ماستر عبدالله محمد قاسم پڻ فراخدليءَ سان لکندو
هو ۽ سندس مضمون ”انسان يا منک“ 1924 ۾ شايع ٿيو
هو. هن مضمون مان ماستر صاحب جي اشتقاقي ڄاڻ ۽ نيٺ
بي تعصب عبارت پڻ پڌري آهي:- ”انسان ڪنهن کي ٿو
سڏجي سا ڳالهه انسان لفظ ۾ ئي سمائي پيئي آهي.
’انسان‘ لفظ جو ڌانو آهي ’تسا‘ معنيٰ ڀل يا
غلطي.... انسان يعني ’خطا ڪندڙ‘..... پهاڪو آهي ته
’انسان خطا جو گهر آهي‘. ’انسان‘ لفظ جو ٻيو ڌانو
(اشتقاق) آهي.’انس‘ معنيٰ ’پنگت‘. انسان معنيٰ
’پنگت جو ڀاتي‘. انسان کي سنگت ۽ صحبت وڻي ٿي،
تنهن ڪري هو گهر ٺاهي ٺڪي دوستي رکي ٿو، يعني
سڀائون ۽ پنچاتون ٺاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو سڀاويڪ طرح
پنگت جو ڪوڏيو آهي...... منش، منک ۽ ماڻهو ساڳئي
بنياد وارا آهن. انگريزي لفظ `man` به
ساڳئي سنسڪرت ڌاتوءَ مان آهي. سنسڪرت ۾ ’من‘ معنيٰ
’ويچار ڪرڻ‘. ’منک‘ يا ’ماڻهو‘ اهو آهي جنهن کي
ويچار ڪرڻ جي شڪتي آهي. اها ويچار شڪتي آهي جنهنجي
ڪري انسان جو درجو جانورن کان مٿي آهي. حاصل مطلب
ته ’ماڻهو اهو آهي جو ويچار ۽ پوري ڳڻ ڳوت سان هلي
ٿو، ۽ جيڪو آڳو پيڇو نٿو ڳڻي سوڍور آهي.“ هڪ
نوجوان ليکڪ جو پهرين جيٺمل جي اثر هيٺ آيو ۽ پوءِ
پاڻ پرک مصنف ٿي پيو، سو هو آسانند مامتورام، جنهن
جو فلسفاڻو ليک ”حياتيءَ جي هستيءَ ۾ هيڪڙائيءَ جو
راز“ 1924 ۾ ڇپيو هو.
حيدرآباد ۾ مٿيون مخزنون بند ڪرڻ بعد، جيٺمل
ڪراچيءَ کي پنهنجي سمپادڪي هلچل جو مرڪز بنايو،
جتان 1929 ۾ ”پرڪاش“ اخبار جاري ڪيائين ۽ 1947 ۾
”روح رهاڻ“ وري شروع ڪيائين، جن ٻنهي جي ايڊيٽريءَ
۾ لعلچند امرڏنيمل کي پنهنجو ساٿي بنايائين. پر
ڪراچيءَ مان ”روح رهاڻ“ جو ايڪڙ ٻيڪڙ پرچو مس
نڪتو، جن مان جولاءِ 1947 واري جيٺمل جو ليک
”پيارو پيغبر“ پيو هو. ان مضمون ۾، چاليهن سالن جي
مطالع بعد نبي سڳوري جي زندگيءَ ۽ شخصيت جي ثنا
ڪندي لکيو هئائين:-
”ساري قرآن شريف ۾ ڪو لفظ هندستان جي آڏو نه آيو
آهي. پيغمبر صاحب جيوت ۾ دفعا چيو ’ڪهڙي نه
خوشبوءِ ٿي ان طرفان اچي!‘ٻئي دفعي سانوري نبيءَ
ڏي اشارو ڪيائين. ڪن حديث ڄاڻندڙن جو چوڻ آهي ته
اهو اشارو ڪرشن ڪنئيي ڏي ڪيل آهي.“
ساڳئي پرچي ۾ ديوان ليلارام پريچمند جو مضمون ”هم
سازي“ ڇپيو هو، جنهن ۾ هن سنڌي خواهه فارسي دان
بزرگ، شيخ سعدي شيرازيءَ جي هن نڪتي تي زور ڏنو هو
ته ”اهو آهي سچو ديندار جو خاوند جي خلقت سان مٺ
محبت سان ورتي ٿو، هيڻن سان همراهه ۽ مسڪينن جو
مددگار ٿئي ٿو“ مٿئين حوالن مان ”روح رهاڻ“ مخزن
جو ڌرمي ايڪتا قائم ڪرڻ وارو شاندار مقصد صاف ظاهر
آهي.
(7) ”ڦليلي“
حيدرآباد واري ”ڏيارام گدومل ڪاليج“ جي سالياني
انگريزي- سنڌي مخزن ”ڦليلي“ 1924 ڌاري شروع ٿي،
جنهن ۾ شاگردن جا لکيل سٺا سنڌي مضمون پوندا هئا.
مثلاً 1945- 46 واري پرچي جي سنڌي وڀاڳ ۽ رامڪرشن
آڏواڻيءَ جو ”سمراٽ چندر گپت ۽ ڪرمادتيه“ چڱو
تاريخي ليک هو، ۽ مرلي مکيءَ جو ”ولايت وارو“ پڻ
خاصو مذاقي مضمون مضمون هو. پرچي جو بهترين ليک،
جو تحقيق انعام کٽڻ جو لائق هو، سو هڪ شاگرد ڪرشن
ٻاٻاڻيءَ جو ”ڪيٽي مهراڻ“ هو، جنهن ۾ شئل شڪار جو
عاليشان اصطلاحي بيان ڏنل هو. هن شاعراڻي مضمون
مان هيٺيون حوالو پڙهڻ کانپوءِ ڪير نه عجب کائيندو
ته ههڙي هئڻ هار شاگرد جو قلم، جنهن ان کانپوءِ
ضرور ترقي ڪئي هوندي، ڇو خاموش ٿي ويو آهي:-
”واهوندو اڃا به وڌيو. لهرن جو زور وڌيو. ٻيڙي
تمام گهڻو لڏڻ لڳي. جنهن ڏس ڏي ڏس ته پاڻيءَ جي اڇ
ئي اڇ لڳي پيئي آهي. رڳو ڏورانهان هڪ ٻيٽاريءَ
ڌنڌلي ڏيکاري پي ڏني. اهو هو اسان جو شڪارگاهه،
ڪيٽي مهراڻ- ٻيڙيءَ جي لوڏن ڪري هينئون هارجي ويو.
منزل مقصد ڏسڻ جي خوشي ڪافور ٿي وئي. درياهه ڪن
پيو ماري، ڇولون پيو ڏئي.
دهشت دم درياهه ۾ جنت لهڙ لهريون لس ليٽ. (شاهه)
ڇولن ۽ ڇوهڪار ٻيڙيءَ کي ايترو ٿي ڌونڌاڙيو جو
ڪنهن ڪنهن مهل ٻيڙي ليٽي بينهه پاڻيءَ سان وڃي ٿي
ڇهي. پيٽ ۾ آڻن مانڌ، مٿي ۾ ڦيري، دل ڪچي، اندر جي
اندر ۾ پائي ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيسين.
توڙي چڪنن چاڪ ته به آه نه سلن عام کي.(شاهه)
ساهه سڪي ويو ڦڦڙي وٺي ويئي. سهسين سکائون ۽ ڌڻيءَ
در التجائون ڪيوسين.
”ڪپر ڪارونڀار، اُڪارين احسان سين،
لڳي ڪام لپيٽ هن غريبي غراب کي.“
هاڻ ڪيٽي ظاهر پي پسي، سڙهه لاٿائون. ٻيڙي ڦري
ڪناري رخ رکيو. مس مس لوڏوگهٽيو. پيٽ ۾ ساهه پيو.
ثابت لنگهيا سير لهرن لوڏيا ڪين ڪي،
وڃي پهتا پارکي نر تون منجهان نير.“
ٻن ڪمارين جا ليک جن کي به انعام ڏنا ويا هئا، سي
هئا:- ڪملا ڪيسواڻي جو سهڻو فلسفاڻو مضمون
”ڏوريان، ڏوريان، مَ لهان“، ۽ ساوتري ميرچنداڻيءَ
جو تاريخي مضمون ”اسانجو اتهاس“ جنهن ۾ سڪندر جي
سنڌ تي ڪاهه ۽ هار بابت سٺو بيان ڏنل هو، لکڻي ۾
اجايا سنسڪرت اکر ٽنبيل هئا، جهڙوڪ ٽٿا، پرنتو،
اڌڪ وغيره.
1926 واري نمبر ۾، منشي پريمچند تان، ان سال جي
ايڊيٽر ”اُتم“ جو ترجمو ڪيل”ساهت ۽ ڪلا جو سنيهو“
پيو هو، جنهن۾ ان نئين جڳ جي باني ساهتڪار جا
حقيقت شناسيءَ وارا ادبي اصول ڏنل هئا. هن پرچي ۾
بزرگ مصنفن جا مضمون: پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي جو
”استري ۽ سماج شيوا“ ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو
”شاهه جي وطن دوستي ۽ عالمد دوستي“ پڻ پيا هئا. ٻن
شاگردن جا ليک به ادبي لياقت وارا هئا: هڪڪاليجي
ڪڪيءَ جو ”جوش- انقلابي شاعر“، ۽ ٻيو هڪ ڪاليجي
وديارٿي جو ”جيهي جي تيهي، ٻانهي مان ٻروچ جي“.
1947 واري پرچي ۾ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو
”محبوب گل“ پيو هو، جنهن ۾ هن عالم ڪن شاسترن ۽
شاعرن جا مثال ڏيئي ڪنول گل جي وڏائيءَ جو وستار
ڪيو هو. اڳئين نمبر واريءَ گمنام ڪاليجي ڪڪيءَ ٻئي
معروف اردو شاعر ”غالب“ تي عمدو مضمون لکيوهو.
تنهن کانسواءِ سنڌي وڀاڳ جي سمپادڪ ”اُتم“ جا ٻه
ساميوادي مضمون، ”پريت نگر“ ۽ ”سوويٽ ڀومي“ به هن
پرچي ۾ پيا هئا. هن مخزن جو وڌيڪ احوال هٿ اچي نه
سگهيو آهي.
(8) ”ديش متر“
1925۾ هفتيوار اخبار ”ديش متر“، کيمچند ديٽارام
واسواڻيءَ جي سمپادڪيءَ هيٺ نڪتي، جنهن ۾ پنگتي
خامين دفع ڪرڻ بابت مضمون پوندا هئا. هن پتر جو
مکيه مضمون نويس ديوان واڌومل گنگارام هوندو هو،
جنهن جي صاف گو سماجي نڪته چينيءَ وارن ليکن:
”عامل ۽ ڀائيبند اصل ڀائر“، ”ڌرم- ڪرم (حيدرآباد
واسين جا رسمون رواج)، ”پئنچ- مکي- انهن جو اصل
نسل“ وغيره حيدرآباد پنگت جون اکيون کولي ڇڏيون
هيون. ”حيدرآباد جي هاڪاري شهر جي گذريل صديءَ جا
حال“ نالي مضمون مان، ديوان صاحب جي سماجڪ سڌاري
لاءِ اتساهه ۽ سندس خالص اصطلاحي عبارت جو مثال
ملي ٿو: ”ٻاهراڙين سان ڏاڍيءَ عزازت جو رستو هو.
شاديءَ مراديءَ منهه پائڻ، سانگي سان پيا ايندا
ويندا هواسون. مزمانن لاءِ سرايون، وهٽ، گاهه
داڻا، کارائڻ، اها وڏي هاج پئنچن تي هئي. اڄ ڪي
ڪينهي. محل موٽر واري وٽ به جي مزمان اچي ته ٽڪاڻي
ٽڪائيندس. گڏجاڻي، پرچاڻي، منهه پهت پائڻ، اهي
صحبت محبت جون ڳالهيون ميٽي ڇڏيائون. ڀت به بلين
بلين هوا ۽ ڇا ڀاو ڀائپي هئي! جاءِ نه لڀندي هئي
جتي وهارجن. جي ننڍا نڙ ورائڻ تي تهوڏا بهي واءُ
ڪندا هئا. گهر گهٽيون به هاڻ سوڙها ٿيا آهن، دل
وڏي ته سوڙهه ڪانهي.
”ڪيڏو نه سيڻن سان ايچ پيچ، آب آجيان هئي. وهٽ ڪجا
واگوڙ اچي گڏبا هئا. ٻڌن سهين ته اچن ٿا، وڃي دڳ
جهليندا، ڀاڪر پائي پيا وري وري پڇندا، پير چمندا،
جڏهن پير کڄين ڳراٽڙيون ڳتيون، ته به سڪ سمجهينئي
ڪين. آڻي پهچايائون، پوءِ ته امي، دادي، ماسيون،
ميڙ مڙي ويندا، ميڙو لڳندو. کلندي کيڪاريندي ڪن کي
لڙڪ لهي ايندا، ڳالهين پڄني نه، ٻارن جو ناچ، ڇيڄ،
ڪو ڪلهي ڪو هنج، هر هر پيا تنکي کڻن لاهن. ايڏا جن
سان ارواح سي ”جيءُ“ تي جواب ڏيندا، ويل ڪين
وڃائيندا.... پوءِ اماڻڻ اوسيرا، هنڌ خرزينون
سنڀرائڻ،. جيئن منزل کان اڳ سج ڪني نه ڪڍي. اها سڀ
هاج پئنچن پرين مڙسن ٿي ڪئي. رڳو تون مون جي ڪرڻ
جي نه آهي. اڄ نڪو پارو، نڪا واٽ! ڪهڙو پريان
ايندو؟“
1929 ۾ ”ديش متر“ جي انگريزي ڪالمن ۾ پروفيسر
لالسنگ اجواڻيءَ هڪ مضمون لکيو هو، جنهن ۾ پنگتي
خرابين لاءِ زال کان وڌيڪ مرد کي جوابدار ٺهرايو
هئائين. انهيءَ نظريي تي اخبارن ۾ گهڻي واد وواد
هلي هئي، جنهن جي جواب ۾ اجواڻي صاحب وري به هڪ
ليک انگريزي ۾ ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ لکيو هو جنهن جو
سروهو ”پنگت جي خامين لاءِ زالون جوابدار آهن ڇا؟“
اهو مضمون هن صاحب جي سنڌي زبان ۾ قلم آزمائيءَ جو
اوائلي ۽ عمدو نمونو ٿو ڏسجي. ڪراچي ڪاليج مسلنيءَ
۽ ٻين مخزنن ۾ سندس مضمون پوءِ پوڻ لڳا.
(9) ”سنڌو“
1932ع ۾ بولچند راجپال مشهور ماهوار علمي مخزن
”سنڌو“ برپا ڪئي، جا رامانند چئٽرجيءَ جي ڪلڪتي
مان نڪرندڙ نامور انگريزي مخزن ”ماڊرن رويو“ جي
اصولن تي، باوجود انيڪ مشڪلاتن جي، ڀريا 15 سال
چالو رکندو آيو. سنڌ ۾ پهريون ”سنڌي ساهت سميلين
سڏائڻ جو شرف پڻ راجپال صاحب کي مليل آهي، جو ان
مخزن جي سهاري هيٺ شڪارپور ۾ سڏايو هئائين. هن
مخزن جي اٿاهه ادبي خزاني مان هيٺيان تفصيل
1940کان 1946 وارن پرچن مان ڏجن ٿا. بولچند صاحب
خود پنهنجن مهتممي نوٽن ۾ موزون آرٿڪ ۽ سياسي رايا
ڏيندو هو، وگياني ڇٽڪا لکندو هو ۽ ڪن صوفين ۽
شاعرن جي جيون چرتر ۽ ڪلام تي مضمون به لکندو هو.
سندس مکيه ادبي ليک هئا: ”درويش بيدل جي سوانح
عمري“ (جنوري 1946)، جو پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڪڍيو
ويو، (رامانند چئٽرجي“ (ڊسمبر 1943) ”روحل فقير ۽
سندس سنڌي ڪلام“ (جنوري 1946) وارو صوفي پرچو).
سندس قومي مضمون هئا: ”نئين آدرشي دنيا“ (مارچ
(1944) ”هندستان لاءِ مالي سڌاري جي تجويز“ (مئي
1944)، ”تواريخي يادگارن جو بچاءُ“ (جون 1944)،
”نئين سنڌ“ (مئي (1946). سندس ساٿي ايڊيٽر ماڌو
داس شوالو مل پڻ ڪي ليک لکندو هو، جن مان سندس
تاريخي مضمون هئا: ”مغل شهنشاهن جا تخت“ ۽
”انگلينڊ ۽ هندستان جا تعلقات“ (سندس جواهر لعل
نهروءَ جي جيوتيءَ تي ڪتاب مان).
هن مخزن جو اهم ترين مضمون نگار ڀيرومل مهر چند
هو، جنهن جا هر قسم جا ادبي، لغتي، تعليمي،
تاريخي، پنگتي وغيره ليک استاد جي اپار ۽ اونهيءَ
کوجنا سان ڀرپور هوندا هئا. سندس مضمون اڪثر ٽن
چئن قسطمن ۾ پورا ٿيندا هئا ۽ لکيل به سندس سنڌي
سنواٽي، هيٺ ۽ پختي سنڌيءَ ۾ هوندا هئا. انهن مان
مکيه هئا: ”شاهه عبداللطيف جو سئر“ (جنوري 1942
کان شروع، جي پوءِ ”لطيفي سئر“ ڪتاب ۾ ڇپيا
هئائين)، ”ٻولي ۽ تهذيب تاريخ جوڙڻ جي نئين واٽ)“
(جنوري1944)، ”تاريخن ۾ غلطيون“ (فيبروري 1944)،
”لوڪمانيه تلڪ جون ڪيل کوجنائون“ (اپريل 1944)،
”سنسڪرت ۽ ديوناگريءَ بابت ويچار“ (جنوري-
فيبروري1945)، ”مرزا قليچ بيگ“ (جولاءِ1945 کان
شروع)، ”ڀائي دلپترام صوفي“ (جنوري1946 کان شروع)
”ڪبير شاهه“ (سنڌي شاعر-اپريل1946)، ”ڀائي ڪنوررام
جي ڀڳت“ (آگسٽ1946)، ”دسهڙو ۽ ڏياري“
(سيپٽمبر1946)، ”حيدرآباد جا هاءِ اسڪول“ (آڪٽوبر
1946 کان شروع)، ”سنڌو ۽ مهراڻ“ (نومبر1946)،
”ڌرمشٽ ماءُ ۽ ڌيءُ جي ڪهاڻي“ (حيدرآباد ۾ اوائلي
شيخن بابت- ڊسمبر 1946).
ٿورو لکندڙ، پر گهڻي ڄاڻ رکندڙ بزرگ اديب ۽ تعليمي
ماهرماهر ديوان ڏيارام وسڻمل، تنهنجا سنڌي ٻوليءَ
۾ تعليم جي مسئلن تي عالماڻا ليک پڻ ”سنڌو“ ۾ وقت
به وقت پوندا هئا: ”سنڌي ٻولي ۽ ديوناگري لپي“
(جنوري 1944)، سنڌي ٻوليءَ جو خصوصيتون“ (”سنڌو
ساهت ڪلب“ ڪراچيءَ جي سهاري هيٺ ڪيل تقرير- جولاءِ
1944)، ”سنڌ لاءِ جدا يونيورسٽي“ (آگسٽ 1945)،
”قومي ٻولي“ (”هنديءَ ۽ اردو جو معاملو“ ڊسمبر
1945)، ”ڌرمي تعليم“ (آڪٽوبر 1946). ڏيارام صاحب
جي لغتي ڄاڻ ۽ سرل ۽ سپڪ سنڌيءَ جو نمونو ”سنڌي
ٻوليءَ جون خصوصيتون“ مان ملي ٿو:- ”سنڌي بوليءَ
جي هر هڪ لفظ جي پڇاڙي هڪڙي نه ٻي سر سان ٿئي ٿي،
پوءِ اهو لفظ نج يا اصل سنڌي هجي يا ٻيءَ ڪنهن
ڌاريءَ ٻوليءَ مان آيو هجي. مثال طور طور ڪي اسم
وٺو، کٽ، بلا، دري، پٽ، زردالو، نوي، شيءِ، ڀؤ
وغيره. ٻوليءَ جي سڄي ويا ڪرڻي بناوت انهن پڇاڙيءَ
جي سرن تي منحصر آهي... مطلب ته ڪوبه لفظ سنڌيءَ ۾
اهڙو نه ٿيندو جنهن جي پڇاڙي ۾ سر نه هجي يا جو
’ساڪن‘ هجي. ڪيترا لفظ عربيءَ مان سنڌي ۾ آيا آهن
جهڙوڪ: نصيحت، طاقت، فرياد، انصاف، جائداد، روشن،
هنن لفظن جي پڇاڙي اصل ٻوليءَ ۾ ساڪن آهي، پر سنڌي
ٻولي ۾ انهنجي پڇاڙي سر سان ٿئي ٿي، جئن ته نصيحت،
طاقت، فرياد، انصاف، جائداد، روش، ساڳيءَ طرح وٺو
ٻه چار انگريزي لفظ: بال، بورڊ، ٽڪيٽ، ٽرنڪ، اهي
لفظ سنڌيءَ ۾ ٿيا آهن: بال، بورڊ، ٽڪيٽ، ٽرنڪ،
جيڪي لفظ ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ اچن ٿا سي گهڻو
ڪري پنهنجا اُچار قدري بدلائين ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾
اهائي بدليل صورت قائم هئڻ گهرجي. سنڌي ۾ اهڙن
لفظن جو اصلوڪو اُچار ڪرڻ کل جهڙو ۽ بيهودو پيو
لڳي. |