سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:13 

ڪنهن به قوم جي ناٽڪي تاريخ جي تپاس ڪبي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته اوائلي ناٽڪ هر هميشه ڌرمي پي ٿيا آهن، ڇو جو آڳاٽي زماني ۾، انساني دل ۾ ويسهه ۽ شرڌا جو انگ ٻين امنگن کان مڙيوئي سرسيرو هوندو هو. انهيءَ مطابق ئي عيسوي سن کان صديون اڳ، چين، هندستان ۽ يونان ۾ ڌرتي ناٽڪ ڪيا ويندا هئا. انگلستان ۾ به اهو سلسلو 15 عيسوي صديءَ کان، ڌرمي ناٽڪن (miracle & mysteryplays) سان جاري ٿيو. هندستان ۾ ”راس ليلا“ ۽ ”رام ليلا“ جا کيل ڪري ڏيکاربا هئا، ته عربستان ۽ ايران ۾ ڪربلا جي شهيدن جا ناٽڪ، اسان جي ڀاڳن ڀريءَ سنڌڙيءَ ۾ ته، بلڪ 19 صديءَ جي آخر ڌاري، جڏهن هنڌ پٽ ويسهه ۽ اعتقاد جي جاءِ تي عقل ۽ سمجهه جو راڄ جاري ٿي ويو هو، تڏهن به ڌرمي ناٽڪن سان آرنڀ ٿيو. انهن ڌرمي ناٽڪن کي باريڪ نظر سان جاچجي ٿو ته هيءَ ڳالهه پڌري پيئي معلوم ٿئي ته منجهن هن ئي مکيه مسئلي جي اُپٽار ٿيل آهي: انسان هڪ ضعيف بيوس وٿ آهي، ۽ زبردست بيترس تقدير سدائين اُتس غالب پئجو وڃي ۽ کيس عذاب ٿي سهارائي. ساهت ۽ اتهاس جو اڀياسي هن ڳالهه کان به بي خبر نه آهي ته هر زماني ۾ زندگيءَ جو گاڏو، ان زماني جي تقاضا پٽاندڙ، ڪنهن خاص فلسفي جي آڌار تي ٿو ڳهلجي. اهوئي ڪارڻ آحي جو قديم زماني جا ناٽڪ انهيءَ ظالم تقدير واري فلسفي تي ٻڌل ڏسجن ٿا.

سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ به برپا ٿيڻ شرط پهريون پهريون ناٽڪ مهاڀارت تان ورتل، ماستر جيٺانند کلڻداس ڀرياڻيءَ جو جوڙيل ”ذل دمينتي“ (جو پنهنجي بزرگ ڳوٺاڻي ديوان ڪوڙيمل کان درست ڪرايو هئائين) 1894۾ ڪري ڏيکاريو. عجب آهي ته سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۾ هيءُ هڪڙو ئي ڊرامو هو جنهن ۾ فقط هڪڙو رواجي راڳ وڌل هو، جو درگداس آڏواڻيءَ دمينتيءَ جو پارٽ ڪندي ڳايو هو، ۽ تنهن هوندي به ناظرين ۾ تاثير پيدا ڪيو هئائين. تنهن زماني ۾ زالون ته پردي ۾ هونديون هيون، مڇن ڪوڙائڻ جو فئشن به اڃا ڪونه پيو هو ۽ اها غير مردانگيءَ جي نشاني سمجهبي هئي. تنهن ڪري لسڙاٽ اسڪولي ڇوڪرن کان جو زنانا پارٽ ڪرائيندا هئا ته به سماج ۾ چؤٻول پئجي ويندو هو ته ڪچن ڇوڪرن کي زنانا ويس وڳا پهرائي، زنانو ناز نخرو ٿا سيکاريو، ته دليون پاڻيون ڪڍي ٿا ڇڏيونِ. سو مائٽ، منهانڇرا ڇوڪرا ناٽڪ لاءِ ڪڍي ڏيڻ کان ڪيٻائيندا هئا، ۽ درگداس جي ٻانهن به ڏاڍي مشڪل ملي هين. هڪڙو ڪرستان پادري جو سمجهندو هو ته هندستاني اسٽيج تي آندل ڇوڪريون وئشائون ٿينديون آهن، سو هيءَ ناٽڪ ڏسڻ آيو ٿي انهيءَ شرط تي ته ڪنهن ڇوڪريءَ کان زنانو پارٽ نه ڪرائيندا. پر درڳداس کي دمينتيءَ جي ويس ۾ نزاڪت سان پارٽ ڪندو ڏسي اچي بگڙيو، جي مونسان ويساهه گهاتي ڪئي اٿو—هيءَ سچي ڇوڪري آهي! نيٺ فرجي مهل اندر اسٽيج تي وٺي وڃي، جڏهن درگداس جا ڪوڙا وار ۽ ڪوڙي ڇاتي لاهي ڏيکاريائونس، تڏهن سندس کي ٺاپر آئي ۽ مورڳو ئي داد ڏيڻ لڳو ته هن ڇوڪر واهه جو ڇوڪريءَ جو پارٽ ڪيو! هن ناٽڪ ۾ راجا نل جو پارٽ هيرانند سنتوڪرام وڪيل ڪيو هو، ستجڳ جو سجانسنگ جڳتياڻيءَ، ۽ ڪلجڳ جو ڪنولسنگ ملڪاڻيءَ—جو صاحب هن منڊليءَ جو پهريون هدايتڪار—(Stage Director)هوندو هو.

ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ جو پهريون مکيه ناٽڪ نويس ديوان ليلارام وطڻمل هو. سندس پهريون ناٽڪ مهاڀارت تان ورتل ۽ قافيه دار نثر ۾ لکيل ”هرشچندر“ 1895 ڌاري ڪيو ويو، جنهن ۾ راجا هرشچندر جو پارٽ بجاسنگ آڏواڻيءَ، ۽ وشوامتر جو ڪنولسنگ پاڻ ڪيو هو. هيءَ ناٽڪ تنهن کانپوءِ 1900 ۾ ڇپايو ويو. ديوان صاحب جو ”رامايڻ“ (2 ڀاڱا) 1898 ۾ ڪري ڏيکاريائون، جنهن ۾ سريلي راڳيندڙ حشمتراءِ لوڪسنگ (ديوان جي ڀائٽئي) رام جو پارٽ ڪيو هو. پر سيتا جو پارٽ اهڙو سٺو نه بيٺو هو. اهي ٻئي ناٽڪ بيحد پسند پيا هئا. ٻنهي ۾ اڻ ڄاتل وچن کي پاڻي ڏيڻ ڪري ڌرين کي تقدير رولا ٿي کارائي: هرشچندر رشي واشوامتر کي، ۽ دسرٿ راڻي ڪيڪئيءَ کي، انڌا وچن ٿا ڏين (جو ان زماني ۾ مريادا جو ڪم ليکبو هو)، ۽ نتيجو اهو نٿو نڪري جو هرشچندر راجائي وڃائي دربدر ٿو ٿئي، ۽ رام چوڏهن ورهيه بنواس ٿو ڀوڳي. والميڪي رامايڻ تان ورتل هڪ ٻيو به ناٽڪ ”رام بنواس“ نالي، مستر ديئومل گاگنمل (سوامي ديوانند) 1897 ۾ لکيو هو، جنهن کي رام جي بنواس وڃڻ ۽ دسرٿ جي مرتيو تائين ختم ڪيو هئائين، جنهن ساڳئي هنڌ ديوان ليلارام جي ”راماريڻ“ جو پهريون ڀاڱو پورو ٿيوهو. اهو ناٽڪ قافيه دار نثر ۾ لکيل هو ۽ منجهس سهنجا سنسڪرت شبد ڪتب آندل هئا، پر تڏهن به نه شايد اسٽيج تي ڪرڻ ۾ ڪونه آيو. ”تل دمينتي“ وانگر، ديوان ليلارام جو ”دروپدي“ يا ”پانڊو چرتر“ (1905) ۾ پڻ مهارت تان ورتل هو، ۽ جئن هن ۾ راجا نل، تئن هن ۾ يڌشٽر، پنهنجو راڄ ڀاڳ ۽ گهر ٻار جوئا ۾ هارائي انيڪ آپدائن جو شڪار بڻجن ٿا، مطلب ته ڍاري راند بهاني، تقدير ٻنهي کي ڌڪ ٿي هڻي. هن ناٽڪ ۾ نائڪ جو پارٽ ديوان جي فزرند جيٺمل ڪيو هو، جو پوءِ گائن وديا جو ماهر ٿي پيو.

ديوان ليلا رام پهريون ئي عالم هو جنهن دليلن جوڙيل ٻه پنگتي ناٽڪ: ”مهن تارڪا“ (1896) ۾ ”سورجن راڌا“ (1897) لکيا جي پڻ ڪاليج منڊليءَ وارن ڪري ڏيکاريا هئا، جن ۾ حشمتراءِ نائڪ ۽ خوشيرام نائڪا جا پارٽ بخوبيءَ ڪيا هئا. هنن ناٽڪن ۾ پهريون دفعو نهايت نازڪ سماجي  مسئلن جي اُپٽار ڪيل هئي: پهرئين ۾ وڌوا وواهه بابت، ۽ ٻئين ۾ ڌرم بدلائڻ (هندوءَ مان مسلمان ٿيڻ) بابت، جنهن ڪري بلڪل ڪامياب ثابت ٿيا هئا. پر پوءِ ديوان صاحب ”سورجن راڌا“ کي دک- اَنت مان ڦيرائي سک- انت بنائي ڇڏيو، جنهن ڪري وري ڪري ڏيکارڻ سان ناپاس ٿيو هو. پر تنهن هوندي به ڊاڪٽر چوئٿرام زنانو پارٽ واهه جو ڪيو هو، ۽ جيٺمل ۽ موتيرام لعلواڻيءَ (ديوان جا پٽ جي ٻئي پوءِ بالسٽر بنيا) نائڪ ۽ نائڪا جا پارٽ نزاڪت سان ڪيا هئا ۽ ڳايو به سٺو هئائون.

ديوان ليلا رام (جنهن خانصاحب پنٿ جو پرڌان ٿيڻ کانپوءِ پاڻ ليلارام سنگ سڏايو) ڪن ناٽڪن ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ لوڪسنگ جو نالو پنهنجي نالي سان شامل ڪندو هو، پر ٻڌجي ٿو ته لوڪسنگ خاص طور جوڙيندو هو، جي ناٽڪن جي ڪتابن ۾ زبانين سان گڏوگڏ ڇپيل هوندا هئا. سندس عبارت پهرئين نجي سنڌيءَ ۽ سليس سنسڪرت جي ملاوت واري هوندي هئي، پر پوءِ سولا فاسي اکر به استعمال ڪرڻ لڳو هو. ”هرشچندر“جي ديباچي ۾ ان جو عذر ڏنو هئائين ته: ”هنن پستڪ ۾ ’رامائڻ‘ وانگر رڳا نج سنڌي ۽ ڀاشا جا لفظ نه آهن. پر پارسي لفظ به دانستا وڌا ويا آهن. جيڪڏهن ڪو پرش اها شنڪا ڪڍي ته دواپور يگ ۾ پانڊون ۽ ڪورون پارسي لفظن ڪئن ٿي ڳالهايا ته اُن جو جواب اهو آهي ته هنن سنڌي ٻولي به ڪين ٿي ڳالهائي.“

ديوان ليلارام سنگ جي مٿين پراچين ٽوڙي پنگتي ناٽڪن ۾ گهڻو تڻو هيٺيان اداڪار ڪم ڪندا هئا: نائڪ- حشتمراءِ لعلواڻي، نائڪا- خوشيرام ساڌواڻي، ٻيا مکيه پارٽ ڪنولسنگ، سجاتسنگ، جوتسنگ ۽ کيئومل (پرمانند ميوارام جو ننڍو ڀاءُ) ڪندا هئا، جنمان پويان ٻه مسخريءَ جو پارٽ بخوبيءَ ادا ڪندا هئا—خاص ڪري ”هرشچندر“ ۾ بدؤشڪ جو پارٽ. ڪجهه سالن بعد ”دروپدي“ وري ڪيو ويو هو جنهن ۾ نائڪ ۽ نائڪا جا پارٽ موتيرام گدواڻيءَ (مشهور ڳائيندڙ) ۽ موهن شهاڻيءَ (هڪ نئين لسراٽ) ڪيا هئا، ۽ اهو کيل اڳئين ڀيري کان بهتر بيٺو هو. انهن سڀني ائڪٽرن جو وڌيڪ ذڪر اڳتي هلي ڪبو.

هن ناٽڪن جي دؤر جو آخرين کيل هو ڪاليداس جو جڳ- پر سڌ شاهڪار ”شڪنتلا“، جنهن جي صرف اصلوڪي رٿا قائم رکي، مرزا قليچ بيگ 1896ع اُن کي سنڌي لباس ڍڪائي نئين سر لکيو هو، ۽ ساڳئي سال ڪاليج سوسائٽيءَ ڪري ڏيکاريو هو. هن هندڪي ناٽڪ ۾، هن مسلم عالم، اهڙا ته سرل هندي لفط ۽ اصطلاح ڪم آندا هئا، جو ناٽڪ نويسيءَ جو اهم اصول ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ناٽڪ جي پاترن واتان ٻولي اها ڳالهارائڻ کپي جا اهي سڀاويڪ طرح پنهنجي جيوت ۾ ڳالهائڻ تي هريل هجن، ۽ نه اها جنهن ۾ خود لکندڙ کي قابليت حاصل هجي. هن ناٽڪ ۾ به شڪنتلا، راجا دشينت وٽان مليل منڊي، هڪ ڪروڌي رشيءَ جي سراپ ڏيڻ ڪري وڃائي ٿي وهي، جنهن ڪارڻ ئي کيس تقدير جي چپيٽ لڳي ٿي ۽ ڏک ڏولاوا سهڻا ٿا پون. هيءَ ناٽڪ ڪافي ڪامياب ٿيو هو جنهن ۾ خوشيرام ساڌواڻيءَ مينڪا اَپڇرا جو پارٽ هو بهو زباني آواز ۽ نزاڪت سان ڪيو هو، ۽ شڪنتلا جو پارٽ هڪ نئين ڳڀروءَ موتي ڪرپالاڻيءَ ڪيو هو، جو پوءِ نائڪن جا پارٽ ڪندو هو.

سيڪسپيئر تان رومانوي ناٽڪ- سيرت جو فلسفو

تنهن کانپوءِ ڪاليج جي ناٽڪ منڊلي شيڪسپيئر ۽ ٻين انگريزي مصنفن تان ورتل ناٽڪ اسٽيج تي آڻڻ لڳي، جن جو مکيه لکندڙ مرزا قليچ بيگ هو. شيڪسپيئر زندگيءَ جي ان جهوني فلسفي جي برخلاف هو ته انسان تقدير جو ٻڌو ٻانهو آهي ۽ سندس ڪابه ڪوشش للاٽ جي لکڻي کي ميٽي نٿي سگهي. شيڪسپيئر پنهنجا مڙيئي ناٽڪ هن نئين اصول تي ٻڌا ته انسان جي قسمت سندس سيرت ۾ سمايل آهي، ۽ هو پنهنجي ڪرتوتن جي برڪت سان گهڻي قدر پنهنجي قسمت بنائي سگهي ٿو،-- توڻي ڪن حالتن ۾ سيرت مٿان تقدير غالب پئجو وڃي ۽ آخرين نتيجو مقدر جي وس ٿيو پوي. مرزا صاحب جو پهريون شيڪسپيئر جي Merchant of Venice تان ورتل ناٽڪ ”حسنادلدار“ (1897) هو جو سڌو انگريزيءَ تان ترجمو ڪيو  هئائين. هن ناٽڪ ۾ سيرت جو مسئلو هيءَ ڏيکاريل آهي ته سچي عاشق جي دل ۾ جي لالچ نه آهي ته هو سوني ۽ روپي صندوق ڇڏي، شيهي جي صندوق، پسند ٿو ڪري، جنهن جي ئي اجوري ۾ کيس دل گهري محبوبا ٿي ملي، ۽ ساڻس لائون لهي خير جي زندگي بسر ٿو ڪري. قليچ بيگ، هن ناٽڪ جو ڏيهي زندگي ۾ الٿو اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ڪيو هو جو بنهه اصلي پي لڳو. هيءُ ناٽڪ جڏهن پهريون دفعو اسٽيج تي آيو هو تڏهن ڪيترن هندو بزرگن کي ڏاڍي ٽامڻي لڳي هئي. انهيءَ جو ڪارڻ هو ته Shylock وياج خور کي مرزا صاحب يهوديءَ مان ڦيرائي هريدار مارواڻي بنائي ڇڏيو هو، ۽ ڪرستان واپاري Antonio کي لالا منسکلعل بنائي اهڙيءَ ريت پيش ڪيو هئائين جو هو هندو رڳو نالي ۾ ٿي لڳو، سندس دوستي مسلمان دلدار (Bassanio) سان هئي ۽ هن جو اُٿڻ وهڻ مسلمانن سان ٿي ٿيو- انهي سمي جي اڪثر هندن واري ڇوت ڇات منجهس هئي ڪانه. اهڙيءَ طرح مرزا صاحب هن روماني ناٽڪ مان هندو- مسلم ميلاپ جو ترقي پسند مطلب ڪڍي ورتو، ۽ يهودي- عيسائي نفاق وارو اصلوڪو مطلب ڪڍي ڇڏيائين. هن ناٽڪ ۾ نائڪا حسنا (Portia) جو پارٽ خوشيرام ساڌواڻيءَ ڪيو هو ۽ عاشق دلدار جو حشمتراءِ لعلواڻيءَ، جي ٻئي رسيلا راڳيندڙ هوندا هئا ۽ ليلارام سنگ جي ناٽڪن کان وٺي، نائڪ، نائڪا جو پهريون مکيه جوڙو هئڻ ڪري ”خشو- خوشي“ نالي سان مشهور ٿي ويا هئا. جوتسنگ آڏواڻي جو مذاقي پارٽن لاءِ مشهور هوندو هو، تنهن هرگس مسخري جو پارٽ، ”هرگن شاباس هجيئي“ واري راڳ ۽ ناچ سان گڏ، اهڙو ڪاميابيءَ سان ڪيو هو جو ماڻهو کلي کيرا ٿي پيا ۽ راڳ تي ”ونس مور“ ڪري ٿڪائي ڇڏيائونس.

”حسنا دلدار“ 1905 ۾ ٻيو دفعو وڌيڪ ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ موتيرام گدواڻيءَ نائڪ دلدار جو پارٽ ڪيو هو ۽ وشني هيراننداڻيءَ ۽ نائڪا حسنا جو. هن ڀيري هڪ ٻيو مذاقي ائڪٽر هيرانند آڏواڻي نڪري نروار ٿيو، جنهن ۾ هريدار مارواڙيءَ(Shylock) جي رول ۾ مذاق سان گڏوگڏ، ماس وٺڻ واري چهچٽي ۾ وير وٺڻ جو ڀاؤ اهڙي ته سڀاويڪ جوش ۽ جذبي وچان ظاهر ڪيو هو، جو هال مان مٿس جنسي گارين جا ڦهڪا پي پيا- جا پارٽ جي ڪاميابيءَ جي نشاني هئي! انهيءَ پارٽ ڪرڻ لاءِ پرنسپال جئڪسن ۽ ديوان ديارام، جي سوسائٽيءَ جا ڪائونسلر هوندا هئا، هيرانند کي مبارڪون انعام ڏنا هئا، ڊاڪٽر جئڪسن ته سندس ڀيٽ، معروف انگريز ائڪٽر Sir Henry Irving سان ڪئي هئي! اهڙيءَ طرح پهرئين ئي پارٽ سان سندس نالو وڄي ويو ۽ هو  پڪو ناٽڪي بنجي پيو. پوءِ ته هيرانند ڀوڄراج تي پيار وچان H.B نالو پئجي ويو ۽ سيگهه ئي هو هدايتڪاريءَ(direction) ۽ ناٽڪي نمائش (Production) جي هرفن ۾ قابليت حاصل ڪرڻ ڪري، سنڌي ناٽڪن جو سرتاج ليکجڻ ۾ آيو. مذاقي پارٽن ڪرڻ ۾ خاص طور ڪمال ڪري ڏيکاريندو هو.

شيڪسپيئر جو بهترين دکدائڪ ناٽڪ King Lear, تنهنجو ترجمو به مرزا صاحب ”شاهه ايليا“ (1900) نالي سان ڪيو ۽ فقط مڪان ۽ نالا بدلائي مشرقي بنايائين. هن ناٽڪ ۾ به سيرت جو سبق اهو رکيل آهي ته ليئر يعني ايليا هيترا ڏک ڏاکڙا سهي ٿو ۽ آخر ديوانو ٿي ٿو پوي، سو سڀ هن ڪارڻ جو هيڏي شاندار بادشاهه هئڻ جي باوجود، سندس سڀاءُ ۾ اها هڪ هيڻائي آهي جو پنهنجو سمورو راڄ ڀاڳ انهن ٻن ڌيئن کي ورهائي ڏيئي ٿو ڇڏي جي سندس لنڊي خوشامند ٿيون ڪن ۽ پاڻ لاءِ پيريءَ جي توشي طور پائي به نٿو رکي. نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري جو ٻئي ڌيئون جن کي ورسايو هئائين، سو پوڙهي پيءَ کي، هڪ ٻئي پٺيان، پنهنجن درن تان هڪالي ٿيون ڪڍن، پر اها ڌيءَ Corddia جنهن کي ها ۾ ها نه ملائڻ ڪري ڪوڏي به ڪانه ڏني هئائين سا ئي پاڻ وٽ اجهو ٿي ڏئيس. هن جهوني سيرت نگاريءَ واري ناٽڪ جو موضوع، چالو توڙي ايندڙ زماني مائٽن ۽ اولاد جي رشتي سان ڪهڙو نه ٺهي ٿو اچي! اهڙائي عالمگير ((Universal مسئلا جي دائما قائم آهن، ادب کي زمان ۽ مڪان جي ٻنڌڻن کان مٿي رکن ٿا ۽ اُن کي شاهڪاريءَ جو درجو ڏين ٿا. پر افسوس جو اهڙو عاليشان ناٽڪ اسٽيج تي ڪامياب نه ٿيو. اُنجو مکيه  ڪارڻ هيءَ هو جو اکر به اکر ترجمي ڪرڻ جي پابنديءَ ڪري شيڪسپيئر جا اصلوڪا اعليٰ ويچار، مرزا صاحب جي حد کان ٻاهر سليس سنڌيءَ ۾، البت ڪُجسا پي لڳا، ۽ لنبين ۽ ڪڪ ڪندڙ زبانين ڪري ناٽڪ اثرائتو نه ٿيو. اُنجو ٻيو سبب هيءَ ٿو ٻڌڻ ۾ اچي ته سجانسنگ جنهن شاهه ايليا جو پارٽ ڪيو هو، سو سڀاويڪ هڪ مذاقي ائڪٽر هئڻ ڪري، اهو گنڀير ۽ دکدائڪ پارٽ پورو ادا نه ڪري سگهيو، نڪو پنهنجي طويل زبانن کي دلچسپ بنائي سگهيو. تنهن کانسواءِ جن ڇوڪرن ٽنهي ڌيئرن جا پارٽ ڪيا سي سٺا ائڪٽر نه هئا، نڪو ناٽڪ ۾ راڳ سٺا وڌا ويا هئا، مٿان وري قضا ڪارڻ، سوسائٽي جو حيدرآباد ۾ سلاٽن جي پاڙي وارو ڪچ- سرو ”پادشا هال“، تنهنجي پٺين ڀت به پهرينءَ رات کيل جي پڇاڙي ۾ ڊهي پيئي، ۽ اهو ناٽڪ وري ڪڏهن ٿيو ئي ڪين.

هن منڊليءَ جو ٽيون ناٽڪ نڪو شيڪسپيئر جو هو نڪو مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل هو. هڪ ٻئي انگريز ناٽڪ نويس شيريڊن جي جنگي ناٽڪ Pizzaro تان شيوا سنگ اجواڻيءَ ”ڪشٽ“ (1902) نالي سان ترجمو ڪيو هو، جو رٿا توڙي عبارت جي لحاظ کان سنڌي ساهت جو ڳهڻو هو. اهو ناٽڪ به ساڳئي سال ”حشو- خوشيءَ“ واري جوڙي سان ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو ويو، پر ڪجهه سال پوءِ جڏهن ٻيو دفعو ڪري ڏيکاريائون، تڏهن ساڳي اداڪارن جي بيهڪ ۽ گاني مان، عمر وڌڻ ڪري، رس جس اهڙو ته نڪري ويو هو جو ساڳيو ناٽڪ ناپاس ٿيو هو جنهن ڏسڻ جي بدنصيبي هن لکندڙ کي حاصل ٿي هئي!

پوءِ انگريزي ناول نويس لارڊ لٽن (جو ڪجهه وقت هندستان جو وائسراءِ هو) جي Night and morning تان ورتل اردو ناٽڪ ”ليل و نهار“ جو، مرزا قليچ بيگ ”فيروز دل افروز“ نالي 1905 ۾ ترجمو ڪيو هو، جنهن مان هڳاءُ ئي چالو زماني جو پي آيو ۽ خلق ۾ بيحد قبول ٿيو هو. ڳالهه توڻي شهر بغداد ۾ بيهاريل، نوابزادن ۽ خانداني اميرن جي هئي، پر ڪردارن ۾ انسانيت جا جذبا ڀريل هئا، ۽ زندگيءَ جو نقش اهو چٽيل هو جو روز مرهه ڏسبو آهي. هن ناٽڪ ۾ رومانيت سان ساٿ ساٿ، حقيقي زندگيءَ جا ڪارناما پڻ چٽيل هئا، جنهن ڪري ان کي ”حسنا دلدار“ کانپوءِ مرزا صاحب جو ٻيو حقيقت نگاري وارو لکيل چئي سگهجي ٿو. هڪ عجيب ڳالهه آهي ته قليچ بيگ جا مغربي ڪتابن تان الٿو ڪيل ناٽڪ سڀ هندستاني زندگيءَ ۾ بهاريل هئا، پر سندس ڪنهن به وڏي ناٽڪ ۾ سنڌي ماحول ۽ ڪردار ڏيکاريل ڪونه هئا. سندس ڪن ننڍن ناٽڪن ۾ سنڌي ماحول آندل هو، جن جو ذڪر ننڍي ناٽڪ واري فصل ۾ ڪبو. ”فيروز دل افروز“ ۾ نائڪا دل افروز جو پارٽ ڳڀرو ڇوڪر موهن شهاڻيءَ (جو پوءِ جواني ۾ ئي سلهه جو شڪار ٿي ويو) بيحد حسن ۽ نزاڪت سان ادا ڪيو هو ۽ راڳ به نهايت مڌر آواز سان ڳايا هئائين. پهرئين منظر۾، جڏهن دل افروز، چهه چهه بغيچي ۾، سنگ مر مري ٿنڀي تي ٽيڪ ڏيو چپ چاپ کڙي هئي ۽ اکيون به نٿي ڇنڀيائين—گويا منظر سان ميل کائي خود هڪ سنگ  مرمري مجسمو بنجي پيئي هئي—سو اندر ۾ اهڙو چڀي ويو جو عمر ڀر وسرڻ وارو ناهي. جهوني نائڪ موتيرام گدواڻي فيروز جو پارٽ ڪيو هو ۽ اُهو  به گاني ۾ استاد هو. همايون جو نيڪ نيت پارٽ ڏيئمل لعلواڻيءَ نهايت صداقت سان ڪيو هو ۽ پهرئين ئي ڀيري سان نالو ڪڍيو هئائين. ماستر ٽيجومل شهاڻيءَ جو پوءِ پرنسپال ٿيو، تنهن هڪ جعلي سڪي ساز جو پارٽ اهڙو ته حرفت بازيءَ سان ڪيو هو، جو مورڳو تنهن کانپوءِ کيس ڏيندائي بدمعاش (Villian) جا پارٽ هئا. لعلچند امر ڏنيمل هڪ اشراف باغي سڪي ساز جو پارٽ سچائيءَ سان ڪيو ته پوءِ هن کي ڏيندائي اشرافت جا پارٽ  هئا. نمڪ حلال نوڪر اشرف جو پارٽ پهلا جراءِ ڪرپالاڻيءَ اهڙو سٺو ڪيو هو ”سنسار زهر جو پيالو سمجهه من“ اهڙو ميٺاج سان ڳايو هو جو تاڙين جا ڦهڪا پئجي ويا هئا. ڊاڪٽر چوئٿرام اشرف جي انڌيءَ زال جو پارٽ اهڙو ته ڪماليت سان ڪيو هو جو ماڻهن ۾ واهه واهه پئجي ويئي هئي. هيرانند آڏواڻيءَ وري به لالچي سؤداگر جواهر خان جو مسخريءَ وارو پارٽ ڪيو ۽ پوڙهي شخص جي نوع ۾ ”آيو ڪي خيال ۾“ واري تڪ هر هر دهرائي، ماڻهن کي رلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهي ڇڏيائين.

شيڪسپيئر جو ٽيون ناٽڪ جو مرزا صاحب سنڌيءَ م آندو سو Cymbeline هو جنهن جو نالو ”شمشاد مرجانه“ رکيائين ۽ 1908 ۾ ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو ويو پر ڇپايو ڪونه ويو. هن ناٽڪ ۾ سيرت جي ڪچائي اها ڏيکاريل هئي ته اُٻهرو عاشق، پوري تحقيقات ڪرڻ بنان، معشوق جي سچائيءَ ۾ شڪ ٿو آڻي ۽ آخر وڇوڙي جو دک ٿو پائي. هن ۾ به نائڪ ۽ نائڪا جا پارٽ ساڳئي موتيرام گدواڻيءَ ۽ موهن شهاڻيءَ واري جوڙي نهايت سچائي ۽ نفيسائيءَ سان ڪري ڏيکاريا هئائين. هن ناٽڪ سان، ٻئي ڪنهن ناٽڪ مان ڪڍيل کلائيندڙ تؤل (bye- plot) ملايل هو، جنهن ۾ هيرانند آڏواڻيءَ پاڳل شهزادي جو پارٽ ڪيو هو، جو هڪ نقلي حور جي پٺيان پئي پاڻ کي ڦيرائي ٿو. حور جو پارٽ جهمٽ ڀاوناڻيءَ دلڪش ڍنگ سان ڪيو هو، ۽ ”هائوڙي هائو، هليو حور کي وٺڻ آهي—شڪل ته ڪهڙي آهي، جاهل جي جاهل آهي“ وارو گانو جو ڳايو هئائين (جنهن ۾ هيرانند جواب ۾ ٻه ٽي سٽون دليان ٺاهي وٺايو هوس) تنهن ماڻهن کي مست ڪري ڇڏيو هو، ۽ ڪيترا ڀيرا وري وري ڳارايو هئائونس. اهو راڳ تنهن کانپوءِ ڪيترا مهينا حيدرآباد جي شاهي بازار ۽ گهرن پيو ڳائبو هو. هيرانند پنهنجو پارٽ ورلي  ياد ڪندو هو، پر بردباريءَ سان اسٽيج تي چڙهي پوندو هو، ۽ پاسن کان جو پارٽ ياد ڏياريندڙ (Prompters) لڪا بيٺا هوندا هئا تن جا اکر جهٽي، اوٽ تي پنهنجا اکر ملائيندو، جملا وڌائيندو ويندو هو. ڪيترا چرچا مسخريون، جي نڪ ڪتابن ۾ لکيل هونديون هيون نڪي پرئڪٽس مهل ڪندو هو، سي ناٽڪ هلندي هلندي ٺهه پهه خيال ۾ اچي وينديون هيس ۽ ناظرين ۾ ٽهڪڙو مچي ويندو  هو. ”شمشاد مرجانه“ ختم ٿيڻ سان مرزا قليچ بيگ، جو سوسائٽيءَ جو ڪائونسلر پڻ هو، انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندي هيرانند جي پارٽ جي ساراهه ڪندي چيو: ”هيرانند آڏواڻي ته ڄائي ڄم کان بيوقوف (born Fool) آهي،“ مطلب هوس ته مسخريءَ جي پارٽ ڪرڻ ۾ ڄمندي ڄام آهي، پر انگريزيءَ ۾ مورڳو گار ٿي پيئي! هن ناٽڪ مان پاڳل شهزادي ۽ حور وارو مذاقي نقل ڪڍي، گهڻو پوءِ ڪراچيءَ ڪاليج جي هڪ سالياني جلسي تي مون شاگردن کان ڪرايو هو، جنهن به خلق کي جام کلايو هو.

مرزا صاحب جو چوٿون شيڪسپيئر تان ورتل ناٽڪ ”عزيز ۽ شريف“ (1909) هو جو Two Gentalmen of Verona جو ترجمو هو. اُنجي عبارت سهڻي ۽ عالماڻي هئي ۽ منجهس ٻٽيءَ معنيٰ وارا ايهام (Puns) هوشياريءَ سان ڪم آندل هئا، پر تنهن هوندي به ناڪامياب ٿيو هو، ڪارڻ ته توڻي منجهس ساڳئي موتيرام گدواڻيءَ نائڪ جو پارٽ ڪيو هو، پر هڪ نئين لسڙاٽ موتي جهانگياڻيءَ نائڪا جو رول ڪيو هو، جن جو جوڙو پورو ميل کائي نه سگهيو. هيرانند، مسخري نوڪر فتني جو پارٽ ڪيو هو، گيانچند ٿڌاڻي ۽ دريانومل سدا رنگاڻي هڪ مسخرن جو جوڙو هوندو هو، جن پڻ چرچن گهٻن سان وندرايو، ۽ گيانچند ته ڳائڻ ۾ قابل هوندو هو، پر تنهن هوندي به ناٽڪ ٻوٽو ڪونه ٻاريو.

شيڪسپيئر جي مشهور روماني ناٽڪ (Reomeo and Juliet) جو ترجمو به مزار صاحب ”گلزار ۽ گلنار“ نالي سان 1909 ۾ ڪيو هو. اصلوڪي ناٽڪ ۾ جوشيلا عشق، عشق جي انڌ ۾ سڌ ٻڌ وڃائي، تحمل کي طلاق ڏيئي، جولان ۾ هڪ ٻئي پٺيان پاڻ کي ماري ٿا ڇڏين. پر قليچ بيگ هن ناٽڪ جي پڄاڻيءَ کي مڙوٽو ڏيئي، عاشقن کي آخر ۾ ملائي، دک، انت مان سک- انت بنائي ڇڏيوهو، جنهن ڪري شيڪسپيئر جو اخلاقي سبق ته اهڙا اٻهرا عاشق ڪڏهن به سکي نه ٿي سگهندا، سو مرزا صاحب صفا ميساري ڇڏيو هو. تنهن کانسواءِ، منجهس جيڪي کُلا يا عشق بازيءَ جا چهچٽا ۽ زبانيون هيون، تن تي سوسائٽيءَ جي ڪائونسلرن اعتراض اٿاريو. جنهن ڪري هي هڪڙوئي ناٽڪ هو جو ڇپايو به ويو، پر اسٽيج تي ڪڏهن به ڪرڻ ۾ نه آيو، ۽ منڊليءَ جي ڇپائيندڙ، ايس- جي ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ وارن جي گدامن ۾ هن ناٽڪ جا اَڻ جلد ٻڌل فارم اڏوهيءَ کائي ختم ڪري ڇڏيا.

آغا حشر جو خلق- پسند اردو ناٽڪ ”خوبصورت بلا“ (جو اصل شيڪسپيئر جي ڪنهن ناٽڪ تان ورتل چيو ٿو وڃي) تنهنجو ترجمو مرزا قليچ بيگ ”نيڪي ۽ بدي“ جي سري سال 1911 ۾ ڪيو، جو سندس نهايت دلپسند ناٽڪن مان هڪڙو ثابت ٿيو ۽ ”فيروز دل افروز“ وانگر اهڙي شهرت هاصل ڪيائين، جو اُهي ٻئي کيل ور ور ڏيئي ٻين ناٽڪ منڊلين پڻ ڪيترو پوءِ ڪري پئي ڏيکاريا. عصمت (بانو (نيڪي) جو پارٽ ڏيئلمل لعلواڻيءَ نهايت صداقت سان همدرداني نوع ۾ ڪيو هو، هوڏانهن شاهه بانو (بدي) جو پارٽ هڪ نئين نوجوان ڌرمداس ڇٻلاڻيءَ اهڙيءَ ته شوخي ۽ ڪنورتا سان ڪيو جو هو جنسي ظلم ۽ دغا بازيءَ جو روپ ٿي پيو. هن کيل ۾ نائڪ- نائڪا جو بهترين جوڙو ”جيٺو- موتي“ نڪري نروار ٿيو جنهن ناظرين جي دلين کي موهي وڌو. ماستر جيٺمل جنهن معشوق جميله جو پارٽ ڪيو تنهن کي، (موهن شهاڻيءَ وانگر) شڪل شبيهه ڪانه هوندي هئي، بلڪه گهاٽيون مڇون پڻ رکائيندو هو. پر هو هڪ معشوق طبع انسان هو، ۽ جڏهن سنوارت ڪرائي زنانو لباس پهري، رنگ روپ ڪري منچ تي چڙهندو هو ته گويا ڊيل واري چال هلندو هو، حور وارو ناز انداز هوندو هوس، ۽ سندس ڳالهائڻ خواهه ڳائڻ واري آواز ۾ مرليءَ وارو ميٺاج ۽ سوز ڀريل هوندو هو. موتي ڪرپالاڻي (پهلا جراءِ ڪرپالاڻيءَ جو ننڍو ڀاءُ) جنهن عاشق سرفراز جو پارٽ ڪيو سو ته قدرتاً ٺاهوڪو، حسين نؤجوان هوندو هو، ۽ ڳائيندو به مٺو هو ته پارٽ به چڱو اثرائتو ڪندو هو. پر افسوس جو اهي ٻئي جوان، ۽ ٽيون ڌرمداس ڇٻلاڻي، جن هن هڪڙيئي ناٽڪ ۾ ڌاڪو ڄمايو، سي سگهوئي پوءِ (موهن شهاڻيءَ جيان) سلهه ۽ ڪن قاتل بيمارين جو شڪار ٿي جوانيءَ ۾ ئي پرلوڪ پڌاريا—گويا ڪاليج سوسائٽي جي هئڻ هار اداڪارن تي ڪو گرهه ويٺل هو جو ويچارا جاليائي ڪين! تيجومل شهاڻيءَ ظالم عماد جو پارٽ ڪيو هو، ڀاڳ سنگ آڏواڻيءَ لالچي گرگين جو، لعل چند امر ڌنيمل شريف شفيق جو، ۽ هيرانند آ_واڻيءَ ڪريم بورچيءَ جو، جنهن ۾ پنهنجي عجيب غريب چرچن مسخرين سان اهڙا ته ٽهڪ ڏياريا هئائين جو پيٽن کي هٿ ڏيو ويٺا هئاسون. هنن ناٽڪن جي هڪ وڏي ڪشش اها هوندي هئي، جو اردو ۽ گجراتي ناٽڪ جي رواج موجب، ننڍڙن اسڪولي شاگردن کي سهڻيون ڇوڪريون بنائي سهيلن جي ٽولي ڪڍندا هئا، جي نائڪا سان گڏجي ڪورس راڳ پيئون ڳائينديون هيون ۽ سندس عاشق بابت کيس بنائينديون ۽ چيڙائينديون هيون. انهن مان ڪي ڇوڪرا چالاڪيءَسان سهيلن جا پارٽ ڪندا هئا ته ايندڙ کيلن ۾ نائڪائن بنجڻ جو اضافو ملندو هون، جنهن جا مثال موتي ڪرپالاڻي ۽ جهمٽ ڀاوناڻي هئا.

ڪن سالن بعد، 1916 ۾ جڏهن ”نيڪي ۽ بدي“ وري ڪيو ويو، تڏهن موتي ۽ ڌرمداس گذاري ويا هئا، پر جيٺمل اڃا حيات هو. سو هدايتڪار هيرانند سان پڙ ڪڍي بيٺو، چي زنانو پارٽ ڪري مان ڪڪ ٿي پيو آهيان، هن ڀيري عاشق جو رول به آزمائي ڏسان. تنهن تي هيرانند کيس سرڳواسي موتي ڪرپالاڻي جو پارٽ ڏنو، پر هن بندي تي ڌرمداس جو خوبصورت بلا وارو زنانو پارٽ مڙهيائين. هاڻي، هن کان اڳ ڪن اسڪولي جلسن تي، مون انگريزيءَ ۾ ڪي مردانا پارٽ چڱا کلائيندڙ ڪيا هئا، پر دمينتيءَ جو زنانو پارٽ فقط هڪ دفعو چڱيڙو ڪري ويو هوس، جڏهن سرڪاري هاءِ اسڪول لاءِ فند ڪٺو ڪرڻ واسطي، 1912 ۾ ”نل دمينتي“ ناٽڪ پادشاهه هال ۾ ڪري ڏيکاريو هوسون. اسڪولي زندگي ۾، ڪاليج منڊليءَ جي بانيڪارن نائڪا جو پارٽ ڪرڻ لاءِ ڪيرائي دفعا منهنجن مائٽن کان منهنجي ٻانهن گهري هئي پر انهن انڪار ڪيو هو- ليڪن هاڻي ته مان پاڻ ڪاليجي جوان هوس، سو لاچار اهو زنانو پارٽ قبول ڪيم. پر ڪيڏانهن نازڪ دل پتورت دمينتي، ڪيڏانهن شوخ طبع نانگڻ شاهه بانو! پوءِ ته استاد هيرانند گهڻو ئي پارٽ سيکاريو، ۽ پوءِ موبه گهڻو جاچو هو ته ڌرمداس شوخ چهرو هينئن بنايو هو ۽ ڪڙڪ آواز ۾ ڪيئن ڳالهايو هئائين، پر منهنجي طبيعت مان اها تن مزاجي ۽ سنگدلي نه نڪري نه نڪتي، ۽ انهي جهڙو ردي رول مون سڄيءَ ڄمار ۾ ڪونه ڪيو، جنهن لاءِ اڄ تائين شرمسار آهيان. بس، زنانا پارٽ ڪرڻ کان بانءِ ڀري ڇڏيم. هوڏانهن جيٺمل جي نفيس سڀاءُ مان به مرداني فلڪ ۽ هشمت ڪانه پيدا ٿي ۽ عاشقاڻو پارٽ به معشوقاڻي نوع ۾ ڪيائين. سو جيتوڻيڪ هيرانند پنهنجو ڪريم بورچيءَ وارو رول واهه جو ڪيو، تنهن هوندي به اسان ٻن ”نيڪي ۽ بدي“ ناٽڪ جو هميشه لاءِ ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو! هن ناٽڪ مان ڪريم بورچي وارو مذاقي حصو ڪڍي، 1923 ۾ ٽاگور ناٽڪ منڊليءَ جي مهورت تي مون ڪيو هو، جنهن جو ذڪر جوڳيءَ جاءِ تي ڪبو، ۽ ڪي سال پوءِ ڪراچي ڪاليج جي هڪ اُستو تي مون شاگردن کان ڪرايو هو، جن ٻنهي موقعن تي ڪريم بورچيءَ جو پارٽ مان چڱو ڪري ويس، ڇو جو انهيءَ رول ۾ ايتري مسخري ڀريل آهي جو ڪوبه چڱيڙو ائڪٽر ان ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org