هيرانند ڪرمچند ”هندو“ اخبار ۾ ”پنج ننڍڙا ناٽڪ“
بابت رايو ڏنو هو: هنن ناٽڪن ۾ نه رڳو پنگتي ۽
گهرو جيون جا نقشا چٽيا ويا آهن، پر ’بٽئي‘ واري
ناٽڪ ۾ اسان جي آرٿڪ جيون به نهايت گهائيندڙ نموني
۾ چٽي ويئي آهي. (هيءَ ناٽڪ پهرين 1937 ۾ ”سنڌو“
مخزن ۾ ڇپيو هو.) ناٽڪ جا وشيه اهي چونڊيل آهن جن
جو اسان جي روزاني جيون سان گهاٽو لاڳاپو آهي.
اهائي هڪڙي ڳالهه ناٽڪن کي سنڌي ساهت ۾ زندهه
رکندي. ناٽڪن جي عبارت سليس آهي ۽ ٻولي اهائي ڪم
آندي ويئي آهي جا گهرن ۾ سڀاويڪ نموني ڳالهائي
ويندي آهي.“ پروفيسر نارائڻداس ڀمباڻيءَ سنڌي نثر
جي تاليف ڪيل ڪتاب ”ادبي گلشن“ (ڀاڱو 3- 1945) ۾
لکيو هو: ”بٽئي ناٽڪ جو هن انتخاب ۾ وڌو ويو آهي
سو هڪ مکيه مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو.زميندار ۽
هارين جو هڪ ٻئي ڏانهن ڪهڙو رخ ٿيڻ گهرجي؟ هارين ۾
اڄ ڪلهه سمجهه آئي آهي ۽ هو پنهنجا حق ڇڪين ٿا، ۽
اُهي زميندار جي اڳ هارين جي اڻڄاڻائيءَ جو فائدو
وٺي هنن کي تنگ ڪندا هئا، تن کي هارين اڳيان سر
جهڪائڻو ٿو پوي. اها بلڪل سچي تصوير ان ننڍي ناٽڪ
۾ پيش ڪئي وئي آهي.“
منهنجن چئن ننڍن ناٽڪن جو ٻيو مجموعو ”پنگتي
پردا“، جو رتن منڊل پنهنجي ماهوار رسالي مان ناٽڪ
ڪڍي، 1938 ۾ ڇپايو هو، تنهنجو اصلوڪو رٿيل سرو
”اُگرا ننڍا ناٽڪ“. پر رتن وارن جي اشاري تي:
پڙهندڙ شڪايت ٿا ڪن ته دنيا ۾ سٺيون شائستيون
ڳالهيون کٽي ويون آهن ڇا، جو هي مستر ملڪاڻي بي
شرميءَ جا ڪنا قصا پيو ڪٽي، لاچار نالو ڦيرائي
ڇڏيم. ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ مون جيڪا سمجهاڻي ڏني هئي
ته ڇو مان اڻ وڻندڙ اُگرا ناٽڪ ٿو لکان، تنهن کان
بهتر پنهنجو بچاءُ مان ڏيئي نٿو سگهان، تنهن ڪري
اُهي اکر هت دهرايان ٿو:- ”جهوني زماني جا افسانا،
جن ۾ ديون پرين جون ڪرامتون ۽ راجائن راڻين جا
ڪارناما هوندا هئا، يا عشق ۾ جنگ جي بازار گرم
هوندي هئي، سي اڄ ناٽڪي صورت ۾ آڻجن ته جيڪر اڌ ڀت
يا ناممڪن پيا لڳن. اڄوڪي زماني ۾ عام جنتا جي
ڪشمش ايتري قدر وڌي ويئي آهي جو جيوت ۾ سٺائي ۽
سهڻائي خير ڪا وڃي رهي آهي. اسان جي گهرو، پنگتي ۽
قومي زندگي اوڻاين سان ٽمٽار آهي. شيڪسپيئر جي
مشهور گفتي موجب، جيڪڏهن ناٽڪ زندگيءَ جي آرسي آهي
ته اڄوڪن ناٽڪن ۾ اُنهن اوڻاين آڻن کانسواءِ رهي
نٿو سگهجي. ڪن اخلاق تي زور ڏيندڙ صاحبن جو اعتراض
آهي ته روڳ برابر اسانجي جيوت ۾ آهن، پر اُهي شب ۾
رکڻ کپن، اُنهن جي اوگهڙ ڪرڻ بي شرمائي آهي. پر
منهنجي سمجهه ۾ روڳ لڪائڻ ٿيندو اُنکي اندر ئي
اندر رجهائڻ. جڏهن روڳ کي هوا ۽ روشني ۾ کولي ظاهر
ڪبو تڏهن ئي اُن جو علاج ڪري سگهبو. ساڳي طرح
پنگتي اوڻاين تي ڪک رکڻ اُنهن کي همٿائڻو آهي، پر
انهن کي پڌرو ڪري لوڪن جي ڌيان تي آڻبيون ته انهن
کان گوشو ڪندا، ۽ اهوئي پنگتي سڌاري جو عملي طريقو
آهي.“ منهنجو متو آحي ته ساهت کي، وندر سان ساٿ
ساٿ سکيا پڻ ڏيڻي آهي، ۽ منهنجو عقيدو آهي ته
زندگيءَ جون خاميون تڙي ڪڍڻ ۽ انسان ذات کي خوشحال
بنائڻ لاءِ، ناٽڪ ڪري ڏيکارڻ جهڙو ٻيو ڪو ڪارائتو
ذريعو ڪونهي، ڇو جو زندگيءَ جا منظر اسٽيج تي
اکئين ڏسڻ سان جو تاثير پيدا ٿئي ٿو، سو ڪتب خاني
۾ ويهي ڪتاب پڙهڻ سان ٿي ڪين سگهندو.
هاڻي آءٌ ”پنگتي پردا“ جا اُگرا مسئلا ٿورن اکرن ۾
ٻڌائيندس. ”اڪيلي دل“ ۾ جنهن مسئلي جي اُپٽار ڪيل
هئي سو هو، جيئري ئي جيئري شاديءَ جو. جتوڻيڪ مان
ڄاڻان ٿو ته اهڙي شادي عام طرح سان هڪ پنگتي خامي
آهي. جنهن مان دکدائڪ نتيجا نڪرندا آهن، پر هن
ناٽڪ ۾ مون چٽيءَ طرح ڏيکاريو هو ته ڪن حالتن ۾،
جڏهن مڙس زال جي طبيعتي ناسازي ڪري گهروزندگي زهر
ٿيو پوي، تڏهن ٻي شادي کانسواءِ ڪو چاڙهو ڪونه
ڏسبو آهي، توڻي اُن کي به مون انت ۾ دکي بنايو
هو. ”ٻي زال“ ۾ انهيءَ کان به اُگرو مسئلو کنيو
هوم، ته جڏهن ڪو ڪرڙوڍ رنڙ ٻي نوجوان زال سان شادي
ٿوڪري، تڏهن نه رڳو ننڍن ماٽيجي ٻارن کي دکي ٿو
بنائي (جئن اڳئين ناٽڪ ”ٻه باهيون“ ۾ ڏيکاريو
هوم)، پر نوجوان پٽ هوندي نوجوان زال گهر ۾ آڻڻ
مان وڏو خطرو اهو ٿي سگهي ٿو جو ماءُ ۽ ماٽيجو پٽ
هڪ ٻئي سان پيار ۾ ڦاسي وڃن! اها ڪا اسڀاويڪ ڳالهه
ڪانهي، بلڪه اهڙا ٻه چار مثال سڀ ڪنهن کي پيا
سجهندا هوندا، پر شب ۾ پيا رکندا آهيون، کليءَ
طرح ڳالهه نه پيا ڪندا آهيون. ٽئين ناٽڪ ”ٻه ڀينر“
۾ اهو مسئلو کنيو هوم ته ماستر، جي هاڻوڪين ڇوڪرين
کي تعليم ڏين ٿا ۽ ساڻن لهه وچڙ ۾ اچڻ جا انيڪ
وجهه اَٿن، سي سنت يا اولياءَ ڪونهن، پر اُهي به
انسان آهن جن جي اندر ۾ به دل آهي. پوءِ پاڙهيندي
پڙهندي، جي استاد ۽ شاگردياڻيءَ جون دليون اٽڪي
ويئون ته ان ۾ ڪا اربع خطا ڪانهي، بشرطيڪ مائٽ
اکيون پوري نه وهن ۽ آگاهه هن ته اهڙو سنٻنڌ سچو ۽
آبرودار آهي يا صرف جسماني ڪشش. پڇاڙيءَ وارو ناٽڪ
”ليڊيز ڪلب“ جيتوڻيڪ مسخريءَ جي رنگ ۾ لکيل هو، ته
به منجهس پنگتي اوڻائي اها آندل هئي ته نئين زماني
جي ڪلبن ۾ ويندڙ سڌريل زالن ۾ جو وڌاءَ ۽ گلا خوري
جو انگ وڌندو ٿو وڃي تنهن مان ڪهڙا انگور ٿا ڪرن.
هيءُ ناٽڪ ڪراچي ۾ رابندراناٿ ۽ ڊرمئٽڪ ڪلب جي
سالياني جلسي (1939) تي مون ڪري ڏيکاريو هو ۽ چڱو
بيٺو هو.
پڇاڙيءَ ۾ آءٌ پنهنجي باقي ناٽڪن مان ڪن جو مختصر
ذڪر ڪندس، جي سنڌ ۾ ڪتابي صورت ۾ نه ڇپيا هئا ۽
جدا جدا مخزنن ۽ اخبارن ۾ پيا هئا. ”ناخلف“! اصل
سنڌ ڪاليج مسلني (1931) ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايل
هو ته پيئرن کي پنهنجن پٽن کان زبردستي خاندان يا
اباڻو ڌنڌو نه ڪرائڻ کپي.پر انهي پيشي ۾ وجهڻ کپي
جنهن لاءِ کين چاهه ۽ لياقت هجي. ”اولاد“، جو به
پهرين سنڌ ڪاليج مسلني (1932) ۾ ڇپيو هو، تنهنجو
مسئلو هو ته هن آرٿڪ تنگيءَ جي زماني ۾ اولاد جي
اجهل پيدائش تي وگيانڪ طريقن سان پل وجهڻ کپي.
منجهس پاسيرو مسئلو اهو به رکيل هو ته هاڻي وقت
آيو آهي جو سنڌي ليکڪن کي مقامي محبت جو جوڳو
اجورو ڏيڻ کپي. هيءُ ناٽڪ جڏهن مون رابندراناٿ ڪلب
پاران ٽاگور جي جنم ڏينهن تي ساڳئي سال ڪري
ڏيکاريو هو ۽ منجهس مکيه پارٽ پڻ ڪيو هوم، تڏهن ڄم
تي روڪ وجهڻ واري وشيه آڻن ڪري ان زماني ۾ چؤٻولو
مچي ويو هو. جا ڳالهه هاڻي سرڪاري طور به مقبول ٿي
ويئي آهي. ”ميلاپ“ جو اول سنڌ ڪاليج مسلني (1934،
۽ پوءِ ”ڀارت جيون“ جي ڪڍيل ڪتاب ”سندر ڪهاڻيون“
(1944) ۾ ڇپيو هو، تنهنجو مطلب هو ته سنڌ ۾ جهونو
حيدرآبادي- غير آبادي وارو نفاق هوندو هو، سو انتر
وواهه دواران عملي طور مٽائي سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ
اهڙي قدم کڻڻ ۾ گهڻيون ئي رڪاوٽون پيش اينديون جي
هٽائڻيون پونديون. ”ضعيف انسان“ جو ”سنڌ“ (1934) ۾
پيو هو، تنهن ۾ سنڌ مسلمانڪي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾،
محبت ۽ شاديءَ جي مسئلي تي هڪ ٽه ڪنڊي دک- انت
ڪهاڻي ڏنل هئي ۽ ڳوٺاڻي محاوري ۾ لکيل هئي. ”دل ۽
دماغ“ جو پڻ ”سنڌو“ (1935) ۾ پيو هو، تنهن ۾
ڏيکاريل هو ته محبت نه فقط دل جي ٿيندي آهي، پر
ڪن جزوي تعليم- يافته مردن ۽ زالن جي وچ ۾ دماغي
سنٻنڌ به ٿي ويندو آهي جنهن ۾ نفس جي بوءِ ڪانه
ٿيندي آهي. ”ماتا جي ممتا“ به ”سنڌو“ (1935) ۾
ڇپيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ڪيئن هڪ نوجوان
ماءُ، شادي کان اڳ ڄاول ٻار جي حياتي بچائڻ لاءِ
پنهنجي ظالم پتا جو خون ڪري ٿي وهي. هي ناٽڪ جو
ٻيو ڀاڱو ”پتا جو پاپ“ (جو الڳ به پاڻ ۾ ئي پورو
هو)، سو به ”سنڌو“ (1939) ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾
ڏيکاريل هو ته هڪ پيءُ جي پاپ ڪري ڀاءُ ڀيڻ جو اڻ
ڄاڻائيءَ وچان پاڻ ۾ پريم ٿي ٿو وڃي ۽ انجو نتيجو
ڪهڙو غمگين ٿو نڪري. هڪ ٻيو ٽن گهرو ناٽڪن جو
سلسلو ”مائٽن جو ظلم“ جي گڏيل نالي سان، سو به
”سنڌو“ مخزن ۾ پيو هو، جنجا نالا هئا: ”سمنڊ جي
گجڪار“ (1933)، ”ڪوڙو ڪلنڪ“ (1940) ۽ ”جيون ناس“
(1942)، جي پڻ الڳ الڳ توڙي گڏي، پڙهي ۽ ڏيکاري
سگهجن ٿا. ”بئراج“ هڪ انجنيري ناٽڪ هو جو ”سنڌو“
(1940) ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ سرڪار کي چتاءُ ڏنل هو
ته ندين تي اهڙا ڪچا بند نه ٻڌايو جن ۾ کوٽومال ڪم
آندل هجي، جي ملڪ جي آبادي وڌائڻ بدران ساوڻيءَ ۾
لڙهي وڃن ۽ ڪاشتگارن کي تباهه ڪري ڇڏين. منهنجو
هڪڙوئي ترجمو ڪيل ننڍو ناٽڪ، شيڪسپيئر جي (Midsummer
Night’s Dream) مان
ورتل مذاقي نقل ”دلسوز داستان“ هو، جو سنڌ ڪاليج
مسلني (1939) ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ جهوني زماني وارن
سنسني خيز رومانوي ناٽڪن تي کلائيندڙ طنز ڪيل هئي.
هيءَ ناٽڪ سنڌ ڪاليج ۾، پرنسيپال شاهاڻيءَ جي
رٽائر ڪرڻ واري جلسي تي مون شاگردن کان ڪرائي
ڏيکاريو هو ۽ ناظرين کي چڱو وندرايو هئائين.
1945- ڌاري، ننڍي ناٽڪ لکڻ ۾ محمد عثمان ڏيپلائي
پڻ ڪامياب طبع آزمائي ڪئي هئي، ۽ سندس ”نورجهان جو
پٽ“، ”سجائي موڙي“ ۽ ”ڪانگريس“ اسٽيج تي به آندا
ويا هئا، ۽ مذاقي توڙي اخلاقي خاصيتن ڪري ڏسندڙن
کي پسند پيا هئا. ”سرڪاري صلاحڪار بورڊ“ جي
”مهراڻ“ مخزن (1944) ۾ حبيب الله ڀٽي جو اردوءَ
تان ورتل ناٽڪ ”نئين دنيا“ ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾
ڪولمبس جي آمريڪا ڳولي لهڻ جو منظر ڏيکاريل
هو.”مهراڻ“ (1947) ۾ مرزا گل حسن ڪربلائيءَ جو
”ماڳ جي محبت“ پيو هو، جنهن ۾ مارئيءَ جي قيدخاني
وارو هڪ مختصر نظارو ڏيکاريل هو، پر گفتگو ڌاران
ٻي ڪا ناٽڪي خوبي منجهس ڪانه هئي. اتي سنڌ ۾ ننڍي
ناٽڪ جي ترقيءَ جي تاريخ ختم ٿي.
فصل ڇهون
مضمون نويسي جي اوسر
ساهت جون مکيه شاخون ناول ۽ ناٽڪ، هن ڪري دلپسند
آهن جو ٻنهي ۾ آکاڻي کنيل آهي- ناول ۾ سڌي سنواٽي
بياني صورت ۾، ۽ ناٽڪ ۾ گفتگو جي ذريعي—، ۽ آکاڻي
لاءِ شوق ته انساني دل ۾ سدائين قائم رهي ٿو. پر
مضمون ادب جي هڪ خشڪ شاخ آهي، ڇو ته اهو ڪنهن
آکاڻيءَ تي ٻڌل نه آهي، منجهس لکندڙ جا خيال،
ويچار ۽ رايا ظاهر ڪيل آهن، جنهن ڪري سڀاويڪ آهي
ته عام ويچارن ۾ آکاڻي کان گهٽ دلچسپي وٺندا.
مضمون ڪائنات ۾ ڪنهن به مکيه توڙي معمولي چيز تي
لکي سگهجي ٿو، انگريزيءَ ۾ چوڻ آهي ته مضمون لکڻ
لاءِ ڪهڙي به ڪلي ڪافي آهي جنهن تي ٽوپلو ٽنگي
سگهجي. پر مضمون نويسيءَ جو اهو اهم اصول آهي ته
منجهس خاص زور ڏنو وڃي ٿو، نه اُن وشيه تي جنهن تي
مضمون لکجي، پر اُن وشيه بابت لکندڙ جي شخصي
ويچارن ۽ احساسن تي، جنهن ڪري مضمون منجهه لکندڙ
جي شخصيت جو خاص طور اظهار ٿئي ٿو. اهوئي سبب آهي
جو ساڳي شيءِ، مثلا ”تاج محل“ تي ڪيترا ليک لکيل
آهن، تنهن هوندي به اُهي هڪ ٻئي کان بنهه نرالا
آهن ڇو ته جيتوڻيڪ شيءِ ساڳي آهي ته به هرڪو ڏسندڙ
اُن کي پنهنجي نقطه نظر کان ڏسي ٿو، جنهن ڪري
ڏسندڙن جا خيال اُن بابت علحدا علحدا آهن، ۽ انهن
مضمونن ۾ تاج محل کان، ان بابت لکندڙن جون علحديون
حيثيتون زياده اهميت ٿيون رکن. جيڪڏهن هرڪو لکندڙ
ساڳيءَ شيءِ بابت ساڳيا انگ اکر يا حقيقتون ڏئي ته
ڪيترا مضمون جيڪر هڪجهڙا ٿي پون ۽ منجهن گونا گوني
نه رهي. ان ڪري ئي ناول ۽ ناٽڪ کي ادب جون غير
شخصي يا خارجي (Objective) شاخون
چيو ٿو وڃي، جن ۾ لکندڙ افسانوي آکاڻيون ۽ هستيون
ٿو چٽي، پر نظم ۽ مضمون کي شخصي يا داخلي(Subjective) شاخون
ڪوٺجي ٿو جن ۾ لکندڙ پنهنجا ويچار ۽ جذبا چٽي ٿو.
هڪ مغربي عالم ته مضمون نويسيءَ کي ايڏو شرف ڏنو
آهي جو اُنکي ”نثر ۾ لکيل شعر“ ڪري ڪوٺيو اٿس، ڇو
ته منجهس شعر وانگر لکندڙ جا شخصي جذبا ۽ اُمنگ
ظاهر ڪيل ٿين ٿا. جئن شعر پڙهڻ سان، شاعر جي تصور
مان سندس شخصيت جو سماءُ پوندو آهي، تئن مضمون
پڙهڻ سان، لکندڙ جي ڀاونائن دواران سندس حيثيت اچي
اڳيان بهندي آهي ۽ هن سان روح رهاڻ ڪري سگهبي آهي.
فرانسي مضمون نويسيءَ جو ابو (Montaigne) تنهنجو
پڻ گفتو آهي ته ”پنهنجن مضمونن مان خود پنهنجي
چترڪاري ٿو ڪريان.“ اهوئي شخصيت جي نرواريءَ جو
آدرش آهي جنهن جي ڪسوٽيءَ تي سچيءَ مضمون نويسيءَ
جي پرک ڪري سگهجي ٿي. يعني اُهو مضمون جو لکندڙ جي
هستيءَ جو چٽو آئينو بنجي ٿو تنهنجو درجو اوچو
ليکيو وڃي ٿو. ناول ۽ ناٽڪ زندگيءَ جو آئينو آهن،
شعر ۽ مضمون شخصيت جو آئينو.
ڌرمي، اخلاقي ۽ پنگتي مضمونن جا ڪتاب
پر مضمون نويسيءَ جي تاريخ ۾ پريندي ئي اهڙا شخصي
مضمون لکڻ ۾ ڪونه آيا آهن. جئن ادب جون ٻيون شاخون
گهڻو ڪري ڌرمي ۽ اخلاقي لکيتن سان شروع ٿيون ٿين،
تيئن سنڌي مضمونن جي شروعات به ڌرمي، اخلاقي پنگتي
ڪتابن سان ٿي، جن ۾ لکندڙ پنهنجا رايا ۽ خيال ڏيئي
پنهنجي دماغي شخصيت ظاهر ڪئي، نه جذباتي حيثيت.
اهڙو پهريون ئي پهريون ڪتاب سماجڪ سڌاري جو هو.
ديوان ڪوڙيمل جي ”پڪو پهه“ (1862 ڌاري) ۾، هن سنڌي
نثر جي هڪ ٿنڀي، زناني تعليم جي مسئلي تي وزنائتا
دليل ڏنا هئا ۽ جنهن جي عبارت به نجي ۽ سليس ڪتب
آندل هئي، توڻي جهوني زماني جي دستور موجب منجهس
بيهڪ جون نشانيون ڏنل ڪونه هيون ۽ وڏي دم بدران به
ليڪ (-) ڏنل هئي، جيئن هن مثال مان ڏسڻ ۾ ايندو:
ٻيو نقصان زالن جي جاهليءَ ۽ بي علميت مان هيءَ
آهي— ننڍڙا ٻار جهڙي گفتگو يا هلت چلت پنهنجي ماءُ
پيءَ جي ڏسندا آهن اهڙي پاڻ ۾ به وٺندا آهن هن ملڪ
۾ ڪنهن جي گهر ۾ وڃي ڏسبو آهي ته ٻار مٽيءَ ۽ ڪن ۾
پيا ليٽندا آهن بدسخن ۽ گاريون سکندا آهن ڇاڪاڻ ته
انهن جي مائٽن کي جي بي علم آهن ڪهڙي خبر ته ادب
ڇا کي چئجي ۽ اخلاق ڇاکي ۽ جيڪڏهن بدسخن ۽ خراب
لفظ زبان کان ٻاهر ڪڍيو ته ٻار جي دل تي اُنهيءَ
کان ڪهڙو اثر ٿيندو ۽ پوءِ اُنجو نتيجو ڇا نڪرندو
اهڙا خيال سڌريل ۽ پڙهيل آدميءَ جي دل ۾ ايندا
آهن.... تنهن لاءِ جن سببن ڪري مردن کي علم سيکارڻ
ضروري ڄاڻجي ٿو انهن ساڳين بلڪ زياده مضبوط سببن
ڪري زالن کي علم سيکارڻ ضروري آهي—سڀ ڪنهن ڏيهه جو
بگاڙو ۽ سڌارو يا واڌاپو ۽ گهاٽاپو زالن جي سياڻپ
۽ نادانيءَ تي آهي.“ ان زناني پردي واري زماني ۾،
جڏهن زالن کي جهالت ۾ رکڻ کي، مرد پنهنجو فرض ۽
سلامتي سمجهندا هئا، تڏهن ساڌو نولراءِ هيرانند،
ديوان ديارام ۽ ديوان ڪوڙومل ئي اُهي صاحب هئا جن،
بنگالي سڀيتا جي اثر هيٺ اچي، همت ٻڌي، زناني
تعليم جو نازڪ پر اهم پنگتي مسئلو حل ڪيو، ۽
هاڻوڪا زنانا اسڪول ۽ ڪاليج سندن ڪوشش جو ئي نتيجو
آهي. نئن هندستان جي جاڳرتا ۾ بنگال کي اول مرتبو
آهي، ۽ سنڌ به جاڳي اُٿڻ ۾ گهڻي ويرم ڪانه وڌي. هي
صاحب پهريان ئي مها پرش هئا جن اُن واڌاري ڪيل
پرانت جي سڀيتا، ڀارت جي ڪنڊ ۾ پيل سنڌ جي انڌاري
۾ آندي. پر ديوان ڪوڙيمل جي ”پڪوپهه“ ۾ جدا جدا
وشين تي مختصر مضمون ڪونه هئا، جو مضمون نويسيءَ
جو مکيه نمونو آهي، ليڪن هيءُ هڪڙيئي مسئلي تي
مڪمل مقالو(Treatise) هو،
جو به مضمون نويسيءَ جو ٻيو نمونو آهي.
ديوان صاحب 1905 ۾ ”آريه ناري چرتر“ هڪ بنگالي
ليکڪ جي انگريزي ڪتاب تان ترجمو ڪيو، جنهن ۾
پراچين هاڻوڪين آدرشي هندو نارين جون جيون ڪٿائون
مختصر طور ڏنل هيون. منجهن توڻي ڪي قدر آکاڻيءَ جو
انگ به هو، ته به گهڻي ڀاڱي انهن کي جيون مضمون (Biographical
Essays) ڪوٺڻ
جڳائي. هن ڪتاب جي عبارت، هندي ۽ سنسڪرت اکرن
ملائڻ ڪري، ديوان صاحب جان تان ڏکي بنائي ڇڏي هئي.
ڪجهه وقت پوءِ هن صاحب جيون چرتر جا ٻيا به ڌرمي ۽
اخلاقي ڪتاب لکيا: ”مهاتمائن جا درشن“ (1905)،
”ڀڳتن جون ساکيون“ (1908) ۽ رام موهن راءِ جئديو،
نامديو، چيتن ديو، ڀيشم پتا، دادو سنت ۽ پورن
آهاريءَ جون جيونيون. اهي ڪتاب بنگاليءَ تان ورتل
چيا ٿا وڃن، پر انهن جي لکڻي جي طرز اهڙي ٺيٺ آهي
جو اصلوڪا پيا لڳن. ديوان ڪوڙومل سنڌ ۾ برهمو سماج
برپا ڪرڻ جو مکيه باني هو، جنهن جي پرچار لاءِ،
سماج جي بنگالي پايو وجهندڙ ڪيشب چندرسين جي مشهور
پستڪ ”نوسنيهتا“ جو ترجمو 1905 ۾ ڇپايائين. ”هري
درشن“ ۾ برهمو سماج جي مکيه بنگالي نيتا ديوندر
ناٿ ٽاگور (رابندراناٿ جو ڀاءُ) جا آتمڪ وياکياڻ
سنڌيءَ ۾ آندائين، جي سندس سرڳواس ٿيڻ کان گهڻو
پوءِ 1930۾ ڪوڙومل منڊ ڇپايا هئا.
سنڌيءَ ۾ مختصر مضمونن جو پهريون ڪتاب، سنڌي نثر
جي ٻئي ٿنڀي مرزا قليچ بيگ جو لکيل ”مقالات
الحڪمت“ (1877)، مشهور انگريزي ڪتاب Becon’s
Essays جو
ترجمو هو، جو به انگريزي ادب ۾ پهريون مختصر
مضمونن جو ڪتاب هو. هيءُ ڪتاب مرزا صاحب جوانيءَ ۾
لکيو هو جڏهن بمبئيءَ ۾ بي- اي – ڪلاس ۾ شاگرد
هوندو هو، تنهن هوندي به منجهس بيڪن صاحب جا
فلسفاڻا خيال سليس پرموزون عبارت ۾ ظاهر ڪيل هئا،
جن سان ڪي پنهنجا فلسفاڻا نڪتا پڻ ملائي ڇڏيا
هئائين. ”مقالات الحڪمت“۾
آيل ”عشق“ سري واريءَ گفتار (discourse) مان
هيٺيان ٽڪرا ڏجن ٿا، جن مان مرزا صاحب جي آسان
عبارت سان شامل، بيڪن جهڙي دماغي فيلسوف جو عشق
بابت غير جذباتي نظريو ملي ٿو:- ”انسان خدا تعاليٰ
بابت خيال ڪرڻ ۽ ٻين وڏين هاجن هلائڻ لاءِ خلقيو
ويو آهي، نه انهيءَ لاءِ ته ڪم ڪار ڇڏي هميشه هڪ
سهڻي بت يا پتلي جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو هجي، ۽
جئن جانور پنهنجي پيٽ يا وات جا غلام آهن، تئن هي
پنهنجي اک جو ٻانهپو قبول ڪري، جا اک ٻين چڱن ڪمن
لاءِ هنکي ڏني ويئي آهي.... انسان جي طبيعت ۾ ٻين
کي پيار ڪرڻ جي اندروني ميل رکيل آهي، پوءِ اُهو
پيار رڳو هڪڙي ڄڻي تي يا ڪن ٿورن تي نه رکندو، ته
گهڻن تي رکڻو پوندس، ۽ انهي ڪري ماڻهو اصل کان
خيرخواه ۽ نرم ۽ سخي ٿئي ٿو. شاديءَ واري عشق مان
انسان پيدا ٿئي ٿو، دوستيءَ ۽ محبت واري عشق مان
انسان سڌري ٿو، نفساني ۽ شهوتي عشق مان انسان کري
ٿو ۽ ڪمينو ۽ ڪمذات ٿي پوي ٿو.“ مرزا صاحب جي
عبارت سليس هوندي به، سندس هن ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن
جا نالا دقيق عربي صورتن ۾ ڏنل هوندا هئا، جئن ان
زماني جو دستور هوندو هو- جو رواج ڪي پويان عالم
پڻ، ڪي ڪٽر وچان ڪي دماغي رغبت وچان، پڇاڙيءَ
تائين قائم ڪندا آيا آهن. قليچ بيگ جو ٻيو اخلاقي
مضمونن جو ڪتاب هو ”خودياوري“ (1901) جو Smile’s
Self- Help تان
ترجمو ڪيل هو، پر اُهو ڪتاب هڪڙيئي مسئلي تي لنبو
چوڙو مقالو هو. مرزا سوين ڪتاب ٻين ٻولين مان
ترجمو ڪري، جهڙو سنڌي ساهت کي مالامال ڪيو تهڙو
ٻئي ڪنهن لکندڙ ڪونه ڪيو. مڙئي ڪتابن ۾ سندس عبارت
سلاست ڀري ۽ عام فهم واري هئي ۽ عربي فارسيءَ جي
ڀرمار کان آجي هئي. سندس ٻيا ترجمو ڪيل مضمونن جا
ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا، جن مان موضوعن جي گوناگونيءَ جو
ويچار ڪري حيرت وٺيووڃي.
”علامات الفراق“ (قرآن شريف ۾ تمثيلون)- 1888
”باغ ۽ باغباني“ (هن موضوع تي پهريون ۽ هڪڙو ئي
ڪتاب- انگريزي تان)
1895
”حضرات الارض“ (زمين تي رهندڙ ساهوارن جيتن جو
احوال- انگريزيءَ تان)
-1895
”زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ (انگريزيءَ تان) -1895
”ڪيميائي سعادت“
(اسلامي فلسفي تي- امام عزالي تان)
-1901
”فرائض انسان“ (اخلاقي مضمون -1904
”حقايق الارواع“ (هندستاني غزالي تان) -1905
”زاد الاخرت“ (اخلاقي مقالو- امام غزاليءَ تان
-1906
”حاجتمنديءَ مان طاقتمندي“
(James Allen’s From Poverty to Power)
-1906
”انجيل“ Bilble)
تان) -1907
”اشعار القران“ قرآن شريف مان شعر) -1909
”آزار مان آرام“
James Allen’s From Passion to Peace) تان)
-1912
”تحفته
النسوان“ (عرب، عجم، ۽ هند جي مشهور مسلمان عورتن
جا احوال) -1912
”علم تصورف“ -1912
”ٿياسافي“ -1912
”تهذيب اخلاق“(هڪ چيني عالم جي
انگريزي ترجمي تان) -1913
”ايمرسن جاعجيب نڪتا“(آمريڪي فلسوفون تان-1914
”جواني جواڪسير“(وڏيءَ عمر ماڻڻ لاءِ
هدايتون)-1915
”قديم سنڌ“ (سنڌ جي مشهور شهرن ۽ ماڻهن جو بيان-
فارسيءَ تان) -1921
”تحفه اسماعيليه“ (اسماعيلي يا آغا خاني مذهب جو
احوال ۽ عقيدا) -1922
”استاد جي قدمن وٽ“ (ڪرشنا مورتيءَ جي At
The Feet of The Master تان)
-1923
”صلح ڪل جو پيغام“ -1923
(بهائي دين جي سمجهاڻي ۽ اصول)
”جواهر ال انسان“ (يورپ ۽ آمريڪا جي مشهور شخصن
جون حياتيون- انگريزيءَ تان) -1926
ٽيون سنڌي نثر جو ٿنڀو ۽ آڳاٽو مضمون نويس هو سنڌ
جو برک ودوان ۽ ڌرماتما ديوان دريارام گدومل، جنهن
جا گهڻا ويدانتڪ، علمي ۽ تاريخي ڪتاب انگريزيءَ ۾
لکيل هئا، جن مان پهريون هو Something
about Sindh هن
ننڍڙي ڪتاب ۾ سنڌ جي شهرن، نظارن، شاعرن ۽ اوليائن
جا سهڻا بيان ڏنل هئا، جنهن مان شاهه لطيف جي
زندگيءَ ۽ شاعريءَ وارا باب اوچ درجي جا هئا. هيءَ
رسالو جلد سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿئي ته سنڌي ساهت جو
ڳهڻو ٿي پوندو. تنهن کانپوءِ ديوان صاحب ٽن مکيه
هندو ڌرمي گرنٿن جي سمجهاڻي ڏني ۽ اُتن ٽيڪاٽپڻي
ڪئي. ”جپ صاحب“ 1891 ۾ ڪڍيائين، جنهن ۾ ارٿ سان
گڏوگڏ مڙني ڏکين لفظن جون معنائون ۽ سٽ سٽ جو مطلب
سمجهايائين. هن پستڪ جا پنج ڇاپا نڪتا، جن مان
ٻئين ۾ جپ صاحب سان ڀيٽ ڪرڻ لاءِ ڪي ساميءَ جا
سلوڪ ڏنائين، چوٿين ۾ ڪبير جا سلوڪ ۽ پنجين ۾ رومي
جي شعر مان ساڳئي مضمون وارا مثال پيش ڪيائين—جنهن
مان هن صاحب جي سنسڪرت توڙي فارسيءَ جي اٿاهه
اڀياس جي پروڙ پوي ٿي. 1893 ۾ ”سري ڀڳوت گيتا“
ڪڍيائين، جنهن ۾ ان مول ويدانتڪ پستڪ جي سليس
سمجهاڻي ڏنائين ۽ هر هڪ سلوڪ جي ٽيڪا پڻ ڪيائين.
سندس ٽيون ڌرمي پستڪ ”سري يوگ درشن“ 1903 ۾ نڪتو
هو، جو پتنجلي رشيءَ جي پراچين سنسڪرت گرنٿ تان
ورتل هو، منجهس انسان جي مالڪ سان ميلاپ لاءِ گيان
يوگ جو مارگ ڏيکاريل هو، اهو به سهڻي سنڌيءَ ۾
لکيل هو. تنهن کانسواءِ، ديوان ”دريارام“ ”سگمني“،
”جپ صاحب“ ۽ ”ڀڳوت گيتا“ جا سار به جدا جدا ڪري
ڪڍيا هئا ”ڪبير صاحب جا سلوڪ“ پڻ ارٿ ۽ ٽيڪا سميت
ڇپايا هئائين. مٿيان مڙيئي ڪتاب ڌرمي مضمون
نويسيءَ جا مثال هئا جن ۾ ويدانت جي فلسفي جي
سمجهاڻي ڏنل هئي.
|