سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:22 

پرمانند صاحب جو ٻيون سٺو بيان مضمون (شڪار ته ڪري مير عليمراد“ 1917 واري نمبر ۾ پيو هو، ۽ ٽيون اخلاقي مضمون ”تصوير جو ٻيو پاسو به اُٿلائي ڏسجي“ آڪٽوبر 1925 واري ۾. پرنسپال صاحبسنگ شاهاڻيءَ جو طبعي مضمون، ”چنڊول“ 1908 ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ (سندس ”سرسوتي“ واري ”وهيو“ وانگر) نهايت باريڪ بينيءَ سان اُن پکيءَ جي عادتن ۽ هلت چلت جو بيان ڳوٺاڻي اصطلاح ۾ ڪيل هو، ۽ سندس فلسفاڻو ليک ”انسان جو دنيوي وطن ۽ سندس عالي قسمت“ آڪٽوبر 1925 ۾ پيو هو. مرزا قليچ بيگ جو ”راڳ“ 1912 ۾ ڇپيو هو، جنهن مان هن صاحب جي موسيقي لاءِ شونق ۽ ڄاڻ جي پروڙ پوي ٿي. سندس اخلاقي مضمون ”انسانيت ۽ حيوانيت“ 1913 ۾، ادبي تاريخ وارو مضمون ”سنڌي ٻوليءَ ۽ اُنجو ڪتابي علم“ آڪٽوبر 1924 کان قسطن ۾ پيو هو، ۽ ”ڏک سکن جي سونهن، ڪونهي سک ڏکن ري“ 1928 واري پرنسپال شاهاڻيءَ جي رٽائر ڪرڻ جي موقعي تي ڪڍيل نمبر ۾ پيو هو. مرزا صاحب جي ”سنڌي ٻولي ۽ انجو ڪتابي علم“ مان سنڌي ٻولي جي اصل نسل بابت چڱي معلومات ملي ٿي، ۽ لکندڙ جي سليس ۽ سنجيدي عبارت جو مثال پڻ پڙپي ٿو:- ”سنڌي اصل هندڪي زبان هئي تنهن ڪري منجهس بيشمار لفظ پراڪرت جي معرفت سنسڪرت مان ورتل آهن، جنمان گهڻا صورت بدلائي ڪم پيا اچن. ان هوندي به ڪيترا لفظ اصل سنڌ جا خاص آهن، خصوصاً اُهي جن ۾ ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ، ڻ اکر اچن ٿا. باقي ڏاهر، ڏهرسين ۽ ٻيا اهڙا نالا ۽ لفظ تاريخ ۾ ڏسجن ٿا، ۽ ڪي ٻيا به اصلوڪا نج سنڌي لفظ ڪم اچن ٿا جيئن ته جنگ، درنگ، ڍينگ، پڳڙي وغيره. هيءَ اصلوڪن هندي ۽ نج سنڌي لفظن کانسواءِ باقي ٻيا عربي، فارسي، ترڪي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ آهن. حساب ڪيو اٿن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سنسڪرت اصل جا ٻارنهه هزار لفظ آهن، ساڍا ٽي هزار اصلوڪا نج سڌي لفظ آهن، اڍائي هزار عربي لفظ آهن ۽ ٻه هزار فارسي * ترڪي وغيره آهن.“ (يعني 1924 ڌاري سنڌي لغت ۾ فقط ويهه هزار لفظ هئا، جن مان ٽيون حصو سنسڪرت بنياد جا هئا.) ”پر سنڌيءَ جي نسبت ۾ ايتري تعريف ڪرڻ لازم آهي ته پنهنجي ماءُ (پراڪرت) ۽ نانيءَ (سنسڪرت( سان سچي ۽ ايمانداري ۽ وفادار رهندي آئي آهي، جو اُنهن ٻنهي جون اصلوڪيون خاصيتون ۽ صورتون گهڻيون ۽ صحيح مؤجود آهن.... مثلاً سنڌيءَ جا فعل ۽ ظرف سي البت عربي يا فارسي نموني تي ٺهيل آهن، باقي ٻيون گهڻو ڪري سڀ صرف ۽ نحو جون صورتون سنسڪرت ۽ پراڪرت وياڪرڻ سان موافقت رکن ٿيون، ۽ منجهس ايترا لفظ اُنهن ٻن بنيادي ٻولين جا، اصلوڪي يا بدليل صورت ۾، موجود آهن، جو اُنهن مان جي ٻيون ٻوليون نڪتل آهن ۽ جن کي اسان سنڌيءَ جون ڀيڻيون سڏيو آهي، تن ۾ ناهن، جئن ته مرهٽي، گجراتي، پنجابي، بنگالي، هندي وغيره.“

سوڀراج نرملداس جو ادبي ليک ”شاهه طالب“ 1925 ۾ پيو هو، ۽ 1928 واري شاهاڻي نمبر ۾ ”سنڌي مشاعرو“ ڇپيو هو، جو ڪاليج واريءَ ”سرسوتي گروپ“ جي مشاعري تي سندس ڪيل تقرير تان ورتل هو. ديوان سوڀراج،  پنهنجي پتا ديوان نرملداس وانگر، عربي، فارسي توڙي سنسڪرت جو ودوان هو، جنهن جي علميت جو حوالو ”شاهه طالب“ جي عبارت مان ڏجي ٿو، توڻي سندس لکڻيءَ ۾ سڌريل بيهڪ جون نشانيون ڏنل نه آهن:- ديسي ٻوليءَ جي جهجهائي صفائي جهڙي شاهه صاحب جي ڪلام ۾ موجود آهي تهڙي ٻئي ڪنهن هنڌ ڪانه ٿي ڏسجي— شاهه صاحب فارسي خواهه عربي لفطن کي به بيتن ۾ اهڙو ته سنواري سڀاويڪ ڪري بهاريو آهي جو ڪيابات— فارسيت ۽ عربيت منجهس ڀاسي ئي ڪانه ٿي— انهي مرد پنهنجي  اتحادي دل جي قرب سان سڀني کي اهڙو ته گڏي ڀاڪر ۾ آندو آهي جو ڄڻ پراوا پنهنجا ٿي پيا آهن ۽ فارسي عربي هندي خواهه نج سنڌي سڀ سواد ۾ هڪ ٻئي کان وڌ—“

ديوان ڪوڙيمل جو نصيحت ڀريو مضمون ”ڀل مانسي“ 1912 ۾ ڇپيو هو، ۽ جيٺمل پرسرام جو ادبي ليک ”لات لطيفي“ 1913۾. لعلچند امر ڏنيمل جو سئر سفر وارو مضمون ”ڀنڀور“ 1920 ۾، ۽ ”ڄٽ ڪير؟“ 1930 ۾ ڇپيا هئا. ڀيرومل مهر چند جو عام واقفيت وارو ليک ”اک“ 1916 ۾، فطرتي مضمون ”سارنگ“ فيبروري1930۾، ۽ بياني مضمون ”مارئيءَ جو ملڪ“ 1941۾ پيا هئا. فيبروري 1938۾ هن عالم جو ادبي مضمون ”شاهه جي سنڌي“ پيو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ”مقدمه لطيفي“ مان ”شاهه جي سنڌي“ واري باب نسبت مثال ڏيئي کولي سمجهايو هئائين ته ڪهڙن سببن ڪري شاهه جو آڳاٽيءَ نج سنڌيءَ ۾ لکيل شعر پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ مشڪلات ٿي ٿئي. فيبروري 1944 ۾ هڪ گمنام ليکڪ جو مضمون ”پريشانيءَ ۽ آٿت“ پيو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت تي بگڙيل ۽ کٽل هئڻ جي الزام کي، سهڻو رد ڪد ڏنل هو، ۽ خود اُن ليک جي عبارت به سرل هنديءَ سان ملاوت واري هئي. اُن دلچسپ مضمون مان هڪ فقرو ڏجي ٿو جنهن ۾ سنڌي ٻولي ٿي پڪاري:- ”پرماتما، مون نماڻيءَ ڪهڙو گناهه ڪيو جو هن حال ۾ رهيس؟..... ماڻهو ڪوٺينم هزار دستان، پر وطني ٻوليءَ لئي ٿيس حيران، قسمين قسمين ڪري ڪپڙا اوڍيان پر وطني ڀڳ نه پهريان، ته ڇا وريو؟ منهنجي هيترن ٻولين سکڻ جو ڪهڙو پروجن سڏ ٿيو جو اُٽلندو اها زبان جنهن ۾ آءٌ ٻالپڻي ۾ ماتا ۽ پتا سان حال اوريندي هيس، وساري ويٺيس؟ هاڻي ته منهنجو ڀينرون بنگالي، مرهٽي، گجراتي ۽ پنجابي بلبليون به چٿرون پيئون ڪنم، چي پاڻ وساري پيئي ڀٽڪين، جيڪي هوءِ سو سڀ وڃائي!..... هي سدا ديالو پرميشور، هي طعنا تنڪا ڪيستائين پيئي سهنديس؟ گهڻو ئي ڪي سٺو اٿم، ڪڏهن اونائيندينم، عرض اگهائيندينم، ۽ آسون پڄائيندينم؟

”بڻ ته گهٽ ڪين اٿم. ماڻهو چونم تون ته سنسڪرت پارسيءَ جي پڇي، پر سندن منهن ڀيڏا، دليون ڪاريون، پاڻ پڇاڻن ئي ڪين. سندن زبان ۾ ڪيترين ٻولين جا اثر آهن، اسين سڀ ڀينر پراچين زماني ۾ هڪ ئي ٻولي ڳالهائينديون هيون سون.... هت سنڌ ۾ به ته پهرين سنسڪرت جو اجالو هو.... عرب ۽ ايراني ڪاهون ڪري آيا..... جنهن ڪري سندن ٻولي جو اثر سنسڪرت تي پوندو ويو، پوءِ جيئن جيئن ڪلهوڙن ۽ ميرن پي سنڌ تي دخل ڄمايا آهن. سندن ٻوليءَ جو پرڀاؤ هن سان مشرت ٿيندو ويو. اهو ڪو منهنجو قصور ته نه آهي ۽ نڪو ڪو اها ڳالهه رڳو مون ۾ ئي موجود آهي....... ڪهڙي به ٻولي ڏسندا ته مٺ کان آجي نه آهي. وري جي چئجي ته ٻين ٻولين ۾ وڏن وڏن شاعرن ۽ ست پرشن جي ٻاڻي رچيل آهن، ته مان به انهيءَ کون خالي ته ڪين آهيان. مون ۾ شاهه صاحب جا ته بيت اهڙا آهن جو عقل ئي چرخ کايو وڃي.... ڪافيون ته سنڌيءَ ۾ بي انت رچيل آهن، سچل ۽ روحل، بيدل ۽ بيڪس ته ماڻڪن ۽ موتين جا هار ڪري پوتا آهن. ڏوهيڙا ٻڌبا ته دل اُٻنگ ۾ ڀرجي ويندي. جي کڻي زالن جا پاراتا ٻڏجن ته خبر پئجي ويندي ته سنڌيءَ ۾ ڪيترو نه سوز آهي. ننڍيون ننڍيون تڪون ۽ مثال آميز گفتا ته عالم جام آهن. تنهن هوندي به هي ڌڻي، مون پيا ڌڪارين ۽ ائين پيا ڀڄنم ڄڻڪ کائڻ ٿي اچان، تون ڪاموڍين مت ڏين، سمجهه جي رڳ تيز ڪرين.... ته طعنن ڇٽان ۽ تنهنجي سدائين دعاگو رهان. ”ائين هن ويچاريءَ  پي پڪاريو ۽ مٿو پٽيو. وڌيڪ سٺو ڪين ويم، نڪري نروار ٿي چيومانس ته مالڪ قادر ۽ ڪارساز آهي، تنهنجي آهه ٻڌي اٿس، راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن معزز ماڻهن تنهنجي ترقيءَ جو پڪو پهه پچايو آهي. اڳتي ننڍا ننڍا پستڪ تو واڌاري لاءِ جوڙيندا ۽ دلئين ڦهلائيدا ته تنهنجو ئي واپرجڻ هر هنڌ شروع ڪجي. اميد ته سندن جوش ڪين گهٽبو ۽ ٻيا به ڪيترائي سنگتي ساٿي بڻجي تنهنجي شيوا ۾ ڪمر ڪشيندا.“

تولارام بالاڻيءَ جا ”حب وطن“ (1914) ۽ درياهه جو درش“ (1918) هن اوائلي اخبار نويس ۽ ديش شيوڪ جا سهڻا ليک هئا، جن مان ٻئين مضمون مان هيٺيون ٽڪرو، فلسفاڻي خيال سان گڏ، جهوني قافيه دار نثر جو عمدو نمونو هو، ۽ ثابت ٿو ڪري ته سنڌي ٻولي قافين ۾ ڪيتري مالدار آهي:- ”درياهه انسان کي درياهه دليءَ جي ڀيٽا ڏيئي ڪئن نه هنجي چت من کي سوکم زبان سان سمجهائي ٿو: ڏس تنهنجو حاطو منهنجي حاطي کان به وڏو آهي، تنهنجو ڪنارو منهنجي ڪناري کان به ڪنارو ڪندڙ آهي. تنهنجو پيٽ اونهو ۽ بي پايان آهي، تنهنجو شان اعليٰ ۽ بي ڪران آهي، تنهنجي پيٽ تي ساگر به ڦرنيءَ سمان آهي، تنهنجي پاسي ڪنڊ ۾ پربت به پٿر جي ذري جيان آهي. تنهنجي پيٽ تي سڄو سنسار به خيال جي صورت ۾ ڦوٽي ۾ لهر وانگيان آهي. تنهنجي پيٽ ۾ قدرت جو ڪل سامان آهي. ايتري اوچي شان هوندي به تنهنجو سلسلو وري به سرير جي اندران آهي. پنهنجي شان کي پاڻ وساري سرير جي سنٻنڌ ۾ تون غلطان آهين، شوڪ جو نرٻنڌن تي به سنٻنڌ ۽ ٻنڌن جي ڇڪگهل ۾ سرگردان آهين. ڪجهه منهنجي حال تي به خيال روپ نگهه ڪر، ۽ پنهنجي ۽ منهنجي حالتن کي ويچار جي ساهميءَ ۾ ڌر. مان باصورت درياهه پنهنجي بي تعلقي ۾ برقرار آهيان، ۽ تون ٻي صورت ۾ درياهه بي تعلقيءَ کان بيزار آهين. مان باصورت درياهه نه ڪنهنجو دشمن نه ڪنهنجو يار آهيان، تون بي صورت درياهه ڪنهن جو دشمن ۽ ڪنهن جو دلدار آهين. مان باصورت درياهه ڪنارن سان سنٻنڌ رکندي به ڪنارن کان ڌار آهيان. تون بي صورت درياهه سرير جي سنٻنڌ کان رهت رهڻ ڇڏي سرير جي قيد ۾ ذليل ۽ خوار آهين. ذرا ويچار کي وچ ۾ وهار ۽ پنهنجا آچار سوڌا بڻاءِ. منهنجن گڻن کي هڪواري هيئن سان هنڊاءِ، ۽ ائين سمتا جو سرمو پنهنجين اکين ۾ پائي سمد رشتيءَ جو سک پاءِ ۽ پورن آنند ۾ سماءِ.“

جهامنداس ڀاٽيا جو ”حياتيءَ جي حقيقت“ (فيبروري 1916) عمدو مضمون هو، ۽ رامچند اجواڻيءَ جو ”مرتيو کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي“ (آڪٽوبر 1916) ۾ پڻ خاصو خيالي ليک هو. محمد صديق ميمڻ جا ”سهڻو“ (1916)  ۽ ”حق جي ڳولا“ (1917)، ميران محمد شاهه جو ”گنجي جبل جو سير“(1919) ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (1924) جنهن مان پهرئين باب ۾ مثال ڏنل آهي، ايم- آر- عباسيءَ جو ”ننگر ٺٽو ۽ مڪليءَ جي ٽڪري“ (آڪٽوبر 1924 کان قسطن ۾)، تاج محمد آغا جو ” شاهه ۽ سندس شعر“ (1929)، ۽ عبدالڪريم ميمڻ جو ”نفاق“ (1933)- سڀ پنهنجي پنهنجي نمموني جا سهڻا مضمون هئا. ”گنجي جبل جو سير“ مان ميران محمد شاهه جي بياني قوت ۽ شاعراڻي تصور جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:- ”جان کڻي ڪنڌ ڦيريو ته واهه! عجب عالم نظر آيو، جنهن سڀ ڏک ڏاکرو وڃايو. پهريائين ته ڀانيوسين ته ڪنهن عالم روحانيءَ ۾ ملڪن مهماني ڪئي اٿئون، يا موليٰ مهر ڪري جئري جنت جو جلوو پسايو اٿئون. پر خلوص ۽ خيال بعد هوش ۽ حواس حامي ٿيا، جنهن ڪري پروڙيوسون ته نه ٻيلي ساڳئي گنجي ٽڪر تي کڙا آهيون جو اڳي گنجو يا ٺوڙهو نظر ايندو هو، مگر هاڻي برسات برسي بهار لائي گنجي کي گلزار بنائي ڇڏيو آهي. ڇا هيٺاهين جا مٿاهين، ڇا کهو ڇا کڏ، ڇا لڪ ڇا لانگهو، ڇا راز ڇا رند، سڀ اهڙا سرسبز ۽ ساوا ٿي نظر آيا جو ڄڻ قدرت جي ڪنوار جي سينگار لاءِ سائي ساڙهي بنائڻ جو ارادو ڪيو هو. وري ان سائي سطح تي جا رنگ برنگ، گونا گلن جا جهڳمڳ ۽ جهرمر هئي تنهن هيڪاري مٿين خيالن جي تصديق ڪئي ٿي، ڇو ته سائي سطح جي ساڙهيءَ قسمين قسمين گلن، لعلن ۽ هيرن جواهرن ۽ جعفرن جي جوت جتائي ٿي.“

آسانند مامتورا جو ادبي مضمون ”شاهه عاشق“ 1924 ۾ ڇپيو هو، ۽ پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي جو تاريخي ليک ”کنڀات“ 1925 ۾. منگهارام ملڪاڻي جا نظماڻي نثر ۾ اوائلي تجربا: ”عورت جي اُستتي“ ٽاگور جي ”گارڊنر“ تان ورتل 1928 ۾، ۽ ”راڳيندڙ ۽ استاد“ ٽاگور جي ”گيتانجلي“ تان ورتل 1929 ۾، پيا هئا. امر لعل هنڱوراڻيءَ جو ”مان ماستر آهيان“ (1930)، پروفيسر پي- جي- وسواڻي جو ”ڇيڄ“ (1931)، ۽ شيوڪ ڀو ڄراج جو ” چوريءَ جون ڳالهيون“ (1932) پڻ سٺا مضمون هئا.

سنڌ ڪاليج مخزن ۾ پروفيسر لعلسنگ اجواڻيءَ جا مضمون گهڻي ۾ گهڻي انداز ۾ پيا هئا، جن مڙني ۾ سندس وشال اڀياس، اوچا ويچار ۽ چيدي عبارت ظاهر هئا: ”جيوت جو ٿنڀو“ (1932)، ۽ ”جيوت جو مزو“ (1934)، ”اسان جو وجهه“ (1938)، ”هڪ سوال“ (1939)، ”هڪ عجيب لطف“ (1941)، ”نثر- ڪي گهرجون“ (1942)، ”نئون ورق“ (1946) ۽ ”شعر ۽ سڀيتا“ (1947). ”نثر- ڪي گهرجون“ مان هي ٽڪرو، خيالن خواهه ٻولي جي پختائيءَ ڪري، خود کيس هڪ قابل نثر نويس جو پد ٿو ڏئي:- ”نثر وارو نه آڪاس ۾ ٿو اڏامي، نه پاتال ۾ ٿو غوطا کائي، نثر واري جي رفتار پڪي زمين تي آهي، پوءِ ڪو کڻي پنڌ ڪري، ڪو هاٿيءَ جي سواري ڪري، ڪو موٽر کي ڀڄائي. اهڙي پانڌيئڙي يا سوار لاءِ بيشڪ خاص گهرجون آهن، خاص قاعدا آهن، خاص پابنديون آهن. مکيه فاعدا يا پابنديون چئجن ته ٽي آهن. هڪ ته جيڪي نثر واري جي من ۾ هجي سو ٻڌندڙ يا پڙهندڙ کي اوئين جو اوئين پهچي...... (تنهنڪري) نثر جي پهرين وصف، يا نثر جي پهرين گهرج آهي صفائي. نثر واري لاءِ اهو ضروري آهي ته سندس لفظن ۾ ضابطو هجي، بيهڪ هجي، ائين نه هجي ته هڪ لفظ وڃي اڪبر ته ٻيو مڪبر، هڪ بيٺو هجي سڌو ۽ سنئون ته ٻيو پيو ريڙهيون ۽ ليٿڙيون پائي..... نثر جي ٻي وصف آهي پڪائي.... پر اول نمبر جي نثر جي وصف هڪ ٽين آهي. نثر سچ پچ اهو جو نه رڳو کاڌو پر معجون هجي. نثر سهڻو اهو جنهن ۾ سنڌوءَ يا گنگا جي اوجل جل جي ڌارا هجي. ڪنهن پوتر نديءَ جي ڪپ تي پسار ڪندي جيڪو مزو ۽ آنند اچي سو اوچ نثر مان حاصل ٿيڻ کپي. جنهن نثر جي رفتار کي ڏسي اکيون ٿڌيون نه ٿين، مغز کي طراوت نه اچي، خيال جي بلندي ۽ اونهائي نه حاصل ٿئي، اهو اهڙوئي ڪجسو آهي جهڙي اُها بيٺل ڍنڍ جنهن جي پاڻيءَ کي ڏسي نه ٿڌڪار اچي ، پر فرحت، نه پرسنتائي:

درويش روان رهي ته بهتر،

آب روان رهي ته بهتر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org