اعرابن جو مسئلو پيرومل مهر چند ”مهراڻ“ مخزن ۾
وري اُٿاريو هو، جڏهن نئين سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون“
سري هيٺ، مارچ 1945 واري انڪ ۾، سرڪار تعليم کاتي
لاءِ نئين ڊڪشنري جوڙڻ جي موقعي تي پنهنجا جهونا
دليل نه دهرايا هئائين. اُن تي نئين سر بحث ڇڙي
پيو ۽ هيٺين ليکن جو سلسلو ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو
هو:-
”پروفيسر پيرومل مهر چند جي سنڌي ڊڪشنري ۽
اعرابون“
- پروفيسر پوڄراج ناگراڻي—سيپٽمبر 1945،
”نئين سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون“ (پروفيسر نگراڻي کي
جواب)
- پيرومل مهر چند نومبر 1945)
”اعرابن بابت منهنجا ڪي ويچار“
- پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ڊسمبر 1945،
”اعرابن بابت ويچار“ (پروفيسر ملڪاڻيءَ کي جواب)
- پيرومل مهر چند—مارچ 1946.
مخزنن ۾ تنقيدي مضمون
سنڌي ساهت ۾ جيئن تازا ڪتاب نڪرندا وڃن تيئن اُنهن
تي مخزنن ۽ اخبارن ۾ آلوچنا ڪرڻ جو رواج دير سان
پيو. آءٌ سمجهان ٿو جيٺمل ۽ سندس نائب مهتمم ڇتومل
ٿڌاڻي نون ناٽڪن جي نڪتچيني نهايت سڌريل ۽ موزون
نوع ۾، پهريون ئي دفعو 1923 ۾ شروع ڪئي. 1923 ۾ جا
رابندراناٿ ناٽڪ منڊلي ٺهي هئي، تنهنجي ڇپايل ۽
ڪري ڏيکاريل خانچند درياڻيءَ جي نئين طرز لکيل
ناٽڪن ”ملڪ جا مدبر“ ۽ ”رتنا“، ۽ لعلچند امر ڏنيمل
جي ”عمر مارئي“جي ادبي توڙي ناٽڪي تڪ تور ڇتيمل
صاحب ”ڀارتواسي“ جي 1923- 24 وارن پرچن ۾ ڪئي هئي.
جيٺمل صاحب پاڻ به درياڻيءَ جي ”موتئي جي مکڙي“ ۽
لاڙڪاڻي واريءَ چانڊڪا ناٽڪ منڊليءَ جي کيلن
”منوهر نانگڻ“ ۽ ”سورداس“ جو اندازو لڳايو هو،
جڏهن اهي ڪوي بيوس جا ناٽڪ 1925 ۾ حيدرآباد ۾ ڪري
ڏيکاريا ويا هئا. لعلچنڊ امر ڏنيمل پڻ ڀاڳسنگ
آڏواڻي جي ”گماني گهمسان“ (Othello) ناٽڪ
جي ڪٿ 1925 ۾ ڪئي هئي. مٿئين اسٽيج تي آندل ناٽڪن
تي سمالوچنا مان حوالا ناٽڪ نويسيءَ واري فصل ۾
ڏنا ويا آهن.“
”ڀارتواسي“ ۾ ٻين نون نڪرندڙ ڪتابن جي تنقيد به
ڪئي ويندي هئي. 17 مئي 1925 واري پرچي ۾ جيٺمل
صاحب هڪ اوائلي مضمون ”ساهتي نڪتچيني“ لکيو هو،
جنهن جي دؤران ۾ پرنسپال تيجومل شهاڻيءَ جي .گوڪلي
جي حياتي“ جي ڪٿ ڪئي هئائين. اُن مضمون جي هيٺين
ٽڪرن مان جيٺمل صاحب جي موزون تنقيدي اصولن ۾
اُنهن جي استعمال جي پروڙ پوي ٿي:-
”اسان وٽ اڃا نڪته چينيءَ پنڌ ئي ڪونه ڪيو آهي!
ساهت تي نڪته چيني جيڪڏهن نه ٿيندي، ته نڪي ساهت
وڌندو يا سڌرندو نڪي ڪا دماغي ترقي ٿيندي. فڪر نه
آهي جيڪڏهن نڪته چيني ڪڏهن ڪڏهن ڏنگو رخ به وٺي،
ته به نڪته چيني ڪڏهن ٿئي ٿي ته ڌريون ٿيو پون.
ڌريون ٿيڻ به سڀاويڪ آهي، ۽ ضرور ٿينديون ۽ اسان
جورڳو چوڻ آهي ته کل سنهي نه رکڻ کپي. نڪته چيني
سخت ۾ سخت سهڻ واري کل ڌارڻ کپي، نڪته چيني ڪندڙن
جي به کل سنهي ٿي ٿئي!انهن تي وري جي نڪته چيني
ٿئي ، ته سندن کل اهڙي سنهي ٿي ٿئي جو ڪک ڇهڻ سان
رت نڪريو اچي. اها حالت اوائلي آهي ۽ پر جڏهن نڪته
چيني پوري ۽ سڌي ايندي، ته ترڪ تال واري ۽ اڻ سنڌ،
تڏهن نڪته چينيءَ مان سواد ايندو ۽ اها نڪته چيني
خود ساهت جو هڪ چڱو ڀاڱو ٿيندي.
”تازو جيڪا ’گوڪلي جي حياتي‘ تي نڪته چيني اخبارن
۾ پي ٿي آهي سا به هڪ نموني جي نڪته چيني آهي!....
سڀاويڪ آهي ته اهڙي ڪتاب تي مختلف راءِ ڏني وڃي.
نڪته چينيءَ جي ميدان ۾ به سنڌيءَ جا بانڪا گِهريا
آهن. پهريون باڪو مسٽر ڀيرومل مهرچند آهي، جنهن کي
’گوڪلي جي حياتي‘ بلڪل ناپسند آهي. نه رڳو مضمون ۾
پر سنڌيءَ جي عبارت ۾ پڻ وري. مسٽر لعل چند چوي ٿو
ته مضمون جي ڳالهه ۾ منهنجو واسطو ڪونه آهي، پر
عبارت ته چڱي آهي.
”سو ڀائي، جتي مسٽر پيرومل جهڙو هڪڙو بانڪو اٿي
چوندو ته سنڌي پوري نه لکيل آهي، ۽ مسٽر لعلچند
پارو چوندو ته سنڌي چڱي لکيل آهي، تتي اسين جي
فتويٰ جو بوجو پاڻ تي کڻون تنهن لاءِ اهڙي ضرورت
ڪانه آهي. اسان جو لکڻ آهي ته سنڌي ساهت مس ٿو
شروع ٿئي، خاص ڪري نثر جي ته شروعات آهي. ٻولي فقط
خيال جو واهڻ آهي، ۽ نثر جا عمدا ڪتاب اڪثر ڪري
اهي لکندا جن کي اڄڪلهه انگريزي جو چڱو محاورو
آهي، چڱا ڄاڻو پروفيسر ساهتي، تواريخي، علمي، ڪتاب
سنڌيءَ ۾ لکندا تڏهن سنڌي وڌندي، نه ته سنڌيءَ جو
نثر ٺهي ڪونه سگهندو. هاڻي اها ته خوشي۽ شڪر جي
ڳالهه آهي ته ڄاڻو پروفيسرن سنڌي ۾ قلم کنيو آهي.
هو پنهنجا خيال ظاهر ڪن تڏهن سنڌ جي ماڻهن جي
دماغي ترقي ٿئي.... جيڪڏهن هو رواجي سنڌي لکي وڃن
ته بس آهي، پر جيڪڏهن سنڌي ڪتابن کي، اونچي سنڌي
نه هئڻ ڪري قبول نه ڪيو، ته نئين ساهت کي به آهي
جواب!
”اسان جو نماڻو رايو آهي ته جيڪا مسٽر ڀيرومل،
مسٽر تيجو مل جي ڪتاب تي عبارت جي باري ۾ نڪته
چيني ڪئي آهي، تنهن جي آڏو پورو پورو دليل ۽ حقيقت
ڀريو جواب ڏيئي سگهجي ٿو. مثلاً هڪ خاص گفتو جنهن
تي مسٽر ڀيرومل کي رنج ٿيو آهي سو آهي ته مسٽر
تيجومل ’من جي چائنٺ‘ ڪم آندو آهي. مسٽر پيرومل ٿو
لکي ته من جي چائنٺ ڪئن لکبو، تڏهن چپ جي چائنٺ ۽
نڪ جي چائنٺ به کڻي چئجي! جواب هي آهي ته مسٽر
تيجومل جو من رڳو سنڌي ساهت سان ڪونه ڀرجي ويو
آهي، پر هن جو من انگريزي ساهت سان به ڀريل آهي.
انگريزي ساهت جو ڄاڻو ’من جي چائنٺ‘ واري گفتي کي
هڪ اڪثير گفتو سمجهندو ۽ حد خوش ٿيندو، ڇو ته
پروفيسر هڪ سهڻي انگريزي گفتي کي پورو پورو سنڌي
لباس ڏنو آهي انگريزي ۾ گفتو آهي Threshold
of the mindانگريزي
ساهت جي ڄاڻن به ’من جي چائنٺ، ڪم آندو آهي، نڪ جي
چائنٺ ڪونه ڪم آندو اٿن، نڪي مستر تيجومل نڪ جي
چائنٺ ڪم آندو آهي، مستر ڀيرومل جو چوڻ آهي ته
پروفيسر جي سنڌي چڱي نه آهي ڇو ته چيو اٿس ’ڏٻرو
درياه‘ پر مسٽر لعلچند چويس ٿو ته خود شاهه لطيف
ڪم آندو آهي. ’متو‘ يعني متارو درياه!
”اهڙي طرح مسٽر تيجو مل جو من ڪو گجراتي ساهت سان
به ڪجهه قدر ڀريل آهي، جنهن ڪري سندس لکڻ ۾ ڪٿي
ڪٿي اها به پيئي بوءِ اچي. پر انهي ڪري پاڻ سنڌي
ساهت جو فائدو چئبو ڪين نقصان!.... قصو ڪوتاه،
نڪته چيني ڀل ٿئي، اسين خوش آهيون. پروفيسر جي
مضمون تي به خوب نڪته چيني ٿئي ته اها ڳالهه بهتر
آهي.... اسين ته کيس چئون ٿا ته خوب پنهنجي علميت
۽ قابليت کي سنڌيءَ جي قلم دواران کولي. اسان کي
ته سندس سنڌي پسند آهي.“
”ڀارتواسي“ 10 آڪٽوبر 1925 ۾، جيٺمل صاحب، لعل چند
امر ڏنيمل جي ”سون ورنيون دليون“ تي هيٺين آلوچنا
ڪئي هئي:- ”هي ڪتاب يورپ جي نهايت مشهورناولن مان
هڪڙو آهي. نالو اٿس ’هاٽس آف گولڊ‘. مسٽر لعلچند
امر ڏنومل جڳتياڻي بي- اي- اهو ڪتاب سنڌي ۾ آندو
آهي. ڪتاب جي جهڙي سنڌي آهي سٺي، سولي، ۽ سلوڻي
تهڙي آکاڻي آهي دل ڀڄائيندڙ ۽ اُتم درش
ڏيکاريندڙ..... هيءَ نماڻي نينگرمامڪ پيار کي ڇڏي،
سچي پچي قرباني ٿي ڪري. پوءِ ڀاڙا به اهڙا ٿا
ملنس. هنجي قرباني ۽ هنجو پيار ڪئن اڳلن ۾ به سچي
ساڃهه ٿو پيدا ڪري، سا ڳالهه هن ناول ۾ پيل آهي.
هر هڪ گهر ۾، نينگرين کي خاص ڪري هي ’سون ورنيون
دليون‘ پڙهڻ گهرجي.“
”ڀارتواسي“ 29 نومبر 1925 ۾، لعلچند امرڏنيمل،
پرمانند ميورام جي ”گل ڦل“ تي هيٺيون تبصرو ڪيو
هو:- ’گل ڦل‘ نالي ڪتاب ’جوت‘ اخبار جي طرح طرح جي
مضمونن مان چونڊي ڇپايل مسٽر پرمانند ميوارام جو،
عبارت جي لحاظ وٽان، سنڌي ساهت جو هڪ ناپئد ڪتاب
ٿيندو. سنڌي نثر کي هاڻو وَرُ ’جوت‘ واري ڏياريو،
انهيءَ ڳالهه ۾ ته شڪ ئي ڪونهي ’جوت‘ اخبار کي
نڪتي 30 ورهيه ٿيا. هيترن سارن مضمونن مان، هن ٻن
سون صفحن واري ڪتاب لاءِ چڱي چونڊ ڪيل آهي....
پڙهندڙ هن ڪتاب جا پرت اٿلائيندو ته منجهائنس هر
هڪ وٽ جو سواد وٺي سگهندو.... مسٽر پرمانند
ميورارام عبارت جي باري ۾ اٽڪل شٽڪل مان ڄاڻيئي
ڪونه. اُنهي ڏس ۾ مرچ مصالحي ٻرڪڻ کان پاڻ سدائين
دور رهيو آهي. سڀاوي جئن اچيس تيئن لکندو وڃي. نڪا
کيس اها اون رهي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ کي ’شد‘ ڪريان
يا اُن کي دين جي گهوڙي تي چاڙهي مسلمان بنايان!
سندس ويچارن سان اڳلو ڪٿي ڪٿي کڻي ساڻس مخالفت رکي
به، پر عبارت سندس اهڙي سليس ۽ پڪي آهي، جو خود
وروڌي به سندس انصاف مڃيندا آهن.
”هي ڪتاب نه رڳو واندڪائيءَ جي وندر ٿي سگهي ٿو،
پر گنڀيرتا ۽ سنجيدگيءَ واري سکيا سان به ڀرپور
آهي. البت جئن مون مٿي ڄاڻايو، ته گنڀير گيان جون
ڪي ڪي ڳالهيون منجهس اهڙيون اچن ٿيون، جن سان
جهوني زماني وارا پير مرد ساڻس کڻي شامل راءِ
ٿيندا، پر نئين زماني وارن مان نه رڳو اها اميد نه
ٿي رکي سگهجي، پر هو مرڳو ڏاڍي سندس مخالفت ڪندا.
مثلاً پڇاڙيءَ واري مضمون ۾ ’ڇينڀ ۽ مار، ٻار جي
سنوار‘ وارو سياڻي سليمان جو قؤل، منوگياني وديا
پٽاندڙ، هڪڙو اهڙو قول آهي، جنهن جي بد اثر کان
سيکاريندڙ ۽ تپائيندڙ جيترو ستت پاڻ ڪڍائي آجا ٿين
اهڙو اڄوڪي سمي جي ابهمن توڙي اُنهن سيکاريندڙن ۽
نپائيندڙن لاءِ چڱو..... ڪي ڪي مضمون ته اهڙا
اثرائتا آهن، جو هنياو ۾ گهريو وڃن. ڇا چئجي سندن
سنجيدگي، ڇا چئجي سندن سپڪائي! انهيءَ ڏس ۾
’جواهرن جي موٽ‘، ’گهر جي راڻي‘، ’ٽئٽنڪ جهاز جي
هڪ عجيب ڳالهه‘، ”سورهيائي ته ههڙي‘، ’پليگ- هڪ دک
ڀريو احوال‘ مضمون خاص پڙهڻ وٽان آهن..... اُميد
ٿي ڪجي ته سنڌيءَ جي پيار وارا هي ڪتاب پڙهي گهڻو
ئي لطف پرائيندا.“
بولچند راجپال جي برپا ڪيل ”سنڌو“ مخزن ۾ به وقت
به وقت، ترجمو ڪيل توڙي اصلي لکيل نون نڪرندڙ
ڪتابن تي ديريني آلوچنا پوندي هئي، جنهن ۾ لکندڙن
جا عيب ۽ ثواب نهايت همدرديءَ سان کولي ڏيکاريا
ويندا هئا. هيءَ آلوچنا مهتمم پاڻ ڪندو هو يا ڪي
ٻاهريان نقاد ڪندا هئا. ڪن حالتن ۾ ته وڏي پيماني
تي وچور وار، تنقيد ڪئي ويندي هئي، جا بعضي نهايت
سخت هوندي هئي، پر نه دل آزاريءَ يا ڀڃ ڊاهه واري،
۽ نام ڪٺين ليکڪن مان به ڪين ٽرندي هئي، جنهن جا
ٻه مثال ڏجن ٿا. لعلچند امرڏينمل ۽ ڊنگيمل ٿڌاڻيءَ
جي لوڪ- ناٽڪ ”سهڻي ميهار“ جي، جنوري 1941 واري
پرچي ۾، ناٽڪي اصولن جي علم مطابق، هن ريت تڪ تور
ڪيل هئي:- ”هن چوپڙيءَ تي جيڪڏهن مسٽر لعلچند جهڙي
سنڌي ڄاڻوءَ جو نالو نه هجي ها ته شايد سمالوچنا
جي ضرورت نه پوي ها.... شاهه جي رسالي مان سورمن ۽
سورمين جي عشق جو ميزان لڳائڻ مشڪل ناهي، پر اُنهن
پاڇن ۾ جان ڦوڪي، ٻن ٽنگن تي سڌو سنئون بهاري،
انساني رنگت ۽ ذوق سان زندهه ڪرڻ آسان نه آهي. شعر
شايد فقط صوفياني خيال سان به سهڻو ٿي سگهي ٿو، پر
رنگ ڀوميءَ جي ويس وڳن ۽ عمل جي ضرورت آهي. ناٽڪ ۾
خيال ۽ چرتر، عمل مان ظاهر ٿيڻ گهرجي، پر هتي عمل
جي اڻاٺ بلڪل عدم موجودگي آهي.
ڪتابڙيءَ مان ناٽڪي 71 صفحا چئن ڀاڱن ۾ وراهي
سگهجن ٿا، جن جو هڪ ٻئي سان خاص گهرو لاڳاپو
ڪونهي.... ٽيون حصو ته بنهه خود ساخته، واهيات،
اجوڳ ڪارروائيءَ کاتي آهي، جنهن ۾ سهڻيءَ جو پيرسن
پيءَ، ميهار جي سابق جوان نوڪرياڻيءَ مٺل سان عشق
بازي ٿو ڪري. باقي چوٿين حصي ۾ ميهار ۽ سهڻي داخل
آهن. ميهار ڪير آهي، ڪيئن سهڻيءَ سان ڏيٺ ٿئيس
ٿي..... وغيره، ڪٿي به ڪونه ڏيکاريو ويو آهي. نه
ڳرو ايترو پر خود سهڻيءَ سان ڪهڙا تعلقات اٿس، ڪن
ماڻهن کي اُن جو پتو آهي يا نه.... تنهنجو ڪوبه
ذڪر ڪونهي. مورڳو جڏهن 70 صفحن کانپوءِ پهريون
دفعو سهڻي غيب جي پردي مان نڪري نروار ٿئي ٿي ته
هوءَ يڪدم اهڙي بي حيا، بد فضيلت روش اختيار ڪري
ٿي، جا وسهڻ کان ٻاهر آهي. مان سمجهانٿو ته فقط
ليکڪن جي شهري دماغ ۾ سهڻيءَ جي پنهنجي ٻڍي پيءَ
اڳيان يار کي ڀاڪر پائڻ ۽ چميون ڏيڻ جهڙو ناجائز
فعل اچي سگهي ٿو.... ميهار به هڪ عجيب انسان
پيوڏسجي. هو سهڻيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اهڙو آتو ڪونهي
جهڙو خواهه مخواهه پاڻ کي عذاب ڏيڻ ۽ عاشق جيئڙو
ثابت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. ڪٿي به ڏيکاريو نه ويو آهي
ته سندن وچ ۾ رنڊڪ ڪهڙي آهي ۽ اها رنڊڪ ڪهڙن سبب
ڪري هٽائي نٿي سگهجي.... ٻولي سٺي آهي، پر هالو
چالو زماني جي نه هئڻ سبب ناٽڪ جي ڏانو جي ناهي.
ڪٿي ڪٿي ته ڦلهڙائيءَ سبب لفظ ٺهڪي نٿا بيهن.
لالچند امرڏينمل جڳتياڻيءَ جهڙي خاص ڄاڻوءَ ۽ اديب
مان هن جهڙي خسيس ناٽڪي ڪتاب جي اميد نه هئي.“
ڪلياڻ آڏواڻيءُ جي ”شڪنتلا“ ناٽڪ جي ترجمي جو
اندازو 7 آگسٽ 1946 واري پرچي ۾، اجهو هينئن لڳايل
هو:- ”اسان ’شڪنتلا‘ کي ور ور ڪري پڙهيو آهي.
سنڌيءَ کي سپڪ ۽ سوادي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي
جنهن ۾ ليکڪ گهڻي قدر ڪامياب ٿيو آهي. پر ڪٿي ڪٿي
بي موقائتا ۽ اڻ ٺهڪندڙ سنڌي ۽ فارسي اکرن ۽ خيالن
جا مرڪب ۽ استعاره موجود آهن جي ٻوليءَ کي ڪجسو ۽
بي رس ٿا بڻائين. (مثلاً) مٺوجنون—خوش خرام
اپڇرائون- اچرجناڪ دماغي سوجهي—راجا جي
حرمسراءِ—دل و جان سواگت—آشرم.... جشن گاهه
وعيره. پستڪ ۾ نج فارسي ۽ عربي اکر جهڙوڪ:
شغل—راز—حيف—عليل بيتاب—رخصيت—دز –دستانا وغيره.
يا انگري ڀاشا جا اکر جهڙوڪ ممي(Mamme)-
ربين(Ribbon) بينچ (Banch) ۽
پوليس(Police) وغيره.
يا زياده اؤکا هندي ۽ سنسڪرت اکر جهڙوڪ: ڪوتڪ-
ورش- اسٿت- اُچت- الوپتا- اوک- پرٽڪار- چتونا جهڙا
اکر ڪم آندا ويا آهن. انهن بجاءِ جي سليس سنڌي
ڀاشا جا دلڪش اکر ڪم آندا وڃن ها ته ڪهڙو نه چڱو
ٿئي ها.... اهي خاميون جيتوڻيڪ رواجي آهن، پر ته
به ڪتاب جي سونهن کي جهڪو ٿيون ڪن.... پروفيسر
بنيجا جو مهاڳ ڪتاب کي کڻي بيٺو آهي. ’شڪنتلا‘ هر
هڪ سنڌ واسيءَ کي پڙهي ليکڪ جي محنت جو قدر ڪرڻ
کپي.“ اهي ٻئي ناٽڪ اسٽيج تي ڪڏهن ڪونه آيا آهن.
پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي خود به ”سنڌو“ مخزن جو زياده
نويس ادبي کوجنا ڪندڙ ليکڪ هو. سندس پهريان ٻه
مضمون فارسي شاعرن بابت هئا، جي سندن اڻ ڇپيل ڪتاب
”معروف هستيون“ مان ورتل هئا: ”نورالدين ظهوري“
(مئي 1940) ۽ ”نظامي“ (جنوري 1941). سندس فلسفاڻو
مضمون ”واڍورڪي مهني“ (چرين جي اسپتال) 1943 ۾
ڇپيو هو. تنهن کانپوءِ سنڌي شاعرن جو باقاعدي ادبي
اندازو لڳائڻ شروع ڪيائين. اهي نوَن ۽ گوناگون
موضوعن وارا مضمون هئا: ”شاهه جي رسالي ۾ تشبيهون“
(فيبروري 1944)، ”ساميءَ جي سلوڪن ۾ تشبيهون“ (مئي
1944)، ”شعر ۽ شاعري“ (جنوري- فيبروري 1945)،
”سنڌي شاعرن جو هندي ڪلام“ (نئشنل ڪاليج حيدرآباد
جي ”هندي سرڪل“ ۾ ڪيل تقرير جو خلاصو- مارچ 1946)،
۽ ”شاهه جو عاشقانه ڪلام“ (سيپٽمبر 1946). پروفيسر
آڏواڻي ۽ ادب کانسواءِ ٻين لطيف فنن تي به ڄاڻ
وارا ليک لکيا هئا: ”عام موسيقي“ (آگسٽ 1945) ۽
”ترت ڪلاڪ“ (نومبر 1945).
”سنڌو“ اپريل 1942 واري پرچي ۾، برڪت علي آزاد جو
تنقيدي مضمون ”ادب ۽ زندگي“ پيو هو، جو ”ترقي پسند
ادب“ جي نئين ڌارا بابت پهريون ليک ڏسڻ ۾ ٿو اچي.
منجهس ظاهر ڪيل هو ته نئين زماني ۾ روايتي ادب کي
ڇڏي ترقي پسند ذهنيت وارو ادب لکڻ کپي،. جو
پورهيتن ۽ مزدورن جي روزاني زندگيءَ جي ترجماني
ڪري ۽ انقلاب ذريعي انهن جي آرٿڪ حالتن ۾ بهبودي
آڻي. ترقي پسند ادب جي وڌيڪ وضاحت 1945 ۾ گوبند
مالهي“ ”ساهيته ۽ انقلابي تحريڪ“ نالي مضمون ۾ ڪئي
هئي، جو ”پرهه ڦٽي“ ڪهاڻين جي محموعي ۾ مهاڳ طور
ڏنل هو ۽ منجهس سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جي مختصر اوسر
به ڏنل هئي. مالهي صاحب لکيو هو ؛ ”ترقي پسند ادب
انقلابي ادب آهي. ترقي پسند اديب پنهنجي زندگي،
عوام، جنتا جي زندگيءَ سان ڳنڍي ٿو ڇڏي.... عام
ماڻهن جي وچ ۾ رهندي، هنن جي رنج و راحت، حسرت و
مسرت ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندي، هن جي احساس طبيعت
موجوده سماج جي بي انصافيءَ ۽ رياڪاريءَ کان بنا
دير واقف ۽ متاثر ٿي وڃيٿي.... اهوئي سبب آهي جو
هو پنهنجي جذبات جي نه، بلڪه عوام- جنتا جي جذبات
جي ترجماني ٿو ڪري.... هو هڪ سڌاري جي طرح هن سماج
کي سڌارڻ جي دعويٰ نٿو ڪري. هو ته صحيح معنيٰ ۾
انقلابي آهي جو هن سماج کي يڪايڪ تبديل ڪري هڪ
نئين دنيا اڏڻ گهري ٿو. ترقي پسند اديب طبقن جو
تفاوت ميٽي، آزادي، برادري ڀاءُ ۾ هڪجهڙائي جي فضا
قائم ڪرڻ گهري ٿو.“
1942 ۾
”جمعيت الشعراءَ سنڌ“ جي سهاري هيٺ سنڌي شاعرن جو
پهريون اجلاس، ڊاڪٽر محمد ابراهيم، خليل جي زير
صدارت لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو، جنهن کانپوءِ ٻين شهرن ۾
به اهڙا اجلاس ٿيندا رهيا. انهن ادبي ميڙن جي
ڪارروائي ۽ انهن ۾ پڙهيل عالماڻا مقالا رسالي
”اديب سنڌ“ ۾ شايع ڪيا ويندا هئا، جنهن ۾ علحدن
شاعرن جي ڪلام تي معياري تنقيد پڻ ڪئي ويندي هئي.
”هندو سنسار“ (اخبار (1942) ۾، اصلوڪن ناولن تي
شايد پهريون تنقيدي مض۾ون منگهارام ملڪاڻيءَ جو
هو، جنهن ۾ چندو لعل جئسنگهاڻي جي ”زندهه دل“ تي
هن ريت آلوچنا ڪيل هئي:- ”سنڌي ۾ ٻين ٻولين تان
ترجمو ڪيل ناول ته گهڻائي سٺا ۽ سهڻا آهن، پر
اصلوڪا لکيل ناول بنهه ڳاڻ ڳڻيا آهن. سو شري چندو
لعل جو سنڌي جيوت ۾ بيهاريل هيءَ ناول ڏاڍي چاهه
مان شروع ڪيم. پر جيئن پڙهندو وڃان تيئن عجب
کائيندو وڃان ته لکندڙ چڱا سٺا خيال به پيو ظاهر
ڪري، چيدن لفظن ۽ اصطلاحن ۾، پر اُن سان گڏوگڏ
ڪيترن جملن جون نحوي بناوتون هر هڪ ٽنگ
کڻيوبيهن!.... تنهن کانسواءِ صورتخطي جون چڪون به
گهڻيون آهن، بيهڪ جي نشانين جون چڪون ته بيشمار
آهن..... ڪهڙن به اعليٰ خيالن وارو ڪتاب ڪنهن به
ٻوليءَ جي ادب ۾ اهميت نه رکي سگهندو جيسين اُنجي
عبارت پڻ درست نه هوندي.
”هاڻي ڪتاب جي ويچارن ۽ آکاڻيءَ جو اندازو لڳايو.
بمبيءَ ۽ پوني جي وچ ۾، چؤماسي جي مند ۾، پهاڙن
وچان ريلوائيءَ جي مسافري بلند خياليءَ سان بيان
ڪيل آهي. وري مهابليشور ڏانهن ويندي قدرت، جا
نظارا نظماڻي قلم سان چٽيل آهن. ڪردارن جي منورتي
به چٽيءَ طرح سان ظاهر ڪيل آهي.... چندر ۽ سونا جي
پريم جي ترقي به رفتي رفتي ۽ نهايت سڀاويڪ نموني
ٿي ٿئي....... تنهن کانپوءِ هڪ واقعو اهڙو ٿو اچي
جنهن جهڙو مون ڪنهن به سنڌي ناول ۾ ڪونه پڙهيو
آهي، ۽ جنهن جي آڻن ۾ جريت کپي..... هي حادثو
قدرتي حالتن هيٺ اهڙو ته سڀاويڪ بيهاريل آهي ۽ ان
جو بيان به اهڙو ته پوشيدو ۽ نفيس نموني ۾ ڪيل
آهي، جو پريمين کي اُن ڏوهه لاءِ ملامت ڪرڻ بدران
سندن انساني هيڻائي تي ترس پيوکائجي.
”سنڌو“ مخزن جي ڊسمبر 1943 واري انڪ ۾ منگهارام
ملڪاڻيءَ جو ليک ”هن سال جا ٻه مکيه ناول“ ڇپيو
هو، جنهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي ”قيدي“
۽پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جي ”وڌوا“ مان گڻ ۽
دوش ٻئي ڪڍي ڏيکاريا هئا. ”قيدي“ ناول جي ڪٿ
هيٺينءَ طرح ڪيل هئي:- ”پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو
نئون ڪتاب ”قيدي“ سنڌي ساهت ۾ انهن جزوي ناول مان
آهي جي اصليت جي دعويٰ رکن ٿا. لکندڙ خود سنڌ جو
مشهور راڳيندڙ ۽ ڪلاڪار آهي، سو هن ڪتاب ۾ سنگيت ۽
چرتڪاري جا اهڙا ته اعليٰ ۽ امنگ اٿاريندڙ بيان
ڪيا اٿس جن جهڙا مون ٻئي ڪنهن سنڌي ڪتابه ۾ نه
پڙهيا آهن. آکاڻيءَ جا پريمي به ٻئي ڪلاڪار بنايا
اٿس، جنجي پريم جي اوسراڻ، سنگيت جي پرڀاو هيٺ،
اهڙي نفيس ۽ سوکم نموني ۾ چٽي اٿس جو منجهس نفس جو
ڏنگ ذرو به نه رهيو آهي. ڪتاب ۾ هنڌ هنڌ فيلسوفاڻا
نڪتا اچي ٿا وڃن، جن مان ظاهر آهي ته لکندڙ جيوت
جي تجربي مان ڳوڙهاڻ پرائيندو وڃي. سندس عبارت به
چيدي، زوردار ۽ روانيءَ واري آهي، ۽ رنگين
شاعراڻيون تشبيهون ساري ڪتاب ۾ پلٽيون پيون آهن،
جنهن مان ثابت آهي ته پروفسر رام پنجواڻيءِ ’پدما‘
لکڻ کانپوءِ ڪيتري ادبي ترقي ڪئي آهي.
”باقي هڪڙو وڏو نقص ناول ۾ رهجي ويو آهي، سو آهي
’نرتڪيءَ جي آکاڻي‘، جنهن جو مکيه ڳالهه سان ڪو
لاڳاپو ڪونهي، ۽ جا بنهه ڌاري ٿي وچ ۾ پيئي لٽڪي ۽
رٿا جي ايڪتا ۾ ڦيٽارو وجهي، ٻيو ته پڇاڙي ۾ اوچتو
ئي اوچتو ناول وڃيو راڄنيتي هنسا ۽ اهنساجي معاملي
۾ پوي، جنهن جو نتيجو توڙي ديرينو بيهاريل آهي، ته
به ڀائنجي ته ڪلاڪاريءَ وارو اوچو ناول سياسي
جهڳڙن ۾ ۾ نه گهري ها ته چڱو....
” ’قيدي‘ نالو به پورو نه آهي، ڇو ته ناٽڪ اصل کان
چترڪار آهي ۽ آخر ۾ چترڪار رهي ٿو، قيدي نه فقط
پڇاڙيءَ ۾ راڄنيتي هلچل ۾ پئي ٿوري وقت لاءِ ٿو
ٿئي....... پورو نالو ’چترڪار ئي ٿيڻ کپندو هو، ڇو
ته اهوئي ناول جو مکيه ڪردار آهي.“
ساڳئي ”هن سال جا ٻه مکيه ناول“ ليک ۾ پروفيسر
ڀمڀاڻيءَ جي ”وڌوا“ ناول جي ملڪاڻيءَ هيءَ ڇنڊ ڇاڻ
ڪئي هئي:- ”شري ڀمڀاڻيءَ ٻه ناول ’پاپ ۽ پاڪيزگي‘
۽ ’مالهڻ‘ اڳيئي ڇپايا آهن، پر هي’وڌوا‘ ناول سندس
بهترين ڪتاب آهي ۽ سنڌي ۾ ٿورڙا من- گهڙت ناول آهن
تن ۾ پڻ اهميت ٿو رکي. شيوڪ موٽواڻيءَ جو’شيرواد‘،
مامتورام جو ’شاعر‘ ۽ شريمتي سدارنگاڻي جو ’اتحاد‘
سندر اصلوڪا ناول آهن، پر اُنهن ۾ آکاڻي ٻين
پرانتن ۾ کڄي ٿي وڃي. هن ناول جي خاص خوبي اها آهي
جو هي ٺيٺ سنڌي ناول آهي، جنهن ۾ سنڌ ڀوميءَ جي
رسمن ۽ رواجن جو نقشو چٽيءَ طرح سان ڪڍيل آهي.
تنهن کانسواءِ هن ناول ۾ ڪيترا نازڪ پنگتي ۽ گهرو
مسئلا کليو کلايو پيش ڪيل ۽ بردباري سان حل ڪيل
آهي. مثلاً پيار ۽ شادي ۽ وڌوا وواهه، جن کان ٻين
لکندڙن هيلتائين ڪؤ پي کاڌو آهي.
”چترڪاري به هن ناول ۾ سڀاويڪ ۽ زوردار ڪيل آهي،
خصوصاً ڪتاب جي نائڪا جي سيرت اهڙي دلڪش بنائي
ويئي آهي جو ’سونا‘ سنڌي ساهت ۾ سچين سورمين مان
هڪ شمار ڪئي ويندي.... بيوفا مڙسن جي آپگهات
کانپوءِ، هن نئين زماني جي آزاد خيال ’ڪنواري
وڌوا‘ بهادريءَ سان سماج جي ٺيڪيدارن جو مقابلو ٿي
ڪري، ۽ هڪ همدرد لائق انسان سان وري وهانءَ ڪري ٿي
ڇڏي. ناول جي ناٽڪ جي سيرت پڻ بخوبيءَ چٽيل
آهن.... اجيت هڪ ضعيف انسان آهي جو شاديءَ ڪرڻ بعد
به ٻيءَ هڪ ڇوڪري کي پيار ڪندو اچي ۽ سونا کي پڇي
ئي نٿو. پر اها ڇوڪري آخري ۾ جواب ٿي ڏئيس ته مان
تنهنجي پيار مان راند ڪري رهي هيس..... جنهن تي
هيءَ انڌو عاشق هڻي هڻي پاڻ کي پورو ڪري ٿو ڇڏي.
اها خودڪشي ذرا اسڀاويڪ پيئي لڳي.... جهوني زماني
جا روماني عاشق برابر بيدرد دلربا لاءِ به جان
نثار ڪري ڇڏيندا هئا، پر هن عقل واري زماني ۾ عشق
کي به ڪي قدر عقل اچي ويو آهي، ۽ نالائق معشوق
لاءِ آپگهات
ڪرڻ ناشندني پيئي لڳي.... ناول جي پڇاڙيءَ ۾ به ٻه
گهمساني واقعا آندل آهن، جن هن ماٺيڻيءَ ۽ دلچسپ
ڪهاڻيءَ کي سنسنيءَ وارو بنائي ڇڏيو آهي..... سونا
جي ٻئي مڙس جو ديناداستي خون ٿي وڃڻ، سونا جو چريو
ٿي پوڻ ۽ آخر مري وڃڻ- اها دکدائڪ پڄاڻي نه رڳو
ڇڪي تاڻي آندل آهي ۽ ناول جي ڪلاڪاريءَ کي ڊاهي ٿي
ڇڏي، پر آکاڻيءَ جي حاصل مطلب کي ڌڪ هڻي ٿي ڇڏي.
هيءَ ناول وڌوا وواهه جي فائدي ۾ آهي، جنهن ۾ وڌوا
جي وري وواهه ڪرڻ لاءِ ڪافي سبب ڄاڻايل آهن، ۽ اُن
وواهه کي سکي ڪرڻ سان ئي آکاڻيءَ جو مطلب ڇٽندو.
پر جيڪڏهن کيس وواهه ڪرائي به، لکندڙ آخر ۾ اوچتي
ڌڪ سان وڌوا جو سک ڇني ورتو ۽ کيس وري دکي بنائي
ڇڏيو، ته اهو ته وڌوا وواهه جي برخلاف لکڻو ٿيو،
نه اُن جي فائدي ۾....
”ڪتابن جي ٻولي سهڻي ۽ موزون آهي، ڏکيا ويچار
آسانيءَ سان چونڊ لفظن ۾ ظاهر ڪيل آهن. ڪيترا سٺا
پهاڪا، ڪيتريون وڻندڙ تشبيهون به جائز جڳهين تي
ڏنل آهن، پر ڪن ڪن هنڌن ۽ عام پهاڪن ۽ تشبيهن جي
هڪ ٻئي پٺيان ڌم لڳي پيئي آهي.... ڄڻ ته لکندڙ
پنهنجي سموري ڄاڻ هڪڙيئي ڀيري سان ظاهر ڪرڻ ٿو
چاهي. سنڌي لفظن جون هجيئون ڪن هنڌ فارسي ۽ اردو
نموني ۾ لکيل آهن. مثلا حڪايت بدران ’حکايت’،
ساهري گهر بدران ’صاهري گهر‘ وڌوا بدران ’وڌوا‘ ۽
همت بدران همّت.... سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي جزم ۽ تشديد
جون نشانيون ٿين ئي ڪين. نماڻي سنڌي شدمد مان ڄاڻي
ئي ڪانه.“
جڳت آڏواڻيءَ کانپوءِ جڏهن ”ڪهاڻي“ مخزن جي
سمپادڪي ايم- آر مائيداساڻي ڪندو هو، تڏهن اُنجي
سيپٽمبر- آڪٽوبر 1944 واري نمبر ۾ ”سندر ساهتيه“
رسالي ۾ ڇپايل ناول ”سماجڪ بلوو“ تي ڪڙي نڪتچيني
ڪئي ويئي هئي. اُهو ناول شرت چندر چئٽرجيءَ جي
ڪنهن ناول تان ميلارام منگترام سنڌي جيوت ۾ اُلٿو
ڪيو هو، پر اُن ۾ آندل پيار جي بيانن کي
مائيداساڻي صاحبن ”بيحيائيءَ ۽ شرارت جو گندو
ذخيرو“ ڪوٺي خوب ننديو هو، ۽ شڪ ظاهر ڪيو هوته
اهڙو ناول شرت چندر جهڙي نام ڪٺئي، ليکڪ جو هوندو
ئي ڪونه، ساڳئي ناول بابت ”هندو سنسار“ جي 8 جنوري
1946 واري پرچي ۾ ”نه گهرجي اسان کي اهڙو ساهت“
سري سان ”اُتم“ تنقيد ڪئي هئي:- ”سچ پچ اهو سماجڪ
بلوو نه هو پر منوگيان خلاف بلوو هو، جنهن ۾
حقيقتپڻي جو خاتمو ڪيو ويو.... نه هئي منجهس نواڻ
۽ نه تازگي، نه جوش نه جذبات، جو ڪنهن سندر ڪاريه
لاءِ اتساهت ڪري.“ |