سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:30 

هن انتخاب ۾ ڀمڀاڻي صاحب جو ”عبارت“ ادبي ليک هو، ”نالا“ خيالي ليک، ”عظيم غلطي“ مذاقي مضمون، ۽ سڀني کان عمدا پنگتي مضمون: ”هري“ جنهن ۾ مائٽن جا ابهم ٻارن تي ظلم ڏيکاريل هئا، ۽ ”فقيرن لاءِ قاعدو“ جنهن ۾ فقيرن جي سقيم حالت لاءِ سماج کي هن ريت جوابدار ٺهرايل هو: ”ڪهڙو نه پورو سوال؟ ويچارا ڪاڏي وڃن؟ ڪير هنن کي اجهو ڏيندو! غريبن جو ڪير هاري ٿيندو!!.... غريبن دنيا ۾ برابر گند ڪيو آهي، مون دل ۾ چيو. انهن جي گدلائيءَ جو ڪارڻ سندن غريبي آهي، سندن محتاجي آهي. ان ڪارڻ جي علاج ڪرڻ بدران، هنن جي مسڪين پڻي کي دور ڪرڻ بجاءِ، اسين هنن کي ڌڪاريون ٿا، کين سماج تي اڻ گهربل بوجو ٿا سمجهون. هنن کي صفائي سيکارڻ جي بدران، اسين ان صفائيءَ جي صدقي سندن حياتيءَ جا قاتل ٿا بڻجون. غريبن جو رت شاهوڪارن لاءِ فنائيل آهي جنهن سان هو شهر يا ڳوٺ جي گهٽين کي ڌئاري صاف ڪن ٿا. انسان ڪهڙو نه بيدرد آهي! غريب به ته سماج جو جزو آهي، پوءِ اُنهن جي سڌاري لاءِ ڇا ٿو ڪيو وڃي؟“

1947 ۾ پروفيسر خوشيرام واسواڻيءَ پنهنجي مضمونن جو ڳٽڪو ”ڪلاڪار جي دنيا“ ڇپايو هو، جن مان ڪن ۾ آکاڻي جو انگ پڻ رکيل هو، ۽ منجهن ڳوڙها فلسوفاڻا خيال موزون ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪيل هئا. اُنهن مان خاص سٺا مضمون هئا:”جيوت ناٽڪ“، ”ننڍڙي پشپا“ ۽ ”ڪمل جي ڪهاڻي“ جي پهرين ”سنڌو“ مخزن ۾ پيا هئا. تنهن کانسواءِ، وسواڻي صاحب ٽاگور جي Gardener, Gitanjili ۽ Grescent Moon مان ڪيتريون ڪوتائون نظاماڻي نثر ۾ آڻي ”ڦليلي“ ۽ ”سنڌو“ مخزنن ۾ ڇپايون هيون.

 

خارجي يا غير شخصي ،مضمونن جا ڪتاب

مضمون نويسيءَ جو ٻيو مکيه نمونو آهي خارجي يا غير شخصي Objective Essays جنهن ۾ لکندڙ جي باطني خيالن ۽ احساسن تي ايڏو زور نه ڏنل هوندو آهي جيڏو زندگيءَ جي ظاهري بيانن ۽ احوالن تي، در حقيقت، ادب جي ڪنهن به شاخ ۾ داخلي ۽ خارجي(Subjective and objective) جو سنڌو رکڻ ڪيترين حالتن ۾ مشڪل ٿي پوندو آهي، ڇو ته ادب ۾ گهڻو ڪري اهي ٻئي جزا، شخصي ۽ غير شخصي موجود هوندا آهن. ادب جو بنياد توڻي زندگيءَ جي ظاهري جاچ جوچ تي ٻڌل آهي، پر ان ٽياس مان جيڪي اندرونا ويچار لکندڙ ۾ پيدا ٿيڻ ٿا، تنجي سهڻي اظهار کي ئي ادب چئجي ٿو. شعر ۽ مضمون جهڙن ادب جي شخصي شاخن ۾ به بعض غير شخصي احوال اچي ويندا آهن، آکاڻيءَ، ناول ۽ ناٽڪ جهڙين غير شخصي شاخن ۾ پڻ شخصي جذبا ظاهر ٿي ويندا آهن. تفاوت فقط اهو آهي جو داخلي ادب ۾ شخصي ويچارن تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ٿو، ۽ خارجي ادب ۾ زندگي جي غير شخصي پهلوئن تي، تنهن ڪري هن فقري ۾ انهن مضمونن جو ذڪر ڪبو جن ۾ لکندڙن جي شخصيتن جو انگ گهٽ آهي ۽ گهڻي ڀاڱي بياني، پنگتي ۽ تواريخي وغيره احوال ڏنل آهن.

(1)        سئر سفر جا ڪتاب:

سئر سفر جي بياني ڪتابن مان لعلچند امر ڏنيمل جو ”مسافريءَ جو مزو ۽ سير جو رنگ“ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جنهن ۾ هن صاحب دکن هندستان جي مکيه شهرن ۽ پهاڙن جا سندر بيان ڏنا هئا، ۽ جو پنهنجي ”سنڌي ساهت سوسائتي“ جي ماهوار رسالي ۾ 1915 ۾ ڇپايو هئائين. 1923 ۾ ڀيرومل مهر چند جو .سنڌ جو سيلاني“، جيٺمل پرسرام پنهنجي ”نئين سنڌي لئببري“ ۾ ڇپايو هو ۽ سئر سفر جو نهايت دلچسپ ڪتاب هو. منجهس سنڌ جي مشهور شهرن ۽ بزرگن، درگاهن ۽ ميلن وغيره جون حقيقتون ۽ ڪهاوتون گهڻي کوجنا ڪري ڏنل هيون. جيٺمل صاحب هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو هو: ”هن ڪتاب ۾ تواريخ ۽ جاگرافي ٻئي ڪهاڻيءَ جي نموني ۾ ملي وندر ۽ هدايت ٿيون بخشين.“ هن پهرئين ڀاڱي ۾ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ضلعن جا سئر سفر ڏنل هئا، ٿر ملڪ جي سفر وارو ٻيون ڀاڱو الاجي ڇو نڪتو ئي ڪونه. ڀيرومل صاحب 1926 ۾ ”لطيفي سئر“ ڪڍيو، جنهن ۾ شاهه لطيف جي رسالي مان، سندس حياتيءَ ۽ سفرن جو احوال ترتيب وار ڪڍي ڏيکاريائين، ۽ اهو به ظاهر ڪيائين ته شاهه صاحب جا علحدا سر ڪهڙن وقتن ۽ هنڌن تي چيا ويا هئا. تنهن کانسواءِ، اُنهن هنڌن جا تاريخي احوال ۽ قومي ۽ پنگتي حالتون پڻ شاهه جي ڪلام مان ڪڍي ڏيکاريائين.هن ڪتاب جا مکيه ڀاڱا: ”هنگلاج ڏي ويندي“، ”گرناري ڏي ويندي“، ”سنڌ ڏانهن موٽندي“، ”مارئيءَ جي ملڪ ۾“(جيسلمير ڏي ويندي)، ۽ ”ٿر جو احوال“. ايڏيءَ کوجنا جو ڪم ڀيرومل جهڙو اپار عالم، ۽ خود سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سيلاني ئي ڪرڻ لائق هو، جنهن جو داد مرزا قليچ بيگ هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ هن ريت ڏنو هو: ”گهڻي وقت کان آءٌ پاڻ انهي پورهئي ڪرڻ جو خواهش دل ۾ رکندو آيس ۽ انهي لاءِ نوٽ به رکندو آيس... پر جيسين مون ان بابت موالين وانگر اڃا خيال پي پچايا، تيسين منهنجي دوست مسٽر ڀيرومل اهو ساڳيو ڪم لاهي، پنهنجا ڪاغذ اوچتو آڻي منهنجي اڳيان رکيا.... سچي ڳالهه اها آهي ته جهڙو ڪم آءٌ پاڻ ڪري سگهان ها، تنهن کان مسٽر ڀيرومل جو ڪم بهتر ڏٺم. گهڻيون ڳالهيون، جي شايد منهنجي خيال ۾ نه اچن ها، سي هنجي خيال ۾ آيو آهن ۽ اُنهن جي هن پوريءَ طرح جاچ ۽ کوجنا ڪري، اهي پنهنجي ڪتاب ۾ آنديون آهن.“

پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي ٻيون سنڌ- هند جو سئلاني هو، جنهن جي ڪتابن ”ڪشمير جو سير“ (1926) ۽ ”گجرات“ (1929) جو ذڪر هن باب جي شخصي مضمونن واري فقري ۾ ڪيل آهي. هتي فقط ”ڪشمير جو سير“ مان هڪ حوالو پروفيسر صاحب جي بياني ڍنگ ڏيکارڻ لاءِ ڏجي ٿو. منهنجي نظر ۾ سندس ”افروٽ پربت“ سنڌي سئر سفر جي ساهت جو سرموڙ مضمون آهي، جنهن ۾ تصوير نگاريءَ سان گڏ نفيس مذاق جي به سهڻي ملاوت رکيل آهي:- ”برف ويئي اڇي ٿيندي ۽ نرم ٿيندي. ڏس ته چمڪي پيئي، وڌ ته دٻجي پيئي. اکين ۾ ڪرامت آهي، ۽ تجلو ڏسي اڌ پورجي انتر ڌيان ٿيو وڃن، پر پير ته نيچ آهن ۽ بت بنهه اسٿول سو ڪيئن هلڪو ٿئي؟.... هاڻي اچو ٽئين ڪلاڪ تي، جيئن ٿڌ تيئن وڌ، برف جو دونهو اهڙو جو اکين مان ڄڻ پاڻي ٿو وهي. برف اهڙي پٽڙي جهڙي رٻ. هن پنيءَ ٻوڙ رٻ مان ڪئن ڪاهجي؟ پير وڃڻ يخ ٿيندا ۽ پنيون وڃن ٽاٽ ٿينديون. ڇا جي جتي ڇا جي لٺ، هت ته گوڏي جو به پتو ڪونه ٿو پيو ۽ لٺ رک ته مٺ تائين هيٺ هلي ٿي ويئي. اڳيان نهار ته جبل اڃا جيرو بيٺو آهي. بس عاشق واري ڪار ٿي:: آهه سراءَ ورنگ زرد و چشم، تر- انتظاري بيقراري درد سر. ٽيون ڪلاڪ نبريو ته به مکاميلو نه ٿيو، جتيون، جوراب پسي ڀت ٿي ويا. زبان لڳي ويئي ۽ دم چڙهي ويو.... ويهي ناشتو ڪيوسون ۽ سر کي ساعت ست ڏنوسون. پر اُڃ هئي سو پياس ڪيئن ترپت ڪجي. برف سان مٿا ڪٽياسون، پر هيءَ چوي ته هونءَ نه پرچان، چم نه پرچان، هون ءَ نه ڳران، چٽ ته ڳران. پوءِ ته نخريليءَ کي ويهي چٽيوسون ۽ چميوسون ۽ پاڻ ٺاريوسون، پر هت ته ڍڪن مان مس ڍؤ ٿئي سو پڪون ڪئن پوريون پون.؟

”نيٺ اٿي کڙا ٿيا سين ۽ پهاڙ کي ليلايوسين ته ادا، اها ڪسوٽي اسان پياسين لاءِ بس آهي، ته اوچتو مون کي هڪ خيال اچي ويو. منهنجي اڳيان منهنجو دوست پئي هليو ۽ مان ان جو پيروٺي، پير مٿان پير رکي پئي هليس، ڏٺم ته ڪشٽ هنجو ۽ فرحت منهنجي. برف هن کان پيئي ٽهي پر مون سان پيئي ٺهي. خوشيءَ وچون اها خبر ڏني مانس. ’ويٺي هئي رُٺي، باقي آيس پيڪس ماڻهو!. هي يار امالڪ منهنجي پٺيان پئجي ويو ۽ ڏاڍا ڏوراپا ڏيڻ لڳو. چي هيستائين ڇو لڦون پيون هيءَ ڇا، جو ڪڇي ئي ۽ نٿي؟ مون به وري ساڳي ڪار سونهي سان ڪئي ۽ چيس ته مهرباني ڪري اڳيان تشريف رکو....

”کلان مرگ کان چڙهندي چوٿين، ڪلاڪ پڄاڻا من جي مراد پوري ٿي ۽ برف جي چوٽي تي شان سان تشريف رکيسين ۽ هڪ ٻيٽاريءَ تان ويهي اڌ ڀت درشيه ڏٺوسون، چارو طرف برف ئي برف وڇائي پيئي هئي. هڪ هئي لسي، ٻيو اڇي، ٽيون نرم، ڪٿ لس ليٽ، ته ڪٿي اُڀي هيٺ، ڪٿ چوٽيون ٿي چمڪي، ڪٿ ڳري پيئي وهي. ڏينهن صفا هو ۽ آسمان جي نيلي گنبذ ۾ هيري جو جلوو هو. تجلي ۾ هٿ پٽ آرسيءَ وانگر پي ٻهڪيا، ڪٿ برفن جا برج نيلا پي ڏٺا. دل ۾ هو ته رهجي ته هت، سمهجي ته هت، ڪڏجي ته به هت، پر هن پرم ڌام لاءِ سوکيم سرير ڌارڻو پوندو. اهڙي ٿڌي جهيڻي هوا سان هيءَ جڙبت ڪيئن سواس کڻندو، اهڙي نرم ڪومل بستري تي هيءُ ڪيئن چئن ڪندو ۽ اهڙي سندر سوڀنيڪ واسي ۾ ڪيئن ولاس ڪندو. ويٺاسون ته جڏو ايتري ۾ ڪڙڪڻ ڪنجهڻ لڳو. چي: سيءَ ٿو پوي ۽ ٿڌ ٿي وٺيم. هڪ ڏينهن ڇا پر اڌ ڏينهن اُٿي آسڻ ڪريون ها ته ضرور اسٿول مان ڦري سوکيم ٿي وڃون ها ۽ جڳت جي جنجال کان آجا ٿي پئون ها. پر هن جڙ سرير ۾ موهه هو ۽ ديولوڪ پڌارڻ جي سکڻي سڌ هئي. شاهه صاحب ڪين چيو آهي ته:

سَڌائتي سڀ ڪا، بک نه باسي ڪا،

جيهيءَ تيهيءَ ذات جي جنبش ڪانهي جاءِ،

مونسين هلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري.“

سنڌ جو ٽيون ساهتڪ سيلاني منوهرداس ڪوڙومل هو، جنهن (انگريزيءَ ۾ ڪشمير ۽ دکن آفريڪا ۾ سفرن ڪتابن لکڻ کانسواءِ) سنڌي ۾ باتصوير ”هند جو سئر“ 1929 ۾ ڇپايو هو، جنهن ۾ ساري هندستان ۾ ڪيل سندس سئرن سفرن جا عمدا بيان ۽ احوال ڏنل هئا. 1938 ۾ روچيرام ڄيلڙا ”هردوار جو اتهاس“ نالي مورتن سان ڪتاب ڇپايو هو، جنهن ۾ هردوار سان گڏ رشي ڪيش ۾ بدري نارائڻ جي ياترائن جو وڻندڙ ورنن ڪيل هو. 1941 ۾ پرسرام مسند ”سکر سونهارو“ لکيو هو، جنهن ۾ سنڌوءَ جي ڪنٺي تي اڏيل اُن سهڻي شهر جا سندر بيان ۽ اتهاسڪ احوال ڏنل هئا. هن وقت ڌاري ارجن سڪايل ”ٽنڊهه آدم اتهاس“ ۾ ان شهر جو مڪمل احوال ڏنو هو.

1942 ۾ الله بچايو سمون ”سير ڪوهستان“ ڪڍيو، جو نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جي ”ڪشمير جو سير“ کانپوءِ، سنڌي سئر سفر جي ادب جو عاليشان مثال هو. هن ڪتاب ۾، سنڌ سان لاڳيتي پرڳڻي ڪوهستان جي پهاڙ نظارن، اُنجي خانه بدوش باشندن، سندن مصيبت زده زندگي ۽ ايمان جي سلامتي جا مفصل بيان نهايت شاعراڻي ۽ همدرداڻي نوع ۾ ڪيل هئا. سمي صاحب ڪتاب جي تمهيد ۾ خود چيو هو:- ”اسين جيڪڏهن ڪوهستاني ماڻهنجي خوبين مان ڪي پرايون ته هوند ههڙا نستا، روڳي، ڪانئر فرقه پرست هرگز نه ٿيون.“ هن ڪتاب جي خاص خوبي لکندڙ جي نبار، محاوريدار سنڌي عبارت آهي، جنهن بابت هن لکيو هو:- ”اسان جي سنڌي مصنف ڀائرن ڪيتري ئي سنڌي زبان وساري ڇڏي آهي، جا اڄ تائين ڪوهستاني غريب، غارن ۽ چرن ۾ ڳالهائي رهيا آهن. اُها سنڌي، جنهن سان شاهه صاحب پنهنجي رسالي کي جڙي ڇڏيو آهي، عام جي اڳيان پيش ڪئي ويئي آهي.“ ”سير ڪوهستان“ مان ”پاڙيسرين سان ورتاءُ، واري مضمون ۾ آيل هيٺيون فقرو، سمي صاحب جي پر اصطلاح ٺيٺ سنڌيءَ جو نمونو آهي:-

”عاقبت انديش ماڻهوءَ جو ڪم آهي ڪهي وڃي ڪلهو ڏيڻ. برادريءَ جي الغرضائي ۽ الڙائي ڪري ڪم کان عار ڪرڻ اهڙو آهي، جهڙو اُڀ ۾ ٿڪون هڻڻ. ڪنهن جي اگهي سگهي ڪبي، تڏهن ته هو به اچي منهن تان پلو کڻندا. نه ته، ڪنهن کي گتي پيئي آهي، جو ڪنهن جي ڪائي کڻي. ڪنهن کي هيڻي حال ڏسي، پڳ پاهون ڪرڻ ۾ نه بندو راضي، ۽ نه خدائي خوش. ڏبو ته وٺبو، ڪبو ته ملندو. نه ته، ڪوڙو پهه. پاڙو پيغمبرن کي به پيارو هو. رشين منين به اُن جي رکشا ڪئي. الله ڪي اچن، وڃن نه مؤران . ٺوري به چئن ڪتن سان سونهي.“ سمي صاحب ٻيو سفر جو ڪتاب ”سير لاڙ“ ساڳيءَ طرز سان تصنيف ڪيوهو، جو به پڙهندڙن ۾ مقبول پيو هو، ڇو جو ان لکڻيءَ جو نوع به دلڪش هو ۽ عبارت پختي هئي.

1943 ۾ ”سک ٽرئڪٽ سوسائتي“ تيرٿ سانولاڻيءَ جو ”دؤر مشرق“ شايع ڪيو هو، جنهن ۾ هندستان، چين ۽ جپان ملڪن ۾ سئر سفر جا دلچسپ بيان ڪيل هئا. پڇاڙي ۾ جهونو سفر جو ڪتاب اٽڪائي ٿو ڇڏجي، جنهن جو ڇاپي جو سن هٿ اچي نه سگهيو آهي، اُهو هو يورپي سيلاني ڊاڪٽر برٿنير جي ڪتاب جو ترجمو ”هندستان ۾ سئر“ جو مکي سيرومل ساگراڻيءَ، ”چندر ڪانتا“ ناول جي ترجمان، سنڌيءَ ۾ ڪيو هو.

(2) قومي مضمونن جا ڪتاب

سنڌي م قومي ڪتاب به ڪجهه نڪتا هئا جن مان، مٿي ذڪر ڪيل جيٺمل پرسرام ۽ نارائن ملڪاڻي جي جيلي جيوت بابت ڪتابن کانسواءِ، وشنو شرمائا جو ”هندستان جي پائمالي“ 1927 ۾ نڪتو، جو آزاديءَ جي هلچل بابت اڀاريندڙ مضمون هو. 1933 ۾ ويرومل ملاڻيءَ ”ديش ڀڳتي“ لکيو هو، جواصل واسديو آپٽي جي مرهٽي پستڪن تان ورتل هو ۽ منجهس سنڌي ٻارن ۾ ديس ڀڳتيءَ جا ڀاؤ جاڳائڻ لاءِ سليس سنڌي ۾ ليک ڏنل هئا. 1935 ڌاري هڪ مسلم لکندڙ غلام دستگير مرزا ”مهاتما گانڌي“ لکيو هو، جنهن ۾ نهايت همدردي سان گانڌيءَ جي لکيتن مان چونڊيل، سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب هئا: .آنند هنڱوراڻيءَ جو ”هندو سؤراج“ (1940)، ڏيپچند تلوڪچند جا ”ڳوٺ سڌار، (1944) ۽ ”بابوءَ جا خط“ (1945)، ۽ پروفيسر گهنشيام جيٺانند جو ”سنڌ ڏانهن سنيها“ (1946) ۾ پروفيسر ريواچند ڪيسواڻيءَ جو ”ايشوري شڪتي“ ڀارت جيون وارن ڇپايو هو، جنهن ۾ ايشور جي هستيءَ ۾ ايمان بابت مهاتما گانڌي جا ”ينگ انڊيا“ ۽ ”هريجن“ وغيره مان ليک ترجمو ڪيل هئا. 1947 ۾ رامڪرشن آڏواڻيءَ  ”ڀارت جو بلوو“ لکيو هو، جنهن ۾ 1857 واريءَ پهرينءَ آزادي جي يڌ جو احوال ڏنل هو.

سنڌيءَ ۾ هندو قوم جي قاعدن تي پهريون ڪتاب هو Principles of Hindu Law in Sindee جنهن جو سنڌيءَ ۾ۡ سرو ڏنل ڪونه هو، ڪراچيءَ ۾ لٿو پريس تي 1869 ۾ ڇپيل هو، ۽ ساڌو نولراءِ شوقيرام آڏواڻيءَ جو لکيل هو—جنهن صاحب ڪيترائي اوائلي سنڌي ڪتاب لکي سنڌي ساهت جي شيوا ڪئي هئي. هيءَ ڪتاب ان زماني جي جهوني سنڌيءَ ۽ جهوني صورتخطيءَ ۾ لکيل هو، پر ساڳين لفظن جو هجيئون جدا جدا هنڌن تي مختلف ڏنل هيون، جي لٿو گرافرن جون چُڪون ٿيون ڏسڻ ۾ اچن. هن پراڻي ڪتاب مان هڪ صدي آڳاٽن سنڌي هندن جي رسمن رواجن تي چڱي روشني پوي ٿي، جن مان ڪيترا هن وقت نهايت عجيب غريب پيا ڀاسن، جئن هيٺين حوالن مان ڏسڻ ۾ ايندو:-

(1) ”ڌرم شاستر موجب ڇوڪريءَ جي شادي اٺي ورهئي جي اندر ڪري ڇڏڻ گهرجي پر سنڌ جي رواج موجب ڪا عمر ٺهرايل نه آهي. ڪن جي شادي 4 يا 5 ورهئي ۾ ٿئي ٿي. مون کي هڪڙي حالت ياد آهي، جهن ۾ 28 ورهئي ۾ هڪڙي زال جي شادي ٿي هئي.

(2) ”ڇوڪري جي مڱڻي ڪرڻ جو حق پهرين پيءَ جو آهي ۽ پوءِ ڏاڏي جو ۽ پوءِ ڀاؤ جو ۽ تنهن کانپوءِ چاچي جو تنهن کانپوءِ ڀائٽي جو ۽ تنهن کانپوءِ ماءُ جو آهي.

(3) ڇوڪريءَ اَٺي ورهي جي عمر جي ٿي تنهن کانپوءِ ٻن ورهين جي اندر جيڪڏهن ڪو سندس عزيز اُنجي شاديءَ جو بندوبست نه ڪري ته هوءَ پاڻ پنهنجي شادي جو بندوبست ڪري سگهي  ٿي.“ پڇاڙي جو فقرو ناشدني پيو لڳي، ته اٺين ڏهين ورهئين جي ڇوڪري پاڻ مرادو پنهنجي شاديءَ جو بندوبست ڪيئن ڪندي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org