جيئن جو ڌنڌي ۽ ڪاريگريءَ ۾ محنت ۽ جفاڪشيءَ جي ضرورت ٿي پوي ۽
ڪي ماڻھو غفلت يا بي پرواھي کان ننڍپڻ ۾ ڪو ھنر
نٿا پراڻن تھ وڏي ھوندي پاڻ کي ڪنھن بھ ڌنڌي لاءِ
بيڪار ڏسي چاھن ٿا تھ ٻين جي ڪمائيءَ منجھان
کائون. ھن مطلب سان وري ٻيا بيڪار پيشا نڪري ٿا
پون. ھڪ چوري ۽ ٻيو گداگري يا پنڻ، ھنن ڌنڌن جو
متو اھو ھوندو آھي تھ ٻئي جو مال مفت کائون. ٻئي
طرف وري مالدار پنھنجي مال کي چورن ۽ گداگرن کان
بچائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ٿا وٺن. انھيءَ ڪري چورن ۽
پينن بھ مال ھٿ ڪرڻ جا ڪيئي حيلا وسيلا ڪڍيا آھن.
چورن تھ بعضي گڏجي ھڪٻئي جا مددگار ٿي رھزني (واٽ
تي ڦرلٽ ڪرڻ) ۽ ڌاڙا ھڻڻ شروع ڪري ڏنا ۽ جيڪي انھن
منجھان ڪجھھ ھيڻا ھئا انھنوري رات جو غفلت جي وقت
گھرن کي کاٺ ھڻي مال ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا ڏينھن
ڏٺي جو جيب ڪترڻ کي لڳي ويا.
گداگرن يعني پنڻ واري ٽولي بھ ڪيئي تدبيرون اختيار ڪيون آھن.
معمولي طرح پيا ڪنھن کان کڻي ڪو سوال ڪن تھ جواب
پيو ملين تھ توھان تھ ڏنڊا مستندا لڳا پيا آھيو.
محنت ڪري ڇو نھ ٿا بين وانگر اوھان بھ روزي ڪمايو.
اوھان کي ڪجھھ بھ نھ ڏنو ويندو محنت تھ ھنن کان
پڳي ڪا نھ سو وٺي پيسن حاصل ڪرڻ جون تدبيرون سوچڻ
لڳا. ڪي تھ صفا اھو حيلو ڪندا آھن جو پنھنجون
اکيون بھ ڪڍي ڇڏيندا ۽ پنھنجي اولاد جون بھ انھيءَ
لاءِ تھ ماڻھو معذور سمجھي ڪجھھ خيرات ڏين ۽ ھو
محنت ڪرڻ کان ڇٽي پون. ڪي وري رڳو مڪر ڪري ظاھر
ڪندا آھن تھ اسان ڏسي نھ ٿا سگھون يا ھٿرادو منڊا
ٽنڊا يا پاڳل (چريا) يا بيمار بڻجي ويندا آھن ۽
ماڻھن کي فريب ڪري ٻڌائيندا آھن تھ ھيءَ تڪليف
اسان تي اوچتي اچي وئي آھي تھ من ڪجھ ملي وڃي. ڪي
ماڻھو وري ڪي قول (ٽوٽڪا) ۽ فعل (کيل) اھڙا ھٿ
ڪندا آھن جن سان ماڻھو حيرت ۾ پئجي وڃن يا ڏسي وٺي
کلن ۽ خوش ٿين ۽ انھيءَ کل خوشيءَ ۾ ڪجھھ کڻي ڏين.
ھنن چالاڪين تي گھڻا جاھل ماڻھو وڏيون وڏيون رقمون
خرچ ٿا ڪن. توڙي خرچ ڪرڻ کان پوءِ گھڻو ئي ٿا
پڇتائن پر اھو پڇتائڻ ڪھڙي ڪم جو ھن قسم جا قول ۽
فعل ڪڏھن تھ مسخريءَ جي نموني پيش ڪيا ويندا آھن
جھڙوڪ عجيب عجيب ٽوٽڪا ۽ قصا ڪھاڻيون ٻڌائن،
جادوءَ جھڙا ڪرتب ڪري ڏيکارڻ يا اھڙا کيل تماشا
ڪرڻ جو ماڻھو ڏسي اچرج ۾ پون ۽ خوش ٿين.
ڪڏھن وري شعر اختيار ڪري مزيدار ۽ وڻندڙ شعر مٺي آواز سان ڳايا
ويندا آھن. ڇاڪاڻ جو موزون شعر جو قدرتي طرح دل تي
وڌيڪ اثر ٿو ٿئي خصوصا جڏھن اھي مذھب جي جذبن کي
اٿاريندڙ ھوندا آھن. جھڙوڪ مولود، مداحون ،اصحابن
سڳورن جا مناقب ۽ اھل بيت رضھ جا قصيدا وغيره يا
انھن ۾ ڪا ڳالھھ مجازي عشق يا باطل محبت جي ھوندي
آھي جھڙيءَ طرح ڍولڪ وارا بازارن ۾ ڳائيندا وتندا
آھن. ھنن مفت خورن جي ٽولي ۾ اھي ملا، مانڍاڻا ۽
نجومي بھ اچي ٿا وڃن جيڪي جاھلن ۽ بي سمجھھ ماڻھن
کي فريب سان تعويذ ۽ سڳڙا ڏئي پيسا ٿا وٺن. جاھل
ويچارا انھن کي دوا سمجھي خريد ٿا ڪن حالانڪھ اھي
ڪنھن بھ ڪم جا ناھن ۽ نجومين کي خدا تعاليٰ جي
ڳجھھ ۾ ڪو دخل ڪونھي. ھن جنس ۽ اھي ماڻھو بھ آھن
جيڪي منبرن تي چڙھي وعظ ٿا ڪن ۽ انھن جو غرض صرف
اھو ھوندو آھي تھ ماڻھن جي دلين کي پنھنجي طرف
متوجھ ڪن ۽ انھن کان ڪنھن بھاني سان مال وٺن. علمي
فائدي پھچائن سان انھن جو ڪو بھ غرض ڪونھ ھوندو
آھي.
اھڙيءَ طرح گداگري جون ھزارين صورتون آھن ۽ سڀ وڏي باريڪ ۽ دقيق
فڪر ۽ سوچ وياچر انپوءِ ٿيون وجود ۾ اچن. بس
روزگار ڪمائڻ وارن کي رات ڏينھن فقط اھو ئي فڪر
لڳو پيو ھوندو آھي ۽ اھڙي قسم جون تدبيرون ۽
تجويزون پيا سٽيندا ۽ رٿيندا آھن. ھي دنيا جا شغل
۽ ڪم آھن جن تي خدا جي خلق انڌي اونڌي ٿي پئي آھي.
حالانڪھ مول مقصد سڀني جو صرف غذا ۽ پوشاڪ حاصل
ڪرڻ جو آھي مگر ھو ڪمائڻ جي ڌن ۾ پنھنجي روحاني
حصي کي صفا وساري ٿا ويھن ۽ آخرت جو خيال دماغ
منجھان نڪري ٿو وڃين ۽ ھو حيران پريشان، گمراھھ ۽
سرگردان ڦرندا ٿا وتن، ھنن جي ضعيف عقلن ۽ ناقص
سمجھھ ۽ پروڙ جي مٿان دنيا جي شغلن جي ڪدورت
(گندگيءَ) جا تھھ چڙھي ٿا وڃن ۽ فاسد خيالات انھن
۾ گھر ڪري ٿا وڃن. انھيءَ ڪري ھر ھڪ جو مذھب ۽
رايو مختلف ۽ گوناگون ٿئي ٿو وڃي.
ڪي ماڻھو جھالت ۽ غفلت جي غلبي ھيٺ اھڙآ ٿا ٿي وڃن جو انھن جون
اکيون اصل ڪين ٿيون کلن. ھنن پنھنجي ڪم جو آخر
نتيجو نھ جاچيو ۽ مقصد اھو مقرر ڪيائون تھ ڪجھھ
ڏينھن دنيا ۾ رھي کاڌي پيتي جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي وڃي ۽ کائي پيئي ماڻھو ڪمائڻ جھڙو بڻجي ۽
پڇاڙيءَ تائين چار عضوا )ٻھ ھٿ ٻھ پير) ۽ پنجون
نور سلامت رھن تھ ماڻھو پيو ڪمائي ۽ کائي. جيئن
ٻئي جو محتاج نھ ٿئي. غرض تھ انھن ماڻھن جي غذا
ڪمائي واسطي ۽ ڪمائي غذا واسطي آھي تھ ھيءَ راءِ
ڪڙمين ۽ واپارن ۽ پيشه ورن جي آھي جيڪي نھ دنيا جي
آسائش ٿا وٺي سگھن ۽ نھ دين ۾ ٿا قدم رکن. سارو
ڏينھن، رات جي واسطي غذا حاصل ڪرڻ ۾ ٿا لڳائن ۽
رات جو وري ٻئي ڏينھن جي ڪمائي جي لائق ٿيڻ لاءِ
ٿا پنھنجي خوراڪ ڪن. ھي ماڻھو مرندي دم تائين
گھاڻي جي اند وانگر گردش ۾ ٿا گھمندا رھن.
ڪي ماڻھو وري انھيءَ گمان ۾ اچي ٿا وڃن تھ بس اسان مطلب سمجھي
ويا آھيون. شريعت ۾ کائڻ پيئڻ ۽ شادي ڪرڻ جي منع
ڪانھي. تنھنڪري خوب کاڌا کائي پيٽ ڀرڻ لڳا. جڏھن
پيٽ ڀريو تھ شھوت جوش ۾ آئي. پوءِ انھن جي ساري
ھمت ۽ محنت عورتن جي صحبت ۽ لذيذ کاڌن ۾ گذر ٿي
وڃي. چوپاين جانورن وانگر سواءِ کائڻ پيئڻ ۽ سمھڻ
جي ٻيو ڪجھھ بھ نھ ڄاتائون ۽ انھيءَ کي ئي زندگي
جو مول مقصد سمجھيائون. خدا تعاليٰ ۽ آخرت کي
وساري ويھي رھيا.
ھڪڙو ٽولو وري سمجھي ٿو تھ سعادت ۽ نيڪ بختي رڳو مال خزانن ۾
آھي. تنھنڪري رات ڏينھن دنيا ميڙڻ جي فڪر ۾ ٿا رھن
۽ وڏيون وڏيون محنتون ۽ مسافريون ڪري لک پٽي بڻجڻ
جي ڪوشش پيا ڪن. سواءِ تمام ضروري شين جي ڪنجوسيءَ
کان ڪو بھ خرچ ڪو نھ ٿا ڪن تھ متان مال گھٽ ٿي
وڃي. اھي سڀئي انھيءَ نوانوي واري چڪر ۾ ھوندا آھن
تھ مٿان موت اچي ڪڙڪندو اٿن ۽ مرڻ کانپوءِ انھن جي
ڪمائي يا تھ زمين ۾ ئي دفن رھندي آھي يا ڪنھن کائڻ
پيئڻ ۽ خوب اڏارڻ وار جي ور چڙھندي آھي، جنھن کي
اھڙي دنيا ھٿ ايندي آھي اھو مزا وٺندو آھي ۽ جنھن
چيپٽين سان چونڊي گڏ ڪئي ھئي اھو قبر ۾ مصيبت ۽
وبال ۾ گرفتار رھندو آھي. افسوس جو اھڙا دنيادار
ماڻھو ھن قسم جا ڪرشما روزانو اکين اڳيان ڏسندا بھ
ٿا رھن تھ بھ عبرت ۽ سبق حاصل نٿا ڪن.
ڪي صاحب وري انھيءَ خيال جا آھن تھ سعادت رڳو نيڪنامي ۽ وڏ
ماڻھپائپ تي ٿي مدار رکي. ھي چاھيندا آھن تھ ماڻھو
اسان جي تجمل ۽ شان شوڪت جي ثنا ۽ صفت بيان ڪندا
رھن. اھڙا ماڻھجو جيڪي رات ڏينھن ڪمائيندا آھن اھو
پنھنجي کائڻ پيئڻ ۾ لڳائڻ بدران سڀ مال عمدين
عمدين پوشاڪن ۽ نفيس نفيس سوارين تي خرچ ڪندا آھن.
گھرن جا دروازا ۽ اھي خاص جايون جن تي ماڻھن جي
نظر پوي انھن کي ڏاڍا چٽ ڪڍي سينگاريندا آھن
انھيءَ لاءِ تھ ماڻھو ھنن کي غني ۽ مالدار ڪري
ليکين ۽ اھا انھن لاءِ ھڪ وڏي سعادت آھي.
ڪي وري ھي تصور ڪندا آھن تھ ماڻھوءَ جي سعادت انھيءَ ۾ آھي جو
ھو ماڻھن وٽ مقبول ۽ تعظيم جي لائق بڻجي وڃي ۽ ھن
خيال سان ساري طاقت انھيءَ ڪوشش ۾ خرچ ڪندا آھن تھ
جيئن ماڻھو اسان جي اطاعت ۽ تابعداري ڪن. ھي ماڻھو
رات ڏينھن حڪومت تي پيا مرندا آھن ۽ سرڪاري ڪم ڪرڻ
۾ ڏاڍا خوش پيا ٿيندا آھن انھيءَ لاءِ تھ انھيءَ
ذريعي سان ڪجھھ ماڻھن جي مٿان حڪومت ٿي وڃي ۽
انھيءَ کي ئي ھو پنھنجو آخري مقصد سمجھندا آھن. ھي
ڳالھھ گھڻن غافل ماڻھن ۾ موجود آھي. ماڻھن کي
فرمانبردار بنائڻ جي محبت ۽ ڪوشش ۾ ھو خدا تعاليٰ
جي فرمانبرداري ۽ آخرت جو فڪر صفا وساري ٿا ڇڏين.
ھنن جماعتن کان پوءِ ٻيا بھ ڪيترا فرقا آھن جن جو تعداد ستر کان
ڪجھھ زياده آھي. اھي سڀئي خود گمراھ آھن ۽ ماڻھن
کي بھ ڀلائيندا ٿا وتن. ھي سارو نتيجو انھيءَ
ڳالھھ جو آھي جو غذا، لباس ۽ گھر جي حاجت پوري ڪرڻ
۾ انھن کان ڳالھھ وسري وئي تھ اھي ڳالھيون اصل ڇا
جي لاءِ آھن ۽ انھن جي ڪيتري مقدار تي ڪفايت ڪرڻ
گھرجي. انھن شين جي ابتدائي ۽ معمولي ڪمن ۾ پئجي
اوچتو وڃي وڏن معاملن ۽ ڦاٽا ۽ نيٺ وڃي اھڙين کڏن
۾ ڪريا جن منجھان نڪرڻ مشڪل ۽ دشوار ٿي پين. پوءِ
جنھن شخص کي انھن شين جي ضرورت جي سبب جي خبر آھي
۽ جيڪي ڪجھھ دنيوي ڪمن ۾ مقصد ۽ غرض رکيل آھي
انھيءَ کان بھ واقفيت اٿس تھ اھڙو شخص جيڪو بھ ڪم
يا ڌنڌو ڪندو اھو انھيءَ ڪم جي غرض ۽ مقصد کي
ڄاڻندو ھوندو ۽ اھا بھ خبر ھوندس تھ منھنجو حصو ھن
ڪم ۽ ڌنڌي ۾ فقط بدن جي سنڀال وٺن جيترو آھي جيئن
ھن کي غذا ۽ لباس ايترو پھچندو رھي جو ھو مري نھ
وڃي. پوءِ جيڪڏھن انھيءَ حصي ۾ بھ ڪمي ڪندو تھ سڀ
شغل ھن کان دور ٿي ويندا ۽ فارغ البال ٿي دل و جان
سان آخرت ڏانھن متوجھ ٿيندو ۽ انھيءَ لاءِ تياري
ڪرڻ کي لڳي ويندو. باقي جيڪڏھن انھيءَ بيان ڪيل
حصي يعني ضرورت واري مقدار کان وڌيڪ وٺڻ جي ڪوشش
يا ارادو ڪيائين تھ شغلن جو ھجوم اچي ڪڙڪندس ۽ بي
انتھا لڳاتار ڪم نڪري اينس ۽ طرحين طرحين تردد ۾
پئجي ويندو تھ ھي ڪريان. ھي نھ ڪريان، جنھن شخص جا
ھن طرح تردد رھندا آھن ان کي اھو معلوم نٿو ٿئي
سگھي تھ خدا تعاليٰ الائي ڪھڙي تردد ۾ ھن جا دم
پورا ڪري ۽ ھن مثال جو مصداق بنائي تھ ”جو ميرد
مبتلا ميرد جو خيزد مبتلا خيزد“ يعني جنھن وقت مري
نھ ڪنھن نھ ڪنھن ڪم ۾ مبتلا ٿي مري ۽ جي قيامت
ڏينھن اٿي تھ پڇاڻي ۾ مبتلا ٿيڻ لاءِ اٿي.
ھن وقت تائين ذڪر انھن ماڻھن جو پئي ھليو جيڪي دنيا جي ڪمن ۾
مستغرق ٿا رھن. ھاڻي ھيءَ ڳالھھ ٻڌڻ گھرجي تھ ڪي
ماڻھو دنيا جي حالتن کان واقف ٿي انھن کان منھن
موڙيندا آھن. مگر انھن تي شيطان حسد کائي انھن جي
غرضن بابت اھڙيون ڳالھيون ھنن جي دلين ۾ ڄمائيندو
آھي جو گمراھھ ڪرڻ کان سواءِ نھ ڇڏيندو اٿن. مٿلا
ڪن ماڻھن جو ھي تصور ھوندو آھي تھ دنيا محنت ۽
مصيبت جي جاءِ آھي ۽ آخرت سعادت جو مڪان آھي. جيڪو
آخرت ۾ پھتو سعادت ۾ داخل ٿي ويو آھي خواھ عبادت
ڪري يا نھ ڪري. انھيءَ بناء تي ھي عقيدو کڻي
بنايائون تھ دنيا جي محنت کان بچڻ واسطي پنھنجي
جان کي ختم ڪرڻ بھتر آھي. ھي عقيدو ھندو عابدن جي
ھڪ فرقي جو آھي. جيڪي پنھنجو پاڻ کي ٻرندڙ باھھ ۾
اڇلائي رک ڪري ٿا ڇڏين ۽ سمجھن ٿا تھ ھيئن ڪرڻ سان
دنيا جي محبت جو ٻوجھھ انھن تان لھي ويندو ۽ آخرت
۾ سڌو سنئون وڃي سعادت ۾ پوندا. ڪن جو وري اھو
تصور آھي تھ خودڪشيءَ سان نجات نٿي ملي بلڪھ
پھريائين اھا ڳالھھ ضروري آھي تھ بشري صفتن جو
وجود ختم ڪيو وڇي ۽ نفس کي بلڪل نيست ۽ نابود ڪجي
ڇاڪاڻ تھ آخرت جي سعادت، شھوت ۽ غضب کي بلڪل ختم
ڪرڻ ۾ رکيل آھي. انھيءَ خيال سان مجاھدي جي طرف
رجوع ٿيا ۽ پنھنجي نفس تي ايتري سختي ڪيائون جو ڪي
تھ رياضت جي ڪثرت ۾ مري ويا ۽ ڪن جو عقل فاسد ٿي
ويو ۽ پاڳل بڻجي يا بيمار ٿي عبادت کان رھجي ويا.
ڪي وري بشري صفتن جي پاڙ پٽڻ کان عاجز ٿي سمجھڻ
لڳا تھ شريعت جي حڪمن جي تعميل محال آھي ۽ انھن جي
ڪا حقيقت ڪانھي. رڳو دوکو ئي دوکو آھي. اھڙن خيالن
ڪري اھي ملحد يا بي دين بڻجي ويا. ڪن تھ وري ھي
سمجھيو تھ سڀ محنت خدا جي لاءِ ڪئي ٿي وڃي مگر خدا
تعاليٰ جي ذات ھر شيءِ کان بيپرواھھ آھي. نھ ڪنھن
عابد جي عبادت سان ھن جي ذات ۾ ڪجھھ اضافو ٿو ٿئي
۽ نھ ڪنھن گنھگار جي نافرمانيءَ سان ان منجھان
ڪجھھ گھٽجي ٿو. ھيءَ سوچ ڪري شرعي حڪمن کي پاسيرو
رکي ڇڏيائون ۽ نفساني خواھشن ڏي رخ رکي جيڪي ونين
سو ڪرڻ لڳا ۽ دل ۾ سمجھيائون تھ اسان جو عقيدو
بلڪل ٺيڪ آھي. اسان ڌڻي تعاليٰ کي عابدن جي عبادت
کان بي پرواھھ ٿا سمجھون. ڪي ماڻھو وري ھي خيال
ڪندا آھن تھ عبادت منجھان ايتري قدر مجاھدي ڪرڻ جي
مراد آھي جو ماڻھوءَ کي معرفت حاصل ٿي وڃي. معرفت
حاصل ٿيڻ کانپوءِ ماڻھو واصل بالله ٿو ٿئي وڃي ۽
انھي رتبي کان پوءِ حيلي وسيلي يعني عبادت جي ڪا
ضرورت ڪا نھ ٿي رھي. جيئن جو اھڙي قسم جا ماڻھو
پنھنجي پاڻ کي معرفت ۾ ڪامل سمجھندا آھن تنھنڪري
عبادت ڇڏي يندا آھن ۽ چوندا آھن تھ اھي شرعي ڪشالا
اسان لاءِ ناھن. اھي عوام لاءِ آھن. انھن کان
علاوھ ٻيا باطل مذھب ۽ سخت گمراھيون آھن جن جو
تعداد ستر کان مٿي آھي مگر انھن منجھان فقط ھڪ
فرقو نجات پائيندو ۽ ھن فرقي وارا اھي آھن جيڪي
آنحضرت ' جن جي ۽ انھن جي اصحابن رضھ جي طريقھ تي
ھلڻ وارا آھن يعني جن جو عقيدو ھي آھي تھ نھ دنيا
کي بلڪل ترڪ ڪرڻ گھرجي ۽ نڪي شھوتن جي بلڪل بيخ
ڪني ڪئي وڃي يعني پاڙ پٽي وڃي بلڪھ دنيا منجھان
آخرت جي سمر جيترو حاصل ڪرڻ ضروري آھي ۽ شھوتن جي
انھيءَ وڌيڪ مقدار جي پاڙ پٽڻ گھرجي جيڪو عقل ۽
شڙ:غٽ ؛آڻ ٻاھر آھي. مطلب تھ نھ ھر ھڪ شھوت جي
ماڻھو ڪڍ لڳي پوي ۽ نھ ھر ھڪ جو تارڪ بڻجي بلڪھ
وچولو طريقو اختيار ڪرڻ گھرجي تھ دنا جي ھر ھڪ
شيءِ جو طالب ٿجي ۽ نھ ھر ھڪ شيءِ جو تارڪ بلڪھ
جيڪا شيءِ دنيا ۾ پيدا ٿي آھي ان جو مقصد معلوم
ڪري ان کي مقصد جي حد تائين ڪم آندو وڃي. جھڙوڪ
غزا منجھان ايتري قدر وٺي جو بدن عبادت ڪري سگھي ۽
گھر جي جاءِ ايتري قدر اختيار ڪري جو گرمي ۽ سردي
۽ چورن جي حفاظت لاءِ بس ھجي ۽ انھيءَ ئي قياس تي
لباس جي مسئلي کي محدود رکجي. پوءِ جڏھن اھڙيءَ
طرح بدن جي شغلن کان فارغ ٿيندو تڏھن پنھنجي پوري
ھمت سان الله تعاليٰ ڏانھن متوجھ ٿي ساري زندگي
ذڪر فڪر ۾ مشغول رھندو ۽ ھميشه شھوتن يعني نفساني
خواھشن جي حفاظت ۽ نگراني ڪندو رھندو جيئن تقويٰ ۽
پرھيزگاريءَ جي حد کان وڌي نھ وڃن ۽ ھن جو تفصيل
فقط تڏھن معلوم ٿيندو جڏھن ناجي فرقي (نجات حاصل
ڪيل) يعني اصحاب رضي الله عنھم جي پيروي ۽ اتباع
نصيب ٿيندو. جھڙيءَ طرح ھديث شريف ۾ جڏھن حضور جن
امت جو ٻاھتر فرقن ۾ ورھائجي وڃن جو فرمايو ۽ ھڪ
فرقي کي ناجي مقرر فرمايو تھ ماڻھن انھيءَ ناجي
فرقي بابت سوال ڪيو تھ اھو ڪھڙو آھي تھ پاڻ
فرمايائون تھ اھل السنته والجماعته - وري ماڻھن
عرض ڪيو تھ اھل سنت و جماعت منجھان ڪھڙا ماڻھو
مراد آھن تھ پاڻ فرمايائون تھ جن جو طريقو اھو ھجي
جيڪو منھنجو ۽ منھنجي اصحابن رضي الله عنھم جو
آھي. ياد رکڻ گھرجي تھ اصحابن سڳورن جو طريقو
درمياني ھو جھڙيءَ طرح اسان بيان ڪري چڪا آھيون.ھي
ماڻھو دنيا کي دنيا جي غرض سان نھ بلڪھ دين جي غرض
سان ڏسندا ھئا ۽ راھب ۽ تارڪ بلڪل نھ ٿيندا ھئا.
سڀني ڪمن ۾ افراط ۽ تفريط انھن جي مزاج ۾ نھ ھئي
بلڪھ انھن جو ڪم راستي ۽ درستي سان ھو، جيڪو طريقو
وچٿرو ۽ الله تعاليٰ کي محبوب ھو اھو ئي طريقو
انھن کي پسند ھو. دنيا جي براين جو بيان پورو ٿيو.
الحمد لله اولا واخر وصلي الله عليٰ سيدنا محمد واليه واصحابِه وسلم.
ڪتاب ڇھون
مايا جو موه ۽ بخل جي بڇڙائي
خطبو
الحمد لله مستوجِب الحمد بِرزقه المبسوط ه وکاشف
الضر بّعد القنوط ه الذي خلق الخلق ه ووسع الرزق ه
وافاض علي العالمين اصناف الاموال ه وابتلاءَھم
فيھا بِتقلبِ الاحوال ه ورددھم فيھا بَين العسر
واليسر ه والغنيٰ والفقر ه والطمع والياس ه
والشروتِ والاِفلاس ه والعجز ولاِستِطاعته ه
والحِرص والقناعته ه والبُخل والجود ه والفرح
بِالموحود والاسف علي المغقود ه ولاِيشار
والاِنفاق ه والتّوسع والاِملاق ه والنئذير
والتّقتِير ه والرضا بِالفليل واستحقار الکثِير ه
ڪل ذالڪ ليبلوھم ابّھم احسن عملا ه وينظر ابّھم
اثر الدنيا علي لاخِرتِ بُدلا ه وابتغيٰ عن
الآخِرتِ عدولا وحولا ه واتخذ الدنيا ذخِيرت و
خّولا ه والصلوات عليٰ محمد الذي نسخ بِملتِه
مللاءِ ه وطري بِشريعتِه اديانا و نحلا وعليٰ آله
واصحابِه الذين سلڪوا سبِيل ربِّھم ذللا ه وسلم
تسليما ڪثِيرا.
خاص حمد جڳائي الله پاڪ کي جيڪو لائي آھي حمد ۽
ساراھھ جي انھيءَ پنھنجي خلقيل رزق سببان جيڪو
ساري ڪائنات ۾ ورھائي ۽ پکيڙي ڇڏيو اٿس * ۽
مصيبتون ٽاريندڙ ۽ مشڪل ڪشائي ڪندڙ آھي. اھريءَ
حالت ۾ جڏھن انسان مايوسي ۽ نراسائي جي عالم ۾
بلڪل بيحواس ۽ نااميد ٿو رھجي وڃي * جنھن الله
سموري ڪائنات خلقي * ۽ سڀ لاءِ رزق ڪشادو ڪري ڇڏيو
* ۽ سڀني جھانن کي قسمين قسمين مال متاع سان مالا
مال ڪري ڇڏيو * ۽ انسانن کي جدا جدا حالتن ۾ رکي
انھن کان سندن مال جي آزمائش ورتي * پوءِ انھن
منجھان ڪنھن کي آساني بخشي تھ ڪنھن کي سختي * ڪنھن
کي غني بڻايائين تھ ڪنھن کي فقير * ڪنھن کي لالچ ۽
طمع ۾ منجھايائين تھ ڪنھن کي نااميدي ۽ نراسائيءَ
۾ * ڪنھن کي شاھوڪار ڪيائين تھ ڪنھن کي مفلس *
ڪنھن کي عاجز نھ ڪنھن کي طاقت وارو * ڪنھن کي حريص
تھ ڪنھن کي قناعت وارو * ڪو سخي ٿيو تھ ڪو ڪنجوس ۽
ڪو ھوندي تي پيو خوش ٿئي تھ ڪو اڻ ھوندي تي مايوس
* ڪو ٻين تي پيو ايٿار ڪري تھ ڪو پاڻ تي نثار * ڪي
ڪوڏيا اڏائڻ جا تھ ڪي ڀو ۾ گرفتار * ڪو ھلي اسراف
سان تھ ڪو درمياني رفتار * ڪو راضي مال قليل تي تھ
ڪو ڪو ڪثير کان بيزار * اھو سڀ ڪجھھ ڌڻي تعاليٰ
انھيءَ لاءِ اڀايو آھي تھ ھو آزمائي تھ ڪير ٿو
سھڻا ۽ نيڪ عمل ڪري * ۽ ڪير ٿو آخرت کي وساري ھن
دنيا تي مري * ۽ ڪير ٿو آخرت کان ڪنڌ ڦيري ۽ منھن
موڙي * ۽ ڪير ٿو ھن جھان ۾ فاني خزانا جوڙي * ۽
صلوات ھجي انھيءَ ۾ حمد تي جنھن منسوخ ڪري ڇڏيون.
سڀ اڳيون ملتون پنھنجي ملت سان * ۽ (صلوات ھجي) ھن
جي آل ۽ اصحاب تي جيڪي ھليا پنھنجي رب جي راھھ ۾
عجز ۽ انڪساريءَ سان * ۽ سلام ھجن سڀني تي گھڻي
کان گھڻا *
اما بعد واضح رھي تھ دنيا جا فتنا ۽ فساد بلڪل بيشمار ۽ لاتعداد
آھن ۽ انھن فتنن ۽ فسادن جون شاخون دنيا جي ھر ڪنڍ
ڪڙڇ ۾ پکڙيل ۽ ڦھليل آھن، چون ٿا تھ دنيا ۾ وڏي ۾
وڏو فتنو مال جو آھي ۽ جيتري تڪليف يا مصيبت نھ
وري اھا آھي جو نڪي انسان مال کان سواءِ ھلي ٿو
سگھي ۽ نڪي ان جي حاصل ٿيڻ کانپوءِ ان جي فتني کان
بچي ٿو سگھي. مطلب تھ مال جو ھجڻ ۽ نھ ھجڻ ٻنھي ۾
وڏو فتنو آھي. جيڪڏھن مال ھٿ نٿو اچي تھ انسان وڃي
ٿو سچائيءَ ۾ گرفتار ٿئي جيڪا ھن کي ڪڏھن تھ ڪفر
جا در ٿي ڏيکاري ڇڏي ۽ جيڪڏھن وري مال ملي ٿو وڃيس
تھ اھو وري انسان کي غرور ۽ سرڪشي ٿو سيکاري، جنھن
۾ ھو پنھنجو دين بھ ٿو ڳاري تھ دنيا بھ ٿو ڳاري.
مطلب تھ مال ۾ فائدا ۽ نقصان ٻئي موجود آھي. ھن جي
فائدن کي منجيات (ڇوٽڪاري واريون ڳالھيون) ۽ ھنن
جي نقصانن کي مھلڪات (تباھ ڪرڻ واريون ڳالھيون)
ڪري سڏبو آھي.
اھا ڳالھھ معلوم ڪرڻ تھ ڪھڙو مال چڱو آھي ڪھڙو خراب آھي اھو وري
اھڙو ڏکيو ڪم آھي جو سواءِ بصيرت وارن ۽ راسخ
علمائن جي (جيڪي دين ۾ اونھو فڪر ۽ غور ٿا ڪن) ٻئي
ڪنھن کي بھ پتو نٿو پئجي سگھي. انھيءَ ڪري مال جي
باري ۾ الڳ ۽ خلاصو بيان ڪرڻ نھايت ضروري آھي.
دنيا جي مزمت واري ڪتاب ۾ دنيا جي عام طرح مذمت
بيان ڪئي وئي آھي ۽ نھ رڳو دنيا جي مال بابت، دنيا
تھ انسان جي ساري زندگيءَ جي خوشين ۽ لذتن جي ھڪ
ميڙ جو نالو آھي ۽ مال انھن لذتن جو ھڪ جدا ۽ الڳ
جزو آھي جھڙيءَ طرح جاه و جلال، تڪبر، غرور، ڪاوڙ،
ڪينو ، حسد، شھوت ۽ شڪم پروري اھي سڀ دنيا جا جدا
جدا جزا آھن.
ھن ڪتاب منجھان اسان جو مقصد آھي تھ مال بابت ڪجھھ تفصيل سان
بيان ڪيو وڃي. ڇاڪان تھ ان ۾ وڏيون وڏيون آفتون ۽
شرارتون لڪل ٿيون رھن. ھن جي نھ ھجڻ سان انسان
فقير يا سڃو ٿو رھي ۽ ھجڻ سان وڏو لاغرض ۽ بي
پرواھھ بڻجي ٿو پوي ۽ انھن ٻنھي حالتن ۾ ھڪ وڏي
آزمائش يا پرک رکيل آھي.
جنھن کي مال ھٿ نٿو اچي انھيءَ جون بھ حالتون ٿيون رھن، يا ھو
قناعت ٿو اختيار ڪري يعني جيڪي ٿورو گھڻو مليس ٿو
ان تي راضي ٿو رھي ۽ ان منجھان پنھنجي پورت ٿو ڪري
يا ھن جي دل ۾ ھميشه گھڻي مان حاصل ڪرڻ جو حرص ٿو
رھي انھن حالتن منجھان قناعت جي حالت ھڪ سھڻي حالت
آھي ۽ حرص واري حالت نھايت بري آھي ڇاڪاڻ تھ حرص
ڪرڻ وارو ٻن حالتن کان خالي نٿو رھي سگھي. يا تھ
ھو ھميشه پرائي مال جي طمع ۾ غرق ھوندو آھي يا ٻين
جي مال کان پاسو ڪري حلال ڪمائيءَ لاءِ پنھنجي
ڪنھن ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ مشغول رھندو آھي. انھن ٻنھي
حالتن منجھان وري طمع ڏاڍي بري شيءِ آھي.
ٻئي طرف وري تونگر يا مالدار جون بھ ٻھ ھالتون ٿيون ٿين. ھڪ بخل
۽ ڪنجوسيءَ سببان بلڪل مٺ ڀيڙ ٿيڻ واري حالت جيڪا
ڏاڍي خراب ليکي ٿي وڃي ۽ ٻي خرچ ڪرڻ واري حالت
جنھن جون پڻ ٻھ صورتون ٿيون ٿين. ھڪ اسراف يا فضول
خرچي واري صورت ۽ ٻي درميانھ روي واري صورت. انھن
ٻنھي منجھان وري درميانھ روي يا وچٿري حالت عمدي
حالت ليکي ٿي وڃي.
مٿي ذڪر ڪيل بيان مان معلوم ٿي چڪو تھ مال جي باري ۾ سڀ ڳالھيون
نھايت باريڪ ۽ ھڪٻئي سان تمام گھاٽي مشابھت رکندڙ
آھن. تنھنڪري انھن کي کولي بيان ڪرڻ تمام ضروري
نظر ٿو اچي ۽ اسان انشاءَ الله تعاليٰ انھن جي
تشريح ھيٺ ڏنل چوڏھن بيانن ۾ پيش ڪري رھيا آھيون.
بيان پھريون
مال جي مذمت ۽ ان جي محبت جي بُرائي
الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ ٿو فرمائي تھ:
1.
يّٰاّيھا الذين آمنوا لا تلھڪم اموالڪم ولآ
اولادڪم عن ذڪر الله ومن يفعل ذالڪ فاؤلٰئڪ ھم
الخاسرون (اي ايمان وارو! اوھان کي نڪي اوھان جا
مال ۽ نڪي اوھان جي اولاد الله جي يادگيريءَ کان
ويسلو ڪري ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي ڇيئي وارا آھن)
2.
اِنمآ اموالڪم واولادڪم فتنتهءٌ والله عنده اجرءٌ
عظيمءٌ.
(اوھان جا مال ۽ اوھان جي اولاد رڳو پرک آھي ۽
الله وٽ ئي وڏو اجر آھي).
3.
من ڪان يريد الحيوٰت الدنيا وزيتتھا نوف اِليھم
اعمالھم فيھا وھم فيھا لا يبخسون اولٰئڪ الذين ليس
لھم في الاٰخِرتِ اِلاّ النار وحبِط ما صنعوا فيھا
وبَاطلءٌ ماڪانوا يعملون. (جيڪو دنيا جي حياتيءَ ۾
سندس سينگار گھرندو ھجي تن کي دنيا ۾ ئي) سندن
عملن جو اجورو پورو ڏينداسون ۽ انھن کي ان ۾ گھٽ
نھ ڏيو. اِھي آھن جن لاءِ آخرت ۾ باھھ کانسواءِ
(ٻيو ڪي) نھ آھي ۽ جيڪي دنيا ۾ ڪيائون سو چٽ ٿيو ۽
جيڪي ڪمائيندا ھئاسون باطل ٿيو).
4.
اِن الاِّنسان ليطعيٰ ان راه استغنيٰ (سچ آھي تھ
ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي جڏھن ھو پاڻ کي بي پرواھھ
ڏسندو آھي).
5.
الٰھڪم التّڪاثر حتيٰ زرتم المقابِر (اوھان کي
ويسلو ڪيو ھڪ ٻئي سان گھڻائيءَ تي مرڪڻ تان جو
توھان وڃي قبرن کي ڏٺو).
حضور سرور ڪائنات ' جن بھ مال ۽ مال جي محبت بابت فرمائين ٿا
تھ:
1.
مال ۽ رتبي جي محبت قلب ۾ ننفاق کي اھڙيءَ طرح
ئي اوڀاري ۽ سرسبز ڪري ٿي جھڙي طرح پاڻي سٻائيءَ
ڀاڄيءَ کي اوٻاريندو ۽ سر سبز ڪندو آھي.
2.
جيڪڏھن ٻڪرين جي واڙ ۾ بھ بکيا بگھڙ ڇڏيا وڃن تھ
اھي ايترو نقصان نھ ڪندا ڪيترو مال ۽ رتبي ۽ شان
شوڪت جي محبت ڪنھن بھ ماڻھوءَ جي دين ۾ فساد ۽
بگيڙو ٿي پيدا ڪري.
3.
”تباھ ٿيا زياده مال وارا سواءِ انھن شخصن جي جن
ڏنو مال الله جي بندن کي ھن طرح ۽ ھن طرح يعني جن
ھڪ نھ ٻئي نموني ۾ خيرات ڪئي، مگر اھڙا ماڻھو تمام
ٿورا اھن.
4.
حضور ' جن کان سوال ڪيو ويو تھ اوھان جي امت ۾ سڀ
کان وڌيڪ شر پيدا ڪرڻ وارا ڪير آھن، پاڻ فرمايائون
تھ اغنياءُ يعني شاھوڪار ۽ مالدار ماڻھو.
5.
ھڪ دفعي پاڻ فرمايائون تھ اوھان کان بعد جلد اھڙن
مسلمانن جي قوم ايندي جيڪي قسمين قسمين عمدا ۽
لذيذ طعام کائيندا، عمرن تيز رفتار گھوڙن تي
سواريون ڪندا، حسين ۽ جميل عورتن سان شآديون
رچائيندا، نفيس ۽ زيب زينت واريون پوشاڪون
پھريندا، انھن جا پيٽ ٿوري منجھان نھ ڀربا ۽ انھن
جي نفسن کي ڪيترو بھ زياده ملندو تھ ان تي قناعت
نھ ڪندا. اھي رات ڏينھن دنيا جي مٿان ويھي آرو
پچائيندا رھندا ۽ خدا تعاليٰ کي ڇڏي دنيا کي
پنھنجو رب ۽ معبود بڻائيندا. پوءِ جيڪو توھان
منجھان يا توھان جي اولاد يا اولاد جي اولاد
منجھان يا انھن کان بھ پوءِ اچڻ وارن منجھان
انھيءَ زماني کي پھچي تھ ھن کي محمد (') بن
عبدالله جي طرف کان ھڪ پڪو پختو پيغام آھي تھ ھو
نھ انھن کي سلام ڪري، نھ انھن جي بيمارن جي خير
عافيت پرسي يا خدمت چاڪري ڪري، نھ انھن جي جنازي
جي پٺيان وڃي ۽ نھ انھن جي وڏن سردارن جي توقير يا
تعظيم ڪري. پوءِ انھيءَ پيغام ھوندي بھ مٿين ڪمن
منجھان جيڪڏھن ڪو ڪندو تھ اھو ڄڻ اسلام جي بنياد
يا پاڙ کي پٽڻ لاءِ معاون يا مددگار ٿيندو.
6.
دنيا کي دنيادارن لاءِ ڇڏيو، ڇاڪاڻ تھ جيڪو دنيا
منجھان پنھنجي ٿوري گذران جي انداز کان وڌيڪ حاصل
ڪندو اھو ڄڻ تھ پنھنجو موت خريد ڪندو ۽ ھن کي
انھيءَ ڳالھ جو پتو ئي نھ پوندو.
7.
انسان تھ چوي ٿو تھ ھي بھ مال منھنجو ھي بھ مال
منھنجو مگر ناھي تنھنجي مال منجھان تنھنجو، سواءِ
انھيءَ جي جيڪو ٿو کائي کپايو يا پھري پراڻو ڪيو
يا صدقي ۽ خيرات ۾ خرچ ڪري ڇڏيو.
8.
ھڪڙي شخص آنحضرت ' جن کي عرض ڪيو تھ منھنجو الائي
ڇا حال آھي جو موت کي مان پيارو نٿو ڀانيان. پاڻ
فرمايائونس تھ توکي ڪجھھ مال آھي، جواب ڏنائين تھ
ھائو سائين! تنھن تي ارشاد فرمايائونس تھ پنھنجو
مال اڳتي موڪلي ڇڏ ڇاڪاڻ تھ مؤمن جو قلب پنھنجي
مال سان ھوندو آھي. جيڪڏھن اڳتي موڪلي ڇڏيندو تھ
ھو چاھيندو تھ وڃي جلد ان سان اڳتي ملان (يعني موت
شل جلد اچي) ۽ جيڪڏھن پٺتي ڇڏي ويو تھ پوءِ
چاھيندو تھ شسل مان بھ ھن سان گڏ دنيا ۾ رھان ھا.“
9.
انسان جا دوست ٽن قسمن جا ٿا ٿين ھڪڙا دوست اھي
جيڪي روح جي قبض ٿيڻ تائين ھن سان شامل ٿا رھن.
ٻيا قبر تائين ۽ ٽيان محشر تائين، روح جي قبض ٿيڻ
تائين جيڪي ھن جا دوست آھن. اھي آھن ھن جا مال
متاع ۽ جيڪي قبر تائين ٿا ھلن اھي آھن ھن جا عزيز
اقارب ۽ جيڪي محشر تائين شامل ٿا رھن اھي آھن ھن
جا اعمال.
10.
حضرت سلمان فارسي رضھ ابودرداء رضھ ڏي لکيو تھ
ادا! ايترو مال گڏ نھ ڪجانءِ جنھن جو شڪر ادا ڪري
نھ سگھين. ڇاڪاڻ تھ تحقيق مان رسول ڪريم ' جن کان
ٻڌو آھي تھ جنھن مالدار پنھنجو مال خدا جي حڪم
موجب خرچ ڪيو ھوندو اھو قيامت جي ڏينھن حاضر ڪيو
ويندو. ھن جو مال ھن جي سامھون رکيو ويندو. جڏھن
پلصراط تي ھيڏي ھوڏي نوڙڻ لڳندو تھ ھن جو مال ھن
کي چوندو تھ ھليو ڇو نھ ٿو وڃين تون الله تعاليٰ
جو حق مون سان ادا ڪري چڪو آھين. پوءِ وري اھرو
مالدار حاضر ڪيو ويندو جنھن پنھنجو مال ڌڻي تعاليٰ
جي اطاعت ۾ خرچ نھ ڪيو ھوندو ۽ ھن جو مال ھن جي
ڪلھن تي رکيل ھوندو. پلصراط تي جھڪڻ لڳندو تھ ھن
جو مال ھن کي چوندو تھ توکي ڪو ويل پوي. تو خدا
تعاليٰ جو حق مون سان ڇو نھ ادا ڪيو ھو ۽ اھڙيءَ
طرح ھو ھن جي لاءِ تباھي ۽ برباديءَ جون رڙيون
ڪندو رھندو.“
ھڪ دفعي حضرت عيسيٰ عليه السلام کي حوارين عرض ڪيو
تھ اھا ڪھڙي ڳالھھ آھي جو توھان پاڻيءَ جي مٿان
گھمندا ٿا رھو ۽ اسان ائين ڪري نٿا سگھون. پاڻ
فرمايائون تھ دينار ۽ درھم جو اوھان جي اڳيان
ڪيترو رتبو يا قدر آھي. انھن جواب ڏنو تھ اسان
انھن کي چڱو ڪري ٿا ڀانيون. پاڻ فرمايائون تھ
منھنجي اڳيان اھي ٻئي (يعني درھم ۽ دينار) ۽ مٽيءَ
جو ڀتر ھڪ جھڙا آھن. (اوھان ۽ مون ۾ فقط اھو فرق
آھي).
واضح ھجي تھ اسان جيڪو بيان زھد ۽ فقر (غربت) جي ڪتاب ۾
تونگريءَ جي برائيءَ ۾ ۽ فقر (غربت) جي ساراھھ ۾
لکيو آھي اھو بھ سڀ مال جي برائيءَ بابت آھي. مگر
انھيءَ کي ھتي وري بيان ڪري ڊيگھھ ڪرڻ نٿا گھرون.
ساڳي طرح جيڪي ڪجھھ اسان دنيا جي مذمت ۾ لکيو آھي
اھو بھ مال جي مذمت ۾ شامل آھي ڇاڪاڻ تھ دنيا جي
ارڪانن منجھان سڀ کان وڏو رڪن مال آھي. ھن ڪتاب ۾
اسان فقط اھو بيان ٿا ڪريون جيڪو خاص ڪري مال سان
سنئون سڌو تعلق ٿو رکي. حضور ' جن فرمايو آھي تھ
جڏھن ٻانھو مري ٿو تھ حالانڪھ ھن کان پڇن ٿا تھ
اڳتي جي لاءِ ٿو ڇا موڪليو آھي ۽ ماڻھو وري اھو
پڇندا آھن تھ فلاڻي پٺتي ڀلا ڇا ڇڏيو آھي. اھا پڻ
حضور ' جن جي حديث آھي تھ ”زمين يا جاگير نھ وٺو
ڇاڪاڻ تھ پوءِ اوھان دنيا کي پيار ڪرڻ شروع ڪري
ڏيندا.“ |