سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:2 

ان عرصي ۾ استاد ڏيارام مير چنداڻي، جنهنکي هيءَ ڪتاب ڇاپي ۾ ڏسڻ جي ڏاڍي تمنا هوندي هئي، سو برڌ اوسٿا ۾ راه رباني وٺي ويو. آءُ به ته ستر سالن کان مٿي چڙهي چڪوآهيان، سو سڌ ناهي ته خود آءُ پنهنجو آخرين ڪتاب ڇاپي ۾ ڏسي سگهان يا نه!

ڪلڪتو،8 نومبر، 1968ع

 

منگهارام ملڪاڻي

فصل پهريون

اوائلي دۇر

سنڌي نظم جي شروعات 14 عيسوي صديءَ ڌاري ٿي هئي، هتي اهو ساڍيون ڇهه صديون جهونو آهي، پر سنڌي نثر 18 صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿيو، يعني اڃا ٻه صديون کن پوريون ڪيون اٿس. تحقيق، هر ٻوليءَ جو ساهت شعر سان ئي شروع ٿيندو آهي، پر ٻين ٻولين ۾، نظم ۽ نثر جي ڄمار ۾ ايڏي وٿي ڪانه پوندي آهي جيڏي سنڌ ٻوليءَ ۾. سنڌي نثر ايترو دير سان پيدا ٿيڻ جو مکيه ڪارڻ اهو آهي جو سنڌي ٻوليءَ کي هاڻوڪي مقرر آئيويٽا ۽ لپي (Alphabet & script) ملئي صرف هڪ صدي کن ٿي آهي، جنهن کان اڳ مسلم راڄ ۾ اوءَ علحدين ۽ اڻ پورين آئيويٽائن ۾ لکي ويندي هئي. نظم، جنهن ۾ موسيقيءَ (راڳ) جا جزا سمايل آهن، سو ته پيڙهيءَ به پيڙهيءَ، ڳائڻ وڄائڻ سان، حافظي جي معرفت، بر زبان بچائي سگهجي ٿو، توڙي اُهو لکيو نه به وڃي. پر نثر جوڙڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ مناسب آئيويٽا جي سخت ضرورت آهي، ڇو جو نثر ياد ڪرڻ نهايت ڪٺن آهي.

سنڌي ٻولي ۽ آئيويٽا:

آڳاٽن هندو راجائن جي سمي ۾، سنڌ جي اصلوڪي ٻولي پراچين سنسڪرت (يعني سڌريل ٻولي) سمجهي وڃي ٿي، جا براهمي آئيويٽا ۾ لکبي هئي. پوءِ چيو وڃي ٿوته ان مان ٻه صورتون: پالي (جنهن ۾ ٻڌ ڌرم جا متا پاليل هئا) ۽ پراڪرت (يعني رواجي ٻولي) ٺهيون. هندستان تي راڄ ڪندڙ ٻوڌي راجائن جي زماني ۾ سنڌ ۾ ڪجهه قدر پالي ڪم ايندي هئي ۽ براهمڻ راجائن جي ڏينهن ۾ پراڪرت ڪتب ايندي هئي. پراڪرت سنسڪرت جي سولي صورت هئي ۽ ديوناگري يا شاستري اکرن ۾ لکڻ ۾ ايندي هئي. بلڪه 711 عيسوي سن ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ هيٺ عربن سنڌ فتح ڪئي، تن جي حڪمراني کان 4 صديون پوءِ پڻ، سنڌي هندن، توڙي هندن مان مسلمان ڪيلن جي ٻولي ساڳي پراڪرت هوندي هئي، ۽ پوءِ اپڀرنش (يعني پراڪرت جي بگڙيل صورت) ٿي رهي، ۽ پوءِ راجائن جي زماني ۾ سنڌ ۾ ڪجهه قدر پالي ڪم ايندي هئي، ۽ براهمڻ راجائن جي ڏينهن ۾ پراڪرت ڪتب ايندي هئي. پراڪرت سنسڪرت جي سولي صورت هئي ۽ ديوناگري يا شاستري اکرن ۾ لکڻ ۾ ايندي هئي. بلڪه 711 عيسوي سن  ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ هيٺ عربن سنڌ فتح ڪئي، تن جي حڪمرانيءَ کان 4 صديون پوءِ پڻ، سنڌي هندن، توڙي هندن مان مسلمان ڪيلن جي ٻولي ساڳي پراڪرت هوندي هئي، ۽ پوءِ اپڀرنش (يعني پراڪرت جي بگڙيل صورت) ئي رهي، جا به ديوناگري آئيويٽا ۽ لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي. تان جو، پيرومل مهر چند جي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ (1941) جي اختياريءَ موجب، 11-12 عيسوي صديءَ ڌاري هاڻوڪي سنڌي ٻولي، پنهنجين هندستاني ڀينرن: هندي، پنجابي، بنگالي، مرهاٽي، گجراتي وغيره سان گڏوگڏ اپڀرنش پراڪرت مان نڪتي ۽ رفتي فتي صورت بدلائي، پنهنجي نجي ۽ خودمختيار ڏيهي هستي قائم ڪيائين.*

سر رچرڊ برٽن، پنهنجي مستند ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو نديءَ جي ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومون“ (1851) ۾ لکيو هو: ”ٻين هندستاني ڀاشائن وانگر سنڌي به سنسڪرت مان نڪتل آهي، پر اها پوري نروار ٻولي آهي ۽ هندستانيءَ کارڙ نه آهي. جيئن سمجهيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي نزاڪتون ۽ نڪتا آهن جن ۾ هوءَ اولهاين هندستاني ٻولين کان سرس آهي…ازانسواءِ سنڌي ٻولي لفظن جي گهڻائيءَ ۽ گونا گونيءَ ڪري نهايت برجستي آهي. ڪا اهڙي شيءَ نه آهي جنهن لاءِ ٻيا نالا يا مترادف نه هجن، مثلن اٺ لاءِ درجن نالن جو آهي…

[1]معنوي يا ذاتي لفظ وڌيڪ سڌريل ٻولين جهڙوڪ سنسڪرت، عربيءَ ۽ فارسيءَ مان آزاديءَ سان ورتا ويندا آهن، جنهن ڪري سنڌي لغت بلڪل وسيع ٿي پيئي آهي. (ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ترجمو.( ڊاڪٽر آرنسٽ ٽرمپ پڻ پنهنجي ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ (1872) ۾ لکيو هو:- ”سنڌي سنسڪرت بنياد واري هڪ نيار ٻولي آهي، ۽ اتر هندستان جي ٻين ڀاشائن جي ڀيٽ ۾ ڌارين عناصرن کان وڌيڪ آجي آهي…. اڄ جيڪڏهن سنڌيءَ جي ڀيٽ سندس ٻين ڀينرن سان ڪنداسون ته ويا ڪرڻ جي مد نظر کان اُنکي پهرين جڳهه ڏينداسون. هن وقت مرهاٽي، هندي، پنجابي، بنگاليءَ کان، سنڌيءَ جوپراچين پراڪرت سان وڌيڪ لاڳاپو آهي، ۽ پنهنجي نحوي بناوتن جي جهجهائي اهڙي قائم رکي اٿس جنهن لاءِ ٻين مڙني ڀينرن کي اُنس رشڪ اچڻ کپي.“

پر انهن مڙني خاصيتن جي باوجود، 1100 ع ڌاري هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ ٺهڻ کان اٺ صديون پوءِ به، حڪمرانن جي جلد جلد بدل سدل سبب، اُنکي ڪا باقاعدي آئيويٽا ٺاهي ڪان ڏني ويئي. جيتوڻيڪ 17 عيسوي صديءَ جي آخر ۾ ٺٽي واري مولوي ابوالحسن، خانگي طور، عربي فارسي حرفن جي ملاوت سان هڪ عارضي الف بي ٺاهي هئي، جنهن کي عام طور ابوالحسن جي سنڌي سڏيندا هئا، پر اها ڪارگر ڪانه ٿي. اهو سمورو عرصو، توڻي سنڌي ٻوليءَ جو ذخيرو دنيا جي ٽن مشهور قديم ٻولين: سنسڪرت، عربي ۽ فارسيءَ جي ملاوت مان، مالا مال بڻبو ويو هوندو، تنهن هوندي به صورتخطي جنهن شخص کي جيڪا ايندي هئي تنهن ۾ پيو لکندو هو. سرڪاري ڪاروبار فارسيءَ ۾ هلندو هو، مسلمان باشندا سنڌي ٻولي عربي اکرن ۾ لکندا هئا، ۽ هندو جنتا ديوناگري، گرمکي يا هندو، سنڌي (اعرابن يا ماترائن بنا واڻڪن) اکرن  ۾ علم فهم جي ڳالهه آهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ خيال قلم بند ڪرڻ لاءِ ڪو مقرر واهڻ نه هوندو، تنهن جو ساهت يا ادب، سو به خاص ڪري نثر ۾، ڪئن ٺهندو، ڪئن وڌندو؟

آخر 1843 ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته انجي ڏهن سالن اندر، سر بارٽل فريئر جو سنڌ جو پهريون چيف ڪمشنر هو تنهنجي سر جوشي سان، سر رچرڊ برٽن جو عربي ۽ فارسي جو عالم هو تنهنجي سفارش سان ۽ ٻين ڪن سنڌي عالمن: منشي اُڌارام ٿانورداس، مرزا صادق علي بيگ (مرزا قليچ بيگ جي وڏي ڀاءُ) وغيرهه جي مدد سان، هاڻوڪي 52 حرفي عربي سنڌي آئيويٽا ٺهي. ان ۾ چار نجا سنڌي اکر: ٻ، ڏ، ج، ڳ، چار نجا عربي اکر: ف، خ، غ، ز ۽ ٻيا فارسي، ترڪي وغيره اکر به گڏيائون، جنهن ڪري شايد دنيا ڀر ۾ ايترن يا وڌيڪ حرفن واري آئيويٽا ڪا مشڪل ملندي، ۽ سنڌي گَلن مان ايترا ڳالهائڻ جا اچار نڪري سگهن ٿا جيترا ٻئي ڪنهن قوم جا لوڪ مشڪل ڪڍي سگهندا هوندا! جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي سنسڪرتي بنياد سببان ديوناگري لپي اُن لاءِ زياده ڪارگر ٿئي ها، جئن حيدرآباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپڻ سٽئڪ جو عذر هو، جو سنسڪرت توڙي عربيءَ ٻنهي ۾ ماهر هو، تنهن هوندي به سنڌ جو صوبو، جتي آدمشماريءَ جي اڪثريت مسلمانن جي هئي، ۽ جنهن جي ٻولي عربي، فارسي، ترڪي وغيره اکرن ۽ محاورن سان اڳيئي ڀرپور ٿي چڪي هئي، تنهن لاءِ 1853ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڪلڪتي مان فيصلو جاري ڪيو ته عربي آئيويٽا ئي ان لاءِ مناسب ٿيندي. 1862 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس صاحب، منشي ننديرام ميراڻيءَ جي مدد سان ڪي ڦيريون ڦاريون ڪري اها آئيويٽا راس ڪرائي.

اوائلي نثر- سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾

هندو راجائن جي وقت ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ لکيل سنڌ جو پراچين ساهت ته صديون آڳاٽو هوندو ۽ تعداد ۾ به بيشمار هوندو. ان مان هيلتائين ڄاتل پراڻي ۾ پراڻو گرنٿ ”راجائن لاءِ سکيا“  ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جو عيسوي سن کان شمار 3 صديون آڳاٽو، راجا راول جي منتري سپر ان زماني جي سنڌي پراڪرت نثر ۾ لکيو هو. هن جهوني ۾ جهوني سنڌي پستڪ جي پهرئين ڀاڱي ۾ مهاڀارت جي لڙائيءَ جو اختيار ڪجهه علحدي نموني ۾ ڏنل هو، ۽ ٻئين حصي ۾ راجا جئدرٿ جي پوين، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي راجائن جون ڪهاڻيون ڏنل هيون. پر اهي سڀ ڪهاڻيون ۽ سکيائون، جهوني زماني جي دستور موجب، جانورن ۽ پکين جي واتان چوايل هيون. هن اهم کوجنا جو ذڪر، ”هندواسي“ مخزن جي 28 سيپٽمبر 1958 واري پرچي ۾، شري جئرامداس دولترام هن ريت ڪيو هو:

”سو سپر جو ’هندواني‘ ٻوليءَ ۾ لکيل پستڪ ’راجائن لاءِ سکيا‘ به انهيءَ صديءَ (عيسوي سن کان اڳ ٽين صدي) جو هوندو. ابو صالح ان پستڪ جو عربي ترجمو شايد عيسوي سن جي 8-9 صديءَ ۾ ڪيو هجي… جو ابو الحنسعليءَ 1026 ۾ پارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان ترجمي جو اختصار 1127ع ۾ پارسي ڪتاب ’مجمل التواريخ القصص‘ ۾ هڪ باب (’هندواني بادشاهه ۽ سندس نسل‘) جي صورت ۾، وڌو ويو. هن پوئين ڪتاب ۾ جنهن نموني هندو راجائن ۽ راڻين جا نالا (عربي ترجمي تان اُتاريل) لکيا ويا آهن، تنهن مان ڊاڪٽر سنيتي ڪما چئٽر جي، هندستان جي مشهور ڀاشا- وگيانيءَ، انو مان ڪڍ آهي ته ’هندواني‘ پستڪ- ’راجائن لاءِ سکيا‘- سنسڪرت لکيل نه هو… ڊاڪٽر چئٽرجي انهيءَ راءِ جو آهي ته، جنهن ٻولي کي ’هندواني‘ (هند يا هندن جي ٻولي) ڪوٺيو ويو آهي سا اُلهندي هندستان، يعني پنجاب يا سنڌ پاسي جي مڪاني ٻولي آهي. پڪيڙو انوامان جيڪي سو سنڌ جي ٻوليءَ جي فائدي ۾ ڪڍيو اٿس، ڇو جو انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ ڏانهن اشارا آهن ۽ ڪي نالا سنڌي ٻوليءَ جي نيمن پٽاندڙ بدليل آهن. سپر جي زماني جي ٻوليءَ کي ڊاڪٽرچئٽرجيءَ ’پراڻي سنڌي‘ ڪري ڪوٺيو آهي….. سپر جو پستڪ 8-9 عيسوي صديءَ تائين سنڌ ۾ موجود ٿي ڏٺو، ڇو جو اُن تان ابو صالح عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. 8-9 صديءَ ۾ (عربن جي فتح کانپوءِ)، جڏهن سنڌ جي هندن جي راجستان، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات پاسي ڀاڄ ٿي، تڏهن ساڻن گڏ ڪي پستڪ به ضرور اوڏي کڄي ويا هوندا. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڄڻ نئون  تارو اڀرندو جي راجسٿان يا گجرات جي ڪنهن پراچين پستڪ ڀنڊار مان، 2200 ورهين جي پراڻي سنڌيءَ ۾ لکيل، سپر جو پستڪ ’راجائن لاءِ سکيا‘ هٿ لڳي وڃي!“

هن پراڻي پستڪ بابت شري جئرامداس دولترام مون کي تازو هيٺينءَ ريت لکيو آهي:-

” ’مجمل التواريخ والقصص‘جنهن ’برقما ريص‘ راجا جي ڳالهه ڪيل آهي اهو جي پهريون راجا وڪرماجيت نه آهي، ۽ ٻيون وڪرماجيت آهي جنهنجو نالو هو چندر گپت ٻيون، ته پوءِ هيءَ ڪتاب ’راجائن لاءِ سکيا‘ چئبو ته 4 يا 5 عيسوي صديءَ جو آهي. چندر گپت ٻيون عيسوي سن 376 ڌاري تخت تي ويٺو ۽ 414 ڌاري مئو. اهو ممڪن لڳي ٿو ته 4 يا 5 عيسوي صديءَ جو ڪتاب انهن عربي ساهتڪارن کي هٿ لڳي سگهيو هجي جي سنڌ ۾ رهندا هئا، پر اُن کان به 5-6 سؤ سال پراڻو ڪتاب ڪو هو، سو هٿ نه لڳو هجين. ايترو پراڻو ڪتاب اڃا به تن ڏينهين موجود هوندو اها ڳالهه ڪجهه شڪي لڳي ٿي ان ڪري ائين چوڻ ئي حال ڪافي آهي ته پراڻي ۾ پراڻو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب ’راجائن لاءِ سکيا‘4 يا 5 عيسوي صديءَ جو آهي .“

عيسوي سن کانپوءِ، جهوني ۾ جهونو سنڌ ۾ لکيل هڪ پستڪ ”ديول سمرتي“ چيو وڃي ٿو، جو 9-10 عيسوي صدي ڌاري سنسڪرت ڪوٽا ۾ لکيو ويو هو، ۽ جنهن جو ذڪر مشهور تاريخ دان گنگارام سمراٽ ”هندواسي“ 3 جون 1956 واري پرچي ۾ ڪيو هو. هن پستڪ ۾، مسلمانن جي راڄ ۾ زوريءَ ڌرم بدلايل هندن کي وري ”شڌي“ ڪرڻ لاءِ نيم ۽ قاعدا ڏنل آهن ۽ ديول رشيءَ جو لکيل آهي، جو مهاپرش هاڻوڪي سنڌ ۾ ئي پيدا ٿيو هو. ٻيو جهونو سنڌ ۾ لکيل پستڪ جو به سمراٽ صاحب هٿ ڪيو آهي، سو آهي مارواڙ ڪي جي هڪ جئني سيلانيءَ سميه سندر سوريءَ جو لکيل ”ڪرم جتيسي“، جنهن جو ذڪر ”تصوير“ مخزن جي 1985ع واري بمبئي سميلن پرچي ۾ ڪيل هو. اهو ڪوي 17 صدي ءَ ڌاري اُتر سنڌ ۾ 2-3 سال رهيو هو ۽ ان زماني جي اتر سنڌ ۾ چالو ٻولي سکيو هو، جنهن ۾ ئي اهو گرنٿ ڪوٽا ۾ لکيو هئائين. سنڌيءَ جي اها صورت سرائڪي طرز واري هئي، توڻي ليکڪ ان کي ”سنڌ ڀاشا“ سڏيو هو.

شري جئرامداس دولترام پڻ 17 صديءَ جو هڪ ڪوي ڳولي لڌو آهي، جنهن جو نالو هو سوامي پراڻناٿ، جو ڪاٺياواڙي هوندي به پارسي، عربي، گجراتي، هندي ۽ سنڌي ٻوليون ڄاڻندو هو، ۽ ڪي سال ٺٽي ۾ به رهيو هو. سندس 600 سلوڪ سنڌيءَ ۾ لکيل آهن ۽ 1688- 1689 ۾ سنگرهه ٿيل آهن، يعني شاهه لطيف جي جنم کان هڪ سال اڳ ۾. اهو ديناگري هٿ اکرن ۾ لکيل گرنٿ. جامنگر جي هڪ مندر ۾ جئرامداس صاحب اکئين ڏٺو آهي ۽ ڪي سلوڪ ڪنين ٻڌا اٿس، ۽ اهو هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهو احوال ”سنڌو“ مخزن جي اپريل 1967ع واري پرچي ۾ ڏنو اٿس. اهڙيءَ طرح ٻيا به گهڻائي سنڌي- سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش ۾ لکيل پستڪ پيدا ٿيا هوندا، پر افسوس آهي جو مٿين چئن کانسواءِ، اُن جهوني خزاني مان ڪوبه اصلوڪو جواهر هيلتائين نظر ۾ نه آيو آهي.

ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي جهوني مضمون ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ 1924 ۾ لکيو هو: سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ ۾ سنسڪرت ۾ پراڪرت جو چرچو هو، پهرين گهراڻن جو نثر ۽ نظم ضرور انهن قديم ٻولين ۾ هوندو…. انهيءَ عرصي ۾ هندستان ۾ وڏا وڏا بادشاهه جهڙوڪ وڪرماجيت ۽ اشوڪ، ۽ وڏا وڏا فيلسوف جهڙوڪ ڪاليداس ٿي گذريا آهن، ڇا، انهن جي بزرگيءَ جو پرتوو سنڌ تي نه پيو هوندو؟ ڇا، اُنهن جي اثر هيٺ سنڌ ۾ نظر ۽ نظم جي لهر نه وهي هوندي؟ ضرور بالضرور… افسوسس! اڍائي هزار ورهيه گذري ويا آهن، ته سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي… سنڌ ملڪ کي هڪ عاليشان تاريخ ۽ علمي خزانو آهي، جو اسان جي اڻڄاڻيءَ ۽ وڏن جي لاغرضائيءَ کان ناس ٿي ويو آهي… سنڌ جي تاريخ ۽ علمي خزانو هڪ پوريل دفتر ٿي رهندا، جيڪڏهن هرڪو فرد ان جي کوجنا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو.“

استاد ڀيرومل مهر چند پنهنجي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ (1941) ۾، هڪ جهوني انگريز عالم جان بيمس جو خزانو ڏنو آهي جنهن جو مختصر مطلب آهي ته راءِ گهراڻي جي راجائن کان وٺي عربن جي فتح تائين، سنڌ ۾ لڳاتار لڙايون لڳي رهيون هيون. انهن گهمساني حالتن ڪري ملڪ ۾ اهو امن امان جو ماحول نه هو جو ماڻهو علم ادب ڏانهن ڌيان ڏيئي ان سبب ڪري، ان زماني جي سنڌي ٻوليءَ (وراچڊ اپڀرنش) ۾ ڪوبه ڪتاب لکڻ ۾ ڪونه آيو. هاڻي، هيءُ عجيب دليل ته دل سان ئي نه پيو لڳي ته ملڪ ۾ لڙاين لڳڻ ڪري، ايڏي لنبي عرصي لاءِ ڪجهه به ادب پيدا نه ٿئي! مشهوپر انگريز اديب جان رسڪن جو گفتو آهي:“War is the foundation of all agreat art”، يعني جنگ، مڙني اعليٰ فعل خلقن جو جذبو جاڳائي ٿي. چالو صديءَ جي ٻن مهاڀاري لڙاين جي مثالن مان ئي ڏسبو ته انهن، ليکڪن ۾ ڪيترو اتساهه ڦوڪيو ۽ ڪيترو ذخيرو ادب ۽ ٻين لطيف فنن جو پيدا ڪيو. خود سنڌ جو جهوني ۾ جهونو شعر ”دودو چنيسر جو قصو“ 14 صديءَ ۾ جنگ جي جذبي مان پيدا ٿيو هو. هن ناممڪن دليل جي برعڪس ڊاڪٽر داپوٽي جو عذر سورهان آنا صحيح ٿو لڳي ته جهونن راجائن جي زماني ۾، سنڌ ۾ نثر ۽ نظم جي لهر ضرور باالضرور وهي هوندي، پر اهو علمي خزانو اسان جي لاغرضائيءَ کان ناس ٿي ويو.

ڪن تاريخي کوجنا ڪندڙن جو رايو آهي ته اهو سمورو جهونو ادبي خزانو، محمد بن قاسم ۽ ٻين مسلم فاتحن ناس ڪرائي ڇڏيو. ڀڳواڻي تولاڻيءَ ”سنڌو هتيا ڪانڊ“(1943ع ۾ لکيو هو: ”محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ان وقت کان وٺي سنڌ جو اتهاس ۽ ساهتيه باهه ۾ ڀسم ٿيڻ لڳو. عربن هندستان تي حملو ڪندي هندن جي پوتر اسٿانن ۽ پستڪانين کي جلايو، ۽ اها جلائڻ جي نيتي ئي هئي جنهن سنڌ جي اتهاس کي بريءَ طرح هميشه لاءِ دفن ڪرڻ جو يتن ڪيو.“ پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ، هڪ بيباڪ ليکڪ غلام حيدر گبول پنهنجي چونپڙيءَ ”ادب سنڌ“ (جنهن ۾ در حقيقت سنڌي ادب جو بلڪل مختصر ذڪر ڪيل هو، پر سنڌ جي پراڻيءَ تاريخ تي نئين روشني وڌل هئي) ۾ به ساڳئي مٿئين نتيجي تي پهتو هو: ”سنڌي زبان جا دفتر، شاعري، نظم، نثر، سڀ ناپيد آهن. راءِ گهراڻي ۾ برهمڻن جو آرٽ ڪٿي پر ڪري اڏامي وڃي آرامي ٿيو؟ اهي ڳالهيون موجوده وقت جي عالمن لاءِ هڪ مشڪل مسئلو بڻيل آهن. پهريون، عرب فاتحن پنهنجي دستور موجب، شايد انهيءَ علمي خزاني کي نذر آتش ڪري، سنڌ جي آزاديءَ سان گڏ، ادب جو چراغ به گل ڪيو ٿو ڏسجي. ابتدائي اسلامي جوش شايد انهن کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هجي. شايد اهوئي سبب هجي جنهن لاءِ محمد بن قاسم کي آزاد اميه خليفن پنهنجي درٻار ۾ جواب طلبي لاءِ گهرايو. هوڏانهن زود اعتقاد مسلم علما انهيءَ شڪ کي هرگز قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪين آهن. مسلم عالمن جو خيال آهي ته اهو محض الزام آهي.“ ”مهراڻ“ مخزن (1959، نمبر 4) ۾، هڪ مستند تنقيدي جائزي ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ۾، جناب سراج الحق پڻ اهڙوئي رايو ڏنو هو: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ جي صلاحيت عربن جي ڪري نه، پر جيئن دنيا جي ٻيءَ هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي تيئن، پنهنجي ملڪ جي ماحول ۾ سادن سٻاجهن انسانن..... ۽ سنڌي تمدن جي موسيقيءَ ۽ فن جي تفيل پيدا ٿي هئي، ۽ عربن کان صديون اڳ پيدا ٿي چڪي هئي. افسوس صرف اهو آهي ته انجو سبب به عرب ئي هئا. سنڌ ۾ ان شرط عربن جو هڪ نئون جذبو ڪارفرما هو. ۽ مذهبي روايتن جي ڪري، سنڌ جي تمدن ۽ فنون لطيف کي ڪا ترقي ڏيڻ بدران يا انهن جي ڪا همت افزائي ڪرڻ بدران، انهن جو بنهه خاتمو ڪري ڇڏيائون.“


[1] مشهور بنگالي ڀاشا وگياني ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ اهو واقعو 1000ع ڌاري ڄاڻايو آهي، پر استاد ڀيرومل 1100ع ڌاري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org