سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:15 

پرنسيپال تيجومل شهاڻي (جنهن جي نامي گرامي اداڪاريءَ جو ذڪر سنڌ ڪاليج منڊليءَ واري فقري ۾ اچي ويو) تنهن به ناٽڪ نويسيءَ تي پنهنجو قلم آزمايو، ۽ ”راڻو پرتابسنگهه“ نالي سان هڪ تاريخي ناٽڪ تيار ڪيائين، جو به حيدرآباد ڪاليج منڊليءَ اسٽيج تي آندو هو، پر ماڻهن جي دلين تي خير ڪو اثر ڪيائين. 1927 ڌاري، ٻئي هڪ پرنسيپال، موٽومل گدواڻيءَ ”وسنت لڪشمي“ نالي هڪ ناٽڪ دليان رچيو هو، جنهن ۾ حيدرآبادي ڀائيبندن جي پنگتي هالتن جي تصوير کينچل هئي. پر منجهس ڪيترا جهوني زماني وارا گهمساني حادثا ڀريل هئا ۽ ناٽڪي من گهڻو ڪونه هو، جيتوڻيڪ ڪي اونهي ويچار وارا نڪتا شاعراڻي لباس ۾ پڻ وڌل هئا. اهو ناٽڪ هيلتائين ڪنهن منڊليءَ ڪري ڪونه ڏيکاريو آهي.

حقيقت نگاريءَ جو دؤر- سماجڪ ڪشمش جو فلسفو

تقدير ۽ سيرت سان ڪشمڪش وارن دؤرن کانپوءِ، سماج سان ڪشمش وارن ناٽڪن جو دؤر شروع ٿيو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو آرٿڪ ۽ سماجڪ حالتون ساري جهان ۾ بگڙنديون ويون ۽ اهي مسئلا ادب جو موضوع بنجڻ لڳا ۽ سنڌي ساهت ۾ به اچڻ لڳا.

1920 ڌاري خانچند درياڻيءَ کي ڪن شخصي آزمودن وچان اتساهه جاڳيو ته سنڌي سماج ۾ انيڪ اوڻايون وڌي رهيو آهن، تن کي سڌارڻ لاءِ ناٽڪ ڏيکاري انهن جي اوگهڙ ڪرڻ جهڙو ٻيو ڪارگر وسيلو ڪونهي. سڀني کان زياده وڌندڙ ڏيتي ليتيءَ جو ڪهنو روڳ هو، جنهن ڪري دريائيءَ هڪ ڏيتي ليتي ڪاميٽي برپا ڪئي ۽ ان لاءِ ”گلاب جو گل“ نالي ناٽڪ لکي ورتائين، جو استاد هيرانند کان پلاٽ ۽ رٿا جي لحاظ کان درست ڪرائي، ان ڪاميٽيءَ جي سهاري هيٺ ڪري ڏيکاريائين. ڏيتي ليتيءَ جي برخلاف هي پهريون مڪمل ناٽڪ هو، جنهن ۾ گهرو جيوت جا سهج سڀاوي واقعا ڏيکاريل هئا، ۽ سس ۽ نراڻ جي لالچي ڪارنامن جا چٽ اهڙا ته هوبهو چٽيل هئا جو لوڪن جنسي ڍڪ پي ڀريا. هيءُ کيل حيدرآباد خواه ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪري ڏيکاريو ويو، ۽ ان جي خلق پسنديءَ جو خاص ڪارڻ هو رامن ماءُ مائتين واري جو پارٽ، جنهن خيالي ڪردار کي ائڪٽر هيرانند سپاهيملاڻي، پوڙهين مائين جي پڙي چادر واري لوڏ ۽ ڳالهائڻ جي لهجي سان، نه فقط زنده پر امر ڪري ڇڏيو. هن ناٽڪ ۾ مون پهريون مردانو ناٽڪ جو پارٽ ڪيو، جو جيتوڻيڪ چڱو اثرائتو بيٺو هو، پر پنهنجي گهگهي آواز ۾ جو ڪيترائي راڳ ڳائڻ لاءِ ڏنا ئون تن اداڪاريءَ جون خوبيون ڪسيون ڪري ڇڏيون. نائڪا جو پارٽ جهمٽ ڀاوتاڻيءَ زنانيءَ نزاڪت سان ڪيو هو ۽ راڳ به نهايت سريلي آواز سان ڳايا هئائين. نئين زماني جي فئشنبل نراڻ جو پارٽ چئن واڌواڻيءَ ڏاڍي ناز نخري سان ادا ڪيوهو. ستايل تنهن جو رول خود خانچند ڪيو هو، جو جيتوڻيڪ گهڻي سوز سان ڪيائين، پر آهه زاريءَ ۽ روئڻ رڙڻ جي حد لنگهي ويو. سندس ٻئي ناٽڪ ”موتئي جي مکڙي“ (1923) ۾ وري ڏيکاريل هو ته نئين زماني جي ننهن، سس جا سور سهي سهي بردبار بنجي ٿي پوي، ۽ مڙس پنهنجي پاسي ڪري، سس سان مقابلو ٿي ڪري ۽ آخر کيس سڌو ٿي ڪري. هن ناٽڪ ۾ ناٽڪ جو پارٽ ڪندي مون ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ دو- گانن ۾ راڳ جون تڪون ڳائيون. نائڪا ڏنائونم هڪ ٻيو نوجوان نيڻوُن ميرچنداڻي، جنهن ۾ به ”زناني نفيسائيءَ هوندي هئي ۽ مٺو ڳائيندو هو، پر اهو به ننڍيئي سلهه جو شڪار ٿي ويو. نخريليءَ جو پارٽ وري به چئن واڌواڻيءَ چهل پهل سان ڪيو، ۽ پوڙهي مائيءَ جو پارٽ هيري سپاهيملاڻيءَ ڪري وڻ وڄائي ڇڏيا. هن ناٽڪ بابت ”ڀارتواسي“ 31 ڊسمبر 1923۾ جيٺمل پرسرام رايو ڏنو هو: ”هن تي ٽيڪا ڪندي دل به نه پيئي ٿئي پر پنهنجو فرض ڪرڻو اٿم. ناٽڪ جي مراد بيشڪ چڱي، پر ايترو چوڻ کان رهي نٿو سگهان ته پلاٽ اڪثر گڙٻڙ گهوٽالو هو، ۽ ڪن پارٽ وٺندڙ پورا نه چونڊيا ويا هئا، ۽ پوشاڪون ۽ ڪي به نٿي ٺهيا. راڌان (خانچند) جو پارٽ جي ٻئي ڪنهن کي ڏجي ها ته بهتر ٿئي ها. راڌان مڙس سان سولو ڳالهائيندي به پي وڙهي. ٻيو ته ڪنهن مهل پيئي کلي ته ڪنهن مهل پيئي روئي.“

پوءِ 1923 ۾ رابندراناٿ لٽرري ۽ ڊرمٽڪ ڪلب برپا ٿي ويئي، جا سنڌي ناٽڪ جي اوسر ۾ آخرين اهم حد- نشان هئي. هيءَ منڊلي خانچند درياڻيءَ جي بانيڪاريءَ هيٺ، ۽ هيرانند آڏواڻي، لعلچند امر ڏنيمل، جيٺمل پرسرام، ڏيئلمل لعلواڻيءَ ۽ هن بندي جي سرجوشيءَ سان وجود ۾ آئي. مها ڪوي رابندر ناٿ ٽاگور پاڻ ڪرم ڪري حيدرآباد ۾ ڪهي آيو هو، ۽ ان جي مهور تي جلسي جي صدارت ڪري اسان کي آسيس ڪرڻ جو شرف ڏنو هئائين. هن موقعي تي معزز مهمانن اڳيان مون هڪ ناٽڪي پروگرام ڪري ڏيکاريو هو، جنهن ۾ ڪويءَ جي ناٽڪ ”چترا“ مان ڪي درشيه انگريزيءَ ۾ ڪري ڏيکارياسون. اُنهن ۾ مون ٽهلرام آڏواڻيءَ ارجن ۽ چترا جا پارٽ ڪيا هئا، جن لاءِ ڪويءَ اسان ٻنهي کي ڀائي نارائڻ جي بنگلي ۾ گهرائي مبارڪون ڏنيون هيون، جي مون پنهنجو اهو کيل اهڙي صداقت سان ڪيل هيلتائين ڪونه ڏنو آهي. تنهن کانسواءِ ”نيڪي ۽ بدي“ ناٽڪ مان مذاقي ٽڪرو ڪڍي به ڪيو هوم، جنهن ۾ استاد هيرانند جي غير حاضريءَ ڪري سندس ڪريم بورچيءَ وارو پارٽ ڪرڻ جي به جريت ڌاريم ۽ شڪر جو اهو مسخريءَ جو پارٽ برو ڪونه ڪيم ۽ ماڻهن چڱو ئي کليو.

هن منڊليءَ ۾ پنهنجي آڏو هيءُ ناٽڪي آدرش رکيو ته جنهن صورت ۾ شيڪسپيئر جي قول پٽاندڙ ”ناٽڪ جيون جي درسني آهي“، تنهن صورت ۾ ناٽڪن ۾ چالو زماني جي هلي چليءَ ۽ دنيا سازيءَ جي مسئلن کي ئي، بنا وڌاءَ ڪرڻ جي پيش ڪرڻ کپي ۽ منجهن پنگتي اوڻاين جي اُپٽار ڪري سڌاري آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت ئي، وندر سان گڏوگڏ سکيا ڏيڻ سان، سماج کي بهتر بنائڻ لاءِ، ناٽڪ هڪ زبردست هٿيار بنجي سگهي ٿو، ڇو ته ڪتابن ۾ ته ڳالهيون فقط پڙهجن ٿيون، پر ناٽڪن ۾ هو بهو اکئين ڏسڻ سان هزارين دلين تي هڪ ئي وقت زياده تاثير پيدا ٿو ٿئي. هاڻي، ڪوبه ناٽڪ ٻن ڌرين جي ڪشمڪش (Conflict) ڌاران اتردار نٿو بنجي سگهي. جئن جهونن ناٽڪن ۾ انسان جو مقدر سان مقابلو ڏيکاريل هوندو هو، ۽ وچين وقت ۾ سندس سيرت سان چٽا ڀيٽي يا جيءَ اندر جنگ نقش ڪيل هوندي هئي، تيئن هن زماني جي ناٽڪن ۾ اهي مسئلا چٽيل آهن جن ۾ انسان، سماج ۽ ٻين سنسٿائن جي انيا ۽ ظلم سان چڪريون کائيندي، يا ته هار کائي عذاب ٿو سهي يا فتح پائي سک ٿو پرائي.

هن منڊليءَ جي هڪڙي شاخ حيدرآباد ۾ هئي جنهن جا منتري هيرانند ۽ رامچندر تخترام هوندا هئا ۽ پوءِ مولچند ليلارام سنگه ۽ وليرام آئلمل، ٻي شاخ ڪراچيءَ ۾ هئي جنهن جا منتري درياڻي ۽ ڀڳوان رامچنداڻي، ۽ پوءِ چانڊومل واڌواڻي ۽ پهلاجسنگ آڏواڻي ٿيا. ڪلب جو مکيه ناٽڪ نويس به درياڻي صاحب هوندو هو، جنهن جي نئين زماني جو حقيقت نگاريءَ واري ناٽڪ (Realistic Drama) جو پايو وجهندڙ ڪوٺجي ته بيجاءَ نه ٿيندو. هن جوان ڦورن تي سالن ۾ 25 کن ناٽڪ لکي وڌا جي لوڪن ۾ نهايت پسند پيا، ڇوجو منجهن موضوع توڙي رٿا جي ناٽڪي دلچسپي خوب رکيل هئي، توڻي هيءُ مڙس اهي کيل جو هڪ تڪ ۾ رهڙي وٺندو هو ۽ مهني اڌ ۾ ڪري ڏيکاريندو هو، تنهن ڪري ادبي خوبي کان ڪي قدر وانجهيل هئا. هن منڊليءَ جو پهريون پهريون عاليشان کيل، جنهن ناٽڪ فن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو سو ”ملڪ جا مدبر“ 1923 ۾ ڪيل هو، جو يورپ ۾ ناٽڪ حقيقت نگاريءَ جي اَبي Ibsen جي نامياري کيل Pillars of Society تان وٺي، منجهس گهڻي ڦير ڦار ڪري، درياڻيءَ سنڌي مسلم زندگيءَ ۾ بيهاريو هو ۽ استادن لعلچند جي اصطلاحن عبارت جو اُتس مک ڏياريو هو. انهي ناٽڪ ۾ اداڪار ٿورا ۽ بلڪل ضروري هئا (نه شيڪسپيئر جي ۽ جهونن اردو ناٽڪن وانگر 25- 30) پردن جي لهه چڙهه واجبي هئي (نه 5- 10 منٽين پردا پيا لهن چڙهن ۽ نظارا بدلجن) ۽ راڳ به جڳائيندڙ هنڌن تي 2- 3 مس پيل هئا (نه جئن اڳي ٽپ ٽپ تي بيت بازيءَ 30- 35 گانن جي ڌوم لڳي پيئي هوندي هئي) هن ناٽڪ جو مسئلو به نئون هو، جنهن ۾ شاهوڪار شاهيءَ جي بي رحميءَ ۽ آخرين پامانيءَ جو دردناڪ چتر چٽيل هو. هو. منجهس قاسم محمود، ڪراچي واريءَ جهازن جي گوديءَ جي مالڪ جو ڀاڳ، ڏيئلمل لعلواڻي وڪيل اهڙيءَ ته پورن ڪلاڪاريءَ سان ادا ڪيو هو جو هيءَ صاحب ان جڳ جو بهترين جبرو سيرت نگاري واريءَ اداڪار (Character-actor) تسليم ڪيو ويو، خاص ڪري جڏهن سندس جوفيءَ لاءِ زبردستيءَ هاڪاريل جهريل جهاز ٻڏي ٿو پوي، ان ۾ سندس لخت-جگر پٽ مري ٿو وڃي ۽ پاڻ چريو ٿي ٿو پوي، اُهو چريائي جو پارٽ ڪندي ڪمال ڪري ڏيکاريائين! ان جهاز جي ڪپتان عاشق جو ويس هن بندي ڌاريو هو، ۽ مالڪ جي ڌيءَ، معشوق سنگينا جو هڪ نئين نوجوان ڪشؤ ڀاوناڻي، جنهن به اندر جي اُتساهه ۽ سوز وچان شاندار پارٽ ڪيو هو ۽ ڳايو به مڌر آواز ۾ هئائين. هن ناٽڪ ۾ سندس ههڙيائي دلسوز نوع ۾ ڳايل ڪافي، ديوان ليلارام سنگ جي ٺاهيل: ”مٺڙا مٺيءَ جا، ويڙا ڪٺيءَ جا- پاڻ ڇپائي ڇوري ڇڏي ويا.“، ويهن راڳن جي مٽ هئي. مرزا قليچ بيگ جو ننڍو فرزند همايون بيگ، تنهن قاسم جي صغير پٽ آزاد جو ڀارت نهايت چلولائي ۽ چرب زبانيءَ سان ڪيو هو، ۽ رحيم شودي جو پارٽ ويلرام آئلمل وڪيل پوريءَ حرفت بازيءَ سان ڪيو هو. ڀڳوان رامچنداڻيءَ سيٺ موتي لال جو کلائيندڙ پارٽ اهڙي پوري لهجي سان ڪيو هو ڄڻ هوبهو ڪو مارواڙي سيٺ ويٺو ڳالهائي، هيءُ ناٽڪ حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي راتيون ڪاميابي سان ڪري ڏيکاريو ويو.

”ڀارتواسي“  اپريل 1924۾، نائب ايڊيٽر ڇتومل نڌاڻيءَ هن ناٽڪ تي نڪتچيني ڪئي هئي: آءٌ ڀانيان ٿو ته هي پهريون دفعو آهي، جو هاڻوڪي زماني جي روش تي ناٽڪ سنڌي ۾ بهاريو ويو آهي. ناٽڪ جي بيهڪ مشهور يورپين ناٽڪ ڪار ايسن تان ورتل آهي، پر ناٽڪ ۾ ڪي سقم به آهن، مثلاً ڪي تقريرون لنبيون آهن. هڪ شاندار نينگر ساميوادي خيالن واري پنهنجي شاهوڪار پيءَ جي دولت ۽ دٻدٻي کان بيزار آهي ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته غريبن جو رت ۽ ست پي ٿا شاهوڪار پاڻ مٿي ڪن..... آکاڻي دل ڀڄائيندڙ آهي. هن کيل ۾ قاسم جو پارٽ مسٽر ڏيئلمل وڪيلاڪثير ڪيو، خاص ڪري قاسم جي چريائيءَ جو. تنهن کانپوءِ سنگينه (ڪشچند پرتابراءِ) جنهنجي آواز ۾ ڪٿي ڪٿي ذرا تيزي ٿي ٿي، پر سندس ميٺاج، بي ڊپائيءَ، شانداريءَ ناٽڪ کي چڱو کڻي ڏنو. رحيم شودو پورو پورو زماني جو لچ آهي. مستر وليرام سندس پارٽ به پورو پورو ڪيو. دلير (منگهارام اڌارام) سنگينه جو گهوٽ، جهاز جو سکاني، پنهنجي پارٽ ۾ سڀاويڪ عاشق آهي. آزاد (همايون) بلڪل خاصو بهرو ورتو. اهڙيءَ طرح اڪثر هن کيل جو رنگ سهڻو بيٺو.“

1924 ۾ درياڻي صاحب، لوڪ پسند انگريز ناول- ليکڪا مسز هينري ووڊ جو  مشهور جذباتي سماجڪ ناول East Lyane ”غلط فهمي“ نالي سان ناٽڪي صورت ۾ آندو ۽ ڏيهي جيوت ۾ بيهاريو. هيءُ ناٽڪ ٽاگور ڪلب جي ڪراچي واريءَ شاخ ڪري ڏيکاريو، ۽ منجهس نائڪ جو ڀاڳ هن بندي ورتو ۽ پهرين نائڪا جو پارٽ وري به ڪشو ڀاوناڻيءَ بلڪل دکدائڪ ۽ اثرائتو ادا ڪيو. ٻيءَ نائڪا جو ويس چندن ميرچنداڻي  ڪيو، جو به لچڪيدار زنانو اَداڪار هوندو هو. ڀڳوان رامچنداڻيءَ  کارؤ کٻر جي پارٽ ۾، ۽ سجهو واڌاڻي ۽ جسودا دائيءَ جي پارٽ ۾ نٽڪاري به چڱي ڪئي هئي ۽ راڳ به ڏاڍا مٺا ڳايا هئائون. هيءُ ناٽڪ 1931 ۾ سنڌ ڪاليج جي سالياني جلسي تي ڪري ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ مون صرف هدايتڪاري ڪئي ۽ ائڪٽر ڪاليجي شاگرد مان چونڊيا هئم. نائڪا جو پارٽ رام شتر دلسوز نموني ادا ڪيو هو، ٻيءَ نائڪا جو پارٽ خانو منسکاڻيءَ ڪافي ناز نخري سان ڪيو هو، ڪشني جڳتياڻيءَ بدمعاش جو ڀاڳ پوري حرفتبازيءَ سان ورتو هو، ۽ سرسوئي لعلواڻيءَ ابهم پٽ جو پارٽ دکدائڪ بنايو هو.

درياڻيءَ، شوا جي مهراج جي زماني ڪجو مرهاٽي اتهاس تي ٻڌل ناٽڪ ”عجيب انصاف“ يا ”مت هيڻ ناري“ 1925 ڌاري لکيو هو، جو هڪ گجراتي ناٽڪ تان ورتل هو ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ ”ديشي“ ناٽڪ ڪمپنيءَ ڪري ڏيکاريو هو ۽ ڏاڍو پسند پيو هو. ان ڪمپنيءَ جو مکيه ائڪٽر موهن لال (جو سالها اڳ سورداس جو عاليشان پارٽ ڪري سنڌي ناظرين کي مست ڪري ويو هو) انهي ناٽڪ ۾ سمڀاجيءَ جو پارٽ ڪماليت سان ڪندو هو، سو بعذي اسانجي ريهرسل تي ايندو هو، ڇو جو اسان اهو ناٽڪ ڪيو ئي ان ڪمپنيءَ واري ساڳئي مانڊوي ۾، ساڳيءَ سينريءَ سان هو. مون کي جو ساڳيو سندس سمڀاجيءَ جو پارٽ ڪرڻو هو سو موهن مون کي هدايتون ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته تون منهنجو نقل چڱو ٿو ڪري وڃين. انڊين گرلس اسڪول جي سهائتا لاءِ ڪيل اهو کيل گجراتي ناٽڪ جي پيٽ ۾ جيتوڻيڪ لٿي پٿي ڪامياب ڪونه ٿيو، ته به ڪن ائڪٽرن جي شخصي ڪاميابي ٿي: مثلاً منهنجو سمڀاجيءَ جو پارٽ ۽ گاگن مورچاڻيءَ ۽ رام هيرا جا ٻن نائڪائن جا پارٽ، درياڻيءَ جو راجا رام جو پارٽ، روپي ڪرپالاڻيءَ جو پروهت وارو مسخريءَ جو پارٽ، ۽ خاص ڪري، ڪماري نئن مير چنداڻيءَ جو ساهوءَ جو پارٽ، جو هن ننڍڙيءَ نينگر اهڙو ته ڦڙتائيءَ ۽ حشمت سان ڪيو جو هڪدم نالو وڄي ويس، ۽ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۾ پهريون ائڪٽريس نڪري نروار ٿي، جنهن وڏي هوندي ڪيترا ڪامياب رول ڪيا، جن جو احوال اڳتي هلي ڏبو. هيءُ ناٽڪ 1931 ۾، پرنسپال شاهاڻي يادگار فند لاءِ، وري ڪري ڏيکاريو ويو جنهن ۾ گهڻو ڪري ساڳيا اداڪار هئا.

ادبي نگاهه کان درياڻيءَ جو ٻيون نمبر ڪامياب ناٽڪ (”ملڪ جا مدبر“ کانپوءِ) ”ديش صدقي“ (1927) هو، جو بيلجيم جي نوبل پرائيز کٽيندڙ ناٽڪ نويس مئٽرلنڪ جيMonna Vanna تان وٺي راجپوت جيوت ۾ بيهاريل هو. هن ۾ هڪ راجپوت راڻي، ديش کي دشمنن جي حملي ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي عصمت قرباني ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ٿئي، پر اندر جي سچائيءَ ۽ آتمڪ ٻل سان سندس عصمت توڙي ديش جو بچاءُ، دشمن جي دل ۾ ڦيرو اچڻ سان، ٿي ٿو پوي. هيءَ ناٽڪ ڪلب جي ڪراچي شاخ ڪيو هو، جنهن ۾ به مون ۽ ڪشوءَ نائڪ. نائڪا جا پارٽ ادا ڪيا هئا، ۽ اسان جو جوڙو به ڪجهه وقت لاءِ ناليرو ٿي ويو هو. ڪاهيندڙ دشمن راجا جو رول عالم گدواڻيءَ نهايت دٻدٻي ۽ شان شوڪت سان ڪيو هو، جنهن ڪري هو، ڏيئلمل کانپوءِ، ٻيون نمبر برجستو اداڪار شمار ڪيو ويندو هو. پيرسن راجا جا پارٽ، ديوان ليلارام سنگ جي فرزند جيٺمل بئريسٽر، نهايت سنجيدگيءَ سان ڪيو هو، جو سمجهدار ائڪٽر به هوندو هو ته هندستاني موسيقي ۾ به ماهر هوندو هو، ۽ ڪيترن ناٽڪن جا راڳ ٺاهيندو ۽ سيکاريندو هو. درياڻي خود هن ناٽڪ ۾ خبيث جو رول بخوبيءَ ادا ڪيو هو.

رابندرا ناٿ ڪلب لاءِ جيڪي ناٽڪ درياڻي صاحب دليان خلقيا، تن مان پهرين هو ”رتنا“ (1924)، جو ٿورن پاترن ۽ ٿورن پردن وارو، فقط ٽي ڪلاڪ هلندڙ، هڪ مثالي ناٽڪ هو، تنهن ۾ هاڻوڪي ڪٽنبي جيوت ۽ مرد ۽ زال جي جوابدارين جو نقش نڪتل هو ۽ هڪ ديريني عورت ۽ ٻي فئشنبل ڇوڪريءَ جي وچ ۾ ضد ڏيکاريل هو، پر آخر سمجهو زال جِي، ڏک ڏولاوا سهي، سوڀ ڏيکاريل هئي. هن ناٽڪ ۾ نائڪ جو پارٽ مون ڪيو هو، زال جو خود درياڻيءَ، نخريلي نينگر جو چندن مير چنداڻي ۽ وفادار دوست جو ڀڳوان رامچنداڻيءَ، هيءُ کيل به ڪلب جي ڪراچي شاخ پاران ڪيو ويو هو ۽ هر طرح ڪامياب ثابت ٿيو. اُن کي آءُ درياڻيءَ جي بهترين اصلوڪن ناٽڪن ۾ شمار ڪندو آهيان. هيءَ ناٽڪ حيدرآباد ۾ به ڪيو ويو هو ۽ نهايت پسند پيو هو، جنهن جي استاد جيٺمل به تعريف ڪئي هئي.

”زماني جي لهر“، 1929 ۾ ٻوڏ سهائتا فند لاءِ ڪراچي شاخ پاران ڪيو ويو، تنهن ۾ پراڻن خيالن وارن تنگدل مائٽن ۽ نئين زماني جي آزاديءَ پسند جوان جوڙن جي وچ ۾ جيڪي متڀيد ۽ نفاق، گهرو جيوت ۾ ذري پرذي تان ٿين ٿا، تن جو وچور وارو چٽ چٽيل هو، توڻي اهو ڪي قدر مبالغي وارو هو. هن ناٽڪ ۾ مونکي نئين نائڪا ملي، جو هو قيمت وسواڻي، جنهن پنهنجو پارٽ  زناني صحابه ۽ حليمائيءَ سان ڪيو. ٻيون نمبر ناٽڪ جو پارٽ رامچند واسواڻي وڪيل ڪيو جنهن ۾ رسيلا راڳ به ڳايا هئائين، ۽ ٻيون نمبر نائڪا جو پارٽ خانو منسکاڻيءَ پڻ نفيسائيءَ ۽ چلولائي سان ڪيو. ڪماري پدمي اچلسنگ (جا پوءِ عاليشان ائڪٽريس ٿي پئي)، تنهن هن ناٽڪ ۾ پهريون ننڍو پارٽ ڪيو هو جنهن ۾ چڱو جلوو ڏيکاري ڇڏيائين ۽ هڪ مڌر گانو به ڳاتو هئائين. گهوٽ پيءُ جو پارٽ ڀڳوان رامچنداڻيءَ نهايت مذاقي ڍنگ ۾ ڪيو، ڪنوارپيءُ جو گنگارام قيمتراءِ گنڀير نموني ۾ ڪيو، ۽ گهوٽ ماءُ جي پارٽ ۾ منگل رامچنداڻيءَ خوب کلايو. تازو پرڻيل نائڪ، جنهن جهوني زماني جا مائٽ، نؤرني ڪنوار سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي به نٿا ڏين ۽ سندس زندگي زهر ڪري ٿا ڇڏين، ۽ جو انهن ظلمن ڪري شراب جوئا ۾ وڃي ٿو پوي ۽ آخر چريو ٿي ٿو پوي—اهو ڀاڳ ڪرڻ ڪري هڪ انگريزي اخبار واري ايڊيٽر پنهيان، هن بندي کي ”سنڌي اسٽيج جو Enil Janrings“ لقب ڏنو هو. پر جيتوڻيڪ ناٽڪ جي پلاٽ ۾ چريائيءَ وارو وڌاءُ ڪيل، جنهن لاءِ اهڙيون زوردار حالتون ڏيکاريل ڪونه هيون، ته به انهيءَ پارٽ ۾ ايترا لاها چاڙها هئا، ۽ اثرائتي اداڪاري ڪرڻ جا اهڙا وجهه هئا، جو مون اهو پارٽ دل کولي ڪيو هو، ۽ ڏسندڙن جو به اهو رايو هو ته اهو منهنجو بهترين پارٽ هو. هن ناٽڪ مان ڪي مذاقي چهچٽا ڪڍي ڪٺا ڪري، 1937 واري ڪراچي ڪاليج جبلي جلسي تي مون شاگردن کان ڪرائي ڏيکاريا هئا، جن ۾ گهوٽ پيءُ جو پارٽ چيلي ڀوڄواڻيءَ ۽ گهوٽ ماءُ جو چتر اتمسنگ (جو پوڙهين جا پارٽ ڏاڍا مزيدار ڪندو هو) ادا ڪري ڏاڍا ٽهڪ ڏياريا هئا. اصلوڪي ناٽڪ تي جيٺمل پرسرام پنهنجي ”پرڪاش“ اخبار 23 آڪٽوبر 1929 ۾، هي مذاقي پرڪارائتي آلوچنا ڪئي هئي: ”مٿئين ناٽڪ جو ٺاهيندڙ اسان جو ڀاءُ خانچند درياڻي آهي، جو جنس مونث جي ڳالهائڻ جي موڪل ملي، ته ائين چئجي ته اڄ ڪلهه سنڌ ۾ ناٽڪ ڌياڻي آهي، ٻارهين مهنين ٻار رکيو ئي آهي! پاڻيهي پاڻ سو ڄم روڪ نه وجهي، باقي ارڪان آهن ته ناٽڪ ڌياڻي ڍڪي ڍير ڪندي، هيڏي ننڍي عمر ۾ ايترو دماغي اولاد پيدا ڪرڻ، ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانه آهي..... پاڻ به ائڪٽر چڱيڙو آهي، جو نينگر توڙي نينگريءَ جو پارٽ کڻي ڄاڻي. ناٽڪ ۾ جواري حرفتيءَ جو پارٽ چڱو ڪيائين.... ڀڳوانداس رامچنداڻي (پيءٌ پارومل) شايد هڪ ڏينهن هيرانند آڏواڻيءَ جون ڪجهه قدر سڪون لاهي. رڳو مون کي افسوس آهي جو هن ناٽڪ ۾ کيس پي راڳ وات ۾ واڌائون. اهو مرض سڄي ناٽڪ کي لڳل هو، ڪائي ويل به رون رون لڳي اچي! اهو مرض اڪثري مڙني سنڌي ناٽڪن کي لڳل آهي. آءُ جيڪر اول انعام کيس ڏيان.

”ساڳيو انعام منگهارام ملڪاڻيءَ کي ڏجي، جنهن جو خاص ڪري پڇاڙيءَ جو چريائيءَ جو پارٽ هئمليٽ جون يادگيريون ٿو ڏياري، رڳو ڪنهن ڪنهن وقت هئمليٽ سان گڏ منگهارام جي دل ۾ اوفيليا به اچي ٿي واسو ڪيو. آءٌ سنڌي ناٽڪي سڃاڻان ۽ پڻ ناٽڪ ڪار سڃاڻان. پر ناٽڪين يا ناٽڪارن اول ناٽڪ پڙهيا آهن، تنهن ڳالهه بنسبت مون کي شڪ آهي. اردو جي اڌو گابرن ناٽڪن يا سنيما جي فلمن تان سي ناٽڪ لکيل هوندا آهن. يا گجراتي، اردو يا يوريشي ناٽڪن جي نموني اسانجا ناٽڪي وڃن ٿا عمارت ٻڌندا. مگر هي نڪته چيني منگهارام سان لاڳو نه آهي. منگهارام اُنهن ٿورن مان آهي جي مشرق ۽ مغرب جي ناٽڪن مان واقف آهن. تنهن کانسواءِ انهيءَ فن کي هٿ ڪرڻ ۾ ڪوشش گهڻي ٿو وٺي. رڳي وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي جو هن ناٽڪ ۾ هيڏي سندس جفاڪشي ۽ هئمليٽي پارٽ جو ڪارڻ ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿي آيو. هئمليٽ جو پيءُ ڪٺو ويو هو، هئمليٽ جي ماءُ مڙس جي موت کان پوءِ شيطاني تڪڙ ۾ وڃي پنهنجي ڏير، مڙس جي خونيءَ سان وهانو ڪيو هو.... پر اسانجي گووند جو پيءُ پارومل جيئرو ئي جيئرو هو، هنجي ماءُ ويچاري پوڙهي مڙس کانسواءِ شايد ڪنهن مرد جو منهن ڪونه ڏٺو هو. گووند کي رڳو دک اهو لڳل هو جو پڻس ڏينهن ڏٺي جو زال سان ’ليوڊو‘راند ڪرڻ تي ڪيٻايو هو وغيره وغيره. گووند اهڙو ته ڀوڪ آهي جو انهي تان وٺيو بي عقليءَ جي لهر سان زماني کي لوڏيو ڦٽو ڪري.... گووند ۾ جي سمجهه هجي ها ته بنهه اٺين بجي گهر موٽي، ماءُ وٽ مانيءَ ٽڪر کائي، پيءَ کي پيرين پيئي، وڃي ڪوٺي ۾ پنهنجي راڻي سان رهاڻ ڪري ها. رات ته پنهنجي تات، بجليءَ جي چمڪاٽ ۾ گووند ۽ شيلا خوب ’ليوڊي‘ راند ڇا، ڪهڙي به راند ڪري سگهيا ٿي..... منهنجو رايو آهي ته هن نائڪ ۾ منور وگيان جو متوئي ڪونه آهي تنهن کان ته مون کي مسترد درياڻيءَ جو ”رتنا“ ناٽڪ وڻيو هو.... پر هيءُ ناٽڪ ته هڪ لنبي گفتگو آهي، جو ليڪچر بازيءَ کان به خالي نه آهي. جي ڀڳوانداس ۽ منگهارام ناٽڪ ۾ نه هجن ها ته بنهه ناپاس ٿي وڃي ها.

”منهنجي خواهش نه آهي ته آءُ مستر درياڻيءَ جي جوش تي برف جو ڇنڊو وجهان، ائين هو ڍرڪڻ وارو نه آهي. هڪ ته آءٌ سندس قدر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته هو مڇڏ مڙس آهي... مستر درياڻيءَ ۾ چڱو کڻ آهي، پر منڊل جي ڪار پردازن کي کپي ته اول رول ٺاهي ڇڏين ته کيل جو لکيو وڃي تنهن جي لکڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا منڊليءَ وارا مٿس نڪته چيني ڪن، اُن جو جزو جزو جانچين، پوءِ ناٽڪ جي تياريءَ ۽ دور تي به ڳچ سمو لڳائين. باقي جي ڏيڍ هفتي ۾ ناٽڪ ڄڻبو به نپائبو به، ته قصو ڪونه ٺهندو. پوءِ چئبو:

’ڪيم پورو هي سرگشتو.

وتم فقط هڪڙو ڏيڍ هفتو.‘ (قليچ)

درياڻيءَ جا آخرين ٻه اصلوڪا ناٽڪ، گهرو ۽ سماجڪ مسئلن سان گڏوگڏ آرٿڪ مسئلن تي لکيل هئا. ”مايا جو انڌ“ (1930 ڌاري) ۾، مل جي مالڪن جي شاهوڪار شاهيءَ ۽ ڪڌن ڪارنامن تي ڇوهه ڇنڊيل هئا، جنهن ۾ مزور نائڪ جو پارٽ درياڻيءَ پاڻ ڪيو هو، قيمت واسواڻيءَ نائڪا جو پارٽ ادا ڪيو هو، ۽ دولت (ڀڏي) آڏواڻيءَ مسخري جو. هن نئين مزورن جي مسئلي ۽ مل جي وايو منڊل واري ناٽڪ خلق ۾ گهڻو تاثير پيدا ڪيو هو. ٻيو آرٿڪ ناٽڪ هو ”بک جو شڪار“ جو 1932۾، گاڏي کاتي واريءَ جيٺمل واڌومل اسپتال جي سهائتا لاءِ ڪيو ويو. هن ۾ بک ۽ بي روزگاريءَ جو مضمون کنيل هو جو جبري نوع ۾ نباهيو ويو، ۽ ساٿ ساٿ سوديشيءَ جو پرچار پڻ ڪيل هو. هن ناٽڪ ۾ وري هڪ ٻئي نئين نوجوان مونسان نائڪا جو پارٽ ڪيو، جو هو ديال ڪرپالاڻي، زناني نفيسائيءَ ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ هو، هو اندر جي اُمنگ وچان ائڪٽ ڪندو هو ۽ ڳائيندو به نهايت سريلو هو. عالم گدواڻيءَ جج جو پارٽ شاهاڻي ڍنگ سان ڪيو هو، ۽ نارايڻ شوداساڻيءَ، جج جي زال نائڪا جي ماءُ جو پارٽ همدرديءَ سان ڪيو هو. ڀڳوان رامچنداڻي، جو هونءَ پوڙهن پيئرن جا رول ڪندو هو، تنهن نوجوان فئشنبل، پر نسوري ڇسي عاشق جو پارٽ بخوبيءَ ڪيو هو. هن ناٽڪ ۾ ٽن ڇوڪرين کان به ننڍا پارٽ ڪراياسون، جي هيون ٽي ڀينرون: تيرٿ، هري، ۽ خاص ڪري گوپي سپاهيملاڻي، جنهن نهايت شيرين ۽ گونجندڙ آواز ۾ ڪيترا گانا ڳائي ماڻهن کي خوب جهولايو هو. نائڪ جي بک ۾ پاهه ٿيندڙ ڀيڻ (جنهن تان ناٽڪ کي اهو نالو مليو) تنهنجو پارٽ مئنا رامچندر دردناڪ اٻوجهائيءَ سان ڪيو ۽ سٺو ڳايو به هو. اهڙيءَ طرح رفته رفته سچيون پچيون ڇوڪريون ناٽڪن ۾ آڻيندا وياسون ۽ ناٽڪ جي ترقي ۾ اها ڀاري ٻنڌ پڃندا وياسون. هن ناٽڪ ۾، دولت (ڀڏي) آڏواڻيءَ ”پوهوءَ ماءُ جي پٽ“ واري پارٽ ۾ کلائي کلائي کيرو ڪيو، ۽ اهو سندس بهترين پارٽ سمجهيو ٿو وڃي. هن بندي جو نائڪ جو پارٽ به سٺو بيٺو هو، خصوصاً جڏهن بک جو شڪار ٿيل ڀيڻ جو لاش ٻانهن ۾ کڻي، شاهوڪارن جي ڀريءَ مجلس ۾ اچي، هڪ زبردست زبانيءَ ۾ هنجي موت جو الزام مٿن مڙهيو هئائين، تڏهن مانڊوي مان ”آفرين“ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هيءُ ناٽڪ ساڳين اداڪارن سان، پر ڪجهه گهٽ ڪاميابيءَ سان، حيدرآباد ۾ هڪ ادبي ۽ هنري نماءَ تي ٻيو ڀيرو ڪري ڏيکاريو ويو، جنهن نماءُ جو مکيه ڪورمچاري جيٺمل پرسرام هو. هن ناٽڪ جي ڪاميابيءَ تي، لکندڙ درياڻيءَ صاحب کي ڊاڪٽر تاراٻائي پنئيا وٽان سونو ٻلو انعام مليو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org