تعليمي ڪتاب عربي آئيويٽا ۾
تنهن کانسواءِ، تاريخ، جاگرافي، حسابن، سائنس
وغيره جي تعليمي شاخن ۾ به هيٺيان مُکيه ڪتاب
نڪتا، جن مان ڪيترن جي قديم هڳاءُ ڀري ۽ ٺيٺ سنڌي
عبارت کين ادب جو مرتبو ڏئي ٿي:
(1) ”بابنامو“ (ٻاراڻو درسي ڪتاب)- ننديرام
ميراڻي- 1853
(2) پهريون ۽ ٻيون سنڌي ڪتاب- اُڌارام ٿانورداس-
1853
(3) ٽيون ۽ چوٿون درسي ڪتاب- پرڀداس انندرام- 1953
(4) ”تاريخ سنڌ“ (فارسي ”تاريخ معصومي“ تان ترجمو)
ننديرام ميراڻي- 1854
(5) ”چِٽ جي پار“ (ڊرائنگ سيکارڻ)- ننديرام ۽
ڪانداس- 1854
(6) ”هندستان جي تاريخ“ (اردوءَ تان) قاضي غلام
علي- 1854
(7) ”ڌتي نروار“ (دنيا جي جاگرافي، انگريزيءَ
تان)- ننديرام ۽ مهاديو شاستري- 1855
(8) ”ليکي جي پيڙهه“ (اَنگي حساب)- ننديرام
ميراڻي- 1855
(9) ”دنيا جي تاريخ“ (اردوءَ تان)- اُڌارام
ٿانورداس- 1855
(10) ”سيکائتو نروار“ (سنڌي سيکارڻ)- ننديرام
ميراڻي- 1856
(11) ”جبرو مقابله ”آلجبرا)- ننديرام ۽ وشوناٿ-
1856
(12) ”آڪاسي نروار“ (علم هئيت- آسٽرانامي)- ميران
محمد شاهه- 1856
(13) ”سنساري نروار“ (سرشٽي اڀياس- پنڊت بنسي ڌر
جي اردوءَ تان) - ننديرام- 1861
(14) ”ڪولمبس جي تاريخ“ (انگريزيءَ تان)- ڪوڙومل
کلناڻي – 1862
(15) ”منتخب تاريخ انگلستان“ (انگريزيءَ تان)-
واڌو مل چنديرام- 1862
(16) ”سنڌ جي تاريخ“- سيٺ آلومل ڀوڄواڻي- 1862
(17) ”تاريخ هندستان“—پرڀداس آنندرام—1863
(18) ”انڊين پينل ڪوڊ“ (انگريزيءَ تان)- هاسا رام
– 1863
(19) ”سنڌ جو ڌرتي نروار“ (جاگرافي)—نارائن جڳنناٿ
– 1865
(هيءَ مهاراشٽر عالم سنڌ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر
هو، جنهنجي يادگيريءَ ۾ ابن. جي. هاءِ اسڪول ڪراچي
واري تي اهو نالو پيو.)
(20) ”اصول علم طبي“ (يوناني طب)- ڪوڙو مل
کلناڻي—1868
(21) ”تحرير اقليدس“ (يوڪلڊ جي جاميٽري)—ڪوڙو مل
کلناڻي- 1868
(22) ”انگلينڊ جي تاريخ“ (انگريزيءَ تان) پرڀداس
آنندرام—1868
(23) ”علم منطق“ (لاجڪ) – مرزا غلام رضا بيگ –
1871
(24) ”علم معاشري“ (پوليٽل اڪانا) مرزا صادق علي
بيگ – 1971
(25) ”تاريخ انگلنڊ“ بولچند ڪوڏومل – 1892
(26) ”هندستان جي تاريخ“ – پريتداس تولاڻي—1892
(27) ”ميرن جي صاحبيءَ جو احوال“- اُڌارام
چانڊومل—1896
(28) ”سنڌ جي تاريخ“ (تصويرن سان) – مرزا قليچ بيگ
–1904
(29) ”ادب ۽ مروت“ (اخلاقي درسي ڪتاب“ انگريزيءَ
تان- جڳتراءِ ايسر داس ۽ اڌنمل سترامداس—1908 ڌاري
(30) ”هندستان جي تاريخ“ – ڀيرومل مهر چند—1908
ڌاري
(31) ”هندستان جي تاريخ“ لعل چند امر ڏنو مل– 1925
فصل ٻيون
ڪهاڻي نويسيءَ جي
اوسر
دنيا ڀر جي ٻولين جو ادب جي نظم سان شروع ٿيو آهي،
ته انهن جو نثر اڪثر ڪهاڻيءَ سان شروع ٿيو آهي. هر
ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي شروعات ڏند- ڪٿائن سان ٿيندي
آهي، جي ڏاڏيون ۽ نانيون، ماسيون، ٻالڪن کي رات
روٽي کارائي سمهارڻ کان اڳ، بر زبان ٻڌائينديون
آهن، ۽ جي اڪثر ڪتابن ۾ ڇپيل نه ملنديون آهن. هن
لکندڙ کي پڻ اهڙين ڏاڏيءَ جي ڏند- ڪٿائن جي چٽي
سانڀر آهي، مثلا ”الڙ بلڙ“، ”هيتلي کيتلي“، ”جهرڪ
۽ جهرڪي“ ۽ ”وندر ۽ ريجهه“ جون ڪهاڻيون، جي نهايت
دکدائڪ يا نهايت کلائيندڙ هونديون هيون، ۽ جن جو
اثر وڏي ڄمار تائين به دل تي ڇانيو پيو آهي.
ويچاري وندر، جنهن کي ڪاسائڻ سس ڪهي گم ڪري ڇڏيو
هو، تنهنجي آکاڻيءَ مان وندر- گهوٽ جو هيءَ ورلاپي
بيت اڃا ڪنن ۾ پيو ٻري:
”امان ڙي امان، جان وڃان ماڙيءَ تي،
جيجان ڙي جيجان، جان وڃان ماڙيءَ تي،
ته وندر جو نورو پيو آهه، پر وندر ٺهيئي ڪانه!“
”الڙ بلڙ“ جي مذاقي ڪهاڻيءَ مان به هيٺيون بيت چٽو
ياد اٿم.
”او مائي ڪو الڙ ڏٺئه، او مائي ڪو بلڙ ڏٺئه؟
او مائي ڪا جنگ ڪيئه، او مائي ڪا ٻنگ ڪيئه؟...
نه مائي ڪو اُلڙ ڏٺم، نه مائي ڪو بلڙ ڏٺم،
نه مائي ڪا جنگ ڪيم، نه مائي ڪا ٻنگ ڪيم.“
تنهن کان اوطاقن ۽ اوتارن ۾ به قصا ۽ ڪٿائون کڻندڙ
ايندا هئا، جي جنن ڀوتن، ديون پرين ۽ راجائن سورمن
جون دل اُڀاريندڙ ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا، پر انهن
مان به ڪي جزوي ڇاپي هيٺ آيون آهن.
وندر ۽ سکيا وارين آکاڻين جو دۇر
سنڌيءَ ۾ پهرين نثري آکاڻي جا ڇاپي ۾ آئي، سا هئي
مشهور لوڪ- ڪٿا تي ٻڌل ”آکاڻي راءِ ڏياج ۽ سورٺ
جي“، جنهنجو لکندڙ ڳچ عرصو گمنام هو، پر پوءِ جناب
محمد صدق ميمڻ جي ”سنڌ جي ادب جي تاريخ“ (1937)
مان معلوم ٿيو ته اهو سنڌي نثر جي پايو وجهندڙ مان
هڪڙو منشي اُڌارام ٿانورداس هو. اها آکاڻي ڪئپٽن
سٽئڪ جي ”سنڌي گرامر“ (1849) ۾ ضميمي طور ڏنل هئي،
جو ڪتاب ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپيو، ڇو جو عربي لپي
تيار ئي 1953 ۾ ٿي. هيءَ آکاڻي ٺيٺ ۽ نبار سنڌيءَ
۾ لکيل هئي جنهن مان جهوني زماني جو هڳاءُ پيو
اچي. 1861 ۾ اها آکاڻي، ٻين ڏهن فارسيءَ ۽ اردوءَ
تان ترجمو ڪيل مزيدار نقلن سان شامل ڪري منشي
اُڌارام نئين صورتخطيءَ ۾ هڪ مجموعو ڇپايو هو. اها
دل ڀڄائيندڙ پهرين سنڌي آکاڻي هڪ جهوني درسي ڪتاب
۾ ڇپيل، ننڍي هوندي اسڪول ۾ ڏاڍي چاهه سان پڙهندا
هئاسون. آخر 1935ع ۾ ديوان ڏيارام مير چنداڻيءَ
.چونڊ سنڌي نثر“ مجموعي ۾ اها آکاڻي ڇپائي پڌري
ڪئي هئي، پر لکندڙ جو نالو هٿ ڪونه لڳو هوس توڻي
اهو سڳو چاچو لڳندو هو! ان آکاڻي جي نج ڏيهي عبارت
جومثال هيٺ ڏجي ٿو:
”تنهن کان اڳاهون ڪنهن لوڪ هرڻ ماريو هو، سو ڪهي
اُنهي جا عضوا شيخ ڪري پچائي کائي، آنڊا اُنجا وڻ
تي اڇلي کڻي ڇڏيا هئائين ۽ پاڻ ويندو رهيو. ڏکڻ جو
واءُ جو لڳو سو اهي تندون آواز اهڙو پيون ڪن جو
مرون پکي سڀئي ڪنڌ نائي بيهو ٻڌن. جڏهين واءُ بس
ٿيو تڏهن تندن به بس ڪئي ۽ پکي پکڻ به ويندو رهيو.
اُتي ٻيجل جو آيو سو (هن) اهي آنڊا اچي کنيا ۽ چنگ
ٺاهي تنهن تي کڻي چاڙهيا ۽ پوءِ تير جو سنهت
ڪُنڊروءَ تي گهي جان کڻي وڄائي ته چوڻا هرڻ مرون
پکي هليا اچن. هيءَ هيئن ڪري جو جيڪي ٻه ٽي انهن
منجهان کپنس اهي وٺيو اچي، ٻيا کڻيو ڇڏي.“
ڪئپٽن سٽئڪ جي گرامر واري ضميمي ۾ ٻيون به ڪي
لاپتي ليکڪن جون سندر آکاڻيون ۽ بيت ديوناگريءَ ۾
ڇپيل هئا، جن مان هڪ ڪرامتي ڪهاڻي ”شهزادي املهه
ماڻڪ ۽ شهزاديءَ حسين پريءَ جي آکاڻي“، ديوان
ڏيارام عربي سنڌي لپيءَ ۾ اُتاري ”سنڌو“ مخزن ۾
1934 ڌاري ڇپائي هئي. باقي رهيل ٽي آکاڻيون به
جيڪڏهن چالو لپيءَ ۾ آڻي شايع ڪجن ته ان زماني جي
سنڌي زبان جو سٺو ساءُ ملي پوي.
1853 ۾ عربي آئيويٽا ٺهڻ سان سنڌي نثر لکڻ توڙي
ڇپائڻ کي وڏي هٿي ملي، ۽ اوائلي ڪتاب جي نئين
لپيءَ ۾ نڪتا سي آکاڻين جا هئا. تن ڏينهين آکاڻين
کي قصا يا ڳالهيون چوندا هئا، جن ۾ ساديون سوديون
ڳوٺاڻيون يا گهرو ڪهاڻيون بيان ڪيل هونديون هيون ۽
منجهانئن اخلاقي نصيحتن ڪڍڻ تي زور ڏنو ويندو هو.
اهڙي پهرين ڪهاڻي هئي غلام حسين قريشيءَ جي لکيل
”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ (1854) جا پنڊت بنسي ڌر
جي هندي قصي تان ورتل هئي ۽ سنڌي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾
بهاريل هئي. قريشي صاحب جي نبار، سليس سنڌي هن ريت
هئي: ”هيڪڙي ڀنڀي زميندار پنجن جريبن ڌرتيءَ جو
پٽو اوڀائي کي لکي ڏنو. اوڀائي آکاڙي جي مهيني ۾
هڪڙي ڏينهن هر ۽ ڍڳا ڳنهي وڃي ٻني کيڙي. تان
ماٿيلي جي ماڻهن، جي ويري ۽ جهڳڙائي هوا، ڏٺو ته
اوٻاڙي جو زميندار اسان جي دنگ جي پاسي ۾ ڦٽل ڌرتي
ٿو کيڙي. اُهي کاڻا ۽ ڊنا ته متان اوٻاڙي جو
زميندار کيڙيندي کيڙيندي اسان جي ڌرتي پڻ کيڙي
وڃي. نيٺ سڀني مڙي سڙي ٻنيءَ تي وڃي اوڀائي کي
ماري ڪٽي ڀڄايو ۽ اُن کي هيڪلو ڏسي ڊيڄاريائون ته
جي وري تون ڪڏهين هيءَ ٻني کيڙيندي، ته توکي لٺيون
هڻي هٿ پير ڀڃي ڇڏينداسون. هاڻ اُتان اوڀايو گهوڙا
گهوڙا ڪندو ڀڳوان ويو.“
تنهن کانپوءِ سيد ميرانمحمد شاهه (اول) سڌاتوري ۽
ڪڌا توري جي ڳالهه.“ (1855) ساڳئي پنڊت بنسي ڌر جي
هندي قصي “ڪيڏي سيڌي“ تان سنڌيءَ ۾ اُلتو ڪئي، جا
”مهراڻ“ مخزن (1959- 1) ۾ ڇپي هئي. هن اخلاقي
آکاڻيءَ مان ان زماني جي سلوڻي سنڌي ۽ پراڻي
صورتخطي جو مثال ڏجي ٿو: ”منشيءَ دفتر جي ڪلڪٽر
صاحب کي وڃي چيو ته سائين جلالپور جي ڪاغذن ڏسڻ
منجهان ٿو پروڙجي ته جيڪي مختيارڪار (سڌاتوري)
لکيو آهي سو سچ آهي ۽ دفتر جي ڳالهه ڪوڙي ان ڪوڙ ۾
ڪڌا توري جو کوٽ ٿو پروڙجي تڏهن صاحب ڪڌاتوري کي
ڪوٺائي پڇئو ته هن ڳالهه جي وچور ڪيئن آهي صاحب
سمجهيو ته هيءَ کوٽ ۽ ڊوهه ڪڌا توري ڪيو آهي ۽
منشي دفتر جو پڻ ڏوهه آهي جو پنهنجي ڪم ۾ پاڻ سار
ڪانه رکي ۽ ٻئي کي پنهنجي ڪم ۾ موڪل ڏيئي ڇڏيائين
هاڻ ان سبب منشي دفتر جو ٻه مهينا پنهنجي ڪم کان
نڪري وهي ۽ ڪڌاتوڙي پنهنجي کوٽ ۽ ڊوهه سبب ئي ورهه
بند ۾ رهي ڏلا کڻي ماڻهن کي گهرجي ته ڪڌاتوري جي
ڳالهه سڻي پاڻ کي پلين ته بڇڙن جي گڏ اُٿڻ وهڻ
منجهان ڪهڙي ڀلائي ٿي رسي پوءِ گهرجي ته جي ماڻهو
دنيا ۾ پاڻ کي چڱن ماڻن مان ٿا ڀائين سي چڱي ۽
موچاري واٽ ڏسي پاڻ کي بڇڙائي ۾ نه گڏين.“
1854 ۾ سنڌيءَ جي ٻئي بنيادي نثر نويس منشي
ننديرام ميراڻيءَ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايجوڪيشنل
انسپيڪٽر ايلس صاحب سان شراڪت ۾، مشهور ”ايسپ جون
آکاڻيون“ انگريزيءَ کان ترجمو ڪيون هيون. اهو
ڪتاب، ميمڻ صاحب جي ادبي تاريخ موجب، منشي اُڌارام
ٿانورداس نئين ترتيب سان لکي، سڌاري سنواري، 1871
۾ وري ڇپايو هو. توڻي جهونو ڄاڻو ديوان ڏيارام مير
چنداڻي اُن کي سڌو منشي اڌارام جو ترجمو ڪيل ٿو
سمجهي. 1860 ڌاري منشي اُڌارام جو ”طوطي نامو“
آکاڻين جو ڳٽڪو پڌرو ٿيو هو، جو اصل سنسڪرت تان
ورتل هو ۽ اُڌارام صاحب فارسيءَ تان ترجمو ڪيو هو.
منجهس الف ليليٰ جي بناوت وانگر دلچسپ ۽ نصيحت
آميز ڪهاڻيون ڏنل هيون. ان ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي
طور ڇپيل هڪ مزيدار ڳالهه ”وهئين ۽ ولهي جي آکاڻي“
تجنيس حرفي(alliteration) ۾
لکيل هئي، جيڪا اڪثر لفظ ’و‘ سان شروع ٿا ٿين ۽ جا
جهوني سنڌيءَ جو هڪ عجيب نمونو آهي: ”هڪڙي وهئين
جي وياءَ جو ويانهن هو، تنهن وٽ هڪڙو ولهو ويو ته
وهئين ويٺي وڙين جو پلاهه واڱڻن جي ڀاڄيءَ سان
کاڌو. جڏهن ولهور وڃي ويجهو ويٺس. وهئين کوڙي ولهي
جي وات ۾ وڌي، ته ولهي ويچاري جنهن ويهن ورهين
لاڪر وڙيءَ جو واس ئي نه ورتو هو، سو وسو ٿي ويو،
۽ وات پٽيو ويٺو ڪري واهه، واهه.“
سيد ميران محمد شاهه (اول) جو ٻيو جهونو آکاڻين جو
ڪتاب هو ”مفيد الصبيان“ 1861، جو به هنديءَ تان
ورتل، ٻارن لاءِ فائديمند آکاڻين جو مجموعو هو،
جنهن مان هڪ آکاڻي ”فارس جو شهزادو“ پڻ ڏيارام مير
چنداڻيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل انتخاب ۾ ڇپيل هئي.
ٻاراڻين آکاڻين جي هن پهرئين سنڌي ڪتاب مان،
انهيءَ آکاڻي ۾ هيٺيون فقرو جهوني محاوري دار
سنڌيءَ ۾ اچي ٿو. ”بادشاهه جي محلي جي پاسي ۾ هڪڙو
موچي ڪميڻو بڇڙو رهندو هو. بادشاهزادو سدا ان جي
گهر ايندو ويندو راند ڪندو هو، ۽ اُنسين ڏاڍو پيار
رکيائين. وزير چيو، ’ڏيهه ڌڻي ٻارن کي ڪميڻن جي
سنگت ۾ ڇڏڻ ڦٽاڻي آهي. ٿورن ڏينهن ۾ اُنهن جا آرکڻ
ٻار وٺندا آهن. ماڻهوءَ کي جهڙي سنگت هوندي اهڙا
ارکڻ سکندو. گهرجي ته شهزادو موچي وٽ نه وڃي.‘
بادشاهه چيو ته او ٻاراٻوجهه آهي ۽ موچيءَ سين
پيار ٿي ويو آهيس. جيڪڏهن اُن سنگت کان جهلبو ته
ڏکوئبو ۽ متان اُن ڏک ۾ اگهو ٿي پوي. ڪي ڏينهن
کاند ڪجي، جڏهن وڏو ٿيندو تڏهن نصيحت ڪري موچيءَ
جي سنگت ڇڏائبيس. وزير ماٺ ڪري رهيو.“
تنهن کانپوءِ، ديوان ڪيولرام سلامت راءِ پنهنجون
مشهور حڪمت آميز آکاڻين جو ڪتاب ”سوکڙي“، اخلاقي
ٽوٽڪن ۽ نقلن جو مجموعو ”گل“ (1864- 1871) لکيا،
جي تعليم کاتي جي ڪن رنڊڪن ڪري (سندس پهاڪن جي
ڪتاب ”گل شڪر“ ”وانگر) سالها پوءِ 1905ع ۾ ڇپايا
ويا هئا. ديوان ڪيولرام جي عبارت پڻ قديم اصطلاح
واري آهي ۽ نيار سنڌي نثر جو نمونو آهي. ”گل“ مان
ديوان صاحب جي لکڻيءَ جو مثال ڏجي ٿو: ”هڪڙي ڀيري
هڪ ملڪ جو هڪ اڳوڻو راجا جبل ۾ شڪار لاءِ ويو.
هڪڙو سندس صاحب گهمندو ڦرندو هڪڙي فقير وٽ، جو سڃ
۾ هڪڙي جبل جي چر ۾ دونهين ٻاريو ويٺو هو، وڃي
نڪتو. فقير ان امير کي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ته آءُ
فلاڻي ڀاڳئي جو ٻڪرار هوس، جاسين ٻڪرين کي چڱي طرح
سنڀاليم ٿي، تاسين ڀاڳئي مانُ ۽ ڀاوَ سان پيٽ ڪپڙو
ڏنو ٿي. پر ڳچ ڏهاڙن کانپوءِنشي پيڻ جي هير ٿيم،
جنهن ڪري ڌڻ جي ٽهل پوري ڪري نه سگهيس. تنهن کان
ٻڪريون ڏٻريون ٿيون ۽ بگهڙن گدڙن کاڌيون، تڏهن
ڀاڳئي ٻيو ٻڪرار رکي مون کي لوڌي ڇڏيو، جو هاڻ
ٽُڪر لاءِ وٽان در در ڀٽڪندو. تنهن وانگي تنهنجو
راجا پڻ ڌڻيءَ جي در جو ڌنار آهي، سو جي ڌڻ کي چڱي
طرح پاليندو ته واهه نه ته مون وانگي ٿيندو.
مسلمانن جي نبي صاحب فرمايو آهي ته راجا کي نياوَ
جو هڪڙو ڏهاڙو سٺ ورهين جي عبادت بجاءِ آهي.“
”سوکڙي“ جي پڄاڻيءَ ۾ ديوان ڪيولرام هي نهٺائيءَ ۽
سياڻپ جا لفظ، دلپزير تشبيهي نوع ۾ لکيا هئا:
”هن ڪتاب کي ڏاکڙي سان لکيو اٿم. جيتوڙي ته منجهس
ڳالهيون ڪچيون ڦڪيون آيون آهن. پر سندس مطلب گهڻو
سڀڪ وسودي آهي. جهڙو ڪڙيءَ باداميءَ جو تيل. تنهن
۾ ڳالهين جي ڪچائيءَ کي ڏسڻ نه گهرجي ۽ سندن حاصل
ٿي ڏسجي. جهڙيءَ پر اَڪ ۾ ماکي ڏسي اڪ جي ڪڙائيءَ
کي نه نهاري ماکي لاهجي. سو ڇو ته ڪم ماکيءَ سان
آهي. تنهن وانگي ڳالهين جي ڪچائيءَ تي باداميءَ جي
ڪڙائي ۽ اَڪ جي کارائيءَ طرف ڌيان نه ڪري مطلب جو
تيل ۽ ماکي هٿ ڪبا ته گهڻن ڏکن جي ڏوار لاءِ ٻُڪي
ٿيندي. ۽ هن ڪم ۾ ڳالهين جي ڪچائيءَ ڏي ڏسڻ اهڙو
آهي جهڙو مک سجھو بت ڇڏي ڦٽ وهي! تنهن ڪري چڱو هي
آهي جو ڀنور وانگي ڳالهين جي جهنگ مان ڳڻن جو واس
وٺجي.
1890 ۾ مرزا قليچ بيگ، مشهورLomb’s
Tales from Shakespeareجو
ترجمو ”دلپسند قصا“ جي نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ ڇڀايو
هو. صديءَ جي آخري ۾ ساڳي ”دلچسند قصا“ نالي سان
هڪ ٻيو وندرائيندڙ ڪهاڻين جو ڪتاب، روچيرام گجومل
ڪرپالاڻيءَ جو لکيل پڻ نڪتو هو. مرزا صاحب، ادب جي
ٻين شاخن سان گڏوگڏ، پڇاڙيءَ تائين آکاڻيون به
لکندو آيو جن مان ڪي هيون ”شيطان جي ناني“،
”ڪادمبري“ (1916، ”دل جو آرام ۽ عجيب
دوا“(انگريزيءَ تان- 1916) ”دل وندرائيندڙ
ڳالهيون“ (1918)، ”هندستان جون ديسي آکاڻيون“
(1919)، ”ڪريس“ (يوناني تاريخي ڳالهه- 1923). قليج
بيگ هڪ ٻاراڻين آکاڻين جو ڪتاب به لکيو هو،
”ٻاراڻا گل ڦل“ (1918).
1890۾ ساڌو هيرانند، پهرين سنڌي سماجڪ ۽ تعليمي
مخزن ”سرسوتي“ جاري ڪئي هئي، جا سندس برپا ڪيل
اڪيڊمي اسڪول مان نڪرندي هئي، ۽ جنهن ۾ سندس ليکن
سان گڏ ديوان دريا رام، بولچند ڪوڏو مل ۽ ٻين برک
لکندڙن جا مضمون ۽ ڪهاڻيون به پونديون هيون.
بولچند ڪوڌومل جون Grisom’s
Fairy Tales) تان
ترجمو ڪيل ٻه سهڻيون آکاڻيون ”سر سوتي“ ۾ ڇپيون
هيون: هڪڙي Cinderella تان
ورتل ”اماڙيءَ جي ڳالهه“ ۽ ٻي Snow
Drop تان
ورتل ان مخزن مان ساڌو هيرانند جا سکيا دائڪ
لطيفا ۽ مثالي ڪهاڻيون گهڻو پوءِ ڪٺيون ڪري،
پيرومل مهر چند ”هري جون ڪڻيون“ (1926) نالي ڪتاب
ڇپايو هو، جن مان ساڌو هيرانند جو وشال يورپي توڙي
پڇمي ادبي اڀياس پڌرو آهي. سندس چالو زماني جي
سليس سنڌيءَ جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
”سر والٽر سڪاٽ نالي هڪ مشهور عالم لکيو آهي ته
جڏهن مان اسڪول ۾ پڙهندو هوس، تڏهن منهنجو هڪ
ڪلاسي هو، جو سدائين پهريون نمبر وٺندو هو. مون
گهڻيئي مٿا هنيا، ته ڪنهن ڊول سان هن کان مٿي
وهان. ڪيترائي ڏينهن نبري ويا، پر هي پهريون نمبر
ڇڏيئي نه. آخر مون جاچ ڪري معلوم ڪيو ته، جڏهن
انهي ڇوڪري کان ماستر سوال ٿو پڇي تڏهن جواب ڏيڻ
مهل پنهنجي ڪوٽ جي وچين ٻيڙي کي ڦيرائڻ جي هن کي
عادت آهي. مون سمجهيو ته هن کان نمبر کسڻ لاءِ اها
تجويز چڱي ٿيندي جو اهو ٻيڙو ڪڍي وٺجيس. اٽڪل ڪري
ڪنهن مهل اوچتو مون اهو ٻيڙو ڇني ڪڍيس ۽ پوءِ
منتظر ٿي ويٺس ته ڏسان ته کيڏ جو نتيجو ڪهڙو ٿو
نڪري.“
1890ڌاري گرداسمل ڪرپالاڻيءَ مشهور هندي آکاڻين جو
ڪتاب ”بيتال پڇيس“ (125 آکاڻيون) الف ليليٰ واري
طرز تي لکيل ترجمو ڪري لٿو ۾ ڇپايو هو. ساڳئي وقت
ڌاري ديوان هيرا چند کيمسنگ جي مهاڀارت تان ورتل
آکاڻي ”ساتري“ به پڌري ٿي هئي، جنهن مان هن
انگريزي ودوان جو سنڌيءَ سان به چڱوچاهه ظاهر هو.
1891 ۾ ديوان ڪوڙيمل چندنمل سنڌيءَ ۾ پهريون
اصلوڪيون ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ لکيون هيون، جن مان
سندس سرل ٻاراڻي ٻوليءَ آکاڻي کڻڻ جو ڍنگ ڏيکارجي
ٿو: ”هڪڙو هو جهنگ، انهيءَ جهنگ ۾ هيون ٻه هرڻيون:
هڪڙي هئي وڏي ٻي هئي ننڍڙي وڏي هرڻي هئي ننڍڙي
هرڻيءَ جي ماءُ. هڪڙي ڏينهن اُڀ ۾ گهڻا ڪڪر ٿيا ۽
واءُ لڳو. وڏي هرڻيءَ چيو ننڍڙيءَ کي ”اڄ مان جهنگ
کان ٻاهر ڪين وينديس اڄ ڏينهن آهي ٿڌو، سو ماڻهو
بندوقون کڻي ايندا شڪار ڪرڻ ۽ هرڻي ڏسندا ته بندوق
هڻي ماري وجهندا. تون به اڄ ٻاهر متان نڪرين! پر
ننڍڙي هرڻي ماءُ جو چيو ڪين ڪيو.“ 1902 ۾ ديوان
صاحب ڦول مالا لکيو جنهن ۾ سکيا ڀريون ڪٿائون
ڏنيون هيون. 1905 ۾ هڪ اخلاقي آکاڻي ”رڀوتي“
لکيائيس. 1906 ۾ ڌرمي آکاڻي ”سريتي ۽ سنيتي“
لکيائين. 1906 ۾ ”ٽهڪ ئي ٽهڪ“ به لکيائين، جو
سنڌيءَ ۾ پهريون مذاقي ٽوٽڪن جو مجموعو هو. 19
صديءَ جي آخر ۾، ساڌو هيرانند سان گڏ، ديوان ڪوڙو
مل به بنگالي سماجڪ ۽ ساهتڪ جاڳرتا جي اثر هيٺ
آيو، ۽ برڌ اوٿا ۾ بنگالي ٻولي سکي، بنڪم چندر
چئٽرجيءَ جون پنگتي آکاڻيون: ”راڌا راڻي“ (1914)،
”انديرا“ ۽ ”ٻه منڊيون“ (1916)، ۽ شريمتي گهوشال
(ٽاگور جي ڀيڻ) جو ناول Fatal
Garland آکاڻيءَ
جي صورت ۾ ”ندورو هار“ نالي سان سهڻي سنڌيءَ ۾
آندائين. مائي بلئو ٽسڪيءَ جي انگريزي تان ورتل
سندس آکاڻي ”کير جو کير، پاڻي جو پاڻي“ 1915 ۾
سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالي ۾ ڇپي هئي،
جا گهڻو پوءِ ڪوڙو مل ساهت منڊل ”ڪرم ڦل“ (1946)
نالي ڇپائي، پر غلط خبر ڏنل هئي ته اها آکاڻي بنڪم
چندر تان ورتل آهي. ساڳئي منڊل ديوان صاحب جي
مٿئين آکاڻي مان ٽن جو مجموعو ”ٽڙندڙ مکڙيون“
(1946) نالي پڻ ڇپايو هو، جنهن ۾ ”ڪرم ڦل“، ”ٻه
منڊيون“ ۽ ”راڌاراڻي“ وڌل هيون. باقي ”انديرا“ جا
اصل جيٺمل پرسرام سنڌ واسي اخبار ۾ ڇپائي هئي سا
وري ڪانه نڪتي.
اوائلي آکاڻين جي دۇر
وارا ٻيا به ڪي دلچسپ ڪتاب نڪتا هئا، هڪڙو هو
هاسارام ۽ وسڀراج ڏاسواڻيءَ جو ”سڀا جو سينگار“
(1894)، جو دنيا ڀرجي جهوني ۾ جهوني آکاڻين جي
سنسڪرت گرنٿ ”پنج تنتر“ تان ورتل هو، ڪاليداس کان
به آڳاٽي زماني ۾ پنڊت وشنو شرما جو لکيل هو. پنڊت
نارائن سوامي جو ”هو پديش“، جنهن ۾ به ساڳئي طرز
واريون اخلاقي آکاڻيون هيون پر گهڻو پوءِ واري
زماني ۾ سنسڪرت ۾ لکيل هو، تنهنجو ترجمو به جهمٽمل
نارومل هن وقت ڌاري پڌرو ڪيو هو. ”پنج تنتر“
سنسڪرت تان عربيءَ ۾ ”خليل دمنه“ نالي سان ترجمو
ٿيو هو، ۽ ان جي فارسي ترجمي “انوار سهيلي“ تان
محمد بخش واصف 1914ع ۾ ”گلزار چنبيلي“ نالي سان
سنڌيءَ ۾ آندو هو، جو فارسي محاورن سان ڀريل هو.
پوءِ ٺاڪر داس ٿڌاڻي انکي سليس سنڌيءَ ۾ آڻي ساڳئي
نالي سان، عرف ”عقل جون ڪنجون“ ڪوٺي ڇپايو هو. هنن
ڪتابن ۾ پسن ۽ پکين دواران وندرائيندڙ ۽ نصيحت
ڀريون ڪهاڻيون ڏنل هيون. چيو وڃي ٿو ته يوناني Aesop’s
Fables پڻ
”پنج تنتر“ تان ورتل هيون، جي سڪندر اعظم جي ڪاهه
کانپوءِ (عيسوي سن کان 3 صديون اڳ) هندستان مان
يونان ۾ کڄي ويون هيون.
ٻيو جهونو ڪهاڻين جو ڪتاب هو ٽهلرام لوڪومل
پنواڻيءَ جو ”واندڪائيءَ جي وندر“ جنهن ۾ ٻارن
لاءِ روحانيءَ ۽ ڪرامتي آکاڻيون ڏنل هيون. اهو
ڪتاب به ٻالڪپڻ ۾ اهڙي چاهه وچان پڙهندا هئاسون جو
کائڻ پيئڻ وسري ويندو. ۽ ان مان هڪ ڪهاڻيءَ ۾ آيل
هيٺيون بيت اڃا دل تي اُڪريو بيٺو آهي.
”ڪانو،ڪٻريو، ڳيرا، اچي ٿيو مون ڀيڙا،
تر اچي چونڊرايو،نه ته روئڻ پٽڻ سڀ اجايو.“
1895 ۾ هڪ ٻيو اڪثير ڪهاڻين جو ڪتاب ”عجيب نقطا“
نڪتو، جنهن ۾ روچيرام گجومل جون لکيل اخلاقي
آکاڻيون هيون، ۽ پڇاڙيءَ ۾ وسڻمل مير چنداڻي
(ديواني ڏيارام وسڻمل جي پتا) جا جوڙيل ڪي بيت ڏنل
هئا. هن جي عبارت نهايت نجي ۽ گهريچي هئي.
هن دۇر
جا آخرين آکاڻين جا ڪتاب هئا پرمانند ميوارام جا
”دل بهار“ (1912) جا چار ڀاڱا، جن ۾ ”جوت“ مان
ڪٺيون ڪري ڇپايل مزيدار ۽ وندرائيندڙ نصيحت ڀريون
آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا پڙهي، کلي کيرا ٿي پوندا هئاسون،
پر انهن مان ٻين ڀاڱي ۾ ”چتور ڪماري“ ۽ ٻي هڪ
راجپوت جي سورهيائيءَ جي تاريخي ڪهاڻي ڏنل هئي.
”دل بهار“ (ڀاڱو 1) جي هڪ کلائيندڙ آکاڻيءَ مان
هيٺيون ٽڪرو ڏجي ٿو، جنهن مان پرمانند صاحب جي سپڪ
۽ پنهنجي عبارت جي پروڙ پوندي: ”ڪي زال مرد پاڻ ۾
ٺهندا ئي ڪين هئا. ’چانڊيا مگسيا‘ هوندا هئا. مرد
ڌاري ڪتو ته زال ڌاري ٻلي. وري عجب ڪهڙو جو ٻلي
ڪتو به پاڻ ۾ نه ٺهن! ٻارهوئي چٽا ڀيٽي لڳي هوندي
هين. هڪڙي ڀيري رات جو ڏاڍو اچي مينهن ڇٽڪيو. ڪتو
ويڙهجي سيڙهجي ٻاهر ڍير تي پئجي رهيو هو، سو پسي
پت ٿي پيو. باقي ٻلي سان مزن ۾ هئي. چلهه وٽ ڪوسي
سُتي پئي هئي. ڪنهن مهل جاڳي ته ڇا ڏسي ته ڪتو
ٻاهر پيو آهي. تڏهن مسخري ڪري چوڻ لڳيس.
|