ڪر ۽ ھن جو مال زياده ڪر. ھتي ڏسڻ گھرجي تھ بدن جي صحت ۽ وڏي عمر ھوندي بھ گھڻو مال جان جو وبال ٿو ٿئي ڇاڪاڻ تھ گھڻي مال سان سرڪشي جو غالب ٿيڻ نھايت لازمي آھي (انھيءَ ڪري حضرت ابو دردا رضھ انھن لفظن ۾ بد دعا ڪرڻ فرمائي).

ھڪ دفعي حضرت علي ڪر۾ الله وجھھ پنھنجي ھٿ جي تريءَ تي ھڪڙو درھم رکي ان کي فرمايو تھ تون اھڙي شيءِ آھين جو جيسين تون مون کان ٽري پري  نھ ٿيندين تسين مون کي ڪو بھ ديني فائدو ٿو  سمجھان ڪو نھ پھچندو.

روايت آھي تھ حضرت عمر رضھ حضرت زينب رضھ بنت جحش جي خدمت ۾ ڪجھھ رقم موڪلي. حضرت زينت رضھ پڇيو تھ ھي ڇا آھي. ماڻھن عرض ڪيو تھ ھي حضرت عمر رضھ جن اوھان ڏانھن موڪلي آھي. چيائين تھ الله تعاليٰ شل عمر رضي الله عنه کي بخشش فرمائي. پوءِ ھڪڙي پڙدي جي چادر جيڪا ھن وٽ ھئي انھيءَ کي ڦاڙي ان منجھان ڳوٿريون تيار ڪري ساري رقم پنھنجن گھر وارن، عزيزن قريبن ۽ يتيمن ۾ تقسيم ڪري ڇڏي. پوءِ ٻئي ھٿ کڻي دعا گھريائين تھ منھنجا الله! ھن سال کان پوءِ مون وٽ حضرت عمر رضھ جو عطيھ نھ اچي ۽ ٿيو بھ ائين ئي جو انھيءَ سال ۾ حضرت رسول ڪريم ' جي پاڪ بيبين منجھان پھريون انتقال حضرت زينب رضھ جو ٿيو (۽ وري ھن وٽ ڪو مال ڪو نھ پھتو).

حضرت حسن رضھ فرمايو تھ جنھن کي درھم عزت ٿو بخشي تنھن کي الله تعاليٰ ذليل ٿو ڪري. چون ٿا تھ جڏھن درھم ۽ دينار (يعني سون چانديءَ جا سڪا) پھريائين وجود ۾ آيا تھ شيطان کڻي انھن کي پنھنجي پيشاني تي رکيو ۽ پوءِ انھن کي چمي ڏني ۽ ظاھر ڪيو تھ جيڪو توھان ٻنھي کي پير ڪندو اھو منھنجو حقيقي ٻانھو بڻبو.

حضرت شميط بن عجلان جو چوڻ آھي تھ درھم ۽ دينار منافقن جون واڳون يا لغام آھن جن سان ھو دوزخ ڏي ھڪليا ويندا (يعني درھم ۽ دينار گڏ ڪرڻ وارو منافق آھي).

حضرت يحيٰ بن معاذ رحھ ٿو فرمائي تھ درھم ھڪ وڇون آھي. جيڪڏھن توکي ان جو منتر نٿو اچي تھ ان کي ھٿ نھ وجھھ ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ھو توکي ڏنگ ھڻندو تھ ھن جو زھر توکي ماري ڇڏيندو. ماڻھن عرض ڪيس تھ اھو منتر ڪھڙوآھي. چيائين تھ حلال ڪمن سان مال ڪمائڻ ۽ حق جي راھھ ۾ ان کي خرچ ڪرڻ.

حضرت علاءُ بن زياد رحھ ٿو فرمائي تھ دنيا منھنجي اڳيان پنھنجي پوري ھار سينگار سان صورت وٺي آئي. ھن کي ڏسي مان چيو تھ الله تعاليٰ تنھنجي شر کان مون کي پناھھ بخشي. تنھن تي دنيا مون کي چيو تھ جيڪڏھن تون چاھين ٿو تھ الله تعاليٰ توکي منھنجي شر کان بناھ ۾ رکي تھ درھم ۽ دينار سان بغض رک يعني انھن کي برو ڪري سمجھھ ڇاڪاڻ تھ درھم ۽ دينار تھ ڄڻ ساري دنيا آھن ۽ انھن جي ذريعي ئي انان وڃي ٿو سڀني اسبابن کي پھچي. پوءِ جنھن انھن بنھي کان پاڻ پليوتنھن ڄڻ تھ پاڻ کي ساري دنيا کان پليو.

روايت آھي تھ حضرت مسلمھ بن عبدالملڪ، حضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ وٽ موت جي وقت ويو ۽ چيائينس تھ يا امير المؤمنين اوھان اھڙو ڪم ڪيو آھي جيڪو اوھان کان اڳي ڪنھن بھ ڪو نھ ڪيو آھي. توھان پنھنجي اولاد لاءِ ڪو درھم يا دينار نھ ڇڏيو آھي. چون اٿ تھ ھضرت عمر بن عبدالعزيز رحھ کي تيرھن پٽ ھئا، اھو ٻڌي حضرت عمر رضھ چيو تھ مون کي اٿاري ويھاريو. جڏھن اٿاري ويھاريائونس تھ فرمايائين تھ اي مسلھ! تون چوين ٿو تھ مان انھن لاءِ ڪو درھم يا دينار نھ ڇڏيو آھي. اھو صحيح آھي مگر مان انھن کان ڪو انھن جو حق بھ تھ ڪو نھ کسيو آھي. باقي ايترو ضرور آھي تھ بين جو حق مان انھن کي نھ ڏنو آھي. انھيءَ کانسواءِ منھنجا پٽ ٻن قسمن جا آھن يا تھ ھو خدا تعاليٰ جا فرمانبردار آھن ۽ انھيءَ صورت ۾ خدا تعاليٰ انھن لاءِ ڪافي آھي جھڙيءَ طرح پاڻ فرمايو اٿس وھو يتولي الصالحين (۽ ھو (الله تعاليٰ) نيڪن کي مدد ڪندو آھي). يا تھ منھنجا پٽ عاصي ۽ نافرمان آھن. پوءِ انھن لاءِ مون کي پرواھھ ناھي، جيڪي انھن سان ٿئي سو ڀلي پيو ٿئي.

رواي آھي تھ محمد بن ڪعب القرظي رحھ کي تمام گھڻو مال ھٿ لڳي ويو. ماڻھن چيس تھ جيڪر اھو مال پنھنجي مئي کان پوءِ پٽ لاءِ ڇڏي وڃين تھ ڏاڍو چڱو. تنھن تي وراڻي ڏنائين تھ بلڪل اھو مال مان پنھنجي لاءِ خدا تعاليٰ وٽ جمع ڪندس ۽ پنھنجي پٽ لاءِ الله تعاليٰ جو مٺو نالو ڇڏي ويندس ۽ انھيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪو بھ خزانو ڪو نھ ٿو ٿي سگھي.

ھڪڙي شخص ابو عبدالرب کي چيو تھ ادا! ائيننھ ٿئي جو تون دنيا منجھان بڇڙيءَ طرح ختم ٿي وڃين ۽ مال پنھنجي اولاد جي اڏارڻ لاءِ ڇڏي وڃين. اھو ٻڌڻ سان ھن يڪدم ھڪ لک درھم خيرات ڪري ڇڏيا.

يحيٰ بن معاذ رحھ ٿو فرمائي تھ بھ مصيبتون آھن جيڪي ٻانھي کي موت جي وقت اچن ٿيون ۽ اھي مصيبتون اھڙيون آھن جو انھن جھڙيون نھ اڳين ٻڌيون نھ پوين ٻڌيون. ماڻھن پڇيس تھ اھي ڪھڙيون مصيبتون آھن. چيائين تھ ھڪڙي مصيبت اھا آھي تھ سمورو مال موت جي وقت ھن کان الڳ ڪيو ٿو وڃي ۽ ٻي مصيبت اھا آھي تھ پڇاڻو وري ساري مال جو ھن کان ئي ڪيو ٿو وڃي.

بيان ٻيو

مال جي تعريف ۽ ان ۾ خوبي ۽ خرابي ھجڻ جو سبب

ڄاڻڻ گھرجي تھ الله تعاليٰ پنھنجي ڪلام پاڪ ۾ ڪن جاين تي مال کي ”چڱائي“ جي لفظ سان بيان فرمايو آھي. جھڙوڪ: (1) اِن ترڪ خيرءٌ الوصيت للوالدين ولاقربِين بِالمعروف حقا علي المتّقين (جيڪڏھن ڪو ڪجھھ مال ڇڏي تھ تڏھن اوھان تي ماءُ پيءُ ۽ مٽن لاءِ چڱائي سان وصيت لازم ڪئي وئي، اھو پرھيزگارن تي لازمي آھي. آنحضرت ' جن پڻ فرمايو آھي تھ نيڪار ماڻھن جو مال نيڪو ڪارن ماڻھن لاءِ سھڻو آھي. بھرحال قرآن شريف ۾ حديث مبارڪ منجھان مال جون خوبيون بھ ثابت آھن. صدقي، خيرات ۽ حج، زڪوات بابت جيڪي خوبيون بيان ڪيون پيون وڃن اھي سبب اڻ سڌيءَ طرح مال جون خوبيون آھن ڇاڪاڻ تھ مال کانسواءِ انھن نيڪ ڪمن جو حاصل ٿيڻ ڏاڍو مشڪل بلڪھ ڪن حالتن ۾ ناممڪن آھي. سوره ڪھف ۾ الله تعاليٰ ٿو فرمائي ويستطرجا ڪنز ھما رحمته من ربِڪ (۽ پنھنجو خزانو تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھھ سان ڪڍن) ۽ ٻئي ھنڌ وري پنھنجن بندن تي احسان جتائيندي ارشاد فرمايو آھي تھ ويعده ڪم بِاموال وبَنين ويجمل لڪم جنته و يجمل لڪم انھٰرا (۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ۽ اوھان کي نھرون بڻائي ڏئي).

حديث شريف ۾ جو آيو آھي تھ ”ممڪن آھي تھ سچائيءَ کان ماڻھو ڪفر ۾ پئجي وڃي“ اھو پڻ مال جي فائدي ۾ ھڪ قسم جي تعريف آھي يعني ڪن حالتن ۾ مال انسان کي ڪفر کان بچائي ٿو وٺي. مگر مال جي ساراھھ ۽ مذمت جي سبب جو پورو پتو تيسين نھ پئجي سگھندو جيسين مال جي حڪمت ۽ مقصد ۽ ان جي آفتن ۽ شرارتن جو پورو پورو علم نھ حاصل ڪيو ويندو. عام طرھ سڀ ڪو ڏسي سگھي ٿو تھ مال ڪن حالتن ۾ چڱو آھي تھ ڪن ۾ خراب، پوءِ چڱائي يا خوبي پھچائڻ جي حالت ۾ ھو ساراھيل ٿي و رھي ۽ خرابي پھچائڻ جي حالت ۾ مذموم ۽ ننديل ٿو رھي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ مال بذات خود تھ محض چڱو ۽ نھ محض خراب آھي، چڱائي ۽ خرابيءَ ٻنھي جي لاءِ ھڪ سبب ٿو بڻجي اھو قدرتي قاعدو آھي تھ جيڪا شيءِ نيڪي ۽ بدي ٻنھي جو سبب ھوندو آھي انھيءَ جي ڪڏھن ساراھھ ٿيندي آھي تھ ڪڏھن مذمت. مگر ھر ڪو ھوشيار ۽ عاقل شخص ھن منجھان سمجھي سگھي ٿو تھ مال ساراھھ جي لائق بھ آھي تھ مذمت جي لائق بھ تھ جيڪي ڪجھھ اسان احياءُ العلوم جي چوٿين جلد ۾ شڪر جي باب ۾ خيرات جو بيان ۽ نعمت جي درجن جو تفصيل لکيو آھي اھو پڙھڻ گھرجي. ھتي ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو تھ دانائن ۽ اھل بصيرت وارن جو اصل مقصد ھوندو آھي آخرت جي سعادت ۽ نيڪ بختي حاصل ڪرڻ ۽ حقيقت ۾مستقل رھندڙ دولت ۽ پائدار نعمت بھ اھا ئي آھي ۽ دانا ۽ بزرگ ھستيون انھيءَ شيءِ جي ئي ھميشه رغبت رکندا آھن. ھديث شريف ۾ بھ آيو آھي تھ ماڻھن آنحضرت ' جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو تھ ماڻھن ۾ سڀني کان بزرگ ۽ دانا ڪير آھي. حضور ' جن ارشاد فرمايو تھ ”جيڪو موت کي سڀ کان گھڻوياد ڪري ۽ ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ زياده تياري ڪري.“

ڄاڻڻ گھرجي تھ اھا آخرت جي سعادت دنا ۾ ٽن وسيلن سان ٿي حاصل ٿئي. ھڪ نفسي فضائل جھڙوڪ علم ۽ سھڻو خلق، ٻيو بدني فضائل جھڙوڪ صحت ۽ سلامتي ۽ ٽيون اھي فضائل جيڪي انسان جي جسم کان ٻاھريان آھن جھڙوڪ مال ۽ اسباب وغيره انھن ٽنھي فضيلتن منجھان نفسي فضيلت سڀ کان اعليٰ آھي ۽ ان کان پوءِ بدلي فضيلت جو درجو آھي ۽ سڀ کان گھٽ درجي واري فضيلت آھي ٻاھرين خارجي شين جي فضيلت واضح ھجي تھ مال انھن خارجي شين منجھان آھي ۽ انھيءَ مال جي ادنيٰ ۾ ادنيٰ جنس آھي درھم ۽ دينار يعني نقد ناڻو ڇاڪاڻ تھ اھي ٻئي خادم آھن ۽ انھن جو ڪو بھ خادم ڪينھي ۽ انھن کي حاصل ڪرڻ منجھان مراد ھوندي آھي انھن جي ذريعي ٻيون شيون حاصل ڪرڻ ۽ نھ رڳو انھن کي ذاتي طرح حاصل ڪرڻ.

ھاڻي جيڪڏھن آخرت جي سعادت حاصل ڪرڻي آھي تھ انھيءَ لاءِ نفس جو تزڪيھ ۽ صفائي کپي ڇاڪاڻ تھ نفس ھڪ نفيس جوھر آھي جنھن جي سعادت ۽ نيڪ پختي گھربل آھي. اھو نفس حقيقت ۾ علم ۽ معرفت ۽ سھڻن اخلاقن جي خدمت ڪندو ٿو رھي تھ جيئن ھو ھن جون ذاتي صفتون بڻجي وڃن. بدن وري انھي نفس جي خدمت حواسن ۽ عضون جي ذريعي ٿو ڪري ۽ بدن جي عضون جي وري خدمت کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ وغيره ٽيون ڪن. ھن سلسلي ۾ اسان اھا ڳالھھ اڳيئي واضح ڪري چڪا آھيون تھ غذا جو غرض آھي بدن جو قائم رکڻ ۽ نڪاح جو غرض آھي نسل انساني جو باقي رکڻ ۽ تندرستي جو مقصد آھي نفس جي تڪميل ۽ تزڪيھ حاصل ڪرڻ ۽ ان کي علم ۽ اخلاقن جي زينب زينت بخشڻ، پوءِ جنھن کي ھيءَ ترڪيب ۽ ترتيب معلوم ھوندي. ان کي مال جو واجب ۽ ضروري مقدار ۽ مال جو فائديمند ھئڻ چڱيءَ طرھ سمجھھ ۾ اچي ويندو تھ مال انھيءَ سبب ڪري ضروري آھي جو ان منجھان غذا ۽ لباس ٿو حاصل ٿئي جيڪو بدن جي بقا لاءِ ضروري آھي ۽ بدن جي بقا نفس جي ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ۽ نفس جي ڪمال ۾ وري آخرت جي سعادت ۽ نيڪ بختي رکيل آھي.

پوءِ جيڪو شخص ڪنھن شيءِ جو فائدو ۽ اصلي غرض ۽ مقصد ڄاڻي انھيءَ شيءِ جو استعمال اھو ئي اصلي غرض نظر ۾ رکي ڪندو رھندو ۽ ڪڏھن بھ ڪنھن ڏاڪي تي ان غرض کي نھ وساريندو تھ اھو استعمال ڪرڻ ھن جي حق ۾ بھتر ۽ مفيد ٿيندو. جيئن تھ مال بھ مٿي ڏنل بيان موجب نفس جي ڪمال حاصل ڪرڻ جو ھڪ ذريعو آھي. تنھنڪري مال کي فقط انھيءَ غرض لاءِ ئي ڪم آڻڻ واجب ۽ درست آھي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ جھڙيءَ طرح مال ھڪ صحيح ۽ نيڪ مقصد لاءِ ڪم اچي ٿو سگھي تھڙيءَ طرح ھو فاسد مقصد لاءِ بھ ھڪ ھٿيار ۽ ذريعو بڻجي ٿو سگھي. پوءِ اھي بڇڙا مقصد اھڙآ بھ ٽئي ٿا سگھن جيڪي نفس کي آخرت جي سعادت کان محروم رکن ۽ علم ۽ عمل جون راھون بنبد ڪري ڇڏين. انھيءَ صورت ۾ مال جو استعمال برو آھي ۽ ھن قسم جي حالت ۾ جيڪو مال استعمال ڪيو ويندو اھو بلڪل برو ۽ بڇڙو ليکيو ويندو. مطلب تھ مال ھڪ وسيلو ٧ ذريعو آھي ٻين مقصدن ۽ غرضن حاصل ڪرڻ جو. پوءِ جھڙي قسم جو مقصد ۽ غرض جو شوشو، مال جو حال بھ انھيءَ جھڙو بڻيو. جيڪڏھن مقصد چڱو آھي تھ ان تي خرچ ڪرڻ وارو مال بھ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن مقصد خراب آھي تھ ان تي خرچ ٿيڻ وارو مال بھ خراب آھي. پوءِ جنھن دنيا منجھان ضرورت ۽ ڪفايت کان وڌيڪ ھٿ ڪيو انھيءَ ڄڻ پاڻ لاءِ بي خبريءَ ۾ موت خريد ڪيو. جھڙيءَ طرح حديث شريف ۾ اچي چڪو آھي. انھيءَ ڪري جيئن جو انسانن جون طبيعتون ھميشه شھوتن جي طرف مائل ٿيون ٿين ۽ شھوتون وري ھميشھ خدا تعاليٰ جي راءِ کان روڪينديون آھن ۽ جيئن جو اھي شھوتون وري مال جي ذريعي آسانيءَ سان پوريون ڪري ٿوين سگھجن تنھنڪري ضرورت ۽ ڪفايت کان وڌيڪ مال حاصل ڪرڻ ھڪ وڏي خطري ۽ خوف جي جاءِ آھي. انھيءَ ڪري تھ انبياء عليھم السلام انھيءَ جي شڙ کان امان گھري آھي ۽ اسان جي پياري نبي ' جن بھ کلم کلا دعا گھري تھ ”اي منھنجا رب! محمد ' جي آل جي روزي فقط وقت جي گذاري جيتري ڪر.“ ھضور ' جن دنيا منجھان فقط ايترو مقدار طلب ڪرڻ فرمائيندا ھئا جيڪو نيڪي ۽ خير جي حد تاين محدود ھوندو ھو. ھڪ دفعي دعا گھريائون تھ ”اي منھنجا الله! مون کي مسڪين ڪري جيئار، مسڪين ڪري مار ۽ قيامت جي ڏينھن مسڪينن جي ٽولي ۾ شامل ڪري اٿار!“.

حضرت ابراھيم عليه السلام بھ ھن طرح پناھھ گھري آھي تھ ”بجاءِ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي انھيءَ کان جو اسان عبادت ڪريون بتن جي“ ھن دعا ۾ بتن منجھان مراد آھي سون چاندي يا نقد ناڻو ڇاڪاڻ تھ نبيءَ جي ذات انھيءَ کان ھميشه پاڪ آھي جو پٿرن ۾ خدائي جو اعتقاد ڪري ۽ عبادت جو لفظ جيڪو ھتي ڪم آندو ويو آھي ان منجھان مراد آھي. محبت ۽ رغبت مال جي ۽ انھيءَ محبت سببان دوکي ۾ اچي وڃڻ جي.

حديث سريف ۾ بھ آيو آھي تھ ”تباھھ ٿيو ٻانھو دينار جو  ۽ تباھھ ٿيو ٻانھو درھم جو. ھن ٿاٻو کاڌو ۽ نھ اٿيو ۽ جڏھن ھن کي ڪنڊو لڳو تھ ڪڍي نھ سگھيو“. ھن منجھان ثابت ٿيو تھ جيڪو دينار ۽ درھم سان محبت ٿو رکي اھو گويا انھن جو پوڄاري آھي ۽ جنھن نقد پٿر جي پوڄا ڪئي انھيءَ ڄڻ بت جي پوڄا ڪئي. بلڪھ حقيقت اھا آھي تھ جيڪو بھ خدا تعاليٰ کانسواءِ ٻئي ڪنھن بھ شيءِ سان محبت ٿو رکي يا ان جي پوڄا ٿو ڪري تھ اھو سمجھو تھ ھڪ بت جي پوڄا ٿو ڪري پوءِ جنھن کي بھ الله تعال:ٰ کان ۽ ان جي حق ادا ڪرڻ کان ڪا بھ شيءِ دور ٿي رکي تھ اھو ماڻھو ڄڻ تھ بت جي عبادت ۾ مشغول آھي ۽ ائين  ڪرڻ ھڪ شرڪ آھي. مگر شرڪ بن قسمن جا ٿا ٿين. ھڪڙو شرڪ خفي يعني پوشيده يا ڳجھو جنھن جي ڪري ھميشھ دوزخ ۾ رھڻ واجب ٿو ٿئي ۽ تمام ٿورا ڪي مؤمن آھن جيڪي انھيءَ کان بچيل آھن (ڇاڪاڻ تھ اھو خفي يا لڪل شرڪ ڪول جي چال کان بھ وڌيڪ پوشيده ۽ باريڪ ٿو ٿئي) ۽ ٻيو شرڪ جلي يعني ظاھر ظھور ۽ کليل شرڪ جنھن سببان دوزخ ۾ ھميشه لاءِ رھڻ واجب ٿو ٿئي الله تعاليٰ شل ٻنھي کان امان ڏئي!

بيان ٽيون

مال جي آفتن ۽ فائدن جو تفصيل

ڄاڻڻ گھرجي تھ مال ھڪ نانگ جي مثال آھي جنھن ۾ زھر بھ آھي تھ ترياق يا زھر مھره بھ اٿس. ھن جو زھر ھن جي آفتن ۾ آھي ۽ ھن جو تياق ھن جي فائدن ۾ آھي. پوءِ جنھن کي ھن جي آفتن ۽ فائدن جو علم ھوندو اھو ممڪن آھي تھ ھن جي آفتن يعني شر کان بچي ۽ ھن جي فائدن يعني خير جي طلب ڪري.

فائدا: مال جا فائدا ٻنن قسمن جا آھن، ھڪڙا دنيوي ۽ بيا ديني انھن منجھان دنيوي فائدن جو بيان ڪرڻ اجايو آھي ڇاڪاڻ تھ اھي فائدا مشھور معروف آھن ۽ دنيا جا سڀ ماڻھو انھن کان چڱيءَ طرح واقف آھن. جيڪڏھن انھن جي فائدن کان ناواقف ھجن ھا تھ پاڻ کي مال جي طلب ۾ ايترو ھلاڪ نھ ڪن ھا. باقي رھيا ديني فائدا سو اھي ھيٺين ٽن قسمن ۾ ورھايل آھن.

پھريون قسم پنھنجي نفس تي خرچ ڪرڻ: ڄاڻڻ گھرجي تھ پنھنجي نفس تي مال ٻن طرحن سان خرچ ڪيو ٿو وڃي. شڪ سڌو سنئون عبادت جي ڪمن ۾ ۽ ٻيو انھن ڪمن ۾ جيڪي عبادت لاءِ مدد ٿا ڪن. سنوان سڌا عبادت جا ڪم آھن حج ۽ جھاد جي لاءِ مال جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عبادت جا ڪم مالي طاقت کانسواءِ ادا ٿي نھ ٿا سگھن جيتوڻيڪ اھي اصول دين منجھان آھن ۽ فرض آھن. فقير ۽ نادار ماڻھو انھن فرضن جي قبض ۽ فائدي حاصل ڪرڻ کان محروم ٿو رھي. انھيءَ کانسواءِ اھي ڳالھيون جيڪي دين جي ڪردار ۾ مددگار آھن ۽ جن لاءِ مال جي ضرورت ٿي پوي سي آھن غذا، لباس، گھر، ال ۽ ٻيون زندگيءَ جون ضروري شيون ھي سڀ اھڙيون ضرورتون آھن جيڪي ميسر ناھن تھ دل ھميشه انھن جي تدبيرن پختي سوچ ويچار ۾ مشغول ٿي رھي ۽ دين جي سوچڻ لاءِ ھن کي فرصت ئي ڪا نھ ٿي ملي. تنھنڪري جنھن شيءِ کانسواءِ عبادت تائين رسائي نٿي ٿي سگھي ان جو حاصل ڪرڻ ۽ دين ۽ عبادت ۾ داخل آھي. انھيءَ ڪري ڪنھن بھ شيءِ جو، جنھن منجھان ايترو مقدار جيتري مان عبادت لاءِ گھربل قوت ۽ مدد ملي اھو ديني فائدي ۾ اچي ٿو وڃي تھ انھيءَ جو حاصل ڪرڻ ضروري آھي. مگر انھيءَ ضروري مقدار کان وڌيڪ لاءِ طمع ڪرڻ عيش عشرت ۾ دنيا جي لذتن ۾ شامل آھي.

ٻيو قسم ٻين ماڻھن تي خرچ ڪرڻ، ڄاڻڻ گھرجي تھ بين ماڻھن تي خرچ ڪرڻ جا چار ذريعا آھن: ھڪ صدقو يا خيرات ڏيڻ، ٻيو مروت طور ڏيڻ، ٽيون عزت آبرو قائم رکڻ لاءِ خرچ ڪرڻ ۽ چوٿون خدمت چاڪري لاءِ اجرت يا مزدوري ڏيڻ، انھن منجھان صدقي ۾ خيرات جي ثواب کان ھر ڪو واقف آھي. انھيءَ جي ذريعي الله تعاليٰ جي غضب کان امان ٿي ملي ۽ انھيءَ جا فضائل اسان اڳي ڪافي بيان ڪري چڪا آھيون.

مروت طور خرچ ڪرڻ منجھان اسان جي مراد آھي شاھوڪار ۽ وڏن وڏن شريف ماڻھن جي دعوت ڪرڻ يا انھن کي ڪا سوکڙي سوغات يا ھديھ وغيره ڏيڻ ۾ خرچ ڪرڻ. ھن کي صدقو نٿو سڏي سگھجي ڇاڪاڻ تھ صدقو اھو آھي جيڪو ڪنھن مسڪين يا محتاج کي ڏنو وڃي مگر انھيءَ ھوندي بھ ھن قسم جو خرچ ديني فائدن منجھان آھي ڇاڪاڻ تھ اھڙي خرچ ڪرڻ سان ماڻھو ٻين کي پنھنجو دوست برادر ٿو بڻائي ۽ ھن ۾ سخاوت جو مادو پيدا ٿو ٿئي تان جو ماڻھو وڃي ٿو سخين جي ٽولي ۾ داخل ٿئي. اھا ھڪ حقيقت آھي تھ سخاوت تيسين حاصل نٿي ٿئي جيسين احسان يا مروت نٿي اختيار ڪئي وڃي ۽ ھن قسم جي خرچ ڪرڻ ۾ بھ وڏو ثواب آھي ڇاڪاڻ تھ ضيافت (مھمان نوازي) ڪرڻ ۽ ماني کارائڻ جي ثواب ۾ ڪئي حديثون وارد ٿي چڪيون آھن. ھن معاملي ۾ فقر ۽ فاقھ ھجڻ جو شرط بلڪل ڪونھي.

آبرو قائم رکڻ لاءِ خرچ ڪرڻ منجھان اسان جي مراد آھي شاعرن جي ھجو کي ۽ بيوقوفن جي بد گوئي کي دفع ڪرڻ. انھن جي زبان کي بند رکڻ ۽ انھن جي شر کان بچڻ، جيتوڻيڪ ھن خرچ ۾ دنيوي فائدا بھ آھن مگر انھيءَ ھوندي بھ ديني فائدن منجھان آھي. جھڙيءَ طرح آنحضرت ' جن فرمايو آھي تھ ”جنھن شيءِ سان ماڻھو پنھنجي آبرو ٿو بچائي اھا بھ ھن جي صدقي ۾ ليکي ٿي وڃي“ ۽ اھو ائين ڇو نھ ٿئي آخر ھن خرچ جي ذريعي گلا ڪرڻ واري جي وات تي مھر لڳي ٿي وڃي ۽ ھو غيبت ڪرڻ واري گناھھ کان بچي ٿو وڃي ۽ پاڻ بھ انسان دشمني جي سبب کان انتقام ۽ بدلي وٺڻ جي جوش ۾ ڪجھھ گھٽ وڌ ڳالھائڻ جي حملي ڪرڻ کان بچي ٿو وڃي ۽ اھو ڪو ٿورو فائدو ڪونھي.

اجرت يا مزوريءَ تي خرچ ڪرڻ انھيءَ ڪري ضروري آھي جو انسان پنھنجي ضروري سامان ڪرڻ ۾ جن جي ڪ،ن جو محتاج آھي تمام گھڻا آھن. جيڪڏھن انھن سڀني کي پاڻ منن ڏيندو تھ ھن جو ڪيترو وقت اجايو بيسود ضايع ٿيندو ۽ ھو آخرت جي راه جي سلوڪ ۾ ذڪر فڪر ڪرڻ ۾ جيڪي سالڪن لاءِ وڏن درجن واريون ڳالھيون آھن انھن کان معذور ۽ مرحوم رھجي ويندو. جنھن کي مال ميسر ڪينھي انھيءَ لاچار سڀ ڪم پاڻ ڪرڻو پوندو جھڙوڪ کاڌي جو شيون خريد ڪرڻ، انھن کي پيھڻ پچائڻ، گھر کي ٻھاري ڏيڻ، ۽ لکڻ پڙھڻ جي ضرورت اٿس تھ اھي سڀ ڪم ھن کي اڪيلو پنھنجي سر ڪرڻ پوندا. ھتي ياد اھو ياد رکڻ گھرجي تھ روزمره جا ڪي ڪم اھڙا آھن جو ھڪڙا ماڻھو ڪن تھ ٻيا انھن منجھان فائدو وٺي ٿا سگھن. مثلا ھڪڙو ماڻھو ماني پچائي تھ اھا ٻيو کائي سگھي ٿو مگر ڪي ڪم ڪھڙا آھن جيڪي ھر انسان کي پاڻ ڪرڻا ٿا پون ۽ ٻيو ڪوبھ ڪنھن ٻئي جي پاران نٿو ڪري سگھي مثلا نماز روزه ۽ ذڪر فڪر ۽علم حاصل ڪرڻ، اھي ھر ھڪ ماڻھوءَ کي پاڻ ڪرڻا ٿا پون. ٻين جي علم حاصل ڪرڻ سان ڪنھن کي بھ ڪو خاص فائدو ڪونھ ٿو ٿئي. تنھن ڪري مال جي ھجڻ سان اھي ڪم جيڪي ڪنھن ٻيا ڪري ٿا سگھن اھي ماڻھو ٻين کان ڪرائي پاڻ ذڪر فڪر ۽ درس تدريس ۾ ھر وقت مشغول رھي ٿو سگھي. انھيءَ ڪري اجرت ڏئي نوڪر چاڪر کان خدمت چاڪريءَ جو ڪم وٺي مالدار پاڻ خداتعالي جي راه جو سلوڪ طي ڪري ٿو دگھي.

ٽيون قسم خرچ جو آھي جو ماڻھو نھ پنھنجي نفس لاءِ ۽ نھ ڪنھن ٻئي خاص ماڻھوءَ لاءِ ڪري بلڪ عام مآڻھن جي فائدي لاءِ جھڙوڪ مسجد، يا پل يا مھمانخانو يا سرائي يا شفا خانو يا ڪري مدرسھ ٺھرائي يا کوه کوٽائي يا خيرات لاءِ زمين ۽ جائداد مسڪينن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ھي اھڙا خرچ آھن جن جي خيرات مرڻ کان پوءِ بھ ھميشه ٿيندي ٿي رھي ۽ جيڪي صالح بندا انھن منجھان فيض فائدو حاصل ڪندا ٿا رھن اھي ھميشه دعائون ڪندا رھن. انھيءَ کان ٻيو ڪھڙو خير جو ڪم وڌيڪ ٿيندو. ھي آھن سڀ دن جا فائدا مال منجھان. انھيءَ کانسواءِ دنياوي جائز  ۽ مباح لذتون بھ انھيءَ منجھان تمام گھڻيون حاصل بھ انھيءَ منجھان تمام گھنيون حاصل ٿيونم ٿين جھڙوڪ ٻئي سوال ڪرڻ ۽ غربت جي ذلت ۽ ناقابل برداشت تڪليفن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ، خلقت ۾ ضروري عزت ۽ افتخار حاصل ڪرڻ، يار مددگار گھڻا پيدا ڪرڻ ، ماڻھن جي دلين ۾ وقار ۽ بزرگي حاصل ڪرڻ وغيره وغيره.

مال جون آفتون: جھڙي طرح ماڪ ڪجا فائدا ديني ۽ دنيوي آھن تھڙيءَ طرح مال جون آفتون بھ ديني ۽ دنيوي ٻنھي قسمن جون ٿيون ٿين. ديني آفتن جا ٽي قسم آھن جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا.

پھرين آفت: اھا آھي تھ مال جي ھجڻ سان معصوميت يعني گناه ڪڻ جي نوبت سان پھچي ٿي وڃي. شھوتن جو تقاضائون تھ ھر دم انسان جي نفس تي سوار آھن ئي آھن. مگر اڻ ھوندي ۾ ھو ڪجھھ بھ نٿو ڪري سگھي ۽ انھيءَ مفلسيءَ ۾ خطائن ڪرڻ کان بچيو ٿو وتي ڇاڪاڻ تھ جيسن ڪنھن گناه ڪرڻ جو سامان ميسر نھ ھوندو آھي تيسين ان جو شوق بھ نھ اڀرندو آھي. جڏھن بھ انسان پاڻ ۾ قوت ۽ قدرت ڏسي ٿو تھ يڪدم ھن جون شوق مٿي اڀري ٿو اچي.پوءِ جڏھن مال جي اچڻ سان دل ۾ قوت پيدا ٿي ٿئي تھ تقاضا ٿي وڃي ٿي معصيت (گناھن ڪرڻ ) جو زنجير ڇڪي ۽ ان کي سجاڳ ڪري. ان وقت جيڪڏھن انسان پنھنجي تقاضا يا شھوت يا خواھش مطابق گناه جو ڪم ڪندو تھ تباه ٿيندو ۽ جيڪڏھن صبر اختيا ر ڪندو تھ وڏو صدمو سھڻو پوندس ڇاڪاڻ تھ قوت ۽ طاقت ھوندي ڪنھن خواھش پوري ڪرڻ کان پاڻ روڪڻ ۽ صبر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. اھا ھڪڙي حقيقت آھي تھ تونگري ۽ ھوندي ۾ جيڪي امتحان ۽فتنا آھن اھي مفلسي ۽ اڻ ھوندي جي فتنن ۽ امتحانن کان تمام گھڻا ۽ وڏا آھن.

ٻئي آفت اھا آھي تھ مالڪ جي ھجڻ سان ماڻھو مباحات (مباح شين ) منجھان وڌي وڃي ٿو تنعم يعني نعمتن ۽ مزن ماڻڻ ۾ پوي. اھو تھ مال واري کان ٿيڻ محال آھي ” تھ گيھھ رکي بصر سان ماني کائي“ يعني ھوندي سوندي جون جي روٽي کائي، ٿلھا ڪپڙا پائي، ۽ لذيذ کاڌن کان بلڪل پري رھي جھڙيءَ طرح حضرت سليمان عليه السلام پنھنجي نبوت جي قوت سان ڪيو ھو. عام ماڻھو تھ ھوندي ۾ ضرور خوش خوراڪ ۽ خوش پوشاڪ ٿي رھندو  ۽ آھستي آھستي انھيءَ جو عادي ٿي ويندو. عادت ٿي وڃڻ کان پوءِ عيش عشرت ھن کي ايتري قدر محبوب ۽ مرغوب ٿئي ويندو جو انھن کانسواءِ ھن کي صبر يا آرام ئي ڪونھ ايندو. اھڙيءَ طرح درجي بدر جي ھڪڙي تڪلف منجھان ٻيو تڪلف ڦٽندو ويندو ۽ جڏھن تنعم ۽ عيش عشرت سان انس ۽ الفت تي ويندس تھ ڪڏھن ائين بھ ٿينسو تھ جيڪڏھن ھن جو مطلب حلال جي ڪمائي منجھان پورو ٿي نھ سگھندو تھ مجبورا ھن کي شڪ شبه واري مال ڏي ھٿ ڊگھيرڻو پوندو ۽ بڇڙائي، ڪوڙ، منافقت ۽ ٻين خراب ۽ ردي اخلاقن لاءِ فڪر ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. مطلب ھو ھر ممڪن ڪوشش ڪندو تھ ھن جون تمنائون ۽نفس جون گھرجون پوريون ٿينديون رھن ۽ ھن جو وقت خوش پيو گذري.

انھيءَ کانسواءِ جنھن وٽ مال گھڻو ٿو ٿئي ان جا ڪم ٻين ماڻھن ۾ تمام گھڻا ٿا پون اھو دستور آھي تھ جڏھن ٻين ماڻھن ۾ ڪو ڪم ڦاسندوآھي تھ انھن سان ضرور ملاوٽ ۽ بناوٽ جون ڳالھيون ڪرڻيون پونديون آھن. انھيءَ جو نتيجو اھو نڪرندو آھي جو انھن ٻين مانھن  جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھو خدا تعالي جي نافرماني ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آھي ۽ ھن کي اھڙي نافرماني ڪرڻ جو پتو ئي نھ ڪونھ پوندو آھي. ھن صورت ۾ جيڪڏھن ماڻھو مال جي پھرين آفت کان جيڪا مٿي ذڪر ڪئي وئي آھي. انھيءَ کان بچي ويو تھ ھن آفت کان بچڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ٿو پويس. خلق ۾ ضرورت يا غرض پوڻ ڪري دوستي يا دشمني پيدا ٿي ٿئي ۽ دشمنيءَ منجھان وري حسد، ڪينو، رياءُ وڌائي، ڪوڙ، چغلي، غيبت ۽ ٻيا گناه جھڙا ڪم ٿا ڦٽن جيڪي دل زبان لاءِ مخصوص آھن ۽ انھن جو اثر بدن جي ٻين عضون تي بھ پئجي ٿو وڃي. ھي سڀ ڳالھيون مال جي نحوست کان ٿيون ٿين جيڪي فقط ان ھي بقا ۽ واڌاري لاءِ ڪيون ٿيون وڃن.

ٽين آفت جنھن کان ڪوئي خالي ناھي اھا ھيءَ آھي تھ ماڻھو مال جي اصلاح ۽ درستيءَ جي خيال ۾ محو ٿي خدا تعالي جي ذڪر يا يادگيري کان صفا غال ٿي ٿو وڃي ۽ جيڪا شيءِ خدا تعالي جي يادگيري حرج وجھي اھا وڏي نقصان ۽ ٽوٽي اوري شيءِ آھي. انھيءَ ڪري تھ حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو تھ مال ۾ ٽي آفتون آھن. پھرين آفت اھا آھي تھ اھو حلال جي ڪمائيءَ منجھان ھجي. ماڻھن عرض ڪيو تھ جيڪڏھن حلال جي ڪمائيءَ منجھان ھجي تھ پوءِ ٻي آفت ڪونھ ٿيندس. تنھن تي پاڻ فرمايائون تھ  جيڪڏھن حلال وجھھ جو مال ھوندو تھ ٻي آفت وري اھا ٿيندس تھ ان کي حق جي راھ ۾  خرچ نھ ڪيو ويندو ماڻھن عرض ڪيو تھ حق جي راھ ۾ خرچ ڪيو وڃي تھ پوءِ بس. پان فرمايائون تھ نھ اھا ٽئين آفت آھي تھ جيڪڏھن حلال وجه جي ڪمائي ماڻھو حق جي راھ ۾ بھ خرچ ڪري تڏھن بھ انھيءَ مال جي سنڀالڻ جي آفت اھڙي آھي جيڪا ماڻھوءَ کي خدا تعالي کان صفا غافل ڪري ٿي ڇڏي ۽ ھي مرص لاعلاج آھي.

حقيقت ۾ سڀني عبادتن جو اصل مقصد ۽ منشا آھي خدا تعالي جو ذڪر ۽ انھن جي جلال جو فڪر ڪرڻ ۽ انھن بنھي ڳالھين عيني ذڪر ۽ فڪر لاءِ دل گھرجي جيڪا سڀني فڪراتن کان خالي ھجي. مگر مال واري سان تھ ڪيئي دنيا جون آفتون لڳل ھونديون آھن. جنھن کي زمين يا جاگير آھي ان جو صبح ۽ شام ڪڏھن پنھنجي ڪڙمي ۽ ان جي حساب ڪتاب جي فڪر ۾ ٿو گذري تھ ڪڏھن پنھنجن ڀائيوارن جي جھگڙن ۽ پاڻي جي وارن ۽ زمين جي حدن جي جھڳڙن ۾ ٿو گذري. ڪڏھن ڍل وصول ڪرڻ وارن عملدارن سان تڪرار ڪرڻو ٿو پويس تھ ڪڏھن وري ڪاريگرن ۽ مزورن سان مقابلو پيو ڪندو تھ توھان محنت ٿوري ڪئي آھي ۽ مزوري گھڻي ٿا وٺو. ڪڏھن وري ڪڙمين سان پيو ڌانڌلي ڪندو تھ توھان خيانت ڪئي ۽ اناج وغيره چورائي ويا آھيو.

جنھن کي وري واپار ۽ سوداگري جو ڌنڌو اھي انھي ءَجي انتظار ۽ تشويش جي ڪابھ حد ئي ڪانھ ٿي ٿئي. ڪڏھن ڀائيوار کي پيو بدديانتي جي تھمت ڏيندو، ڪڏھن ان تي گھاٽي ۽ ٽوٽي جو الزام پيو لڳائيندو ۽ ڪڏھن اھا شڪايت ھوندس تھ ھو تمام گھڻو مال ھوندو ٿو ضايع ڪري. اھو ئي حال آھي چوپائي مال جي مالڪن ٻين مالدارن جو.

مگر ياد رکڻ گھرجي تھ بڇڙي ۾ بڇڙو مال جيڪو سڀ کان گھڻو فڪر ٿو ڏئي ڇڏي سو آھي زمين ۾ پوريل نقد ناڻو يا سون چاندي وغيره. ھن ھالت ۾ ھر دم انسان انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ ٿو رھي تھ ان کي ڇا ۾ خرچ ڪري، ڪيئن خرچ ڪري، ڪھڙيءَ طرح ھن کي محفوظ ۽ سلامت رکي ۽ ڪيئن ماڻھن جي طمع جو اکيون انھيءَ کان ٽاري. اھڙيءَ طرح مال جي فڪراتن ۽ پريشانيءَ جي ڪا انتھائي ڪانھ ٿيندس. مگر جنھن وٽ فقط ھڪ ڏينھن جو قوت گذران آھي اھو انھن سڀني آفتن ۽ بلائن کان سلامت ٿو رھي.

ھي آھن مال جون دنياوي آفتون جڪي مالدارن کي خوف، ڏک، غم رنج ۽ ٻين قسمين قسمين  مصيبتن ۾ جھڙوڪ مال جي حفاظت ڪرڻ يا ان کي خرچ ڪرڻ جي باري ۾ پيش ٿيون اچن. ھن منجھان ثابت ٿيو تھ، مال ترياق يا زھر مھرھ فقط انھيءَ صورت ۾ ٿو ٿئي جڏھن ان کي رڳو گذاري جيترو پاڻ وٽ رکي ٻيو سڀ خيرات ۾ خرچ ڪري ڇڏجي. جيڪڏھن ائين نھ ڪيو ويو تھ پوءِ مال صفا زھر قاتل آھي ۽ طرحين طرحين مصيبتن ۽ آفتن جو سبب ٿو بڻجي. ڌڻي تعالي شل پنھنجي لطف ۽ ڪرم سان انھيءَ کان ھر مومن کي سلامت رکي!

 

بيان چوٿون

حرص ۽ طمع جي مذمت ۽ قناعت ۽ ماڻھن ۾ توقع نھ رکڻ جي ساراھھ

ڄاڻڻ گھرجي- فقيري يا مسڪيني حال ھڪ عمدي شيءِ آھي مگر فقير يا مسڪين کي کپي تھ قناعت ڪندڙ ٿئي. خلق ۾ ڪنھن بھ قسم جي طمع يا لالچ نھ رکي. ٻين جي مال دولت ڏي ڪوبھ ڌيان نھ ڏئي ۽ نھ ئي وري ڪنھن بھ طرح مال ڪمائڻ جو حرص ڪري. مگر ھيءَ ڳالھھ فقط تڏھن حاصل ٿئي سگھي ٿي جڏھن ماڻھو غذا، لباس۽گھر لاءِ فقط ضرورت واري حد تائين ٿو پاڻ وٽ ڪجھھ رکي. بلڪ اھو بھ ضروري آھي تھ انھن شين ۾ بھ تمام ٿوري ۾ ٿوري مقدار ۽ تمام ادنيٰ ۾ ادنيٰ  قسم تي اڪتفا ڪري. انھيءَ کانسواءِ ھن کي گھرجي تھ قوت گذران رڳو ھڪ ڏينھن لاءِ  وڌ ۾ وڌ ھڪ مھيني لاءِ مھيا ڪري رکي ۽ پنھنجي دل کي مھيني کان وڌيڪ جي اسبابن ۾ مشغول نھ ڪري. جيڪڏھن گھڻائيءَ جي شوق ۾ مبتلا ٿيندو ۽ ڊگھيون ڊگھيون اميدون رکندو تھ قناعت واري عزت ۽ شان کان محروم رھجي ويندو ۽ طمع ۽ حرص جي ناپاڪيءَ ۽ گند ۾ ڀرجي ويندو ۽ اھا طمع ۽ حرص ھن کي بڇڙن اخلاقن ڏي ھڪالي ويندا ۽ ھن کان مروت جي خلاف بڇڙا ڪم ڪرائيندا.

اھا ھڪ حقيقت آھي تھ انسان جي پيدائش ۽ سرشت ۾ حرص ۽ طمع ٻئي شامل آھن ۽ قناعت جو تمام ٿورو حصو ملايو ويو آھي جھڙوڪ حديث شريف ۾ رسول الله ' جن فرمايو آھي تھ ”جيڪڏھن بني آدم لاءِ ھجن ٻھ واديون يا ماٿريون سون جون تھ ھو چاھيندو انھن کانسواءِ ٽين ماٿري وڌيڪ ۽ بني آدم جو خالي پيٽ مٽيءَ کانسواءِ ٻي ڪا بھ شيءِ نٿي ڀري مگر جيڪو توبه ٿو ڪري تھ الله تعاليٰ اھا قبول ٿو فرمائي“ حضرت ابو واقد ليثي رضھ ھن مضمون کي وري ھن طرح ٿو بيان ڪري تھ آنحضرت ' جن جو دستور ھو تھ جڏھن وحي نازل ٿيندي ھئي ۽ اسان حضور ' جن جي خدمت ۾ ويٺا ھوندا ھئاسون تھ اسان کي پاڻ سڳورا ' وحيءَ جا حڪم ارشاد فرمائيندا ھوندا ھئا. ھڪ ڏھاڙي جيئن مان خدمت ۾حاضر ٿيس تھ حضور ' جن فرمايو تھ الله تعاليٰ ٿو فرمائي تھ اسان مال انھيءَ ڪري موڪليو آھي تھ ماڻھو نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ادا ڪن ۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ وٽ سون جي ھڪ ماٿري ھوندي تھ چوندو تھ ٻئي بھ ھجي ۽ ٻھ ھوندس تھ چوندو تھ ٽين بھ ھجي. ماڻھوءَ جو پيٽ تھ سواءِ مٽيءَ جي ٻيو ڪنھن بھ شيءِ سان نٿو ڍاپي. پوءِ جيڪو شخص توبه ٿو ڪري تھ الله تعاليٰ اھا قبول ٿو فرمائي.

حضرت ابو موسيٰ اشعري رضھ ٿو فرمائي تھ ھڪ سوره، براءَت جھڙي نازل ٿي ھئي جيڪا وري کڄي وئي. مگر انھيءَ منجھان ھيءَ آيت مآڻھن کي ياد آھي اِن الله يوءُ يد لھٰذا الدين بَار قوام لاخلاق لھم ولوڪان لاِبن آدم واديين من مال لتمنيٰ واديا فالنا ولا يملاءُ جوف ابَن ادم اِلاّ الترابُ ويتوبُ الله عليٰ من نابَ (الله تعاليٰ تائيد يا مدد ڪندو ھن دين جي اھڙن ماڻھن سان جن کي (نيڪيءَ ۾) ڪو پھرو (يا حصو) ڪو نھ ھوندو ۽ جيڪڏھن آدميءَ کي ٻھ ماٿريون ھونديون مال جون تھ البتھ ھو تمنا ڪندو ٽينءَ جي ۽ مٽيءَ کانسواءِ ٻي شيءِ انسان جو پيٽ نٿي ڀري ۽ جيڪو توبه ٿو ڪري. تنھنجي توبه الله تعاليٰ قبول ٿو فرمائي).

ٻيءَ حديث ۾ آيو آھي تھ ٻھ ھٻڇي ڪڏھن سير نٿا ٿين ھڪ علم جو ھٻڇي ۽ ٻيو مال جو ھٻڇي، اھو پڻ حضور ' جن جو فرمان آھي تھ ماڻھو ڪراڙو ٿو ٿئي ۽ ٻھ شيون ھن سال گڏ جوان ٿيون ٿين ھڪ امل يعني ڊگھيون اميدون ۽ ٻيو مال جي محبت (يا ھن حديث جا الفاظ ڪي ٻيا ساڳيءَ معنيٰ وارا آھن). جيئن جو مال جي محبت انسان جي سرشت ۾ ملائي وئي آھي ۽ جيئن جو اھا محبت ھڪ وڏي گمراھي ۽ تباھيءَ جي باعث آھي انھيءَ ڪري الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول ' جن قناعت جي ساراھھ فرمائي آھي، حضور ' جن قناعت جي شان ۾ فرمائن ٿا تھ:

1.        خوشخبري ھجي انھيءَ کي جنھن کي اسلام جي ھدايت ڪئي وئي ۽ ھن کي روزي فقط بسر اوقات يعني وقت گذارڻ جيتري ملي ۽ ھن انھيءَ تي قناعت ڪئي.

2.       ڪوئي فقير يا غني اھڙو ڪونھي جنھن کي قيامت جي ڏينھن اھا تمنا نھ ھجي تھ دنيا ۾ جيڪر فقط وقت ڪاٽڻ جيترو قوت ملي ھا.

3.       تونگري مال اسباب جي ڪثرت سان ناھي. تونگري نفس جي تونگر ھجڻ جو نالو آھي.

4.       حرص جي شدت ۾ مبالغي سان طلب ڪرڻ کان حضور ' جن ھن طرح منع فرمائي آھي، .اي انسانو! خبردار ٿيو پنھنجي طلب اعتدال ۽ احتياط سان ڪريو، بندي کي جيڪي تقدير ۾ لکجي چڪو آھي اھو ئي ملندو ۽ ڪوئي بھ بندو دنيا ڇڏي نھ ويندو جيسين ھن کي ملي اھو، جيڪو ھن لاءِ لکجي چڪو آھي دنيا منجھان، جيتوڻيڪ اھا دنيا ھن کي اڻ وڻندڙ ۽ ذليل ھوندي.“

روايت آھي تھ حضرت موسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ کي عرض ڪيو تھ تنھنجي بندن منجھان سڀ کان وڌيڪ غني ڪيو آھي. ارشاد ٿيو تھ جيڪو سڀ کان وڌيڪ قناعت ٿو ڪري انھيءَ تي جيڪي مون ھن کي ڏنو آھي. ٻيو عرض ڪيائين تھ وڌيڪ عادل ڪير آھي، حڪم ٿيو تھ جيڪو پنھنجي نفس سان انصاف ٿو ڪري يعني برائيءَ لاءِ ان کان بھ انتقام ٿو وٺي.

حضرت ابن مسعود رضھ کان ھيءَ حديث مروي آھي تھ حضور ' فرمايو تھ حضرت جبرئيل عليه السلام اھا ڳالھھ منھنجي قلب ۾ ڦوڪي ڇڏي آھي تھ ڪو بھ ماڻھو تيسين ھرگز نھ مرندو جيسين ھو پنھنجو رزق ھن دنيا ۾ کائي پورو ڪري، تنھنڪري الله تعاليٰ کان ڊڄو ۽ طلب ڪرڻ درمياني حالت اختيار ڪريو.

حضرت ابوھريره رضھ ٿو فرمائي تھ مون کي حضور ' جن فرمايو تھ ”اي ابوھريره! جڏھن توکي سخت بک لڳي تھ ھڪ روٽي ۽ پاڻي جي پيالي تي ڪفايت ڪر ۽ ائين ڪرڻ سان دنيا کي لت ھڻي ڇڏ.“ ھي بھ انھيءَ کان مروي آھي تھ حضور ' جن فرمايو تھ ”پرھيزاري اختيار ڪر تھ سڀني کان وڌيڪ عابد بڻجين ۽ قناعت ڪر تھ سڀني کان وڌيڪ شڪر ڪرڻ وارو ٿئين ۽ ماڻھن لاءِ بھ اھو ڪجھھ پسند ڪر جيڪي تون پنھنجي لاءِ ٿو پسند ڪرين تھ پوءِ تون پڪو ايماندار ٿي پوين.“

رسول الله ' جن طمع کان منع فرمائي آھي. ابو ايوب انصاري رضھ کان مروي آھي تھ ھڪڙو اعرابي آنحضرت ' جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين تھ يا رسول الله! مون کي ڪا مختصر نصيحت ارشاد فرمايو. پاڻ فرمايائونس تھ نماز اھڙي طرح پڙھھ جھڙيءَ طرح ڪو دنيا منجھان الوداع ڪرڻ وارو پڙھي (جنھن کي اھو پڪو خيال ھجي تھ ٻي نماز جو اتفاق ٿئي الائي نھ ۽ اھا نماز آخري آھي) ۽ اھڙي ڳالھھ وات منجھان نھ ڪڍندو ڪر جنھن لاءِ توکي سڀاڻي معافي وٺڻ لاءِ عذر پيش ڪرڻو پوي ۽ جيڪي ڪجھھ ماڻھن وٽ آھي انھيءَ کان نااميد رھھ (يعني ٻئي جي مال جي طمع يا لالچ نھ رک).“

حضرت عوف بن مالڪ آشجعي رضھ ٿو فرمائي تھ اسان ست يا اٺ يا نو ماڻھو حضور ' جن جي خدمت اقدس ۾ ويٺا ھئاسين. پاڻ فرمايائون تھ اوھان رسول الله سان بيعت نٿا ڪريو؟ اسان عرض ڪيو تھ يا رسول الله ڇا اسان بيعت ڪري نھ چڪا آھيون ڇا. وري پاڻ فرمايائون تھ اوھان رسول الله سان بيعت نٿا ڪريو؟ اسان يڪدم کڻي بيعت لاءِ پنھنجا ھٿ ڊگھيڙيا. انھيءَ دوران ۾ اسان منجھان ھڪڙي چئي ڏنو تھ بيعت تھ اسان ڪري چڪا آھيون پوءِ ھيءَ بيعت ڪھڙيءَ ڳالھھ واسطي آھي. حضور ' جن ارشاد فراميو تھ ھي بيعت انھيءَ لاءِ آھي تھ اوھان خدا تعاليٰ جي عبادت ڪريو ۽ ان سان ڪو بھ شريڪ نھ ڪريو. پنج وقتي نماز پڙھو ۽ رضا ۽ رغبت سان اطاعت ڪريو. انھيءَ کانپوءِ ھڪ ڪلمو آھستي فرمايائون تھ ماڻھن کان ڪجھھ بھ نھ گھرندا ڪريو. راوي ٿو چوي تھ انھن اصحابن منجھان ڪن سخصن تي ھن بيعت کي اھڙيءَ طرح نباھيو جو جيڪڏھن ڪنھن جو ڪو لڪڻ ڪري پوندو ھو تھ اھو بھ ٻئي ڪنھن کي نھ چوندا ھئا تھ کڻي ڏي يعني ايتري قدر سوال ڪرڻ کان پاسو ڪندا ھئا.

حضرت عمر رضھ ٿو فرمائي تھ طمع ھڪ قسم جي فقيري يا مفلسي آھي ۽ ماڻھن ۾ لالچ يا طمع نھ ر؛ن تونگري آھي. جيڪو ماڻھن کان طمع کي قطع ڪري ڇڏيندو اھو ھميشه بي پرواھھ رھندو.

ڪنھن سياڻي کان پڇيائون تھ عنا ڪھڙي شيءِ آھي. ھن جواب ڏنو تھ تمنا کي گھٽائڻ ۽ پوري پني مقدار تي رآض: ٧ قانع ٿيڻ جو نالو عنا آھي.

حضرت محمد بن واسع سڪل ماني پاڻيءَ م ڀڄائي کائيندو ھو ۽ چوندو ھو تھ جيڪو ھن تي قناعت ڪندو انھيءَ کي ڪنھن جي بھ پرواھھ ڪانھ رھندي.

حضرت سفيان رحھ ٿو فرمائي تھ دنيا تيستائين اوھان لاءِ چڱي آھي جيستائين ان ۾ مبتلا نھ ٿيو. مبتلا ٿيڻ کانپوءِ بھتر دنيا اوھان لآ٣ اھا اھي جيڪا اوھان جي ھٿن منجھان نڪري وڇي (يعني دنيا جي مال منجھان بھتر اھو آھي جيڪو خيرات ۾ ڏنو وڃي).

حضرت ابن مسعود رضھ ٿو فرمائي تھ اھو ڏينھن خالي ڪونھي جڏھن ھڪڙو فرشتو پڪاري ٿو چوي تھ اي آدم جي اولاد! ٿورو مال جيڪو توکي گذران لاءِ ڪافي ٿئي اھو بھتر آھي انھيءَ گھڻي مال کان جيڪو توکي طغياني يا سرڪشي يا بي فرمانيءَ ۾ وجھي.

حضرت شميط بن عجلان رحھ ٿو فرمائي تھ تنھنجو پيٽ ھڪ گرنٺ جيترو مس آھي پوءِ ڇو ٿو ھو توکي دوزخ ۾ داخل ڪري.

ھڪڙي سياڻي کان پڇيائون تھ تنھنجو مال ڪھڙو آھي. جواب ڏنائين تھ ظاھر ۾ تجمل سان رھڻ، باطن ۾ درميانھ روي اختيار ڪرڻ ۽ ماڻھن جي مال کان اميد قطع ڪري ڇڏڻ (اھو منھنجو مال آھي).

ھڪ روايت آھي تھ الله تعال:ٰ فرمائي ٿو تھ اي انسان! جيڪڏھن سڄي دنيا تنھنجي ٿي وڃي تھ پوءِ بھ توکي انھ:ءَ ۾ڻڄحآڻ ڙڳ ُٰٽ ءذڙآڻ ۾ش ڻض:ٻ ث:ڻڊ” ڦءِ جيڪڏھن قوت گذران توکي عطا ڪريان ۽ دنيا جي ڪثرت جو ھساب ڪتاب ٻين جي گردن ۾ ھجي تھ انھيءَ ھالت ۾ مان توسان ھڪ احسان ٿو ڪريان.

حضرت ابن مسعود رضھ ٿو فرمائي تھ جڏھن اوھان منجھان ڪو ٻئي کان پنھنجي ھاجت طلب ڪري تھ آھستي ۽ فھميدائي سان ڪري ۽ نھ ٻئي وٽ وڃي چوي تھ تون سائين آھين يا تون مالڪ اھين ڇاڪاڻ تھ جيڪا روزي تنھنجي قسمت ۾ لکجي چڪي آھي اھا ضرور توکي ملندي پوءِ ڇو تون ويٺو ايترو پاڻ پتوڙي پنھنجي چيلھھ ڀڃي وجھين.

بني اميھ جي خليفن منجھان ھڪڙي حضرت ابو حازم رحھ کي ھڪ خط لکيو تھ جيڪا اوھان کي ضرورت ھجي اھا مون ڏي لکي موڪليو ھن جواب ۾ لکيو تھ مان پنھنجون حاجتون سڀ پنھنجي موليٰ پاڪ جي اڳيان پيش ڪري ڇڏيون آھن. انھن منجھان جيڪا عنايت ٿو فرمائي اھا مان قبول ٿو ڪريان ۽ جيڪا نٿي ملي ان تي قناعت ٿو ڪريان.

ڪنھن سياڻي کان پڇيائون تھ عاقل ماڻھوءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ واري ڳالھھ ڪھڙي آھي ۽ اھا ڪھڙي شيءِ آھي جنھن سان ھن جو غم لھي ٿو وڃي. سياڻي جواب ڏنو تھ سڀ کان وڌيڪ خوشي ڏيندڙ انسان جا نيڪ ۽ صالح عمل آھن جيڪ ھن اڳي موڪلي ڇڏيا آھن يعني ڪري چڪو اھي ۽ اھا شيءِ جيڪا ھن کي غم ٽارڻ ۾ مدد ٿي ڪري اھا آھي خدا تعال:ٰ ڄ: ۾ٰڙڙ ڪ:لله حڪمن تي راضي رھڻ.

ھڪڙي سياڻي جو قول آھي تھ ماڻھن ۾ صفت مبالغھ جون حالتون، مان ھن طرح ڏٺيون اھن، مان ڏٺو آھي تھ سڀ کان وڌيڪ غمگين اھو آھي جيڪو حسد ٿو ڪري. سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ واري زندگي اھو ٿو گذاري جيڪو قناعت ٿو اختيار ڪري. سڀ کان وڌيڪ ايذاءُ سھندڙ ٧ ايذائن تي صبر ڪندڙ اھو آھي جيڪو حرص ۽ طمع ۾ گرفتار آھي. سڀ کان وڌيڪ آسان گذران ان جو آھي جيڪو دنيا کي ترڪ ٿو ڪري ۽ سڀ کان وڌيڪ ندامت ڪندڙ اھو عالم آھي جيڪو علم ھوندي گناھن ۾ زيادتي ٿو ڪري.

ھڪ دفعي حضرت عمر رضھ ماڻھن کي چيو تھ جيترو مقدار مال جو مان پاڻ لاءِ حلال ٿو سمجھان اھو مان اوھان کي ٻڌايان ٿو. ھڪ تھ ٻھ جوڙآ ڪپڙن جا گرمي ۽ سرديءَ لاءِ، ٻيو سواري حج ۽ عمره لاءِ ۽ ٽين روزاني غذا جيڪا قريش وارا ٿا کائن اھا ٿو کاوان. نڪي انھن کان عمدي قسم جي غذا ٿو کاوان ۽ نھ انھن کان ادنيٰ قسم جي مگر درمايني درجي جي غذا استعمال ٿو ڪريان. وڌيڪ انھيءَ ھوندي بھ خدا تعاليٰ جو قسم آھي تھ مون کي معلوم ناھي تھ ھي مقدار قوت گذران جو بھ منھنجي لاءِ حلال آھي يا نھ. يعني حضرت عمر رضھ کي انھيءَ ڳالھھ جو شبھ ھو تھ ڪفايت جي انداز کان ھي غذا ۽ لباس جو مقدار مٿي نھ ھجي.

ھڪڙي اعرابيءَ پنھنجي ھڪڙي ڀاءُ کي حرص جي باري ۾ عتاب ڪندي چيو تھ ادا! ھڪڙي شيءِ آھي جيڪا توکي ڳولھيندي ٿي وتي ۽ ٻي شيءِ آھي جنھن کي وري تون ڳولھيندو ٿو وتين. جيڪا شيءِ توکي ڳولھيندي ٿي وتي انھيءَ کان تون بچي ڪو نھ سگھندين. يعني موت انسان جو طالب آھي جنھن کان ڪا بھ ڀڄي جند ڇڏائڻ جي واھھ ڪانھي ۽ جنھن شيءِ کي تون ڳولھين ٿو يعني رزق اھو توکي بنا ڪنھن فڪر ۽ ڳنتيءَ جي ملي ويندو. تون ھميشه ائين سمجھھ تھ موت جيڪو نظرن کان غائب آھي اھ گويا موجود آھي ۽ جنھن حال ۾ تون ھن وقت آھين اھو ڦيرايو يا بدلايو يوندو. معلوم ائين ٿو ٿئي تھ تو ڄڻ ڪڏھن ڏٺو ئي ڪونھي تھ حريص محروم ٿو رھي ۽ زاھد کي رزق ملندو ٿو رھي يعني زاھد کي رزق بنا پاڻ پتوڙڻ جي ملي ٿو وڃي ۽ حريص باوجود ايتري ڪوشش ۽ ڊڪ ڊوڙ جي بھ ڪڏھن ڪڏھن صفا محروم رھجي ٿو وڃي.

حضرت شعبي ٿو روايت ڪري تھ ڳالھھ ڪندا آھن تھ ھڪڙي شڪاريءَ ڪو چنڊول ڦاسايو. ھن کان چنڊول سوال پڇيو تھ ڀلا ھاڻي تنھنجو ڪھڙو ارادو آھي. تون مون سان ڇا ڪندين؟ چيائينس تھ مان ھاڻي توکي ڪھندس ۽ پچائي کائيندس. تنھن تي چنڊول چيس تھ خدا جو قسم آھي تھ مان نھ تنھنجي گوشت جي شڪ لاھي سگھندس ۽ نھ وري مان تنھنجي ڪا بک لاھي سگھندس. مگر مان توکي ٽي خصلتون ٿو ٻڌايان انھن تي عمل ڪرڻ منھنجي گوشت کائڻ کان توکي گھڻو فائدو رسائيندو. انھن منجھان ھڪڙي خصلت توکي تڏھن ٻڌايئندس جڏھن اھا تنھنجي ھٿ ۾ ھوندس ۽ ٻي تڏھن ٻڌائيندوسانءِ جڏھن ھن وڻ تي وڃي ويھندس ۽ ٽين تڏھن جڏھن جبل جي چوٽيءَ تي وڃي پھچندس. چيائين تھ چڱو ڀلا پھرين ھٿ واري خصلت تھ ٻڌاءِ، چنڊول چيس تھ گذريءَ ڳالھھ تي افسوس نھ ڪجانءِ. اھو ٻڌي ھن کي آزاد ڪيائين ۽ چنڊول وڃي وڻ تي ويٺو. چيائينس تھ ھاڻي ڀلا ٻي خصلت ٻڌاءِ. ٻي خصلت اھا آھي تھ جيڪا ڳالھ ٿيڻ جوڳي نھ ھجي ان تي اعتبار نھ ڪجانءِ. ائين چئي چنڊول وڃي جبل جي چوٽيءَ تي ويٺو ۽ رڙ ڪري چيائينس تھ اي بدنصيب! تون جيڪڏھن مون کي ڪھين ھا تھ منھنجي گجيءَ منجھان ڏيڍ ڏيڍ آني تور جيترا ٻھ قيمتي در يا موتي نڪرن ھا. اھو ٻڌي ويچارو شڪاري لڳو پنھنجن چپن جو ماس ڇڪڻ ۽ افسوس ڪرڻ، ٿوريءَ دير کان پوءِ پکيءَ کي چيائين تھ چڱو ڀلا ٽين خصلت ٻڌاءِ تنھن تي چنڊول جواب ڏنس تھ تو منھنجون ھريون ٻھ نصيحتون ئي وساري ڇڏيون آھن ھاڻي ٽين ڳالھھ توکي ڪھڙي ويٺو ٻڌايان. مان توکي چيو ڪين تھ گذريءَ ڳالھھ تي افسوس نھ ڪجانءِ ۽ ناممڪن ڳالھھ تي ويساھھ نھ ڪجانءِ. ھڪ تھ مان توکان ھٿ منجھان نڪري چڪو ھوس پوءِ تون ھاڻي افسوس ڇو ٿو ڪرين ۽ ٻيو تھ مان آھيان رڳي کنڀن ۽ ھڏين جي مٺ ۽ سڄي تور منھنجي آني کان بھ گھٽ ٿيندي پوءِ تو ڪيئن اعتبار ڪيو تھ ڏيڍ ڏيڍ آني تور جا ٻھ در منھنجي ڳچيءَ ۾ ھوندا. ائين چئي چنڊول اڏامي ھليو ويو. ھي مثال آھي ماڻھوءَ جي ٻيجا ۽ گھڻي طمع جو. اھا طمع ھن کي سچ جي پروڙ کان انڌو ڪري ٿي ڇڏي انھيءَ حد تائين جو ھو ناممڪن ڳالھين کي بھ ممڪن ٿو سمجھي.

ابن سماڪ رحھ جو چوڻ آھي تھ ٻئي ۾ اميد آسرو يا ڪو توقع رکڻ ڄڻ تھ تنھنجي گھلڻ لاءِ قلب ۾ ھڪ رسو ٻڌل آھي ۽ تنھنجي پير ۾ ڪا لوھي ٻيڙي پيل آھي. پوءِ تون پنھنجي قلب منجھان اھا اميد آسرو ڪڍي ڇڏ تھ اھي رسا ۽ زنجير تنھنجي يرن منجھان نڪري وڃن.

حضرت عبدالله بن سلام رضھ ڪعب رضھ کان پڇيو تھ علمن جي يادگيري پوريءَ طرح عقل ۾ ويھارڻ کانپوءِ ڪھڙي شيءِ ٿي علمن کي عالمن جي قلبن تان ميساري ڇڏي. ڪعب رضھ جواب ڏنو تھ طمع ۽ نفس جي شر ۽ ٻين کان حاجتون طلب ڪرڻ سبب علمائن کان علم ختم ٿي ٿا وڃن. ھڪڙي شخص حضرت فضيل رضھ کان حضرت ڪعب رضھ جي مٿئين ارشاد جي تفسير پڇي ھنن فرمايو تھ ماڻھو جيڪا شيءِ چاھيندو آھي انھيءَ لالچ ۽ طمع ۾ پنھنجو دين گم ڪري ويھندو آگي، نفسن جي حرص يا شر جو حال وري اھو آھي جو سڀني شين ڏي ھن جي نيت ڊوڙندي ٿي رھي ۽ ھو چاھي ٿو تھ سڀئي شيون مون کي ملي وڃن. انھيءَ غرض سان ڪڏھن ڪنھن وٽ ٿو وڃي تھ ڪڏھن ڪنھن وٽ. جڏھن ڪو ماڻھو ھن جي حاجت پوري ٿو ڪري تھ پوءِ ھو لالچي سمجھي ٿو تھ انھيءَ حاجت جي پوري تڪميل بھ انھيءَ جي ھٿ ۾ آھي، پوءِ ھو ھن کي نڪ ۾ نوڙي وجھي جاڏي وڻيس ٿو تاڏي ڪاھيندو ٿو وتي ۽ جيڪو ڪم ھو چاھي ٿو اھو ھن کان وٺندو ٿو رھي. ھو ھر وقت ھن ج ياڳيان نوڙندو ٿو وتي. دنيا جي محبت جي ڪري جڏھن ھو ھن وٽان لنگھي ٿو تھ ھن جو سلام ٿو ڪري ۽ جڏھن بيمار ٿي ٿو پوي تھ ھن جي تيمارداري ٿ٩و ڪر مگر خدا واسطي نھ ھن جو سلام ٿو ڪري ۽ نھ ھن جي تيمارداري ٿو ڪري. اھڙي ذلت ۽ حقارت کان بھتر ھو تھ ھن وٽ جيڪر ڪا حاجت کڻي ئي نھ وڃي ھا. پڇوءِ حضرت فضيل رضھ فرمايو تھ حضرت ڪعب احبار جو ھي قول ھن جي ھڪ سؤ مسلسل حديثن کان بھتر آھي.

ڪن حڪيمن  جو قول اھي تھ انسن ۾ وڏي تعجب جي ڳالھھ تھ اھا آھي تھ بالفرض ھن کي ٻڌايو وڃي تھ تون ھميشه دنيا ۾ رھدنين تھ انھيءَ وڏي ۽ دراز عمر جي رعصي ۾ جيترو ھو حرص ڪري ھا ھاڻي انھيءَ کان بھ زياده ڪري رھيو آھي حالانڪھ پڪ اٿس تھ عمر تمام ٿورن ڏينھن جي آھي ۽ آخر فنا ٿيڻ جي اميد آھي.

عبدالواحد بن زيد کان روايت آھي تھ منھنجو گذر ھڪ راھب وٽان ٿيو. مان پڇيومانس تھ توکي کاڌو ڪٿان ٿو ملي ھن جواب ڏنو تھ جنھن ھستيءَ چڪي يا چنڊ (يعني منھنجون ڏاٺون ۽ ڏند) بڻايو آھي اھو انھن ۾ ان اٽو بھ موڪلي ٿو ڏئي. مون کي تھ پڪو پچائيل ملي ٿو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org