اپريل 1946 واري نمبر ۾ ذڪر لائق ليک هئا: آغا تاج
محمد جو ”اسانجي سنڌڙي“، عبدالڪريم چشتي جو ”اتحاد
جا طريقا“، ۽ نبي بخش خان بلوچ جو جو ”گمنام
دهقاني شاعر“ جي پهرين قسط، جنهن جو سلسلو ايندڙ
پرچن ۾ هلندو آيو ۽ اُنجي وسيلي پروفيسر صاحب
ڪيترا ڳوٺاڻا سگهڙ شاعر ڳولي پڌرا ڪيا ۽ کين
گمنانيءَ کان بچايو. ساڳئي نمبر ۾ اداري پاران
”تعليم،”سنڌ جا نظارا (کيرٿر)“، ”سنڌي ڪافي“ ۽
”قلمي نسخن جي ڳولا“ پزرا ادبي کوجنا وارا
ايڊيٽوريل پڻ شامل ٿيا هئا، --جن ۾ رٿيل پروگرام،
هندن جي ڀاڄ کانپوءِ جاري ڪيل ساڳئي نالي واري
”مهراڻ“ مخزن اڃا تائين چالو رکندي اچي.
مئي- جون- جولاءِ 1946 واري پرچي ۾، ”مهراڻ“ جي
اداري پاران هڪ کوجنا ڀريو مضمون ”سنڌي جي هڪ
پراڻي تاريخ جا ڪي ورق“ پيو هو، جو صوفي قلندر بخش
جي سومرن جي تاريخ تان ورتل هو ۽ نهايت سپڪ سنڌيءَ
۾ لکيل هو. ساڳئي نمبر ۾ شاهه صاحب تي به عالماڻا
مضمون: ديوان سوڀراج نرملداس جو ”شاهه طالب“ ۽
مولوي دين محمد وفائيءَ جو ”شاهه: فطرتي شاعر“ پڻ
ڇپيا هئا. جناب عثمان علي انصاريءَ جي ”سنڌي نثر“
تي ڪيل تقرير جو اختصار به ڏنل هو، جا هن صاحب
مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي ڪوٺايل هڪ ادبي ميڙ ۾ ڪئي
هئي. سنڌي نثر جو قحط ڏيکاريندي، انصاري صاحب
اُنکي ٽن دؤرن ۾ ورهايو هو: متاولين، متوسطين ۽
متاخرين- جن دقيق ڌاري اکرن جي معنيَ سولي سنڌيءَ
۾ اوائلي، وچولو ۽ آخرين ڏسڻ ۾ ٿي اچي. باقي نثر
جي چئن نمونن: ادبي نثر، اخباري نثر، خطوطي نثر ۽
تقريري نثر جا جيڪي مثال ڏنل هئا سي نهايت ڪاگر
هئا. سئر سفر جا ٻه دلچسپ مضمون به پيا هئا:
پروفيسر نبي بخش بلوچ ”بلوچستان جا نظرا- لس ٻيلي
جو سفر“ ۽ ڄيٺي خوبچند جڳتياڻي جو آمريڪا ۾
نيويارڪ جي زندگي بابت ”پُٽ جو پيءَ ڏانهن خط.“
آگسٽ – سيپٽمبر- آڪٽوبر 1946 واري شماري ”منشي
اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي“ سري سان ايڊيٽري نوٽ
پيو هو، جنهن ۾ سنڌي نثر جي ان جهوني عالم جي
مختصر واقفيت ڪرايل هئي، ساڳئي پرچي ۾ ڪاڪي ڀيرومل
مهر چند جا ٻه مضمون پيا هئا: ”دال مصالحه چٽڻي
سان“ ۽ ”شير اندازي جي تاريخ“ جن مان هن صاحب جي
زبانداني ۽ اشتقامي علم جي پروڙ ٿي پيئي. هن نمبر
۾ آوتراءِ منچنديا جي تخلص هيٺ، لعلچند امر ڏينمل
جو مضمون ”سنڌي جو پهريون خود ساخته صدر منصف“
ڇپيو هو، جنهن ۾ حيدرآباد جي هڪ هاڪاري ديوقد
ديوان جا ڪارناما، تازيءَ تاريخ تي ٻڌل بيان ڪيل
هئا، ته ڪئن هن هڪ نقلي عملدارن جي ٽوليءَ جو
مهندار بنجي انگريز سرڪار کي ٽوٽا چٻايا، پر آخر
تروٽ صاحب جي سرجوشيءَ سان پڪڙجي پيو. پروفيسر
چيتن ماڙيوالا جي قلم مان ”سنڌي ٻوليءَ جي عربي
آئيويٽا تي مضمون هن پرچي ۾ پيل هو، جنهن ۾
ڏيکاريل هو ته هاڻوڪي عربي- سنڌي آئيويٽا ٺاهڻ ۾
سر بارٽل فريئر، مسٽر بي ايڇ ايس ۽ مسٽر ننديرام
ميراڻي ڪهڙو بهرو ورتو هو. خوبچند جڳتياڻيءَ جو
”نثر“ تي مضمون پڻ ڇپيو هو، جنهن ۾ مختصر طور مکيه
سنڌي نثر نويسن مان چڱا مثال پيش ڪيل هئا. هن نمبر
۾ پروفيسر نبي بخش بلوچ جي سفرنامي ”هندستان کان
آمريڪا تائين سفر“ جي پهرين قسط شروع ٿي. ان پرچن
۾ سلسلو ختم ٿيو. منجهس ڪراچيءَ کان بمبئي،
ڪولمبو، منيلا، سينگاپور، هانگ ڪانگ کان سئن
فرئنسڪو تائين، سڄي دؤر مشرق جي سفر جا دلچسپ
آزمودا ۽ نظارا بيان ڪيل هئا.
آڪٽوبر- نومبر 1946 واري نمبر ۾، ٻن اعليٰ اديبن
جون ورسيون ملهائڻ جي موقعي تي ڪيل تقريرون شايع
ٿيون هيون جي ڪافي معياري هيون: شاهه ڀٽائي جي
ورسي تي جيٺمل پرسرام جي تقرير ”شاهه عبداللطيف:
سنڌ جو رهبر”. عبدالڪريم چشتيءَ جي ”شاهه ڀٽائيءَ
جو شاهانه ڪلام“ عبدالله چنا جي ”شاهه ۾ رسالي جي
حقيقت جا راز“ مرزا قليچ بيگ جي ورسيءَ تي خوبچند
جڳتياڻي جي تقرير ”مرزا قليچ بيگ: سلاست جو
سائين“، محمد يعقوب جي ”مرزا قليچ بيگ: نثر نويس“.
ڊسمبر 1946 ۽ جنوري- فيبروري 1947 واري گڏيل پرچي
۾ ڀيرومل مهر چند جا ٻه مضمون پيا هئا: ”سنڌي جي
دکدائڪ حالت“ جنهن ۾ ٻولي کي سڌارڻ لاءِ عملي رٿون
ڏنل هيون، ۽ ”غلطيون دور ڪريو“ جنهن ۾ غلط العام
محاورا ڪيئن صحيح ٿا ٿين تنهنجا ڪارائتا اصول
مثالن سميت ڏنل هئا. سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت“ سڌارڻ
لاءِ استاد ڀيرومل ٻوليءَجي لغت، صورتخطي، گرامر،
ڌانووديا وغيره بابت وچور وار رٿون ڏسيون هيون، جن
مان صورتخطيءَ سڌارڻ لاءِ لفظن کي مقرر صورتن ۾
لکڻ لاءِ زوردار صلاح ڏني هئائين:- ”سنڌي ساهت کي
معياري صورت ڏيڻ لاءِ اول ته صورتخطيءَ کي صحيح
بيهڪ ڏيڻ ضروري آهي، جو هن وقت تائين سنڌي جو ڪو
ڌڻي ڌوڻي جاڳيوئي ڪونهي. ساڳيائي لفظ هڪڙا هڪڙيءَ
طرح ته ٻيا ٻي طرح پيا لکن. مثلاً. مثلا ايت- ائٽ،
هنئر- هينئر، جڏهن تڏهن- جڏهن تڏهين، ڏنو- ڏيئو،
سئارو- سيارو- سيئارو، ڪئو- ڪوئو، ڪهر- ڪرهر،
زالون ويئون- زالون ويون، هو آيا هئا- هو آيا هوا،
وغيره“. پوءِ پيرومل صاحب سنڌي درسي ڪتابن مان
مثال ڏيئي، دليلن سان سمجهايو هو ته سبق ”پندرهون“
بدران ”پندرهن“ ٿيڻ کپي، ”اوڻيهون“ بدران
”اوڻويهون“ ”ٻيو“ بدران ”ٻيون“، ڇو ته ٻيو معنيٰ
نزالو يا ٻيو ڪو ۽ ٻيون معنيٰ عدد ٻيون، ”خذمت“
بدران ”خدمت“، جيئن خادم ۽ مخدوم ٿو چئجي، ”انڃان“
يا ”اڃان“ بدران ”اڃا“، ”چنڱون“ يا ”چڱون“ بدران
”چڱو“، ”ڪڃان“ بدران ”ڪنيان“، ”مڱڻو“، ”سنڱ“، ”مڱ“
وغيره ۾ ن نه وجهجي، ڇو ته ڃ ۽ ڱ ۾ نڪ جو اچار پيو
آهي. ”هي ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته سنڌي جي هاڻوڪي
دکدائڪ حالت مٿان وٺي سڌارڻي آهي، جو اهڙي اوندهه،
ٻيءَ ڪنهن به ٻولي ۾ ڪانهي.“ ڌاتو وديا تي ڪو
اختياريءَ وارو ڪتاب ڪڍڻ لاءِ استاد لکيو هو: ”خود
سنڌيءَ جي پروفيسرن کي جيڪڏهن اها سڌ ڪانه هوندي،
ته ڪئين سنڌي ٻوليءَ سنسڪرت ۽ پراڪرت واريون
پيچيدگيون صورتون وڃائي، هاڻوڪي سادي صورت ورتي
آهي، ۽ ڪيترا عربي لفط، جي ڪن صدين کان سنڌيءَ ۾
چالو ٿي ويا آهن، تن ڪهڙن قاعدن پنهنجي اصلوڪي
عربي صورت مٽائي، هاڻوڪي سنڌي صورت ورتي آهي،
(مثلاً ’نفحض‘ جو اُچار ڦري ’تپاس‘، ۽’نعويذ‘ جو
اُچاري ڦري ”نائٿ‘ ٿيو آهي)، پوءِ ڪئن شاگردن کي
سنڌيءَ جو پورو اڀياس ڪرائي سگهندا؟“
لعلچند امر ڏنيمل جو ”ساهت ۽ ادب ڇا آهي؟“ ۽
سوڀراج نرملداس جو ”سنڌي سنت“ نالي عالماڻا ادبي
ليک پڻ مٿئين پرچي ۾ پيا هئا. بيگم عبدالله چنا جو
”انصاف ۽ احسان“، ۽ عطا حسين مسوي جو ”ڪوڙ“ پڻ سٺا
اخلاقي مضمون هئا. 1947 واري اشاعت ۾ هڪ نئين
”شاهه جو رسالو“ جي ابتدا ”سر بردو سنڌي“ سان ڪئي
ويئي، پر پتو نٿو پوي ته اهو ڪنهن جو تاليف ڪيل
هو. سيپٽمبر 1947 ۾ پيرومل مير چند جو مضمون ”حل
طلب لاءِ حل“ ڇپيو هو، جنهن ۾ هن زبان دان صاحب
سنڌي شعر مان ڪيترن ڏکين مصرعن ۽ لفظن جو بنيادي
معنائون، سنسڪرت ۽ پراڪرت مان ڪڍي، کولي سمجهايون
هيون. آڪٽوبر- نومبر- ڊسمبر 1947 جي گڏيل پرچي جو
بهترين ادبي مضمون هو عثمان علي انصاري صاحب جو
”سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جو ڇپايل شاهه جو
رسالو“، جنهن ۾ هن شاهه صاحب جي اونهي اڀياسيءَ،
سرمومل راڻي مان، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي شرح سان
دليلن ڀريا اختلاف ظاهر ڪيا هئا، ۽ پنهنجي ڄاڻ
موجب صحيح معنائون ڏنيون هئائين. هن مضمون ۾ ”سر
سومل“ کانپوءِ ”سر مارئي“ بابت انصاري صاحب پنهنجي
مائيدار عبارت ۾ هيٺيون اعتراض اٿاريو هو:-
”هن سر ۾ جنهن ڳالهه مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، سا
آهي هڪ نوٽ، جو ڊاڪٽر صاحب صفحي 312 جي پڇاڙي ۾
ڏنو آهي. نوٽ جا بجنسي لفظ هيٺ ٿا ڏجن: ’امرڪوٽ‘
ملير کان پنجاهه ڪوهه پري آهي. رسالي جي سڀني قلمي
نسخن ۾ ’امرڪوٽ‘ جو لفظ ’الف’ ۽ نه ’عين‘ سان لکيل
آهي، ۽ اهائي صحيح هجي آهي، ڇو ته امرڪوٽ جي شهر
پرمار گهراڻي جي راجپوت امرسنگهه اٽڪل يارهين
صديءَ عيسويءَ ۾ ٻڌايو هو، ۽ عمر سومري سان ڪوبه
واسطو ڪونه اٿس. امرڪوٽ يا عمرڪوٽ ڪنهن به ٻڌايو
هجي، امر سنگهه ۽ يا عمر سومري، انهيءَ بحث ۾ اڳتي
هلي گهربو. في الحال وڏي حيرانيءَ جي ڳالهه هيءَ
آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙو عقلمند انسان، علمي
تفنيش جي دوران ۾ هڪ اهڙو غلط بيان ڇاپي ته رسالي
جي سڀني قلمي نسخن ۾ امرڪوٽ جو لفظ ’الف‘ سان لکيل
آهي ۽ انهي سندس بيان تي سنڌي دانن جي دنيا پورا
16 سال خاموش رهي!..... مون وٽ شاهه جو ڪوبه قلمي
نسخو ڪونه هو. ليڪن هينئر جڏهن جو منهنجي اڳيان
قلمي نسخا موجود آهن جن جي بنا تي ڊاڪٽر صاحب پاڻ
وارو نسخو جوڙي تيار ڪيو ته مان ڏسان ٿو ته هڪ به
نسخو اهڙو نه آهي، جنهن ۾ اهيو لفظ ”الف“ سان لکيل
هجي! بلڪه سڀني ۾ ’عمرڪوٽ‘ ’عين‘ سان لکيل آهي....
منهنجو عرض آهي ته سنڌي دان صاحب انهيءَ مسئلي تي
به پنهنجا خيالات ظاهر ڪرڻ فرمائين ته انهيءَ شهر
جو نالو ’امرڪوٽ‘آهي يا ’عمرڪوٽ’. مان کين يقين ٿو
ڏياريان ته شاهه جي پراڻن قلمي نسخن ۾ عمرڪوٽ لکيل
آهي، پر ممڪن آهي ته انهيءَ کان ڪا وڌيڪ معتبر سند
به ملي سگهي جنهن مان انهيءَ شهر جو نالو امرڪوٽ
ثابت ٿئي.“
ساڳئي نمبر ۾ ٻيا عمدا ليک هئا: روچيرام سڏاڻيءَ
جو ”ساهيته جي سونهن“، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جو
”شاعر عاجز“، رامنداس لکاڻي جو ”سنڌ جا گاهه“ (64
نمونا) ۽ ڪشچند جيٽلي جو تاريخي مضمون ”پڻي ۽
بلوچستان.“
”هندو سنسار“ ۽ ٻين ڪن اخبارن ۽ رسالن ۾، بزرگ
خواهه جوان ليکڪن جا ڪي سدا متفرقا مضمون ڇپيا
هئا، جي هيٺ ڏجن ٿا.
”هن سمي جا سوار“ (3 پنگتي ۽ سڀيتڪ مضمون)- منوهر
داس ڪوڙمل- سستي ساهت مالا- 1941
”آزاديءَ جي اوٽ ۾“ (3 پنگتي ۽ تعليمي مضمون) –
منوهرداس ڪوڙمل- سستي ساهت مالا- 1942
”خاتمو“ (چالو وگيانڪ سڀيتا جا ڪلور)- لعلسنگ
اجواڻي- رتن- 1941
”جيون ڪهاڻي“ (ٽاگور جي جيوت مان جهلڪيون)- رام
پنجواڻي سندر ساهتيه- 1942
”وڌوا وواهه“ ۽ ”سماج جو ڪارو ورق- گنهگار ڪير؟-
ناري يا پرش“- نهچلداس واسواڻي- ڀارت جيون- 1941
(دهليءَ جي عياش ملڪ“ (رفيه بيگم) ۽ “آنسٽين)“-
مهاوگياني- نهچلداس واسواڻي- ڀارت جيون- ....1941
رشيا جي جيلن ۾ قيدين سان ورتاءُ“- اُتم- هندواسي-
1943
”سوويت روس جي مستقبل جامالڪ“- هندو سنسار- 1945
”هندستاني وديارٿي تحرڪ جواتهاس“- ..... -
هندوسنسار - 1945
”وجيه لڪشمي پنڊت“ – قومي ساهت، منڊل- .....1946
”سرحد جو گانڌي“ (عبدال غفار خان )- ..........
-...... – 1944
”جليانوالا جو ڪوس“ – نند گدواڻي - ....... -
.......
”غريبي“ (مارڪسوادي نظريو، انگريزيءَ تان)- گوبند
مالهي- ...... – 1945
”دير سان شادين جو ڏکيو مسئلو“ (ڏيتي ليتي جو
علاج) – هيرانند ڪرمچند- سڌار سڀا- 1946
”ڏکن ڏڌي ڏيوي“ (ڌرم پتنين سان اَڌرم)- جيٺمل
پرسرام سڌارسڀا - ...... 1946
”ساڌو هيرانند شوقيرام“ (سندس روزنامچي ۽ خطن مان
ڪي ورق)......- اڪيڊمي سيريز- 1947
”ڀاڳيا سڪيم“ (ڳوٺ سڌار يوجنا تي مقالو)- ڪشچند
بيوس - ....- 1948
1946 ۾ هاڪاري ”هندو“ اخبار ”هندستان“ نالي سان
هيرانند ڪرمچند جي قابل ايڊيٽريءَ هيٺ ڪراچي مان
نڪرڻ لڳي، جنهن جي 1947 جي 15 آگسٽ واري آزادي
پرچي ۾، پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ پر هندن جي ڀاڄ کان
اڳ، هيٺيان تاريخي ۽ قومي مضمون پيا جن ۾ خوبيون
پڻ موجود هيون:-
پرديسي راڄ اڄ ختم ٿيو“- آچاريه جيوترام ڪرپالاڻي
”ڪڏهن هي ورهايل هندستان وري هڪ ٿيندو؟“- پروفيسر
نارائڻداس ملڪاڻي
”جهوني زماني کان سنڌ جا ڀائيبند واپار ۾ اڳرا“-
ڀيرومل مهر چند ”سنڌ جي پراچين اتهاس ۽ سڀيتا جي
چمڪ“- پروفيسر چيتن ماڙيوالا
”سنڌ ڪيئن انگريزن جي هٿ ۾ آئي“- هيرانند ڪرمچند
”انگريز آيا، انگريز ويا“ (بلئڪ هول جي جوٺي
ڳالهه)-
هيرانند ڪرمچند
مٿي بيان ڪيل مخزنن جي خزاني مان ڪي ٿورا مضمون
تاليف ڪري ڪن صاحبن 5- 8 انتخاب ڇپايا هئا، جن جو
ذڪر ٻئي فقري ۾ ڪبو. پر اڃا گهڻا معياري مضمون
انهن مخزنن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. تنهن ڪري،
جيتوڻيڪ هيءَ باب گهڻو طويل ٿي ويو آهي، تنهن
هوندي به مٿيان وچور وار تفصيل انگن اکرن سميت
انهيءَ مراد سان ڏنا ويا آهن ته من ڪي ٻيا سنڌيءَ
جي چاهه وارا به انهيءَ اُٿاهه گنج مان وڌيڪ هيرا
جواهر پرکي، نرالين ترتيبن سان سوڌي، 8-10 ٻيا به
مضمونن جا مجموعا شايع ڪن، جيئن اهي ڇڙوڇڙ ٿيل
گوهر گڏ ڪري هارن ۾ پوئي بچايا وڃن ۽ سنڌي ادب جو
ذخيرو وڌائين.
داخلي يا شخصي مضمونن جا انتخاب
سنڌي ساهت ۾، نثر توڙي نظم جو پهريون تاليف ڪيل
انتخاب هو ”گلدستو“، جو چالو زماني جي بزرگ سنڌي
عالمن ديوان ڏيارام وسڻمل ۽ ديوان ليلارام
پريمچند، ”سر سوتي“، ”جوت“، ”اخبار تعليم“ ۽
”پرڀات” جي جهونن پرچن مان، ۽ ڪن مصنفن جو ڪيل
ڪتابن مان چونڊ ڪري 1907 ۾ ڇپايو هو. ٽڙيل پکڙيل
مضمونن کي هڪڙيئي هنڌ ڪتابي صورت ۾ آڻي، اڻاٺ ۾
پيل سنڌي نثر وڌائڻ جي اها اوائلي ڪوشش هئي. مخزنن
مان چونڊيل ليکن جو ذڪر مٿي ڪيل آهي، باقي ڪتابن
مان چونڊيل مضمون ”گلدستو“ ۾ هيٺيان هئا:- ”نئڙت“
۽ ”ماڻهن جا ٽي قسم (”گل“ مان)- ڪيولرام سلامتراءِ
”“رچرڊ پهريون“ (”انگلينڊ جي تواريخ“ مان)- بولچند
ڪوڌمل ”ڌيرج“، ”شاعر ڇا کي چئجي“ ۽ ”شاهه
عبداللطيف“ (”شاهه ڀٽائي جو احوال“ مان)- مرزا
قليچ بيگ
”محنت“ ۽ ”جيمس واٽ“ (”خود يا وري“ مان)- ......
”سفر يا سير ڪرڻ“ (”مقالات الحڪمت“ مان)- .....
”هيڪلائي ۾ رهڻ جو سک“ ۽ ”ماتر جو بيان“
(”راسيلاس“ مان)- ساڌو نولراءِ ۽ اُڌارام
”علم سکڻ جي ضرورت“ (پڪو پهه“ مان)- ڪوڙومل
چندنمل”نرويرتا جو ڦل“ (”قول مالا“ مان) - ......
”سچي جيوت“ (”ساميءَ جي سلوڪن جو تات پرج“ مان) –
ديارام گدومل
”يوگ مان فائدا“ (”ڀاڳوت گيتا“ مان) - .........
”انگريزي راڄ جي وڏي نعمت ڪهڙي؟“ (”هندستان جو ديس
واسي“ مان)- تاراچند شوقيرام
گورستان مان گذر“- - عبدالحجي.
ڏيارام وسڻمل صاحب، جمناداس سڏاڻيءَ سان شراڪت ۾،
هڪ ٻيو ليکن جو سنگرهه پڻ ”چونڊ سنڌي نثر“ نالي
1935 ۾ ڪڍيو هو، جنهن ۾ جهونن لکندڙن جا وسري وڃڻ
کان بچائڻ لائق مضمون، جي مٿين تذڪرن ۾ نه اچي
سگهيا آهن، سي هئا:
”دنيا جي هئڻ يا نه هئڻ مان دک“ (”گل“ مان)-
ڪيولرام سلامتراءِ
”مهاراڻي وڪٽوريا صاحب جو اشتهار“ – ترجمان
نامعلوم
”سلطانه رضيه بيگم“ (”تحفه النسوان مان“)- مرزا
قليچ بيگ
”جانورن ۾ خدا جي ڏاهپ ظاهر آهي“ (”فرائض انسان“
مان)- ..........
”پرائي پچر“ (”سداچار“ مان)- - ليلارام پريمچند
”سنڌي ساهت جي اڄوڪي حالت“ (”سرها گل“ جي تمهيد
مان)- عمر الدين دائود پوٽو
”سچل سرمست“ (ساڳئي نالي واري ڪتاب مان)- جيٺمل
پرسرام
”پريم“ ”پريم جو مهاتم“ مان)- - پيرومل مهر
چند
”چرخو چوري ڪت ڪا تار“ - - پرمانند ميوارام
”ڳوٺن وارو پنچا.ئتي سرشتو“ (”ڦلن مٺ“ مان)-
لالچند امر ڏنومل
”آسمان جو نظارو“ (جان رسڪن جي ڪتاب تان) - ....
”سنڌ ۽ مصر جي ڀيٽ“ (”انتخاب تاريخ طاهري“ مان)-
محمد صديق ميمڻ
”ٽالپرن ميرن جي هلت چلت ۽ پوشاڪ“ (”ميرن جو پوين
ڏينهن جو احوال“ مان)- آوتراءِ صاحبراءِ نئين سٽ
ميرن جي ڏينهن ۾ سنڌ حالت“ - - ڏيارام وسڻمل
”1887 جي جبليءَ واري هڪ مزيدار ڳالهه“ -
.........
”هيڻا هر ڪنهن وهيڻا“ (”ڳوٺاڻي چهر“ مان) –
نارائڻداس ملڪاڻي
”پکي“ (مرڪي صاحب جي ڪتاب تان)- جمناداس سڏاڻي
”واندڪائي جو وقت“-
”ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ”سنڌي ساهت جي اڄوڪي حالت“
مان هيٺيون حوالو، سنڌي ٻولي، تهذيب ۽ ادب جي ڪريل
حالت جو، مائيدار پر بي تعصب زبان ۾ چتر چٿي ٿو:-
”اسان جي قسمت جي ڪوتاهي آهي، جو اهڙن الماسن کان
منهن موڙي، فراق ۽ ڦوڙائي جي ڳالهين ۾ ڦاسي ويا
آهيون، ۽ وصل ۽ ميڙائي جي وائي وسري ويئي اٿئون
ڪنهن زماني اسان جو ديس آريه ۽ اسلامي تهذيبن جو
مرڪز هو، جتي مسلم ۽ هندو، پياري هندستاني وطن جا
ترارا، ريجهه رهاڻ ۾ رهندا هئا، ۽ جڳ کي وحدانيت ۽
ايڪتا جو سبق سيکاريندا هئا. هينئر ته اهڙو ڪو هير
گنبذ جو واءُ لڳو آهي، جو ماڻهو ئي مٽجي ويا
آهن..... اها مڻيادار مرڪڻ جنجي محبت رس ڀري هوندي
هئي، جنجي وات مان پليل سياڻپ جا سندر سخن نڪرندا
هئا، جي چپي چپي تي پهاڪا ۽ چوڻيون ۽ سگهڙن جا قول
مثال طور آڻيندا، جنجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ نڪي
عربيءَ ۽ فارسيءَ جا اڙانگا لفظ هوندا هئا ۽ نڪي
سنسڪرت جا ڳاٽي ٽوڙ ڪلما، ۽ جن جي زبان ۾ عجب قسم
جي رواني ۽ شستگي هوندي هئي، تنجا پويان اڄ اڪثر
رڳو شيڪسپيئر ۽ شيليءَ جا شيدائي ٿي، پنهنجو ورثو
وساري، پراون دهلن تي احمقن وانگر نچي رهيا آهن.
نڪي مغربي شايستگيءَ مان ڪا هڙ حاصل ٿي اٿن، ۽ نڪي
پنهنجن وڏن جي فيض مان ڪو حصو پڙپيو اٿن، ڪانءَ
وانگر مور جي رفتار تي موهت ٿي، پنهنجو چلڻ به
کاري ڇڏيو اٿن. اها سڀ اسان جي بيپرواهيءَ جي شامت
آهي. هينئر به جيڪڏهن ڪوشش ٿئي، ۽ هر هڪ ننڍو وڏو
پڪو پهه ڪري، پنهنجي اباڻي ميراث لاءِ واجهه وجهي،
ته هوند تاريخ ۽ علم ادب جو چڱو سرمايو موجود ٿي
پوي.“
هن مجموعي جي اها خصوصيت جا تاليف ڪيل ڪتابن ۾
پهرين دفعو نمودار ٿي، سا اها ته ڏيارام صاحب
مضمون جي مهڙ ۾ هر هڪ لکندڙ جي شخصيت ۽ سندس
تصنيفن جي بابت مختصر چٽڪا ڏيئي ساڻس واقفيت ڪرائي
هئي. تنهن کانسواءِ ”سنڌي نثر تي نظر“ جي سري سان
هڪ تاريخي مهاڳ به لکيو هئائين، جنهن ۾ پهريون ئي
دفعو سنڌي نثر جي اوسر جو مختصر احوال ڏنل هو.
ڀيرومل مهر چند پڻ هڪ سنڌي نثر جو انتخاب ”گلزار
نثر“نالي
سان 1929 ۾ ڇپايو هو، جنهن جو مهاڳ پروفيسر لعلسنگ
اجواڻيءَ لکيو هو، ۽ ڀيرومل صاحب خود ”مضمون
نويسي“ جي اصولن بابت ڪارگر ليک لکيو هو. هن ڳٽڪي
۾ وڌيڪ مضمون هيٺيان هئا:-
”تندرستي“، ”پرهيزگاري“ ۽ ”خوشي ۽ غم“ (”تهذيب
اخلاق“ مان)- مرزا قليچ بيگ
”راڳ“ (”سنڌ ڪاليج مسلني“ مان) - ........
”انساني سڀاءُ جا قسم“ (”گل“ مان)- ڪيولرام
سلامتراءِ
”ساميءَ جا سلوڪ ڪنهن ٺاهيان؟“ (ساميءَ جا سلوڪ“
جو مختصر مهاڳ)- ڪوڙومل چندنمل
”ٻاهريون ڏيک“ (”ينگ بلڊر“ مخزن مان)- ليلارام
پريمچند ”خانبهادر ميان حسن علي آفندي“
(”مضمون نويسيءَ“ مان) – محمد صديق ميمڻ
”قلبدر شهباز جو ميلو“ (”سنڌ ڪاليج مسلني“ مان)-
”مياڻي جي جنگ“ - - پرمانند (ميورام
”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (”سنڌ ڪاليج مسلني“ مان)-
ڊاڪٽر دئود پوٽو
”مڇئي جو سير“، ”حيدرآباد جو قلعو“ ۽ ”مارئيءَ جو
ملڪ“ (”سنڌ جو سيلاني“ مان)- ڀيرومل مهرچر
”شاهه عبداللطيف“ ۽ ”شاهه جو رسالو“ (”لطيفي سير“
مان)- ....
”همٿ ڀريون زالون“ - - ......
”آزاديءَ ۾ غلاميءَ جو فرق“ – حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي
”منصور“ (”شاهه جو رسالو“ مان) – ڊاڪٽر هوتچند
گربخشاڻي
”چمن هند“ (ڦلن مٺ“ مان- - لالچند امر ڏنومل
”خيام جون خوبيون“ (قليچ بيگ جي ”رباعيت عمر خيام“
جو ديباچو)- ڏيارام گدومل
”قلندر لعل شهباز جو ميلو“ مان محمد صديق ميمڻ
صاحب جي رنگين بياني طرز جو هيءَ حوالو آهي:- ”اڙل
جا دؤر ڪو ڏسي ميلي جي ڏينهن ۾! سچو ڪپ ماڻهن سان
ڇانيو پيو هوندو آهي. ڪٿي ڏس ته شاهه ڀٽائيءَ جو
راڳ پيو هلي، ڪٿي چنگ پيو چلي، ڪٿي سچل جون سڪ
ڀريون ڪافيو پيون ڳائجن، ڪٿي نڙ پيا وڄن، ڪٿي دودو
چنيسر پيو چئجي. ته ڪٿي هير رانجهو پيو ڳائجي....
وري ڏسو ڍنڍ ڏانهن ته سڄي ننڍين ٻيڙين سان ڀري
پيئي هوندي آهي. ڪن تي مهاڻا چڙهيو مڇيون پيا
مارين، ۽ ڪن تي ڀاڳيا پرينءَ ڀر جو کير، ڏڍ ۽ مکڻ
کنيو پيا اچن. ڪي ٻيڙيون ڏسو، ته اڙل جو ڪپ ڏيو
بيٺيون آهن، جن ۾ ڪيترا رونشي ڀائي به ٻه پئسا ڏيو
سير پيا ڪن. مطلب ته هڪ عجيب قسم جو چهچٽو لڳندو
آهي.
”پاڇولا لڙيا ته ملاکڙي جو دهل وڳو. ملاکڙو ته
سڀني گهٽ ۾ گهٽ هڪ گهمرو اوس ڏٺو هوندو، پر هن
ملاکڙي جهڙو سڄيءَ سنڌ ۾ ڪونه ٿو لڳي.... وچينءَ
جي نماز پوري ٿي، ته مينديءَ جي شرنائي ٿي. شروع.
ميلي تي ميندي سڀ ڪنهن ڏينهن شام جو ضرور کڄندي
آهي. هڪڙي وڏي ٿالهه ۾ گڏيل ميندي وجهندا آهن،
جنهن جي مٿان اطلس ۽ زريءَ جا پوش چاڙهيندا آهن.
مٿائنس چوندي پيئي ڍرندي آهي ۽ چؤڌاري طائفن جو
راڳ پيو هلندو آهي. مينديءَ کڻن مهل سرگس جهڙو
نمونو ٿيندو آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو، هندو خواهه
مسلمان، غريب توڻي تونگر، هوندا آهن..... آخر سج
لٿي مهل ميندي وڃي درياهه ۾ رکندا آهن. ٽيئي ڏينهن
ساڳيو رنگ لڳندو آهي. قلندر شهباز پنهنجي حياتيءَ
۾ شادي ڪانه ڪئي، مگر هن طرح هو ٻارهين ٻارهين
مهيني گهوٽ ٿيندو آهي.“
|