منهنجي پيرن جي آهٽ تي، هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مون ڏي
نهاريائين. هنجي اُن پهريءَ نهار مون تي جو اثر
ڪيو، سو ٻڌائڻ ضروري آهي. اول ته سندس اکين ۾ اننت
دک ڏيکاري ٿي ڏني، گويا کيس ڪنهن وڍي، چيري، چچري،
هت کڻي ڦٽو ڪيو هو. ازنسواءِ، اُنهن ۾ مون پنهنجي
عزازت محسوس ڪئي- ته جسماني اَڍ واري عزازت، پر
اُها عزارت جنهن جو تعلق انساني هستيءَ جي اندرين
تهن ۾ آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته اسانجي حياتيءَ تي
انهن جيون جو اهڙو اثر ڪونه ٿو ٿئي جي جنم جي ڪري
اسانجا عزيز خويش آهن. سماجڪ لفظ نگاهه کان انهن
سان جو تعلقات اٿئون، سو کڻي ڪارگر به هجي، پر
اسانجي زندگيءَ تي گهرو اثر، چڱو يا مٺو، اُهي ٿا
وجهن جن سان اسين واٽ ويندي يا اوچتو ملاقات ڪرڻ
سان ائين ٿا وسهون ته اسان کي هي ڪي ستڌاريا
ڪينهن، ته هنن سان اسانجو ڪو آتمڪ سنٻنڌ آهي. جئن
هت پرٿويءَ تي ڪٽنب پروار آهن جي رت جي عزازت تي
ٻڌل آهن، تئن ڪٿي، ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾، سڀاءُ ۽ سؤ
ڀاونائن تي ٻڌل قبيلا آهن، جن مان هر هڪ جي ڀاتين
جي پاڻ ۾ گهري عزازت آهي. اهي آتمائون هت، هن دنيا
۾، سرير ڌاريو، جدا جدا ڪٽنبن ۾ اچيو جنم وٺن.
پوءِ، ڪڏهن قضاني، جڏهن سندن هڪ ٻئي سان مکا ميلو
ٿو ٿئي. تڏهن سندن جيءَ ۾ ڪا جاڳرتا، ڪا يادگيري
اُٿي ٿي، ۽ هو نيڻن جي نهار سان، يا مک جي هلڪيءَ
مشڪ سان، هڪ ٻئي کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائين ٿا، ۽
ٻنهي جون آتمائون ڪو لحظو آنند جي مٺيءَ لهر هيٺ
اچيو، ائين ٿيون ڀانئين ته جيون جي پرڦلتا پڙ پي
اٿئون.“
ٻيو اهم اصليت وارو ناول ان پهرينءَ سنڌي عورت جو
هو جنهن ساهت جي ميدان ۾ قدم کنيو هو-- ۽ بلڪل
ثابت قدم. اها هئي شريمتي گلي سدا رنگاڻي (جنهن
اڳي ڪماري ڪرپالاڻيءَ جي حيثيت ۾ ٽاگور جو ”گورا“
انواد ڪيو هو. 1941 ۾ سندس. اتحاد“ نڪرڻ سان ڪٽر
پنگتي اڳواڻن ۾ چؤٻول مچي ويو. جئن ”شاعر“ ۾ سنڌي
ڇوڪرو پرانتڪ۽ ڌرمي ٻنڌن مٽائي ڪشميري مسلمان،
ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري، تئن هن ناول ۾ هندو
ڇوڪري هڪ لائق مسلمان ڇوڪري سان لائون ٿي لهي. هن
ناول ۾ راڄنيتي آزاديءَ ۽ بابت انقلابي خيال
پهريون دفعو بردباريءَ سان ظاهر ڪيل هئا، ۽ اُن جي
عبارت ۾ به هنديءَ ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ ”اتحاد“
رکيل هو. 1942 ۾ ٽهلرام آسوديمل هڪ دليان جوڙيل
قصو ”ڏکن پٺيان سک“ سليس ۽ سپڪ سنڌيءَ ۾ لکيو،
جنهن ۾ شخصي آزمودي مان، هڪ سڌيل زميندار جي
زندگيءَ ۾ هارين سان فراخدل رشتي جو آدرش ڏيکاريل
هو، ۽ منجهس پنگتي اوڻاين کي دور ڪرڻ لاءِ به
ڪارگر صلاحون ڏنل هيون. پر هن قصي ۾ اخلاقي پرچار
تي گهڻو زور ڏنل هو ۽ ناول نويسيءَ جو فن گهٽ هو.
ساڳئي سال ”سندر ساهتيه“ پاران هڪ چڱو پنگتي ناول
”پريم ٻنڌن“ نڪتو هو، جنهن جو لکندڙ پيتامبر
ڪشناڻي هو، ۽ جنهن ۾ هڪ ڪراچيءَ جي جوان جي پريم-
ڪهاڻي کنيل هئي. جيتوڻيڪ هن ناول جي پلاٽ ۾ ڪي
ڪچايون هيون، تنهن هوندي به اهڙي صادق، جذبي وچان
لکيل هو، ۽ عبارت به اهڙي پڪي پختي ڪم آندل هئي،
جو هڪ خاصو اصلوڪو ناول ٿي پيو. تنهن کانپوءِ
چندولعل جئسنگهاڻيءَ پريم ۽ شاديءَ جي مسئلي تي
”اصلوڪو ناول ”زنده دل“ (1942) لکيو، جنهن جي
شروعات ۾ هڪ سندر خيالن واري نفيس پريم- ڪهاڻي ڏنل
هئي، پر پڇاڙيءَ ۾ اها اگهاڙي ۽ ناشائستي ٿي پيئي.
لکندڙ جي ٻولي به ويا ڪرڻ جي لحاظ کان ڪچي هئي،
توڻي منجهس محاورا چڱا ڪم آندل هئا. 1943
ڌاري اُن هوئڻ هار شاعر نرمل جيوتاڻيءَ جو اصلوڪو
ناول ”بينا“ نڪتو، جنهن جي بي وقتائتي فوت ڪري
سنڌي ساهت کي چڱو ڌڪ لڳو. هي ناول اندر جي جذبن
وچان لکيل هو، منجهس شاعراڻي اُڏار ۽ رنگين زباني
به چڱي هئي، ۽ ان جو موضوع به دلچسپ هو: پيار بنا
شاديءَ جو. پر ان کي نباهڻ جو نمونو نپٽ رومانوي
هو، جنهن ۾ ازغيبي سنسنيءَ ڀريل حادثن کان ڪم ورتل
هو، جنهن ڪري هن زماني ۾ اهڙو اثرائتو نه ٿيو.
1943 ڌاري هڪ نوجوان ليکڪ نهچل واسواڻيءَ هڪ چڱيڙو
ننڍو اصلوڪو پنگتي ناول ”ڪشمور موهني“ لکيو هو، جو
”ڀارت جيوت“ ڇپايو هو.
1944 ۾ بزرگ شاعر نرملداس فتحچند ”دلوراءِ جي
نگري“ ڇپايو، جنهن ۾ دشٽ دلوراءِ ۽ سوراءِ جي
پراچين سنڌي وارتا، جن جي
ظلمن ڪري سندن نگري ناس ٿي ويئي، دلچسپي سان بيان
ڪيل هئي. پر عالم مصنف جي قديم زماني واري سنسڪرت
اصطلاحي عبارت ۽ صورتخطي، الاهي زيرون زبيرون ڏيڻ
توڙي اوکن لفظن جون معنائون سمجهائڻ جي باوجود،
عام پڙهندڙن جي سمجهڻ کان ٻاهر هئي، هيءُ ناول صرف
عالمن جي مطالع لائق هو، جنهن جي ثابتي انجي آخرين
ٽڪري مان ملي سگهندي:- ”پوءِ دلوراءِ جي ڌيءَ جي
شادي آئي. سڳيءَ ڌيءُ سان به پنهنجو پاپ جو قانون
لڳائڻو هوس. ڪماري لڄ پت واري هئي. تنهن پنهنجي
ڏاڏي اڳيون ولپ ڪئي وڏيءَ راڻيءَ پٽ کي وڃي گهڻيئي
هيٺيون مٿيون چيون، پرهن خوڪ خوخر مغر ڳالهه ٺٺي ۾
اڙايس. گهڻو ئي چيانس و0ن جي ڏارمڪ نيت پرتيت جي
ساک جي آسري آتياچارن ۽ آنرٿن جي لڙهن ۾ لڙهندا
رهيا آهيو، ۽ هنير ڪرتاري کانڌ کي کٽائڻ جي وک
کڻندءُ ته ايشوري ڪوپ کي ڪانڍ ڏيندءءُ، ۽ ڪنهن ڪن
منهن ٿيندءُ. اهانجي سرڳواسي پتا ڪيئن دلور وسايو
۽ اُدارتا ۽ اپرامتا سان پرجا پالن نباهيو ۽ ديس
وسايو، ۽ اها ٻنهي ڀائرن ڪيئن پرجا جا ڌرم ڪرم
ڇڏايا ۽ قلب ڪلپايا آهن..... دلوراءِ ٽهڪ ڏنا ۽
چيائينس، ”تون چريون ڳالهيون ٿي ڪرين. ڪن ڪي نيم
ورتايا هئا، اسان ڦيرايا، ايهو راجائن جو ڪم آهي،
۽ ڪي گسي ٿو وڃي ڇا؟“ وڏي راڻي نراس ٿي موٽي ويئي
۽ وجهلندي نيڻن مون ڇر ڇنڊيندي چيانس ’اَمان، هي
نندورو‘ اماوس جي رات گرڀ ۾ آيل، انرٿ تون مڙڻ جي
نٿو ڪري. تنهن نياڻيءَ ٻڌڻ سان ڌرتيءَ تي هٿ هنيان
۽ ايشور کان نگري ناس گهري. رب سان روح رليءَ، زار
زار رُئندي وجهل وَٽليءَ کي بشارت ملي نه سج کان
اڳي طوفان ايندو، ۽ سڄو ڌرم ناستا جو ڍينگو ڍيري
ٿيندؤ... ”انهيءَ رات دلوراءِ ۽ سسوراءِ ننڊ ۾ ئي
پنڊ پاهڻ ٿي پيا، ۽ ڀنڀرڪيءَ جو اچي ازغيبي رٿيءَ
جو طوفان ٿيو..... پوءِ ته جيڪي اندر ها سي نڪري
ڪين سگهيا ۽ جو جتي ۽ جنهن حالت ۾ هو سو تتي ئي
تنهن ئي حالت ۾ رئيءَ دٻي ڇڏيو. ائين ڌرم ناسڪ
دلوراءِ جي نگري ناس ٿي.“
قصي جي شروعاتي حصي ۾ لنبن جملن، جهوني زماني وارو
قافيدار نثر ڪم آندل هو، ۽ عجيب آهي ته باغيچي جي
بيان ۾ زمان ماضي ۽ زمان حال گڏيا سڏيا هئا: ”انهي
سمي سنڌو نديءَ جي ڪپ تي هڪڙو عاليشان باغستان هو
جنهن تان اندر لوڪ وارو نندين قربان هو ڇو جو
منجهس هوش همت وارن۽ سيت پت وارين نارين جو آگمان
هو. هر جنس جي ميوجات جي وڻن سان جريبن جا جريب
ڇانيل آهن جن مان ڪيترن جي ڦر جهلڻ جا ڏينهن آيل
آهن. جن جي وگاسن ۽ ٻورن ۽ گوشن جي توڻ ۽ تات جا
آڏاڻا اڏايل آهن، ميوه زار جي اوريون چؤڦير ڇٻ هٻ
مين ڦلن پشپن جون ٻاريون هيون جنتي ڀنورن جون
گنجارون ۽ جمان سڳنڌ جون سڀريون هيرون جون
هسواريون هيون.“
سنڌ ۾ پڇاڙيءَ وارا اصلوڪا ناول نويس ٻه پروفيسر
هئا، جن مان هر هڪ هڪ ٻئي پٺيان ٽي چار ناول لکي
وڌا. رام پنجواڻيءَ جو پهريون دليان جوڙيل ناول
”قيدي“ (1943) هو، جنهن ۾ هڪ راڳيندڙ جا اُمنگ ۽
آدرش ڀريل هئا، ۽ نائڪ ۽ نائڪا جي وچ ۾ محبت جو
ناتو نهايت نفيسائيءَ سان بيان ڪيل هو. هڪ
انگريزي آکاڻيءَ جي اوٽ تي لکيل ”شرميلا“ (1944)
ناول ۾، پنجواڻي صاحب سنڌ ڇڏي بمبئي شهر ۾ وٺي
هليو، ۽ اتي جي گجراتي جيوت جو هڪ پهلو باريڪ
بينيءَ سان چٽيائين ”لطيفا“ (1945) ۾ سنڌي مسلمان
ڳوٺاڻن جي زندگيءَ تي نهايت همدرداني روشني
وڌائين. 1946 ۾ پنجواڻيءَ، مشهور فلمي اداڪار ۽
ناٽڪي هدايتڪار پرٿويراج ڪپور جي مشهور قومي هندي
ناٽڪ ”ديوار“ کان متاثر ٿي ”اسان جو گهر“ ناول
جوڙيو، جنهن جي رٿا اصلوڪي هئي ۽ جنهن ۾ تمثيلي
طور هندستان جي آزاديءَ ۽ ورهاڱي جي چٽي تصوير
چٽيل هئي. 1947 ۾ پروفيسر صاحب ”چانديءَ جو چمڪو“
لکيو، جو به هندستان ۾ بيهاريل قومي آزاديءَ بابت
ناول هو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته پئسي جا پوڄاري
ڪيئن نائڪ، نائڪا ۽ ٻين قومي شيوڪن کي ٻوهي ۾ ٿا
وجهن. اهي ناول گهڻو ڪري ”ڀارت جيون“ جا ڇپايل
هئا. نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو پهريون اصلوڪو ناول
”مالهڻ“ (1942) هو، پر اهو جهوني زماني وارن مؤتن
۽ خودڪشين سان ٽمٽار هو، توڻي منجهس خيال فلسوفاڻا
هئا ۽ عبارت علميت واري. ”وڌوا“ (1943) ڀمڀاڻي
صاحب جو بهترين ناول هو، جنهن ۾ هڪ نوجوان تعليم
يافته هندو وڌوا جا ڪشٽ ۽ امُنگ چٽيل هئا، جا نيٺ
پنگتي رڪاوٽن کي ريٽي هڪ لائق جوان سان ٻي شادي ٿي
ڪري. ”غريبن
جو ورثو“ (1946) ناول ۾ هڪ ڳوٺاڻي ڍڪ منشيءَ جي
ڏکن ڏولاون جو بيان ڪيل هو. پنجواڻيءَ جي ”لطيفا“
وانگر، ڀمڀاڻيءَ جو هيءُ ناول پڻ ثابت ٿوڪري ته
سنڌي هندو ليکڪن کي غريب مسلمان ڀائرن لاءِ ڪيڏي
همدردي هئي.
”ڀارت جيون“ رسالي ۾، پروفيسر پنجواڻيءَ جي ناولن
شايع ڪندڙ جيٺانند لعلواڻي پنهنجو هڪ اصلوڪو ناول
”ميونسپل ڪائونسلر“ (1944) به ڇپايو هو، جنهن ۾
انهن نگر جي ابن جي ڪارنامن تي ڪڙي طنز ڪيل هئي،
پر اُنجي لکڻيءَ ۾ پختائي ڪانه هئي. جهوني ليکڪ
نانڪرام ڌرمداس جو ”ڀارت جيون“ پاران 1946 ۾ شايع
ٿيل ”آرام محل“، هڪ وڻندڙ پنگتي ناول هو. پر جنهن
صورت ۾، هن مصنف جي اڪثر دستور موجب، ڄاڻايل ڪونهي
ته دليان جوڙيل هو يا ڪٿان ورتل، تنهن صورت ۾
اُنکي شڪ جو فائدو ڏيڻ کپي. ”ڀارت جيوت“ منڊل، جو
نؤنهال لکندڙن کي همٿائيندو هو، تنهن 1947 ۾ ج- ڊ-
آهوجا جو ناول ”راڻي“ ڇپايو، جو هن نوجوان ليکڪ جو
پهريون چڱيڙو سماجڪ ناول هو، ۽ ورهاگي کان اڳ
آخرين نڪتل اصلوڪو ناول ڏسڻ ۾ ٿو اچي.
فصل چوٿون
ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر
سنڌي نثر جي ڄمار جيڪڏهن اڄ شمار ٻه صديون آهي، ته
سنڌي ناٽڪ جي آورچا مني صدي مس ٿيندي. ڪارڻ اهو ٿو
ڏسڻ ۾ اچي ته ناٽڪ نويسيءَ جو فن ساهت جي ٻين شاخن
کان لکڻ ۾ اهنجو آهي، ڇو جو اهو رنگ ڀوميءَ (Stage) تي
ناٽڪ پيش ڪرڻ جي فن سان ڳنڍيو پيو آهي. ناٽڪ جي
ڪاميابي اُنکي اسٽيج تي ڪري ڏيکارڻ کانسواءِ مڪمل
ٿي ڪين سگهندي. اهو ليکڪ جنهن کي ناٽڪ ڪري ڏيکارڻ
جي ڄاڻ نه هوندي سو ناٽڪ جوڙڻ جو پورو علم پرائي
ڪين سگهندو، جنهن ڪري انهن ٻنهي هنڌن جا ڄاڻو گهڻا
ٿي ڪين سگهندا. تنهن هوندي به فخر جي ڳالهه آهي جو
انهيءَ ٿوري عرصي ۾ سنڌي ناٽڪ اُنهن مڙني دؤرن مان
لنگهي چڪو آهي جن ۾ ٻين مشهور ملڪن جي ناٽڪ
نويسيءَ ڪيترين صدين ۾ ترقي ڪئي—جئن اڳتي هلي
ڏيکاريو ويندو.
پر سنڌي ناٽڪ 19 صديءَ جي آخر ۾ وجود ۾ آيو تنهن
کان اڳ، ان صديءَ جي وچ کان وٺي، بمبئيءَ مان
ڪيتريون ناٽڪي پيشي واريون پارسي ۽ گجراتي ڪمپنيون
سنڌ ۾ اينديون هيون ۽ خلق ۾ ناٽڪن ڏسڻ جو شوقن
پيدا ڪري ڇڏيو هئائون، انهن مان مکيه هيون:
وڪٽوريا، آنفريڊ، گيٽي، کاٽائو، وانڪانير ۽ ديشي
ڪمپنيون، جي گهڻو تڻو ڌرمي ڪرامتن وارا کيل يا
شيڪسپيئر جا تواريخي ۽ ٻيا دکدائڪ ناٽڪ، اردوءَ ۽
گجراتيءَ ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪري ڏيکارينديون
هيون. تنهن وچ ۾ ڪي سنڌي ڌنڌوڙي ناٽڪ ڪمپنيون به
نڪتيون هيون، جهڙوڪ جمعدار (يا هيدرآباد جي ڪاساين
جي ڪمپني) ۽ جميلا ۽ رازل جون ڪمپنيون، جي اُهي ٻه
پيشيور عورتون هلائينديون هيون ۽ زنانا پارٽ به
ڪنديون هيون، جنهن ڪري ڏسندڙڻ کي ڏاڍي ڪشش ٿيندي
هئي. اءهي ڪمپنيون پهرئين آغا حسين عليءَ جو ”اندر
سڀا“ نالي مشهور سنگيت- ناٽڪ (opera) يعني
سمورو راڳن وارو کيل ڪري ڏيکارينديون هيون، ۽ پوءِ
آغا حشر ۽ ماسٽر رحمت جا لکيل سنسنيءَ ڀريا اردو
ناٽڪ ڪنديون هيون. مون کي چٽي سانڀر آهي ته انهن
کيلن لاءِ ايڏو خفت هوندو هو جو اسين ٻالڪ به،
هلنديءَ وارن مائٽن کان مفتي پاسون ڇڏائي، يا چئين
اٺين آني واري ٽڪيٽ وٺي، حشام ماڻهن ۾ وڃي وهندا
هئا ۽ رنگن روپن جي خوابي دنيا ۾ کوهجي ويندا
هئاسون.
اوائلي سنڌي ناٽڪ
سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جو عملبردار مرزا قليچ بيگ هو،
جنهن جو پهريون ناٽڪ ”ليليٰ مجنون“ 1880 ۾ لکيو
ويو ۽ سموروهندي ڏوهڙن جي طرز ۾ لکيل هو، پر اُهو
اسٽيج تي ڪرڻ ۾ ڪونه آيو ڇو جو تيستائين ڪابه ناٽڪ
منڊلي برپا نه ٿي هئي. سندس ٻيون ناٽڪ ”خورشيد“
هو، جو مرزا صاحب اول بمبئيءَ ۾ (جڏهن اُتي ڪاليجي
شاگرد هو) پارسي وڪٽوريا ناٽڪ منڊليءَ جو ”زر خريد
خورشيد“ نالي اُردوءَ ۾ ڪيل ڏٺو هو، ۽ پوءِ ان تان
سنڌيءَ ۾ آندو هئائين ۽ ڪراچيءَ ۾ سرڪاري بوڪ
ڊيپوءَ وارن 1887 ۾ ڇپايو هو. هن ناٽڪ نسبت مرزا
صاحب ديپاچي ۾ لکيو هو: ”منهنجو مطلب هو ته
پڙهندڙن يا ٻڌندڙن کي، حورن ۽ پرين ۽ جنن ۽ ملائڪن
۽ جادوءَ جي ڏيکن ۽ ٻين ناشدنيءَ جهڙين ڳالهين سان
واهپو نه رکارايان، پر اهڙي ڪا ڳالهه سندن هٿن ۾
ڏيان، جنهن ۾ دنيا جو وهنوار ۽ ٻي عام رواجي هلي
چلي چڱيءَ طرح ڏيکاريل هجي.... اگرچ هي قصو، اڳوڻڻ
بادشاهن ۽ قديم زماني جي رواج بابت رٿيل آهي ۽
تنهن ڪري ڳالهائڻ يا هلڻ چلڻ جي طرز به اڳوڻي
ڏيکارڻ جي ضرورت هئي، پر تڏهن به ڪوشش ڪري، اهڙي
تجويز ڪئي ويئي آهي، جو سڀ ڳالهيون، گهڻو ڪري،
هاڻوڪي وقت سان به لاڳو ٿي سگهن.“ مرزا صاحب جي
اها حقيقت پسنديءَ جي مراد جيتوڻيڪ ان زماني ۾
گهڻي قدر برثواب ٿي هئي، تنهن هوندي به چالو زماني
جي حقيقت نگاريءَ (Realism) موجب
هن ناٽڪ جا ڪيترا واقعا ۽ ڪردار رواجي هلي چليءَ
کان ٻاهر، تاشدني جهڙا ٿا لڳن. باقي ناٽڪ جي نائڪا
خورشيد بلاشڪ هڪ خود دار ۽ جريت ڀري سورمي آهي جا
سياڻپ سان، ڪيترن ڪوڙن عاشقن کان جند ڇڏائي،
پنهنجو سچو لائق عاشق پائي ٿي. هيءُ ناٽڪ به ڪيترا
سال اسٽيج تي ڪونه آيو، جيتوڻيڪ 1894 ۾ سنڌ ڪاليج
ڊرامٽڪ سوسائٽي جاري ٿي، پر ست سال جهونو ناٽڪ
شايد کين خيال ۾ نه آيو. نيٺ 1905 ۾ حيدرآباد جي
وڪيلن واريءَ ناٽڪ منڊليءَ کي هٿ چڙهي ويو ۽ انهن
ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو، جنهن جو ذڪر ان
منڊليءَ واري ڀاڳ ۾ ڪبو.
ٽيون جهونو سنڌي ناٽڪ هو ديوان ڪوڙيمل چندنمل جو
”رتناولي“ (1888)، جو راجا هرش ديو جي سنسڪرت
شاهڪار تان ترجمو ڪيل هو، ۽ منجهس لنڪا جي
راجمڪاريءَ ۽ ڀارت جي هڪ راجا جي پريم ڪهاڻيءَ جو
رمانوي ڍنگ ۾ ورنن ڪيل هو. پر هن ناٽڪ کي اسٽيج تي
اچڻ جو شرف اڃا تائين نصيب نه ٿيو آهي. ڪارڻ شايد
اهو آهي جو ان جو سنڌي ترجمو ڳورن سنسڪرت لفظن سان
ڳتيو پيو آهي، تنهن کانسواءِ منجهس زناني ۽ سوڀيا
۽ جوڀن جا وستار اهڙا بي پوشيدا ڪيل آهن، جو
منجهائن سنسڪرت جي ٻئي برک ناٽڪ ڪار ڀوڀوٽيءَ جي
”مالتي ماڌو“ جي بوءِ پيئي اچي. جيتوڻيڪ اهو
”شرنگهار رس“ پراچين سنسڪرت ساهت ۾ اڪثر موجود
هوندو هو، ۽ ڪاليداس جا ناٽڪ ۽ وير ڪوٽائون به اُن
سان ڀرپور آهن، ته به سنڌي جنتا کي اُهو اسٽيج تي
ڏيکارڻ شايد پسند نه پوي ها.
تنهن کانپوءِ مرزا قليچ بيگ ٻيا ٽي ناٽڪ لکيا:
هڪڙو رومانوي ”بڪاولي“ (1894)، ۽ ٻيا تاريخي
”نورجهان ۽ جهانگير“ (1896) ۾ ”نادر شاهه“ (1897)،
جي ٽيئي سکر واري جهوني المشتهر (Publisher) مستر
هريسنگهه ڇپايا هئا. پر پتو نٿو پوي ته ڇو اهي به
ڪڏهن ڪري ڏيکاريا نه ويا، جيتوڻيڪ تيستائين ڪراچي
ڪاليج منڊلي برپا ٿي چڪي هئي.
پهرين ”سنڌي ڪاليج“ ناٽڪ منڊلي
ياد رکڻ کپي ته ناٽڪي فن، ٻين فنن وانگر، پاڻ ۾ ئي
پورو نه آهي، جنهن کي صرف ڪتب خاني ۾ ويهي مطالع
ڪجي. ناٽڪ جو آخرين مقصد تڏهن پورو ٿيل سمجهبو
جڏهن ناٽڪ گهر Theatre ۾
اهو ڪري ڏيکاريو وڃي ۽ رنگ- ڀوميءَ (Stage) تي،
اداڪاريءَacting،
چترڪاري (Painting)،
وسترڪاري (Custuming)،
سنگيت (music) ۽
نرتيه(dancing) جي
ان کي پوري پوري واهر وٺڻي ٿي پوي. هڪ عالم جو چوڻ
آهي ته ناٽڪ هڪ مرڪب فن (Complex
art) آهي
جنهن جو مڪمل تاثير تيسين حاصل نه ٿيندو جيسين
رنگ- ڀوميءَ تي ڪري ڏيکاربو. تنهن
ڪري هن باب ناٽڪ نويسيءَ جي تاريخ سان گڏوگڏ مکيه
ناٽڪن جي رنگ ڀومي جي تاريخ ۽ اُتن اخبارن ۾ ٿيل
آلوچنا به ڏيندي اچبي، توڻي ان ڪري هيءَ فصل گهڻو
لنبو ٿي ويندو.
سنڌ ۾ پهرين ناٽڪ منڊلي، ڪراچيءَ واري ڪاليج جي
انگريز پرنسپال ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پارسي وائيس پرنسپال
بادشاهه جي اُدم ۽ جفاڪشيءَ سان 1894۾ برپا ٿي،
جنهن جو نالو ڏيارام جيٺمل سنڌ ڪاليج ايميچوئر
ڊرامٽڪ سوسائٽي رکيائون، ۽ ساڳئي سال ميٺارام
هاسٽل جي اڏاوت به شروع ٿي جنهن لاءِ فنڊ ڪٺو ڪرڻ
سانگي ئي ناٽڪ منڊلي ٺاهي هئائون. هيءَ منڊلي ڀريا
ويهه سال ناتال جي موڪلن ۾، حيدرآباد منجهه ٽي
راتيون: ٻه راتيون هڪ نئون نڪورو ناٽڪ ۽ وچين رات
اڳئين سال وارو ناٽڪ، ڪري ڏيکاريندي هئي. هن
منڊليءَ ۾ عام جنتا ۽ سنڌي ناٽڪ لاءِ ڪا جاڳرتا ۽
چاهنا پيدا ڪئي! اکيون پائي ويهبو هو ته ڪٿي ناتال
لڳي ته نئون ناٽڪ ڏسجي. انهيءَ زماني ۾، اڄ وانگر،
منٿون ميڙون ڪري ٽڪيٽون ڪونه ٻڌائبيون هيون. ماڻهن
جا ڪٽڪ ازخود، ٽڪيٽن واري دريءَ کلڻ کان ڪي ڪلاڪ
اڳ، اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا، ۽ سؤها ماڻهن کي نراس تي
ٿي موٽي وڃڻو پوندو هو، ڇو جو ”پادشا هال“ نالي
شاهي مانڊوي ۽ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ به ڪانه هوندي
هئي.
سنسڪرت تان ڌرمي ناٽڪ- تقدير جو فلسفو
|