سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:20 

ديوان ديارام جي اڳئين صديءَ ۾ لکيل هڪ ڪتابڙي ”ماءُ ۽ ڌيءُ“، جنهن جو ٽيون ڇاپو 1906 ۾ نڪتو هو، سا ظاهري طرح توڻي هڪ ڪهاڻي پي لڳي، پر حقيقت منجهس ويهه اخلاقي سبق ڏنل هئا جي هڪ فهميندي ماءُ پنهنجي ننڍڙيءَ ڌيءَ کي سيکاري ٿي ته دنيا ۾سکي ڪيئن گذارجي. سندس ٻي هڪ چؤنپڙي ”ست سهيليون“ جا به جهوني لکيل هئي پر 1925 ۾ ڇپائي ويئي، تنهنجو روپ وري ننڍي ناٽڪ جهڙو هو، پر ان ۾ صرف سوال جواب جي معرفت هڪ تعليم يافتي ڪنواري ڇوڪري پنهنجن ڇهن پرڻيل سهيلين کي نيتي ۽ ڌرمي سکيائون ڏيئي رهي آهي. هنن ٻنهي ننڍن ڪتابن جي عبارت نهايت سليس ۽ مٺي، پهاڪن ۽ محاورن سان ڀرپور هئي. ”ماءُ ڌيءُ“ مان ديوان صاحب جي سهج پر رنگين لکڻي جو نمونو ملي سگهي ٿو:- ”پهريون سبق ڌيئڙي جيڪو مون کي مليو، سو آهي مٿي نهارڻ جو. اڃا سج ڪين اُڀريو آهي، اڃا اوندهه آهي، پر مٿي نهار ته ڪيترا نه تارا پيا چلڪن. جي مٿي نهاريندينءَ ته اهي تارا توکي گهڻيون ڳالهيون ٻڌائيندا. هو وڏوسڀني کان وڌيڪ چلڪندڙ تارو ڏس ته ڇا ٿو چوي. ائين پيو نهاري، جو ڄڻ ته ڪا ڳالهه دل ۾ اٿس، منهه ڏسينس ته ڪهڙو نه مٺو اٿس، نيڻ ڏسينس ته ڪهڙا نه نماڻا اٿس. تون اڳڙو ڀريندي آهين، ۽ ستارون مون کان وٺي جڙيندي آهين، تڏهن اڳڙو پيو چلڪندو آهي. پر هيءَ مٿي ته ڏس ته ڪهڙو نه اڳڙو ڀريل آهي. هاڻي اڄ جڏهن تون اڳڙو ويهي ڀرين ۽ ستارون ويهي جڙين، تڏهن هيءَ اڳڙو نه وسارج، ۽ سڀاڻي سوير اُٿج.“

ٽيون ننڍڙو ڪتاب ”لوڀ جو مهاتم“ جنهن جو ٽيون ڇاپو 1923 ۾ نڪتو هو، تنهن ۾ ته سڌو سنواٽو مردن ۽ زالن کي ڀاشڻ ڪيل هو ته جهوني زماني ۾ هندو لوڪ جي وڏا ڏينهن ۽ پرڀ ملهائيندا هئا (جن جا بنياد ڪٿائن سميت ڪتاب ۾ ڏنل هئا)، انهن جي رسمن پٺيان اندرونا آتمڪ مطلب رکيل هوندا هئا، پر هاڻي اُهي سڀ ڦري لوڀ جو مهاتم ٿي پيا آهن. هن ڪتابڙي جي عبارت سنسڪرت ڏانهن وڌيڪ مائل هئي، پر گهڻي جذبي وچان ۽ تقريري نوع ۾ لکيل هئي، ۽ بعذي ته طنزي نوع به اختيار ٿي ڪيائين. ديوان ديارام جي لکڻي توڻي آڳاٽي زماني جي آهي، تنهن هوندي به  بيهڪ جون نشانيون ذري پرذي پختيون ڏنل آهن.

1923کان 1927 تائين ديوان ديارام روحاني الهام جي اثر هيٺ سوين بيت ۽ گيت لکندو ويو، جنجا ٻه ڀاڱا ”چابڪ (من لاءِ) ۽ رهاڻ“ نالي سان پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ڇپايائين ۽ باقي ٽي جلد سندس سرڳواس ٿيڻ بعد جيٺمل پرسرام ڇپايا هئا. هيءُ شاهي گرنٿ دنيوي توڙي حقيقي امنگن ۽ احساسن جو اکٽ خزانو آهي، گويا گيان جو ڀنڊار آهي. پر ڇو جو اهي گيت قاعدي ٻڌل وزن بحر ۾ بهاريل نه آهن ۽ صرف شيرين ۽ تنوار ڀريل عبارت ۾ لکيل آهن، تنهن ڪري انهن کي نظم نه، پر اوائلي نغميدار نثر جو نمونو ڪوٺي سگهجي ٿو.[1]

هن صديءَ جي شروعات ۾ مهراج تيجورام شرما، ”سناتن ڌرم پرچارڪ سڀا“ ڪراچيءَ پاران ڪيترا سستا ڌرمي ڪتاب مختصر ڪري، مورتن سميت ڇپايا هئا، جهڙوڪ ”تلسي ڪرت رامائڻ“، ”مهاڀارت“، ”شريمد ڀاڳوت“، ”ڀڳوت گيتا“، ”گرڙ پراڻ“، وغيره ويدانت جي وشيه تي جهونن ڪتابن مان تولارام ٻالاڻيءَ جو ”جيءَ اندر جنگ“ يا ”سکيا ساگر“ 1910 ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ آتمڪ پٿ تي هلندڙ هڪ پانڌيئڙو جي سادي سودي ڳالهه ڏنل هئي. ٻالاڻي صاحب بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ، سؤديوشي ۽ سؤراج هلچل جو بيباڪ باني هو. هو سنڌ ۾ پهرين سياسي اخبار ”ماتا“ جو ايڊيٽر، جوشائتو تحرير ۽ تقرير جو صاحب ۽ نازڪ- خيال شاعر پڻ هو. پنجاب جو سنڌ سان لاڳيتو پرانت هئڻ ڪري، گهڻا سنڌي هندو سک ڌرم جا پوئلڳ آهن ۽ ان ڌرم جا گرنٿ شرڌا وچان واچيندا آهن. شمار 1910 کان 1920 تائين جيٺانند سانولاڻيءَ، ”ناٽڪ پرڪاش“ نالي هڪ شاهي پستڪ 34 ڀاڱن ۾ پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سک گرن جا وچور وارا جيون چرتر ڏنل هئا ۽ ٻوليءَ به سليس ڪم آندل هئي، پر جهونيءَ روايت موجب بيهڪ جون نشانيون ڏنل ڪونه هيون. 1913۾ ديوان ليلارام سنگ خالصا پنٿ اختيار ڪيو ۽ ڪجهه عرصي بعد حيدرآباد ۾ ”سک ۽ سنگهه سڀا“ پاران پنهنجو ”گرو گرنٿ صاحب“ جو سمورو ترجمو پڌرو ڪيائين، جو سالن جي اڪٿ ڪشالي جو نتيجو هو. ديوان صاحب جو بهترين يادگار رهندو. سنڌ ۾ آريه سماج پنٿ جو به چڱو اثر پيو هو، جنهن جي مکيه ساهتڪ نشاني ”ستيارٿ پرڪاش“ پستڪ هو، جو آريه سماج جي پايو وجهندڙ سوامي ديانند سر سوتيءَ جو اصل هنديءَ ۾ لکيل هو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو 1912۾ پنڊت جيوڻ لعل، پروفيسر تاراچند گاجرا ۽ شري گڻپتراءِ ڪيو هو. هن شاهي گرنٿ جو ٻيون سڌاريل ڇاپو 1937۾، ٽيون 1946 ۾ نڪتو هو. پڇاڙيءَ واري سال سنڌ سرڪار هن پستڪ تي بندش وڌي هئي، چي انجو چوڏهون سملاس مسلمانن جي جذبن کي آزاريندڙ آهي. تنهن تي جيوترام هوتچند هڪ ڪتابڙي ”ستيارٿ پرڪاش ۽ مسلم اڳواڻ“ (1946) هندي تان ترجمو ڪئي هئي، جنهن ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل هئي ته اهو پستڪ ”دل آزاريندڙ ڪتاب نه آهي، پر سچ پچ دنيا جي سڀني مذهبن هندو، مسلمان، عيسائي، پارسي خواهه يهودي يعني انسان ذات لاءِ ’چشم فيض‘يا ’وگيان جو سمندر‘ ثابت ٿيو آهي.“

ٿياسافي مت جو به سنڌ ۾ چڱو واهپو هوندو هو، جنهن جي اثر هيٺ 1911 ۾ پهلاجراءِ واسواڻيءَ (ساڌو واسواڻيءَ جي ڀاءُ) انگري پستڪ Theosophy for Beginners تان ”برهم وديا“ نالي ڪتاب ترجمو ڪيو، جنهن ۾ اُن وشو- ڌرم جا مول سڌانت سنڌيءَ ۾ پهريون دفعو سمجهايل هئا. واسواڻي صاحب 1922 ۾ ”وديا ته شيوا“ نالي ڪتاب ڪرشنا مورتيءَ جي Education Service تان به ترجمو ڪيو هو. 1911 ڏاري لعلچند امرڏينمل ”محمد رسول الله“ ڇپايو هو، جنهن ۾ هن هندو عالم، مسلمانن جي پيغمبر سڳوري جي زندگيءَ جو احوال ۽ سندن ديني اصول نهايت ڄاڻ ۽ همدرديءَ سان پيش ڪيا هئا، جنهن ڪري ڪجهه وقت اُتس نالو ئي ”لعل محمد“ پئجي ويو هو. 1914 ۾ ”رام بادشاهه“ لکيائين، جنهن ۾ هن زماني جي ڌرمي اڳواڻ سوامي رام تيرٿ جو جيون چرتر ۾ سندس آدرش، پنهنجي ڳردار عبارت ۾ ڏنا هئائين. لعلچند صاحب ٿياسافيءَ جي اصولن جو به اڀياسي هوندو هو. ان اثر هيٺ 1915 ۾ ”هي هو ڇا“ ڇپايائين، جو مشهور ٿياسافڪ اڳواڻ ليڊيٽر صاحب جي To Those who Mourn تان ترجمو ڪيل، نهايت آٿت بخش ڪتاب هو. هن صاحب ”هندو نارين سان وئل“ به انگريزي ڪتاب تان ترجمو ڪيو هو.

1914 ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ”حيات النبي“ لکيو هو، جنهن ۾ اسلام جي پيغمبر حضرت محمد سڳوري جي سوانح عمري ۽ سندس مذهبي متا نهايت شاندار نوع ۽ عبارت ۾ بيان ڪيل هئا. حڪيم صاحب نج سنڌي جي جهونن استادن جي صف ۾ اهم درجو والاري ٿو. 1918 ۾، اڪيڊمي اسڪول جي پرنسيپال خانچند پرتابراءِ جو ”ديوان ڏيارام جيٺمل“ جو جيون چرتر ڪتابي صورت ۾ ڇپيو هو هو، جنهن صاحب جو نالو ڪراچيءَ واري ڊي- جي- سنڌ ڪاليج تي پيل آهي. اهو ڪتاب اصل ساڌو هيرانند جي برپا ڪيل ”سرسوتي“ مخزن ۾ پوندو هو، جنهن جو خانچند صاحب پڇاڙيءَ ۾ ايڊيٽر هوندو هو. 1917 ۾ ڀيرومل مهر چند ”گهروڪفايت“ زناني عالم لاءِ لکيو هو، جو ” سنڌي ساهت سوسائٽي“ هو. 1917 ۾  ڪندنمل شوداساڻيءَ ”سک جي سکيا“ نالي پستڪ هنديءَ تان ترجمو ڪيو هو، جنهن ۾ جيوت سکي بنائڻ لاءِ اخلاقي سبق ڏنل هئا. 1925 ۾ مهراج وشنو شرما ”شادي ڪين بربادي“ نالي چؤنپڙي لکي هئي، جا شاديءَ جي اهم موضوع تي ٽالسٽاءِ جي ڪتابن مان الٿو ڪيل هئي. 1926 ڌاري، ليلارام پريمچند ۽ جيٺمل پرسرام گڏجي ”سداچار“ ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ نيتيءَ جون سکيائون ۽ ڪٿائون ڏنل هيون. ليلارام صاحب هڪ ڪم نويس، پر نثر توڙي نظم ۾ پختو مصنف ۽ اخلاقي عالم هو، جيئن مٿئين ڪتاب ۾ ڏنل سندس مضمون ”پرائي پچر“ مان ظاهر آهي:- ”عيبن مان ڪوبه بندو آجو نه آهي. تڏهن صلاح ڀري ڳالهه آهي ته ٻين جي پتن ويچارڻ بدران هرڪو پنهنجا عيب ويچاري، ۽ پڇتاءُ ڪري، پاڻ کي سنئين رستي تي آڻي، جئن اوگڻ کان ڪو آجو نه آهي، تيئن گڻ کان به ڪو وانجهو نه آهي، پوءِ ڇو نه جئن ڀنور ملڪ، ملڪ ڦري اچي گلن تي گنجار ڪري اُنهن جو واس وٺي ٿو، تيئن اسين به هر ڪنهن انسان ۾ جيڪو چڱو گڻ هجي تنهنجو سڳنڌ وٺون؟ بهائي ڌرم جي برپا ڪندڙ جو فرمان آهي ته ’جيڪڏهن ڪنهن به انسان ۾ سؤ عيب هجن، ۽ رڳو هڪ ثواب هجي، ته رڳو انهيءَ ثواب جو خيال ڪريو.‘ ساڳي طرح حضرت عيسيٰ بنسبت پڻ لکيل آهي، ته جڏهن ڪنهن هڪ مردي جي بدزيب شڪل تي نقطه چيني پي ڪئي، تڏهن حضرت جن پاڻ مردي جي وات ڏانهن اشارو ڪري چيو ته ’ڏند ڪهڙا نه اڇا ۽ صاف اٿس!‘“

1920 کان 1945 تائين فتحچند مينگهراج، حيدرآباد ”گرسنکت“ جي سهاري هيٺ، سڄو ”گرو گرنٿ صاحب“پنجابي ڪوٽا مان سلوڻي ۽ سليس سنڌي ۾ ارٿ ڪري ”گرواڻي“ نالي سان 32 ڀاڱن ۾ ڇپايو. هن اٿاهه شرڌا ۽ ڪشالي واري سکن جي ڌرمي گرنٿ ۾، گرن جي ٻاڻيءَ جي ارٿ ۽ سمجهاڻيءَ سان ساٿ ساٿ، سنتن ۽ ڀڳتن جون ساکيون پڻ ڏنل هيون. 1922 ۾ مهراج دوارڪا پرساد شرما ”گيتا رهس“ لکيو هو، جو لوڪمانيه تاڪ جي مشهور گرنٿ تان ورتل هو، ۽ جنهن ۾ ان پر جوش اڳواڻ، گيتا جي ڪرم ڀوڳ واري سڌانت کي هندستان جي آزاديءَ لاءِ سياسي فلسفو بنايو هو. سنڌ جي ديش ڀڳت، اخبار نويس ويرومل بيگراج، بڙودا جيل ۾ مهاتما گانڌيءَ جي سنگ ۾ ٽيپ ڪاٽيندي، رابندر ناٿ ٽاگور جي ”ساڌنا“ جو ترجمو ڪيو هو، جو 1923 ۾ ”ساڌنا پستڪ“ نالي سان ڇپايائين. هن ڪتاب جي سنڌي سٺي هئي پر بيهڪ جون نشانيون ڪونه ڏنل هيون. 1923 ۾ روچيرام سڏاڻيءَ جو اخلاقي مقالو ”انسان ۽ انسانيت“ نڪتو هو، جنهن ۾ ٻالڪپڻ کان وٺي ٻڍاپي تائين انسان جي فرض ۽ جوابدارين جي اپٽار، سليس پر محاوريدار سنڌيءَ ۾ ڪيل هئي. هن ڪتاب جي ڪچائي هئي لکندڙ جا بي وزن بيت جي سڄي ڪتاب ۾ پکڙيا پيا هئا ۽ مورڳو اُن جي نثري خوبين کي ڪسو ٿي ڪيائون. سڏاڻي صاحب جو ”انسان جو آخرين مقصد ڪهڙو آهي؟“ پڻ ناصحانن سبقن وارو مقالو هو، جنهن ۾ انسان جي روحاني مقصد تي زور ڏنل هو. هن وقت جا ٻيا مقالا هئا: حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جا ”بهار اخلاق“ ۽ سياسي ”ڪمال ۽ زوال“ ۽ قاضي عبدالرزاق جو ”دانائيءَ جا سبق“ جنهن ۾ عمديون نصيحت آموز هدايتون ڏنل هيون.

جيون چرتر ۽ وڌيڪ ڌرمي پستڪ وغيره

ديوان ديارام کانپوءِ ڌرمي پستڪن جو اونهو اڀياسي ۽ ليکڪ جيٺمل پرسرام هو، جنهن جا ڪتاب پهرئين ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ جي ماهوار رسالن ۾ نڪرندا هئا، جن مان مکيه هئا: ”ڀائي ڪلاچند“ (1914) جنهن ۾ ان چالو زماني جي هندو صوفيءَ جو جيون چرتر، اپديش ۽ ڀڄن ڏنل هئا، ۽ ساڳئي سال ۾ نڪتل ”هير رانجهو ۽ سمو گندري“، جنهن ۾ انهن لوڪ ڪهاڻين جي روحاني رمز سمجهايل هئي. 1915 ۾ ”شاهه ڀٽائي جي حياتي“ لکيائين جنهن ۾ سندس صوفي متا پڻ ڏنائين. پوءِ سندس برپا ڪيل ”نئين سنڌي لئبرري“ ۾ سندس ڪتاب نڪرندا هئا. ويدانت جو تات پرج ٽن ڪتابن ۾ ڏنائين: ”سناتن ڌرم“ ۽ ”اُپنشد گيان“ (1925) جي ٻئي مائي ائني بيسنت جي انگريزي ڪتابن تان ورتل هئا، ۽ ”آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي“ (1927). جيٺمل صاحب سنڌ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي جو جهونو بانيڪار هو، ۽ ان عالمگير مذهب جو اثر هيٺين ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ سان سنڌي ساهت ۾ ظاهر ڪيائين:

1.   ”ست گر جي چرنن“- ڪرشنا مورتي جي- At the feet of the Master تان 

(ساڳيو ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو ”استاد جي قدمن وٽ“ نالي سان ترجمو ڪيل هو.)

2.  ”گيان سر“- ڪرشنا مورتي جي Pool of Wisdom تان

3.  ”سڌيون ۽ چڪر“ – ليڊيٽر جي On the Path of Ocultism تان

4.  ”موت آهي ڪونه“- Conan Doyle, Oliver Logde & William Stead جي آزمودن تان.

جيٺمل صاحب، سنڌ ۾ ساميه واد Socialism جو به پهريون پرچارڪ هو، جنهن اثر هيٺ 1926 ۾ ”ساميه واد“ ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ هن تحريڪ جي تاريخ ۽ مرادن جي سمجهاڻي ڏنائين، ۽ ڏيکاريائين ته هيءَ هلچل رڳي مغرب وٽان ورتل نه آهي پر ”پراچين يورپ جي پاڙن ۾ درج ٿيل آهي.“ ساڳئي وشيه تي، گهڻو پوءِ، ديارام منشاراماڻيءَ ”سوويت روس“ (1944)، ايم- متن جي ڪتاب تان ترجمو ڪيو هو، جنهن ۾ روس ۾ مزدور حڪومت جو 25 سالن ۾ واڌارو بيان ڪيل هو.

جيٺمل ”نئين سنڌي لئبرري“ ۾ ”يورپ جوئي“ (1923) نالي گوتم ٻڌ جي جنم ساکي، سر ايڊون آرنولڊ جي مشهور وير- ڪوتا Light of Asia تان سهڻي سنڌي نثر ۾ آندي هئي.[2]پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي ۾ ”ڌم پد“ نالي ٻڌ اپديش جو شاستر لکيو هو، ۽ آچاريه آسوديمل گدواڻيءَ جو ”ٻوڌي ستو“ پڻ ساڳيئي لئببريءَ ۾ 1928 ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ ڌرمانند ڪسمبيءَ جي مرهٽي پستڪ جي اوٽ تي گوتم ٻڌ جي جيوت بابت ست جنم ساکيون ڏنل هيون. ٻڌ ڀڳوان جو آخري جيون چرتر ”گوتم ٻڌ“ نالي پروفيسر نرملداس گربخشاڻيءَ جو لکيل هو، جو 1938 ۾ پنهنجي ”وديا“ اخبار مان ڪڍي ڇپايو هئائين. گربخشاڻي صاحب ”آميريڪا جا مهاپرش“ نالي ڪتاب پڻ سليس سنڌي ۾ آندو هو، جو ڊاڪٽر سنڊر لنڊ جي ليکن تان ورتل هو ۽ منجهس ابرهام لنڪن ۽ ٻين ٻن پرشن جا جيون چرتر ڏنل هئا.

”نئين سنڌي لئبرري“ ۾ علي خان ابڙي جو ”پيسٽالازي“ (1925) ۾ به ڇپيو هو، جنهن ۾ سئٽزر لنڊ جي ان مشهور معلم جي حياتي ۽ تعليم ڏيڻ جا اصول بيان ڪيل هئا. ساڳئيءَ لئبرريءَ ۾ پرنسپال تيجومل شهاڻيءَ جو ”گوڪلي جي حياتي“ (1926) ۾ نڪتو هو، جنهن ۾ هندستان جي ان عالم ۽ ديش ڀڳت جي جيوت ۽ سياسي آدرش ڏنل هئا.[3]ساڳئي سال ساڳئي لئبرريءَ ۾ ڀوريمل رام رکياڻيءَ جي ”رشي اروند گهوش“ “ ۾ نمهارشيءَ جي آتمڪ جيوت جو احوال ڏنل هو.

سنڌ ۾ برهمو مت جو پرچار به سالن کان چالو هو، جنهن جي پرڀاو هيٺ هيٺين لکندڙن جا سنڌي ڪتاب ”برهمو سماج“ وارن ڇپايا هئا:

ڪرپالسنگهه-         ”نووڌان جي اصليت“           -1914

ڊاڪٽر پريتمداس-     ”جيون ويد“                    -1921

نرملداس گربخشاڻي-  ”راجارام موهن راءِ جو جيون چرتر“   -1930

نرملداس گربخشاڻي-  ”بدمانند ڪيشپ چندرسين جو جيون چرتر“ -1931

نرملداس گربخشاڻي-  ”ساڌونولراءِ جو جيون چرتر“     -1932

نرملداس گربخشاڻي-  ”مهارشي ديوندراناٿ جو جيون چرتر“  -1938

واڌو مل مولچند-       ”ساڌو هيرانند جو جيون چرتر“ -1933

واڌو مل مولچند-       ”ديوان موتيرام شوقيرام جو جيون چرتر“ -1946

ريواچند ميرچنداڻي-    ”نئون سنهتا“ (ڪشيب چندرسين جي پستڪ تان)-1938

ريواچند مير چنداڻي-   ”براهمو ڌرم ساڌن“

(ڪيشب چندرسين جي پستڪ تان) -1940

ريواچند ميراڻي          ”پرلوڪ جو پيغام“(ڪيشب چندرسين جي اپديش تان) -1941

1920 ۾ ڪندنمل ڏيپچند ”سک جي سکيا“ جا ٽي ڀاڱا ”شاريرڪ جيون“، ”مانسڪ جيون“ ۽ ”آتمڪ جيون“ نڪتا هئا. 1930 ۾ لڌارام چنديراماڻيءَ جو ”سري سکمني صاحب“ ارٿ سميت، حيدرآباد ”گرسنگت“ وارن ڇپايو هو، جنهن کي ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي مهاڳ ۾ سندر سنڌي ترجمو ڪوٺيو هو. 1923 ۾ ٽهلرام آسوديمل جو ”ڏهه اپنشد“ نڪتو، جنهن ۾ انهن پراچين ڌرمي پستڪن جو تات پرچ ڏنل هو ۽ برهم وديا ۽ آتم گيان جا مول متا سمجهايل هئا. ساڳئي سال ”نارد ڀگتي سوتر“ ۾ ان پستڪ جو ارٿ ۽ سمجهاڻي ڏنائين. هن صاحب ٻيا به ڪيترائي ڌرمي ڪتاب لکيا، جهڙوڪ ”شريمد ڀڳوت گيتا“ ۽ ”سکمني صاحب“ (ٻئي ارٿ سان) ۽ ”هندوڌرم پرڪاش“. 1934 ۾ تاراچند ٽهلراماڻيءَ مشهور هندي پستڪ ”پارس ڀاڳ“ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، جنهن ۾ جيوت لاءِ ڌرمي ۽ نيتي سکيا ڏنل هيون. ديوان چئنراءِ بولچند ويدانت جو ڳوڙهو اڀياسي هوندو هو ۽ ڪيترا ڌرمي ڪتاب سنڌي ڪوتا ۾ آندا هئائين. هن صاحب به مٿئين گرنٿ ”پارس ڀاڳ“ کي مختصر ڪري ”جڳياس مارگ“ (1935) نالي سان سنڌي نثر ۾ آندو هو. 1932 ۾ ”جپ صاحب“ ٽيڪا ۽ ارٿ سان لکيو هئائين، تنهن کان سواءِ، والميڪ جو ”يوگ وسشٽ“، ”ويچار ساگر“ ۽ ”گيان ساگر“ جهڙا ڌرمي گرنٿ به سنڌيءَ ۾ اُلٿو ڪيائين. حيدرآٻاد جي ڦليلي رشي گهاٽ وارن ٻن سنڌي ساڌن ڪيولرام ۽ ڪرشنداس، هڪ وڏو گرنٿ ”شري انڀؤ گيان ساگر“ 1935 ۾ رچيو هو، جنهن ۾ سمورن ويدن شاسترن جو سار بلڪل صفائيءَ سان سمجهايل هو—جوسنڌي ءَ ۾ انهي نموني جو هڪڙوئي ڌرمي پستڪ ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هڪ انگريزي ڪتاب Rambles from Vendanta جو ترجمو ”ويدانتي وڻڪار“ نالي سان رامچند ڏاسواڻي جو ڪيل، ڪوڙو مل منڊل وارن ڇپايو هو، جنهن ۾ ڪيترا ويدانتڪ مسئلا، درشٽانتن دواران سولا ڪري، سمجهايل هئا.

1923 ۾ پرمانند ميورام، مشهور عيسائي اخلاقي مقالو Akmepis جو لکيل Imitation of Christ، ”ڪرست جي پيروي“ نالي ترجمو ڪيو هو، جو سندس نبار، سپڪ ۽ موزون سنڌي جو شاندار مثال آهي ۽ پڻ سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ جي فن جو نمونو آهي. 1934 ۾ پرمانند صاحب ”اپائڻهار جي هستي“ ڪوڙيمل منڊل پاران ڇپايو هو، جنهن ۾ ايشور جي هستيءَ بابت دليل ڏنل هئا. مولچند ٽهلياڻيءَ به ”پرماتما جي هستي“(1938) ۾ ناستڪن کي دليلن سميت جواب ڏنا هئا. 1936 ڌاري ڪماري گلي ڪرپالاڻيءَ ”جواهر لعل جا ڌيءَ ڏانهن خط“ ترجمو ڪيا هئا، ۽ تيرٿداس هاٿيراماڻي پنهنجا لکيل ”پيءَ جا پٽ ڏي خط“ ڇپايا هئا، جي ٻئي ڪتاب نصيحت آميز هدايتن تي ڀريل هئا. 1940 ۾ گهنشامداس ڪرپالاڻيءَ ”سري مد ڀڳود گيتا“ لکيو، جنهن ۾ ان آدي پستڪ جو ارٿ نئين سر سمجهايل هو. 1942 ۾ ڊاڪٽر شرما جي انگريزي ڪتاب ”گانڌي سوتر“ جو ترجمو وشن جڳتياڻيءَ ساڳئي نالي سان ڪيو، جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ جي سچ ۽ اهنسا واري پراچين سکيا، نئين زماني جي ضرورتن لاءِ، سؤترن جي صورت ۾ سمجهاڻين سوڌي ڏنل هئي. 1944 ۾ پرڀداس برهمچاريءَ ”روشن راهه“ لکيو، جنهن ۾ آتمڪ شڪستيءَ پرائڻ بابت سٺا مضمون پيل هئا. والميڪ رشيءَ جو مشهور ”يوگو ورسشٽ“ (جو ديوان چئنراءِ به سنڌيءَ ۾ آندو هو) تنهنجي سڌانتن جو نچوڙ سليس نموني ۾ گوڪلداس ڀاڳيا (شري يوگ واسشٽ سڌانت“ نالي پستڪ ۾ ڏنو هو، جنهن جو ٻيون ڇاپو 1945۾ نڪتو هو. لوڪرام ڏوڏيجا جا ”رامائڻ“، ”مهاڀارت“ ۽ ”ڀاڳوت“ به شمار هن وقت چپيا هئا. ڊاڪٽر رگهومل موٽواڻي، جو جسماني روڳن سان گڏوگڏ روحاني روڳن جو پڻ حاذق حڪيم هو،

تنهن ”گلابي گل“ يا ”سچي روحاني جيوت“ (1946) ۾، مکيه شاسترن ۽ ست پرشن جي چرترن ۽ وچنن مان مثال ڏيئي، ويدانتي سکيا جو سار ڏنو هو جئن اها عمل ۾ آڻي سگهجي. آخر ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو ڌرمي پستڪن جو ذڪر ٿو ڪجي، جي سنڌ جي هن مهان سنت ۽ ودوان جي صداقت ڀريل ۽ شاعراڻين تقريرن تان وٺي، ”سنت مالا“ سلسلي ۾ ڇپايا ويندا هئا. ”شري سکمني صاحب“ ۽ ”شري ڀڳود گيتا“ ساڌو صاحب جا ٻه خاص پيارا پستڪ هئا، جن ۾ انهن مول گرنٿن جو ارٿ وستار سان سمجهايو هئائين. ”آتم گيتا“ ۾ سندس شخصي پرارٿنائون ڏنل هيون ۽ ”نانڪ ترنڪاري“، ”شيواڌرم“ ۽ ”نيلوگلستان“ ۾ سندس اتساهڪ اپديش ڏنل هئا


[1] هن پستڪ بابت وڌيڪ احوال تنقيدي واري فصل ۾ ”راج رشي ديوان ديارام گڊومل جو جيون چرتر“ نالي ڪتاب هيٺ ڏنل آهي.

[2]  ساڳي انگريزي ڪوتا جو رنگين سڌي ڪوتا ۾ ترجمو ”پورب سنديس“ نالي سان ڏيوانداس ڪشناڻيءَ (آزاد) ڪيو. هو، جو ”رتن ساهتيه منڊل“ 1937 ۾ ڇپاپو هو.

[3] هن ڪتاب تي ڪيل نڪتچيني تنقيد واري فصل ۾ ڏنل آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org