سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:18 

ڀيرومل مهر چند پڻ ٽي ننڍا مذاقي پنگتي ناٽڪ لکيا: ”برازين جو ناٽڪ“ (1921) جنهن ۾ برازين جي ڪارنامن تي کلائيندڙ نڪتچيني ڪيل هئي ۽ گهڻن ئي منڊلين ڪري ڏيکاريو هو، ”مڙس جي مڙسي“ جو ڪراچي ڪاليج جي 1925 واري جلسي تي مون پيش ڪيو هو ۽ منجهس هيري سپاهيملاڻي ۽ جڳو آڏواڻيءَ زنانا پارٽ ڪيا، ۽ ”پنگتي مقدمو“ (1927) جو ڏيتي ليتي تي لکيل هو ۽ شاهاڻي اسڪول ڪراچيءَ جي سالياني جلسي تي پيش ڪيو هوم، جنهن ۾ چتر آتمسنگ، رامن ماءُ مائٽين واريءَ جو پارٽ مزيدار نموني ۾ ڪيو هو. مٿيان شروعاتي ننڍا ناٽڪ اڪثر اصلوڪا لکيل هئا، جا فخر جي ڳالهه آهي. پر منجهن ننڍي ناٽڪ جون مکيه وصفون: واقعن، ڪردارن، نظارن ۽ زبانين جو صرفو، ڪونه ٿيون ڏسڻ ۾ اچن. منجهن وڏن ناٽڪن وانگر، واقعا اَجايا گهڻا وڌا ويندا هئا، پاتر به ضرورت کان گهڻا آندل هوندا هئا، جي لنبيون تقريرون پيا ڪندا هئا، ۽ پردا به هر هر لاهڻا چاڙهڻا پوندا هئا.

ترجمو ڪيل ۽ اصلوڪا ناٽڪ- مخزنن ۾

هن دؤر جو پهريون لکندڙ ”حيدرآباد اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي“ جو مکيه ناٽڪ نويس نانڪرام ڌرمداس هو، جنهن 1922 ۾ شيڪسپيئر جي Taming of the Sherw تان ورتل ”چٽ نه چماٽ، وچائين ٻي واٽ“ لکيو ۽ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ ڇپايو هو. ڏنگي زال کي سئين ڪرڻ جي موضوع تي هيءَ ننڍو ناٽڪ نهايت وندرائيندڙ هو، ۽ 1933 ۾ ڪراچي ڪاليج جي سالياني جلسي تي ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو ويو هو، جنهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻيءَ زنانو پارٽ ڪيو هو جڏهن اڃا ڪاليجي شاگرد هو. هيءُ ناٽڪ ڪجهه پوءِ حيدرآباد ڪاليج ناٽڪ منڊلي وارن به ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو هو، جنهن ۾ جيٺي لعلواڻيءَ، رامي کلناڻيءَ ۽ روپي مهتاڻي چڱو نالو ڪڍيو هو. نانڪرام صاحب ٻيا به ناٽڪ ڌرمي ڪٿائن تي ٻڌا: ”ڪرشن سڌامو“ جو پنڊت راڌي شيام تان ورتل هو، ۽ ”دروپدي“ جنهن ۾ بيشمار ڪردار ۽ چهچٽا وڌل هئا ۽ تنهن ڪري اسٽيج تي آڻڻ مشڪل هو، جي ٻئي ”انڊلٺ“ (1939) ڪتاب ۾ ڇپيا هئا. خانچند درياڻي، جو حقيقت نگاريءَ جي اصولن واري ناٽڪ نويسيءَ جو باني هو، تنهن هڪڙوئي ننڍو ناٽڪ ”سچي سڪ“، راجپوت جيوت ۾ محبت ۽ قرباني جي وشيه تي لکيو هو، جو ”اسٽوڊنٽ هيرلڊ“ اخبار (1925) ۾ ڇپيو هو ۽ سنڌ ڪاليج جي هڪ سالياني جلسي تي مون شاگردن کان ڪرائي ڏيکاريو هو.

تنهن کانپوءِ جيٺلمل پرسرام پنهنجي ”نئين سنڌي لئبرري“ ۾ ”رڇ“ (1926) ۾ ڇپايو هو جو مشهور روسي ناٽڪ ڪار Chekov تان پاڻ ترجمو ڪيو هئائين، ۽ جو هڪ جوان روسڻ وڌوا بابت نهايت مزيدار نقل هو ۽عجب آهي ته ڇو هيلتائين اسٽيج تي نه آيو آهي. منجهس هڪڙيئي چهچٽي ۾، ٿورن ڪردارن کان ڪم ورتل آهي، جنهن ڪري هيءُ صحيح معنيٰ ۾ يڪ- فصل ناٽڪ آهي. ساڳئيءَ لئبرريءَ ۾ چترو بليجا جو ”رستم زليخا“ (1926) ڇپيو هو، جنهن ۾ ان ايراني محبتي داستان کي ناٽڪي جامو پهرايل هو، پر منجهس ڪردارن ۽ چهچٽن جو صرفو ڪيل ڪونه هو. آچاريه آسودومل گدواڻي جو ”رٿ ياترا“ ٽاگور جي “Car of Time” جو ترجمو هو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته نئين جڳ ۾ مهاڪال جو رٿ شاسترن ۽ شسترن جي ٻل سان ڪونه ٿو هلي، پر عام پرجا جي طاقت سان، سو به هن لئبرريءَ ۾ ساڳئي سال ڇپيو هو. 1930 ۾ مشهور ڪهاڻي نويس امر لعل هنڱوراڻيءَ ”ڦلواڙي“ مخزن ڪڍي هئي جنهن ۾ ٻئي مشهور ڪهاڻي نويس آسانند مامتورا، ٽاگور جو ٻيو ننڍو ناٽڪ ”اما ۽ ونايڪ“ ترجمو ڪري ڇپايو هو، جو هندو- مسلم ايڪتا بابت لکيل هو ۽ منجهس ڏيکاريل هو ته بردبار هندو ڇوڪري هڪ بهادر مسلمان نوجوان سان، تنگ خيال مائٽن جي مرضيءَ خلاف، شادي ڪري ٿي ڇڏي. ”ڦلواڙي“ جي ساڳئي پرچي ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جو پهريون اصلوڪو ننڍو ناٽڪ ”پاپ جو ڪيتو“ پيو هو، جو بنان شاديءَ محبت ڪرڻ جي اُگرن نتيجن تي هڪ دکدائڪ ناٽڪ هو. ”ڦلواڙي“ جي ٻئين پرڇي ۾ محمد حنيف صديقيءَ جو تواريخي ناٽڪ ”سئبريڪا جو پيش پوڻ“ پيو هو، جو سڪندر اعظم جي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿيڻ بابت چڱو ناٽڪ هو. ”سنڌ ڪاليج مسلني“ 1933 واري پرچي ۾ ”منهنجي نُورني“ ڇپيو هو جو ديارام سهاڻيءَ، مشهور شاعر ۽ ناٽڪ ڪار هريندرناٿ چٽو پاڌيا جي انگريزي Evening Lamp تان ترجمو ڪيو هو ۽ هڪ شاعراڻو تمثيلي ناٽڪ هو، پر ناٽڪي خوبي منجهس گهٽ هئي. روپچند ڪرپالاڻيءَ هڪ طنز ڀريو ناٽڪ ”تيليءَ مان ٿنڀ“ انگريزي مخزن Treasure Chest مان ترجمو ڪيو هو، جو سنڌ ڪاليج مسلني (1925) ۾ ڇپيو هو ۽ ڪاليج ۾ ڪري به ڏيکاريو ويو هو. منجهس کلائيندڙ نوع ۾ ظاهر ڪيل هو ته ٻهراڙيءَ ۾ کوهه تان پاڻي ڀريندي، زالون ڪئن ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري گلا خوري ڪنديون آهن.

هڪ سماجڪ طنزي ناٽڪ هو اي- ايس- ميرچنڊاڻيءَ جو ”راڻين جو راڄ“ جو ”سندر ساهتيه“ رسالي (1936) ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ نهايت مذاقي طرح پيشنگوئي ڪيل هئي ته ڪو وقت ايندو جو پنگت ۾ مرد- زال جو رشتو اُلٽ پلٽ ٿي ويندو، يعني زال ذات جو راڄ قائم ٿيندو ۽ مرد زالن ۽ گهر ٻار جي چاڪري ڪندا. هيءُ ناٽڪ شريمتي گڏي چندرڀان (هُن لکندڙ جي ڀيڻ) ڪراچيءَ ۾ هڪ زناني ڪانفرنس تي ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو هو. اُميد آهي ته اهو ناٽڪ اصلوڪو لکيل هو ۽ بيشڪ داد لائق هو، ۽ وري ڇپائي ڪري ڏيکارڻ جهڙو آهي. ٻيو بهترين ننڍو ناٽڪ هو- ايل ايل- ڏوڏيجا جو ”وڪيل“، جو ”رتن“ رسالي ۾ ڇپيو هو. هن مذاقي ناٽڪ ۾ وڪالت جي ڌنڌي ۾ چالاڪين تي طنز ڪيل هئي، ۽ جنهن صورت ۾ اصلوڪو لکيل ٿو لڳي، تنهن صورت ۾ سنڌي ناٽڪي ساهت جو هڪ رتن آهي. ”سنڌو“ مخزن (1938) ۾پروفيسر خوشيرام واسواڻيءَ جا ٻه ناٽڪ: ”ڏوهي ڪير؟“ ڏيتي ليتيءَ جي وشيه تي لکيل، ۽ ”عجب آهي هي ڪاليج ايڊيوڪيشن“ ڪاليجي تعليم جي مسئلي تي، پيا هئا جي ٻئي چڱيڙا اصلوڪا ناٽڪ هئا. ساڳيءَ مخزن ۾ ساڳي لکندڙ جو ٽن چهچٽن وارو وڏيڙو ناٽڪ ”استري آزادي“ 1944 ۾ ڇپيو هو، جو اُن اهم وشيه تي چڱو پنگتي کيل هو، پر پڇاڙيءَ ۾ سنسنيءَ ڀريل بنجي پيو. سنڌ ڪاليج مسلني (1939) ۾ ڪماري ساوتري جهانگياڻيءَ جو ”شهنشاهه جهانگير ۽ ملڪه نورجهان جي اوائلي حياتي ۾ هڪ افسانو“ واري لنبي سري سان ننڍو ناٽڪ ڇپيو هو، جنهن ۾ مهر النسا جي ٻن ڪبوترن اڏائڻ وارو روماني واقعو، نهايت دلڪش ناٽڪي بناوت سان پيش ڪيل هو. هيءَ ٽاڪ جي دليان جوڙيل هو ته يڪ- فصل ناٽڪ جو سهڻو نمونو هو. ”ڪهاڻي“ رسالي (1939) ۾ هڪ سياسي طنز ”بک هڙتال“ نالي سان جڳت آڏواڻيءَ، ناڪاره حيدرآباديءَ جي ناٽڪ تان ترجمو ڪئي هئي ۽ اثرائتي هئي.

ننڍن ناٽڪن جا مجموعا ۽ ڪتاب

مٿيان ناٽڪ ڇڙوڇڙ ٿي مخزنن ۽ رسالن ۾ ڇپيا هئا. پوءِ ڪي ننڍا ناٽڪ ڪٺا ڪري انهن جا مجموعا ڇپايا ويا، جن مان پهريون ڳٽڪو هو ”ڪوڙو مل ساهت منڊل“ جو ”چار چهچٽا“ (1933). هن ڪتاب ۾ جيٺانند ناگراڻي جو پهريون مذاقي ناٽڪ ”فسادي ڦوڪڻو“ پيو هو جو ٻارن لاءِ هڪ سٺو کلائيندڙ ناٽڪ هو. ٻيو ناٽڪ هو هڪ نامعلوم لکندڙ جو ”راجا رام موهن راءِ“، جنهن ۾ ان بنگالي جاڳرتا جي اڳواڻ جو جيون چرتر چٽيل هو، پر اجاين گهڻن چهچٽن ۾، جن ۾ مکيه ناٽڪي خاصيت ڇڪتاڻ (Conflict) رکيل ڪانه هئي، فقط پاترن جون گفتگويون هيون. ٻيون مجموعو هو ”رتن ساهت منڊل“ جو ڇپايل ”اتهاس جا پردا“ (1935)، جن مان هڪ چڱو ناٽڪ هو پارومل ڪيولراماڻيءَ جو ”ستيا بنواس“ جو مشهور سنسڪرت ناٽڪ ڪار ڀوَڀوتيءَ تان ورتل هو. ٽيون مجموعو هو ”سندر ساهتيه“ منڊل جو ڪڍيل ”انڊلٺ“ (1939)، جنهن ۾ انڊلٺ جي رنگن جيترا ست ننڍا ناٽڪ وڌل هئا، ۽ منجهس ميلارام واسواڻيءَ جو ننڍي ناٽڪ جي اصولن تي هڪ خاصو  مهاڳ پڻ لکيل هو. هن ڪتاب جا مکيه ناٽڪ هئا: ڪوي ڪشچند بيوس جا ”جگري قرباني“، جو پنا دائيءَ جي جيوت ئي تاريخي ناٽڪ هو، ۽ ٻيو ”پوڙهي جو پرڻو“، جو نالي ۾ ذڪر ٿيل پنگتي خرابيءَ تي چڱو مذاقي ناٽڪ هو. جيٺانند ناگراڻيءَ جو مشهور کلائيندڙکيل ”گامٽو بئريسٽر“ جنهن ۾ ليکڪ پاڻ ڪاميابيءَ سان پارٽ ڪندو هو، سو به هن رسالي ۾ ڇپيل هو. پنڊت سدرشن جو مذاقي ناٽڪ ”آنرري مئجسٽريٽ“ به منجهس وڌل هو پر ترجمان جو نالو ڏنل ڪونه هو. ننڍن ناٽڪن جو آخرين انتخاب هو ”سندر ساهتيه منڊل“ جو ڇپايل ”رنگ برنگي کيل“ (1940)، جنهن ۾ ٻن ڪوين جا ڌرمي ناٽڪ پيل هئا: ڪشنچند بيوس جو ”نل دمينتي“، ۽ سندس شاگرد هوند راج دکايل جو ”ڀڳت نرسو“، جن ٻنهي ۾ شاعري خوبيون وڌيڪ ۽ ناٽڪي وصفون گهٽ هيون. ساڳئي سنگرهه ۾ سدرشن جو تاريخي ناٽڪ ”راجپوت جي شڪست“ به پيل هو پر وري به ترجمو ڪندڙ جو نالو عدم پيدا هو— شڪ نه آهي ته خود ميلارام ترجمو ڪندو هو پر هر هر پنهنجو نالو ڏيڻ نه چاهيندوهو. سدرشن جو ٻيو به تاريخي ناٽڪ ”ڇايا“ نالي ”رتن ساهتيه منڊل“ ڇپايو هو، جنهن ۾ مهاراجا چندر گپت جي هڪ مسڪين ڪماريءَ سان پريم جو ذڪر ڪيل هو، ۽ جو دلدار حسين مولويءَ سٺي هندڪي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو.

1938 ۾ رتن منڊل وارن ڀيرومل مهرچند جو ”آزاديءَ جي ڪوڏي“ ڇپايو، جو ٽاگور جي شاهڪار Post Office تي ٻڌل هو ۽ سنڌي جيوت ۾ الٿو ڪيل هو، جنهن ۾ اصلوڪي ناٽڪ جي مکيه ڪردار ڇوڪري مان ڦيرائي ڇوڪري ڪري ڇڏيائين ته وڌيڪ اثرائتو ٿئي. هن ناٽڪ جو حاصل مطلب آهي ته ڪنهن به انسان کي ڪوٺيءَ ۾ قابو ڪري هن جي صحت—سريرڪ، مانسڪ، توڙي آتمڪ- سڌاري نه سگهبي، پر کلي هوا ۾ آزادي ملڻ سان ئي سندس خوشي وڌائي سگهبي. ٽاگور جي ٻئي ناٽڪ Waterfall جو سنڌيءَ ۾ اختصار ”مڪت ڌارا“ جي نالي سان چوهڙمل هندو جا ڏنو هو. 1942 ۾ ”رتن“ رسالي ۾ ڇپيو هو. اُنجو مرڪزي خيال آهي ته جي ڪو سوار ٿي راجا هڪ پاڻيءَ جي ڌارا کي بند ڏيئي، ملڪ جي آبادي ۽ خوشحالي وڌائڻ بدران، مرڳو رعيت تي وڌيڪ ڏاڍ ٿو ڪري، ته اُهو بند، قدرت جي قهر وچان، مڪت ڌارا جي وهڪري ۾ لڙهي ٿو وڃي. ٽاگو جي ٽئين مشهور ناٽڪ ”چترا“ جو آزاد ترجمو تيرٿ وسنت ساڳئي نالي سان ڪيو هو، جو اصل ”سنڌو“ مخزن ۾ 1940 ۾ ڇپيو هو، ۽ پوءِ ڪوڙيمل منڊل 1944 ۾ لکندڙ جي نالي سان ڇپايو هو، پر اُنجي هنديءَ شبدن سان ڀريل ٻولي جان تان ڏکي هئي. هن مهاڀارت ورتل محبتي ناٽڪ جو مول ويچار آهي ته جتي نؤجوان ارجن چترا اچي ٿا گڏجن، اُتي پريم ۾ۡ سنياس جا ٻنڌن ٽٽيو ٿا پون ۽ پريمي ملي هڪ ٿيو وڃن. مٿي ذڪر ڪيل ناٽڪن مان معلوم ٿيندو ته رابندراناٿ ٽاگور ڪهڙو نه آزاد خيال ۽ ترقي پسند ليکڪ هو، پر افسوس آهي جو سندس پنجن ننڍن ۽ وچولن سنڌيءَ ۾ آندل ناٽڪن مان ڪوبه اسٽيج تي ڪري ڪونه ڏيکاريو ويو آهي، توڻي انگريزيءَ ۾ سندس گهڻيئي ناٽڪ ڪيا ويا آهن. تيرٿ وسنت پنهنجي هڪ اڻ- ڇپيل وڏي ناٽڪ ”ميران“ مان هڪ چهچٽو حيدرآٻاد ڪاليج جي مخزن ”ڦليلي“ (1946) ۾ ڇپايو هو، جنهن ۾ اڪبر بادشاهه جي ميران ٻائيءَ سان ملاقات جو نهايت سهڻو چتر چٽيل هو ۽ شروعات ۾ اڪبر تانسين جي گفتگو چڱي مزيدار هئي. هن چهچٽي ۾ Dr. Cousin’s “The King’s Wife” واري ناٽڪ جا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ پيا اچن، توڻي ائين ڄاڻايل ڪونهي ته ان تان ورتل آهي. ڌرمداس ماڻڪ، جو سرسوت براهمڻ ناٽڪ منڊليءَ جو هڪ زوردار ائڪٽر پڻ هوندو هو، تنهنجو اصلوڪو لکيل ناٽڪ ”ماءُ جو فخر“ ”آشا ساهت منڊل“ جي ڪتاب ”ٻه پردا“ (1941) ۾ ڇپيو هو ۽ چڱو اثرائتو ناٽڪ هو. ان سان شامل ٻيو پردو ديارام سڀاڻيءَ جو ”منهنجي نؤورني“ هو جنهن جو ذڪر اڳي ڪيل آهي ۽ هتي وري ڇپيو هو.

هن دؤر ۾ جيٺانند ناگراڻيءَ جا گامٽو سلسلي وارا ٻيا به گهڻائي اصلوڪا کلائيندڙ ناٽڪ، مثلا ”گامٽو ايڊيٽر“، ”گامٽو ڊاڪٽر“، ”گامٽو “M.L.A، ”گامٽو فلم ڪمپني“، ”گامٽو گهوٽ“ وغيرهه جدا جدا اخبارن ۾ پوندا هئا، جي لکندڙ پاڻ ڪري ڏيکاريندو هو ۽ منجهن، رام پنجواڻيءَ سان جوڙيدار ٿي، مکيه پارٽ پڻ بخوبي ادا ڪندو هو. هنن سڀني ۾ علحدين پنگتي اوڻاين تي مسخريءَ گاڏڙ ٺٺولي ڪيل هوندي هئي، پر منجهن مذاق جيڪا ڀريل هوندي هئي سا دهري ۽ نازڪ هوندي هئي، ۽ اکري آتشبازي وڌيڪ، خيالي گهرائي گهٽ هوندي هئي. ناگراڻيءَ جا ناٽڪ ڪٺا ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپجن ته ناٽڪ منڊلين کي وڏي هٿي اچي وڃي.[1]

حقيقت نگاريءَ وارو دؤر

مٿئين احوال مان ڏسڻ ۾ يندو ته ذڪر ڪيل ننڍن ناٽڪن مان گهڻي ڀاڱي Farce، کلائيندڙ نقل هئا جن ۾ گهڻو زور مسخري تي ڏنل هوندو هو، جنهن ڪري حقيقتن کي وڌائي، مبالغي کان ڪم وٺي، مذاق پيدا ڪبي هئي. مٿين ناٽڪن مان ڪي جزوي لڀندا جي گنڀير نوع ۾ زندگيءَ کي حقيقت نگاريءَ سان پيش ڪن ٿا ۽ ساڀيا ۾ جيوت جي مسئلن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هاڻي، جيڪڏهن ڪو ليکڪ خود پنهنجين تصنيفن بابت راءِ زني ڪري ته اُن مان شايد خودثنائي جي بوءِ اچي، تنهن هوندي به هڪ تاريخ نويس جي حيثيت ۾ هن لکندڙ کي اهو نازڪ ڪم، جيتريءَ به بي ريائيءَ سان ٿي سگهندو، اوتريءَ سان ادا ڪرڻو پوندو. آءُ سمجهان ٿو ته ننڍي ناٽڪ جي ميدان ۾ آءٌ اڪيلو لکندڙ آهيان جنهن گنڀير طور  گهرو، پنگتي ۽ قومي مسئلن تي 20- 25 ننڍا ناٽڪ جوڙي، سنڌي- يڪ فصل ناٽڪ کي سماجڪ سڌاري جو واهڻ بنايو آهي. منجهن بناوت جي قاعدن جي به پوري پوئواري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيئن ٿورن ۾ ٿورن واقعن، نظارن ۽ ڪردارن ۽ ننڍين سڀاويڪ زبانين مان، صرفي سان ڪو خاص کنيل مطلب ڇٽي اچي. منهنجا ناٽڪ پهرئين سنڌي ڪاليج مسلنيءَ ۾، ۽ پوءِ ”سنڌو“ ۽ ٻين مخزنن ۾ 1931 کان 1945 تائين وقت  به وقت نڪرندا آيا، ۽ ڪي چونڊ ڪري ڪتابي صورت ۾ به ڇپايا ويا. انهن مان ڪي مون اسٽيج تي به ڪري ڏيکاريا هئا جن ۾ پاڻ به پارٽ ڪندو هوس، ۽ جن کي ڪي ناظرين بردباريءَ سان سماجي نڪتچيني ڪرڻ لاءِ ساراهيندا هئا، ته ڪي بي شرمائي ۽ اگهاڙپ لاءِ حرف به پٽيندا هئا. جن ناٽڪن تي ٻين ڪن عالمن جا رايا مون کي هٿ اچي سگهيا آهن سي پهرين ڏيندس، باقي ٻين تي لاچار پنهنجي ڪٿ پاڻ ڪندس.

”پنج ننڍڙا ناٽڪ“ ڪٺا ڪري مون 1937 ۾ پهريون مجموعو ڇپايو هو. تنهن بابت ڀيرومل مهرچند جو رايو هو: ”منهنجي دوست ۽ همڪار ناٽڪ نويسيءَ جي اصولن جي تعريف جوڳي پيروي ڪئي آهي. مضمون به عمدا آهن. ڪنهن ناٽڪ ۾ گهرو حالتن جو نقشو چٽيل آحي ته ڪنهن ۾ وري سٺ (satire) آهي. پنگتي کيلن ڪرڻ جي مراد ئي اها آهي ته پنگت ۾ جيڪي اوڻايون هجن، سي چٽيءَ طرح ڏيکاري سڌاري جي واٽ بتائجي.“ جيٺمل پرسرام لکيو هو: ”پروفيسر صاحب جو ننڍن ناٽڪن جو ڪتاب پڙهندي مون اول خيال اهو رکيو ته ڏسان ته ڪيتري قدر منجهس مضمون ۽ رٿا جي اصليت آهي. آءٌ ڀايان ٿو ته اُن ڏس ۾ هن چڱي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي...... ڪتاب جي ٻولي به خاص آهي، جنهن ۾ پارسيءَ هنديءَ واري اجائي ملت ڪانهي، پر ڪيترن هنڌ نج، ٺيٺ۽ گهرو سنڌي ڪم آندل آهي. منهنجو رايو آهي ته اهڙن گرنٿن کي همٿائڻ کپي. پر عجب آهي ته تعليم کاتي وارن انعامي آڇ ۾ قبول ڪين ڪيو! ڪتاب ڪاليج ۾ پڙهائڻ لائق آهي“. پرمانند ميوارام هيٺيون برخلاف رايو ڏنو هو، جو به ڏيڻ لازمي آهي: “عبارت  بيشڪ سليس ۽ گهريچي آهي، ۽ گهرن توڙي سماج ۾ جيڪي خرابيون ۽ اوڻايون عام طرح ڏسجن پسجن پيئون تن جو اظهار ڪيل آهي. پر هرڪا ڳالهه حد کان ٻاهر چٽيل پيئي لڳي، نڄاڻا رچيندڙ جي مراد اها ئي ڀانئجي ته خرابين کي قبيح روپ ڏيو تڏهن ڪو چاڙهو ٿيندو. (1) ”پاپ ڪين پڃ؟“—کٽولي  داخل ڌيءُ مان ماءُ وياڪل ٿي گهر ڇڏي ٿي وڃي. ڇوڪري هياتيءَ مان ڪڪ ٿي زهر کائي ٿي آپگهات ڪري. ڳالهه دل سان نٿي لڳي. مائرون کڻي ڪيترو به بر ٿين ۽ ڳالهائين، ته به ائين پنهنجي آنڊي کي ڇڏي ٿوروئي وينديون. وري جي ڇوڪريءَ پاڻ کي زهر ڏنو سو به غلط، جرڻا ڌاري دک برداشت ڪري ها، ڪين ههڙو اگرو پاپ ڪري وڌائين. لکندڙ پڇي ٿو ته پاپ ڪين پڃ؟ صفا پاپ ڪيائين. (2) ”ٻه باهيون“—ماٽي جي ماءُ کي ڏاڍي اگري نموني چٽيل آهي. (3) ”ٽي پارٽي“—سکڻي هٺ ۽ ٿانءَ جو اظهار ڪيل آهي، پر اسين نٿا ڀايون ته اهڙي حد تي ڪير ويندو. (5) پريت جي ريت“—پٽ پرڻيو ته زال جو مڄو ٿيو. زال ڇڪيندي مڙس کي، ماءُ چوي ڇورو ڇوڪري ڇڪي پنهنجو ٿي ڪري. اها ته دنيا ۾ هلي چلي پيئي، ڪٿي ٿوري ڪٿي گهڻي، پر اڪثر شب ۾ اهي قصا ڪٽبا آهن، مگر هتي ڄڻ ڪو لاهي پائي بيٺو آهي. (5) ’بٽئي‘- ڪهڙو زميندار اهڙو اياڻو ٿيندو جو پنهنجن هارين جي اڳيان ٻين زميندارن کان ٻين هارين جي طلب ڪندو؟“

لالچند امرڏنيمل هيٺيون رايو ڏنو هو، جنهن ۾ ازخود مٿينءَ نڪچينيءَ کي جواب ملي ٿو وڃي:- ”مسٽر منگهارام پنهنجي هن پورهئي ۾ محنت لاءِ کيرون لهڻيون. عبارت سليس، لکڻي ۾ رواني ۽ لهرو چڱو اٿس. ’پاپ ڪين پڃ؟‘ واري ناٽڪ ۾ ڪشنيءَ ماءُ جو چرتر جيڪو چٽيل آهي، تنهن بابت ڪو هڪ تڪڙ ۾ پڙهندڙ شايد ائين چئي ڏئي ته ڪشنيءَ ماءُ جي اها پرسڀاوي لڳي ئي نٿي. پر انساني سڀاو جي ”ننڍپائيءَ“ ۾ اونهو وڃبو ته سڌ پوندي جو انهيءَ ۾ اسڀاوي ڪجهه ڪينهي. (هيءَ ناٽڪ اول 1931 ۾ سنڌ ڪاليج مسلنيءَ ۾ ڇپيو هو.) ’ٻه باهيون‘ واري ناٽڪ ۾ مسٽر منگهارام جس هن لاءِ لهڻو، جو ماٽيلي ماءُ رتنا جو چٽ اهڙيءَ ريت ڪيو اٿس، جو رتنا لاءِ به پڙهندڙ جي اندر ۾ ڪجهه همدردي پيدا ٿئي ٿي. (هيءَ ناٽڪ پهرين 1932 ۾ سنڌ ڪاليج مسلنيءَ ۾ پيو هو.) ’پريت جي ريت‘ واري ناٽڪ ۾ ماءُ پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي پرڻائي اُن سان ڪئن ٿي کؤنسي، ۽ پوءِ وري اهو ساڳيو سڪيلڌو پنهنجي ڳڀوراڙيءَ اڌ سريريءَ سان ڪئن ٿو چپ پوي، اهي ٻئي تصويرون نهايت ڪاريگريءَ سان چٽيل آهن. [هيءَ ناٽڪ اصل ”اين- جي- هاءِ اسڪول مخزن“ (1937) ۾ ڇپيوهو. ] ’ٽي پارٽي‘ واري ناٽڪ ۾ ڇوڪريءَ ذات جي هلڪائي ۽ فصل ٻٽيرائي، ۽ ’بٽئي‘ واري ناٽڪ ۾ زميندار ذات جي ارڏائي ۽ ارهه زورائيءَ جي اُپٽار نهايت قابليت سان ٿيل آهي.“ ”ٽي پارٽي“ مون شاهاڻي اسڪول ڪراچي جي جلسي تي ڇوڪرين کان ڪرايو هو ۽ انهيءَ جلسي جي پروگرام ۾ ئي 1935 ۾ پهرين ڇپيو هو. تنهن کانپوءِ ڪيترن اسڪولن، ڪاليجن ۽ منڊلين اهو ناٽڪ ور ور ڏيئي ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو هو. اُن جو اردوءَ ۾ ترجمو پروفيسر تاثير جو ڪيل آهي، 1943 ۾ آل انڊيا ريڊيو دهليءَ  مان ڦهلاءُ پڻ ڪيو ويو  هو. منهنجن ناٽڪن مان ”ٽي پارٽي“ سڀني کان زياده شهرت پائي آهي. ۽ عجب جي ڳالهه آهي ته طبيعت ۾ مذاق جو معدو ڪم هوندي به، گنڀير ناٽڪ نويس هئڻ جي دعويٰ ڪندي به، هيءَ منهنجو مذاقي ناٽڪ ئي سڀني کان وڌيڪ لوڪ پسند ثابت ٿيو آهي.


[1]  ناگراڻي صاحب جي ڪن ناٽڪن جو مجموعو ”چورنگي“ نالي 1925 ۾ شايع ٿيو هو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org