مرزا قليچ بيگ جو آخرين شيڪسپيئر تان وريل ناٽڪ
”شهزادو بهرام“ (1914) هو، جو شاهڪار Hamlet تان
مسلمانڪي زندگي ۾ اُلٿو ڪيل هو. هن ناٽڪ ۾ شهزادي
هئمليٽ جي سيرت منجهه هيڻائي هيءَ آهي جو هو چاچي
کان پيءَ جي خون جو بدلو وٺڻ جي اُگري فرض ڪرڻ کان
پيو ڪيٻائي ۽ سمورو وقت من جي مونجهه ۽ سکڻن آٺسٺن
۾ ٿو گنوائي. هو صرف فيلسوفاڻا ويچار ڪري ٿو،
کائنس ڪارج ڪو به سڌ نٿو ٿئي، جنهن ڪري انتظار ۽
دک، ۽ آخر موت سهي ٿو، ۽ پنهنجي چوڌاري به بربادي
آڻي ٿو. هيءَ ناٽڪ جهڙو ئي انگريزيءَ ۾ غمناڪ آهي
تهڙيائي سنڌيءَ ۾ اُنجي افسوسناڪ حالت ٿي-- ۽ سو
به هن بندي جي بدولت! ڪجهه مدت کان ڪاليج ڊرامٽڪ
سوسائٽي جي نون ۽ جهونن شاگرد ميمبرن ۽ ڪائونسلر
جي وچ ۾ تڪرار هلندا پي آيا. 1911 ۾ مان ڪراچي
ڪاليج ۾ جونيئر بي- اي پڙهندو هوس، اُنهن جهڳڙن
مٽائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي سون جنهن تي مون کي
شاگرد سيڪريٽري ڪري چونڊيائون، ۽ ماستر ريجهومل
سدا رنگاڻي، جو ڪيترن سالن کان هڏ ڏوکي سيڪريٽري
هوندو هو، تنهن کي وري به غير- شاگردن پاران ساڳيو
عهدو ڏنائون. اسان ٻنهي ته گهڻائي ڪوشش ڪئي نفاق
دور ڪرڻ جي ۽ ڪنهن نئين ناٽڪ ڪري ڏيکارڻ جي. آءُ
ڪهندو ويس ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مرزا قليچ بيگ جي حويليءَ
تي، جنهن صاحب کيڪار ڪري ”شهزادو بهرام“ جو دستخط
ڪڍي حوالي ڪيم ته ڀلي وڃي ڇپايو ۽ ڪري ڏيکاريو، ۽
سوسائٽي کي زندهه رکو. پر ڪم نصيبان، منهنجو پير
منڊليءَ لاءِ ڳورو ثابت ٿيو، ڇو جو ڪيتريءَ مٿاڪٽ
کانپوءِ به اهو ناٽڪ ته ڪونه ڪري سگهياسون، پر
اُٽلو سوسائٽي ئي ان سال سميٽجي ويئي ۽ ٽپڙ ويڙهي
رکڻا پيا. پڇاڙيءَ ۾ جو پنهنجو نئون پڪو مانڊوو،
ڪاري ڦردي واري رستي تي اڌورو اڏايو هئوسون، سو به
ڀڄي ڀري نابود ٿي ويو. 1894 کان 1917 تائين،
ٽيويهن سالن جي عرصي ۾، هن منڊليءَ اٽڪل 15 ناٽڪ
ڪري ڏيکاريا ۽ سنڌ ۾ ناٽڪ ڪاريءَ جو پايو وڏو. پر
جئن انسان جي عمر آخر ختم ٿئي ٿي، تيئن سنسٿائن
مٿان به آخر اجل نازل ٿئي ٿو. پوءِ جيڪي جماعتون
پنهنجي اؤج واري ايام ۾ ڪي ياد ڪرڻ قابل ڪارناما
ڏيکارين ٿيون تنجو موت سرهو ٿو ٿئي، ڇو ته حد حد
پکيءَ وانگر، انهن جي هاٺيءَ مان وري نيون جماعتون
اُڀري اٿن ٿيون، ۽ اهڙي طرح ڪارج جي لاٽ ٻرندي رهي
ٿي.
مرزا قليچ بيگ جا پويان ٻه ناٽڪ هئا: ”جمشيد
حميده“ (1918) جو شايد شيڪسپيئر جيAs
You like It تان
ورتل هو، ۽ ”موهني“ (1924) جو مشهور اردو کيل
”شريمتي منجري“ تان کنيل هو ۽ منجهس هندو- مسلم
اتحاد جو مسئلو رکيل هو. هنن مان پهريون ناٽڪ ڪنهن
منڊليءَ ڪري ڏيکاريو هو جنهن جو نالو هٿ ڪونه آيو
آهي، ۽ ٻيون حيدرآباد ڪاليج ۾ ڊرمٽڪ سوسائٽيءَ پيش
ڪيو هو.
چالو صديءَ جي شروعات ۾ ڀيرومل مهر چند ”حرص جو
شڪار“ ناٽڪ لکيو هو، جو شيڪسپيئر جي تاريخي ناٽڪ King
John جي
اردو ترجمي تان ورتل هو، پر ڪڏهن اسٽيج تي ڪريو
ڪونه ويو.
ٻيون جهونيون ناٽڪ منڊليون
ٻي جهوني ناٽڪ منڊلي هوندي هئي شڪارپور واري ڌرم
اُپڪا اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي، جا 1897 ۾ برپا ٿي
هئي ۽ جنهن جو روح روان ديوان ٺاڪرداس ناگراڻي
هوندو هو ۽ جنهن لاءِ ڪي ناٽڪ پاڻ لکندو هو ۽ راڳ
پڻ ٺاهيندو هو. پهرئين سال گاگنسنگ آتما سنگ
آڏواڻي جو ”شڪنتلا دشينت“ ناٽڪ شڪارپور ۽ سکر ۾
ڪري ڏيکاريو هئائون، جو 1898 ۾ ڇپايو ويو. لکندڙ
هن ناٽڪ ۾ جيڪي راڳ وڌا هئا سي هندستاني، مرهاٽي،
سنڌي، بلڪ انگريزي طرزن تي ٺاهيا هئائين. پوءِ سنڌ
ڪاليج منڊلي جو نيلارامسنگ جو پنگتي ناٽڪ ”موهن
نارڪا“ ڪري ڏيکاريائون، جنهن ۾ نائڪ جو پارٽ
نچوسنگ ڪيو هو ۽ نائڪا جو ڪيولرام جماڻيءَ. مهراج
تيجانداس هن منڊليءَ جو قابل هدايتڪار ۽ ڪماليت
وارو مذاقي ائڪٽر هوندو هو، جنهن جي ڀيٽ ٻنهي
حيثيتن ۾ ڪاليج منڊليءَ جي ايڇ بي آڏواڻيءَ سان
ڪري سگهجي ٿي. 1899 ڌاري هن منڊليءَ ليلا رامسنگ
جو ”هرشچندر“ ڪيو هو، جنهن ۾ لالسنگ مدناڻي بنيو
هو پر نائڪا ساڳيو ڪيولرام ٿيو، ۽ تيجانداس زنانو
مسخريءَ جو پارٽ ڪيو هو. ٻن ٽن سالن بعد مرزا قليچ
بيگ جو ”شڪنتلا“ ڪري ڏيکاريائون، ۽ تنهن کانپوءِ
ديوان ٺاڪر داس جو ”چندراولي“، جن ۾ به گهڻو ڪري
ساڳين اداڪارن ڪم ڪيو هو. 1914 ڌاري ديوان ٺاڪرداس
جو ”تريا چنتر“ ڪري ڏيکاريائون، جو شيڪسپيئر جي Hamlet تان
ورتل هو ۽ منجهس نائڪ لالسنگه بڻيو هو، پر نائڪا
ٻيو هڪ ائڪٽر خانو راءِ ڀٽ ٿيو هو. تيجانداس مذاقي
مرد جو پارٽ ڪيو هو ۽ مذاقي عورت جو مهراج پهلا
جراءِ. هن سوسائٽيءَ جو آخرين سنڌي ناٽڪ ”ڊاڪٽر
شام نارائڻ“ هڪ پنگتي کيل هو جو گاگسنگ لکيو هو،
جنهن ۾ نائڪ ۽ نائڪا جا ويس لالسنگ ۽ ڪيولرام ڪيا
هئا، ۽ ٻن مسخرن جا پارٽ ٽيجانداس ۽ تلسيداس مسند
ڪيا هئا.
هيءَ منڊلي اردو زبان ۾ قابليت سان کيل ڪري
ڏيکاريندي هئي، جنمان مکيه هئا: آغا حشر جا
”بلوامنگل“ (”سورداس“) ۽ ”مفيد خون“ (King
Lear)،
۽ مسٽر رحمت جا سنسني خيز کيل ”محبت ڪا ڦول“،
”جلاد عاشق“ ۽ ”درد گر“، جن ۾ سندن مکيه نوجوان
ائڪٽر هوندا هئا: جيٺانند ناگراڻي (نائڪ)، پرسرام
بولاخاڻي (نائڪا) ۽ هرومل مدناڻي (لچ). هي سوسائٽي
پنهنجا ناٽڪ چمن، ڪئيٽا، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ به
کڻي ويندي هئي، جن مان هڪڙو هن لکندڙ به حيدرآباد
۾ ڪاليج سوسائٽيءَ جي اسٽيج تي، اُنهن جي سينريءَ
سان ڪيل ڏٺو هو، جنهن جو نالو توڻي وسري ويو آهي
پر مهراج ٽيجمانداس جو ڪماليت وارو مسخريءَ جو
پارٽ وسرجڻ جو ناهي. اهي ناٽڪ، ان زماني جي رواج
موجب اڪثر خون خرابيءَ ۽ گهمسانيءَ حادثن سان
ڀرپور هوندا هئا-- ۽ انهي ئي ڪارڻ خلق ۾ پسند
پوندا هئا، جيتوڻيڪ فني لياقت شمار ڪري نٿي سگهجي.
شڪارپوري راڳ جا ڪوڏيا ۽ قابل آهن، سو سندن کيل به
موسيقيءَ کان مشهور هوندا هئا ۽ هرڪو ائڪٽر ٽي چار
گانا ته اوس ڳائيندو هو. هن منڊليءَ جي ناٽڪن ۾
شڪارپور جا معزز واپاري، وڪيل، ڊاڪٽر، جج، سڀ پارٽ
ڪندا هئا.
ٽين جهوني ناٽڪ منڊلي حيدرآباد پليڊرس ڪلب هئي،
جنهن 1905 ۾ مرزا قليچ بيگ جو جهونو ناٽڪ
”خورشيد“ (جو ڪاليج منڊليءَ نه ڪيو هو) بخوبيءَ
ڪري ڏيکاريو هو، جنهن جو ذڪر اڳي ڪيل آهي، اها
منڊلي باقاعدي ناٽڪ ڪانه ڪندي هئي، پر بعذي بعذي،
سَٺي سارو، ڪاليج سوسائٽيءَ جا ڪي مشهور کيل،
حيدرآٻاد توڙي ڪراچيءَ ۾، ڪري ڏيکاريندي هئي.
اُنهن ۾ حيدرآباد جا برک وڪيل، جهڙوڪ هيرانند
سنتوڪرام، جيٺسنگ نارائڻ سنگ، سنتداس منگهارام،
پرسرام هرداسمل، لوڪومل گوبند بخش، حشتمراءِ پال،
وليرام آئلمل، جيٺمل ليلارام سنگ، وغيره پارٽ ڪندا
هئا ۽ ڪاليج منڊليءَ جي ڪن اداڪارن کان به ڪم ورتو
ويندوهو. جيٺانند ڀرياڻيءَ جو ”ذل دمينتي“ 1908
ڌاري ڪيو هئائون، جنهن جي هن بندي کي لڙڪپڻ جي
سانڀر آهي ته ذل (فتحچند بجا سنگ) ۽ خاص طور
دمينتيءَ (ڪڪُو هيراننداڻي) کي، ڪلجڳ (جيٺسنگ) جو
بيحد ستائڻ ڏسي، اتي دک ٿيو هو ته آخر هيءَ راڪس
ههڙيءَ نرد وش ناريءَ کي هيترو ڇو پيو آزاري! پر
تڏهن پتو نٿي پيو ته اها به جيٺ سنگ وڪيل جي ڪارگر
اداڪاريءَ جي نشاني هئي. هن ناٽڪ هلندي سٽيج تي هڪ
حادثو ٿي پيو هو: پردن پٺيان هڪ ڪاريگر، جو نقلي
بادلن مان نقلي بجليءَ جو تاثير پيدا ڪري رهيو هو،
تنهن کان اتفاق سان باروت ڦاٽي پيو ۽ سندس هٿ زخمي
ٿي پيو، جنهن ڪري ڪلاڪ کن لاءِ کيل مهمل ڪرڻو پيو
هون. هن منڊليءَ 1919 ۾ قليچ بيگ جو ”عزيز ۽ شريف“
ڪري ڏيکاريو هو، جو ڏهه سال اڳ ڪاليج منڊليءَ
ناڪامياب ڪيو هو. پر وڪيلن جي هٿن ۾ ساڳيو ناٽڪ
اثرائتو بنجي پيو ۽ حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ ڪل
پنج راتيون ڪري ڏيکاريو ويو. منجهس ٻن سکر دوستن(Two
Gentlemen) جا
پارٽ جيٺسنگ ۽ جيٺمل ليلا رامسنگ ڪيا هئا، جهمٽ
ڀاوناڻيءَ نائڪا جو،، ويلرام آئلمل بدمعاش جو ۽
ميوارام وڪيل مسخري جو—مڙني قابليت سان پنهنجا رول
ادا ڪيا هئا.
چوٿين جهوني ناٽڪ منڊلي لاڙڪاڻي ۾ 1908 ڌاري
چانڊڪا اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي نالي برپا ٿي،جنهن
جو ناٽڪ نويس هن نئين جڳ جو اڳواڻ ڪوي ڪشنچند بيوس
هو، جنهن ئي اُنجا سڀ کيل جوڙيا هئا. هن منڊليءَ
جو پهريون ناٽڪ ”خوبصورت بلا“ آغا حشر جي ساڳئي
نالي واري اردو ناٽڪ تان بيوس صاحب سنڌيءَ ۾ آندو
هو، (جو مرزا قليچ بيگ به ”نيڪي ۽ بدي“ نالي سان
ڪاليج منڊليءَ لاءِ ترجمو ڪيو هو). هيءَ کيل 1907۾
ڪيو ويو، جنهن ۾ نائڪ جو پارٽ ديوان مولچند
پنجواڻيءَ ڪيو هو، جو هڪ اثرائتو ڳائيندڙ پڻ هوندو
هو. نائڪا جو پارٽ ٽهلرام ٽنور ملاڻيءَ ڪيو هو،
بدمعاش جولڇيرام لاهوريءَ ۽ مسخري جو مهاراج ڪندن.
هن کيل جي، مشهور قومي اڳواڻ ۽ ايڊيٽر ويرومل
بيگراج ڏاڍي واکاڻ ڪئي هئي. ٻيون کيل ”بلوامنگل“
هو جو پڻ آغا حشر جي ناٽڪ تان ورتل هو (جيڪو پوءِ
حيدرآباد اميچوئرس سوسائٽيءَ لاءِ نانڪرام ڌرمداس
”پريم ڀڳتي“ نالي سان ترجمو ڪيو هو). هي ناٽڪ 1908
۾ ڪري ڏيکاريائون ۽ منجهس سورداس جو پارٽ ديوان
مولچند ڪيو هو ۽ چنتامڻيءَ جو گوبندٿاناڻيءَ، جو
به سٺو ڳائيندڙ هوندو هو. ڪرشڻ جو پارٽ جيرام ڪيو
هو، جو رول پوءِ رام پنجواڻيءَ ڪيو هو. 1909 ۾
بيوس جو ”راجا هرشچندر“ ڪري ڏيکاريائون (جو ديوان
ليلارام سنگ به ڪاليج منڊليءَ لاءِ لکيو هو) هن ۾
به نائڪ جو رول وري به مولچند پنجواڻيءَ ڪيو.
نائڪا تارامتيءَ جو هرداسمل ايسراڻيءَ ۽ روهت جو
رام پنجواڻيءَ. تنهن کانپوءِ ”دروپدي“ (جو به
ديوان ليلارام سنگ اڳي لکيو هو)، ”ڀرت پوڄارڻ“،
”منوهر نانگڻ“، ”هارجيت“، ٻن چئن سالن جي عرصي بعد
ڪري ڏيکاريندا هئا. آخر ۾ ”شڪ جو شڪار“ 1931 ۾
ڪيائون، جنهن ۾ بيوس صاحب رامائڻ مان هڪ ڀاڳ،
انجنا ديوي ۽ پؤن ڪمار جي آکاڻيءَ وارو، ناٽڪي
صورت ۾ آندو هو. جنهن ۾ پؤن جو پارٽ مڙني ناٽڪن جي
نائڪ ديوان مولچند قابليت سان ڪيو هو، نائڪا جو
رام پنجواڻيءَ ۽ سکدا جو گوبند ناٿاڻيءَ زنانيءَ
نزاڪت سان ڪيا هئا. هيءَ منڊلي پنهنجا لوڪ پسند
ناٽڪ جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ
۾ به وقت به وقت ڪري ڏيکاريندي هئي، جن مان ”شڪ جو
شڪار“ ڪراچي ۾ نهايت پسند ٿيو هو، ۽ تنهن اڳ
”سورداس“ ۽ ”منوهر نانگڻ“ 1925 ۾ حيدرآباد ۾ ڌاڪو
ڄمايو هو. اهي ناٽڪ جيتوڻيڪ ٿلهي ليکي ڪامياب ٿيا
هئا، ته به بيوس صاحب جي ناٽڪن تي تنقيد ڪري سگهجي
ٿي ته منجهن ناٽڪي رٿا ۾ فن کان، شاعراڻي بلند
خيالي سرس آهي، جا ڪيترن هنڌن تي ناٽڪي ڪارروائي ۾
رنڊڪ وجهيو ڇڏي ۽ ناٽڪ ڪري ڏيکارڻ مهل اهو سقم
ظاهر ٿيو پوي.
سنڌي ڪتابن ۾ خصوصاً ناٽڪن جي سمالوچنا ڪرڻ جو
رواج اسان وٽ اڃا تازو پيو هو. مٿينءَ منڊليءَ جي
ڪن ناٽڪن تي رايو ڏيندي، جيٺمل پرسرام، ”ڀارتواسي“
19 جولاءِ 1925 ۾، هن ريت ناٽڪي فن جي شناس ۽
اُنجا آدرش تفصيل وار ڏيکاريا هئا:
”هلندڙ مهيني ’چانڊڪا ناٽڪ منڊلي‘ حيدرآباد ۾ کيل
ڪرڻ آئي.... جنهن حيدرآباد واسين جي دل کي ڇڪيو، 3
ڏينهن کيل ڪيائون، پر ڪيترن ماڻهن جو اُتساهه
جاڳايو هئائون، سو چوٿون ڏينهن به کيل ڪيائون....
منهنجي دل جي مراد آهي ته ساري سنڌ مان، سٺا سٺا
ائڪٽر چونڊي هڪ سنڌ جي ناٽڪ منڊلي ٺاهجي، جا
پنهنجي فن ۽ هنر سان خدمت ڪري، ناٽڪ جو سهڻو هنر
به وڌي، ماڻهن جي دماغ ۽ دل جي ترقي به ٿئي، تنهن
سان گڏ قومي، پنگتي، ڌرمي خدمت ڪري سگهجي. آءُ
ڀانيان ٿو ته لاڙڪاڻي ڪلب منجهان، انهي سنڌ جي ڪلب
لاءِ چڱي چونڊ ٿي سگهندي، خاص ڪري مستر مولچند
مختيارڪار ۽ مستر گوبند رام سيوهاڻي ته منجهس سٺا
ائڪٽر آهن....
لاڙڪاڻي وارا ڀائر مون تي رنج نه ٿين، جي آءُ مٿن
ٿوري نڪتچيني ڪريان. برا سندن ڪن ائڪٽرن کي راڳ
آيو ٿي، خاص ڪري ٻن ننڍن کي اهو راڳ سندن
ڪاميابيءَ جو وڏو ڪارڻ هو. پر مون کي لاچار ٿو
لکڻو پوي، جيئن مون هت حيدرآباد جي هڪ ناٽڪ ڪمپني
بابت لکيو هو، ته ناٽڪ ڪين هو پر چئجي ته راڳ
”ڦاٽڪ“ هو. چانڊڪائي ڪلب جو پهريون کيل (منوهر
ناگڻ) به راڳ ڦاٽڪ هو. سندن چونڀڙي ۾ اٽڪل 40 راڳ
هئا، پر ڳايائون شايد ڪجهه گهٽ. ڪنهن وقت ته ڀريا
ٻه ڪلاڪ سوا ڪنهن ٿوري کيل جي، راڳ ئي راڳ پي
هليا..... ائين آهي ڇا ته جو ماڻهو ڪنهن نهايت درد
۾ آهي، يا ڪنهن ايذاو ۾ آهي، ٻئي سان ويٺو
ڳالهائي، سو هڪدم دک وقت اچي راڳ ۾ ڇٽڪندو، ۽ پوءِ
تال مرڌنگ، سر آلاپ، ڀيروي، حسيني: سڀ کولي
وجهندو! ناٽڪ معنيٰ آهي کيل، ڪنهن ..... جي واقعي
جو ..... ناٽڪ هئڻ گهرجي مراد سان، ڪنهن قومي،
پنگتي، ڌرمي مسئلي تي، يعني وندر جي رستي ماڻهو
اها سکيا وٺن، جا هونئن جيڪر ڪين وٺن. منهنجو رايو
آهي ته اها مراد هن وقت ته اڪثر ناموجود آهي.
”انهي مراد کي پورو بهارڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين
پورب جا توڙي يورپ جا ناٽڪ چڱي طرح پڙهون ۽
ويچاريون. منهنجي تنهنڪري ڀائرن کي صلاح آهي ته
ناٽڪ جي اُپراسي جو چڱو حصو ڌرم ۾ ڀل ڏين، پر ڪجهه
حصو ڪتابن وٺڻ کي به ضرور ڏين، جيئن رابيندر ناٿ
ڪلب وارن اهڙي لئبرري ٺاهي آهي. لاڙڪاڻي وارن جي
ٽولي هڪ پڙهيلن جي ٽولي آهي، هو انهن ڪتابن مان
وڏو فائدو وٺي سگهندا.... هڪڙو ته انهيءَ اڀياس
ڪري اسين ڏسي سگهنداسين ته هي جو پاڻ وٽ اجايا،
راڳ، اجايا پردا، اجايا ٽڪساٽ آهن، سي ته هئڻ ئي
نه کپن. ڏسو ته اسانجا پردا ڪهڙا نه بڇڙا آهن.
انهن کي هندستان جو’نقش‘ ٿوچئجي ڇا؟ ٻيو ته
پوشاڪون جيڪي هئڻ کپن سي پوريون، زماني انوسار هئڻ
کپن. ائين نه ته ’نوني‘ هندستانڻ کي عربي پوشاڪ
پيئي هجي، راجپوتن کي ڊاسن بوٽ پيا هجن. ’سورداس‘
کي سنڌورقي جي گهر واري پوشاڪ هجي، ۽ ڪرشڻ کي بخمل
جو گلو موچيءَ جو سبيل سليپر پيو هجي! ڪرشن جي
ڳالهه ڪندي آءُ چوڻ واجب ٿو سمجهان ته هي جو اسان
وٽ ’ڌرمي‘ کيلن جي اچي ڀيڙ پئي آهي، سا ته ڳالهه
واهيات آهي. آءٌ نٿو چوان ته ڌرمي کيل ڪڍي ڇڏجن.
ميران ۽ گوپيچند جا کيل جي پوري ترتيب تي آڻجن ته
ماڻهوءَ کي ويراڳ ڏيئي ڇڏين! باقي ضرور آهي چوڻ ته
ڌرمي کيلن مان ڪرامتي، غيبي، اسراري ڳالهيون ته
ڪڍي ڦٽيون ڪرڻ گهرجن. ٻيو ته ڪرشن ۽ شو وغيره ته
آڻڻ ئي نه کپن. پوجيه شو مهراج کي پوهو دلال جي
شڪل ڏيڻ هندو ڌرم جي گلاني آهي.... ڪرستان ناٽڪ ۾
ڪرست کي ڪونه آڻين.... اسين ڀارت واسي جي پاڻ کي
وڌيڪ آتمڪ اُنتي ڪيل ٿا سمجهون تن کي گهٽ ۾ گهٽ
ايترو ته ڪرڻ گهرجي، جو پنهنجي اشٽ ديوان کي کل
وهيڻو ته نه ڪرايون.
”مٿين نڪتچيني سڀني سان لاڳو آهي، نه ڪنهن خاص
سان. نه ته جيڪڏهن پوري چنڊڇاڻ نه ڪبي ۽ راڳ
کٽراڳ، ۽ اجاين سجاين ڳالهين سان ڀريندا ويندا، ته
ناٽڪ هلندا به ڇهه ڇهه ڪلاڪ ۽ فائدو به گهڻو ڪونه
ٿيندو. لاڙڪاڻي وارن ڀائرن وٽ چڱي ٽولي آهي، خاص
ڪري سندن سنڌي ٻولي ماستر ڪشچند جي ڪم آندل مٺي ۽
سٺي آهي.“
جيٺمل صاحب جي مٿئين حوالي کي سڌريل ناٽڪ نويسيءَ
جو پروانو سمجهڻ جو شورف ڏيڻ کپي ۽ هر ناٽڪ
منڊليءَ کي ناٽڪي اصولن جو آدرش ڪري پنهنجي آڏو
رکڻ گهرجي.
سنسني خيز ناٽڪن جو دؤر
سنڌ ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ جڏهن پويان پساهه پي
کنيا تڏهن ڪي ناٽڪ منڊليون وجود ۾ اچڻ لڳايون، جن
سنڌي ناٽڪ جي شائقين کي ڪيترا سال چڱو پي وندرايو.
پر انهن جا ناٽڪ به گهڻو تڻو اردو ناٽڪن جي اثر
هيٺ جوڙيل هوندا هئا ۽ گهمساني حادثن سان ڀرپور
هوندا هئا. منجهن تلوار ۽ پستول بازي، عياري،
مڪاري ۽ خونريزي پلٽي پيئي هوندي هئي. تحقيقي
واقعه ڪاري ۽ سيرت نگاري جا ته منجهن آثار ئي ڪونه
هوندا هئا. اهي کيل اڪثر زندگيءَ جي هليءَ چليءَ
کان ڪوهه دور هوندا هئا، ۽ تماشبينن ۾ سنسني پيدا
ڪرڻ کانسواءِ، منجهن ڪوبه خاص پنگتي مقصد يا
اخلاقي اصول رکيل ڪونه هوندو هو: نٽڪاري (acting) به
اردو ائڪٽرن جو نقل ڪري، ڇت ڦاڙيندڙ آواز ۾ ۽ هوا
چيريندڙ اشارن سان ڪندا هئا. گهڻڻ کيلن ۾ ڪو
کلائيندڙ نقل (bye-
Plot) به
ضرور وجهڻ جو رواج هوندو هو، جنهن جو اڪثر ڪري
مکيه پلاٽ سان ڪو واسطو ڪونه هوندو هو ۽ مورڳو
ڪارروائي جي ايڪتا ۾ رخنو پوندو هو. مثلاً: هڪ
ڀيري سورداس ناٽڪ هلندي ڏسان ته باءِ پلاٽ ۾ هن
زماني جو هڪ بالسٽر ولايت مان مڊم وٺي سنڌ ۾ ٿو
موٽي!
اٽڪل 1912 ۾ حيدرآباد اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي برپا
ٿي، جنهن جو مکيه ناٽڪ نويس نانڪرام ڌرمداس هوندو
هو. هن صاحب جو پهريون ناٽڪ ”فريبي فتنه“1914 ۾
ڪيو ويو جو هڪ اردو کيل جو ترجمو هو، جنهن جو پلاٽ
مشهور انگريزي ليکڪا ميري ڪاريليءَ جي Vendetta تي
بهاريل هو. منجهس هن منڊليءَ جي روح روان هيمنداس
چنديرام نائڪ جو پارٽ ڪيو هو. منڊليءَ جو ٻيو ناٽڪ
”نيڪ انجام“ 1912 ۾ ڪيو ويو، جو اردو ناٽڪ ”خواب
هستي“ تان ورتل هو. منجهس نائڪ جو رول هيمنداس ڪيو
پر نائڪا جو نئين جوان گاگنداس مورجاڻي ڪيو، ۽ ٻيا
مکيه پارٽ خود لکندڙ نانڪرام، استاد لعلچند ۽
فتحچند ڪيا هئا. اهي ٻئي ناٽڪ روماني ۽ سنسنيءَ
وارن واقعن سان ڀرپور هئا، ۽ تنهن ڪريئي ڪراچيءَ
توڙي حيدرآباد ۾ اُن زماني جي عام خلق کي خوب پسند
پيا هئا، توڻي منجهن فني خوبيون گهٽ هيون. پوءِ
نانڪرام چالو زماني جو هڪ پنگتي ناٽڪ، اردو کيل
”نيڪ پروين“ تان ترجمو ڪيو جو خود انگريزي ناٽڪ Silver
King تان
ورتل هو. ”پتي شيوا“ هو ۽ 1920 ۾ ڪيائون، جنهن ۾
به هيمنداس ۽ گاگنداس نائڪ، نائڪا جا پارٽ ڪيا ۽
فتحچند ايماندار نوڪر جو پر انهي ۾ ٺڪاٺڪي وڌيڪ
هئي ۽ سماجڪ چترڪاري جو انگ گهٽ.
آخر ۾ 1923 ۾ نانڪرام ”پريم ڀڳتي“ لکيو جو اکر به
اکر آغا حشر جي اردو ناٽڪ ”بلوا منگل“ تان سنڌي ۾
آندل هو. ساڳئي اردو ناٽڪ تان گجراتي کيل ”ڀڳت
سورداس“ به ورتل هو، جنهن ۾ مشهور گجراتي اڪئٽر
موهن لال سورداس جو پارٽ ڪمال جو ڪندو هو ۽ جنسي
روئاري ڇڏيندو هو—جنهنکي مان هن زماني جي هندستان
جو بهترين اداڪار ليکيندو آهيان. نانڪرام جو هيءَ
ناٽڪ سندس بهترين ناٽڪ ثابت ٿيو، ڇو جو منجهس
جهوني زماني جي ڌرمي وشيه هوندي به، وئشائن ۽ انهن
جي انڌن عاشقن کي سڌارڻ جو سماجڪ مسئلو نهايت
زوردار نوع ۾ پيش ڪيل هو، تنهن کانسواءِ، هن منڊلي
جا مکيه بانيڪار هيمنداس ۽ گانداس، جنجي ناٽڪي
جوڙي ”هيمن—گاگن“ نالي سان مشهور هوندي هئي، تن هن
ناٽڪ ۾ سورداس ۽ سندس پرڻيل زال اندرا جا پارٽ
اهڙي ته جذبي سان ڪيا ۽ راڳ به اهڙا مٺا وڻندڙ
طرزن وارا ڳايائون جو ناظرين ۾ واهه واهه پئجي
ويئي. منڊليءَ جي ٽئين مشهور ائڪٽر فتحچند ڪرشن جو
پارٽ شاهاڻو ڪيو هو ۽ گانا به پنهنجي بلند سريلي
آواز ۾ ڳايائين. هيري سپاهيملاڻي چنتامڻيءَ جو
پارٽ، ۽ دولت (ڀڏي) آڏواڻيءَ سورداس جي پيءُ جو
پارٽ، پڻ اثرائتا ڪيا هئا. هاسيمل، ساڌوءَ مسخري
جو پارٽ به مزيدار ڪيو هو، جو پنهنجي سڀاويڪ
چرچائي نوع سان خوب کلائيندو هو ۽ مزيدار راڳ به
ڳائيندو هو. تنهن کانپوءِ، نانڪرام صاحب حيدرآباد
اميچوئرس کان ڌار ٿي، پنهنجي ناٽڪ منڊلي ڪڍي هئي،
جنهن سهاري هيٺ ”ستي ساوتري“، ”پريم جي پتلي“ ۽
”ليلاوتي“ کيل ڪري ڏيکاريائين، جن ۾ فتحچند نائڪن
جا پارٽ ڪندو هو ۽ نئون نؤجوان ديال ڪرپالاڻي
نائڪا بنيو هو.
حيدرآباد اميچوئرس پڇاڙيءَ ۾ ”خانچند درياڻيءَ“ جا
چار ناٽڪ ڪري ڏيکاريا—جنهن مشهور ناٽڪ ڪار جو
تفصيل وار ذڪر اڳتي هلي ڪبو. انهن مان پهريون هو
”پريم پريکشا“ (1924) جو گجراتي کيل ”ڀول نو ڀوڳ“
جي آڌار تي لکيل هو، جنهن ۾ جيٺسنگ وڪيل پيءُ جو
پارٽ، هاسيمل مسخري جو پارٽ، ۽ هڪ نئين ڳڀرو خانو
منسکاڻي باءِ پلاٽ جي نانڪا جو پارٽ ڪيو هو.
”هيمن- گاگن“ پنهنجي دستوري نائڪ- نائڪا جي ويسن ۾
ته هئا ئي. 1926 ۾ درياڻيءَ جو اصلوڪو رچيل ناٽڪ
”جيئري تي جيئري“ ڪري ڏيکاريائون، جو هڪ تازي ٿي
گذريل سماجڪ واقعي تي ٻڌل هو. هن ۾ ڀائي نارائڻ
ڏيئلداس پيءُ جو پارٽ عاليشان نموني ۾ ڪيو هو،
هيري سپاهي ملاڻيءَ مائٽين واريءَ جو کلائيندڙ
پارٽ ڪيو هو، هيمنداس ۽ گاگنداس دستوري مکيه رول
ڪيا هئا، ۽ ڀڳوان رامچنداڻي ۽ خود درياڻيءَ به
پارٽ ڪيا هئا. درياڻيءَ جو ٽيون ناٽڪ جو هن
منڊليءَ نهايت فتحيابي سان 1928 ۾ ڪري ڏيکاريو سو
”زمينداري ظلم“ هو، جنهن جو زبردست آرٿڪ موضوع ۽
اُن کي پيش ڪرڻ جو اثرائتو طريقو، اُنجي خلق
پسنديءَ جا ڪارڻ هئا. ائڪٽرن به پارٽن ۾ ڪونه
گهٽايو. هيمنداس نائڪ هن ڀيري نئين نائڪا، آتو
لڳلواڻي، ڳوٺ لڌو، جنهن پنهنجو پارٽ زناني
نفيسائيءَ سان ادا ڪيو ۽ عمدا راڳ به ڳايائين.
گاگنمل پهريون دفعو پوڙهيءَ ماءُ جو پارٽ سوز
وچان ڪيو. هن ڪتاب جي لکندڙ به پهريون ئي دفعو
مظلوم پير مرد هاريءَ جو پارٽ ڪيو، جو سندس برجستن
ويسن مان هڪ ليکجڻ ۾ آيو. گوبندي هيراننداڻيءَ
ٽيئون نوڪر جو پارٽ ڪري خوب کلايو ۽ ڀڳوان
رامچنداڻي ۽ تريناڪ واڻئي واپاريمل جو پارٽ اهڙو
سٺو ڪيو ۽ اهڙا سريلا راڳ ڳايائين جو سونو ٻلو
انعام مليو هوس. هن کيل ۾ خاص ڪاميابي ڀائي نارائڻ
ڏيئلداس حاصل ڪئي، جنهن پڇاڙيءَ جو دفعو وفادار
ڪمدار جو پارٽ اهڙي ته صداقت ۽ آتماهه وچان ڪيو جو
وڻ وڄائي ڇڏيائين. پر افسوس جو هن ناٽڪ جي
ڪاميابيءَ لاءِ، اسان ائڪٽرن ۽ مکيه ڪاروبارين کي،
پنهنجي ”نارائڻ محل“ ۾ هڪ شاندار پارٽي ڏيئي،
ويچارو سگهوئي لوڪ پڌراريو.
حيدرآباد جي هڪا اخبار ”زمينداري ظلم“ تي هن ريت
ٽيڪا ٽپڻي ڪئي هئي:
”ناٽڪ جي خيال کان ڪتاب ۾ ڪري سقر به هجن ۽ آهن
به، ته به ساهت جي نظر کان ”زمينداري ظلم“ هڪ
سندر پستڪ آهي، پستڪ ۾ جيڪي ڀاو ڏيکاريل آهن سي
سڀاويڪ پيا لڳن. زميندارن ۽ واپارين جا سچ پچ اهڙا
ئي ظلم آهن ۽ ڳوٺاڻن هارين سان وئل وهن ٿا، ۽ مستر
درياڻي ڪوبه وڌاءُ ڳالهه ۾ ڪيو ڪونه ٿو ڏسجي.....
جئن بولشيوڪ رشيا ۾ شروع ۾ ڪڙمي ڪاسبي فرنٽ ٿي
بيٺا، تئن ”زمينداري ظلم“ ۾ دلمراد (هاري) ۽
شاهوڪار ۽ زميندارن جو دشمن ٿي بدلي وٺڻ لاءِ پاڳل
ٿي ٿو وڃي. البت سنڌ ۾ اڃا ڪڙمي ڪاسبي سجاڳ نه ٿيا
آهن جو هن طرح ظلم جو پاڙو جهاڙو وٺن، پر جيئن
حالتون آهن ۽ زمينداري ظلم ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي
تيئن تمام جلد دلمراد جهڙا گهڻائي پيدا ٿين ۽ ساڳي
زبردستي جي نموني سان ظلم ۽ ستم جي پاڙ ڪپين! ناٽڪ
جو 31 ۽ 1 تاريخ ڏيکاريو ويو تنهن ۾ زينت (آتو
لعلواڻي) جو پارٽ سڀ کان سٺيءَ طرح کنيل هو. ڪن
حسينا (ڀڳوان جڳتياڻي) کي پي ساراهيو پر مون کي
منجهس گهڻو ڪجهه ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. حسينا زناني
بدران مرداني وڌيڪ هئي ۽ سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ
اسڀاويڪ پئي لڳو..... دلدار (هيمنداس) ۾ اها
سڀاويڪ برجستائي ڪانه هئي جيڪا سندس لفظن ۾ هئي.
زميندار (وليرام) پنهنجو پارٽ موچارو ڪيو ۽ پهرئين
ڏينهن سبق چڱيءَ طرح ياد ڪونه هوس تنهن ڪري گهڻو
ٿاٻڙيو، پر ٻئي ڏينهن اصل گهوٽي آيل ٿي ڏٺو.
زميندار تريناڪ لڳو پي پر مکيه ڳالهه جي اوڻائي
اها هئي جو هو لمپٽ ۽ عياشي ڪونه ٿي لڳو جهڙوڪ
ڪتاب جي ٺاهيندڙ اکرن ۽ ڀاو ۾ کيس رچيو آهي.... پر
دلمراد (مگهارام) ڪماليت ڪئي! جيڏي مهل عثمان کي
حڪم ڏنائين ته حسينا جون اکيون ڪڍ تيڏي مهل ڪئن نه
بي پرواهه ٿيو ويٺو هو! هو ڄڻ ته نردئتا ۽ وير وٺڻ
جو اوتار بڻجي پيو هو. ايندڙ زماني ۾ ضرور ڪڙمي ۽
ڪاسبي اهڙو ئي خوفناڪ سڀاءُ گرهڻ ڪندا ۽ بدلو بلڪل
چڱيءَ طرح چڪائي وٺندا. عثمان (ڀائي نارائن) هڪ
نيڪدل ۽ ايماندار ڪمدار جيان پڇاڙي تائين پارٽ ڪري
ڏيکاريو. ڪئن نه هو وفادار ٻانهن جيان پنهنجو مرم
ڪرم ڇڏي حڪم مڃڻ لاءِ تيار ٿيو بيٺو هو. واپاريمل
سيٺ (رامچنداڻي) جو پارٽ چڱيڙو هو، باقي سندس نوڪر
(هيراننداڻي) جو ڀارٽ بلڪل اسڀاويڪ پي لڳو. چرچائي
نوڪر ٿيندا آهن پر هن نوڪر جو اصل ليڪو لنگهيل ٿي
ڏٺو ۽ ”واهگرو واهگرو ٻول“ جيڪي لفظ ٿي چيائين سي
زيب يائي ڪونه ٿي، نمونو بلڪل اڍنگو هو.“
هن منڊليءَ جو آخرين کيل ”انسان ڪين شيطان؟“
(1931) درياڻي صاحب ميري ڪاريليءَ جي ناول Sarrows
of Satan تان
الٿو ڪيو هو، ۽ جيتوڻيڪ اهو به ناشدني ۽ ڪرامتي
واقعن تي ٻڌل ناٽڪ هو، ته به منجهس تمثيلي۽ اخلاقي
مطلب چڱو رکيل هو جنهن ڪري ڪامياب ٿيو هو. نائڪا
جو پارٽ گاگنداس ڪيو هو، نائڪ انسان جو هيمنداس، ۽
شيطان جو وليرام وڪيل، جو پڇاڙيءَ وارو اداڪار،
تيجومل شهاڻيءَ کانپوءِ، حرڪت بازي ۽ لچائيءَ جا
رول ڪاريگريءَ سان ڪندو هو. هيءُ ناٽڪ درياڻي
سئنيما جي صورت ۾ به آندو هو، جا اردو فلم ”انسان
يا شيطان“ نالي سان، .ايسٽرن آرٽس پروڊڪشن“ جي
سهاري هيٺ، بمبئيءَ، ڊائريڪٽر موتي گدواڻيءَ جي
هدايتڪاريءَ سان 1933۾ تيار ڪري ساري هندستان ۾
ڏيکاري ويئي هئي. اها سنڌين جي ڪڍيل پهرين ٻولتي
فلم هئي جنهن چڱي لوڪ پسندي حاصل ڪئي هئي. هن فلم
ڪڍڻ کانپوءِ درياڻي صاحب کي سئنيما جو ايڏو شونق
جاڳيو، جو 43 سالن جي ڄمار ۾، زرعي کاتي ۾ وڏي
سرڪاري نڪوري ڇڏي بمبئي ۾ لڏي ويو ۽ فلمن جوڙڻ جي
ڪمپني ڪڍيائين، جا سنڌين جي پهرين فلم ڪمپني هئي.
1917 ۾، ڪراچيءَ ۾ سارسوت براهمڻ ڊرامٽڪ سوسائٽي
ٺهي، جنهن جو مکيه ناٽڪ ڪار چانڊومل کتري هوندو
هو. هن مهاشيه جا جوڙيل ناٽڪ ”منوهر موهني“، ”وهمي
وڪار“ ۽ ”نل دمينتي“ سال بسال هڪ ٻئي پٺيان پيش
ڪيا ويا، هرومل پريمچند جو لکيل ”نول لڪشمي“ پڻ هن
منڊيليءَ ڪري ڏيکاريو هو، ۽ سڀئي ناٽڪ چڱا پسند
پيا هئا. اهي ناٽڪ نالي ڪري برابر پنگتي هئا، پر
ساڌارڻ جيوت جو چٽ منجهن خيرڪو چٽيل هو جنهن مان
ڪي پرائجي، باقي پستول بازي ۽ ٻيا هولناڪ حادثا
منجهن جام هوندا هئا. هن منڊليءَ جا مکيه
اداڪارهئا: نائڪ- مهراهوتچند تيجورام، نائڪا- رام
هيرا ۽ بدمعاش- ڌرمداس ماڻڪ، جي ٽيئي سٺا ۽ ڄاڻو
راڳيندڙ به هوندا هئا. رام لچڪي مچڪي سان زنانو
پارٽ ڪندو هو ۽ ڌماڻ مهراج برجستو اداڪار هوندو
هو. 1925 ۾ هن سوسائٽيءَ جا چانڊومل صاحب جا مٿي
ذڪر ڪيل ٽيئي ناٽڪ حيدرآباد ۾ به ڪري ڏيکاريا هئا.
1920 ڌاري، حيدرآباد ۾ ينگ سٽيزنس ڊرمٽڪ سوسائٽي
برپا ٿي، جنهن جو هرتا ڪرتا ليلارام ماکيجاڻي
هوندو هو. هن صاحب جا اڪثر ناٽڪ دليان ٺاهيل هئا،
جهڙوڪ ”دورنگي دنيا“، ”پريمي پتنگ“، ”بي وفا
قائل“، ”ڪلجڳ جا ڪلور“، ”ڪشور موهني“، ”ليلاوتي“
وغيره. اهي ناٽڪ اگرچ مڙيئي چالو زماني بابت هئا،
پر ٺڪاٺوڪي منجهن حد کان ٻاهر هوندي هئي. اهڙا ڪي
ورلا ناٽڪ هوندا جن ۾ خنجر يا پستول کان ڪم نه
ورتل هوندو. ليلارام جو هڪڙوئي ناٽڪ ”نئين سجاڳي“
هو جو سنجيدو ۽ گنڀير سماجڪ ناٽڪ هو ۽ 1937 ۾ سندس
سرڳواس ٿيڻ کانپوءِ ڇپايو ويو، پر شايد ڪري
ڏيکاريو ڪونه ويو. هن منڊليءَ لاءِ ڪي اردوکيل
اوتراءِ ٺاڪر داس به ترجمو ڪيا هئا، جهڙوڪ ”قهري
قهر مان“، پر ناٽڪي فن جو چئجي سو منجهس خير ڪو
هو، باقي اجائي ڦٿ ڦٿ ۽ کيچل اجهل هئي. منڊليءَ جا
مکيه اداڪار به اردو ائڪٽرن کي پنهنجي اڳيان مثال
طور رکي، گلا ڦاڙي ۽ ڇاتيون ٺوڪي ائڪٽنگ ڪندا هئا،
جو نمونو نهايت مصنوعي (Artificial) لڳندو
هو.
متفرقا ناٽڪ- ڪيل ۽ اڻ ڪيل
شيڪسپيئر جو شاهڪار Hamlet (جنهن
جو مرزا قليچ بيگ ”شهزادو بهرام“ نالي سان الٿو
ڪيو هو)، سو جيٺمل پرسرام 1923۾، سنڌيءَ ۾ ساڳئي
انگريزي نالي سان آڻي، پنهنجي ”نئين سنڌي لئبرري“
۾ ڇپايو هو. پر اُن ۾ بنهه پابنديءَ وارو اکري
ترجمو ڪيائين، جنهن ڪري منجهائنس اصلوڪو هڳاءُ
نڪتوئي ڪين—مورڳو ڪن هنڌ کل جهڙو پي لڳو. هن صاحب
مشهور جرمن شاعر Goethe جي
شاهڪار ناٽڪ Faust جو
ترجمو به ساڳئي نالي سان ڪيو هو، پر ناٽڪي لياقت
اُن ۾ خير ڪا هئي جنهن ڪري اهي ٻئي ناٽڪ ڪڏهن به
ڪرڻ ۾ ڪونه آيا.
1924 ڌاري حيدرآباد نئشنل ڪاليج ڊرامٽڪ سوسائٽي
ٺاهي هئائون، ۽ پهريون ناٽڪ مرزا قليچ بيگ جو
”موهني“ ڪري ڏيکاريائون، جو بمبئيءَ جي مشهور
اردوکيل ”شريمتي منجري“ تان ورتل هو ۽ منجهس هندو.
مسلم ايڪتا جو موضوع آندل هو. هن کيل ۾ ليلي
هيراننداڻيءَ، پرڀتي شوداساڻيءَ، جڳو آڏواڻيءَ ۽
دولت (ڀڏي) آڏواڻيءَ (جو ڪراچي ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ
جو چڱو ائڪٽر هوندو هو) شيڪسپيئر جي Othello جو
ترجمو (گماني گهمسان“ سري سان جو 1925۾ ڇپايو هو،
سو حيدرآباد ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ اسٽيج تي آندو هو.
هن ناٽڪ ۾ جوشيلو جنگي مرڪ، معصوم زال ۽ اٻهرو
گمان آڻي، بنا تحقيقات ڪرڻ جي، کيس ٻوساٽي ماري ٿو
ڇڏي، جنهن مان دک پيدا ٿو ٿئي. ڀاڳسنگ راڳن جوڙڻ ۾
بيشڪ برک هوندو هو، پر عجب آهي ته سندس نثر ۾لکيل
زبانين مان گهڻو جس ڪونه نڪتو. تنهن هوندي به
ڪاليجي شاگرد اداڪارن قابل ائڪٽنگ سان ڏسندڙن تي
جنسي ڇايا وجهي ڇڏي، جو مڙني پي کين مڃرايون
ڏنيون. ”ڀارتواسي“ 23 آگسٽ 1925۾، لعلچند امر
ڏنيمل هن ناٽڪ جو هيٺيون اندازو لڳايو هو:- ”ناٽڪ
جي عبارت جيتوڻيڪ ڪجسي ۽ الوڻي هئي، تنهن هوندي به
شاگردن کي جس هجي، جو پنهنجي هنر ۽ ڪاريگريءَ سان
ناٽڪ کي کڻي ڏنءُ. اڃا به ٽپي ٽپي تي اجايا راڳ
ٽنبيل نه هجن ها، ته ناٽڪه مزو وڌيڪ ڏئي ها.
پريتمداس شوداساڻيءَ چندرا (نائڪا) جو پارٽ ڪيو.
ڇا سندس زباني، ڇا سندس گانو، ٻنهي ڇاتيءَ تي
گهاوَ ٿي وڌا، ليلارام هيراننداني جڳديو (نائڪ)
ٿيو. هن يار به چڱي محنت ڪئي هئي. پر مردانن پارٽن
۾ گوءِ رويچند ڪرپالاڻي (بدمعاش) کڻي ويو، جنهن لچ
جو پارٽ ٿي ڪيو. لچ جي پارٽ ۾ ڏاڍي رمز کپي. پورو
پورو لچ ٿي ڏيکاريائين. رامچند کلناڻيءَ باءِ پلاٽ
۾ گهوٽ جو پارٽ کنيو. ڏاڍو ٿي کلايائين. گهٽ سندس
نوڪر اٽل به ڪا ڪانه ڪئي. مون ته ڀانيو هو ته سڄو
وقت آءٌ ناٽڪ تي ويهي ڪونه سگهندس. پر پرينديئي
’لچ‘ ته دل منهنجي جهٽي ورتي. ٻئي ۽ ٽئين ائڪٽ ۾
ته وري چندرا وڻ وڄائي ڇڏيا. عبارت الوڻي ٿي، نه
مون کي ڪهڙي به سٺي مضمون مان جس ڪين ايندو. هن
ناٽڪ جي عبارت ۾ رس جيتوڻيڪ ڪونه هو، ته به شاگردن
کيل اهڙيءَ ڪاريگريءَ سان ٿي ڪيو، جو عبارت جو
ويچار حال ٿيو ئي ڪونه ٿي.“ ساڳيو ناٽڪ ڪجهه عرصي
بعد ڪراچيءَ ۾ به ڪاميابي سان ڪري ڏيکاريو هئائون. |