ڊي جي سنڌ ڪاليج مسلنيءَ ۾ به خاصيون اصلوڪيون
ڪهاڻيون پونديون هيون، جن مان فيبروري 1932 واري
پرچي ۾ پيل شيوڪ ڀوڄراج جي ”برابر“ ۽ ڏيون
ڪشناڻيءَ جي ”شڪ جوش ڪار“ ذڪر لائق هيون. 1939 ۾
”ڪهاڻي“ رسالي جي شروعاتي پرچن ۾ چوڙ آڏواڻيءَ جون
ٻه سٺيون سماجي آکاڻيون پيون هيون: ”الا مون شادي
ڇونه ڪئي!“ ۽ ”اهو داد ٿئي.“
اصلوڪين آرٿڪ ۽ سياسي آکاڻين جو دۇر
سنڌ ۾ اصلوڪين آکاڻين جو آخرين دور 1942 واري ”ڪئٽ
انڊيا“ آندولن سان شروع ٿيو، جنهن جو نتيجو اهو
ٿيو جو 1947۾ هندستان جي ورهاڱي سان گڏ آزادي ملي.
سنڌ پاڪستان ۾ اچي ويئي ۽ 1947- 48 ۾ سنڌي هندن جي
ڀاڄ پيئي. انهن پنجن سالن ۾، هڪ ٻئي پٺيان تڪڙو
تڪڙو نازل ٿيندڙ سياسي گهٽنائن جو زبردست اثر سنڌي
ساهت، ۽ خاص ڪري آکاڻين تي پيو ۽ منجهن آرٿڪ ۽
راڄنيتي مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ لڳي، جنهن سان گڏوگڏ
پنگتي مسئلا پڻ پنهنجي جڳهه وٺندا آيا. انهيءَ
عرصي ۾ آکاڻيءَ کي ئي ساهت جو اهم ۽ لوڪ پسند درجو
ملي ويو، ڇو جو زندگيءَ جي ڪشمڪش وڌڻ ڪري فرصت
ايتري قدر گهٽجي ويئي هئي جو جنتا کي لنبن ناولن
پڙهڻ جو وقت تي ڪونه ٿي مليو. آزادي جي جدوجهد سان
گڏوگڏ، هن زماني جا ڪي نوجوان ليکڪ روسي انقلاب جي
اثر هيٺ اچي چڪا هئا، ۽ اڳئين دۇر
وارين ترجمو ڪيل توڙي اصلوڪين آکاڻين جي اڀياس ڪرڻ
سان ڪهاڻيءَ جي بناوتي قاعدن ۽ اصولن جو به چڱو
آزمودو پرائي چڪا هئا، جو ڪافي فنڪاريءَ سان
پنهنجين آکاڻين ۾ استعمال ڪرڻ لڳا. ليڪن ڪيترا
انهن اصولن کان ناواقف هئا ۽ صرف اندر جي اتساه
وچان لکندا ٿي ويا ۽ ترقي پسند تحريڪ جي نالي هيٺ
انقلابي نعري بازيءَ کان ڪم وٺندا رهيا.
هن دۇر
جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”سرد آهون“ جو 1942 ۾
”نئين دنيا“ ڪتاب گهر (شڪارپور) پاران ڇپيو هو،
جنهن ۾ آکاڻيون ان منڊل جي بانيڪار گوبند پنجابيءَ
جون لکيل هيون. منهنجن پورهيتن ۽ علم جنتا جي سرد
آهن جو بيان ڪيل هو ۽ سرمايدار سماج ۽ انقلاب آڻڻ
جي للڪار ڪيل هئي. جيوت جي سنهن پرزن واقعن جي جاچ
سڀني ڪهاڻين ۾ برابر ڀريل هئي، پر پيش ڪرڻ ۾ حقيقت
نگاري وڌيڪ ڪلاڪاري گهٽ هئي، ۽ ٻوليءَ جي پختائي
به ڪانه هئي. هن ڪتاب ۾ پنجابيءَ جون سٺيون
آکاڻيون هيون: ”بي- اي، ايل- ايل- بي“، ”چور“،
”سرد آهون“ ۽ ”ڪفن“ سنڌي ڪهاڻي نويسيءَ ۾ انقلاب
آڻيندڙ پهريون ڪتاب هو ”ريگستاني ڦول“ (1944)، جو
به ”نئين دنيا“ پاران گوبند مالهيءَ ڇپايو هو. هن
ڪتاب ۾ جنهن صداقت سان، بنهه نوهال ليکڪن، ساهت
دوران سماجڪ ۽ آرٿڪ جيون جي علحدن پهلوئن جو ڇيد
ڪري، ان کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي سا ڪنهن به
ساهت پريميءَ جو من امُنگ ۽ فخر سان ڀريو ڇڏي.
منجهس ٻه عاليشان آکاڻيون هيون: ڀڳوان لعلواڻي جي
”ساڙهي“، جنهن ۾ ڪپڙي جي اَڻاٺ واري مسئلي جي درد
ڀري تصوير چٽي ويئي هئي ۽ خواجه احمد عباس جي هڪ
اردو آکاڻيءَ سان ڪجهه مشابهت ٿي رکيائين، ۽ شيخ
عبدالستار جي ”رحيمان“، جا بي- جوڙ شاديءَ ۽ بي-
قاعدي محبت جي اُگرن نتيجن تي زبردست جلهه هئي. ٻي
زور دار آکاڻي هئي آنند گولاڻيءَ جي ”سڱ“، جا به
پيار ۽ شاديءَ جي مسئلي تي، مسلم زندگيءَ ۾ بهاريل
هئي پر هندو سماج سان به لاڳو ٿي سگهي ٿي. هن
مجموعي ۾ نارائڻ ڏيواڻيءَ جي ”ڌاڙيل“ پڻ چڱي آکاڻي
هئي، جنهن ۾ زمينداري ظلم جي برخلاف آواز اُٿاريل
هو. جيوت نرياڻيءَ جي ”مڇن واري دادي“ به هڪ
اثرائتي آکاڻي هئي: ته ڪيئن قدرت جي هڪ خسيس چوڪ
ڪري هو هوئڻهار استريءَ جي حياتي برباد ٿيو وڃي.
رام امر لعل جي ”جعفر بيلدار“ ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ
جي ”آکيري جو ٽٽڻ“ پڻ هن ڳٽڪي جون ڳوٺاڻي زندگيءَ
بابت چڱيون دکدائڪ مختصر آکاڻيون هيون.
1945 ۾ ”پرهه ڦٽي“ مجموعو نڪتو جو به ”نئين دنيا“
وارن ڇپايو هو، جنهن ۾ ذڪر قابل ڪهاڻيون هيون:
گوبند پنجابيءَ جي ”نيلو“، گوبند مالهيءَ جي ”هاري
حقدار“، رام امر لعل جي ”اِنساني مرغي“، ڀڳوان
بيچئن جي ”رام راڄ“، جيوت نرياڻيءَ جي ”ٻي نڪو“ ۽
ڪرشن کٽواڻيءَ جي ”ڪتي جو موت“، جن جي مڙني ۾ گهڻو
ڪري غريب طبقي وارن انسانن جي زندگيءَ سان همدردي
ڏيکاريل هئي، جئن سندن سرن مان ظاهر آهي، تنهن
کانپوءِ آيو آنند گولاڻيءَ جو ڪڍيل ڪتاب ”ڦڙڪ“،
جنهن ۾ بهترين آکاڻي وري به ڀڳوان لعلواڻيءَ جي
”ليلان“ هئي، جا پيار، پاپ ۽ ماٽاپڻي جو نازڪ وشيه
تي هڪ کلم کلي پر سچائيءَ واري ڪهاڻي هئي. هن ڪتاب
۾ خود آنند گولاڻيءَ جون به ڪي چڱيون آکاڻيون ڇپيل
هيون، جن سڀني مان، هن زيادهه ترين ڪهاڻي نويس جي
دستور موجب، زندگيءَ جي تفصيلن کي نوس نوس ڪري پيش
ڪرڻ جي خوبي ظاهر هئي. هنن شروعاتي حقيقت پسند
ڪهاڻين جي خاص خامي اها ٿي ڏسڻ ۾ اچي ته جيتوڻيڪ
منجهن جديد زماني جا سماجڪ، آرٿڪ ۽ قومي مسئلا پيش
ڪيل آهن، تنهن هوندي به گهڻين ڪهاڻين ۾ انهن مسئلن
جو حل ڏسيو نه ويو آهي، جنهن ڪري انهن جون پڄاڻيون
نراشاد وادي رهجي ويون آهن ۽ زندگي کي بهتر بنائڻ
لاءِ اميد جي جهلڪ منجهن ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ اچي.
”آشا“ ماهوار رسالي ۾ به ڪي سٺيون اصلوڪيون
آکاڻيون نڪتيون هيون: شريمتي نانڪي گدواڻي جي
”اڌورو پريم“ ۽ ايم آر مائيداساڻيءَ جي ”دل جي
تڙڦ“ 1943 ڌاري مائيداساڻي جون لکيل آکاڻيون، سندس
سمپادڪي هيٺ ”ڪهاڻي“ رسالي ۾ نڪرنديون هيون، جن جو
نالو ئي رکيو هئائين ”مائيداساڻيءَ جون آکاڻيون“.
”ڀارت جيون“ رسالي (1943) پروفيسر جوشي رام
واسواڻي جي لنبي ”اڌوري ڪهاڻي“ پيئي هئي جنهن ۾
مهاتما گانڌي جي اڳواڻيءَ هيٺ آزاديءَ جي تحريڪ
جو اتهاس ڏنل هو. ساڳئي ليکڪ تنهن کان اڳ حيدرآباد
ڪاليج جي ”ڦليلي“ مخزن ۾ ”سچو ڏوهي ڪير؟“ ڇپائي
هئي، جنهن ۾ چوريءَ جي شخصي جرم لاءِ سماج کي
تلاهي ٺهرايو ويو هو. ”ڦليلي“ مخزن ۾ اُتم جون
پنگتي ۽ قومي انقلاب واريون ڪهاڻيون به پيون هيون
جن مان مکيه هيون: ”شڪست“ 1944 ۽ ”ترقيءَ جي راهه
تي“ (1946)۾ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي رهبريءَ هيٺ
ڪاروبار هلائيندڙ ڪراچي ڪاليج ”سنڌ سرڪل“ جي رسالي
”لهرون“ ۾ پروفيسر ڊي- ڪي منشاراماڻيءَ جي ”گهوٽ
راجا“ ڪهاڻي پيئي هئي، جا هڪ سندر سماجڪ اصلوڪي
آکاڻي هئي. ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جي ”ڀيمر ٿري“
جا ”ڪهاڻي“ رسالي ۾ ڇپي هئي سا به هڪ دلڪش ڪردار
نگاريءَ واري آکاڻي هئي. ”هندواسي“ اخبار ۾ به ڪي
چڱيون قومي آکاڻيون پيون هيون جن مان حشو ڪيو
براماڻيءَ جي ”پدما“ هڪڙي هئي، جنهن ۾ ملڪ جي
آزاديءَ لاءِ هڪ ٻالڪا جي قرباني ڏيکاريل هئي.
ٻيون قومي آکاڻيون ٽن چڱين ليکڪائن جون هيون: چندر
آڏواڻي جي ”اُٿ ڀارٿ جي سنتان“، ڀڳونتي ديالاڻيءَ
جي ”ڀارتي“ ۽ ڪرشناڪيولراماڻيءَ جي ”ديش دروهي“-
جي سڀ 1945-46 ڌاري ڇپيون هيون. ”سنڌو“ مخزن ۾
اصلوڪيون آکاڻيون، مرزا نادر بيگ جي مٿي ذڪر ڪيل
آکاڻين کانپوءِ، پونديون آيون، جنمان هيٺيون سٺيون
به هيون ته سٺيون لکيل پڻ هيون؛ تيرٿ وسنت جي
”نيلم“ (اڻ ڇپيل ناول ”مراد“ مان- فيبروري 1945)،
حشو ڪيولراماڻيءَ جي ”هڪ ٻه- ٽي......“ ٻين
لڙائيءَ بابت دکدائڪ آکاڻي (جون 1945)، حبيب ڀٽي
جي ”غلط فهمي“ سيپٽمبر 1945 ۽ خاص طور امر لعل
هنڱوراڻيءَ جي ”لالي“ (سيپٽمبر 1946).
1945 ۾ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا پنهنجين ننڍين وڏين
ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”مرڪندڙ مکڙيون“ ڇپايو هو، جي اصل
”سنڌو“ مخزن ۾ پييون هيون. اهي اخلاقي آکاڻيون
انگريزي تان ترجموڪيل ٿيون لڳن، ۽ لکندڙ جي مهاڳ
موجب سندن مطلب آهي ته ”مُرڪ سان، نه لڙڪ سان،
جيون جي سفر جو پنڌ ڪرڻو آهي.“ 1945 ۾ ايم آر
مائيداساڻيءَ به هڪ مجموعو ”بکايل“ نالي ڇپايو هو،
جنهن ۾ ڀارتي ٻولين تان ترجمو ڪيل سماجي ڪهاڻيون
ڏنل هيون. ساڳئي سال ”ڪهاڻي“ رسالي مان پنهنجي
چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو پڻ ڪڍيو هئائين، جنهن جو
نالو ”خوشبوءِ“ هو. 1947 ۾ ”وارن هيسٽنگس جا
ڪارناما ۽ ٻيون آکاڻيون“ ڇپايائين، جي تاريخي
ڪهاڻيون ديودت شرما جي هنديءَ تان ترجمو ڪيل هيون
1947 ۾ محمد عيسيٰ نظاماڻيءَ جو ”شهيد وفا“ شايع
ٿيو، جنهن ۾ هندستاني تاريخ تي ٻڌل افسانا لکيل
هئا.
سرڪاري صلاحڪار بورڊ جي مخزن ”مهراڻ“ جي جنوري
فيبروري 1947واري پرچي ۾ محمد حسن ڪروڙ پتيءَ جي
هڪ چڱي مذاقي آکاڻي ”عاشق معشوق“ پيئي هئي. جولاءِ
1947 واري نمبر ۾ ساڳئي ڪروڙ پتي صاحب جي ”بخشيش“
ڇپي هئي، جنهن ۾ اميريڪن سولجر سنڌي ٻارن کي ڪيئن
بخشيشون ٿا ڏين تنهنجو دلچسپ بيان ڪيل هو. نجم
الدين عباسيءَ جي ”همت ۽ ڪوشش“ به هن عدد جي چڱي
آکاڻي هئي، جنهن ۾ ڪن سنڌي مهاجرن جي حج شريف
ڏانهن سفر جو مزيدار بيان ڪيل هو. نومبر ڊسمبر
1947 واري نمبر ۾ سائينداد سولنگيءَ جي بهترين
آکاڻي ”ملاقات“ پيئي هئي، جنهن ۾ نانڪ ۽ نائڪا جي
مجازي حسن ۽ تڙڦ جا بيان ۽ ٻهراڙيءَ واري اصطلاح
عاليشان هئا، پر آخر ۾ اتفاق کان ڪم وٺي ناٽڪ جو
موت آڻڻ فني نقص هو. نجم الدين عباسيءَ جي ”کنڊ جي
چوري“سچي واقعي تي ٻڌل چڱي آکاڻي هئي. دلبر خان
کوسي جي ”بيڪاري“ ۾ مذاقي لکڻي چڱي هئي پر آکاڻي
جا واقعا ناشدني هئا.
1947 ۾ ”زندگي پبليڪيشن“جي بانيڪار بهاري ڇا ٻڙ يا
”سنڌي ڪهاڻيون“ مجموعو ڇپايو هو ”جنهن ۾ ليکو
تلسياڻيءَ جي ”منجري ڪولهڻ“ منهنجي نظر ۾ هن دۇر
جي هڪ عاليشان آکاڻي هئي، ۽ هڪ گهٽ ذات عورت جي
امنگن بابت نفيس پر بيباڪ نوع ۾ لکيل هئي، پر اهڙي
ننڍي هئي جو ڀائنجي ته وڏيڙي هجي ها ته چڱو. هن
ڪتاب ۾ ڀون پنجواڻيءَ جي ”ڀيڻ“ به هڪ سندر آکاڻي
هئي، جنهن ۾ هيءَ نازڪ خيال نهايت جذبي سان ظاهر
ڪيل هو ته هڪ معصوم استريءَ جي سندرتا قدرت جي
سونهن کان به سرس آهي. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ”هوءَ“ پڻ
سٺي آکاڻي هئي، جنهن ۾ پنجاب جي فسادن ۽ بيوه ٿيل
هڪ عورت جي زندگيءَ جي ڪشمش چٽيل هئي ۽ منجهس
پڇاڙي وارو مروٽو پڻ اثرائتو آندل هو. لڇمڻ راجپال
جي ”نئون زمانو“ هڪ جوشيلي ڪميونوادي آکاڻي هئي،
جنهن جو مرڪزي خيال هو ته هن زماني ۾ آند شرڌا
واري ڌرم کان خون خرابيءَ وارو انقلاب وڌيڪ ضروري
آهي. ساڳئي سال 1947 ۾ ساڳئي نالي ”سنڌي ڪهاڻيون“
سان ، ”باغي“ منڊل جي بانيڪار شيخ اياز هڪ مجموعو
ڪڍيو هو، جنهن ۾ فقط هن رسالي جي، پر آنند
گولاڻيءَ جي بهترين آکاڻي ”سومان“ پيئي هئي. هيءَ
عاليشان بردبار آکاڻي ڪنواري ماتا جي مسئلي تي
هئي، پر هنج لنبي آکاڻي جو پهريون اڌ اينگهه وارو
۽ ڪڪ ڪندڙ هو جو سولائيءَ سان گهٽائي سگهجي ها.
”باغي“ منڊل جي سهاري هيٺ ساڳئي سال ۾ ٻيو رسالو
”سوشلسٽ پاڪستان“ نڪتو هو، جنهن ۾ بهترين آکاڻي
هئي جيوت نرياڻيءَ جي ”هٿ نه لاءِ“ ۽ ان ۾ هڪ
ڳوٺاڻي مسلمان جا ڪراچيءَ جي شهر ۾ آزمودا نهايت
مذاقي نوع ۾ بيان ڪيل هئا. ساڳئي منڊل جي ”سفيد
وحشي“ (1947) مجموعي ۾ شيخ اياز جي حسن پرستيءَ
واري آکاڻي ”رولو“ ڏنل هئي جا هن نوجوان انقلابي
لکندڙ جي سٺين ڪهاڻين مان هڪ هئي. 1947 ۾ سندس
شايع ڪيل ٻئي رسالي ”اڳتي قدم ۾ سندس بهترين ڪهاڻي
”کلڻي“ ڇپيل هئي، جنهن ۾ هڪ دلڪش چلولي ڇوڪريءَ جو
درد ناڪ چتر چٽيل هو، جنهن کي پنهنجي محبت جو
اظهار ڪرڻ ۾ زبان تي مهر لڳل آهي ۽ تنهن ڪري
غلطفهميءَ سسببان سندس پريتم ٻيءَ سان شادي ڪري ٿو
ڇڏي. هيءَ هڪ نهايت نفيس سيرت نگاريءَ جي آکاڻي
هئي ۽ سنڌ ۾ نڪتل اصلوڪين ڪهاڻين مان آخرين شاهڪار
هئي. هنن پنجن سالن جي عرصي ۾ جيتوڻيڪ ڪن نوجوان
ليکڪن جون اصلوڪيون آکاڻيون، سٺي معيار واريون،
ڪافي انداز ۾ نڪري چڪيون هيون، ته به عجب ڪونهي ته
اوچتيءَ ڀاڄ پوڻ ڪري اهڙو ڪو ليکڪ ڪونه هو جنهن
جون آکاڻيون ڪٺيون ڪري ڇپايون ويون هجن.
مٿين اصلوڪين ڪهاڻين واري دور ۾ ڪن نوجوانن، ڪن
ترقي پسند هندستاني ليکڪن جون ڪي چونڊ آکاڻيون ۽
ڪتاب ترجمو پڻ ڪيا، جن جي ياداشت سان سنڌي ڪهاڻيءَ
جو هي آخرين دور ختم ڪجي ٿو:
نالو لکندڙ ترجمان
ڇپائيندڙ سن
”نيلم“ احمد عباس گوبند
مالهي نئين دنيا 1943
”آزاد محبت“ ---------------- ليکو
تلسياڻي ------------ ------
”ان داتا“ ڪرشن چندر گوبند
پنجابي۽ آهوجا ------------ 1945
”اڌورو سفر“ ڪرشن چندر گوبند مالهي زندگي
1946
”ٽي گونڊا“ -------------- وشوامتر
واسواڻي --------- 1947
”وولگا کان گنگا“ سانڪرٽياين گوبند مالهي
نئين دنيا 1945
”تاج محل“ ابراهيم جليس
--------------------
------------ 1946
”چتر ليکا“ احمد نديم قاسمي
----------------- -------------
------
”منهنجو ديش“ ڦڙڪي بهاري ڇاٻڙيا زندگي
1947
”شيلا“ --------- ڀون
پنجواڻي ۽ ڇاٻڙيا نئين دنيا -------
* ”گناهه“ --------- راهم
هنڱوراڻي ------------- ---------
”شڪريه“ ڪشمور ساهو ديپ سڀاڻي
آشا ---------
”غريب جي عزت“ اندر ڪمار ميلارام
سندر ساهتيه ----------
”محنت جو موت“ ڪوثر چاندپوري ---------
----------------- -----------
”انڌو ڪلاڪار“ متفرقا ---------------
----------------- ------------
”قومي ڪهاڻيون“ -------- متفرقا ڀارت
جيون ------------
* هن عاليشان بيباڪ ڪهاڻيءَ کي اوائل ۽ اصلوڪو
سمجهي دل کولي داد ڏنو ويو هو، پر پوءِ سڌ پيئي ته
ترجمو ڪيل هئي، ۽ اڃا پتو نه پيو آهي ته ان جو مول
ليکڪ ڪير آهي.
فصل ٽيون
ناول نويسيءَ جي
اوسر
1843 ۾ انگريزن جي حڪومت شروع ٿيڻ سان، جيئن
انگريزي تعليم سنڌ ۾ پکڙندي ويئي، تيئن ڪي سنڌي
مصنف انگريزي ٻوليءَ ۾ به چڱا ماهر ٿيندا ويا ۽
اوچيون ڊگريون حاصل ڪيائون. اُنهن مان ڪيترا پنگتي
اڳواڻ ۽ سڌارڪ هئا، جهڙوڪ ساڌو نولراءِ شوقيرام،
سندس ننڍو ڀاءُ ساڌو هيرانند، ديوان ديارام ۽
ديوان ڪوڙو مل، جي سڀ بنگال واريءَ راجا رام موهن
راءِ جي برپا ڪيل قومي ۽ سماجي جاڳرتا کان متاثر
ٿيا هئا ۽ 19 صديءَ جي آخر ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون
بنيادي پنگتي ۽ تعليمي سنسٿائون برپا ڪيائون.
ڪراچيءَ ۾، هندن، مسلمانن ۽ پارمڻين جي هڪ گڏيل
سياسي پنگتي جماعت ”سنڌ ڀاءُ“ هوندي هئي، جنهن جي
سهاري هيٺ انگريزي اخبار ”سنڌ ٽائيمس“ نڪرندي هئي.
1884 ڌاري ساڌو هيرانند ڪلڪتي مان بي. اي پاس ڪري
آيو ته کيس ان انگريزي اخبارن جو ايڊيٽر چونڊيو
ويو، ۽ پڻ پهرين سنڌي اخبار ”سنڌ سڌار“ جو مهتم
مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ خبرن چارن کانسواءِ تعليمي
ادبي مضمون پڻ پوندا هئا. 1885 ۾ ڪراچيءَ جي پادري
بمبرج سنڌ ۾ پهرين ادبي جماعت (Literary
Society) شروع
ڪئي هئي جا هفتيوارDenso
Hall ۾
گڏ ٿيندي هئي، ۽ جنهن ۾ يورپي توڙي ڏيهي ميمبر
مشهور ڪتابن مان ٽڪرا پڙهي ٻڌائيندا هئا، ۽ دماغي
۽ اخلاقي وشين تي ويا کاڻ ۽ بحث مباحثا به ڪندا
هئا. انهن ادبي ميڙن ۾ مکيه ڀاڳ وٺندڙ سنڌي عالم
هوندا هئا: ديارام گدومل، ڪوڙمل چندنمل ۽ هيرانند
شوقيرام. ساڌو صاحب پوءِ حيدرآباد آيو ۽ ساڌو
نولراءِ جي مدد سان 1888 ۾ ”يونين اڪيڊمي“ نالي
پهريون خانگي اسڪول کوليائين جو پوءِ ”نولراءِ
هيرانند اڪيڊمي“ نالي مشهور ٿي ويو، جنهن ۾ دماغي
تعليم سان گڏوگڏ جسماني ۽ اخلاقي تعليم ڏيڻ جو
آدرش رکيل هوندو هو. اهو اسڪول سنڌ ۾ مرداني تعليم
جي تاريخ ۾ اهم حد- نشان رهندو.
اوائلي ترجمو ڪيل ناول
پهريان پستڪ جن سان سنڌي ساهت ۾ ناول نويسيءَ جو
پايو پيو سي مٿين انگريزي تعليم يافتن مان ڪن،
انگريزيءَ مان ترجمو ڪيا هئا. اُنهن مان پهريون هو
مشهور ڊاڪٽر جانسن جي انگريزي ناول ”راسيلاس“ جو
ساڳئي نالي سان ترجمو (1870)، جو ساڌو نولراءِ ۽
منشي اُڌرارام ٿانورداس گڏجي نهايت سهڻي سنڌيءَ م
آندو هو. انگريزي ادب ۾ پڻ اهو 18 صديءَ ۾ نڪتل
ناول بنيادي ناولن مان هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر جانسن
صاحب حبش جي هڪ قديم حڪمت دان (secientist) جي
ايجاد وسيلي هوا ۾ اڏامڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي، ۽ ان
ڪري نهايت پسند پيو هو. چالو هوائي جهازن جي جڳ ۾
هن پراڻي ناول جي دلچسپي وڌڻ کپي. هن سنڌي ناول
مان دنيا تياڳڻ جي برخلاف هيٺيون ٽڪرو ڏجي ٿو،
جنهن مان ترجمانن جي سولي فارسي آميز ۽ رواني واري
سنڌي پڻ ظاهر آهي ۽ ترجمي جي پابنديءَ جو پتو ئي
نٿو پوي:- ”شهزادي چيو ته جهڙي ءَ ايڪانت ۾ تون
رهين ٿو تنهن ۾ جيڪڏهن ڪو رهندو ته بلاشڪ بڇڙائيءَ
کان پاڻ کي پري رکندو. ساڌوءَ چيو تحقيق مان 15
ورهين تائين ايڪانت ۾ رهيو آهيان، پر منهنجي اها
سڌ نه آهي ته مون کي ڏسي ٻيا ماڻهو ايڪانت ۾ رهن.
جيڪو چڱي پر گذاري ٿو تنهن لاءِ هن سنسار ۾ سڀ
ڪنهن قسم جو رستو چڱو آهي. پنهنجي طاقت ۽زور، روز
بروز گهٽ ٿيندا ڏسي ٺهراۇ ڪيم،
ته جڏهين دنيا ڦندن ۽ ڦاهين ۽ بي اتفاقين ۽
ناسازين ۽ ڏکن سورن سان ڀري پيئي آهي، تڏهين باقي
حياتيءَ جا ڏينهڙا صبر ۽ سانت ۾ گذارجن..... پر
هاڻي سواد ته ڪونه ٿو اچيم پر مورڳوئي ورچي پيو
آهيان، ٿورن ڏينهن کان منهنجو من بيقرار ۽ پريشان
آهي.... جنهن دنيا ۾ آءُ چڱا ڪم ڪري سگهان ها سا
دنيا ڇڏڻ کانسواءِ بديءَ کان پاڻ کي بچائي نه
سگهيس، جڏهن اهو خيال اچو پويم تڏهن لڄ ۾ ٻڏيو
وڃان..... منهنجي دل کي قرار اچي نٿو سگهي ۽ آءُ
آهون دانهون پيو ڪريان ته ٽوٽو هيترو سارو پيو اٿم
۽ فائدو ڪيترو ٿورو ٿيو اٿم. ايڪانت ۾ جيڪڏهن بڇڙن
جي سنگت کان بچيل آهيان ته ڀلن جي صلاح مصلحت ۽
گفتگو کان پڻ دور آهيان..... ايڪانت ۾ جو ماڻهو
رهندو سو جائي ڏکي ٿيندو ۽ ڪڏهن به عبادت وارو ڪين
ٿيندو.“
1891 ۾ ساڌو هيرانند، سر والٽر سڪاٽ جو عيسائي
جهاد وارو ”مشهور تاريخي ناولTalisman،
”طلسم“ نالي سان ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ”سرسوتي“
مخزن ۾ قسطون ڪري ڪڍندو هو، پر سندس اوچتي ديهانت
ڪري اهو اڻ پورو رهجي ويو. آخر 1927 ۾ ڪاڪي پيرومل
انهيءَ ناول جو ترجمو مڪمل ڪري ڇپايو، ۽ ساڌو صاحب
جهڙيءَ اعليَ هستيءَ جو يادگار سنڌي ساهت ۾ قائم
ڪيو. جيئن آکاڻين واري فصل ۾ ”ذڪر ڪيل ساڌو
هيرانند جو ”هيري جون ڪڻيون“ سوڌي 1926 ۾ ڇپايو
هئائين. ”طلسم“ ۾ آيل هيٺئين ٽڪر مان هن صاحب جي
نجي محاوريدار سنڌي عبارت جو اندازولڳائي سگهجي
ٿو:
”راڻيءَ کي جنهن مهل خبر پئي ته بادشاهه (شيردل
رچرڊ) اچي ٿو، تنهن مهل هوءَ اُچا سٺا ويس وڳا ڪري
ٺهي ويئي. بادشاهه سندس تنبوءَ ۾ آيو ته هيءَ منهن
منهن تي چاڙهي ويٺي.
|