هن ناٽڪ بابت ”سنسار سماچار“، 22 آگسٽ 1932۾، ”ر-
ڀ-آ“ نالي سان هيٺيون رايو پيو هو: ”جيڪڏهن هر هڪ
نر ۽ ناريءَ کي ڪن کان وٺي ’بک جو شڪار‘ ناٽڪ
ڏيکاريو وڃي ته جيڪر ڀارت ۾ ٿوري ئي سمي اندر ’بک
جو ڏڪار“ پئجي وڃي. ’بک جو شڪار“ ۾ ڀارت جي اڄوڪي
دکي ۽ ڪنگال اوسٿا جو هوبهو فوٽو کينچل هو، جنهن
لاءِ اُنجي ڪاريه ڪرتا مستردرياڻي مبارڪون لهڻيون.
مسترايم. يو. ملڪاڻي (موتيءَ) جي پارٽ ۾ سندس ذاتي
دلي جذبن به پارٽ ورتو، ۽ خاص ڪري راءِ بهادر واري
پارٽي ۾ گلڙيءَ مئنا (رامچند) جي خاموش لاش وارو
نطارو ڏسندڙن کي خاموش ڪرڻ لاءِ ڪافي هو ڪيترن جي
اکين م آلاڻ آئي هوندي. ديال ڪرپالاڻي (مئنا) جو
پارٽ سڌٻڌ، نائڪا جهڙو هو، جو سڀني کي پسند پيو
هوندو. ڀڳوان رامچنداڻي (شنڪر) به واهه جو وارو
وڄايو. ’پو هوءَ ماءُ جي پٽ‘ دولت آڏواڻي (ڀڏي)
ائڪٽنگ بيشڪ ڏسندڙن جو وات پاڻي ڪيو هوندو. نارائڻ
شوداساڻي (سرسوتي) پاڻ چڱو ملهايو. عالم گدواڻي
(سنتداس) نياوڪاريءَ جو پارٽ اهڙو ڪيو جو ڏسندڙ في
الحال ته ڀلجي ويا ته هي اسٽيج آهي، يا هوبهو
عدالت. مستر عالم جو مرڻينگ حالت ۾ ڌيءُ لاءِ
ٻاڏائڻ به نهايت ئي سبق آموز هو. خانو ايس. درياڻي
(هيمنداس) هن کيل جو مصنف به ايشور جيان پنهنجي
رچيل برهمانڊ ۾ سمائجي ويو. ٻه نالا جيڪي سونهري
اکرن ۾ ڇپن کپڻ اُهي آهن سرسوتي موتيرام (موهني) ۽
موهن جي ڌارام (چندر) سي ٻئي ڪمال هئا.... موهن جو
راڳ ستل دلين کي جاڳائيندڙ ثابت ٿيو.“
ساڳئي ناٽڪ بابت ”ديش متر“، 1 سيپٽمبر 1932 ۾
تيرٿداس واڌو مل جي نالي سان هيءَ مختلف نڪتچيني
شايع ٿي هئي: ”وڏي شوق ۽ ذوق سان پئسا خرچي مستر
درياڻيءَ جو ’بک جو شڪار‘ ناٽڪ ڏسڻ وياسون. دوستن
جي دل ڪانه ٿي ڀري، پر مون جو اشتهار ۾ پڙهيو هو
ته ’مستر درياڻيءَ جو ناٽڪ نويسيءَ جي فن ۾ زمان
حال ۾ ثاني ڪونهي، سو چيو مان ته ههڙي ’فخر سنڌ‘
جو ناٽڪ ضرور ڏسبو. منٿ ميڙ ڪري گهلي ويو سان. پر
ٻيلي.... جهڙي هئي ناٽڪ جي رٿا تهڙي هئي ٻولي. وري
کڻي ڪا ائڪٽنگ (ناٽ) هجي ته به چئجي ته پئسا سجايا
ٿيا. مطلب ته، نه ناٽڪ ۾ رس هو نه ٻوليءَ ۾ جس—هئا
ناٽ انڌا ۽ آواز ڦس. سيرت نگاري ته ڪو مستر
درياڻي صاحب کان سکي. سڃ ڪري ٿو ڇڏي. موافقت هجي
نه هجي، وڃي ڳالهه ۾ ڳالهه ٽنبندو.... سنڌي ٻوليءَ
جو جيڪڏهن خون ڏسڻو هجي ته هن فصل ڦلڪيءَ جي ’بک
جو شڪار‘ واري سوکڙي ڏسڻ گهرجي. ڪهڙيون چڪون ڪڍي
ڪهڙيون ڪڍجن؟.... اهڙيون فعلن، اصطلاحن ۽ غلط لفظن
استعمال ڪرڻ جون چڪون ڪم از ڪم ٻه سؤ ٿينديون.
ڪتاب پڙهندڙ اهڙن ڪتابن پڙهڻ مان سنڌي ڪهڙي
پرائيندا؟ هن صاحب جيڪي راڳ لکيا آهن تن ۾ خيال
تنگ آهي ته قافيو لنگ.... ”مستر منگهارام جنهن
موتيءَ (hero) جو
پارٽ ٿي ڪيو ۽ جنهن کي پنهنجي ائڪٽنگ تي اجايو
گهڻو ناز آهي تنهن هن ڀيري به هميشه وانگر ٽي
داڻيون وڌيون. سندس رفتار ۽ گفتار ميزان کان ٻاهر
هئي. سڄووقت سيٽيون پي هليون ڄڻ ته ڪو واڍي سونهن
ٺوڪي ڇڏيا هئس. ڳالهايائين ائين ٿي جو گويا ميل
ٽرين ٿي ڇٽي. وري کڻي ڪو سندس آواز ۾ سوز هجي ته
به ٺهيو، پارٽ ائين ٿي ڪيائين جيئن اسڪول ۾ شاگرد
ڪتاب جو دور ڪندا آهن، سندس هلڻ چلڻ جڙتو پي لڳو،
عشق جو جنهن وقت اظهار ٿي ڪيائين تنهن وقت جذبو ته
ڪو منجهس ڌٺوئي ڪونه ٿي.... مستر ديالداس جنهن
مئنا جو پارٽ ڪيو ۽ جنهن جي گهڻي ئي ساک ٻڌي
هئيسون تنهن به ٻوٽو ڪونه ٻاريو. منجهس دم ته هوئي
ڪونه، مشين جيان پي ڪم ڪيائين. ائڪٽنگ ته بلڪل ڪرڻ
ڪانه ٿي آيس پر جيڪا به ڪيائين ٿي سا حد کان ٻاهر.
ڳالهايائين ٿي يا سڏڪا ٿي ڀريائين؟.... مستر
ڀڳوانداس جنهن بيوقوف شنڪر سنگ جو پارٽ ڪيو سو ڪي
قدر بيشڪ بيوقوف پي لڳو. ميدان وسيع هوس پر گهڻو
لل ڪونه ڏيکاريائين.... مستر عالمچند گدواڻيءَ ۾
اسان جون گهڻيون اميدون هيون پر هن يار به ٻين سان
ريس ڪانه ڇڏي! وقتي اجايون ڪيڪون پي ڪيائين. ڪورٽ
واري سين ۾ ته ڪرڻ سان هاءِ ڪري ڇڏيائين. مستر
دولترام جنهن ڀڏي ’پوهو ماءُ جي پٽ‘ جو پارٽ ڪيو
تنهن هميشه وانگر ائڪٽنگ سٺي ڪئي ۽ ماڻهن کي چڱو
ئي وندرايائين. تنهن کان وري به ڪڪين پاڻ چڱو
موکيو. شاباس هجي ان ڪڪيءَ کي (مئنا رامچندر) جنهن
يٿارٿ مردو ٿي ڏيکاريو. موهني ۽ چندر به گهٽ ڪانه
ڪئي. وهيءَ سارو چڱو پارٽ ڪيائون. باقي رهيو
ڇوڪرين جو سٿو. جي اُهي نه هجن ها ته ماڻهو پنهنجن
پيسن کي ويتر به رت روئن ها. راڳ رسيلو ۽ آواز مڌر
هون. تنهن ۾ به گوپي سپاهيملاڻي ته لوليون لائي
ڇڏيون. واهه! واهه! ساز به چڱوئي ٿي وڄايائون.“
عجب آهي ته مستر ٿيرٿداس واڌواڻيءَ جي مٿين عبارت
۽ تنقيدي طرز، شاعر ليکراج عزيز جي لکڻيءَ سان
ايتري مشابهت ڪيئن ٿي رکي!
1934 ۾ درياڻيءَ جو ”زمينداري ظلم“ ڪراچيءَ ۾
ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو ويو، جو ڇهه ورهيه اڳ
حيدرآباد اميچوئرس جي سهاري هيٺ ٿيو هو. هن ۾
نائڪا جو پارٽ آتو لعلواڻيءَ، زميندار جو ڌرمداس
ماڻڪ، نائڪ جو فتحچند بجاسنگ، ڪمدار جو نارائڻ
شوداساڻيءَ، ۽ واڻئي جي ڇوڪري جو هڪ نئين مسخري
گوپ ڪمالاڻيءَ واهه جو ڪيو هو، جو پوءِ بهترين
سنڌي فلمي مسخرو بنجي پيو. ڀڳوان رامچنداڻيءَ
پنهنجو ساڳيو واڻئي وارو رول ڪيو ۽ مون ساڳيو هاري
وارو.
درياڻي صاحب ”امانت ۾ خيانت“ نالي به ناٽڪ لکيو
هو، جنهن ۾ بئنڪن کٽڻ جو آرٿڪ مسئلو ڦولهيو ويو
هو، پر اُهو ڪرڻ ۾ ڪونه آيو ڇو جو منجهس ڪن معتبر
شخصيتن جي ڪارنامن جي اوگهڙ ڪيل هئي.
رابندراناٿ ناٽڪ منڊليءَ جو ٻيو ناٽڪ ڪار هن ڪتاب
جو لکندڙ هو، جنهن پنهنجن ناٽڪن ۾ اداڪارن ۽ نظارن
جو عدد درياڻيءَ جي ناٽڪن کان به گهٽائي ڇڏيو،
يعني ته 10-12 ڪردارن بدران (جن مان ڪي غير ضروري
هوندا هئا) فقط 5- 7 ضروري ڪردارن کان پلاٽ جو ڪم
وٺندو هو، ۽ هونءَ جو سڄي ناٽڪ ۾ 8- 10 ڀيرا نظارا
بدلائڻا پوندا هئا، سو مغربي ناٽڪ نويسن جي طرز تي
3- 4 يڪساهي هلندڙ چهچٽن ۾ پنهنجي ناٽڪن جي
ڪارروائي سمائي ڇڏيندو هو. تنهن کانسواءِ، چهچٽن
جي شروعات ۾، سڌريل ناٽڪن جي دستور موجب، ڏنگين
ليڪن ۾ نظارن ۽ پاترن نسبت هدايتون (Stage
direction) پڻ
ڏيئي ڇڏيندو هو، جنهن ڪري ناٽڪ پڙهندڙن توڻي پيش
ڪندڙن کي سمجهڻ ۾ سهوليت ٿيندي هئي. سندس ناٽڪ،
نئين زماني جي تقاضا موجب، ٽن ڪلاڪن کن ۾ ختم
ٿيندا هئا، پر اڳي 4- 5 ڪلاڪ هلندا هئا. اهڙيءَ
ريت هن ليکڪ ناٽڪ نويسيءَ ۽ رنگ ڀوميءَ جي فنن کي
سليس ۽ اثرائتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
منگها رام ملڪاڻيءَ چار وڏا ناٽڪ لکيا، جن مان
پهريون ”قسمت“ هو، جو انگريزي ناٽڪ نويس نا بلاڪ
جي ساڳئي نالي واري مشرقي ناٽڪ جو اکر به اکر
ترجمو هو. هن ناٽڪ ۾ ڪنهن به خاص مسئلي جي اوک ڊوک
ٿيل ڪانه هئي، فقط الف ليليٰ جي آکاڻين وانگر،
خليفن جي زماني ۾ بغداد شهر جي هڪ فقير جي آزمودن
بابت هڪ وندرائيندڙ آکاڻي هئي. منجهس ٻولي به
فارسي- سنڌيءَ جي ميل واري مسلمان ڪي ڪم آندل هئي
جا ان زماني سان ٺهڪي ٿي آئي. هيءَ ناٽڪ
رابندراناٿ ڪلب جي حيدرآباد شاخ وارن 1927 ۾ گهڻي
ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو. حاجي فقير جو مکيه
پارٽ ڏيئلمل لعلواڻيءَ زبردست ڍنگ سان ادا ڪيو هو،
سندس جوڙيدار ڪاڻي قاسم فقير جو پارٽ هيرانند
آڏواڻيءَ واهه جو مزيدار ڪيو هو، جنهن ناٽڪ جي
هدايتڪاري پڻ ڪئي هئي. نوجوان خليفي جو پارٽ
مولچند لعلواڻيءَ (ديوان ليلارام سنگ جي ننڍي
فرزند) شاهاڻي نموني ۾ ڪيو، ۽ منصور وزير جو
وليرام آئلمل مناسب وحشانيت سان ڪيو. منگل
رامچنداڻي پيرسن دائيءَ جو پارٽ، ۽ ڀون گدواڻي
حرمخاني جي بيبيءَ جو پارٽ پڻ سٺا ڪيا هئا. پر
ناٽڪ جي ڪاميابيءَ جو سهرو هڪ نئين نائڪا هيري
ميرچنداڻيءَ پهريو، جنهن مارسينا جي اداڪاري اهڙي
ته نزاڪت ۽ نفيسائيءَ سان ڪئي جو هو بهو هڪ حسين
ترڪي دوشيزه پي لڳي، ۽ سالن کانپوءِ ”فيروز دل
افروز“ واري موهن شهاڻيءَ جو سڪون پي لاٿائين.
خصوصاً، پيءُ حاجي جي ايوان ۾، جو ڪبوترن سان راند
ڪندي، عاشق خليفي جي انتظار ۾، شاعر ليکراج عزيز
جو مشهور غزل ”ڍڪي فني فقيرن جيان، هليس دلدار جي
خاطر“، پنهنجي ميٺاج ڀرئي آواز ۾ ٿي ڳايائين، تڏهن
ناظرين جي واتان شوڪارا نڪري ٿي ويا! هن ناٽڪ جي
موسيقي هدايتڪاري سهجو واڌواڻيءَ ڪئي هئي ۽ هار
مونيم به پاڻ وڄايو هئائين.
ملڪاڻيءَ جو ٻيو ناٽڪ غبراني ناٽڪ نويس رئنگول جي Melting
Pot تان
ورتل هو، جنهن کي ”ايڪتا جو آلاپ“ نالي سان 1940 ۾
پيش ڪيو ويو. اصلوڪي ناٽڪ ۾ آمريڪا کي اها ڪوناري
ڪري ڏيکاريو ويو هو جنهن ۾ دنيا جون جهڳڙندڙ قومون
پگهرجي هڪ ٿي وينديون. ملڪاءَ هندستان کي اها بٺي
ڪري ڏيکاريو جنهن ۾، مهاتما گانڌي جي ڇوت- اڇوت
ڀيدن مٽائڻ واري ڀرڀاو هيٺ، هن شاهي ملڪ جون انيڪ
پرانتڪ جانيون ميلاپ ڪنديون—جو آزاديءَ حاصل ڪرڻ
کانپوءِ به ڀارت جو اهم ترين مسئلو آهي. هن ناٽڪ
لاءِ لکندڙ کي حيدرآباد رابندر ناٿ ڪلب وٽان 1929
۾ ان سال جو بهترين ناٽڪ ڄاڻي انعام مليو هو ۽
1930 ۾ ڪتاب ڇپائي ٻوڏ سهائتا فند لاءِ ڪري
ڏيکاريو هئائون، پر ڪافي ريهرسل ۽ ٻيون تياريون نه
ڪرڻ ڪري پورو ڪامياب نه ويو هو. هن ۾ به نائڪ
راڳيءَ جو پارٽ ڏيئلمل لعلواڻيءَ ڪيو هو، گل محمد
گوپي جو هيرانند آڏواڻيءَ، ڪٽر پيءُ جو وليرام
آئلمل، عياش واپاريءَ جو مولچند لعلواڻيءَ، نائڪا
جو گاگنداس موجراڻيءَ، مزيدار نوڪرياڻي جو منگل
رامچنداڻيءَ ڪيو هو. پر هن ناٽڪ کي جنهن خاص
خوبيءَ ناڪاميابيءَ کان بچايو، بلڪه ڪي قدر کڻي
ڏنو، سا هئي ناري شالا وارو سندر نظارو، جنهن ۾
منتري وليرام حيدرآباد جون برک ڳائيندڙ نينگريون
ڪٺيون ڪري کانئن مڌر گانا ڳارايا هئا ۽ هديتڪار
هيرانند ساز هٿن ۾ ڏيئي هڪ فنائتو گروهه بنائي
وهاريو هو. انهيءَ سنگيت ٻاريءَ جون اڳواڻ هيون
ڪماريون وديا مکي ۽ پدما مکي. 1935 ۾ ڪراچي ”عامل
انسٽيٽيوٽ“ جي هڪ جلسي تي، هن ناٽڪ مان وچون مکيه
چهچٽو مون ڪن ڇوڪرين کان ڪرايو هو، جنهن ۾ نائڪا
جو پارٽ موهني گل اهڙي اُمنگ ۽ سچائي سان ڪيو هو،
۽ ڪملا لعلواڻيءَ ۽ ڪملا اُتمسنگ مردانن پارٽن ۾
کيس اهڙو عمدو وٺايو هو، جو آخر منهنجا لايا سجايا
ٿيا.
هن ناٽڪ بابت ”سنڌ ڪاليج مسلني“ فيبروري 1930۾، ان
سال جي سنڌي وڀاڳ جي مهتمم امرلعل هنگوراڻيءَ لکيو
هو: ”ڪنهن دوست ٿورا ڏينهن ٿيا ته ڳالهه ڪندي چيو
ته هينئر سنڌ ۾ ترجما بند ٿيڻ گهرجن. پر مسٽر
ملڪاڻيءَ جي اِزرائيل زئنگوول جي ’ميلٽنگ پاٽ‘ جو
ترجمو، جيتوڻيڪ پاڻ ڄاڻائي ٿو ته ’خوش آواز اکري
ترجمي جي اصول تي ڪيل آهي، ته به هند جي سڀيتا ۽
هند جي مسئلن جي صورت ۾ نزاڪت ۽ سچائيءَ سان
بهاريل آهي. يهودي ۽ عيساين مان ڦيرائي ڪيا اٿس
ڇوت ۽ اڇوت. جيڪڏهن ڪن جو ڪتاب انگريزي ۾ نه پڙهيل
هجي ۽ نڪي لکندڙ جو مهاڳ پڙهيل هجي، ته شايد ائين
ويسهه ۾ اچي ته هيءَ اسان جي گهرو مورت کينچيل
آهي. ويتر لکندڙ ريورنڊ ائنڊ روز جي دکن آفريڪا
بابت ڪتابن تان ڪشالا وٺي، هندستان جي ڪمين جي
پيڙا ۽ هر تال جو به چڱو چٽ چٽيو آهي. سنڌي عبارت
اعليٰ درجي جي نه آهي، پر چرترڪاري (Characterization)تي
چڱو ڌيان ڏنل آهي. گهڻو ڪري سنڌ جي ترجمانن ليکي
رڍون مڙئي ٻوٿ ڪاريون. سندن مطلب آهي آکاڻي جي
رينگٽ سان، سو ته بازيگر ۽ ڀڳت به ڪندا آهن. پر
مستر منگهارام ملڪاڻي پاڻ هڪ خاصو ائڪٽر آهي ۽ وري
سنڌ ڪاليج ۾ انگريزي ساهت جو ليڪچرر آهي، سو
چرترڪاريءَ جي چٽساليءَ جي جيڪس چڱي پڇاڻ اٿس.“
ساڳئي ناٽڪ بابت ”جوت“، 1 جون 1930 ۾، پرمانند
ميوارام منهنجو بزرگ رشتيدار هوندي به، هيءَ بي
ريائي واري نڪته چيني ڪئي هئي: ”ٽئگور ڊرمٽڪ ڪلب
جو چوٿون رسالو. اصل ورتل انگريزي ناٽڪ ’ميلٽنگ
پاٽ‘ تان، جنهن کي هندستاني ويس ڏيئي مستر
منگهارام اُڌارام ملڪاڻي بي- اي- سنڌي ناٽڪ جي
صورت ۾ آندو آهي.... ذات پات جي مرضن جون پاڙون
پاتال ۾ کتل آهن جو اُن کي ڌرم جو سهارو آهي.
اُنهيءَ جي وڃڻ ۾ صديون کپن. هن ناٽڪ جو اثر چڱو
ٿيندو، ۽ عبارت به چڱي موچاري آهي. مگر سڄو پڙهي
ماڻهو رهيو، ته ايترو رس ۽ مزو نه آيو. نڪا وري
منجهس خوش طبعي نظر آئي. ايشوري نوڪرياڻيءَ کي
وڌيڪ مزي سان چئي سگهجي ها. وزير چند جي چال تجويز
۽ شب ۾ ظاهر ڪرڻ کپندي هئي. سندر راڳي جي اهڙو
گوهر هو ته سندس ذهن ۾ ادراڪ جو ڪو مثال نه ڏيڻ
کپندو هو. ڪتاب ۾ البت چوڪون آهن، ڇا هجي جون، ڇا
ڇاپي جون. مگر اها سرهائي جي ڳالهه چئبي جو ڪاليج
جي تعليم يافتي صاحب سنڌي لکڻ ۾ هيترو اتساهه
ڏيکاريو آهي، نه ته پنهنجي مادري ٻوليءَ کي اڄ
ڪلهه ڪير ٿو پڇي؟“
رابندرا ناٿ ڪلب ڪراچيءَ وارن ملڪاڻيءَ کي 1930 ۾
”کن جي خطا“ لاءِ سال جو بهترين ناٽڪ لکڻ ڪري
انعام ڏنو. هن ناٽڪ ۾ هڪ ديسي فلمي ڪهاڻيءَ کي
ناٽڪي لباس پهرايل هو، جنهن ۾ نئين زماني جي
نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي اجهل رلڻ ملڻ جا اگرا
نتيجا ڏيکاريل هئا. پر فلم ۾ جا آکاڻي خواب ۾ ڏنل
هئي سا مون حقيقت ۾ آڻي ڇڏي هئي. هن مسئلي کي
ناشائستو سمجهي ڪلب جي ڪاميٽيءَ ۾ گرما گرم بحث
هليو هو، پر آخر ۾ پرڌان تولاسنگ آڏواڻيءَ جي
فرادخليءَ سبب ناٽڪ جي رٿا ۽ لکڻي ۾ ڪوبه فاحشپڻو
ڪونه ڏٺو ويو، ۽ ڪاميٽيءَ نه رڳو بحال ڪيو بلڪه
انعام پڻ عطا ڪيو. ساڳئي سال هيءُ ناٽڪ لکندڙ جي
هدايتڪاريءَ هيٺ، ٻن مهينن جي دؤر کانپوءِ، ڪراچي
فريئر هال ۾ نهايت ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو ويو،
جنهنجي اُپت ”انڊين گرلس هاءِ اسڪول“ کي ڏني ويئي.
منجهس نائڪ نقاش جو پارٽ به لکندڙ پاڻ جذبي وچان
ڪيو، ۽ نقاش جي رهنما دوست جو پارٽ ڀڳوان
رامچنداڻيءَ راڳن سوڌو سٺو ڪيو. ”بک جو شڪار“ وارو
ديال ڪرپالاڻي وري به منهنجو جوڙيدار ٿيو، ۽ جسم
جي جانٺائيءَ هوندي به، نائڪا جو رول اهڙي ته
نفيسائيءَ ۽ جانداريءَ سان ڪيائين ۽ خاص ڪري
ڪٽاريءَ وارو آخرين گانوڳائيندي ۽ ڦيرا پائيندي،
جڏهن نراسائيءَ وچان اوچتو پاڻ کي خنجر هڻي
وڌائين، تڏهن ماڻهن جنسي آهون پي ڀريون. ساڳيو
ناٽڪ 1931۾ حيدرآباد ۾ ڏيکاريو ويو ۽ اهڙوئي پسند
پيو، جنهن ۾ ٻيون نمبر نائڪا جو اگرو پارٽ موتي
جڳتياڻي بدران خانو منسکاڻيءَ ڪيو هو، ٻيا ائڪٽر
ساڳيا هئا.
هن ناٽڪ جي ”اُگهاڙي ۽ فاحش“ مسئلي تي اخبارن ۾
ايڏو چؤٻُلو متو هو جيڏو ٻئي ڪنهن ناٽڪ بابت ڪونه
متو. اُنجي لکڻ تي برنارڊشا جي ”اُگرن“ ناٽڪن جو
گهڻو اثر هو. توڻي عجيب ڳالهه آهي جو اُن سان
استاد جو ڪوبه ناٽڪ سنڌي ۾ ڪونه آندو ويو آهي.
اُنکي ڪن انگريزي اخبارن خوب ساراهيو هو، ته ڪن
سنڌي اخبارن خوب ننديو هو. ”سنڌ هيرلڊ“ اخبار ۾
”سچ چئي ڏيندڙ“ جي تخلص سان هيءَ ڪڙي ۾ ڪڙي
نڪتچيني پئي هئي: ”ناٽڪ شروع ٿيو ته مان ته وائڙو
ٿي ويس ته هي ناٽڪ آهي ڪين ڪا ليڪچر آهي؟ چي ناٽڪ
ڪجن سچي جيوت جي ڪنهن آزمودي تي، اجايا ديو پريون
ناٽڪ ۾ نه آڻجن. ٻين ناٽڪن ۾ ناٽڪ جي رٿ هڪ پاسي
ته وري باءِ پلاٽ ۾ ٻئي پاسي ماڻهن جي وندر لاءِ
مضمون. پر هن ناٽڪ ۾ ساڳي اها ليڪچر ٻڌم جا ناٽڪ
جي رچيندڙ عامل ائسوسيئيشن ۾ سال کن اڳي ٿيو ته
انگريزي ۾ ڏني هئي. وري ناٽڪ جي ننڍڙي ڪهاڻي ڪهڙي؟
چي هڪ هندو عورت پنهنجي پيءُ جي لالچائڻ تي پئسن
هٿ ڪرڻ لاءِ پتيءَ جو خون ٿي ڪيو. ڀلا ٻڌايو ته
سهي ته اهڙي هندو عورت سرشٽيءَ جي آد کان وٺي ڪڏهن
ڪنهن ٻڌي ڏٺي به ڪا؟ پوءِ هي سچي جيوت جي آزمودي
جو کيل هو ڪين رچيندڙ جي مغز مان بنايل بوتو
هو؟..... کيل ڏسندڙن کي مون ڪنهن به وقت کلندو ته
اصل ڪونه ڏٺو. واهه جي وندر چئبي! نه ته ڀليس. هڪ
ڀيرو کليو هئائون، جڏهن کيل جي هڪ ويس ڌاريءَ
پرڀاڪر ناٽڪ نويس (ڀڳوان رامچنداڻي) جي پارٽ ڪندي
پنهنجي ڌوتيءَ سان ڪرسي اُگهي مهمانن کي پاڻ وٽ ٿي
وهاريو. مطلب ته ڀڄ چريا چي مست آيا. واهه جو ڪلب
جوکيل! جيڪا ليڪچر ڏنائون اهڙو ناٽڪ به ڪونه رچيو
هئائون. وري کيل ۾ مکيه پارٽ وٺندڙن مان هڪڙو ته
اهڙو هو جنهن رڳو ڪيڪون پي ڪيون، ڪوبه سمجهي ڪونه
ٿي سگهيو ته چوي ڇا پيو. وري به شڪر جو راڳ ڳائڻ ۾
ڪجهه ڍنگ هوس. مطلب ته جي انهيءَ ناٽڪ کي سڌاريل
ناٽڪ چئبو ته ناٽڪ جا ٻيا جيڪي به رچيندڙ آهن تن
کي پنهنجي عهدي جي استعيفا ڏيئي ڪو ٻيو ڌنڌو
اختيار ڪرڻ گهرجي.“
ملڪاڻيءَ جو چوٿون ناٽڪ ”انارڪلي“، اُن وشيه تي به
مشهور خاموش ديسي فلمون ڏسي ناٽڪي صورت ۾ آندو ويو
هو. هيءُ ناٽڪ 1930 ۾ حيدرآباد اميچوئرس جي چوڻ تي
لکيو ويو ۽ ڇپايل به سندن ئي هو، پر ڪن رڪاوٽن ڪري
ڪيترا سال اسٽيج تي آڻي نه سگهيا ۽ مورڳو
سوسائٽيءَ پنهنجا ٽپڙ ئي ويڙهي رکيا. تان جو ستن
سالن بعد اهو ناٽڪ ڪراچي رابندرا ناٿ ڪلب وارن ڪري
ڏيکاريو. هن ناٽڪ ۾ مغل تاريخ جي هڪ وساريل ورق جو
چتر چٽيل هو، جنهن ۾ شهزادي سليم جي انارڪلي سان
محبت جو اظهار ڪيل هو، جا اڪبر اعظم جي حرمخاني ۾
ٻانهي هوندي هئي، ۽ جنهن جي حسن ۽ حاضر جوابيءَ تي
راضي ٿي بادشاهه سلامت خود کيس اهو خطاب ڏنو هو.
لاهور ۾ انارڪلي بازار، ۽ انجي ڇيڙي ۾ انارڪليءَ
جي مسڪين مزار ڌاران، تاريخ ۾ هن دوشيزه جو ڪو
بيان ڪونهي. سندس پاڪ محبت ۽ قربانيءَ جو قصو
ناٽڪي لباس ۾ آڻڻ واجب سمجهي، ملڪاڻيءَ پنهنجي
ناٽڪ ۾ ان سان گڏوگڏ، اڪبر جي راڄ ۾ هندو-مسلم
اتحاد جي اهميت پڻ نقش ڪئي هئي. هن ناٽڪ جي ٻولي
به مغل درٻار جي شاهاڻي عبارت مطابق لکيل هئي،
جنهن ۾ شاعر ليکراج عزيز وڏي مدد ڪئي هئي.
1937 ۾ جڏهن ”انارڪلي“ پهريون ڀيرو ڪراچي شاخ جي
سهاري ۽ لکندڙ جي هدايتڪاري هيٺ، مهينن جي استعمال
بعد، فريئر هال ۾ ڪيو ويو، تڏهن نئين ڳالهه اها ٿي
جو ڪنهن ڳڀرو ڇوڪر کان زنانو پارٽ ڪرائڻ بدران،
منجهس هڪ سچي پچي ڇوڪريءَ نائڪا جو پارٽ ڪيو هو،
جا هئي نئين ميرچنداڻي. هن نينگريءَ هڪ نينگر جو
پارٽ ”عجيب انصاف“ ۾ اڳيئي ڪيو هو، پر هن ناٽڪ ۾
نائڪا جو رول اهڙي ته خلوص ۽ سوز وچان ڪيائين، ۽
شڪل شبيهه ۾ به اهڙي حسين ۽ شاندار ٿي لڳي، جو شڪ
ناهي ته سچي انارڪلي به کائنس بهتر ڪانه هوندي!—
جنهن ڪري ڏسندڙ حيرانيءَ وچان دنگ رهجي ويا. نائڪا
جو مڪمل پارٽ هڪ ڇوڪريءَ کان ڪرائي، سنڌي ناٽڪ جي
ترقيءَ ۾ اڳرو قدم ته کنيوسون، پر مائٽ چون ته
ڇوڪريءَ سان گڏ ڪو ڇوڪرو ڪيئن محبت جو پارٽ ڪندو!
تنهن ڪري لاچار سليم جو پارٽ به کڻي هڪ رشٽ پشٽ
ڇوڪريءَ کي ڏنوسون، جا هئي وملا واسواڻي، جنهن به
مردانو رول شاندار ڍنگ سان ڪيو ۽ اهو عاشق معشوق
جو جوڙو نهايت عاليشان ٿي لڳو. هن ناٽڪ کانپوءِ
وري اهو ابتو رواج پئجي ويو ته نائڪ ۽ نائڪا ٻئي
ڇوڪريون هجن، فني لحاظ کان هو اهو سڀاويڪ، پر اڳي
وانگر ٻن ڇوڪرن کان وري به ٻه ڇوڪريون چڱيون! هن
ناٽڪ ۾ ٽين ڇوڪريءَ لالا گنگارام سليم جي هندو زال
انبر ڪماريءَ جو پارٽ چاهه وچان ڪيو، پر تنهن سان
گڏ سندس پتا گنگارام واڌواڻيءَ کان به هڪ سوداگر
جو وندرائيندڙ پارٽ ڪرايوسون، انهيءَ مراد سان ته
ڇوڪريون پنهنجن پيئرن ڀائرن جي حفاظٽ هيٺ ناٽڪن ۾
اينديون ته گويا هڪ ڪٽنبي صحت مند وايو منڊل پيدا
ٿي پوندو. چتر اُتمسنگ کان ٻٽو پارٽ ڪرايوسون:
هڪڙو انارڪليءَ جي- ماءُ جو دکدائڪ رول ۽ ٻيو
سوداگر جي بيبيءَ جي چرچي گهٻي وارو. اڪبر اعظم جو
پارٽ قيمت وسواڻيءَ- جو اڳي زنانا پارٽ ڪندو هو-
نهايت دٻدٻي۽ ديرينائيءَ سان ڪيو. هيءُ ناٽڪ ساڳئي
سال حيدرآباد ۾ به ساڳين اداڪارن سان وڏيءَ
ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو ويو. ٽيون دفعو
”يونائيٽيڊ آرٽسٽس ڊرمٽڪ سوسائٽي“، حيدرآباد وارن
نئشنل ڪاليج ۾، مولچند لعلواڻي ۽ گاگنمل مورچاڻيءَ
جي هدايتڪاريءَ هيٺ ڪري ڏيکاريو، جنهن ۾ اداڪار سڀ
ڇوڪريون هيون: سليم، گوپي ملڪاڻي، انبر- ڪماري
چندرا منسکاڻي، ۽ اڪبر، چندني آڏواڻي، هن ناٽڪ جا
راڳ سرسوت برهمڻ منڊليءَ جي ائڪٽر رام- ٽي هيرا
ٺاهيا هئا ۽ سنگيت جي هدايتڪاري به پاڻ ڪئي هئائين
ته باجو به پاڻ وڄايو هئائين، جنهن ڪري ناٽڪ جو
موسيقي جو حصو به بلڪل ڪامياب ٿيو هو.
هن ناٽڪ بابت ”هندو“ اخبار جي ايڊيٽر هيرانند
ڪرمچند هيٺيون رايو ڏنو هو:-
”کيل ۾ ٻڍي ماءُ (چتر اُتمسنگ) جي درديلي ائڪٽنگ ۽
نئين مير چنداڻي (انارڪلي) جي دک ڀريل، مڌر ۽
سريلي گاني ماڻهن کي موهي ڇڏيو. ڊائريڪٽر (ملڪاڻي)
بيشڪ ڪمال ڪيو آهي. گانا اهڙا ته رسيلا ۽ مڌر هئا
جو هر هر ’ونس مور‘ جا آواز پي آيا. مس و ملا
وسواڻي (سليم) جي مڌر ڪنٺ ۽ نئين ميرچنداڻيءَ جي
ائڪٽنگ ماڻهن تي ڏاڍو اثر ڪيو. کيل بي نظير ۽ ڏسڻ
وٽان آهي.“
ملڪاڻيءَ جو آخري—نه وڏو، نه ننڍو، پر وچولو—ناٽڪ
”شانتا“ 1943 ۾ ”رتن ساهتيه منڊل وارن“ ڇپايو هو.
هي ناٽڪ بيلجم جي نوبل انعام کٽندڙ ناٽڪ ڪار
مئٽرلنڪ جيPelleas
and Melisande تان
هندستاني جيوت ۾ الٿو ڪيل هو، ۽ بي پيار ۽ بي جوڙ
شاديءَ جي مسئلن تي ۽ ان جي دکدائڪ نتيجن تي هڪ
جذباتي ڊرامو هو. پر ڪڏهن به اسٽيج تي ڪرڻ ۾ ڪونه
آيو، ڪارڻ جو تيستائين ٻولتين فلمن جي خلق پسنديءَ
ڪري ناٽڪي سرگرمي ڌڪاڻجي ويئي هئي، ۽ رابندراناٿ
ڪلب جي ڪرمچارين مان اڳيون اُتساهه ٿڌو ٿي چڪو هو.
خاص ڪري جو ڪلب جي اوائلي بانيڪار خانچند درياڻيءَ
بمبئي ۾ وڃي فلم ڪمپني ڪڍي، ۽ انجو آخرين جفاڪش
سيڪريٽري چانڊومل واڌواڻي پڻ فلم نمائش (Film
Exbition) جو
ڌنڌو ڪرڻ لاءِ سنڌ ڇڏي هليو ويو، ته ڪلب جي
ڪارروائي بند ٿي ويئي. ٻيون ناٽڪ منڊليون ته اڳيئي
سميٽجي چڪيون هيون. تحقيق، سنڌ ۾ فلمن، ناٽڪ جو
خاتمو آڻي ڇڏيو! رابندر ناٿ ڪلب جي ڪراچيءَ واري
شاخ، پڇاڙي ۾ حيدرآباد کان وڌيڪ سرگرم هوندي هئي.
ڪراچيءَ شاخ جي مٿي ذڪر ڪيل ناٽڪن ڪري ڏيکارڻ لاءِ
هڪ ماهرن جي ڪاميٽي مقرر ڪيل هئيِ: هدايتڪار-
منگهارام ملڪاڻي، اسٽيج جو ماهر—خانچند درياڻي، ۽
سنگيت جو ماهر- ڀڳوان رامچنداڻي، ڪم جي انهيءَ ورڇ
۽ سهڪار ڪري ئي خاطر خواه نتيجا نڪرندا هئا. ناٽڪن
۾ ڳايل راڳن جا سر اڪثر آءُ ڏسيندو هوس، جي اردو ۽
گجراتي ناٽڪن مان منهنجي ڪٺي ڪيل گانن جي ذخيري
مان چونڊيندا هئاسون، درياڻي صاحب انهن سرن تي
سنڌي ٺهڪائيندو هو، ڀڳوان رامچنداڻي ڳائيندڙ
اداڪارن کي اهي سر سيکاريندو هو، ۽ استاد چنديرام
جيرامداس هارمونيم وڄا.ڻ ۾ ڪمال ڪري ڇڏيندو هو.
رابندراناٿ ڪلب جي ڪهاڻي ختم ڪرڻ کان اڳ، ٻن
انگريزيءَ ۾ ڪيل ناٽڪن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي،
جن مان هن منڊليءَ جي بانيڪارن گهڻو اتساهه پرايو
هو ۽ پنهنجا سنڌي ناٽڪ ڪامياب ڪرڻ ۾ همٿايو هو.
پهريون ناٽڪ هو ٿياسافي پنٿ جي مشهور آئرش شاعر
ڊاڪٽر ڪزنس جو The
King’s Wife،
جو حيدرآباد شاخ وارن 1924 ڌاري حيدرآباد توڙي
ڪراچيءَ ۾ ڪري ڏيکاريو هو. هن ناٽڪ ۾ ميران ٻائيءَ
جي ڪهاڻي فيلسوفاڻي ۽ شاعراڻي ڍنگ ۾ ڏنل هئي، ۽
منجهس چونڊ ائڪٽرن ڪم ڪيو هو. ميران جو ويس ڪشو
ڀاوناڻيءَ، اڪبر جو ڏيئلمل لعلواڻيءَ، راڻي ڪنڀ جو
عالم گدواڻيءَ، تانسين جو جيٺمل لعلواڻيءَ ۽ فقير
جو هيرانند آڏواڻي ۽ بخوبي ڪيا هئا. هن ناٽڪ جي
خاص نئين خوبي هئي جو شاعر جا انگريزيءَ ۾ لکيل
گانا، جيٺمل لعلواڻيءَ ۾ هندستاني راڳڻين ۽ سرن ۾
بيهاريا هئا—جو ميلاپ ڪجهه عجيب غريب پر سٺو مٺو
ٿي لڳو. ڊاڪٽر ڪزنس خود اُن وقت ڪراچيءَ ۾ موجود
هو ۽ اسان جي ريهرسل تي اچي ڪارائتيون هدايتون
ڏسيندو هو. پر ناٽڪ پوري ٿيڻ کانپوءِ چيائين:
”منهنجو کيل ته چڱو ڪري ڏيکاريوَ، پر مورد کان
زنانو پارٽ ڪرائي منهنجي ميران کي قتل ڪري ڇڏيوَ!“
ٻيو انگريزي ناٽڪ، ٻئي مشهور ڪويءَ هريندراناٿ چٽو
پاڌيا جو Retarned
from Aboard هو،
جو ليکڪ پنهنجي هدايتڪاريءَهيٺ 1928 ڌاري، ڪراچيءَ
توڙي حيدرآٻاد ۾ ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو هو.
منجهس مکيه نائڪ جو پارٽ شاعر پاڻ زبردست نوع ۾
ڪيو هو، ۽ هيرانند ۽ هن بندي به ٻين ٻن ويسن ۾
وٺايو هوس. هريندرا ناٿ ناٽڪي فن جي پيشڪاريءَ(Production) ۾
استاد هو، پر جهونن رنگبرنگي پردن ڪم آڻن جي سخت
برخلاف هو. تنهن ڪري ناٽڪ جو هڪڙوئي نظارو، وڏا
شاهي ناسي پنا گهرائي، ليئيءَ سان چنبڙائي، انهن ۾
دريون دروازا ڪپي، سڄو پنهنجن هٿن سان ويهي
ٺاهيائين، جو بجليءَ جي روشنيءَ ۾ نهايت سندر ٿي
لڳو. نائڪا جي پارٽ لاءِ چيائين: ڪهڙي به اڻڄاڻ،
پر سچي پچي ڇوڪري وٺي اچو، ته مان ٺپي ٺاهي
ائڪٽريس بنائي ڇڏيندوسانس. سو ڪراچيءَ ۾ هڪ ته
عيسائي ڇوڪري هٿ ڪئي سون، پر حيدرآباد ۾ سنڌي
ڇوڪري ملڻ ڏاڍي ڏکيائي ٿي جا ڌارئي مرد جي زال
بڻجڻ قبول ڪري! نيٺ جهوني ائڪٽر وليرام آئلمل
پنهنجي ڌيءَ گوپي ٿڌاڻي ڪڍي ڏني، جا سنڌ ۾ پهرين
ڇوڪري هئي جنهن سماجڪ چؤ پچؤ جي پرواهه نه ڪري،
اهڙو بردبار قدم کنيو، جيتوڻيڪ اهو هن انگريزي
ناٽڪ ۾ هو، نه سنڌي ناٽڪ ۾. سنڌي ناٽڪن ۾ پهريون
ڇوڪريون هيون نئن مير چنداڻي ۽ پدمي اچلسنگ، پر
انهن مردن سان پارٽ ڪونه ڪيا هئا پر مرداني روپ ۾
زالن سان—جئن اڳتي هلي ٻڌايو ويندو. |