سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:9 

بادشاهه جو اصل مطلب هو ته راڻيءَ کي ڇنڊ ڪڍان، جو ههڙو بيهودو چرچو ڪيو هئائين جنهن مان هي گل نڪتا هئا. پر هي جا اڳيئي بئنو چاڙهي ويٺي هئي، تنهن کي ڇنڊ ڪڍڻ واجب نه سمجهي، هنجي پاڻ دل وٺڻ لڳو. راڻي پوءِ اُٽلو کيس عتاب ڏنا، ۽ ميڪ ميڪ ڪندي چيائين: توهان منهنجو ملهه ڪونه ڪيو. مون گوڏن ڀر ويهي، توهان کي هن سڪاٽ سردار پاران پلئو پاتو ته توهان مون کي نرادر ڪري موٽائي ڪڍيو. بادشاهه جيئن تيئن پرچائي چيس: تون دل وڏي ڪر، سرڪينيٿ صحيح سلامت آهي. اسان هنکي حڪيم حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اتي راڻي هيڪاري اچي مٽي. چي؛ مون هن لاءِ جهولي جهلي ته توهان مون کي هڪالي ڪڍيو، ۽ مسلمان حڪيم جو مون کان وڌيڪ ننهن پيو! بادشاهه چيس: هن اسان کي هئو جيئاريو، سو هنجو ٿورو اسانکان وسرڻ جو نه آهي. تون پاڻ جيڪر حڪيم صاحب جو جهجهو قدر ڪرين، جو اسان کي اهڙو ته نو بنو ڪيو اٿس، جو اڄ اسين توتائين چري آيا آهيون. اتي راڻيءَ ميڪڻ بند ڪري چيو....“ وغيرهه. پر تازو، سنڌي نثر جي بزرگ استاد ديوان ڏيارام وسڻمل مان معلوم ٿيو آهي ته ”طلسم“ جو پهريون حصو ساڌو هيرانند جو ترجمو ڪيل ڪونه هو، پر سنڌيءَ جي هڪ ٻئي اوائلي عالم بولچند ڪوڏومل جو ڪيل هو، پر سندس نالو ڏنل ڪونه هو. اهڙي پڌرائي پرمانند ميوارام ۽ ديوان پرڀداس شيوڪرام (نو وديالي اسڪول جي بانيڪار) ”جوت“ اخبار ۾ ڪئي هئي. پر ڇو جو ”سرسوتي“ مخزن جو مهتمم ساڌو هيرانند هو، تنهن ڪري ڀيرومل صاحب سمجهو ته پاڻ ترجمو ڪيو اٿس ۽ سندس ئي نالي ۾ ڇپايائين.

اوائلي خود- ساختا ناول

سنڌي ادب جا پهريان ٻه ناول دليان جوڙڻ جو شرف مرزا قليچ بيگ کي حاصل آهي، جي هئا: ”دلارام“(1888) ۽ ”زينت“ (1890) – جي پهريان ئي ناول هئا جي اسان پڙهيا. مرزا صاحب جي ڌڪ گهٽ ٻن سئون تصنيفن مان ڪي ٿوريون خود ساخيتون آهن ٻيا ڪتاب اڪثر ترجما آهن. جنجو به ان زماني ۾ گهڻو ضرور هو. ڪن ڄاڻڻ جو چوڻ آهي ته ”دلارام“ اصلوڪو ٺاهيل ناول هو، ۽ ”زينت“ جو پهريون اڌ حصو اردو ناول ”صحت النسا“ تان ورتل هو. پر ٻين صاحبن جو بنهه اُلٽو رايو آهي ته پهريون ناول اردوءَ تان ورتل هو جنهن ۾ مصر ۽ بغداد جي بادشاهن ۽ لڙاين جا بيان اچن ٿا، ۽ ٻئين ناول جو پهريون اڌ مورڳو خود مرزا صاحب  جي خانگي زندگيءَ تي ٻڌل هو. پر مصنف پاڻ ”دلارام“ جي ديپاچي ۾ ظاهر ڪيو هو: ”هيءَ هڪڙو نئون قصو خيالي سٽيل آهي، پنهنجي دليون جوڙيل آهي. ڪنهن ٻئي ڪتاب تان ورتل ناهي. هن ۾ ڪا ڪوڙي آکاڻي يا نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه پيل ناهي، نڪو منجهس ديو، نڪا پري آهي: رواجي اتفاقن ۽ دنيا ئي وهنوار ۽ هلت ڇلت جو منجهس ذڪر اچي ٿو، ۽ نيڪي بدي ڪرڻ مان جيڪي نتيجا نڪرن ٿا، سي چڱي طرح منجهس ڏيکاريل آهن.“ مٿئين فقري مان پڌرو آهي ته ”دلارام“ خود ساختو ناول هو، ۽ بادشاهن ۽ شهزادين جي ڪارنامن پيش ڪرڻ جي ڪري ان کي رومانوي ۽ اخلاقي ناول سڏي سگهجي ٿو. مرزا صاحب ”زينت“ جي ديباچي ۾ پڻ صاف لکيو هو: ”پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض ته ’ناولن‘ جي ڪتابن جي گهرج سنڌ ۾ تمام گهڻي آهي..... سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا ڪتاب بلڪل ڪمياب آهن. نڪو ڪنهن کي انهن جي لکڻ يا پڙهڻ جو گهڻو شوق ٿو ڏسجي. تنهن ڪري اهڙو شوق پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ مون هن کان اڳي انهيءَ نموني جو هڪڙو ننڍو ڪتاب لکيو هو، جنهن جو نالو ”دلارام“ آهي. ٻيو وري هي لکيو اٿم. اهو هڪڙو نئون رٿيل ۽ خيالي قصو آهي، جنهن ۾ زماني جي گردش ۽ حال چال جو بيان گهروُ اصطلاح ۾ ڏنل آهي..... اڳوڻي زماني جي قصن وانگر هن ۾ جن ڀوت يا پري يا ديو يا جادوءَ جو نالو به ڪونهي. هن ۾ اهڙا واقعا ڏنل آهن جي شدنيءَ جهڙا آهن ۽ جي سڀ ڪنهن انسان جي سر تي اچن ٿا.“ مٿئين حوالي مان ظاهر پيو آهي ته هيءَ ناول به خود- ساختو هئو، ۽ پڻ ان مان مرزا صاحب جو ناول نويسيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ (Realism) جو اصول پڌرو ٿو ٿئي. ”زينت“ جي پهرئين اڌ ۾ هڪ سنڌي مسلم ڪٽنب جي زندگيءَ ۽ ان جي ڀاتين جو، ڄمڻ کان مرڻ تائين تفصيل وار چتر، اهڙو ته وفاداريءَ سان چٽيل آهي جو ڌاريو لڳيئي نٿو. خصوصاً، ناول جي سورمي زينت، صورت توڙي سيرت ۾، زال ذات جو اهڙو ته شاندار مثال آهي جو هيءَ آڳاٽو ناول سنڌي ادب جو بي بها ڳهڻو ٿي پيو آهي، توڻي پڇاڙي ۾ جڏهن آکاڻي سنڌ کان ٻاهر، بمبئي وغيره ڏانهن کڄي ٿي وڃي، تڏهن سنسني خيز حادثن ۽ اتفاقن ۾ وڃيو پوي ۽ فن جي لحاظ کان ناول کي ڪسو ڪريوڇڏي. مرزا صاحب جي عبارت ۾ اصطلاح پڻ، سندس دستور موجب، نهايت سليس، گهريچي دلپسند آهي، ۽ ههڙي جهوني ڪتاب هوندي به منجهس بيهڪ جون نشانون سڌريل نموني ۾ ڏنل آهن، جا خوبي اُن زماني جي ڪتابن ۾ نٿي ملي. ”زينت“ مان چونڊيل هن ٽڪر مان، گذريل صديءَ جي پڄاڻيءَ واري وقت ۾، سڌريل مسلمانن جي رسمن رواجن جو عڪس ملي ٿو، ۽ پڻ مرزا صاحب جي سرل ۽ ڦهڪيل سنڌيءَ جو پتو پوي ٿو:

”گهوٽ ڪنوار جي گڏ رهڻ جو اسين ڪهڙو ذڪر لکون؟ هيتري واقفيت، هيتري سڪ ۽ هيتري محبت کانپوءِ جا سندن شادي ٿي هئي تنهن ڪري هڪ ٻئي سان حد کان وڌيڪ پيار ٿين. اڪثر جيڪي شاديون هتي ٿين ٿيون تن ۾ گهوٽ ڪنوار هڪ ٻئي جا ناواقف هوندا آهن، تنهن ڪري جيسين پرڻجي گڏ ٿين تيسين پيا ڳڻتيون کائيندا آهن ته الهجي ڪهڙي طرح جو ماڻهو هوندو، الهجي ڪهڙي شڪل هونديس، الهجي ڪهڙي طبيعت هونديس، پرڻئي کانپوءِ ڪنوار ته مهنو کن حيا کان ڪنڌ ئي نه کڻندي، ڏانهس منهن ئي مٿي ڪري نه نهاريندي، اکر ئي ڪونه ڳالهائيندي. پر هتي اهڙو حال نه هو. پهرئين ڏينهن کان وٺي هنن جي دل ٻجهي ويئي ۽ پاڻ ۾ اهِڙا گهرا ٿي ويا جو ڄڻ اڳي جا واقف هئا. گهر جي ڪمن ۾ هنن ٻنهي گڏجي يڪرا ٿي اهڙو سڌارو ڪيو جنهن مان ڏسڻ واري کي جيڪر صاف معلوم ٿئي ته في الحقيقت مڙس جو ڪم آهي ٻاهر پورهيو ڪري کٽي ڪمائي اچڻ ۽ زال جو ڪم آهي گهر جو سڀ ڪم ڪار سنڀالڻ، نه رڳوا يترو، پر پاڻ ٻاهر جي ڪمن ۾ مڙس جي مددگار ۽ صلاحڪار هئڻ..... زال مڙس ٻنهي ڄڻن ديني ۽ علمي سڌاري ۾ به پريندي کان گهڻي ڪوشش ڪئي. هڪڙو وقت مقرر ڪري ڇڏيو هئائون، جنهن تي مڙس زال کي انگريزي پڙهائيندو هو، ۽ ٻيا جيڪي ڪتاب اڪثر اسڪولن ۾ پڙهائيندا آهن.... ڪنهن وقت ڪري ڪو ديني يا اخلاقي علم جو ڪتاب کڻي گڏ ويهي مطالعو ڪندا هئا، ۽ ڪن ڪن ڳالهين تي پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا. انهيءَ بحث مان هي به فائدو هو جو هو هڪٻئي سان بيحجاب ڳالهائيندا هئا. هتي اڪثر رواج آهي ته مڙس زال ماڻهن جي اڳيان نه گڏ ويهن نه گفتگو ڪن، خاص جڏهن تازا پرڻيل هوندا آهن، ته زال مڙس کي نالو وٺي سڏيندو هو، مگر زال ڪي حجاب ڪي ادب کان هنجو نالو وٺي نه سڏيندي هئي، پر انهي جي بدران هو هڪٻئي کي سڏڻ ۾ پيار يا آبرو جهڙا لفظ ڪم آڻيندا هئا، جيئن ته پيارا، يا جان، يا سائين، يا صاحب.“

هنن اصلوڪن ناولن کان اڳ، 1880 ۾ مرزا صاحب ”رستم پهلوان جو قصو“ لکيو هو، جو قديم ايران جي تاريخ تان ورتل هو ۽ منجهس ڪيترا ٽڪر فردوسيءَ جي ”شاهنامه“ تان اکر به اکر ترجمو ڪيل هئا. گهڻو پوءِ، 1913 ۾ ”لڇمي“ لکيائين جو شايد ڪنهن اردو ناول تان ورتل هو ۽ منجهس هندو جيوت بابت عمدي آکاڻي ڏنل هئي. 1914 ۾”زنوبيه“ لکيائين جو هڪ مشهور مشرقي راڻيءَ بابت تاريخي ناول هو، پر پتو پئجي نه سگهيو آهي ته ڪٿان ورتل هو.

1992 ۾ ديوان پريتمداس حڪومتراءِ (هڪڙو نماڻو سڌاري جو طالب“ تخلص سان) هڪ من، گهڙت ناول ”عجيب ڀيٽ“ لکيو هو، جو ”“زينت“ کانپوءِ ٻيون نمبر حقيقت نگاري وارو ناول هو، جنهن ۾ روز مرهه جي زندگيءَ جا ممڪن واقعا ۽ ڪردار آندل هئا. منجهس اُن زماني جي حيدرآبادي عاملن ۽ پائيبندن جي پنگتي رسمن روايجن ۽ تعليمي اخلاقي ۽ ڌرمي جيوت تي چٽي روشني وڌل هئي، ۽ لکيل به نهايت چيديءَ ۽ سپڪ سنڌيءَ ۾ هو. هن ناول جي هڪڙي خامي اها هئي جو وچواري هڪ باب ۾ جهونيءَ روايتن موجب، راجپوت راجائن جي هڪ ڪهاڻي ڏنل هئي جا هن سنڌي سماجي ناول ۾ ڌاري ٿي لڳي. ناول مان هٺيون ٽڪرو، تن ڏينهن جي تنگ تعليمي سرشتي بابت ديوان پريتمداس جي آزاد خيالي ڏيکاري ٿو، ۽ سندس پختي لکڻيءَ جو مثال به ڏئي ٿو، توڻي ان ۾ پوريون  بيهڪ جون نشانيون ڏنل نه آهن:

”خانگي ماستر جا ڪرايل ڪم پورا ٿي ويا تنهن کانپوءِ سچو روز بروز پٺتي پوندو ويو. جيتوڻيڪ ائين هو ته جنهن ڪم ۾ رڳو خيال جي گهرج هئي تنهن ۾ هو ڪلاس جي ڇوڪرن کان هميشه ڀڙ هوندو هو پر بر زبان ياد ڪرڻ ۽ محنت گهرندڙن ڪمن ۾ گهڻو گهٽ هوندو هو.... انهيءَ طرح بعضي پاس بعضي ناپاس ٿيندو هو ستين درجي ۾ ٿيو اُن وقت ارڙيهن ورهين جو هو ۽ خيالي ڪم جهڙوڪ طبعي ۽ رياضي علم تن ۾ چڱو هو ۽ ٻين ڪمن ۾ به ڪلاس ۾ جيڪي سو ٻڌي سڌي واڌارو ڪيو هئائين پر جيتري محنت هنکي ڪرڻ کپندي هئي تنهنجي اٺين پتي به ڪين ڪندو هو. هو چوندو هو ته پنج پرت حرف به حرف سمجهي پڙهجن ۽ ياد ڪجن ۽ ڪڪ ٿي پئجي تنهنجي کان سٺو پرتن جو مت سمجهجي ۽ اڃا وڌيڪ پڙهڻ جو چاهه هجي سو ويهوڻو چڱو آهي ۽ ڪنهن به گرنتڪار هڪڙيئي جي هڪ هڪ اکر يا سٽ تي ويهي مٿي هڻڻ کان ڏهن جدا جدا گرنٿڪارن جي ڪتابن جو مت سمجهڻ وڌيڪ ڪمائتو آهي.... تنهن کانسواءِ انگريزي رڳو انهيءَ لاءِ ڪين ٿي پڙهجي ته اها ٻولي سکجي پر انهيءَ لاءِ به ته جيڪي علمي ڳالهيون انهيءَ ٻولي ۾ هتي ڪتاب جون اَٺَ سٽون غائب آهن. ليکجڻ ڪري ڏاڍا ساڙ اچڻ لڳا آقي باقي جو  ماستر کي به سندس بنسبت چڱي راءِ نه هئي تنهن ڪري هو اسڪول مان کٽو ٿي پيو ۽ ڪيترائي ڏينهن ويچار ڪرڻ کانپوءِ ائين سمجهائين ته ميٽرو ڪليشن پاس ڪرڻ لاءِ سڀني ڪمن ۾ چڱو ڪرڻ گهرجي جو آءٌ ڪري ڪين سگهندس- تنهن ڪري هن اسڪول ڇڏي ڏنو.“ ”عجيب ڀيٽ“ جو ٻيون سڌاريل ڇاپو 1910 ۾ نڪتو جهو جنهن جي ديباچي ۾ مصنف لکيو هو: ”سرهائيءَ جي ڳالهه آهي جو هن ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ ڪن اڍنگين رسمن ۾ سڌارا ٿيا آهن. اڃا سڌاري جي گهڻي گهرج آهي. پر ڏاڍي ارمان جي ڳالهه آهي جو ڪن ڳالهين ۾ اڳئين کان به وڌيڪ خرابي ٿي آهي هن ڪري جو خود غرضي ۽ لوڀ وڌيل آهي.“ هن مان ثابت آهي ته هن ناول لکڻ مان مصنف جون ڄاڻايل مرادون: ”ملڪ جي حالت ۽ ٻولي سڌارڻ“ ڪجهه قدر برثواب ٿيون هيون.

ازغيبي ۽ ڪرامتي قصا

سنڌي ناول جوبنياد جيتوڻيڪ مٿي ڄاڻايل خالص مصالحي سان وڌو ويو، پر ان مٿان جا اوساري کنئي ويئي سان گهڻي ڀاڱي اڻ گهڙيل پٿرن جي هئي- توڻي آخرين اڏاوت رفتي رفتي سڌرندي سنگين ٿيندي ويئي، جئن اڳتي هلي ڏيکاريو ويندو. في الحال، شڪارپور مان مستر پوڪرداس (1885) ۽ سکر مان ماستر هريسنگ (1888) جي ڪتب خانن مان ڪيترا ازغيبي ۽ ڪرامتي(Supernatural) قصا نڪرندا آيا، جن ۾ انساني عاشق معشوق سان گڏوگڏ جن ڀوت ۽ ديو پريون پڻ بهرو وٺندا هئا ، ۽ جي اڪثر قافيه دار نثر يا نثر ۽ نظم جي ملاوت ۾ لکيل هوندا هئا- جو تنهن زماني جي روماني (Romantic) قصن لکڻ جو رواج هوندو هو. مائٽ گهڻيائي پل وجهندا هئا ته اهي عشقي قصا پڙهي ٻار کرجي پوندا، پر جيئن بندش وڌيڪ، تيئن انهن قصن جون پراڻي ڪاغذ تي لٿو ۾ ڇپيل ڪاپيون، وهاڻن هيٺان لڪائي رکندا هئاسون ۽ ڀنڀرڪيءَ جو جاڳي، سوڙ مان منهن ڪڍي پيا پڙهندا هئاسون. انهن ناولن جا مکيه لکندڙ ۽ نالا هيٺيان هئا:

احمد خان جلباڻي- ”گل بڪاولي“ (اصل عزت الله شيخ جي فارسيءَ تان ورتل، منشي نهالچند جي اردوءَ تان ترجمو)-1890 احمد خان جلباڻي – ”نينهن نڀاوڻ“ (رينالڊس صاحب جي نام ڪٺئي ناول Mysteries of Court of London جي هڪ حصي جو ترجمو- 1890

حاجي امام بخش ”چهارد درويش“ (اردوءَ تان ترجمو)- 1890

حاجي امام بخش ”حاتم طائيءَ جو قصو“ (اردوءَ تان ترجمو) 1894

حاجي امام بخش ”اليف ليليٰ“ (Arabian Nights جي اردو ترجمي تان) – 1898

لطف الله آخوند- ”گل خندان“ (هنديءَ تان ترجمون)- 19 صدي جي آخر

محمد صديق مسافر- ”مهرو ربانو“ (فارسيءَ تان ورتل)- 20 صدي جي شروعات

محمد صدي مسافر- ”ممتاز دمساز“ (اردوءَ تان ترجمو)- 1909

محمد صديق مسافر- ”گلبندن“ اردوءَ تان ترجمو) - 1990

“گل بڪاولي“ ۾ خالص سنڌي نثر سان گڏوگڏ بيتن ۾ ڪيل بيان، ۽ ”گل خندان“ جي مائيدار قافيه دار نثري عبارت، هنن ديون پرين جي ڪارنامن سان ڀرپور ناشدني قصن کي به قديم ادب جو درجو ڏيئي سگهن ٿا. جلباڻي صاحب جي ”گل بڪاولي“ مان پرين جي شهزاديءَ بڪاوليءَ جي حسن جو هيٺيون بيان، بيهڪ جون نشانيون سڌاري پڙهڻ سان، احمد خان جي شاعراڻي تصور ۽ قلم جي قوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

”وڏي وڏائي ان مالڪ جي، چون ٿا ته جڏهن بڪاولي جادو ڀريلون اکيون پٽيون ۽ مٺيءَ ننڊ مان سجاڳ ٿي تڏهن چوليءَ کي مٿي سرڪائي چولو ٺاهي پيشوار ڍڪي وارن کي ڦڻي سان سلجهائي اُٿي کڙي ٿي ۽ هوريان هويان لڏندي لمندي بڪاولي گل جي حوض ڏانهن اکيون مهٽيندي هلي ۽ مور وانگر ٽلندي اچي، سندس پير پير جو رند، ڌرتيءَ تي عجيب نقش ٺاهيندو وڃي ۽ سندس هلڻ سان جا لٽ پيئي اڏامي سا سڪايلن لاءِ مثل سرمون- جڏهن حوض وٽ آئي تڏهن نازڪ هٿن سان گلاب جو پاڻي پنهنجي موچاري منهن ۽ ڳاڙهن ڳلن تي وجهڻ لڳي ۽ منهن ڌوئي اُگهي صاف ڪري بڪاولي، گل ڏانهن ڌيان ڪري ته گل آهيئي ڪونه،.... ايتري ۾ منڊيءَ تي وڃي نظر پيس ته اُٽلو مت ئي منجهي ويس چپ چپن سان لڳي ويس ۽ اکين جي اڳيان ڌنڌ ڦري ويس، تڏهن ٻنهي هٿن سان اکيون مهٽي هئن چوڻ لڳي ته اي رب منهنجا..... جيئري جاڳندي بيٺي آهيان سپنو ته نه آهي، ڄاڻان ٿي ته ڪنهن آدمزاد جي حرڪت آهي نه ٻي کي ڪهڙي طاقت جو ارڙهن هزار ديون وچان هتي اچي نڪري ۽ کسڪائي گل کڻي وڃي- وري جڏهن پنهنجي ننڊ جي بي سرتائي ۽ ڪپڙي لٽي جي اويلائي دل تي ياد آيس تڏهن ڏاڍي لڄاري ٿي ۽ هي بيت پنهنجي حال پٽاندڙ پڙهڻ لڳي-

هئين تون ڪير تنهنجو ناو ڇاهي

هتي آئين تون ڪئن سينو سهائي...

ڪٿي آءٌ دست تنهنجو يار پايان

چمان اکين تي ۽ جيءَ سان لڳايان

سڄي املاڪ پڌري پٽ رکي هئي

مگر اُنتي نه تنهنجي چوڪسي هئي

سرنگ سيني اندر آهي هئين تو

چورائي چست دل آهي کئين تو......“

هن ڪتاب ۾ جلباڻي صاحب بنا ڀيد ڀاو جي ڪيترا سليس هندي لفظ پڻ سڀاويڪ طور ڪتب آندا هئا، جي اصل کان سنڌي زبان جو ورثو آهن، مثلا: وچن، جنسار ۽ جوڀن، سورج، مت، ارٿ، درسن، ويراڳ، منک وغيره. ”گل خندان“ مان هيءُ فقرو لطف الله شاهه جي قافيه دار نثر ۾، زباني حسن ۽ هار سينگار جو سهڻو مثال آهي، ۽ دم جون نشانيون به چڱيڙيون ڏنل آهن:

”شهزادي ماهه طلعت غسل ڪري، ڦڻي ڏني، اکين ۾ سرمو وڌائين، زيور پهريائين، ارغواني ويس جو جنسار ڪيائين، سڀ هار سينگار ڪيائين، آرسي کڻي پنهنجو منهن ڏٺائين. منهن ڏسندي ڳلن جي لالائي، اکين جي گهرائي، جوانيءَ جو زور، حسن جو شور، زلفن جو تاب ۽ غمزي جو حجاب ڏسي تماشو لڳي ويس. چوڻ لڳي ته واهه واهه، هي به ڪو حسن بي مثال آهي! يا بدر جمال آهي! جي اهو حسن آهي ته بس حسن ختم آهي، سڀ حسن کان اُتم آهي.... راڻي انهيءَ ڪوڙيءَ تعريف کان گهمراهه ٿي ويئي. ڀانيائين ته ”جيڪس اهڙو مڙيوئي منهنجو حسن مزيدار آهي، جو سڀڪو ان جو خريدار آهي. حسن کي غرور سان کٽيائين، نياز کي ناز سان لٽيائين.“ پر ايترو چئبو ته ناول نويسيءَ جي اصولن موجب، اهي عشق ۽ جانبازيءَ جا ڪرامتي قصا، نوخيز جوانن ۽ سنسنيءَ تي خواهن پڙهندن کي دلچسپي ڏيئي سگهن ٿا، پر رنگين عبارت کي ڇڏي، موضوع جي مد نظر کان انهن جو ادبي مرتبو گهٽ آهي. تنهن هوندي به ناول نويسيءَ جي تاريخ ۾ اُنهن جو ذڪر ضروري آهي، ڇو جو انهن ذريعي سنڌ جي عام ماڻهن ۾ ناولن پڙهڻ جو خوب شوق پيدا ٿيو هو. هري سنگ ڪمپني سکر وارا پڇاڙيءَ ۾ ماراماريءَ ۽ پستول بازيءَ وارا جاسوسي ناول ”سنسار چڪر“ پتر معرفت ڪڍندا هئا.

1910 ڌاري، حيدرآباد ۾ مکي سيرومل شاگراڻيءَ هڪ لنبي چوڙي هندي ناول جو ترجمو 28 ڀاڱن ۾ ڪيو هو، جنهن جو نالو ”هردل عزيز“ عرف ”چندر ڪانتا سنتتي“ هو جو ديوڪي نندن کتريءَ جي مشهور ناول تان ورتل هو. هيءَ ناول عياريءَ ۽ طلسم بازيءَ جي عجائب ۽ اڌڀت ڪاررواين سان ٽمٽار هو، ۽ عام پڙهندڙن ۾ ايترو اتساهه پيدا ڪيو هئائين، جو ٻي ٻي هفتي جڏهن ان جو نئون ڀاڱو نڪرندو هو، تڏهن پرينءَ بزار ۾ مکي صاحب جي پريس ٻاهران، ڪٿا نه ڪٿان اٺ آنا پٽي سٽي وڃي ڳاهٽ ٿيندا هئاسون. هيءَ ناول گرما گرم نانختاين وانگر اهڙو ته وڪاڻو، جو پوري ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي، مکي سيرومل ساڳئي سلسلي کي قائم رکندي ”ڀوتناٿ جي جيوني“ جا 24 ڀاڱا به ڪڍيا. هنن ناولن ۾ جيتوڻيڪ ناشندني ۽ سندس سنسنيءَ وارا هزارين واقعا ۽ حادثا آندل هئا، تنهن هوندي به منجهس آکاڻيءَ جو سلسلو نهايت ڪاريگريءَ سان بهاريل هو ۽ رٿا جي ايڪتا پڻ پوري رکيل هئي. منجهن ادبي لياقت اها هئي جو ڪن ڪردارن- مردن خواهه زالن- جون شخصيتون اهڙيون ته چتيون اڀاريل هيون جو اهي وسرڻ جا نه آهن ۽ مثالي ڪردار بنجي پيا آهن. مثلن:ٽيج سنگ ۽ ڀوتناٿ، ڪملني ۽ مايا راڻي، جيتوڻيڪ خيالي پرش ۽ ناريون آهن، ته به شيڪسپيئر ۽ ڊڪنس جي ڪن ڪردارن وانگر امر ٿي پيا آهن. ٻي عملي خوبي هنن ناولن م اها آهي ته مکي سيرومل، منهنجي خيال ۾، پهريون لکندڙ هو جنهن ڪيترائي سولا ۽ سهڻا هندي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج ڪري ڇڏيا ۽ ان جو خزانو وڌايو. تنهن کان اڳ سنڌ ۾ فارسي ۽ عربي لفظن ڪم آڻڻ کي اسين علميت جي نشاني سمجهندا هئاسون ۽ هندي اکرن ڏانهن پورو ڌيان نه ڏيندا هئاسون. پر منجهن خاص ادبي خامي اها آهي جو بيهڪ جون نشانون بنهه عدم پيدا يا غلط آهن ”هر دل عزيز“ جي پنجيويهين ڀاڱي مان مکي صاحب جي لکڻيءَ جو نمونو هن ريت آهي:

”پڙهندڙ مهاشيه! توهان کي هن اپنياس پڙهڻ مان معلوم ٿيو هوندو ته ’هاڻي هيءَ اپنياس سماپتيءَ جي طرف هليو ٿو وڃي‘...... هن اپنياس ۾ جيڪي طلسمي ڳالهيون لکيليون آهن جيتوڻيڪ اهي ناممڪن نه آهن ۽ وگيان ويتا يا سائنس ڄاڻڻ وارا ضرور چوندا’ها اهڙيون شيون تيار ٿي سگهن ٿيون‘ تنهن هوندي به گهڻا اڻ ڄاڻ ماڻهو اهڙا آهن جو هنکي بلڪل کيل ئي کيل سمجهن ٿا ۽ ڪيترائي هن جي ديکا ديکيءَ پنهنجن لکيلن انوکن ڪتابن ۾ ناممڪن ڳالهيون لکي طلسم جي نالي کي بدنام ڪرڻ لڳي ويا آهن انهيءَ ڪري منهنجو ڌيان هاڻي طلسم لکڻ جي طرف نٿو جهڪي پر ڇا ڪيو وڃي لاچاري آهي هڪ ته پڙهندڙ جي رچيءَ جي طرف ڌيان ڏيڻو ٿو پوي ٻيو چنارگيه جي چبوتري واري طلسم جي ڪيفيت لکئي بنا ڪم نٿو هلي جنهن کي هن اپنياس جو بنياد چوڻ گهرجي جنهن جي لاءِ چندر ڪانتا جي قصي ۾ واعدو ڪري چڪو آهيان تنهن ڪري هاڻي هن هنڌ چنار گيه چبوتري واري طلسم جي ڪيفيت لکي انهي پکيه کي پورو ڪريان ٿو. انهي کانپوءِ ٻنهي ڪمارن جي شاديءَ ۽ قيدين جي مقدمي طرف ڌيان ڏيئي هيءُ اپنياس پورو ڪندس.“

اوائلي ترجمو ڪيل پنگتي ناول

1901 ۾ ڪراچيءَ مان، سناٽن ڌرم سڀا وارن مهراج سوڀراج شرما جي سمپادڪيءَ هيٺ، ماهوار”سناتن ڌرم پرچارڪ پٿر“ شروع ڪيو هو. هن رسالي ۾ ڪي سماجڪ ناول قسطون ٿي نڪرندا هئا، جتي الزام لڳايو ويندو هو. پر حقيقت م انهن جو مقصد اخلاقي ۽ ڌرمي پرچار هوندو هو، ۽ منجهن جيوت جي عام هليءَ چليءَ بابت آکاڻين دواران، سماجي ۽ گرهستي اوڻاين جي اوگهڙ ڪري، انهن کي سڌارڻ جي مراد رکيل هوندي هئي. اهي ناول مڙيئي ٻين هندستاني ٻولين تان ترجمو ڪيل هوندا هئا، ۽ انهن جي عبارت اڪثر سليس ۽ سلوڻي هوندي هئي، توڻي منجهن ڪي هندي لفظ ڪتب آندل هوندا هئا، جي تن ڏينهين غير رواجي ۽ ڏکيا لڳندا هئا. انهن ناولن مان مکيه هيٺيان هئا:

”هندو ڪتب“ (هنديءَ تان) ”شيل جمنا“ (گجراتيءَ تان)- ترجمو جيٺانند رتنسي.

”هندوسنسار“ (گجراتيءَ وتان) ”نول لڪشمي“ (گجراتيءَ وتان)

”ڇڙواڳ رما ۽ پروس سندري“ (هنديءَ تان)، نٽئون يا چنڊالن جي چونڪڙي، ”نقلي منڊم“، ”لتا للتا“ (2 ڀاڱا)،

”راج لڪشمي“ (4 ڀاڱا)، ”سهاڳڻ“، ”پتورت ناري.“- ترجمان تيجورام شرما.

”ليلان“، ”گنگا جو ڪٽنب“ (گجراتيءَ تان، سڌار سڀا سکر جو ڇپايل)- ترجمان ويرومل ملاڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org