”’ڪارو، ڪارو‘، اهو لفظ عام طرح ماڻهن جي دلين ۾
ڌڪار ۽ پڇان پيدا ڪري ٿو. ٻڏندڙ اکيون پوريندا
ڀاءَ ته ڪا ڏونگر جي ڏائڻ يا رڻ جي ٻانڀ هنيون ٿي
ڏارين. آئيني ۾ اکيون کولي نه ڏسندا ته سندن منهن
تي مانارو آهي يا چڌن جيڏا چگهه. وري سڀ کان
کلائيندڙ ڳالهه اها آهي جو هرڪو اڇڙي چمڙي وارو
پاڻ کي سهڻن جو سردار پيو سمجهندو ۽ ڀائيندو ته
آءُ ڪا املهه چيز ۽ ڏسين جو ڏيئو آهيان. جنهن کي
نه خال نه خط، نه روپ نه رنگ، نه قد نه قامت، بلڪه
اڻ گهڙئي ڪاٺ وانگيان بت جي اڏاوت ئي ڦري پيئي
هونديس، رڳو اڇاڻ جي آڌار تي کريل کير جيان ڦيڏڙو
پيو لڳندو، ۽ سندس جاري جيڏي کاڏي جنهن تي هوند
ڏهه ڏيئا وائکا رکي ٻاري سگهجن، سو به ڪاري تي
ائين ڪاهي ايندو جيئن ڍڳو ڀڳئوءَ تي. اها خبر ئي
ڪانه پونديس ته اڇا ڪارن جا محتاج آهن. تارن جي
جوت جو مدار رات جي ڪاراڻ تي آهي. حسن جي درٻار
ڪارن کانسواءِ اهڙي ٻسي ۽ ڦڪي پيئي لڳندي، جهڙو
گنجي جو منهن وارن بنا لڳي يا ڏاچيءَ جي ڏاڙهه....
”مٿئين حقيقتن کانسواءِ، هي پوئين حقيقت ڪنهن کان
به ڳجهي ڪانه هوندي ته هندن جي سورنهن ڪلا سمپورڻ
اوتار سري ڪرشن ڀڳوان، کي ”شيام سندر“ سڏيندا آهن،
۽ حضرت محمد صلعم کي ”گندم گون“ (ڪڻڪ رنگو) ڪري
ڪوٺيندا آهن. ٻنهي جهانن جا آڌار، اپائڻهار جا
لاڏلا، اڇي چمڙي وارا ڇو نه ٿيا؟ ڇو جو ڪارو رنگ
ٻين رنگن جي عدم موجودگي ۾ قائم آهي، هو سڀني رنگن
کان نيارو آهي، ۽ ڪنهن رنگ جو محتاج ڪونهي....
ڪارو رام جو پيارو، ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ مگر اڄ
ڪالهه گرو گنجو، للو پنجو، ٽيئون ٽنڊڻ، جيڪو گهران
رسي سو چن جا چٽي چٽي پاڻ کي پيو اڇو بنائي. خدا
داد حسن جي ڪهڙي نه توهين! سونهن اها جا رڳي ئي
سونهي. هڪ ته اڇاڻ ۾ سلامتي ڪانهي، جو هر ڪنهن جون
لوڀ ڀريون اکيون منجهس ائين کتل رهن ٿيون جيئن باز
جون تتر تي، ٻيو ته وکاد ۽ گنڊ گوڙ جي جڙ آهي.
انهي کان علاوه ڏسندا ته ننڍي ٻار کي به مائٽ منهن
تي ڪارو داغ يا ليڪو ڏيئي ٻاهر ڪڍندا ته بدنظر کان
بچاءُ ٿئيس. هاڻي ثابت ٿي چڪو ته ڪاراجھڻ ۾ نه فقط
امن امان آهي پر ان سان گڏ آبرو ۽ عزت جو به ڳاٽ
اوچو رهي ٿو. سياهي سڀني جو ڍڪ آهي. تڏهن ڪير نه
چاهيندو ته مان ڪارو هجان.؟....“
گوبند ڀاٽيا جو ”ورق“ ٽيون ڪتاب هو جنهن کي ساڳئي
سال (1941) سرڪاري بورڊ پاران انعام مليو هو ۽
1940 ۾ نڪتو هو. هن مجموعي جو جهڙو ئي نالو نازڪ
هو، تهڙائي جوانيءَ جا نفيس اُمنگ ۽ ڪلپنائون
خواهه گنڀير ڀاونا اُنجي مضمون ۾ ڀريل هيون، جن
مان مکيه هئا: ”تنهنجو ڀلو ڪري ڀڳوان“، ”نياپو“ ۽
”شاعر جي ضرورت“، ۽ سڀ سليس، مٺيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل
هئا. موتيرام اَهوجا جي ڳٽڪي ”ائين نه؟“ ۾ پڻ
ساڳئي جذباتي نثر جي نموني وارا ننڍا ننڍا مضمون
لکيل هئا، پر ”ورق“ وارن مضمونن ۾ وڌيڪ صداقت
سمايل هئي.
1940 ۾ ”رتن ساهتيه منڊل“ وارن ٽاگور جو ٻال اوستا
وارن گيتن جو ڪتاب Grescant
Moon،ارجن
ايسراڻيءَ جو سليس نثر ۾ ترجمو ڪيل ”ٻال چندرما“
نالي سان ڇپايو هو. ساڳئي سال 1940 ۾ رتن منڊل
منگهارام ملڪاڻيءَ جو ”پريت جا گيت“ ڇپايو هو، جو
به مها ڪوي ٽاگور جي Gardener نالي
انگريزي جذباتي نثر تان سنڌي نظماڻي نثر ۾ ترجمو
ڪيل هو، ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ بي- اي- ڪلاس لاءِ
درسي ڪتاب ڪري منظور ڪيو هو. اڳي ڄاڻايل آهي ته
ساڳئي ڪتاب جو ترجمو ڪي سال اڳ استاد لعلچند ”سدا
گلاب“ نالي سان پنهنجي اصطلاحي نثر ۾ ڪيو هو، جو
نهايت مقبول پيو هو. پر هن بندي پنهنجو ترجمو هڪ
نئين نغمي دار نموني ۾ ڪيو هو، جنهن بابت استاد
ڀيرومل ”پريت جا گيت“ جي مهاڳ ۾ لکيو هو: ”ٻولي
جيڪا ڪم آندي اٿس سا به روي بابوءَ جي شاعراڻي
نموني آهي، جنهن کي ڀلي ته ڪو نظم يا نثر، يا ٻنهي
جو جوڙ ميل ڪوٺي.“ پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ، Gardener جي
گيت نمبر 2 مان، مٿين ٻنهي ترجمن مان ساڳيو فقرو
مثال طور ڏجي ٿو. لعلچند صاحب ان جو سرو رکيو هو
”آءُ ٻار سان ٻار، ٻڌي سان ٻڍي“، ۽ اُن جو ارنڀ هن
ريت ڪيو هئائين:-
”ابا شاعر، سج ٿو لهي. مٿي جا وار تنهنجا اڇا
ٿيندا وڃن.
تون ته پنهنجي منهن ڌن لڳايو ويٺو آهين. پوءِ
پرلوڪ جو ڪو پرياڻ ڪن پويئي ٿو ڪين نه؟
چارئي مهلون گڏ برابر اچي ٿيون آهن. پر آءٌ ڪنڙو
ڏيو ويٺو آهيان ته واهڻ مان ڪو سڏ ته ڪونه ٿو
ڪريم، جيتوڻڪ دير ٿي ويئي آهي.
آءُ اکيون پايو ويٺو آهيان ته متان ڪي رولاڪ دليون
به اچي پاڻ ۾ ملن ۽ نينهن ڀريا نيڻ کڻي مون کي
نيزاري ڪن، ته اسان جي دل جو راز سرود ۽ ساز ۾
بيان ڪر.
هاڻ، آءُ جيوت جي هن ڀر ويهي، اجل ۽ آخرت جا ويٺو
واساما ڳايان، ته پوءِ هنن دلين ۾ جي اڌمانڌ بيان
اٿن، اُنهن جو ذوق شوق وارو ذڪر راڳ مالها ۾ جيڪر
ڪير پونئي؟“
”پريت جا گيت“ مان ساڳئي گيت کي ”شاعراڻو سنيهو“
عنوان ڏنل هو ۽ ساڳئي ٽڪر جو ترجمو هيئن ڪيل هو.
“اي شاعر، شام اچي اوڏي پيئي اٿيئي،
وار ويا اڇا ٿي اٿيئي،
پنهنجي ايڪانت جي سوچ ويچار ۾
ڪي آخرت جو سنيهو به سڻين پيو؟
شاعر چيو: شام اچي ٿي آهي،
۽ آءٌ ڪن ڏيو پيو ٻڌان
ته ڳوٺ مان متان
ڪو ڪوٺيم، توڻي اوير ٿي ويئي آهي.
آءٌ غور ڪيو پيو ڏسان
ته ڪي نؤجوان، گمراهه دليون متان
اچي ملن،
۽ ٻه جوڙيون منتظر اکين واريون عرض ڪن
ته ٻيلي، ڪو گيت ڳائي
اسان جي ماٺڙي مٽائي،
اسان پاران ڳالهائي.
جي آءُ وڃي سنسار ساگر جي پرئين ڪني تي وهان،
۽ اجل ۽ آخرت کي پيو سوچان،
ته باقي بچيو ڪير جو سندن لاءِ دلسوز سر ملائي؟“
سنڌي ساهت ۾ نظمي نثر ۾ لکيل پهريون پستڪ ديوان
ديارام گدومل جو ”من لاءِ چهبوڪ“ (1925 ڌاري هو،
جنهن جو به پنهنجي جاءِ تي ذڪر ڪيو ويو آهي، پر
ڀيٽ ڪرڻ لاءِ اُن مان به ”سنڌڙي، سنڌڙي“ گيت مان
مثال ڏجي ٿو:-
”سنڌڙي، سنڌڙي، منهنجي ماتا سنڌڙي،
سنڌڙي، سنڌري، پيرن سنتن جندڙي،
سنڌڙي، سنڌڙي، اڏيري، خضر مندري،
موڪليم ماتا دريا شاهه بندري.
سنڌڙي، سنڌڙي، منوهر سنڌڙي
عنايت، لطيف، ساميءَ چندري.
سنڌڙي، سنڌڙي ڀڄيئي نه ٻنڌڙي،
سنڌڙي، سنڌڙي، دکيئي نه لؤندري.
تنهن کانپوءِ، بحر وزن بنا، صرف قافين جي مدد سان
ترنم واري نثر جو نمونو، پروفيسر ڪرشن ڪرپالاڻيءَ
جي ٽاگور تان ترجمو ڪيل گيت ”شاهه جهان“ (1935)
مان ملي ٿو، جنهن جو ذڪر به اڳي ڪيل آهي، ۽ جنهن
مان هي حوالو ڏجي ٿو:
”اي شاعر شاهنشاهه!
هن سنگ ۾ سانڍيل آهه
ٿو دل جي تصوير:
هي بيت بي نظير.
آهه تنهنجو نئون ’ميگهه دوت‘
عجيب اڌ ڀوت،
جو آلاپ جي ارواح تي آهه اسريل،
غيب ڏانهن لڙيل،
جت پياري تو وڇڙيل
آهه مليل،
پرڀات جي سونهري سينگار سان.
سنجها جي ٿڪايل هيسايل اظهار سان
آهه جڙيل،
اُت
جت چؤڏس چنڊ چلڪي
۾ ٿي چنبيلي جهلڪي،
بي بدن اؤج جي منائي مؤج،
۽ اُت
جت ٻوليءَ وڃائي
وائي،
۽ اکيون آرزو ڀريون
ڦري ڦري جنهن در اڳيان نراس ٿي وريو،
حيران ويچاريون، هي تنهنجو سونهن جو سنيهو پاڻ
پساري
ٿو ڪال جي پهري کي جڳ جڳ ۾ ٽاري،
پيو ٿو پڪاري
بن وچن ورلاپ جي وائي:
ياد آهين، ياد آهين، ياد آهين پياري!“
1945ع ڌاري ”ادبي غنچو“ نڪتو، جو ٻن پروفيسرن رام
پنجواڻيءَ ۽ نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جي ليکن جو گڏيل
انتخاب هو. منجهس هر وجيه جا مضمون موجود هئا، جي
سليس، پر تنهن هوندي به ادبي عبارت ۾ۡ لکيل هئا.
پنجواڻي صاحب جو ”محنت“ اخلاقي مضمون هو، ”شعر“
ادبي مضمون، ۽ سڀ کان سٺو پنگتي مضمون ”گناهه“ هو،
جنهن ۾ ان نازڪ وشيه تي اُدار دل انقلابي خيال هن
طنزي نوع ۾ پيش ڪيل هئا: ”قوي جيڪي ڪري سو ثواب
آهي! ضعيف جيڪي ڪري سو گناهه،- اهيئي فقط ٻه قانون
آهن، انسانيت جا اصول آهن، تارازيءَ جا ٻه پڙ آهن،
بس- قوي ۽ ضعيف........ قوي قانون جوڙي، ضعيف
سزائون پائي. قوي پنهنجي ناماچار ۽ طاقت جا اوچا
منارا اڏي، ضعيف پنهنجي قبر کوٽڻ جا پهه پچائي. جو
شراب قوي پيئي سو جائز، جو ضعيف پيئي سو ناجائز جو
قتل قوي ڪري سو انتقام جي شمار ۾ لکيو وڃي ۽ جو
ضعيف ڪري انهي جي سزا موت. ٿڳڙي پوش مان انصاف جي
سُئي به پار هلي وڃي، زردار تي نياءَ جو نيزو به
نه پڙي. ضعيف جهڙو بدڪار، گنهگار ڪو ٻيو ٿي سگهي
ٿو؟ ڪوئي به نه..... پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته
ايمان يا وشواس ۾ به وڏو پل آهي. ضعيف حال قويءَ
جي مقابلي جو ست کڻي نه ساري سگهندو، پر سندس اندر
۾ بغاوت جا سلا جو اڀرندا ۽ وڌندا ٿا رهن؟..... ڪو
زمانو اچڻو آهي ۽ تمام جلد، جو ضعيف به اها بغاوت
ڦهلائيندو جو اسانجي هٿراڌو سماج تيليون تيليون ٿي
ويندي، نه رهندي اها خود ساخته سماج ۽نه رهندا اهي
سماج جا جڙتو ٺيڪيدار.“
|