سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:4 

هو آڳاٽو ادبي ذخيرو ناس ڪيو ويو يا ناس ٿي ويو، بهرحال ان بابت کوجنا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪوشش هلي رهي آهي، پر اسان هندستان ۾ آيل سنڌين لاءِ ته ديس جا دروازا پوريل آهن، ڇو جو سنڌ ئي کوجنا جو مکيه مرڪز ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري تازو چوهڙمل هندوجا ۽ پروفيسر جهمٽمل ڀاوناڻي، جهوني سنڌي ساهت ۽ ٻوليءَ جي کوجنا، آڳاٽيءَ مها- سنڌ (جنهن ۾ راجستان، پنجاب، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ به اچي ٿي ويا) مان ڪري رهيا آهن ۽ گنگا رام سمراٽ، جئرامنداس ۽ دولترام ۽ ٻيا، پراچين سنسڪرت، پراڪرت ۽ فارسي، عربي رسالن مان ڪري رهيا آهن. ”هندواسي“ (سيپٽمبر 1955) ۾ چوهڙ مل هندوجا لکيو هو: ”ڀارت جي اتهاس جي شروعات سنڌ کان ئي ٿئي ٿي. ائين چيو وڃي ٿو ته ڀارٿ ۾ سڀيتا جو وهڪرو اولهه کان اوڀر ڏي وهيو آهي، يعني سنڌ کان بنگال ڏي. دنيا ۾ جهوني ۽ جهوني گرنٿ ”رگ ويد“ (عيسوي سن کان 20 صديون اڳ) لاءِ مشهور آهي ته اهو لکيو ئي ويو سنڌ جي ماٿريءَ ۾“ يعني ”سپت سنڌو“ (ستن ندين واري ديس) “ ۾، جنهن ۾ هاڻوڪو پنجاب ۽ قنڌار به اچي ٿي ويا. انهيءَ حقيقت جي تصديق ڪراچيءَ جي مشهور ڌرتي- وگياني (Geologist) ڊاڪٽر ماڻڪ پٿاوالا پنهنجي ڪتاب ”هيٺين سنڌو نديءَ جي ماري“ ۾ ڏني آهي:- ”ويدڪ ڪوي جي سنڌو ماٿريءَ جي مٿئين ڀاڱي ۾ رهندا هئا، سي پنهنجا پوتر ڀڄن پڻ سنڌو نديءَ جي جل کي ارپڻ ڪندا هئا.“ مشهور ڀارت وگياني (Endologist)پادري هيراس جي سمجهاڻيءَ موجب، آريه لوڪ جڏهن عيسوي سن کان 25 صديون کن اڳ، وچ ايشيا جي پوٺن مان لهي هندستان ۾ آيا، تڏهن سڄي ملڪ کي سنڌو نديءَ پٺيان ”سنڌ“ نالو ڏنائون، جنهن کي ايراني فاتح دارا جي حڪومت ۾ (عيسوي سن کان 2 صديون اڳ) ڦيرائي ”هند“  ڪيو ويو، ۽ آخر روميءَ واپارين بدلائي ”انڊ“ ڪيو جنهن مان هاڻوڪو نالو ”انڊيا“ نڪتو آهي- جو ڪو مغربي اکر نه آهي جئن غلط سمجهيو ويندو آهي، پر ڏيهي اکر آهي. هندستان تي ڀارت نالو ته گهڻو پوءِ پيو، جڏهن راجا دشنيت ۽ شڪنتلا جو پٽ ڀرت راڄ ڪندو هو. چوهڙمل مٿئين مذڪور مضمون ۾ وڌيڪ لکيو هو ته ديول رشي، رشي پاٽنجلي، آچاريه  پاڻني۽ ٻيا ڪيترائي سنڪسرت جا ودوان ”ڄاوا سنڌ ۾، لکيائون به سنڌ جي انو وقت هلندڙ ٻوليءَ (سنسڪرت يا جهوني سنڌيءَ) ۾. پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو ڪنهن سنڌي علمي ڪتاب ۾ هنن مها ليکڪن جو ذڪر نٿو ڏسجي؟“ چوهڙ مل آخر هن نتيجي تي پهتو هو: ”اها حقيقت آهي ته سنڌين، سنڌ مان جهونين لکيتن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. مسلمانن ته پنهنجن مسلم ليکڪن جون لکتيون هٿ ڪيون.... مسلمانن ساهت توڙي اتهاس کي پوريءَ خبرداري سان پنهنجي ٻارن جي آڏو آندو، پر هندو ان ڏس ۾ بلڪل بي پرواهه رهيا آهن. هاڻي ته اهڙي اميد رکي نٿي سگهجي جو سنڌ مان يا سنڌين وٽان ڪي جهونيون لکيتون هٿ اچن جن وٽ هونديون به، سي شايد ردي ڪاغذ سمجهي اُتي ئي ڇڏي آيا هوندا.“ ”جيون ڪلا“ مخزن (1945) ۾ هيرا لعل گجراتيءَ (جو سنڌ جو رهاڪو هو ۽ چڱي سنڌي ڄاڻندو هو) اڳيئي لکيو هو: ”نئين آئيويٽا جي جڙڻ ڪري ديوناگري لپيءَ کي سخت ڌڪ لڳو. عام ماڻهو ان ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته فارسي سنڌي جي ڄاڻوءَ کي وڌيڪ فائدو ٿيڻ لڳو ۽ سٺيون نوڪريون ملڻ لڳيون... فارسي، سنڌيءَ جي زور وڌڻ ڪري اسين ديوناگري- سنڌيءَ ڏانهن لاغرض ٿي پياسين ۽ هن لاغرضائيءَ جي ڪري اسان پنهنجو اتم ساهيته دڪاندارن، دال وارن ۽ ٻين کي تمام سستي اگهه تي وڪڻي ڇڏيو.“

اوائلي لکيل ڪتاب- جهونن عربي اکرن ۾

آڳاٽي سنڌي ادب بچائڻ ۾ جي هندن لاغرضائي ڏيکاري، ته منهنجي خيال ۾ مسلمانن به ڪا گهٽ غفلت ڪانه ڪئي. 8 عيسوي صديءَ کان 19 صديءَ جي وچ تائين، ڦرندڙ گهرندڙ هندو ۽ مسلمان حڪمرانن جا ڀريا هزار سال، گهڻو ئي سنڌي نثر پيدا ٿيو هوندو. پر اهو به جاکوڙ ڪري ڪٺو ڪونه ڪيو ويو ۽ قلمي نسخن ۾ ئي رهجي ويو. سر رچرڊ برٽن مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن ۾ چيو هو: ”جڏهن انگريزن هندستان ۾ پير پاتو، تڏهن ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ ايترو علم، ادب ڪونه هو جيترو سنڌيءَ ۾ موجود هو، پر ان جي مالامالي اڪثر ڪري عربيءَ مان ترجمن ۽ مذهبي ڪتابن تي منحصر هئي. ايترو يقين آهي ته ٻه ٽي سو قلمي نسخا ڪٺا ڪري سگهبا. نثر جا ڪتاب به اڪثر اسلامي، تاريخي ۽ مذهبي ڪتابن جا ترجما آهن، جن ۾ قصا ۽ ڪهاڻيون به آهن، پر اهي به گهڻو ولين ۽ نبين بابت آهن.“ مٿي چيل آهي ته 11-12 عيسوي صدي ڌاري هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٺهي، پر محمد صديق ميمڻ جي ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (جلد 1- 1937) جي اختياريءَ موجب، سنڌيءَ ۾ پهريون لکيل ڪتاب 1700 عيسوي ڌاري نڪتو، جو هو مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جو نظم ۾ لکيل اسلامي رسالو ”مقدمه الصلواة“ جو سندس ئي ٺاهيل الف بي ۾ لکيل هو. اهي سڄيون ساريون 6 صديون سنڌي لوڪن عربيءَ ۽ فارسي ۾ ايتري ته ماهريت حاصل ڪئي هئي جو اُنهن ٻولين ۾ نظم توڙي نثر ٻئي لکندا هئا. پر ائين ٿي سگهي ٿو ڇا، ته پنهنجي مادري سنڌي زبان ۾ ڪجهه نه لکيائون ۽ ايڏي ساري عرصي ۾ ڪوبه سنڌي ڪتاب نه نڪتو؟ تنهن کانپوءِ 18 صدي جا 50 کن لِٿو ۾ ڇپيل سنڌي نثر جا ڪتاب، عربيءَ ۽ فارسيءَ تان ترجمو ڪيل هٿ لڳا آهن پر اهي به ابوالحسن جي جوڙيل 28 حرفن واريءَ عربي آئيويٽا ۾ لکيل آهن، جنهن مان سنڌي وليءَ جا مڙيئي اُچار پورا نٿا نڪري سگهن ۽ تنهن ڪري اهي پڙهڻ ۾ دقت ٿي ٿئي. اهي رسالا گهڻو تڻو اسلامي مذهب ۽ تواريخ بابت جوڙيل هئا ۽ ڪن معروف سنڌي مخدومن جا ترجمو ڪيل هئا، جن مان هيٺين جا نالا ڏجن ٿا.

”بنا الاسلام“-    ترجمو محمد هاشم

”جنگ نامو“-     ترجمو محمد حنيف

”ڪنز العبرت“-   ترجمو مخدوم عبدالله

”نور نامو“ –      ترجمو مولوي عبدالرحمان

”سئر بوستان“-    ترجمو محمد حسين

”سنڌي ڪلام“-  ترجمو عبدالرحيم گروهڙي

”قصو جم جما جو“ ۽ ”هفت قصو“ – ترجمان نامعلوم

پر مٿين ڪتابن بابت وڏو مت ڀيد ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته آيا اهي ڪتاب نثر جا آهن يا نظم جا؟ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ 14 نومبر 1921 تي جيڪا رپورٽ ”سنڌي ٻوليءَ ۾ هيلتائين شايع ٿيل ادب“ جي سري سان بمبئي  يونيورسٽيءَ کي پيش ڪئي هئي (جنهن ئي آڌار  تي سنڌي ٻوليءَ کي بي اي امتحان لاءِ پاڙهڻ جي جاءِ ڏني ويئي هئي)، تنهن ۾ هو عالم مٿين ڪتابن کي قافيه دار نثر جا ڪتاب ڪري ٿو شمار ڪري، يعني جنجا نثري جملا قافين تي ٻڌل آهن. پر ٻئي پاسي محمد صديق ميمڻ پنهنجي ادبي تاريخ ۾ انهن کي نظم جا ڪتاب ڪري ٿو سمجهي، جنجا ڪي حصا موزون نظم جا آهن ته ڪي ”نظم- نما نثر“ وارا آهن. منهنجي سمجهه، موجب اهي ڪتاب گهڻي ڀاڱي هڪ جهوني ۽ اڻ سڌريل نظمي نموني ۾ لکيل آهن، جنهن ڪري بحر وزن ڪسوٽيءَ تي لڳڻ سان ڪري ٿا پون. تنهن ڪري اُنهن کي نثر ۾ نظم جو ميل جوڙ شمار ڪرڻ کپي.

سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب

18 صديءَ جي وچ ڌاري پهريون نجو نثر جو ڪتاب، جهونيءَ عربي آئيويٽا ۾ لکيل جو ميمڻ صاحب ڄاڻايو هو، سو ”آخوند عزيز الله جو ”قرن شريف جو ترجمو“ (1746). انهيءَ ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ آڻيندڙ، جيتوڻيڪ عربي تان لفظي ترجمو ڪيو هو، تنهن هوندي به جملن ۾ اکرن جي ملاوت، هميشه مٿي ڪري، اهڙي ته ڪاريگريءَ سان بهاري هئائين جو سندس نثر مان نظم جو ساءُ پيو اچي.- گويا جديد زماني جو نظماڻو نثر(Poetic prose) لکي ويو آهي: ”ايءَ مومنا، همراهي وٺو منجهه مشڪلين، ساڻ صبر ۽ نماز. تحقيق، خدا ساڻ صبر ڪندڙن آهه، ۽  مچؤ واسطي تن جي، جي ڪسن ٿا واٽ خدا جي، اوءِ مئل آهين، بلڪل جيئرا آهين.... او صابر سي آهين، جڏهن رسي ان کي سختي، چون اسين خدا جا آهيون ۽ خدا ڏانهن موٽهون ٿا.“

18 صديءَ جي آخر ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جا نثر ۾ لکيل ست گفتا هٿ آيا آهن، جي مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي مقالي ”قديم سنڌي نثر“(1934) ۾ ڏنا هئا. اهي حڪمت ڀريا نڪتا، نيٺ سنڌيءَ ۾ لکيل، سنڌي نثر جو اوائلي نمونو آهن ۽ قافيه دار نثر ۾ آهن:

(1) ٽڪ ڏنگڙي هلي، کڙا پاسڻي جهلي.

(2) راڻي راو سان رُچي، اَبو ڀائن ري اچي.

(3) ڪافر ڪفر کان اُڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اُجار.

(4) مُلون بهشت ڏي هلاءِ، چتون پاڙهي پروجاءِ.

(5) مُلون ڪيئن بهشت ۾ اچي، ڪوئي سير سون سين نچي.

(6) ٻه پهيا جون پرچاءَ، ٿلهو مهرلو گهڙاءَ، وڏو کوهڙو کڻاءِ.

(7) رزق ڪنهن پر اچي، جيئن مينهڙو وسي.

بنيادي نثر- انگريز عالمن جو لکيل

مٿي ڄاڻايل آهي ته جهوني ۾ جهونو ديوناگريءَ ۾ لکيل سنڌي ساهت برباد ٿي ويو ٿو ڏسجي، پر ڪي ڪتاب، گهڻي ڀاڱي انگريزن جي راڄ ۾ نڪتل ۽ انگريز عالمن جا لکيل هٿ لڳا آهن، جن مان هيٺيان مکيه آهن، ۽ گهڻو ڪري ڊڪشنريون ۽ گرامر آهن جن تي ٻولي جو بنياد ٻڌل آهي:

(1) ”متي“ [انجيل (Bible) مان St. Matthews جو ترجمو]

ڪلڪتي ڀرسان سيرامپور جي پادرين جو ڪيل 1825- 19 صديءَ جي نثر ۾ هيءَ پهريون ڪتاب، ديوناگريءَ ۾ لکيل، ڏسڻ ۾ ٿو اچي.

(2) – Grammer of Scidee Language

مسٽر پرنسيپ – بمبئي 1835

(3) – A Grammer & Vocabulary of Sindhi Language

مسٽر واٿن- ڪلڪتو- 1836

(4) Vocabulary of Sindhi Language

مسٽر ايسٽ وِڪ- ڪلڪتو- 1843

(5) Vocabulary of Seven Laguage spoken in Countries West of Indus- مسٽر ليچ- بمبئي – 1843

(6) A Dictionary- English and Sindhi

ڪئپٽن سٽئڪ- بمبئي – 1849

(7) A Grammer if Sinhi Language

ڪئپٽن سٽئڪ- بمبئي- 1849

(هن ڪتاب جي پٺيان، ضميمي طور، منشي آڌارام ٿانورداس جي لکيل ”آکاڻي راءِ ڏياج ۽ سورٺ جي“ ديوناگريءَ ۾ ڇپيل هئي، جا سنڌي نثر ۾ پهرين آکاڻي ٿي ڏسجي. ساڳئي ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ”دودو چنيسر“ جو اصلي قصو، ڪن نامعلوم ڀٽن ۽ ڀانن جو بيتن ۾ چيل، سو به ديوناگريءَ ۾ ڇپيل هو، جو سنڌيءَ ۾ جهوني ۾ جهونو شعر چيو ٿو وڃي ۽ 14 صديءَ ڌاري ٺاهيو ويو هو.)

ڊڪشنريون، گرامر ۽ پهاڪا- ديوناگري ۽ عربي لپين ۾

1853 ۾ عربي لپي جوڙڻ کان پوءِ هيٺيون ڊڪشنريون ۽ گرامر وغيره نڪتا، جن مان به ڪي پهريان ديوناگريءَ ۾ ڇپيل هئا ۽ ڪي ته انگريزيءَ ۾ لکيل هئا.

(1) ”ننڍو سنڌي ويا ڪرڻ“ _ منشي اڌارام ٿانورداس __ 1854

(2) A Dictionary__ Sindhi and English

ڪئپٽن سٽئڪ_ بمبئي_1855 (سٽئڪ صاحب ٻئي ڊڪشنريون حيدرآباد جي پنڊتن برهمانند ۽ ستچت آنند جي مدد سان ناگريءَ ۾ لکيون هيون)

(3) Vocabulary of Sindhi Aguricultural Terms, Herbs and Durgs__ مسٽر ايٿرنگٽن_ ليپزگ__ 1855

(4) ”سنڌي پاٺاولي“ __ ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ_ لنڊن_ 1858 ( ديوناگري توڙي عربي لپين ۾، سنڌي اڀياس جو ڪتاب)

(5) ”سنڌي صرف ونحو“ _ ميان محمد حيدرآبادي ۽ منشي پرڀداس آنند رام_ ڪراچي_ 1860 (هن ڪتاب جو مهاڳه سر گولڊ سمڊ لکيو هو، جنهن ”سسئي پنهون “ جو قصو انگريزي شعر ۾ ترجمو ڪيو هو.)

(6) ”اکر ڌاتو“ (سنڌي لفظن جا سنسڪرت بنياد)__

ريورنڊ جارج شرٽ__ 1866

(7) English and Sindhi Dictionary__

 ل_و_ برنچپي_ بمبئي__ 1868 (پرانچپي صاحب هڪ مهاراشٽري عملدار هو، جو سنڌ ۾ رهي سنڌي جو عالم بڻجي ويو هو.)

(8) ”جواهر لغات“ (نج سنڌي اکرن جون فارسي ۾ معنائون)__

آخوند عبدالرحيم__ 1871

(9) ”انجيل“ (Bike جو ترجمو، پهرين ديوناگري ۾، پوءِ عربي لپيءَ ۾)_ ڊاڪٽر ٽرمپ __1871

( 10) Grammer of Sindhi Language__ ڊاڪٽر_ ٽرمپ_ لنڊن ۽ ليپزنگ__ 1872

(11) Comparative Grammer of Modern Aryan Language in India__ مسٽر بيمس_ لنڊن_ 1872_ 1847

(12) ”ڪاشف الغموض“ (سنڌي لفظن جا عربي اشتقاق ۽ معنائون ) __ آخوند فتح محمد__ 1875

(13) Sindhi English Dictionary__ شرٽ، اڌارام ٿانورداس ۽ ص_ن _ مرزا_ ڪراچي_ 1879

(14) A Grammer of the Sindhi Language__ مسٽر سيمور_ ڪراچي_ 1884

(15) ”وئت پتي ڪوش“ (سنڌي لفظن جا سنسڪرت بنياد) __ جهمٽمل نارو مل_ ڪراچي_ 1886

(16) ”نئون سنڌي ويا ڪرڻ“ ( عربي توڙي سنسڪرت لفظ ڪم آندل)__ جهمٽمل نارو مل_ ڪراچي_ 1892

(17) ”سنڌي پهاڪا“ (1400 پهاڪن جي ياداشت)__

ڪوڙو مل چندنمل __ 1888

(18) ”انگريزي_سنڌي ڊڪشنري“__ ڪوڙومل چندنمل_  1904

(19) Handbook of Sindhi Proverbs with English Equivalents__ روچيرام گجومل ‎__ 1895 ڌاري

(20) ” گل شڪر“ (570 پهاڪا ۽ سمجهاڻيون)_

 ڪيولرام سلا متراءَ_ 1905

(21) Sindhi Instructor_   انند رام شهاڻي_ 1905

(22) ”غريب اللغات“ ڀاڱوا (شاهه جي رسالي جي ٽن سرن جي لغت)__ ڀيرومل مهرچند__ 1907

(23) English Sindhi Dictonary __ ٻيون ڇاپو_

منگهر سنگ مولچند__ 1909

(24) ”سنڌي ٻولي جي سونهن“ (2200 ورجيسون معنائن ۽ مثالن سان)_ گهنشامداس رامنداس_ 1910

(25) A Sindhi_ English Dictionary __ پرمانند ميوارام__ 1910

(26) Philogoical Curiosities __ (زبان دانيءَجا عجيب مثال)_ مرزا قليچ بيگ__ 1911

(27) Vrachada and Sindhi__ سر جارج گريئرسن

بمبئي __1902

(28) Linguistic Survey of India  (سنڌي بابت احوال جلد 8، ڀاڱوا) گريئرسن _ بمبئي_ 1911

(29) ”سيلس سنڌي ويا ڪرڻ“ ل منووگيانڪ متن موجب جوڙيل گرامر)_ ڏيارام وسڻمل ۽ ڪشنچند گلابسنگ__ 1914

(30) ”سنڌي گرامر“ ڀاڱو ٻيون__ ڪشنچند گلابسنگ __ 1916

(31) ”لغات لطيفي“ (شاهه جي رسالي  جي لغت) __ مرزا قليچ بيگ__ 1914

(32) Premier Concise Sindhi_ English Dictionary

ڪنولسنگ پوهومل __ 1917

(33) Premier Concise English_ Sindhi Dictionary __

ڪنولسنگ پوهومل __ 1917

(34) ”سنڌي گرامر وڏو“__         مرزا قليچ بيگ__ 1921

(35) ”سنڌي لغات قديمي“ (Classical Dictionary)__

مرزا قليچ بيگ_ 1921

(36) ”پهاڪن جي حڪمت“ (دنيا ڀر جي ملڪن جون ڪهاوتون) مرزا قليچ بيگ___ 1925

(37) ”وڏو سنڌي ويا ڪرڻ“ ___ ڀيرومل مهرچند__ 1925

(38) ”گلقند“ (پهاڪا ۽ اصطلاح) __ ،،    ،،      __ 1925

(39) Standard English_Sindhi Dictionary __

نانڪرام ڌرمداس___ 1928

(40) Pocket English_ Sindhi Dictionary__

خانچند ايڇ___ 1928

(41) ”سليس سنڌي ويا ڪرڻ“__

نرملداس لکاڻي ۽ رنگواڻي__ 1929

(42) English Sindhi Dictionary رام شهاڻي__ 1930

(43) English Dictionary Sindhi__ ،،      ،،  _ 1933

(44) An English_Sindhi Dictionary __

پرمانند ميوارام __ 1933

(45) Nepal Eytmological & Comparative Dictionary

(نيپاليءَ جي سنڌي سان مشابهت)__

سر ٽرنر_ لنڊن__ 1937

(46) Handbook of Sindhi Idioms__ م_ج_ شهاڻي__ 1937

دستخط ۾ ڊڪشنريون جن مان پرمانند پنهنجين ڊڪشنرين لاءِ مدد ورتي

(1) English- Sindhi Dictionary – روچيرام گجومل

(2) سهج ڪوش (سنڌيءَ مان سنڌي) سهجرام ٽهلرام

(3) Vertebrate Zoology of Sind & Plants and Drugs of Sind مري صاحب

(4) سنڌي اصطلاحن جو ڪتاب- شامداس رامنداس.

(5) English- Sindhi Dictionary- ريورنڊ جارج شرٽ

(6) Collection of words not found in Shirt ڪوڙو مل چندنمل

(7) Concies English- Sindhi Dictionary سوڀراج هاسانند

(8) Nomenclature of Sindhi Grops – ڪوٽو مل آڏواڻي

(9) Galosary of Shah – jo- Rasalo – ليلارام وطڻمل

[سندس انگريزي ڪتاب

Life, Religion & Poetry of Shah Latif (1890) ۾ ڏنل]

(10) شاهه جي رسالي ۾ ڏکيا لفظ – ڀيرومل مهر چند (جو ”غريب اللغات“ نالي سان 1907 ۾ ڇپيو هو)

اوائلي نثر- نئين عربي آئيويٽا ۾

1853 ۾ عربي آئيويٽا ٺهڻ شرط، ساڳئي سال ۾ سنڌي نثر جا ڪتاب نڪرڻ شروع ٿي ويا، جن مان پهريان هي هئا:

(1) ”يوحن“[انجيل (Bible) مان St. John جو ترجمو] – مسٽر برنس- 1853

(2) ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ – غلام حسين قريشي- 1854

(3) ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ ميران محمد شاهه (اول) 1855 (مٿيون ٻئي ڳالهيون بنسي ڌر چرنچي لال جي هندي قصن تان ورتل هيون سنڌيءَ ۾ اوائلي آکاڻين مان هيون)

(4) ”مفيد الصبيان“- ميران محمد شاهه (اول) – 1861

(هيءَ ڪتاب ٻارن لاءِ آکاڻين جو پهريون مجموعو هو، جنهن ۾ وندرائيندڙ ۽ فائديمند آکاڻيون ڏنل هيون ۽ هنديءَ تان ورتل هو.)

عربي آئيويٽا ٺهڻ سان ڪيترائي سرڪاري سنڌي اسڪول به نڪري ويا، جن ۾ پاڙهڻ لاءِ، اسسٽنٽ ڪمشنرن ايلس ۽ گولڊ سمڊ) (جي تن ڏينهين ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب صاحب جي مدد سان، ديوان ڪوڙيمل حيدرآباد جي ڪن اسڪولن ۾ ديوناگري لپيءَ ۾ پاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن لاءِ ڪي درسي ڪتاب به ناگريءَ ۾ لکيا ويا هئا، پر اها ناڪامياب ٿي هئي ۽ 1910 کانپوءِ ڇڏي ڏنائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org