سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:7 

ٻاراڻيون ۽ مذاقي آکاڻيون

 

ٻاراڻين ڪهاڻين جا ڪتاب ڪڍڻ ۽ ٻارن لاءِ لئبرري ٺاهڻ جي مکيه ڪوشش ڪرڻ جو شرف ”سندر ساهتيه“ منڊل کي ملڻ کپي. ميلا رام منگترام جا اهي سليس ٻوليءَ ۾ لکيل ۽ مورتن سان سينگارين آکاڻين جا مکيه مجموعا هئا؛ ”ٻال رامائڻ“، ٻال مهاڀرت، ٻال شري ڪرشن“ ”هندو وير ٻالڪ“، انصاف جون آکاڻيون“، اخلاقي دنيا، ”پارس“، ”گل گاڏي“، ”ڦلواڙي“، ”اڏند کٽولي“، ”ديوستان“‏ پرستان“ وغيره. مٿي ذڪر ڪيل ديوان ڪوڙيمل جي ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ (1918)، ڏيئومل محبوبراءِ جي”اخلاقي تعليم“ (1961) کانپوءِ، هيءَ پهريون ٻاراڻي ساهت ڪڍڻ جو سلسلو 1925 ڌاري جاري ڪيو ويو هو ۽ 1947 تائين هلندو آيو، ۽ پڇاڙي ۾ ”گل ڦل“ نالي ٻارن لاءِ رسالو به ڪڍيو ويو. 1926 ۾ پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو ”ٻاراڻيون ٻوليون“ نڪتو هو، جنهن جو اڳي ذڪر ڪيل آهي. 1946 “۾ ۾ پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ به هڪ باتصوير ڪتاب ”ٻارن لاءِ آکاڻيون“ ڪڍيو هو، جنهن ۾ وندرائيندڙ ۽ نصيحت آميز آکاڻيون هيون. ساڳي سال ۾ ايم-آر- مائيداساڻيءَ ”ٻچي رمضان“ نالي ٻاراڻين ڪهاڻين جو ڪتاب انگريزيءَ تان ترجمو ڪري ڇپايو هو، ۽ اهي ڪهاڻيون سنڌي جيوت ۾ بيهاريل هيون، تنهن کانسواءِ جشن مولچنداڻي جي ”رستم ۽ سهراب، آکاڻي به ”سندر ساهته“ وارن ڇپائي هئي ۽ ڀڳوان سکراڻيءَ جي ”لال ٻلي“ ۽ ٻين ٻارن جي آکاڻين جو ڪتاب ”منوهر ساهتيه مندر“ پڌرو ڪيو هو. اهي سنڌي ٻال- ساهت ۾ ٿورن ڪتابن مان آخرين هئا. تنهن کانسواءِ ”ٻالڪن جي ٻاري“ جي سهاري هيٺ نڪرندڙ ”گلستان“ (1944) پهرين خاص ٻارن لاءِ مخزن هئي، جنهن ۾ به ٻارن جي ڏانوَ جون آکاڻيون پونديون هيون. انجو ايڊيٽر هن جڳ پرسڌ ٻاريءَ جي هرتا ڪرتا شيوڪ ڀوڄ راج ”دادا“ هوندو هو. جنهن کانپوءِ رام ڀاونداس موٽواڻي ۽ ڪماري پاروتي گڊواڻي اُنجي ايڊيٽري قابليت سان ڪندا هئا.

ديوان ڪوڙيمل جي ”ٽهڪ تي ٽهڪ“ (1960) ۽ پرمانند ميوارام جي ”دل بهار“ (1912) کانپوءِ، ”سندر ساهتيه منڊل“ ڪي کلائيندڙ ٽوٽڪن ۽ موج مزي وارين آکاڻين جا ڪتاب به ڪڍيا، جنمان مکيه هئا: ويرومل ملاڻيءَ جو ”موجي آکاڻيون“ (1928)، نانڪرام ڌرمداس جو ”کل خوشي“ (1932) ۽ خود ميلارام منگترام جو ”چرچن جي چهر“ (1933)

 مغربي آکاڻين جا ترجما

هاڻي ٻيءَ ياداشت ۾ ٻين ملڪن جون آکاڻيون، خصوصاً مغربي آکاڻين جي مکيه ترجمن جا نالا ڏجن ٿا، جي پڻ مٿين پندرهن سالن جي عرصي ۾ سنڌي آکاڻي جي تاريخ ۾ چڱو درجو رکن ٿيون.

نالو             اصل لکندڙ           ملڪ        ترجمان     ڪهڙي           ڇپائيندڙ

                                                                        ڪتاب مان   

”معصوميت“          ؟                      جپان      وديارتي     ”کٽمڙا“      ڪوڙمل منڊل

”ڪدن وارو“       الاڪان          اسپين           --------           -------         ----------

”شراب عمر ۽     موپاسان        فرانس           ---------        ”ستپڙو“  ---------

ڪتر وجهندڙ“

”بيک“               ----                  ------          نانڪ             ”پنج            آشا

                                  هنڱوراڻي               ڪهاڻيون“

”مرمت              ------         -----         چوهڙ مل            ”ڪومل رتن

واري“                                          ڪمل“

ڇا خواب            بريضو       فرانس           هري آشا            ”سورنهن       رتن

هو؟“                                            سينگار“       -----

”پئرس جي     ن- س         -----  --------           ”ڪشوري“ -----

سندري“                                               

”مومو“        ترجنيو          روس   چيتن شهاڻي    ”گلستان“    باغبان

”ضروري     ڪاٽيو                   ----     وديارٿي               ”ستپڙو“   ڪوڙومل منڊل

شيون“

”انساني سڀاءُ ڊورو             ------  --------               ------- ---------

جو هڪ مثال شيوچ

”ٻه تپسوي“ سولو ياو          -----   ------        ---------              --------

”انساني لاڙو: چيڪاف        ------ ------        --------- ----------

خرابيءَ ڏانهن“

”ماسترياڻي    -----           ------- چيتن شهاڻي  ”مينگهه ملار“         ڪهاڻي

”گناهه“ -----            -----   گوبند مالهي   ----------     هندستان

”ٻارن جي    ٽالسٽاءِ          ------  چوهڙ مل            ”ڪومل   رتن

ٻڌماني“                                    ڪمل“            -----

”ڪتاب“    گورڪي           ------  -----------         ”ساگر لهرون“      ------

”سٽيپيز ۾“ --------          ------  پارومل              برف جو طوفان“   ------

”ڇويهه مزدور -----             ------- گوبند مالهي    --------                 هندوسنسار

۽ هڪ ڇوڪري“

”چار ڏينهن“ گارشن           --------        چوهڙ مل              ”ساگر لهرون“   رتن

برف جون    پشڪن          ---------       پارومل        طرف جو        ----

طوفان“                                          طوفان        

شاهڪار      اوهينري         آميريڪا       وديارتي                ”ستپڙو“ڪوڙومل منڊل

آدرشن چتر -----------         ---------       پارومل          ”لالڙيون“      رتن

سوکڙي“    او هينري          آميريڪا       چوهڙ مل                  ”پنکڙيون“  -------

”پوليس ۽    --------          ---------       -----------                 ”ناسور“    ----------

پرارٿنا“

”پڇاڙيءَ جو ---------         ----------      پارومل        ”انسان جا   ---------

پن“                                            دشمن             ----------

”نئين سڙڪ“ پرل پڪ        ---------       -------         ----------          ---------

”انسان جا ------               ------- --------                ----------           --------

دشمن“

”بجلي“     ميري             انگلينڊ        نانڪرام   ”جيوت جا   ڪوڙومل منڊل              ڪاريلي        --------- ڌرمداس           ورق“  

”دولت يا    گانسوردي        چوهڙ مل               ”ناسور“          رتن

محبت“

“جواري“    ---------           ----------      پارومل                 ”چار چتر“    --------

”نفرت“      پال هيس         جرمني         --------        ------- هندوسنسان

اصلوڪين سماجڪ ڪهاڻين جو دۇر

هن ٻن مهاڀاري لڙاين جي وچ واري دۇر ۾، ترجمو ڪيل آکاڻين کانسواءِ، ڪي طبع زاد ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ پڌرا ٿيا جن سڀني ۾ سماجڪ ۽ آرتڪ شعور ظاهر هو. اهڙو پهريون ڪتاب هو جيٺمل پرسرام جو ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“ (1923) جنهن ۾ ”ڀارتواسي“ هفتيوار اخبار مان پنهنجون لکيل آکاڻيون چونڊي ڪٺيون ڪيون هئائين. هي مڙيئي آکاڻيون جيٺمل صاحب جي باريڪ شخصي جاچ پرتال جو نتيجو هيون، جن ۾ سنڌ جي سرمايدارن جي ڏوهن گناهن تي سخت نڪتچيني ڪيل هئي، ۽ ڪيترين پنگتي اوڻاين مثلا زوريءَ شادي، وڌوا وواهه، ويچار وغيره جي بيباڪ نموني ۾ اوگهڙ ڪيل هئي، پر منجهنس ڪهاڻي ڪلا گهٽ رکيل هئي ۽ ليڪچر بازي گهڻي هئي.

پيرومل مهر چند جو پٽ پرڀداس ڀيرومل به پتا وانگر گهريچي اصطلاحي عبارت استاد هوندو هو، ۽ سندس شخصي آزمودن تي ٻڌل ڪيتريون گهرو جيوت جي دکن واريون آکاڻيون (جن مان ڪي پهرئين ”جوت“ ۾ پيون هيون)، سي اندر جا اڌما“ نالي سان ”سک ٽرئڪٽ“ وارن 1932 ۾ ڇپايون. پرڀداس جي سماجي نڪتچينيءَ ۽ گهرو زناني عبارت جو مثال مٿئين ڪتاب مان ”ماٽي جي سس“ واري آکاڻيءَ مان ڏجي ٿو: ”سو مائي، ڪنهن جو اٽو کٽو آهي جو ههڙيءَ جي پناري ڌيءَ وجهي، تنهن کان ته ڌيءَ کي حق بخشائي ويهارجي. هاڻي ڏس ٻڌ ته سڀني کي پيئي ريگهريون ٻڌي، چلتا پيئي ڪري ته مون سان مائٽي ڪريو. زبانون پيئي ڏئي ته مان ڏيتي ليتي نڪا گهران ٿي، نڪا گهرنديس، جيڪي ڏيندا سو مون کي امرت!موچڙي تي رکي موڪليندا ته به ٻي نه ٻولينديس. پاروٿي کچڻي پراڻي پادر تي کڄي ايندي ته اکين تي رکي وٺي رکنديس..... اسان جي شهر ۾ ٽڪاڻا اونهئين گهڻا، پر هن مائيءَ کي نه در تي، سا زور ڪري صبح سانجهيءَ پيئي وڃي. ارداسون پيئي رکي، باسون پيئي باسي، ته ڪٿي مڙيو ئي ڪا ٻڪي ڦاسي. نيٺ مائٽنم جو اٽو کٽو جو هنجي مٺيءَ زبان تي هرکجي ويا، ۽ کڻي انگ اڙايائونم. مان هي ڳالهيون پيئي ٻڌندي هيس ته هنيون پيو هپاڻبو هوم ته ههڙيءَ سان ڪيئن منهنجو گذر ٿيندو! پر اڄ ڪلهه ڪير ٿو اسان جو اندر پڇي؟ اسان زبان تي موم جي مهر. اهي ڳالهيون ڳڻيندي شاديءَ رات به اچي سهڙي، ۽ مان وڃي هائوءَ جو هپو ٿيس.“

پرڀداس مشهور ليکڪ ٿيو، تنهن کان اڳ پنهنجي سکر ڌرم واري نالي هرنامسنگهه سان هه- پ- وديارٿيءَ سان شراڪت ۾، ڪي پنگتي آکاڻيون چيدي سنڌيءَ ۾ لکيون هئائين، جي به ”سک ٽرئڪٽ سوسائٽي“ وارن ”هيرا جواهر“ (1931) مجموعي ۾ ڇپايون هيون. اُهي سڀ سياڻپ ڀريل ويچارن ڪري سٺيون سماج سڌارڪ آکاڻيون هيون، ۽ ڪن ۾ وڻندڙ مذاق پڻ رکيل هئي، مثلا ”سياڻي سس“. وديارٿي صاحب جا پنهنجي روءَ سوءَ لکيل اخلاقي ۽ پنگتي اصلوڪين آکاڻين جا ڪتاب هئا:  ”مکڙيو“، ”موتين جو مهراڻ“ ”املهه رتن“وغيره جي به سک سوسائٽيءَ ڇپايا هئا. هنن ڪتابن مان ثابت ٿو ٿئي ته حقيقت تي ٻڌل آکاڻيون افسانوي آکاڻين کان وڌيڪ نه، ته به اهڙيون ئي دلچسپ ٿي سگهن ٿيون. پر ايترو ضرور چئبو ته منجهن حقيقت وڌيڪ آهي، ليڪن فنڪاري گهٽ.

جديد حقيقت نگاريءَ وارين ڪهاڻين جو دۇر

هن دور جو اوائلي ڪهاڻي نويس امر لعل هنڱوراڻي هو، جنهن جون ڪهاڻيون 1930۾ سندس ٻرپا ڪيل ”ڦلواڙي“ مخزن ۾ شايع ٿينديون هيون، جن مان پهريون ٻه هيون: ”ڏس ڏيوم ته ڪٿان لڀندي“ ۽ ”ادو عبدالرحمان“ امر لعل کي حقيقت نگاريءَ (Realism) تي ٻڌل ديد ڪهاڻي نويسيءَ جي فن جو باني ڪوٺي سگهجي ٿو. هيءَ صاحب آکاڻين جون وهيون اڪثر پنهنجي وڪالتي ڌنڌي مان کڻندو هو ۽ انهن کي ڪلا جو مک ڏيندو هو. سندس مکيه ڪهاڻيون هيون: ”ادو عبدالرحمان“ 1940 ڌاري ٻيهر سندس رسالي ”ساقي“ ۾ پيل ڪردار نگاري جي شاهڪار ڪهاڻي، جنهن ۾ ”صوفي لاڪوفي“ فقير جو شاندار چتر چٽيل هو، جنهن جو ذڪر اڳي ڪيل آهي، ”هيءَ به رانجهوءَ سندي رمز“ ٻئي هڪ آزاد خيال پير مرد جي آکاڻي، جا اڃا اهڙي مشهور نه ٿي آهي جهڙي ٿيڻ کپي، جا ”مهراڻ“ آگسٽ، سيپٽمبر آڪٽوبر 1946 واري پرچي ۾ پيئي هئي، ”رام ۽ رحم“، ”گوليءَ جو گناهه“ ۽ ڀائو جي ادار دل “ آکاڻيون سندس ٻئي ڪڍيل رسالي ”ساقي“ جي 1947 وارن پرچن ۾ ڇپيون هيون ۽ ”لکيو ڪين ٽريو“ جا ”آشا“ رسالي ۾ ڇپي هئي. امر لعل صاحب ٺيٺ اصطلاحي عبارت ڪم آڻيندو هو، جا سندس استاد لعل لعلچند امر ڏنيمل جي عبارت وانگر شاهه صاحب جي محاورن سان سينگاريل هوندي هئي. افسوس آهي جو سندس ڪهاڻيون ڪٺيون ڪري ڪتابي صورت ۾ اڃا شايع ڪونه ٿيون آهن.

مرزا نادر بيگ پنهنجي لائق والد مرزا قليچ بيگ جو لائق فرزند هو، جنهن مشهور سنڌي ادبي مخزن ”سنڌو“ ۾ 1932 کان 1936 تائين درجن کن نئين زماني جون، سڌريل بناوت واريون، سماجي اوڻاين بابت آکاڻيون ڇپايون هيون. انهن مان مکيه هيون، ”پاڪ محبت“ (مس رستمجي)، ”موهنيءَ جي ڊائري“، ”ماءُ جو قهر“، ”انقلاب“ ”اڇوت“، ”گهرجي ڇڪ“ ۽ مذاقي ڪهاڻي ”عينڪ جو آواز“- جن مڙني ۾ هن صاحب مسلم زندگيءَ کانسواءِ، پارسي۽ هندو جيوت جي به گهري واقفيت ڏيکاري هئي ۽ انهن مختلف جاتين جي ميلاپ کي بردباريءَ سان پيش ڪري سماجڪ سڌاري جي راهه بتائي هئي. افسوس آهي جو سندس آکاڻيون به ڪٺيون ڪري هڪڙيئي ڪتاب ۾ ڇپايل نه آهن.

آسانند مامتورا هن دور جو ٽيون قابل ڪهاڻي نويس هو، جو جنسياتي مسئلن (Sex problems) جي منوو گيانڪ (psychological) ڇنڊ ڇاڻ ڪندو هو. سندس پهرين بيباڪ سماجڪ ڪهاڻي ”هيءَ پريم“ 1932 ۾ ”سنڌو مخزن“ ۾ شايع ٿي هئي. مٿيون خوبيون سندس مجموعي”جيوت: پريم ۽ پاپ جون ڪهاڻيون“ مان ظاهر آهن، جو’ڪهاڻي ساهت منڊل‘ 1939 “۾ ڇپايو هو. ان مان مکيه آکاڻيون هيون: ”ڳنوارڻ“ عرف ”ڪڪي“ جا من ڇيد وارين ڪهاڻين ۾ شاهڪار مڃي وڃي ٿي، ۽ ٻي ”وڏيرو رمضان“. مامتورا صاحب جي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”آرسي ۽ ٻيون آکاڻيون“ آشا ساهت منڊل 1943 ۾ ڇپايو هو، جنهن مان ”جا آگيا“ خاص سٺي هئي. مامتورا به، امر لعل وانگر، لعلچند امر ڏنيمل جي پرڀاوهيٺ آيو هو، پر سندس عبارت، استاد جي اصلاحي عبارت کي نرالي، سنسڪرت ۽ فارسي جي ميلاپ واري ۽ ڳوري هئي.

عثمان  علي انصاري چوٿون عالم هو جنهن جديد ڪهاڻي نويسيءَ جو هنر پرايو ۽ 1938 ۾ ڳوٺاڻي مسلم زندگيءَ تي ٻڌل پنجن عمدين ۽ نازڪ خياليءَ سان ڀريل آکاڻين جو ڪتاب ڇپايو، جنهن جو نالو رکيائين ”پنج“، جنهن مان ”ململ جو چولو“ ۽ ”مقام“ داد لائق هيون. پر اُن ڪتاب جي ديباچي ۾ انصاري صاحب جا دعويٰ ڪئي هئي: ”افسوس آهي ته اسان جي سنڌي ادب ۾ اها شاخ (ڪهاڻي) اڃا ائين پيئي آهي. ڪنهن به مصنف اُنهيءَ طرف خيال نه ڪيو آهي. ننڍيون ننڍيون ڳالهيون جي هن وقت تائين ڇپجي پبلڪ جي اڳيان آيون آهن سي ادب جي نقطه نگاهه سان ڏسڻ وارن کي گهڻو هيٺ ڪريل ٿيون معلوم ٿيون“—سا تاريخي نگاهه کان صحيح نه آهي، ڇو جو امر لعل، نادر بيگ ۽ مامتورام اڳيئي ڪامياب اوچي معيار واريون ڪهاڻيون لکي ڇڏيون هيون، جئن مٿي ڏيکاريل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org