اسان جي ٻئي ادبي ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جو پڻ
تنقيد جي تاريخ ۾ وڏو درجو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي کي
شاهه جي رسالي تاليف ڪرڻ ۾ هن صاحب به وڏي مدد ڪئي
هئي. پر خود سندس خاص خدمت هئي سنڌ جي ڪن ڪم-
معلوم ۽ نامعلوم شاعرن جي ڪلام کي شايع ڪرڻ. ڊاڪٽر
دائود پوٽي جو پهريون ڪتاب ”منهاج العاشقين“
(1934) هڪ ڪم- معلوم مصنف مولوي غلام محمد خانزيءَ
جي فارسيءَ تان ترجمو ڪيل هو، جنهن ۾ شاهه جي
آکاڻين جو تمثيلي ۽ روحاني مطلب نهايت تفصليوار
سمجهايل هو، پر ڪن هنڌ ڇڪي تاڻي ڪڍيل پي لڳو.
دائود پوٽي جي شاهه ڪريم جي رسالي تي مباحثو
1937۾ ڊاڪٽر صاحب، ميان محمد رضا جي فارسي ڪتاب
”بيان العارفين“ مان سوڌي، ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري
جو ڪلام“ ڇپايو هو، جنهن لاءِ هڪ عالماڻي مقدمه ۾
شاعر جي خيالن توڙي لکڻي جو باترتيب انداز لڳايو
هئائين ۽ بيتن جي وچور وار شرح ۽ ڏکين لفظن جون
تزمعنائون به ڏنيون هئائين. مرزا قليچ بيگ جو
جهونو ”رساله ڪريمي“ (1904)، جنهن جي ديباچي ۾
جهوني دستور موجب گهڻي ڀاڱي شاعر جي حياتيءَ جو
احوال ڏنل هو، تنهن ۾ مرزا صاحب چيو هو ته ”سيد
صاحب جو شعر اهڙو يا ايترو نه آهي جنهن ڪري سنڌ جو
شاعر چئي سگهجيس. سنڌ جي شاعرن جي بدران کيس سنڌ
جو وڏو اولياءَ چوڻ زياده مناسب آهي.“ پر ڊاڪٽر
دائود پوٽي قوي دليل ڏيئي ثابت ڪيو هو ته ”مرحوم
جي راءِ سراسر غلط آهي. بيشڪ شاهه ڪريم سنڌ جو وڏو
اولياءَ ۽ صوفي بزرگ هو، پر ان سان گڏ هو سنڌ جو
پهريون وڏو شاعربه هو“، جنهن کي سنڌ جو Chaucer ڪري
ڪوٺيو هئائين. دائود پوٽي شاهه ڪريم کي شاعر جو
درجو ڏنو سا ڳالهه ٺيڪ هئي. پر سندس رسالي ۽ مرزا
صاحب جي رسالي ڀيٽڻ سان ڏسبو ته ڊاڪٽر صاحب پڻ
(ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وانگر) شاهه ڪريم جو ڪلام
سوڌيندي ۽ سنواريندي، مورڳو شاعر جا ڪيترا سهڻا ۽
مٺا بيت ڇانڊي ڇڏيا آهن—خاص ڪري اهي جي هن سماع
(راڳ) جي تاثير هيٺ يا وجد (موج) جي حالت ۾ لکيا
هئا. اهي جذباتي ۽ فرادخلي وارا بيت ڪڍي ڇڏڻ مان
ائين پيو لڳي ته ڊاڪٽر صاحب جي نظر ۾ صوفياڻي شعر
جو درجو ناصحاني ۽ مذهبي شعر کان گهٽ آهي- جو اصول
ساهتڪ جي بلڪل برخلاف آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب کي
ڪن بيتن کان عار هو ته ادبي دليل ڏيئي، اُنهن تي
تنقيد ڪري اعتراض جوڳا ثابت ڪرڻ کپندو هو. باقي،
ماٺ ميٺ ۾، سنڌ جي پهرئين وڏي شاعر“ جي ڪلام جو
ڪجهه به حصو ڪڍي ڦٽو ڪرڻ ادبي خودمختياري چئبي.
1939 ۾ لعل چند امرڏنيمل پنهنجي ”سنڌڙي“ اخبار ۾
”نئون پراڻو“ جي تخلص هيٺ، ڊاڪٽر صاحب کي سندس شرح
۽ اکري شناس لاءِ داد ڏيندي، هيءَ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي
هئي:- ”دائود پوٽي صاحب ”بيان العارفين“ جي پارسي
مصنف جي مهاڳ مان هيءَ سٽ به اڳياڙيءَ ۾ لکي ٿو ته
شاهه ڪريم ڪفر جي ڪارنهن لاٿي ۽ اسلام جو ڏيو روشن
ڪيو... منهنجو عرض آهي ته دائود پوٽي جڏهن مٿيون
گفتو لکڻ واجب سمجهيو، ته گهٽ ۾ گهٽ شاهه ڪريم
جيڪي ڪفر ۽ اسلام بنسبت لکيو آهي سو ته ڏئي ها....
مرزا قليچ بيگ صاحب هي تڪون به وڌيون آهن، (1)
’گهڻيئي ڪافرن انبيائن منجهان پئدا ٿيا آهن،
گهڻيئي نبي ڪافرن ۾ پيدا ٿيا آهن (2) گهڻائي مقام
آهن جن ۾ باهه پئجي ٻري، گهڻيئي ڪافرن جا مساڻ آهن
جن نور پيو روشن ٿئي‘. شاهه ڪريم جي لکڻي موجب به
ڪافر معنيٰ هندو آهي، ڪفر ۽ ڪافر جي معنيٰ عام ريت
اها آهي. پر ڏسو سهڻي بلڙيءَ واري اولياءَ جي
دلڙي! اهڙا وچن ڦٽا ڪري ڇڏڻ سان نه رڳو دائود پوٽي
انصاف ڪيا آهن، پر شاهه ڪريم سان به حد انصافي ڪئي
آهي!..... اها منوورتي آهي جا سنڌي ساهت کي پاتال
۾ وجهي رهي آهي..... دائود پوٽو مٿين صوفين جي
ڪشاده دليءَ جو قدر ڪندڙ ڪين آهي. لکي ٿو: حقيقتاً
”ڪهڙو به جاهل مسلمان هوندو ته به انهيءَ ۾ اسلام
جي برڪت ڪري آدميت ۽ اخلاق ضرور هوندا.“
پر ايترو قبولبو ته هن رسالي جي ديباچي ۾ ڊاڪٽر
دائود پوٽي نج سنڌي ٻوليءَ جي عاليشان ثنا ڪئي
آهي، تنهن مان مسلم توڙي هندو مصنفن کي سبق پرائڻ
کپي:- ”شاهه ڪريم جي بيتن جي ٻولي اڳوڻي نج سنڌي
آهي، جا بلڪل صاف ۽ عربي ۽ فارسي لفظن جي آميزش
کان پاڪ آهي.... حقيقتاً سنڌي ٻولي ايتري قدر....
شاهوڪار آهي، جو سواءِ ڪن جزوي عربي ۽ فارسي لفظن
جي، اعليٰ قسم جا مضمون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي سگهجن
ٿا.... اها سنڌي جهڙي نغمي واري آهي تهڙيائي رس
ڀري.“
دائود پوٽي جي ”ابيات سنڌي“ تي مباحثو
دائود پوٽي جو ٽيون تنقيدي رسالو ”ابيات سنڌي“
1939 ۾ نڪتو هو، جنهن ۾ هڪ سگهڙ شاعر خواجه محمد
زمان جا سنڌي بيت ڏنل هئا، جن جي شرح اصل عربيءَ ۾
شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪيل هئي، ۽ ان جو سنڌي
۾ ترجمو ڊاڪٽر صاحب ڪيو هو. دائودپوٽو صاحب تن
ڏينهين سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر هو ۽
بمبئي يونيورسٽي جي Sindh
board of studies جو
ميمبر هو، جنهن ڪري کيس شاهه ڪريم جي ڪلام توڙي هن
ڪتاب ڇپائڻ لاءِ بمبئي سرڪار کان امداد ملي هئي، ۽
هيءَ رسالوبي. اي ڪلاس لاءِ درسي ڪتاب ڪري رکيو
ويو هو. تنهن تان حيدرآباد ۽ ڪراچي ڪاليجن جي
شاگردن زبردست چؤٻول مچايو هو ۽ اخبارن ۾ گرما گرم
واد وواد هلي هئي، ته هن ڪتاب ۾ هندوڌرم تي ڇوهه
ڇنڊيا ويا آهن ۽ اسلامي فرقي پرستيءَ جو پرچار ڪيو
ويو آهي جنهن ڪري ڪتاب پڙهائڻ کان روڪيو وڃي.
”ابيات سنڌي“ تي پهريون اعتراض هو ته منجهس اصلوڪي
شاعر جي ڪل 84 بيتن مان 12-14 ۾ قرآن شريف جون
آيتون آيل آهن، پر اهو اعتراض، ڀيرومل صاحب جي
بچاءُ موجب، برابر زوردار نه هو، ڇو جو شاهه صاحب
جي ڪيترن بيتن ۾ به قرآن جون آيتون آيل آهن، تنهن
ڪري شاهه جي رسالي مان اُهي ڪڍي ڇڏبيون ڇا؟ وڌيڪ
وزندار نڪتچيني اها هئي ته مخدوم عبدالرحيم جي شرح
جو عربيءَ تان ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪيو هو،
تنهنجي ”سٽ سٽ ۾ عربي ڪتب آندل آهي.۽ صفح صفح ۾
قرآن شريف جون آيتون ڏنل آهن.... هاڻي سوال ٿو
اُٿي ته جنهن ڪتاب جو مول ڀاڱو عربي آهي، جنهن ۾
ڪتب آندل لفظن مان 40- 50 سيڪڙو لفظ سنڌي ڊڪشنريءَ
۾ ئي ڪونهن. سوڪتاب سنڌي ڪيئن چئبو؟“ مٿيون حوالو
”هندو“ اخبار جي 2 مئي 1940 واري پرچي ۾ هڪ
”موڪليل“ ليک ۾ پيو هو، جنهن ۾ وڌيڪ ڄاڻايل هو ته
خود ڪتاب جو نالو ”ابيات سنڌي“ عربي آهي ۽ سنڌيءَ
۾ ”سنڌي بيت“ ٿيڻ کپي ”بسمک“ يا ”افتتاح“ بدران
”ديباچو“ ٿيڻ گهرجي، صفحن جا نمبر انگن بدران ”از،
لغه، مز، صحه“ وغيره عربي اکرن ۾ لکيل آهن، ۽ ”ان
ريت سنڌي صورتخطي خواهه گرامر کي مٽائڻ جي ڪوشش
ڪئي ويئي آهي.“ تنهن کانسواءِ هي ”ڪتاب ديني آهي ۽
نه ادبي، سنڌي ساهت جي اوٽ ۾ اسلام جو پرچار ڪيو
ويو آهي.... سنڌيءَ کي نهوڙي عربي بڻايو ويو آهي.“
ساڳيءَ ”هندو“ اخبار جي 10 جنوري 1940 واري پرچي ۾
جيٺمل پرسرام، جو حيدرآباد نيشنل ڪاليج ۾ سنڌيءَ
جو پروفيسر هو، لکيو هو:- ”انهيءَ ڪتاب م ڊاڪٽر
دائود پوٽي جا بلڪل اعتراض جهڙا گفتا ۽ ٽڪرا، ۽ ڪي
خاص جملا صوفين تي آهن.... تنهن سان گڏ سخت ڪلامي
کي به حد ڪانهي، پر انهن پاڙهيندي به آءُ ڪونه
ڊنس. ماستر جو ڪم آهي پاڙهڻ، خيال جي اُپٽار ڪرڻ،
رد ڪد ڏيڻ، مڙهيءَ واري واقعي ۾ ته جوڳين کي ڪچيون
گاريون ڏنل آهن، مون ته اُهي به پاڙهيون.... سنڌي
بيت جي پاڻ کي پڙهڻا آهن سي بي عيب ۽ سهڻا آهن،
ڊاڪٽر دائود پوٽي البت اُنهن جي چوڌاري غلط فهميءَ
جا لوڙها ٻڌي ڇڏيا آهن تنهن لاءِ جوابدار پاڻ
آهي.“
ڪراچي ڪاليج واري سنڌي جي پروفيسر رام پنجواڻي پڻ
ساڳئي پرچي م ساڳيو رايو ڏنو هو:- ”84 بيت جي
شاگردن کي پڙهڻا آهن سي تمام عمدا بيت آهن ۽ پڙهڻ
جهڙا آهن ۽ نهايت سليس، پر شرح ۽ ديباچو يا جيون
چرتر نهايت ڏکيا آهن“.
آخرين ۽ مڙني کان زوردار اعتراض اٿاريو ويو هو نه
شاعر بابت، پر شارح جي سوانح عمريءَ تي، جا ڊاڪٽر
دائود پوٽي پاڻ لکي هئي ۽ جنهن ۾ چيو هئائين:-
”شيخ عبدالرحيم کي جهاد اصغر جو هميشه شوق رهندو
هو ۽ شهادت جي تمنا هوندي هيس. گرهوڙ کان ٽيهه
ڪوهه پري خيرپور رياست ۾ هڪ مهاڏيو جي مڙهي هئي،
جتي هر قسم جون بڇڙايون ٿينديون هيون، سندس آرزو
هوندي هئي ته ان بتخاني کي ڀڃي نابود ڪريان....
يارن کي چيائين ته هلو ته هلي بتخانو ڊاهي ناس
ڪريون...... خواجه گل محمد کي هيٺيون نياپو ڏياري
موڪليائين:-
جنهن ڪن ٿو پايان ڪوڏ مان، تنهن کي ڪڄاڙو!
ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي.
(ڪوڏ وچان ڪن ٽوپايا جوڳيءَ کي ڪا به پرواهه ڪانهي
ته سندس پيءَ ڪير هو، ۽ سندس ماءُ ٻين سان ستاواڙا
پئي ڪري.) آخر غازين وٺي هلان ڪئي ۽ کن ۾ بتخانو
ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيائون. شيخ عبدالرحيم پاڻ نڪو
هٿيارن هلايو نه ڪو بدشد ڪيائين.... کيس ڪيترا
ترارين ۽ نيزن جا گهاءَ لڳا، جن جي ڪري گهڙيءَ ۾
دم ڏيئي شهادت جو پيالو پيتائين.“
مٿئين بيان۽ بيت تي اعتراض اٿاريندي ”ڊيلي سنڌ
نيوز“ جي ايڊيٽر ٽي- ايل- پنواڻيءَ، 7 نومبر
1940واري پرچي ۾ لکيو هو:- ”مٿئين بيت جو مطلب
کولي ٻڌائڻ سڀيتا جي برخلاف آهي.... اسين ٿا پڇون
ته مڙهيءَ ڊاهڻ کي جهاد ۽ اهڙي نموني جي موت کي
شهادت سڏڻ جو مطلب ڇا؟ ڇا، اها سچي شهيدي آهي؟ ڏسو
ته اهڙي شخص کي ڊاڪٽر صاحب ڪيئن نه ٻڌائي ٿو.....
گويا ٻين مسلمانن کي اهڙن ڪمن لاءِ همٿائي ٿو. هن
کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي مذهبي ڇيڙڇاڙ ٿي سگهي ٿي؟....
هيءُ ڪتاب ڪو سنڌي ساهت کي زور نٿو وٺائي، مگر هڪ
خالص ديني ڪتاب آهي، سو به هندو جذبات کي نهايت
آزاريندڙ ۽ مذهبي پرچار ڪندڙ.“ ساڳيو مذهبي تعصب
جو الزام ”سنسار سماچار“ جي 9 جنوري 1940 واري
نمبر ۾، واڌومل ايسرداس دهرايو هو ۽ ڏيکاريوهو ته
ڀيرومل مهر چند ڪئن مڙهيءَ ڊاهڻ واري بيان کي
تاريخي حقيقت ڄاڻائي هلڪو بنايو هو ۽ ڊاڪٽر دائود
پوٽي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. واڌومل صاحب لکيو
هو ته ڊاڪٽر دائود پوٽو، نه معرفت واري تصور جو
حامي آحي، پر شريعت جي پابنديءَ واري اسلامي تصوف
جو، جيئن، پاڻ دعويٰ ڪري ٿو ته ”مسلم صوفي شاعرن
جي ڪلام جي روحاني رمزن سمجهائڻ جو حق فقط مسلمان
مقيقتن کي آهي.“ واڌومل آخر ۾ سوال پڇيو هو:-
”مڙهين ڊاهڻ کي جهاد اصغر ڪوٺڻ..... ۽ مڙهي ڊاهڻ
وقت خون ٿيڻ کي شهادت جو جام پيئڻ ڪري سڏڻ به
مسلمانن کي اهڙن ڪمن لاءِ ڀڙڪائڻ ناهي ته ٻيو
ڇاهي؟.... ان جو مطلب اهو ناهي ته ٻين مسلمانن کي
همٿائي ٿو ته اهڙا جهاد جا ڪم ڪري اوهين به نمازي
يا شهيد ٿيو؟ هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي مذهبي ڇيڙ ڇاڙ
ٿي سگهي ٿي؟“
هن واد وواد جو نتيجو اهو نڪتو جو حيدرآباد ڪاليج
جي پرنسيپال ڀارواڻيءَ جي درخواست تي بمبئي
يونيورسٽي جي بورڊ، شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ فقط
اصلوڪي شاعر جا 84 بيت منظور ڪيا ۽ ڪتاب جا ٻيا
حصا رد ڪري ڇڏيا.
علم ادب ۾ مذهبي نظريو آڻڻ تي اعتراض اُٿارڻ
کانسواءِ، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي تنقيدي رسالن سان
منهنجي خاص شڪايت اها آهي ته هو پنهنجي عبارت ۾
جئن پوءِ تيئن وڌيڪ دقيق فارسي ۽ عربي لفظ، محاورا
۽ نالا استعمال ڪندو ويو، جن بدران انهن جون سنڌي
صورتون کٽيون هيون ڇا جو ڪتب نه آندائين؟ اوائلي
دورن ۾ جڏهن سنڌي ٻولي سقيم سمجهي ويندي هئي تڏهن
فارسي ۽ عربي صورتون ڪم آڻڻ علميت جي نشاني سمجهي
ويندي هئي، پر هاڻي جڏهن سنڌي زبان خاطر خواهه
ترقي ڪري چڪي آهي تڏهن اُنهن ڌارين صورتن ۾ ڪم آڻڻ
مان ڪهڙو سود؟ اڳي انگريزيءَ ۾ به لاتن ۽ فرانسي
لفظ ۽ محاورا ملائڻ جو رواج هوندو هو، پر اڄ ڪلهه
نيٺ انگريزي اکر ڪم آندا ٿا وڃن ۽ ڌاريو محاورو ڪو
ورلو ملايو ٿو وڃي. ڊاڪٽر صاحب پاڻ ته فارسي
عربيءَ جو اُستاد هو، سو اهي صورتون ۽ نالا کيس
تحقيق عمدا لڳا هوندا،پر اسان سنڌي دانن جي نڙين ۾
اهي ڦاسيو ٿا پون ۽ ڪنن ۾ ٺڪاو ٿا ڪن. ڊاڪٽر
گربخشاڻي به فارسيءَ جو عالم ۽ معلم هئڻ ڪري
انهيءَ سقم کان آجو ڪونه هو، جئن مٿي ذڪر ڪيو ويو
آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ”ابيات سنڌي“ بدران سولو
سوڌو ”سنڌي بيت“ چئجي، ۽ ”منهاج العاشقين“ بدلي
”عاشقن جون رمزون“ يا ”روحاني رمزون“ چئجي (جو
ننڍو نالو ڪري ڏنل به هو) ته ڪهڙو نه سهڻو! تنهن
کان سواءِ ”منهاج العاشقين“ جهڙن عربي نالن مان
ڪير سمجهندو ته اهي ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيل آهن؟
اصلوڪن ڪتابن جا عربي فارسي نالا کڻي ڪهڙا به هجن
پر جائين اُهي. سنڌيءَ ۾ آيا تائين انهن کي سنڌي
نالا ڏيڻ کپن. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي علمي رغبت
ڪيتري قدر عربي ۽ فارسي محاورن ڏانهن هئي تنهن جو
هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو، جو سندس ”ابيات سنڌي“ ڪتاب جو
سر ورق هو، ۽ سندس مٿي ڏنل شروعاتي اعليٰ اصول جي
بنهه برخلاف هو (جو شاهه ڪريم جو ڪلام“ واري
ديباچي ۾ ظاهر ڪيو هئائين) ته ”عربي ۽ فارسي لفظن
جي آميزش کان پاڪ نج سنڌي“ ڪم آڻن گهرجي:-
ابيات سنڌي
مصنف:
حضرت سلطان اولاولياءَ خورجه محمد زمان لواري رحمه
الله عليه شارح:
حضرت شيخ شهيد سعيد عبدالرحيم مڱريو گروهڙي رحمت
الله عليه متجرم و ممهد:
ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو، ايم- اي، پي ايڇ ڊي.
سابق مدرس الربيهه اسماعيل ڪاليج، جوڳيشوري
(بمبئي) حال مدبر المعارف العموميه سنڌ.
اعرابن وارو مباحثو
1940 ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي تعليمي ڊائريڪٽر جي حيثيت
۾ نوان سنڌي درسي ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا، جن مان اٺن
درجن جي ڪتابن ۾ اعرابن يا ماترائن ڏيڻ جو چالو
سرشتو ڦيرائي عربي نمونو ڪري ڇڏيائين، تنهن سان
گڏوگڏ ڪيترن سنڌي لفظن جي صورتخطي ۽ اچار پڻ هلندڙ
نموني مان بدلائي نجا عربي ڪيائين. هن ڳالهه تان
به اخبارن ۾ بحث مباحثو چالو ٿي ويو ۽ ٻه ڌريون
لهي پيئون. مخالفتي ڌر، جيٺمل پرسرام جي صدارت
هيٺ، 1941 ۾ ”سنڌي ساهت سڀا“ جاري ڪئي ۽ 7 پترا
ڇپائي وراهيا، جن جا لکندڙ هئا: چيٺمل، ديوان
ڏيارام وسڻمل ۽ منوهر داس ڪوڙو مل (سنڌيءَ)، ۽
پروفيسر ڪي- ايڇ ناگراڻي ۽ ڌرمديو جيٽلي
(انگريزيءَ۾) سڀا پاران هڪ انگريزي ۾ لکيل عريضو
پڻ سنڌ سرڪار کي موڪليو ويو، جنهن ۾ سرڪار جيڪو
پريس نوٽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي بچاؤ ۾ ڪڍيو هو تنهن
کي ردڪد ڏنو ويو هو. اعرابن جي مسئلي تي معاملو هن
ڳالهه تان متوهو ته ”اي“ ۽ ”او“ اکرن ۾ ڪهڙن حرفن
تي زير ۽ پيش ڏجي؟ يعني (اي“ ۾ زيري هيٺان ڏيئي
”اي“ لکجي چئن چالو رواج هو، يا زير الف هيٺان
ڏيئي ”اِي“ لکجي جيئن ڊاڪٽر صاحب سڌارو ڪيو هو، ۽
ساڳئي ”اُو“ به انهيءَ چالو نموني لکجي، يا دائود
پوٽي جي رايي موجب (اُو“ ڪري لکجي؟ ظاهري طور هيءُ
مسئلو خسيس پيو لڳي، پر اُن جو تاريخي پس- منظر
گنڀير هو.
حقيقت هيئن هئي جو 1905 کان اڳ ڇپيل گهڻن درسي
ڪتابن ۾، عربي ڪتابن ۾، عربي گرامر موجب، اعرابون
حرف صحيح هيٺان ڏبيون هيون، توڻي ڪن جهونن ڪتابن
۾، سنڌي گرامر موجب پڇاڙيءَ واري حرفعلت هيٺان به
اعرابون ڏنل هونديون هيون. پوءِ 1905 ۾ ڪاورنٽن
صاحب جي صدارت هيٺ هڪ سرڪاري Text-
book Revision Committeeٺهي،
جنهن تي ديوان پريمچند آوتراءِ (حيدرآباد ٽريننگ
ڪاليج جو پرنسپال) ميمبر هو، ۽ ان ڪاميٽيءَ سنڌي
درسي ڪتاب تيار ڪيا هئا جن ۾ اعرابن جو جهونو عربي
طريقو ڇڏي نئون سنڌي طريقو ورتو ويو هو، جنهن موجب
1939 تائين درسي ڪتابن نڪرندا ۽ پاڙهبا رهيا. پر
جيئن مٿي چيو ويو آهي، 1940 ۾ دائود پوٽي صاحب اهو
سنڌي اعرابن ڏيڻ جو طريقو، ڀرين 35 سالن جي
استعمال کانپوءِ رد ڪري، وري جهونو عربي نمونو
اختيار ڪيو. هن قدم تي اعتراض اٿاريندي ديوان
ڏيارام وسڻمل پنهنجي پتري ”سنڌي ٻوليءَ جو روپ ۽
اچار ڪيئن ٿا ڦيرايا وڃن!“ ۾ لکيو هو:”سوال ٿو
اُٿي ته جڏهن ورهين کان هالو چالو اعرابون ۽ اُچار
استعمال ۾ پيا آيا آهن ۽ اُنهن هالو چالو نمونن ۾
سڀ ڪنهن قسم جا ڪتاب، سؤن بلڪه هزارن جي تعداد ۾
ڇپجي چڪا آهن، تڏهن مٿيان سوال ڇو اُٿاريا ويا
آهن؟ ڪن علمي يا ادبي سوسائٽين يا ڪن عالمن گهر
ڪئي آهي ته ڇا ته اعرابن ۽ اُچارن جو سوال هٿ ۾
کڻجي؟.... ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته ڪي به ڦيريون
گهيريون ٿيل آهن، ڪتابن ۾ ڪي غلطيون هيون جي پاڻ
فقط درست ڪيون اٿس. پر عام طرح ماڻهو انهن ڦيرين
گهيرين کي معمولي درستيون نٿا سمجهن. اُنهن جي
خيال ۾ ڦيريون گهيريون اهڙيون ٿيل آهن جن جي چالو
زبان تي گهڻو اثر پوندو. جڏهن کان وٺي سنڌي ٻولي
عربي آئيويٽا ۾ لکڻ ۾ آئي آهي. تڏهن کان وٺي
’ٻڪري، لفظ جي هجي زباني طرح ’ٻ زبر ٻ‘ ڪ زير ڪِ
ري زير ريِ ڪندا آيا آهيون، ان ڪري زير ي جي هيٺان
ئي اچڻ گهرجي ۽ نه رجي هيٺان. ساڳيءَ طرح زباني
هجي موجب ’لاڏوُ‘ لکڻ کپي ۽ نه ’لاڏو‘. شايد
عربيءَ ۾ اهو ڦريل نمونو استتعمال ۾ ايندو هجي، پر
سنڌي ٻوليءَ عربي نه آهي، سنڌي فقط عربي نموني جي
آئيويٽا اختيار ڪئي آهي، اُنجو بنياد ۽ گهاٽ
سنسڪرتي يا پراڪرتي آهي.“ اعرابن ڦيرائڻ بابت
ڏيارام صاحب اهو به ڏيکاريو هو ته ڊاڪٽر دائودپوٽي
لفطن جي پڇاڙيءَ وارا اکر ساڪن ڪري ڇڏيا هئا ۽
ڪيترن ۾ جزم يا تشديد ڪم آندي هئي، جن ۾ ورهين کان
اهو دستور ڪونه هو. ٻيو ته ڊاڪٽر صاحب ڪيترن لفظن
جا اُچار به ڦيرائي عربي ڪري ڇڏيا هئا، مثلاً
خَلقت بدران خِلفت لکيل هو، عافي بدران مُعافي،
پَهتو بدران پُهتو، تَفاوت بدران تُفاوت، اِسرار
بدران اَسرار، آدمي بدران آدَمي وغيره تنهن
کانسواءِ ڪيترن لفظن جون هجيئون سنڌي ٻوليءَ جي
لحاظ کان غلط لکيل هيون، جيئن ته سمر بدران ثمر،
وسلا بدران وصلا، ساهڙي بدران صاهڙي، جي به شايد
انهن لفظن جون اصلوڪيون عربي هجيئون هيون. ديوان
ڏيارام جي آخرين فتويٰ هئي ته ”ڪهڙيءَ به ٻوليءَ
جو ڪوبه لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي رواج ۾ اچي
وڃي، ته ان سان سنڌي ويا ڪرڻ جا قاعدا لاڳو ٿيڻ
گهرجن ۽ نه ڌاري ٻوليءَ جا.“
هن بحث ۾ ڀاڳ وٺندڙ ٻيءَ ڌوارن 1941ع ” سنڌي سڌار
سڀا“
جاري ڪئي هئي، جن به 4 جوابي پترا ڪڍيا هئا، ۽
اُنهن جا لکندڙ عالم هئا: ديوان صوڀراج نرملداس،
لعلچند امر ڏنو مل، ليکراج ڪشنچند (عزيز) ۽ ڀيرومل
مهرچند. لعلچند امرڏنو مل فقط هن عربي اعرابن جي
شرشتي جي فائدي ۾ هو، پر صورتخطي ۽ اُچارن بدلائڻ
جي برخلاف هو، جيئن پنهنجي نوٽ ۾ لکيو هئائين؛
”ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ جي لفظ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏيئي،
سنڌي ٻولي اُنهيءَ تي پنهنجي ڇاپ هڻي چوي ٿي ته
هاڻ تون منهنجو آهين، مونکان ڌار ٿي نٿو سگهين.“
ڀيرو مل مهرچند هن سڀا پاران ٻه چونپڙيون لکيون
هيون: ”اعرابن تي ويچار“ ۽ ”اعرابن بابت مونجهاري
جي سمجهاڻي“. اول ته مهاڳ ۾ قبول ڪيو هئائين ته
”اعرابن جي صحيح استعمال ۽ لفظن جي اُچارن جي
فيصلي ڪرڻ لاءِ هڪ (سرڪاري) سب ڪاميٽي مقرر ٿيل
آهي، جنهن هن وقت تائين رڳو اعرابن بابت فيصلو ڪيو
آهي ۽ اُچارن بابت فيصلو اڄ تائين ڪيو ئي ڪونه
اٿس.“ تنهنجو مطلب ته ڊاڪٽر دائود پوٽي اعرابن جون
تبديليون ڪاميٽيءَ جي منظوريءَ سان ڪيون هيون، پر
اُچارن جون ڦيريون ڦاريون پنهنجي روءِ سوءِ
ڪيائين. تنهنڪري ئي ڀيرومل صاحب پنهنجن مٿين ٻنهي
ليکن ۾ فقط اعرابن بابت پنهنجو رايو ڏنو هو، پر
اُچارن ۽ صورتخطيءَ ڦيرائڻ نسبت اکر به ڪونه لکيو
هئائين هن صاحب عربي اعرابن کي نهايت وگيانڪ نمونو
ٺهرايو هو ۽ تاريخي تفصيلن ۽ انگن اکرن سان ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ”عيسوي سورهين صديءَ کان
وٺي ويندي 1852ع تائين (1853ع ۾ چالو عربي آئيويٽا
ٺهي هئي) جيڪي به سنڌي ڪتاب آڳاٽا عالم لکي ويا
آهن، تن مان گهڻا هن وقت تائين ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
مون اُهي گهڻو ڪري سڀ پڙهيا آهن. اُنهن سڀني ۾
اعرابن ڏيڻ جو نمونو هڪڙو ئي عربيءَ وارو هليو
اچي. مسٽر ڄيٺمل کي مان کليو کلايو چئلينج ٿو
ڪريان، ته اُنهن آڳاٽن ڪتابن مان ڪهڙي به هڪ ۾
اعرابن جو ٻيو نمونو مون کي ڪڍي ڏيکاري ته انصاف
مڃانس.“ پر اُتيئي ڪن ٿورن ڪتابن جو ذڪر ڪندي قبول
ڪيو هئائين ته رڳو ڪٿي ڪٿي ’ي‘ اکر جي هيٺان زير
ڏنل آهي. هي جو رڳو ڪٿي ڪٿي ڦيرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو
رڳو لکندڙ ڪٿي ڪٿي لکڻ ۾ ڀل ڪئي آهي، نه ته اعرابن
ڏيڻ جو صحيح ۽ چالو نمونو هڪڙو ئي عربيءَ وارو هو،
جو نه رڳو مسلمانن پر اسان جي هندو بزرگن 1903
تائين نِرسنسي پي هلايو.“ هاڻي، 1905ع کان اڳ
اعرابن جا ٻئي نمونا چالو هئا- گهڻي ڪي ٿوري ڀاڱي-
سا حقيقت ته ساڳيءَ ڌر واري ديوان صوڀراج به
پنهنجي نوٽ ۾ قبول ڪئي هئي، پر اها ته بحث جي مکيه
ڳالهه ئي ڪانه هئي. اهم اعتراض اهو هو ته 1905ع
کان پوءِ، جڏهن ڪاورنٽن ڪاميٽيءَ عربي اعرابون
ڦيرائي سنڌي سرشتو جاري ڪيو جو 35 ورهيه چالو
رهيو، سو هروڀرو ڦيرائي جهونو طريقو ڇو وري جاري
ڪيو ويو؟ هن مول اعتراض جي جواب ۾ ڀيرومل صاحب
ٻنهي پترن ۾ هڪ اکر به ڪونه ڪُڇيو هو. پڇاڙيءَ ۾
ٻڌڻ ۾ آيو ته ڊاڪٽر دائود پوٽي چيو هو ته اُهي
هجيئن ۽ اُچارن جون تبديليون سڀ ڇاپيندڙ جون چوڪون
هيون! پر تنهن هوندي به انهن درسي ڪتابن جا وڌيڪ
ڇاپا نڪرندا رهيا ۽ اُهي ”ڇاپي جون چوڪون“ درست
ڪرڻ جو ڪوبه تدارڪ ڪونه ڪيو ويو.
تنهن تان 1941ع جي ناتال ۾، ڄيٺمل پرسرام ڪراچيءَ
۾”سنڌي ساهت سميلن“ ڪوٺايو هو، جنهن جو سماپتي
”ڪوي ڪشچند ”بيوس“ چونڊيو ويو هو. هن صاحب ان شاهي
جلسي تي هڪ ديريني عالماڻي صداتر تقرير پڙهي هئي،
جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن نئين جڳ جي
باني شاعر کي نثر نويسيءَ تي به ڪيترو عبور هو.
ڪوي صاحب هن مباحثي جي مڙني پهلن کان ڇنڊڇاڻ
ڪئي—اعرابون، اُچار ۽ صورتخطي ۽ آخر ۾ فرمايو هو:-
”ڪابه ٻولي ڌارئي لفظ کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ کان اڳ
پنهنجو سڀاءَ ۽ گڻ منجهس وجهندي ۽ ضرور وجهندي،
ڇاڪاڻ ته هوءَ زندهه آهي. سنڌي ٻوليءَ جو اهو
مخصوص گڻ آهي ته سندس هر هڪ اکر، اُچار يا آواز
هيٺ ضرور ايندو، جنهن لاءِ جزم وغيره جي ضرورت نه
ڄاڻي اُهي ڪيترو وقت اڳي ڪڍي ڇڏيا ويا آهن....
اهڙا نون درسي ڪتابن جي شعرن ۾ ڪيئي لفظ آهن جي
عربي فارسي هوندي به سنڌي ٿيو وڃن. ديوان گل،
ديوان سانگي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي شعرن
مان اهڙا ڪيترائي مثال مون وٽ موجود آهن جن م عربي
۽ فارسي لفظ پنهنجا قاعدا وساري سنڌي ٻوليءَ جي
قاعدن هيٺ اچي ويا آهن.“ تقرير جي شروعات ۾ بيوس
صاحب عاليشان اپيل ڪئي هئي ته ”هيءَ نازڪ وقت
انهيءَ قسم جي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جو نه آهي. نازڪ وقت،
تحقيق بلڪل نازڪ وقت، جڏهن سنڌ ۾ منزل گاهه جي
معاملي ممڻ مچائي رکيو آهي.... هندو مسلم سلوڪت جو
سلو سڙڻ تي آهي. بي اتفاقيءَ جي باهه جا ڀنڀٽ سنڌ
جي آڪاس تي اُڏي رهيا آهن.... اهڙي وقت هڪ ئي
ميلاپ جو ميدان، هڪ ئي ايڪتا جو مندر، هڪ ئي اتحاد
جو عبادت گاهه (ساهتيه)، اڃا موجود آهي، جتي
ساڳيءَ ئي بينچ تي، ساڳئي ئي سکيا ڪنهن به ڀيد ڀلو
کان سواءِ، مختلف مذهبن وارا شاگرد، ملڪ جي آئيندي
جا ابا، گڏوگڏ وٺي رهيا رهيا آهن.“ |