1923 ۾ ٽهلرام آسوديمل ”هندو قاعدو“ ڇپايو هو، جو Hindu
Law تي
سنڌيءَ ۾ ٻيون نمبر ڪتاب ڏسڻ ۾ ٿو اچي جنهن ۾
پنگتي رسمن روايجن کان وڌيڪ قاعدن قانونن تي زور
ڏنل هو. پروفيسر شيوارام ڦيرواني جو تعليمي ماهر
هوندو هو، تنهن 1927 ۾ ”ساٿ ساکيا“ نالي ڪتاب ڪڍيو
هو، جنهن ۾ پنگتي وديا Sociology جا
اصول چٽيءَ طرح سمجهايل هئا. ڦيرواڻي صاحب ”تعليمي
من- وديا“ Educational
psychology تي
به هڪ ڪارائتو ڪتاب 1937 ۾ لکيو هو، جو نئين زماني
جي تعليمي سرشتي جو اهم مسئلو آهي. سندس چونپڙي
”پنهنجي يونيورسٽي“ 1941۾ ڇپي هئي، جنهن ۾ سنڌ ۾
عوامي يونيورسٽي برپا ڪرڻ بابت رٿون ڏنل هيون— ان
وقت جڏهن بمبئي يونيورسٽي کان ڌار ٿي، سنڌ
يونيورسٽي ٺاهڻ لاءِ ڇڪتاڻ ۽ واد وواد هلي رهي
هئي. منوهر داس ڪوڙومل جنهن سنڌي ساهت جي شيوا ۾
پنهنجي لائق پتا جي رڳ ڇڪي آهي، تنهن 1944 ۾
”هندستان همارا“ لکيو هو، جو مشهور عام معلومات
جي ڪتاب Massaim’s
Our Indiaتان
ترجمو ڪيل هو. ساڳئي سال ”هاڻوڪي وديا جو انڌير“
ڇپايو هئائين، جو هنومان پرساد پودر تان ورتل هو.
1945 ۾ منوهر داس، هڪ يوناني استري جنهن هندو ڌرم
اختيار ڪري ساوتري ديوي نالو رکايو هو، تنهن جو
ڪتاب ”هندو قوم کي چتاءُ“ نالي سان اختصار ڪري
ڇپايو، جنهن ۾ هندو جاتيءَ ۽ سنسڪرتيءَ کي بچائڻ
لاءِ للڪار ڪيل هئي ۽ لکيل به سليس گهرو، پر پختي
سنڌيءَ ۾ هو. هن صاحب 1946 ۾ ”هند تو“ ڇپايو، جو
هندو مهاسڀا جي انقلابي اڳواڻ وير ساورڪر جي ڪتاب
تان ورتل هو. 1946 ۾ ”رتن ساهتيه منڊل“ پاران ”جئه
هند“ نالي ڪتاب جا ٻه ڀاڱا نڪتا، جنهن ۾ سباش چدر
بوس جي برپا ڪيل آزاد هند فوج واريءَ آزاديءَ لاءِ
جدوجهد جو دلچسپ بيان ڏنل هو. اهو احوال ”راڻي
جهانسي ريجمنٽ“ جي هڪ دلير دل عورت جي ڊائريءَ مان
ورتل هو، جنهن کي پرسرام ڀاٽيا سنڌيءَ ۾ انواد ڪيو
هو. ساڳئي سال، ساڳئي نالي ”جئه هند“ سان، ساڳئي
موضوع تي، ”ڀارت جيون ساهتيه منڊل“ با تصوير ڪتاب
ڇپايو هو، جنهن ۾ آزاد هند فوج جي تاريخ، ميجر
جنرل شاهنواز، سهگل ۽ ڍلن جي ڊائرين مان ڏنل هئي.
هيءَ ڪتاب منشي عبدالقدير جي اردوءَ تان گرداس
واڌواڻي ترجمو ڪيو هو.
(3) تندرستيءَ تي ڪتاب
علم صحت بابت جهوني ۾ جهونا ڪتاب مهراج ٽوپڻ لعل
جو ”شارنگڌرسمهتا“ ۽ شمس الدين جا ”آسان علاج“ ۽
”ڪليات شمسي“ ٿا ڏسجن. تنهن کانپوءِ منوهر داس
ڪوڙيمل جو ”ناري نروڳ جيون“ 1923 ۾ ڇپيو هو، جنهن
۾ هن صاحب ڪنيائن ۽ نارين کي جوڀن، سنجوگ ۽ ماتا
پڻي جهڙن نازڪ مسئلن تي کليون کلايون پر سنجيديون
صلاحون ڏنيون هيون، ته زندگيءَ جي اُنهن اهم موقعن
تي صحت جا اهم اصول ڪيئن قائم رکن ۽ سک ڀري جيوت
گهارين. منوهر داس ”ايرويد“ تي به هڪ ڪارگر ڪتاب
لکيو هو. پهلاجراءِ واسواڻيءَ جو ”گهرو رواجي
علاج“ 1924 ۾ نڪتو هو، جنهن ۾ عام بيمارين لاءِ
سستا ۽ سولا نسخا ڏسيل هئا، جيئن ترت علاج ڪرڻ سان
روڳ جي پاڙ پٽجي وڃي ۽ ڊاڪٽرن يا طبيبن جي تات نه
پئجي. 1947 ۾ هن ڪمائتي ڪتاب جي ٽئين ڇاپي سان سيد
عمر شاهه جو ”گهرو حڪيم“ پڻ گڏيو ويو، جنهن ۾ ٺهه
پهه علاج لاءِ خانگي نسخا ڏنل هئا. ”آپگهات- آتم
وڀچار“ ۽ ”سپن دويش“، جي ٻئي ڪتاب ڪرشنانند
گوڪلداس انواد ڪيا هئا، تن ۾ نوجوانن سان ڳجهيو
ڳالهيون ڪيل هيون ته اڀرندڙ جوانيءَ جي عرصي ۾
مخفي نفسي علتن تي ڪيئن ضابطو رکن برهمچاريه پالي
ٻلوان ۽ سکي بنجن. ڪرشنانند صاحب 1940 ۾ ”ناري
ڌرم“ هڪ هندي پستڪ تان انواد ڪيو هو، جنهن ۾ زالن
کي جوڀن ۾ اچڻ واري وقت لاءِ تندرستيءَ جون
هدايتون ڏنل هيون. ”گوڪلداس ڀاڳيا جو ”هوميوپٿي
علاج“ سوامي شيوارام جو ”سنياسي نسخا“، ٺڪر ليکراج
جو ”آيرويد رهبر“ ڊاڪٽر هيمنداس جو ”طبعي ترت
علاج“، پرڀداس برهمچاريءَ جو ”تتو چنتامني“—سڀ
مختلف طبعي سرشتن موجب صحت تي لکيل ڪتاب هئا. 1946
۾ ”يوگ آسڻ“ جو چوٿون ڇاپو نڪتو، جو سنتداس پنهومل
هنديءَ تان انواد ڪيو هو ۽ پرڀداس برهمچاريءَ درست
ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ تندرستيءَ ۽ وڏي آورجا ماڻڻ
لاءِ نيم ڏنل هئا. ساڳئي سال ڪشنچند ساڌواڻيءَ
”کاڌو خوراڪ“ نالي ڪتاب، رابرٽ مئڪريمن تان
ورتوهو، جو منوهر داس ڪوڙيمل ”مگي بگومل ساهتيه
مالا“ ۾ ڇپايو هو. هن ڪتاب ۾ ڏيکاريل هو ته ساري
هندستان ۾ اول نمبر طاقت بخش کاڌو پٺاڻڻ ۽ پنجابين
جو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ مدراسين جو. هن وقت ايم- آر-
مائيداساڻيءَ ”ماتاپڻو“ نالي انگريزيءَ تان ورتل
ڪتاب ڪڍيو هو، جنهن ۾ استرين جي گرڀ جي سمي ۾ ۽
ٻارن جي نيپاڄ لاءِ هدايتون ۽ پرهيزون ڏنل هيون.
برهمو سماجي ڊاڪٽر هرنامداس، جو سالن کان اسڪولن ۽
ٻين سنسٿائن ۾ تندرستيءَ جي نيمن تي ويا کياڻ
ڏيندو هو، ۽ پنجابي هوندي به چڱي سنڌي سکي پيو هو،
تنهن 1947 ۾ ”صحت سوکڙي“ پستڪ ڇپايو، جو سندس
هندستانيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”مخزن صحت“ تان ورتل هو، ۽
منجهس ڪيترن ننڍن خواهه وڏن مرضن کي روڪڻ توڙي
علاج ڪرڻ لاءِ سادا ۽ سهج نسخا ڏنل هئا.
(4) تواريخي ڪتاب
آڳاٽن تواريخي ڪتابن مان هڪڙو، جنهن جو ذڪر پهرئين
فصل ۾ ڪيو ويو آهي، سو هو ديوان اُڌارام چانڊومل
ٿڌاڻيءَ جو ”ميرن جي صاحبي جي آخرين ڏينهن جو
احوال“، جنهن موضوع تي هن صاحب 1896 ۾ حيدرآباد
وڪٽوريا لئبرريءَ ۾ تقرير ڪئي هئي، جنهن لاءِ
حقيقتون منشي آوتراءِ صاحبراءِ ملڪاڻيءَ کان
ورتيون هئائين، جو تن ڏينهين ميرصوبدار خان جو
منشي هوندو هو. هيءَ مقالو پهرئين ”پرڀات“ اخبار ۾
ڇپيو هو، ۽ منجهس حيدرآباد شهر جي بنيادي، ميرن جي
احوال، ۽ سندن انگريزن سان مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين
۾ شڪست سان گڏ، ميرن جي رهڻي ڪرڻيءَ، ملڪي
ڪاروبار، واپار ۽ رعيت سان ورتاءُ بابت تفصيل وار
بيان ڏنل هئا. تنهن کانپوءِ پرمانند ميوارام
پنهنجي ”جوت“ اخبار ۾ ”مياڻيءَ جي جنگ“ نالي
(1925) انگن اکرن سميت هڪ مضمون لکيو هو، ۽ پڻ
ٻنهي جنگين بابت هڪ انڌي مڱڻهار جا سرندي تي ڳايل
بياني بيت ڇپيا هئائين. مٿيان ٽيئي اسم گڏي، ديوان
هوتچند چانڊومل 1938 ۾ ”سنڌ جا مير“ نالي سان
ڪتابي صورت ۾ ڇپايا هئا، جنهن ۾ مياڻيءَ جي جنگ جو
نقشو ۽ مورتون به ڏنل هيون. هن سلسلي ۾ ٻيو تاريخي
ڪتاب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو ”ميرن جي صاحبي“
هو، جنهن ۾ هن ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جي صاحب ۽ خدمتگار،
ميرن جي حڪومت جو سٺو پاسو چئي ان مان رعيت کي
فائدا ڏيکاريا هئا ۽ اُنجي جي اچڻ لاءِ خواهش
ڏيکاري هئي. حڪيم صاحب لکيو هو:- ”سبحان الله ڪهڙي
ڳالهه ڪجي رهت جي! راڄ مهاڄڻ جو پاڻ ۾ جو سلوڪ ۽
سنٻنڌ، پريم ۽ پيار، الفت ۽ اتفاق هو، منجهن جو
قرب ۽ محبت، ياري ۽ غمخواري، دوستي ۽ دلداري هئي
تنهن جو ڪهڙو بيان ڪجي!...... جيڪڏهن ويهي ذري ذري
جو تفصيل لکان ته هوند اڄوڪا ماڻهو وسهن ئي ڪين، ۽
هن سچي حقيقت کي به ڪوڙي ۽ جڙتو آکاڻي يا پراڻي
ڏند ڪٿا سمجهن. پر خدا ڄاڻندڙ آهي ته سچ آهي جيڪي
مون لکيو آهي، ۽ ڪوڙ آهي جيڪي هلايل ۽ هليل آهي.
آءٌ ته صاف چوان ٿو ۽ پنهنجي هن سچ چوڻ تي ڀروسو
اٿم ته ميرن جي صاحبيءَ ۾ هندو مسلمان کي سنڌ ۾
هڪڙي قسم جو سوراج حاصل هو.“ مٿئين ڪتاب جي جواب ۾
پرمانند ميوارام هڪ چونپڙي چپائي ”ميرن جي صاحبي
موٽي اچي ڇا؟“، جنهن ۾ حڪيم صاحب جي دليلن کي رد
ڪد ڏنل هو، ته ميرنجي صاحبيءَ ۾ ڪن فائدن هوندي
به، ايتري خود مختياري ۽ زبردستي هوندي هئي جو
اُنجو موٽي اچڻ هاڃيڪار ٿئي ها.
1916- 17 ۾ سنڌيءَ جي جهوني ڄاڻوءَ ڏيارام پرسرام
مير چنداڻيءَ ”شهيد نامو“ (2 ڀاڱا) پڌرو ڪيو هو،
جنهن ۾ سک اتهاس جي شهيدن جون دل ڀڄائيندڙ
وارتائون ڏنل هيون. 1924 ۾ ڀيرومل مهر چند ”سوڍن
جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ ڪڍيو هو، جنهن ۾ ٿر ملڪ
بابت دلچسپ حقيقتون ڏنل هيون. 1925 ۾ مرزا قليچ
بيگ جو ”قديم سنڌ“ ڇپيو هو، جنهن ۾ سنڌ جي جهونن
مشهور شهرن ۽ ماڻهن جو دلچسپ احوال ڏنل هو. ساڳئي
نالي ”قديم سنڌ“ سان ڀيرومل مهر چند پڻ هڪ وڏو
تاريخي کوجنا وارو پستڪ لکيو هو، جنهن جو بيان
اڳتي هلي ڪبو.
قديم سنڌ جي بنيادي تاريخ ”چچ نامو“، جو 13 صدي ۾
علي بن محمد ڪوفيءَ عربي ۾ لکيوهو ۽ پوءِ فارسي ۾
ترجمو ٿيو، تنهن تان سنڌي ترجمو 1923 ڌاري مرزا
قليچ بيگ ٻن ڀاڱن ۾ ڪيو هو. پهرئين ڀاڱي ۾ جهونن
هندو راجائن بابت چچ جي راڄ تائين دلچسپ احوال ڏنل
هئا ۽ ٻئين ڀاکي ۾ عربن جي فتح تائين. ٻيو جهونو
سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب ”تاريخ طاهري“ هو، جو اصل
نگر ٺٽي جي مير طاهر محمد 17 صديءَ ۾ لکيو هو. ان
تاريخ جو نچوڙ، 1928 ۾ محمد صديق ميمڻ ”انتخاب
تاريخ طاهري“ نالي ڇپايو هو، جنهن ۾ سنڌي حاڪمن جي
چئن گهراڻن: سومرن، سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي بيان
ڏنل هو. محمد صديق صاحب ان فارسي تاريخ جو هيءَ
انتخاب سر ايلئٽ جي انگريزي ”تاريخ هند“ تان ترجمو
ڪيو هو. هن صاحب، قاضي عبدالغنيءَ سان شراڪت ۾
”سنڌ جي رنگين تاريخ“ به لکي هئي، جنهن جو ٻيو
ڇاپو 1932 ۾ نڪتو هو. 1934 ۾ تيج سنگهه سؤلنڪيءَ
جو ”امرڪوٽ اتهاس“ نڪتو هو، جنهن ۾ ٿر ملڪ جي
حقيقتن تي چڱي روشني وڌل هئي. ”تاريخ سنڌ“ نالي
سان ٽي ڪتاب: هڪڙو مولچند منگهومل جو لکيل، ۽ ٻيو
هاسومل ۽ روپچند جو گڏي لکيل پڻ نڪتا هئا، پر انهن
جي ڇاپي جي سن جي پڪ نٿي پوي. ساڳئي نالي ”تاريخ
سنڌ“ جا ٻه حصا مولوي نور محمد نظاماڻيءَ لکيا
هئا، جي ”مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ 1932 ڌاري شايع ڪيا
هئا. 1932 ۾ پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو
”ميراڻي سنڌڙي“ نڪتو، جنهن ۾ ميرن جي صاحبيءَ ۾
سنڌ ديس جون سياسي آرٿڪ حالتون، توڙي سماجڪ رواج
رسمون، نهايت چٽيءَ طرح ۽ تفصيل وار بيان ڪيل
هيون. هيءَ سَنَدَ وارو ڪتاب ڪيترن مغربي سئلانين:
برٽن، يونس، ڪزنس وغيره ۽ جهوني معزز سنڌي سيٺن
نائونمل جي مشهور انگريزي ڪتابن تان سنگرهه ڪيل
هو.
تنهن کانپوءِ ڪي اهم تواريخي کوجنا وارا ڪتاب
نڪتا،..... پهريون هو دوارڪا پرساد شرما جو
”پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو“ (1943)، جنهن ۾
ڪيترن سَنَدَ وارن گرنٿن اڀياس ڪرڻ کانپوءِ، مُنهن
جي دڙي کان آڳاٽن ۽ پوين کنڊرن مان ثابت ٿيل سنڌي
شاندار سڀيتا جو احوال ڏنل هو، ۽ عبارت پڻ پختي ۽
مائيدار ڪم آندل هئي. شرما صاحب ڏيکاريو هو ته
”جنهن وقت دنيا جي وڏي ڀاڱي ۾ جهالت جي اوندهه
ڇانيل هئي، تنهن وقت اسان جي سنڌڙيءَ ۾ هڪ عاليشان
تهذيب ۽ سڀيتا جو سج روشن ٿي رهيو هو، ۽ انهيءَ سج
نه فقط سنڌ جي ماٿريءَ، بلڪه سڄي وچ ايشيا کنڊ کي
روشن ٿي ڪيو.“ مهراج دوارڪا پرساد تنهن کانپوءِ هڪ
وڏو کوجنا وارو پستڪ ”پراچين سنڌو سڀيتا“ ٻن ڀاڱن
۾ (1943-1944) ڪڍيو هو، جنهن ۾ سنڌو اتهاس ۽ سڀيتا
جون خوبيون وڏي پيماني تي ظاهر ڪري ڏيکاريل هيون.
هن پستڪ ۾ ويدڪ زماني کان اڳ، ويدڪ زماني ۾،
رامائڻ جي دؤر ۾، مهن جي دڙي واري دؤر ۾، ۽ مها
ڀارت جي دؤر ۾، پراچين سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جا
دلچسپ وچور وار بيان ڏنل هئا. هيءَ گرنٿ ڇهن ڀاڱن
۾ رٿيل هو ۽ عربن جي حڪومت تائين ختم ٿيڻو هو، پر
ٻن ڀاڱن کان وڌيڪ شايع ٿي نه سگهيو.
ڀڳوان تولاڻي جو ”سنڌو هتيا ڪانڊ“ به 1943 ۾ نڪتو،
جنهن ۾ سنڌ جي انتم هندو مهاراجا ڏاهرسين بابت
تاريخي حوالا ڏيئي، هن کي هڪ بهادر ۽ اعليٰ حاڪم
ثابت ڪيو ويو هو، ۽ محمد بن قسم جا هندن تي ڪيل
ظلم ڏيکاريل هئا. گنگارام سمراٽ جو ”آريه ورت“
1946 هڪ اونهي کوجنا وارو پستڪ هو، جنهن ۾ ڀارت
ورش جو پراچين اتهاد ذري پرزي تفصيلوار ڏنو ويو
هو، ۽ اٿلايل گرنٿن جون سندون به منجهس سوين ڏنل
هيون. اُن ۾ ڏيکاريل هو ته آريه لوڪ اصل ڪير هئا ۽
ڪيئن ڀارت ورش مان وڃي سارو سنسار آباد ڪيائون.
ساڳئي سال پروفيسر چيتن ماڙيوالا جو باتصوير
”تاريخي مضمون“ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ ”جوت“، ”سنڌو“ ۽
”هندو“ اخبارن ۾ پيل ليک ڪٺا ڪري ڪتابي صورت ۾
آندا ويا هئا، ۽ جنهن لاءِ کيس سرڪاري صالاحڪار
بورڊ وتان انعام جڙيو هو، هنن مضمونن ۾ سنڌ جي
اتهاس جي ڦولهه ۽ ڇنڊڇاڻ ڪيل هئي، جنهن لاءِ
پرنسيپال هوتچند گربخشاڻيءَ مهاڳ ۾ لکيو هو:
”پروفيسر چيتن ماڙيوالا سنڌ جي اتهاس جو اونهو
اڀياس ڪيو آهي ۽ ڪن اهم مسئلن تي کوجنا ڪري نئين
روشني وڌي اٿس..... هر هڪ مضمون تصديق ٿيل حقيقتن
سان ڀرپور آهي ۽ نهايت سليس مگر مائيدار عبارت ۾
لکيل آهي. ڪتاب جي پڙهڻ مان نه فقط علمي خزاني جي
واڌاري ٿيڻ جو امڪان آهي، پر لطف ۽ مزو به حاصل
ٿئي.“ 1947
۾ لوڪناٿ جيٽلي جو ”هندو سامراجيه“ (ڀاڱو1) نڪتو،
جنهن ۾ شيوا جيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ مهاراشٽرا ۾
سامراج برپا ڪرڻ جي اتهاس جو آرنڀ ڪيل هو، ۽ اُن
جي عبارت هندي ڏانهن مائل هئي.
ايم- آر- مائيداساڻيءَ هندستاني تاريخ تي به ڪتاب
لکيا هئا: ”سج ٻه پاڇا“ (1944) جنهن ۾ ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي حڪومت هيٺ، 1857جي انقلاب تائين،
انگريز عملدارن جي ڏاڍاين جا احوال ڏنل هئا، ۽ ”ست
سورما“ (1946) جنهن ۾ ان پهرينءَ آزاديءَ جي جنگ ۾
لڙندڙ ستن سورمن جا بيان ڪيل هئا. اُهي سورما هئا:
نانا صاحب، بهادر شاهه، زينت محل، لڪشمي ٻائي،
ڪمار سنگ، احمد شاهه ۽ تانيتا ٽوپي. 1947۾
مائيداساڻيءَ ”مظلوم سنڌ“ لکيو، جنهن ۾ سڪندر اعظم
جي ڪاهه کان وٺي پاڪستان ٺهڻ تائين، سنڌ جي سربستي
تاريخ هئي ۽ دل ڀڄائيندڙ نوع ۾ ڏيکاريل هو ته اصل
کان آخر تائين سنڌ واسين جي گهرو ڦوٽ هئڻ ڪري ئي
سنڌ ديش سدائين ڌارين قومن جي ظلمن جو شڪار ٿيندو
آيو.
سنڌي هندن جي تاريخ لکڻ جو پهريون قدم ڪشنچند
ڀاٽيا کنيو هو، جنهن 1908 ۾ ”ڀاٽين جي تاريخ“
ڇپائي هئي، جا ڪن گجراتي تاريخن ۽ روبرو ڪٺو ڪيل
احوال مان ٺاهيل هئي. هن تاريخ ۾ ڏيکاريل هو ته
سنڌي ڀاٽيا اصل جاڌو ڪل جا اولاد هئا، جي سري ڪرشن
سان مٿرا مان دوارڪا آيا هئا، پوءِ جيسلمير اچي
وسايائون ۽ راجپوت جوڌا بڻيا، ۽ آخر سنڌ ۽ گجرات ۾
اچي واپاري ٿيا.
ڀيرومل مهر چند سالن جي کوجنا کانپوءِ، سوين ڪتابن
۽ مخزنن مان مواد ڪٺو ڪري ”قديم سنڌ“ نالي پستڪ ٽن
ڀاڱن ۾ رٿيو هو، پر ان جو صرف پهريون جلد 1944 ۾
پورو ڪري سگهيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم ترين زماني
جي تاريخ ڏنل هئي، جنهن ۾ سنڌ ديس جي جنم، مُنهن
جي دڙي، ۽ رڳ ويد واري دؤر جي سڀيتا جو ذڪر ڪيل
هو— جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو اونداهو دؤر ڪوٺبو
آهي. منجهس سنڌ جي اوائلي اؤج ۽ شاندار تهذيب جو
نظارو ڏيکاريل هو. باقي ٻن ڀاڱن ۾ پيرومل جن کي
ويدن پراڻن ۽ اتهاس جي وچولي زماني کان وٺي عربن
جي فتح تائين، هندن جي صاحبيءَ جي تاريخ ختم ڪرڻي
هئي، پر افسوس جو اهو ڪارج پورو ڪري نه سگهيو ۽
ايڏو کوجنا ڪيل ذخيرو الاجي ڪٿي گم ٿي ويو.
آخر ۾ استاد پيرومل جي اُنهن اورچ ۽ اٿاهه کوجنا
وارن ڪتابن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ هن ودوان سنڌ جي
هاڻوڪن هندن جو اتهاس ڪٺوڪري رندو رکيو. هن ڏس ۾
پهرين سندس ٻه چونپڙيون نڪتيون: هڪڙي ”هندن جون
ريتيون رسمون“ جنهن ۾ هڪ ٻڌوان برهمڻ سان گفتگو
معرفت سمجهايل هو ته اُنهن جهونين رسمن جي معنيٰ ۽
مراد ڇا آهي، ۽ چالو زماني ۾ انهن مان ڪهڙيون بند
ڪجن ۽ ڪهڙيون قائم رکجن، ٻي چونپڙي هئي ”ريتن رسمن
جو بنياد“، جنهن ۾ هڪ وڻندڙ آکاڻيءَ جي ذريعي. ڄمڻ
کان وٺي مرڻ تائين جيڪي هندڪيون ريتيون ۽ هلندڙ
آهن تنجي بنيادن جي خبر ڏنل هئي ته اُهي ڪئن شروع
ٿيون. 1919۾ پيرومل صاحب ”عاملن جو احوال“ ڇپائي
پڌرو ڪيو، جنهن مختصر ڪتاب کي پوءِ وڌائي ۽ منجهس
ڀائيبندن جو احوال پڻ گڏي، 1946 ۾ ”سنڌ جي هندن جي
تاريخ، (ڀاڱو1) ڇپايائين، جنهن ۾ الف- بي- وار
آڏواڻين کان وٺي نوتاڻين تائين، ڪيترين آڪهين جا
شجرا ۽ مکيه ڀاتين جا تفصيلوار احوال فوٽن سوڌا
ڏنائين. هن ڀاڱي جو مهاڳ، سنڌ ۾ ”هندن جي صاحبيءَ
جي تاريخ“ پراچين اتهاس جو هڪ بي بها ڀاڳ آهي، جو
سنڌ جي هاڻوڪي پنگتي حالتن تي به چٽي روشني ٿو
وجهي. هندن جي تاريخ جو ڀاڱو2، 1947 ۾ نڪتو، جنهن
۾ باقي رهيل آڪهين جا احوال، آسواڻين کان وٺي
هنڱوراڻين تائين، پڇاڙيءَ ۾ هندن جي لڏپلاڻ سوڌو
ڏنائين. هن ڀاڱي جو شاهي مهاڳ ”آڳاٽو سنڌ سماچار“
ته خود هڪ ڪتاب ٿي پيو، جنهن ۾ حيدرآباد، ڪراچي ۽
ٻين وڏن شهرن جون تاريخون ڏنل هيون، ۽ سنڌ جي
عامل، ڀائيبندن، ۽ عورتن جي ترقي جا حوالا خاص
دلچسپ هئا. قابل مصنف جي دعويٰ تحقيق سچي آهي، ته
”هيءَ هڪ نئين نموني جي پنگتي تاريخ آهي، جنهن جي
جوڙڻ لاءِ هيتري مٿاڪٽ ڪئي اٿم. اهڙو ڪتاب سڄي
هندستان ۾ بينگالين، مرهٽن، گجراتين يا ٻين اڄ
تائين ڪونه ڪڍيو آهي.“ هيءَ پستڪ نه فقط سنڌي ساهت
جي هن اعليٰ هستيءَ جو آخرين يادگار رهندو، بلڪه
سنڌي هندن جي اتهاس کان پڻ امر رکندو، جو سنڌ ۾
شايد سگهوئي وسري وڃي، پر هتي هندستان ۾ وسارڻ نه
ڏينداسون.
فصل ستون
تنقيد جي اوسر
سڀاويڪ آهي ته ساهت جي تاريخ ۾، پهرئين ڪتاب رچيا
وڃن ۽ پوءِ اُنهن جي ساهتڪ ڪٿ ڪئي وڃي يا ادبي
اندازو لڳايو وڃي، يعني ته تصنيف کانپوءِ ئي تنقيد
جو احتياج ٿئي ٿو، جنهن ڪري تنقيد کي تصنيف جو تتو
يا پُورڪ فن (Complementary
art) ڪوٺي
سگهجي ٿو. پر تنقيد يا ادبي نڪتچيني ڪندي، ساهتڪ
رچنائن مان نه فقط خاميون ڪڍي ظاهر ڪبيون آهن
(جيئن نڪتچيني اکر مان مطلب ٿو نڪري)، پر خوبيون
پڻ ڪڍي ڏيکاربيون آهن. تنهن ڪري تنقيد جو ٻٽو مقصد
آهي ثواب شناسي ۽ عيب جوئي، تنهن کانسواءِ، جنهن
صورت ۾ ادب جا ٻه پهلو آهن ”مال“ ۽ ”رومال“ تنهن
صورت ۾ ادبي اندازو به انهن ٻنهي پهلن کان لڳائڻ
کپي، يعني موضوع توڙي عبارت جي مد نظر کان، تصنيفن
جون خوبيون ۽ خاميون ڦولهي ڏيکارڻ کپن. اهڙي
چؤطرفي ڪٿ ڪرڻ واسطي، نقاد يا ادبي نڪتچين لاءِ
ادب جي ٻنهي شاخن نظم ۽ نثر جي مڙني صنفن: شعر،
ناول، ناٽڪ، مضمون وغيره جو وسيع مطالعو، ۽ اُنهن
جي علحدن اصولن جو گهرو علم ضروري آهي. جنهن ڪري
منهنجي نظر ۾ نقاد جون لياقتون ۽ جوابداريون صنف
جي فرضن کان وڌيڪ مشڪل آهن.
ادبي اصولن جا ڪتاب:
ادبي اصولن ۽ قاعدن قانونن بابت ڪتاب تنقيد جا
بنيادي ڪتاب سمجهڻ کپن. اهڙو جهوني ۾ جهونو ڪتاب
محمد فاضل شاهه جو ”ميران الشعر“ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جو
1875 ۾ نڪتو هو، ۽ جنهن ۾ شعر جي جدا جدا نمونن
جون سمجهاڻيون ۽ مثال ڏنل هئا. پوءِ مرزا قليچ بيگ
جو ”انشاءِ سنڌي“ نڪتو، جنهن ۾ سنڌي ۾ خط و ڪتابت
جي فن جا قاعدا مثالن سوڌا سمجهايل هئا. مرزا صاحب
جو ”علم ادب“ 1913 ۾ نڪتو هو، جنهن ۾ ادب جون مکيه
خاصيتون ڏنل هيون. 1914 ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ جي
بنيادي سالياني جلسي تي، مرزا صاحب پنهنجي صدارتي
تقرير پڙهي هئي جنهن جو عنون هو ”سنڌي شعر جي قديم
حالت ۾ پوءِ جو سڌارو“. هن مقالي ۾ شعر جي مکيه
وصفن، سنڌي ٻوليءَ جي بنياد، ۽ سنڌي شعر جي ترقيءَ
جو، مثالن سميت، شروعات کان وٺي بيان ڪيل هو.
جهونين ڀارتي ٻولين ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت مرزا صاحب
جي تحقيقات غور طلب آهي:-
”هن جي اصل ٻولي آرين هئي جا بدلجي نيٺ سنسڪرت ٿي،
۽ آرين جي ٻي شاخ يعني ايرانين وسٽ اها ساڳي آرين
ٻولي زندوستا ٿي. انهن ٻنهي جا اصلوڪا گهرو لفظ
وغيره هڪجهڙا آهن. اهي ٻئي انهيءَ اصلوڪي آرين
ٻوليءَ جون ڌيئون چئبيون ۽ پاڻ ۾ ڀيڻون ٿيون. اهي
ٻئي قديم هئڻ ڪري پاڪ ٻوليون شمار ۾ آيون ۽ فقط ڪن
خاص ڌرمي ماڻهن جي ڪم جون ٿيون. نيٺ انهن ماين وري
ٻيون ڌيون ڄڻيون. هڪڙي پراڪرت ڄڻي ۽ ٻيءَ پهلوي يا
پارسي، جي رواجي ماڻهن لاءِ مقرر ٿيون. هندن جي
خاص اصل ٻولي برج ڀاشا هئي جا سنسڪرت مان نڪتل
ناهي مگر سنسڪرت جو اثر پوءِ انهيءَ تي پوڻ
لڳو.... اسان جي سنڌي سڌي سنسڪرت مان نڪتل ناهي،
پراڪرت مان نڪتل آهي. تنهن ڪري سنڌ جي ٻولي توڙي
شعر جي حالت پراڪرت غ ڀاشا جهڙي پي رهي آهي، قديم
سنڌي، کريل پراڪرات يا کريل ڀاشا هئي، جيئن بلوچڪي
کريل پارسي آهي. عربي ٻوليءَ جو اثر اڳيئي پارسيءَ
جي معرفت پراڪرت ۽ برج ڀاشا تي پيو هو، ويتر عربن
جي سنڌ تي سڌي فتح هئڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڻ
زياده عربي لفظ داخل ٿيڻ لڳا.“
1920 ۾ مرزا صاحب جو ”علم بديع“ شايع ٿيو، جنهن ۾
نثر ۽ نظم جا فارسيءَ تان ورتل قسم ۽ قاعدا،
تفصيلن ۽ مثالن سان سمجهايل هئا.
تنقيد جا اوائلي ڪتاب
نئين سنڌي نثر جي پايو وجهندڙ مرزا قليڇ بيگ
کانپوءِ، ٻيون نثر جو ٿنڀو ديوان دريارام گدومل
هو، جنهن نثر جي ٽئين پيل پائي ديوان ڪوڙيمل جي
سوڌيل سامي جي سلوڪن جو مهاڳ ”ساميءَ جي سلوڪن جو
تات پرج“ سري سان 1885 ۾ لکيو هو، ۽ مرزا صاحب جي
ترجمو ڪيل رباعيات عمر خيام جو ”ديباچو“ 1904 ۾
لکيو هو. ديوان ديارام جا اهي مختصر مهاڳ نه رڳو
ٺيٺ ۽ چيديءَ سنڌيءَ جو نمونو هئا، پر پهرئين
منجهه ويدانت جو، ۽ ٻئين ۾ تصوف جو حاصل مطلب
نهايت مجمل پر اثرائتي نموني سمجهايل هو—جيتوڻيڪ
منجهن شاعرن جي عبارت جو اندازو نه لڳايو ويو هو.
”ساميءَ جي سلوڪن جو تات پرج“ مان ديوان صاحب جي
ويچارن ۽ لکڻيءَ جو مثال ڏجي ٿو:
”ساڌن سنگت ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، ساڌو ٿيڻ ٻي ساڌ
سنگت ڪري من جا ڀوت ڪڍي سگهجن ٿا، پر ساڌو ٿيڻ
کانسواءِ سائين نٿوملي. ڪي ائين پيا سمجهن، ته
ساڌو اهي آهن جن جهان ڇڏي فقيريءَ جي جهولي پاتي
آهي. پر جهان جي کڏن کوٻن، چڪڻ ۽ ترڪڻين جي جنهن
کي آزمائش نه هوندي، تنهن کي سچي لنؤ ڪڏهن نه
لڳندي. جو لهرين جو لحاظ ڪندو سو ترڻ مور نه
سکندو. جو دنيا جي هوَس سان نه لڙندو، تنهن کي
سورمو ڪير چوندو؟ جو ڏکن ڏاکڙن کان گيدي ٿي ڀڄندو،
تنهن کي آسماني واهر جي ڪهڙي خبر پوندي؟... انهيءَ
وديا (ويدانت) موجب ٻين جو خير پنهنجو خير آهي،
ٻئن جي خدمت پنهنجي خدمت آهي ۽ ڀڳوان جي ٻانهپي
بادشاهن جي سلطانيءَ کان وڌيڪ آهي. اهي آهن سبق جي
ويدانت سيکاري ٿو. اها ساڳيا سبق ساميءَ جي سلوڪن
مان پرجهي سگهن ٿا.“
ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته اوائلي سنڌي نڪتچين فقط مضمون جي
پهلوءَ کان شاعرن جي سرسري ڪٿ ڪندا هئا ۽ سندن
حياتيءَ جو مختصر احوال ڏيئي ڇڏيندا هئا، پر سندن
ٻوليءَ جي خوبين خامين ڏانهن ڌيان نه ڏيندا هئا.
مرزا قليچ بيگ به 1885 ۾ ”شاهه ڀٽائيءَ جو احوال“
۾ صرف شاهه صاحب جي زندگيءَ جو بيان ڏنو هو ۽
تنقيد جي دعويٰ به ڪانه ڪئي هئي. ”قديم سنڌ جا
ستارا“ (1923) ۾ به مرزا صاحب، انگريزن جي راڄ کان
اڳ وارن مسلمان مصنفن ۽ شاعرن جون مختصر سوانح
عمريون ڏنيون هيون. ديوان ڌاراچند شوقيرام پڻ،
اٽڪل 1895 کان 1898 تائين هفتيوار پترا ڇپائيندو
هو، جن ۾ شاهه، سامي، گل وغيره، ۽ غير سنڌي شاعرن
ڪبير، ميران ٻائي ۽ سعدي وغيره جا جيون چرتر، ۽
سندن شعر جو فقط ارٿ ۽ سمجهاڻي ڏيندو هو، جي سڀ
پترا 1939 ۾ ”ڪوڙومل ساهتيه منڊل ڪٺا ڪري ”جيون
ڦلواري“ نالي ڪتاب ۾ ڇپايا هئا. پر انهن جهونين
چونپڙين ۾ ڪا باقاعدي تنقيد ڪيل ڪانه هئي، جنهن
ڪري اُنهن کي مضمون نويسيءَ واري فصل ۾، جيون چرتر
واري فقري ۾ درج ڪيو ويو آهي.
تنقيد جو جهوني ۾ جهونو مڪمل ڪتاب ديوان ليلارام
سنگ جو لکيل “Life
Religion and Poetry of Shah Latif” 1890
۾ نڪتو هو. نئين سنڌي نثر جي اڳواڻن: مرزا قليچ
بيگ، ديوان ديارام، ديوان ڪوڙيمل ۽ ديوان
ليلارامسنگ جي چؤياري به تن ڏينهين مشهور هوندي
هئي. جئن انگريزي ادب جي تاريخ Shakespeare کان
ڏيڍ صدي کن پوءِ Drydenپهريون
عالم هو جنهن هنجي ناٽڪن تي نڪتيچيني ڪئي، تيئن
سنڌ جي شيڪسپيئر شاهه جي نڪتچيني پڻ شمارڏيڍ صديءَ
بعد ديوان ليلارام سنگ ڪئي هئي. پر سندس اندازو،
جيتوڻيڪ ڪتاب جي منڍ ۾ ڄاڻايل اصولن موجب باترتيب
لڳايل هو، تنهن هوندي به سنڌي ساهت جو ڀاڱو ٿي نٿو
سگهي، ڇو جو اهو ڪتاب سڄو انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽
اڃا تائين سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪونهي. گهڻو پوءِ،
هڪ انگريزي ڪليڪٽر H.T.
Sorleyشاهه
صاحب جي زماني ۽ ڪلام تي همدرديءَ ڀري ۽ خاطر
خواهه تنقيد ڪئي هئي ۽ شاهه جا ڪيترا بيت انگريزي
نظم ۾ به آندا هئا، جنهن لاءِ هن صاحب کي آڪسفورڊ
يونيورسٽي Ph.D ڊگري
ڏني هئي، پر اهو ڪتاب “Shah
Abdul Latif of Bhit” (1940)
پڻ انگريزيءَ ۾ لکيل هئڻ سبب سنڌي ادب ۾ درجو رکي
نٿو سگهي.
باقاعده تنقيد جوڪتاب
اهو عالم جنهن سنڌي تنقيد کي سڌريل، ترتيب واريءَ
ڪڙيءَ تي آندو سو هو لعل چند امرڏنومل، جنهن ساهت
جي ٻين شاخن ۾ به بنيادي ڪم ڪيوهو، جيئن ٻين هنڌن
ڏيکاريو ويو آهي. هن صاحب ئي ”سنڌي ساهت سوسائٽي“
جو پهريون ماهوار رسالو چالو ڪيو هو، هن جو ئي
پهريون لوڪ- ڪهاڻي تي ٻڌل ناٽڪ ”عمر مارئي“ ڪري
ڏيکاريو ويو هو، هن ئي پهريون سئر سفر جوڪتاب
”مسافريءَ جو مزو“ ڪڍيو هو، ۽ تنقيد جي ميدان ۾ پڻ
”شاهاڻو شاهه“، سندس برپا ڪيل ”سنڌي ساهت سوسائٽي“
جو 1914 ۾ ڇپايل، پهريون رسالو هو جنهن ۾ خيال
خواهه عبارت جي لحاظ کان ڪئت ٻڌي تور تڪ ڪيل هئي.
شاهه صاحب جي ڪلام جون خوبيون ۽ خاصيتون جدا جدا
فقرن ۾ ڦولهي سمجهايل هيون، ۽ هر هڪ خوبي لاءِ ڳپل
سلسليوار حوالا پڻ شاهه جي بيتن مان ڏنل هئا، جنهن
ڪري هن ڪتاب پڙهڻ مان پهريون دفعو مغربي تنقيد جي
طريقي جو ساءُ پي آيو. لالچند جي باقاعدي اندازي
لڳائڻ جو مثال هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ بيتن جي شرح ڪرڻ
سان گڏوگڏ ڏکين اکرن جون معنائون به دلچسپ نموني ۾
ڏسيندو وڃي:-
”ساڳئي سر (جمن ڪلياڻ) جي ڇهين فصل ۾، ۽ برووي
سنڌي جي پهرين ۽ ٻي فصل ۾، ۽ سر کنڀاٽ جي پهرئين
فصل ۾، سر آسا ۾، اچي جو معشوق جي مدح، به عشق ۽
جي وستار تي ٿو پوي، سو ته هڪڙو وس ٿو ڪري، سر
ڪلياڻ جي ٻي فصل ۾ پاڻ چيو اٿس ته:
اسان عبادت نظر ناز پرين جو.
يعني ته اسان عاشقن جي عبادت اها آهي، جو پرينءَ
جا ناز نخرا ڏسي، سدائين اُن جي پيا ساراهه ڳايون،
تنهنجي پوري پوري پيروي هٿ ٿو ڪري . چي
صورت سندين سال،
سال يعني اوجل، صفا.
صورت سندين سال پاڻ مصاحب سپرين،
موليٰ ڏنن منهن ۾ نوري نيڻ نهال،
سندي خواب خيال مون من مستانو ڪيو.
نظر نزديڪون سهي نه سگهان ساعت سنئين،
پسڻ پري سندون آءٌ نالي ڳيڙي نجهران.
ڪي شت چوندا ته هيءَ نسوري عشق بازي آهي، ۽ پڇندا
هن جي معرفت ڀلا شاعر ڪهڙا باريڪ ۽ بلند خيال
نرنئي ڪيا آهن. تنکي کپي ته هي بيت ٿورو ويچار سان
پڙهن ۽ جاچي ڏسن ته شاعر ڇا ٿو چوي؟
سندي خواب خيال مون من مستانو ڪيو،
پسن پري سندون آءُ نالي ڳيڙي نه جهران.
تنهنجو مطلب هي آهي ته مرشد سڳورو اهڙو ته نور سان
ڀرپور آهي جو آءُ خواب غفلت ۾ ئي ستو پيو آهيان،
يعني سنسار مهاڄار ۾ ئي ڦاٿو پيو آهيان، ته به
سندس سهڻي صورت ۽ ناز ڀرين نيڻڻ جي رڳي خيال
منهنجو من وس کان بيوس ڪري ڇڏيو آهي، ۽ آءُ سندس
نانءَ ۽ ڳنهي پيو نجهران يعني جهوٽا کان. اڃا جي
سندس نج درسن پراپت ٿئيم ته پنهنجي شناخت ئي نه
رهيم، رچي لال ٿي وڃان“
لعلچند جي سمجهاڻيءَ موجب ههڙا هزارين مجازي عشق ۽
حسن وارا بيت شاهه صاحب پنهنجي مرشد سڳوري لاءِ
چيا آهن، ۽ جيٺمل پرسرام به ساڳئي خيال جو هو. پر
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رايو اؤر هو، جو اڳتي هلي ڏنو
ويندو.
ساڳئي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالن ۾ لعلچند
صاحب ”سونهارو سچل“ (1916) ۾ ”بيرنگي باغ جو گل
سنڌي“ (1960) به ڪڍيا هئا، جي پڻ ساڳيءَ دلڪش طرز
۾ لکيل هئا، پر منجهن ترتيب جان تان گهٽ رکيل هئي
۽ شاعرن جي عبارت جو تخمينو مختصر طور ڪيل هو.
آخوند گل محمد واريءَ ڪتابڙيءَ جو نالو به خواهه
مخواهه چؤطبقو کڻي رکيو هئائين، جو پهرين ٻن جهڙو
سليس ۽ منوهر نه هو، صرف ”گل سنڌي“ ڪوٺيس ها ته
بهتر ٿئي ها. ان چونپڙيءَ ۾ لالچند لکيو هو:-
”البت لطيف ۽ سچل جي نسبت ۾، گل رڳي ڇاڇر ۾ ڇيرون
هيون آهن، ته به سندس شعر چڱولطف وارو ۽ لذت ڀريو
آهي.“ ”سونهارو سچل“ ۾ وري شاهه ۽ سچل جي ڀيٽ هن
ريت ڪئي هئائين:- ”شاهه لطيف به غضب جو صوفي ٿي
ويو آهي، پر نفس ڪهڙو نپڻو آهي، ۽ ڪيئن ون کي
نهوڙي نجي، تنهنجو وستار هن گهڻو ڪيو آهي. سچل ني،
نت راز الاهي پيو ظاهر ڪري، ۽ نجو تصوف پلٽي. شاهه
صاحب شريعت کي به شرف ڏنو آهي. سچل طريقت کي به
ترڪ ڪري، گهڻو تڻو حقيقت ۽ معرفت تي لڳي ويو آهي.
شاهه لطيف شينهن وانگر ڳورو ڳنڀير آهي، ۽ جهنگ
مايا ۾ رڳيءَ پنهنجيءَ حشمت سان نفساني جناورن تي
ڄمايو ويٺو آهي. سچل شڪرو شهباز آهي ۽ نت پک پکيڙو
هوا ۾ پيو اڏامي. شاهه لطيف ڪڏهن ڪڏهن هڪڙيائي
گجگوڙ ڪري ٻڌائي ٿو ته ’آءٌ ڪير آهيان‘ سچل نت زور
شور سان سيٽيو، وڄائي سڻائي ٿو ته ’آءٌ ڇا
آهيان‘.“
جيٺمل پرسرام ٻيو نڪتچين هو، جنهن پنهنجي برپا ڪيل
”نئين سنڌي لئببري“ ۾ ”ڀائي ڪلاچند“ (1914) ۽
”شاهه ڀٽائيءَ جي حياتي“ (1915) ڇپايا هئا، جن ۾
جيتوڻيڪ گهڻو زور شاعرن جي حياتيءَ تي ڏنل هو،
تنهن هوندي به سندن صفياڻي فلسفي جي ڪجهه قدر
اپٽار ڪيل هئي ۽ سندن چونڊ ڪلام به پڇاڙيءَ ۾ ڏنل
هئا. جيٺمل صاحب ”سچل سرمست“ (1922) ۾ ان شاعر جي،
پورن فقرن هيٺ بقاعدي تنقيد ڪئي، ۽ آخر ۾ سندس
ڪيترو ڪلام سرن هيٺ ورهائي ڏنائين، تنهن هوندي به
سندس عبارت تي گهٽ ڌيان ڏنل هو. هيٺئين چونڊيل
مثال مان جيٺمل جي فلسوفاڻي اڀياس، ۽ نئين زماني
واريءَ مشابهتي تنقيد (Coparative
criticism) جو
نمونو ملي ٿو:- ”مٿيون رستو ’نفي‘(Negation) جو
آهي، مان هي نه آهيان، هي به نه آهيان، پر پوءِ
پنڌ اثبات (affirmation) جو
آهي، جتي صوفي چوي ٿو ته آءُ هي به آهيان، هو به
آهيان، سڀ آهيان ’فنا‘ جي رستي ۾ پنڌ ڪندي نفس ۽
منکي مارڻ ۾ جهد ۽ جفا ڪرڻي آهي، تنهن ڪري طالب کي
تڪليف ٿي ڀاسي، پر جنهن وقت هن اهو نفس ماريو،
تنهن وقت هو آرام کي رسي ٿو. جيئن حضرت عيسيٰ ٿو
فرمائي:
’مون به جڏهن پنهنجي من کي ماريو،
پيءُ مون کي پنهنجي تخت تي وهاريو.‘
من جي خيالات کي ڀڃڻ بعد ساڳيءَ طرح پتنجلي ٿو چوي
ته چت جي ورتين کي بند ڪرڻ بعد ساکي پنهنجو پاڻ ۾
ٿو رهي. پاڻ سڃاڻڻ جو اول رستو آهي من مارڻ يعني
ڪوڙي ’پاڻ‘ کي وڃائڻ، جنهن طلسم کان نڪرڻ بعد جزو
ڪل ۾ ٿو سمائجي ۽ سڀ ڪجهه ’سائين‘ ٿو پسجي. ’اسين
پاڻ کون وياسين، ڪنهن ٻيءَ جاءِ پياسين.“.....
هندو چون ٿا ته آهي ئي برهم،، مسلمان چون ٿا ته هو
رڳ کان به ويجهو آهي، سک چون ٿا ته ’سڀ آپي ئي
سچيار‘ ’حاضران حضور‘ آهي. هاڻي سوال آهي ته جي هو
جتي ڪٿي آهي، ته اسين ڪٿي آهيون؟ بلڪه جياميٽريءَ
جو سولو اصول آهي، ته آئي پاڻ، اسين آهيون ئي ڪين.
تنهن ڪري ڪرست ٿو چوي ’اسين رهون، چرون، ۽ هستي
رکون ٿا هن ۾.“ ....... سچل به هن ڳالهه کي کوليو
آهي: ’حق هو يا اثبات جڏهان، تڏهان گم هو يا اهو
دعويدار.‘ زم منجهان ٿو چوي:
’مان ناهيان، ناهيان،
مئنون قسم هويا سچي سائين دا....،
اکيون اُپٽي جي ڏسين،
تان هادي آهي هر جاءِ.،
’يار رنگيلو هڪ رنگ نه آهي،
ڪوڙين سندس رنگ ڪيئي‘
’ظاهر آهي ذات تنهنجي، هٽ شهر بازار.‘
’ڪاٿي هنومان ڪوٺائين،
ڪاٿي ڏهيسر ڏسائين.‘
’رانجهو هير، تي ليلي مجنون، سوين نام سڏيندا،
ڪڃري هوڪي صورت والي، سچو ناچ نچيندا.‘
سچوءَ اهڙي سمجهي آهي جا ڪو ورلو سمجهي. اها مستي
ڪهڙي آهي، اها سرمستي ڇا آهي، سا ته رڳو عاشق خدا
جا ڄاڻن.“
1922- 23 ۾ جيڄمل ”شاهه جو آکاڻيون“ (2 ڀاڱا)
ڇپايون هيون، ان سلسلي ۾ ”شاهه جي آکاڻين جي
سمجهاڻي“ 1922 ۾ ڇپايائين، جنهن ۾ اُنهن لوڪ
ڪهاڻين جا تمثيلي مطلب ۽ روحاني راز، شاهه جي ڪلام
مان مقالن سميت، ڦولهي سمجهايا هئائين، جنهن ڪري
هن پڇاڙيءَ واري ڪتاب کي تنقيد جو درجو ڏيئي سگهجي
ٿو. جيٺمل صاحب ٿياسافي مت جي اونهي اڀياس ڪرڻ
ڪري، يورپي شاعرن جي ويدانت ۽ تصوف، توڙي پڇمي
شاعرن جي عيسائي فلسفي ۾، ٿياسافي جا مول متا
ڏسندو هو، جي ڀيٽ ڪري ثابت ڪري ڏيکاريندو هو ۽
سندس تحريرن خواهه تقريرن ۾ سندس دليل اڪثر دل سان
پيا لڳندا هئا.
|