سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:6 

مينهن وٺو، ڪتو مٺو، ٿيڙس برو حال،

آءٌ ٿي مزا ماڻيان، جيئن راجا سندي زال.“

وڌيڪ آکاڻي پڙهي پوري ڪرڻ سان مجال  آهي جو کل روڪي سگهجي مسخريءِ جي مسخري، نصيحت جي نصيحت پرمانند صاحب ڏيتي ليتي جي ٻرندڙ مسئلن تي پهرين اصلي آکاڻي”لڇمڻ وڌيڪ ڪين ٻڌو“ به لکي هئي، تنهن کان گهڻو پوءِ هڪ پنگتي آکاڻي ”هيري جي منڊي“ (1934) خطن جي صورت ۾، پنهنجي سلوڻي ۽ موزون سنڌيءَ ۾ لکيائين.

نانڪرام ڌرمداس 1915ع ۾ ”اخلاقي تعليم“ نالي هڪ چونپڙي ڇپائي هئي جنهن ۾ اخلاقي آکاڻيون ڏنل هيون، جي ٻارن لاءِ وندرائيندڙ هيون ۽ سليس ٻوليءَ ۾ به لکيل هيون. ٻال، شاهت ۾ هيءَ ڳاڻ ڳڻين ڪتابن مان هڪ هو. هن پهرئين دور تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته ان زماني جون گهڻيون تڻيون آکاڻيون روماني ۽ اخلاقي هونديون هيون، جن ۾ خاص زور وندر ۽ سکيا تي ڏنل هوندو هو، توڻي پڇاڙِيءَ ۾ پنگتي سڌاري ڏانهن چٽو لاڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

تاريخي سماجي آکاڻين جو دۇر

 

سنڌي آکاڻيءَ جو ٻيو دور لعلچند امر ڏني مل جي برپا ڪيل سنڌي ساهت سوسائٽي جي ماهوار رسالن سان 1914 ۾ شروع ٿيو. هي رسالو سنڌي آکاڻيءَ جي اوسر ۾ هڪ اهم حد نشان هو، جنهن ۾ جهونن توڙي نون ليکڪن جون ڪي اصلوڪيون ۽ گهڻيون ترجمو ڪيل آکاڻيون شايع ٿينديون هيون. هي رسالو ان سال شروع ٿيو جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي هئي ۽ پنگتي ۽ خانڪي مسئلا گهرا ٿيندا ٿي ويا. جنهن ڪري ڏسبو ته هن رسالي جي آکاڻين ۾ گهڻو تڻو سماجڪ اوڻاين جي اپٽار ڪيل آهي، ۽ انهي ڏس ۾ شمار 15 سال هي رسالو سنڌي ساهت جي شيوا ڪندو رهيو. تنهن کانپوءِ ڪي سال ڪراچيءَ جي اين- ايڇ پنجابي نالي ڪتب فروش هن رسالي جي اشاعت جو ڪم هلايو. ان جي شروعاتي آکاڻي هئي لعلچند امر ڏنيمل جي شاهڪار ”حر مکيءَ جا.“ (1914) جا پهرئين ”سنڌ ڪاليج مسلني“ ۾ پيئي هئي. هڪ تاريخي کوجنا واري آکاڻي هئي جنهن ۾ جهونن سنڌي مسلمانن جي پنگتي حالتن جون ڪافي جهلڪون هيون. پر لعل چند صاحب جي پر اصطلاح عبارت پڙهندڙن کي اهڙي دق لڳندي هئي جو سندس پاڻ چوڻ ته اهي سندس اوائلي ڪتابن جو خير ڪو قدر ڪندا هئا. جنهن ڪري ڇا ڪيائين جو پنهنجو نالو مٽائي کڻي نک وارو نالو آوگراءِ روپچند منڇنديا اختيار ڪيائين. انهيءَ نالي هيٺ هڪ لنبي آکاڻي يا ننڍو ناول (ناولٽ) ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ (1917)، ۽ ٻي ڇوٽي بنگالي جيوت جي آکاڻي ”دکن ڏڌي زندگي“ (1928) لکيائين، جي ٻئي گهرو ۽ پنگتي زندگيءَ جون ڪهاڻيون هيون ۽ پاٺڪن کي نهايت پسند پيون هيون. پر انهن جي اصليت جي پڪ نٿي ٿئي، ۽ خاص ڪري پهرينءَ بابت هڪ عالم جي دعويٰ آهي ته اها مسز هينري ووڊ جي ناولMrs. Haliburton’s Troubles تان ورتل آهي، توڻي ان جي جواب ۾ لعل چند اعتراض ورتو هو ته اُن آکاڻيءَ لکڻ تائين مون اهو انگريزي ناول پڙهيو ڪونه هو. منهنجي خيال ۾، اهي ڪهاڻيون فقط نالي بدلائڻ ڪري ڪونه پسند پيون، پر ڇو جو انهن جي عبارت کي استاد صاحب ڪي قدر سليس ۽ عام فهم بنايو هو، جيتوڻيڪ پاڻ هميشه دعويٰ ڪندو هو ته ”رواجي ٻوليءَ مان آءٌ ڄاڻان ئي ڪين“ 1920 ۾ شريمتي گهوشال جي هڪ پنگتي آکاڻي ”لڄاوتي“ جو پڻ ترجمو ڪيو هئائين. لعلچند ”نورنيءَ جو خون“ (1923) کي  بهترين اثرائتي آکاڻي ڪري ليکيندو هو، پر منهنجي نظر ۾ ”ننڍڙي نئنا“ جا گهڻو پوءِ ”مهراڻ“، مئيءَ جون ۽ جولاءِ 1946 ۾ ڇپي هئي، سندس نهايت زوردار ننڍي آکاڻي هئي، جا هڪ نوجوان وڌوا جي جذبن بابت بي ڊپي نوع ۾ لکيل هئي. جولاءِ 1947 واري ”مهراڻ“ ۾ لعلچند جي قلم مان هڪ سيرت نگاريءَ جو هڪ دلچسپ خاڪو (Sketch) ”تلوڪ ٽيمي“ پيو هو، ۽ سندس ٻي سيرت نگاريءَ واري آکاڻي ”مون به سنگتيءَ ۾ ڪي نه ڏٺو“ سيپٽمبر 1947 واري پرچي ۾ پيئي هئي. هي ٻئي آکاڻيون وري به استادن جي دستوري اصطلاحن سان ڳتيل عبارت ۾ لکيل هيون.

ڀيرومل مهر چند1914 ۾ هڪ اخلاقي آکاڻي ”پريم جو مهاتم“ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالي ۾ ڇپائي هئي. ساڳئي سال اڪيڊمي اسڪول جو پرنسيپال ديوان بولچند ڏيارام، جو انگريزيءَ ۾ استاد، پر سنڌيءَ جو هڪ ڪم- نويس عالم هو، تنهن هڪ تاريخيڪهاڻي ”نورجهان“ ساڳئي رسالي لاءِ لکي هئي جا ڪافي قبول پيئي هئي. معروف بزرگ شاعر نرملداس فتحچند هن ماهوار رسالي لاءِ هڪ تاريخي آکاڻي ”سروجني“ لکي هئي، جنهن ۾ جهوني زماني واري سنڌ ۾ هندو، مسلم ميلاپ جو سماجڪ مسئلو کنيل هو ۽ لکندڙ جي مائيدار فارسي- آميز عبارت ۾ لکيل هئي.

سنڌي ساهت سوسائٽي جون 1915 واريون آکاڻيون هيون: پرمانند ميورام جي مصري تاريخي آکاڻي ”يوسف مصري“، پرنسيپال تيجومل شاهاڻيءَ جي فرانسي تاريخي آکاڻي ”جيني“ (Joan of Arc)، پروفيسر موٽومل گدواڻيءَ جي راجپوت تاريخي آکاڻي ”ستيوتي“ ۽ لڻيندارام ليکراج جي پنگتي آکاڻي ”انڊرا ۽ چندرا“ مشهورشاعر محمد صديق ”مسافر“ جون تاريخي آکاڻيون ”زيب النساءِ“1914 ۾ ”چاند بيبي“ 1920 ۾ ڇپيون هيون. 1912 ۾ ٽهلرام نارائڻي ءَ جي ترجمو ڪيل آکاڻي ”نل دمينتي“ ڇپي هئي. 1918 ۾ نانڪرام ڌرمداس جي لنبي تاريخي ڪهاڻي ”لڪل لعل“ نڪتي هئي، جنهن ۾ سنڌ تي سڪندر اعظم جي ناڪامياب ڪاهه جو بيان ڏنل هو، پر پڪ نٿي ٿئي ته ڪٿان ورتل هئي. 1920 ۾ ليلرام ولايتراءَ جي سمن موچيءَ جي ڳالهه“ چڀي جا مشهور روسي ودوان ٽالسٽاءِ تان ترجمو ٿيل هئي. هن صاحب ٽالسٽاءِ جي ٻي ڪهاڻي ”انسڪاف جي آکاڻي“ به ترجمو ڪئي هئي. اسانند مامتورا جو شريمتي گهوشال جي آکاڻيءَ تان ترجمو ”بلوو“ به سا اڳئي سال ڇپيو هو. تنهن کانپوءِ سندس اصلوڪي آکاڻي ”فيلسوف“ ڇپي جا پريم ۽ امرتا بابت هڪ آتمڪ ڪهاڻي هئي ۽ 1927 ۾ ”ونولري نڪتي جا اندر راجا جي سمي جي وارتا هئي. جهمٽمل ڀاوناڻيءَ جون اصلوڪيون آکاڻيون ”شيرين“ 1920 ۾ ۽ ”پوتر پريم“  1925 ۾ ڇپيون، ”اجهل روشني“ جا بنگاليءَ تان ترجمو ڪيل هئي 1928 ۾ . 1926 ۾ نڪتل روچيرام سڏاڻيءَ جي ”درگاوتي“ پڻ هڪ بنگالي سماجڪ آکاڻي هئي ۽ اصلوڪي لکيل هئي. ساڳئي سال آتمارام ڪرپالاڻيءَ جي ”راجائي رنگ محل“ ڇپي جا ٽاگور جي آکاڻيHungry Stones جو ترجمو هئي، ۽ گرڌاري ڪرپالاڻيءَ جي ”ڪابوليوالا“ جا پڻ ٽاگور جي ساڳئي نالي واريءَ آکاڻيءَ جو ترجمو هئي. 1929 ۾ ”صلح- پرچاءُ“ نڪتو جنهن ۾ مشهور سنسڪرت پستڪ ”هتو- پديش“ مان راڄنيتي ۽ اخلاقي ڪهاڻيون ڏنل هيون جي پهلا جراءِ شرما ترجمو ڪيون هيون. 1930۾ هن سوسائٽيءَ لطف الله بدويءَ جي آکاڻين جو ننڍو مجموعو ”دسته گل“ پيش ڪيو، جي اصلي لکيل هيون.

جيٺمل پرسرام پنهنجي هفتيوار اخبار ”ڀارتواسي“ ۾ به آکاڻيون ڇپيندو هو، جن مان به منگهارام ملڪاڻيءَ جون ترجمو ڪيل هيون، هڪڙي ”گونگي ڪنوار“  ٽاگور جي Sudhaتان، ۽ ٻي ”ٻن ديوي“  ٽاگور جي ڀيڻ سئورنا ديوي  گهوشال جي Spirit of the place تان. جي ٻئي1924 ۾ ڇپيون هيون. هي ٻئي آکاڻيون گڏي  ”آشا“ ساهت منڊل 1944 ۾ ”مالتي ۽ ٻيون آکاڻيون“ نالي ۾ ڇپايون هيون. “ڀارتواسي“ ۾ 1926۾، اچاريه اسودو مل گدواڻيءَ جون ڪاليداس تان ورتل ٻه ڪهاڻيون پيون هيون، جن جا نالا هئا ”دليپ: گئو ڀگتي“ ۽ ”رگهو راجا“ 1924 ڌاري ڪماري دياونتي هولا ريام جي ”قرضدار“ نالي آکاڻي ”نوجيون“ اخبار ۾ پيئي هئي جا هڪ شاهوڪار جي آدار دلي  بابت لکيل هئي، ۽ جيڪڏهن اصلوڪي آهي ته داد لائق آهي، پر جيڪڏهن ترجمو ڪيل آهي ته به سٺي لکيل آهي. منوهر داس ڪوڙيمل 1927 ۾ ”من جا مڻيا“ ”نالي ۽ 1935 ۾ ”اخلاقي آکاڻيون“ نالي مجموعا ڇپايا، ٽهلرام پنواڻيءَ 1928 ۾ ”واندڪائيءَ جي وندر“ نالي آکاڻيون ڇپايون.

1922 ۾ جيٺمل پرسرام نئين سنڌي لئبرري ۽ سستو عمدو ساهت هالا شروع ڪيون هيون، جن ۾ هڪ سو کن ڪتاب ڇپائي وڌائين، ۽ اهو تحرڪ پڻ سنڌي ساهت پڌري ڪرڻ ۾ وڏيءَ اهميت وارو هو. هنن ٻن سلسلن ۾ گهڻيون آکاڻيون 1926۾ نڪتيون، جن مان پهريون خود جيٺمل پرسرام جون لکيل هيون. جن ۾ ڪن جڳ مشهور ڪتابن کي مختصر ڪري آکاڻين جي صورت ۾ بهاريو هئائين: ”مونا وانا“ ٻيلجن ناٽڪ ڪار ميٽرلنڪ جي ساڳئي نالي واري ناٽڪ تان ورتل، ”ٻال جتيا“ ٽالسٽاءِ جي ناٽڪ Power of Darkness تان ورتل ۽ ”گل بلاس“ اسپيني جي هڪ مشهور سئر سفر واري ناول تان کنيل، پوءِ ڇپايائين مرزا قليج بيگ جون آکاڻيون، وامق ۽ عزرائيل“، ليليٰ مجنون“ وانگر هڪ رومانوي محبت جو هڪ غم ناڪ  عربي قصو، ”لٻا خان دري ۽ خليفو ڪهنگ“ ۽ ”نيلو پکي“ ٻئي انگريزيءَ تان ورتل ”طلسمي گڏي“، ”ٻه چار ڀائر“ ۽ ”ٽي ديو يا راڪاس“ جنجو اصل ڄاڻايل ڪونه هو، ۽ ”ستن شهزادن جي ڪهاڻي“ جا انگريزي ڪتاب ”شيخ چلي“ جي آکاڻين تان ورتل هئي. تنهن کان پوءِ آيا ليلارام ولايتراءَ جا ٻه اختصار: ”جُولن جي آکاڻي“ جا پادري فرار جي مشهور ڪاليجي جيوت واري ناول Julian Home تان ورتل هئي، ”آنربل جم جي آکاڻي“ جا هڪ انگريزي تاريخي ناول تي ٻڌل هئي. ساڳئي سال جي پڇاڙيءَ ۾ نڪتيون اُچاريه گدواڻيءَ جون ڪاليداس جي ناٽڪن ۾ وير- ڪٿائن تي ٻڌل ڪهاڻيونِ ”مالوڪا اگنمتر“، ”وڪرم اروشي“، ”رگهو ونش“ ۽ ڪمار سمڀو“ جي سڀ نهايت سهڻيءَ هندڪي سنڌيءَ ۾ لکيل هيون ۽ آڳاٽي زماني جو وايو منڊل پوري طرح پيدا ٿي ڪيائون. ”رگهوونش“ جي پرستاونا ۾، آچاريه گدواڻي ڪاليداس جي جيوت ۽ رچنائن تي روشني وجهندي لکيو هو:

”سنڌ ۾ ’شڪنتلا‘ کانسواءِ ڪاليداس جي ٻين گرنٿن جي ڪا ٿورن کي خبر آهي. سنسڪرت ڀاشا جي اڳيان ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ اسان جي پراچين گرنٿن جا ڀاشانتر به ڪي ٿورا آهن..... منهنجي اندر جي اها آس آهي ته سنڌ ۾ جا هينئر هندو هلچل هلي رهي آهي، سا ڌرمي بغض جي واٽ ڇڏي هندو ساهت ۽ سڀيتا جي اڀياس جو آرنڀ ڪندي ۽ ائين اسانجن گهرن ۾ وري هندو سنسڪار آڻيندي. مون حال فقط رگهوونش جي ڪٿا کنئي آهي. سنڌڙيءَ کي جي هيءَ شرڌا قبول پيئي، ته آءٌ اتساهه سان اڳتي پير کڻندس.“ آچاريه صاحب جي سرل ۽ مڌر هندي سنڌيءَ جي ميلاپ واري عبارت، جنهن ۾ ڏکين سنسڪرت شبدن وجهڻ بدران سليس فارسي فقط ڪم ٿو آڻي ، تنهنجو نمونو ”رگهو ونش“ مان ڏجي ٿو، جتي دسرٿ جو پتا راجا اج، راڻي اندومتيءَ جي ديهانت تي ورلاپ ٿو ڪري:

”وري اندومتيءَ جو ڪومل بدن ڏسي ٿو پڇيس ته گلن جي پلنگ تي تنهنجي پن ڇتي ننڊ ڦٽي، سو تون سرڻ جو سور ڪيئن سهي سگهندينءَ؟ چي مون لاءِ پريم ته پڇاڙيءَ جي گهڙي ۾ به گهڻو ئي ڏيکاريءِ، جو پنهنجي نخريلي چال هنس کي ڏيئي ويئينءَ، ۽ ڪوڪل جي ڪنٺ ۾ پنهنجو مٺو آُاز وجهي ويئين، ۽ هرڻ کي پنهنجي اکين جي سونهن ڏيئي ويئين، ته منهنجا سڀ گڻ پيو هتي هميشه ڏسان. پر دک جو ماريل منهنجو من ڪٿان ٿو ڏسي هي سڀ سهي سگهي! اڃا ته هينئر انب جي وڻ تي پرينگو ول ٿي چڙهي. انهن جو وهانءُ اڌ تي ڇڏي، توکي ائين نه وڃڻ گهربو هو..... گڏ گل ويهي  پوتاسين، سو تون هار اڌ تي ڇڏي، ڪيئن هلندي رهينءَ؟..... نرد .ئي ٿي، اڄ ڪال منهنجو ڇا نه کڻي ويو؟ گهر ڌياڻي، گهر جي راڻي، صلاحڪار، منهنجي سياڻي، محل، جومڻيو. پرڀو! اڄ توکي هي ڇا وڻيو!“

”نئين سنڌي لئبرري“ جا آخرين آکاڻين جا ڪتاب، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو ”ٻاراڻيون ٻوليون“ (1926)، ۽ گرڌاري ڪرپلاڻيءَ جو ”رابندر ناٿ جو آکاڻيون“ (1927)، ٿا ڏسڻ ۾ اچن. ٽاگور جي چونڊ آکاڻين واري مٿئين مجموعي وانگر، شيوارام لالا جي ”ٽالسٽاءِ جون آکاڻيون ۽ جيون چرتر“ جا ٽي ڀاڱا 1935 ڌاري ”سنڌو“ ساهت منڊل ڇپايا هئا. 1934 ۾ ڪوڙمل ساهتيه منڊل“ پرمانند ميوارام جون ٻه پنگتي ۽ اخلاقي آکاڻيون ڇپايون هيون: ”هيري جي منڊي“ (خطن ۾) ”ڌرم مورتي“ ”پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ جون ”مهاڀارت جون آکاڻيون“ ”ڪهاڻي مندر“ 1940 ۾ ڇپايون هيون. 1941 ۾ پنڊت  لبورام شرما ”جئه گرنٿ“ ڇپايو هو، جنهن ۾ ويدوياس لکيل مهاڀارت جي لڙائيءَ جو احوال، وارتائن سان ڀريل، ڏنل هو. مجهس ڏيکاريل هو ته دروپتي جو پتي هڪڙو ئي ارجن هو ۽ نه عام غلطفهميءَ موجب پنجئي پانڊو ڀائر، غلام محمد شاهواڻيءَ، شيخ سعديءَ جي مشهور ”گلستان“ وارين اخلاقي آکاڻين جو فارسيءَ تان ترجمو ”گلشن بهار“ نالي سان هن وقت ڌاري ڪڍيو هو. 1944۾ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ عثمان علي انصاري جو ”ادبي انتخاب“ ڇپايو هو، جنهن ۾ هن ٻئي مسلم عالم، دنيا جي چئن ملڪن، عرب، انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا جي ادب جا نمونا، گهڻو تڻو آکاڻين جي صورت ۾ ڏنا هئا، ۽ عبارت به ۽ چيدي ڪتب آندي هئائين. انتخاب جو بهترين مضمون ”سرئنو“  هو، جنهن ۾ مشهور فرانسي ناٽڪ ڪار  Rostand جي ساڳئي نالي واري شاهڪار ڊرامي جو اختصار ڏنل هو.

ديسي آکاڻين جا ترجما- ماهوار رسالن جو دۇر

1921 ۾ مهاتماگانڌيءَ جي قطع تعلقات واري هلچل شروع ٿي ۽ 1925 ڌاري سنڌي آکاڻين جو قومي مسئلن وارو دۇر شروع ٿيو. اهو ٻن مهاڀاري لڙاين جي وچ وارو زمانو هو. جڏهن ٻيءَ جنگ جون تياريون ٿي رهيون هيون  جا نيٺ 1939 ۾ شروع ٿي. دنيا ڀر جون سياسي حالتون نهايت ڳنڀير ٿي ويون هيون، ۽ خود هندستان جي آزاديءَ جو اندولن زور شور سان شروع ٿي ويو هو. جنهن جو اثر سنڌي ساهت ۾ به نمودار ٿيو. هن زماني جون آکاڻيون منشي پريمچند جي اڳواڻي هيٺ سماجڪ  ۽ قومي مسئلن تي لکيل هونديون هيون. سنڌي ساهت ۾ پڻ اٽڪل 1925 کان 1940 تائين، هندستاني ڀاشائن مان ترجمو ڪيل آکاڻي جي هڪ زبردست وير آئي، جنهن ۾ اردو، هندي، بنگالي، گجراتي ۽ مراهٽي وغيره مڙني ٻولين مان سوين آکاڻيون سنڌي ۾ اچي ويون. انهيءَ ترجمي واري دۇر کي ماهوار رسالن جو دور چئي سگهجي ٿو. ماهوار رسالن جو عملبردار ته مٿي ذڪر ڪيل .سنڌي ساهت سوسائٽي“ جو ماهوار رسالو هو جو 1914۾ شروع ٿيو هو. تنهن کانپوءِ آيو ”سکر ينگ مينس اسوسيئيشن“ جو ماهوار ٽرئڪٽ، جو 1918 ۾ شروع ٿيو هو، جنهن ۾ گهڻو تڻو سک ڌرم جي ويرتا ۽ قربانيءَ جون ڪهاڻيون ڏنيون وينديون هيون ۽ جنهن ۾ ڪيترا سال سنڌي ساهت جي شيوا ڪئي. پوءِ نڪتا: ميلارام وسواڻيءَ جو ڪڍيل ”ڪوڙو مل ساهيته منڊل“ (1924)، هريسندر روپچند جو ڪڍيل ”ڪوڙو مل ساهتيه منڊل“(1925) محمد صديق ميمڻ جي برپا ڪيل ”مسلم ادبي سوسائٽي“ (1931) چوهڙ مل ۽ پارومل واري ”رتن ساهتيه منڊل“ جو ماهوار رسالو (1934)، جڳت آڏواڻيءَ جو ”ڪهاڻي“ ماهوار رسالو (1939)، جيٺانند لعلواڻي جو ”ڀارت جيون“ رسالو (1940)، يارام سڀاڻيءَ جو ”آشا“ ماهوار رسالو (1941)، وغيره،- جي سڀ سالن جا سال سانده، گهڻو ڪري ترجمن معرفت، سنڌي ڪهاڻين ۽ ٻين ڪتابن جي ڀنڊار کي ڀرپور ڪندا رهيا. جنهن صورت ۾ ايترين آکاڻين جو وچور وارو بيان ڪرڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري ڪن خاص لياقت ڀرين آکاڻين جي ياداشت هيٺ ڏبي.

1942 ۾ مون پنهنجي دوست پروفيسر ٽهلرام آڏواڻي کان اٺ هندستاني آکاڻيون، سنڌي ترجمن تان انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي ڇپايون هيون، جن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ مون کي سوين سنڌي آکاڻيون ڪٺيون ڪري پڙهڻ جو موقعو مليو هو. اهو انگريزي ڪتاب جنهن جو نالوShort Stories of Indian Life رکيو هوسون، تنهن ۾ ٻن اصلوڪين سنڌي ڪهاڻين کي به جڳهه ڏني هئي، جي هيون: آسانند مامتورام جي ”ڳنوراڻ“  ۽ امر لڳل هنگوراڻي جي ”ادو عبدالرحمان.“[1]

نالو          لکندڙ      ترجمان          ڪهڙي  ڪتاب مان            ڇپائيندڙ

”صوف“             رويندر ناٿ-       متروديارٿي       ”کٽمٺڙا“       ڪوزومل منڊل

”ڦاٽڪ بردا         ڌومڪيتو-        وديارٿي                ”کٽمٺڙا“           ڪوزومل منڊل

امر جيون            ڪنيا لال-        چوهڙمل                ”ناسور“     رتن

                  ٺاڪر داس-

”پٿر“       اپيندر ناٿ اشڪ -        چوهڙ مل                ”ناسور“          رتن

”ڪچوڙين“   ا-س-پ          آير جڳت               ”ڪينيا          ڪهاڻي

جو چور“                                   آڏواڻي                ”ڪماري“      

هيءَ ڪهاڻيءَ  خليل جبران   آڏواڻي           ”روحاني         ڪهاڻي

ڪهڙيءَ                                       راهه“

انهن کانسواءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ٻيون سٺيون ديسي آکاڻيون هيون:

نالو          لکندڙ      ترجمان           ڪهڙي  ڪتاب مان            ڇپائيندڙ

”شاهراه“             ڪملا ڪانت     جڳت          ”شاهراهه“           ڪهاڻي

                 ورما   آڏواڻي

”ديوانو      نريشچندر گپتا   -------         -------      ---------

”پرديسي پريت    (بنگالي)   -------                 -------      ---------

سي ڪيا جاني

”سمپادڪ             پريمچند        چوهڙمل                ”پنکڙيون“          رتن

صاحب“

”لوڻ جو             --------- ميلارام                ”جوهر نثر“    جسندر ساهتيه

داروغو“                        

”پتني يا......“      ___               -------                 ----------              ------

”بي- اي- بهادر“   ------      هيرانند         -----------             -------

”ڪٺن پريکيا“ سدرشن        ميلام رام     ------------            --------

” چندرا“ ” بهاري بوندو“

”غريب جو ناٿ سنگهه        م- ر- م               ”لالڙيون“               رتن

سرڳ“                                          

”ڪولي“         اپينر ناٿ اشڪ      چوهڙمل                ساگر لهرون“   ----

”گنهگار“        رڻيبرسنگهه جڳت آڏواڻي ..................                  سندر ساهيته

”برهمڻ ديوتا“   ڪدارناٿ    -----                    -----          ---

شمشان“         اختر حسين  پارومل         ”سورهن سينگار      

”نروپما جوٽاگور                     چوهڙمل           ......................      -------

وهانو“

”سوجهرو“    -------           شيوارام آڏواڻي        انڊس            رتن

 ”آخرين پيار“  ------          ستايل          ------            ------------

”راڌا راڻي“    نڪم           هري آشا               ”سورنهن سينگار“ -----

”مهيش“           شرت               وديارٿي                -----------------        سک ٽرئڪٽ

”جوڳي جي   ---------                ڪرشن                 ”برف جو               رتن

ڌيءُ“                    هميراجاڻي            طوفان“

”اڀاڳڻ جو      -----------            اندرا هميراجاڻي        -----           --------

سرڳ“               

”بدقسمت“   رشيد جاويد     ميلارام                -----------               سندر ساهيته

”انقلاب“          عثرت               -------         ”بهاري        ------

           رحماني                             بوندون“

”سونهن جي  پنڊت           --------                --------                ------

راڻي“       ڪوشڪ

”اڌ ٽڙيل گل“  اپيندرناٿ      ---------               ”سماجڪ

            اشڪ                               چڻگون            ----

”مُرڪ“           گورکناٿ             ميلارام                ”سماجڪ           سندر ساهتيه

                                        چڻگون“

”ڪوٽوال          ڪنيالال    ............              ..............              ..............

صاحب“           منشي

”ڏنگي ليڪ“  منٽو           جڳت آڏواڻي  ”ڏنگي ليڪ“          ڪهاڻي

”سمنڊ جو          مني                ديو سڀاڻي     ”پنج ڪهاڻيون“       آشا

سنان“      ماڻڪيم

”خواب نه           آر- سي            -----------             ”هولي“                 .......

خيال“     ناير                                            

”چوڙين وارو  چاروچندر -----------             ”چوڙين وارو“   -------

”منجهيل          سمٿاناٿ   منوهرداس      -------------          ساهت ڦلواڙي

معاملو“            گهوش

”پسون     رنگا سوامي        --------------          -----------             ترجمان

رکشا“      آينگر

ڏٺوويندو ته مٿئين تذڪري جا تفصيل پورا هٿ نه اچي سگهيا آهن ڇو جو اسانجا ڇپائيندڙ بعضي اصلوڪي ليکڪ جو نالو کائي ويندا هئا، جنهن ڪري سمجهبو هو ته ترجمان ئي مول ليکڪ آهي، ۽ مشڪل سان هنجو نالو هٿ ايندو هو. بعضي ته ترجمان جو نالو به عدم پيدا هوندو هو، ۽ ڪيترن ڪتابن جي ڇاپي جو سن به ڪونه ڏنل هوندو هو. اهي سڀ ڳالهيون ادبي تايخي نويس لاءِ وڏيون رنڊڪون آهن. باقي ڪتابن جي قيمت سا موٽن انگن ۾ ڇپيل هوندي هئي! پڇاڙي ۾ ڪيترا ناشر اهي ضروري تفصيل ڏيڻ سکيا هئا، پر ڪي اڃا تائين اها اڻ سڌريل عادت قائم رکندا اچن. جڳت آڏواڻي پهريون ناشر هو جنهن اهي تفصيل ڏنا ۽ سٺو ساهت ڪلاڪاريءَ سان پيش ڪيو. سندس ماهوار ”ڪهاڻي“ رسالي جي ڇپائيءَ ۽ جلد بنديءَ جو رنگ ڍنگ دلڪش هوندو ۽ منجهس نهايت سندر ۽ ڪلامئه تصويرون چونڊي وجهندو هو.


[1]  1953 ۾ هڪ يورپي عالم دنيا جون بهترين ڪهاڻيون ڪٺيون ڪرڻ لاءِ بمبئي ۾ آيو هو، جنهن کي مٿيون ٻه ڪهاڻيون، ان وقت کان بهترين سنڌي آکاڻيون سمجهي، مون ڏٺيون هيون، جن مان هن صاحب ”ادو عبدالرحمان“ پسند ڪئي هئي. فڪر جي ڳالهه آهي جو اها شاهڪار سنڌي ڪهاڻي 1954۾ Unesco وارن پنهنجي هڪ آکاڻين جي انگريزي منتخب ۾ ڇپائي هئي. 1959۾، ”ساهتيه اڪاڊمي“ (دهلي) جي بهترين هندستاني آکاڻين واري انتخاب ۾ به اها هڪڙي ئي سندي ڪهاڻين پئي هئي، ۽ اڪاڊميءَ جي ٻئين انتخاب لاءِ مامتورا جي ”ڳنوارڻ“ چونڊي ويئي آهي. 1993 ۾ حشوڪيولراماڻيءَ به ”ادو عبدالرحمان“ پنهنجي مجموعي Sindhi Short Stories ۾ شامل ڪئي هئي. جنهن جو انگريزي ترجمو پاڻ ڪيو هئائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org