جنهن کي فصاحت يا بلاغت چون ٿا تنهنجو سچو پچو
نالو آهي رواني يا وهڪ“. روچيرام سڏاڻيءَ جو
سکيادائڪ ليک ”دغاباز دنيا“ 1936 ۾ پيو هو، ۽
پروفيسر لوڪومل ڪيسواڻيءَ جا ٻه عالماڻه مضمون:
”شري ڀڳوت گيتا جي گيان جي مهما“ 1941۾، ۽ ”عشق
مجازي عشق حقيقي“ 1943 ۾ پيا هئا.
ڪي ڪاليجي شاگرد، جن مان ڪيترا پوءِ برک ليکڪ ٿي
پيا، تنجا هن مخزن ۾ ڇپيل مضمون هئا: نارائڻ
ڪوٽواڻيءَ جو تاريخي ليک ”سيوهڻ“ (1936)، ايڇ-
ايم- بلوچ جو تاريخي مضمون ”آثار قديم يا سنڌ جا
جهونا شهر“ (فيبروري 1937)، نبي بخش بلوچ جو
وگياني مضمون ”مارچس مارڪوني، سندس عجيب ڪارناما
(آڪٽوبر 1937)، گوبند ڀاٽيا جا ”لال ساڌو! (اسان
جو ڪاليج)“ (1937) ۽ ” ڳوٺ سڌار هلچل ۽ اسان جو
فرض“ (1938)! هريرام ڀاٽيا جا ساتڪ ليک ”تصوف ۽
ويدانت“ (1939)، ۽ ”سامي ۽ دلپت“ (1940) ۽ را امر
لعل پنجواڻيءَ جو نارائڻداس ملڪاڻيءَ جي
”اناردانه“ بابت ادبي قدرشناسيءَ وارو ليگ (1943).
آخرم، سنڌ ڪاليج جي ڪن نوجوان پروفيسرن جا عمدا
مضمون به پيا هئا: رام پنجواڻيءَ جا خطن جي صورت ۾
”خطوط ليليٰ مان هڪ ورق“ (1939) ۽ ”دوست ڏانهن خط“
(فيبروري 1940)، هرومل سدارنگاڻيءَ جا ادبي مضمون
”وقت“ (آڪٽوبر1940) ۽”ڪوسيءَ ۽ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي
ويل ويهڻ جي“ (فيبروري 1941)، ڏيپچند کينئرا جا
”غلامن جي بيک“ (1941) ”شاعر مخفي“ (زيب
النساءَ—1947)، چيتن ماڙيوالا جو تاريخي ليک ”سنڌ
جا مير“ (1946)، ۽ نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو ”هري“
(1946) جو ٻال منووگيان تي ٻڌل دلسوز مضمون هو.
(4) ”اخبار تعليم“
1902۾ سرڪاري تعليم کاتي پاران ”اخبار تعليم“ جاري
ٿي، جا ساڌو هيرانند جو وڏو ڀاءُ ديوان تاراچند
شؤقيرام، حيدرآباد واري مرداني ٽريننگ ڪاليج جو
پرنسيپال، ان ڪاليج جي سهاري هيٺ شايع ڪندو هو. هن
مخزن ۾ ان زماني جي بزرگ ليکڪن جا تعليمي ۽ ادبي
مضمون پوندا هئا. انهن مان بهترين مضمون: ”قارون
بادشاهه جي ڳالهه“، ”تاج محل“، ”ميرن جي درٻار“،
ديوان بولچند ڏيارام جا لکيل ڏسڻ ۾ ٿا اچن، جو
صاحب هن مخزن جو مکيه مهتمم هوندو هو ۽ ساڌو
هيرانند کانپوءِ ڪيترا ورهيه اڪيڊمي اسڪول جو
پرنسيپال رهيو. ”تاج محل“ اوچ ڪوٽيءَ جو مضمون هو،
۽ منجهائنس هيٺئين ٽڪر جي رنگين بياني واهه جي
آهي:- ”هيءُ راڄ محلن جو ڇٽ، جمنا نديءَ جي ڪناري
تي، اگره شهر وٽ اڏيل آهي ۽ سندس چؤڌاري سرسبز
گلشن گلزار، کلندڙ، ٽڙندڙ، چمڪندڙ پاڻيءَ جا چشما
۽ ڦوهارا، جهوليندڙ سرؤقد وڻڪار، سنگ مرمر جا لسا
۽ ٿڌا اڱڻ پٽ، سنوا ۽ ڪشادا رستا آهن، انهن سڀني
جي وچ ۾ نازنين عمارت کڙي ٿيل آهي. ننهن کان وٺي
چوٽي تائين گوري ۽ ويڪري پائي کان وٺي گنبذن منارن
جي سنهڙي نوڪدار ڪلنگي تائين، سڄي سهڻي سنگ مر مر
جي ٺهيل آهي. سنگ مرمر اهڙو اڇو ۽ صفا آهي جهڙو
برف جو قبو ۽ سندس چؤڌاري نماءَ ائين پيو ڏسڻ ۾
اچي، جو ڄڻ ته ڪو ازغيبي ڌرتيءَ مان اچي پرگهٽ ٿيو
آهي، ۽ ڪن ملائڪن فرشتن جوڙيو آهي. منجهس جنت جي
حسن جو جلوه پيو ڏسجي ۽ باغ ارم ۽ عدم جي فرحتي
خوشبوءَ ۽ هٻڪار پيئي اچي. قبي ۾ هڪ وڏو وچون گنبذ
آهي، ۽ اُن جي چوڌاري چار منارا آهن. سندس چارئي
منهن ۽ پاسا هڪجهڙا آهن، جنهن ڪري جنهن پاسي کان
اُن ڏي نهارجي تنهن پاسي کان ساڳيو نظارو پيو ڏسڻ
۾ اچي. هر طرف ساڳيو رخ اٿس، تنهن ڪري ان کي ڏسي
شاهه صاحب جو ڪلام ’جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ
سامهون‘ پيو ياد اچي.“
”اخبار تعليم“ به سالن جا سال نڪرندي رهي. اُنجي 5
آگسٽ 1925 واري پرچي ۾ شري لوڪومل جو کوجنا وارو
ليک ”سنڌ جو اڳوڻو اؤج“ ڇپيو هو، جنهن مان هيٺيون
ٽڪرو ذڪر لائق آهي:- ”سنڌ ديش ۾..... تيرٿ واسين
جو ڇٽ هو هيوٽئنگ. هو 657ع ۾ سنڌ مان ڌرمي پستڪ،
سنک، نشاني ٻڌ جا پتلا کڻي چين ڏانهن روانو ٿيو.
ڪيترا ڪتاب اُنهن مان هن چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا
۽ اهڙي طرح سنڌ جي وديا پنهنجن ماڻهن ۾
ڦهلائي...... جڏهن اسلام ڀارت ۾ سنڌ رستي پير
وڌايو، تڏهن سنڌ کي پنهنجي سڀيتا هئي. گهڻن کي
شايد خبر ڪانه هوندي ته بغداد جي خليفي کي سنڌ جي
حاڪم سفارت موڪلي، جنهن ۾ هڪ هندو وگياني هو جنهن
عربن کي ستارن جي وديا کان واقف ڪيو. سنڌي وگيانين
۾ به وگيان جا پستڪ ”برهم سڌائتا“ ۽ ”کانڊ کانڊيڪ“
اوڏانهن موڪليا، جن کي عربن پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو
ڪيو..... تنهن کانسواءِ سنڌ جي ودوانن ڪيترا پستڪ
فيلسوفي، حساب ۽ طب جا عربن ڏانهن سوغات ڪري
موڪليا. اُنهن جي معرفت سنڌ، ڪارڊووا ۽ ڪيرو جي
خيالن تي بلڪل گهڻو اثر وڌو.“
1885 ۾ خانبهادر حسن علي آفندي جي سرجوشيءَ سان ۽
”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جي سايي هيٺ، سنڌ جي مسلم
عوام ۾ تعليم ڦهلائڻ جي مراد سان، ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ
مدرسه اسلام“ برپا ٿيو هو، جو اڃا سوڌو شاندار
تعليمي ڪارج ڪري رهيو آهي. ان مدرسي جي سهاري هيٺ
1904 ۾ تعليمي ۽ ادبي مخزن ”رساله مدرسه“ جاري ٿي
هئي، جنهن سالن جا سال مسلم لکندڙن جي خوب همٿ
افزائي ڪئي. هن مخزن جي سنڌي حصي ۾ چڱي معيار جا
ادبي ۽ معلوماتي مضمون پوندا هئا، ۽ اُنجي قابل
ايڊيٽرن: مولوي الله بخش اٻوجهي ۽ مولوي عبدالرحيم
فقير سنڌي نثر توڙي نظم جي خاص خدمت ڪئي هئي. ميان
شمس الدين بلبل جو پوءِ ايڊيٽر ٿيو، سو پنهنجا
مذاقي نظم ۽ مضمون هن مخزن ۾ شايع ڪندو هو. سندس
عبارت پختي پردقيق ٿي ڏسڻ ۾ اچي، جنهنجو مثال سندس
مشهور ڪتاب ”قلندري ميلو“ جي قافيه دار نثر مان
ملي ٿو. بلبل صاحب سنڌي زبان ۾ ظريفاڻي ادب جو،
پرمانند ميوارام وانگر، باني هو. پر افسوس آهي جو
سالن کان شايع ٿيندڙ هن جهونيءَ مخزن جا پرچا سنڌ
مان پهچي نه سگهيا آهن، جنهن ڪري اُنجو تفصيلوار
بيان ڏيڻ کان محروم رهڻو ٿو پوي.
چالو صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ محمد هاشم مخلص، جو
پڻ هڪ قابل مذاقي ۽ طنزي مصنف هو، تنهن ڪي رسالا ۽
اخبارون ڪڍيون مثلاً ”بهار اخلاق“، ”مسلمان“
وغيرهه، جنهن ۾ ادبي معيار وارو نثر ۽ نظم پوندو
هو. 1918 ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ايڊيٽري هيٺ
”الامين“ اخبار شروع ٿي هئي، جنهن ۾ به چڱا مضمون
پوندا هئا. تنهن کانپوءِ ٻين ڪن مسلم اخبارن جا
ادبي نمبر وقت به وقت نڪرندا هئا، جن به مضمون
نويسيءَ جي ترقيءَ ۾ چڱو بهرو ورتو، مثلاًمولوي
دين محمد وفائيءَ جون ”الوحيد“ (1960) ۾ ”توحيد“
(1923)، جن مان ”لطف اللطيف“ سندس مشهور تصنيف
هئي. پير علي محمد راشدي جي اخبار ”ستاره سنڌ“ ۾
سندس تصنيف ”سيد معصوم شاهه بکري“ پڻ معروف هئي.
1925 ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ”الجامع“ رسالو
جاري ڪيو هو، جنهن جو مضمون نويسيءَ جو مواد به
سٺو هوندوهو.
(5) ”ڀارتواسي“
1905 ۾ لارڊ ڪرزن واري بنگال جي ورهاڱي، سن ملڪ ۾
انگريزي حڪومت خلاف سخت تاءُ پيدا ڪيو هو، جنهن
کان وٺي ئي هن صدي ۾ آزادي جي آندولن جو آرنڀ ٿيو
هو. اُن وقت ڌاري مائي ائني بيسنٽ سنڌ ۾ پڌاري
هئي، ۽ راڄنيتي جاڳرتا سان گڏوگڏ، ٿياسافي پينٿ جو
پرچار به سنڌ ۾ جاري ڪري ويئي—جن ٻنهي هلچلين جو
مکيه بانيڪار جيٺمل پرسرام هو. انهيءَ سياسي
سجاڳيءَ 1916 ۾ سوراج يا هوم رول تحريڪ جو روپ
ورتو، ته جيٺمل به ان ۾ ٽپي پيو ۽ 1917 ڌاري
روزاني اخبار ”هندواسي“ جاري ڪيائين، جنهن ۾
پنهنجي جوش ڀرئي قلم ذريعي سنڌ جنتا ۾ ملڪي مسئلن
جو علم ڦهلايائين. 1919 ۾ رولٽ ائڪٽ تان دهليءَ ۾
فسادن ۽ سرڪار جي گوليبازي برخلاف هن اخبار ۾ هڪ
سخت ليک لکيائين ”ڪلالڪي هٽ ڪسڻ جو ڪوپ وهي“، جنهن
تان کيس جيل اماڻيو ويو. سندس پرپٺ جئراج- گهنشام-
چوئٿرام، جنکي تن ڏينهين سنڌ جي سياسي ٽمورتي
سڏيندا هئا، گڏجي ”هندواسي“ جو ڪم هلائيندا هئا.
21-1920 ۾ مهاتما گانڌي جي قطع تعلقات هلچل شروع
ٿي ته اخبار ضبط ٿيڻ جو خطرو هو، تنهن ڪري 1922
ڌاري انجو نالو ڦيرائي ”ڀارتواسي“ رکيائون. جيٺمل
صاحب کي جيل مان موٽڻ تي شاهاڻو سواگت مليو هو، ۽
حيدرآباد اسٽيشن کان وٺي ڪچي تائين شاهي سرگرس ڪڍي
ويئي هئي جنهن ۾ سندس گاڏيءَ کي معزز نگرواسين
ڪاهيو هو—جو درشيه وسرڻ جو نه آهي! آزاد ٿيڻ بعد
جيٺمل ”ڀارتواسي“ اڳي کان به وڌيڪ زور شور سان
هلائي. پهريائين منجهس پنهنجا جيلي جيوت جا تجربا
قسطن ۾ ڪڍيائين، جي پوءِ ڪٺا ڪري ”ترنگ جو تيرٿ“
ڪتاب ڇپايائين جو نهايت چاهه وچان پڙهندا هئاسون.
”ڀارتواسي“ هفتيوار مخزن هئي، جنهن ۾ سرڪار جا
ڇوڏا لاهڻ ڌاران، جيٺمل پنگتي اوڻاين جي اوگهڙ به
ڪندو هو، ۽ ساٿ ساٿ ساهتڪ وشين جي ڇنڊڇاڻ پڻ ڪندو
هو، جو کيس پورب توڙي پڇم جي ساهت جي وشال ڄاڻ
پڇاڻ هوندي هئي. سماجي عيبن بابت ”چمڙاپوش جون
آکاڻيون“ پهريائين ”ڀارتواسي“ ۾ قسطون ٿي پيون
هيون. شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام جو ته شيدائي هو. ۽
انجي اونهي اڀياس وارا ڪتاب ”شاهه جون آکاڻيون“ ۽
”شاهه جي آکاڻين جون سمجهاڻيون“ به اول ساڳيءَ
مخزن ۾ قسطن طور ڇپيا هئا—جن سڀني جو ذڪر جوڳين
جاين تي ڪيل آهي.
”ڀارتواسي“ ۾ عمدا ادبي مضمون پڻ پوندا هئا جن مان
بهترين هئا: خود جيٺمل جو ”سنڌي ٻولي تي مارو“ 16
آگسٽ 1925)، ۽ لعلچند امرڏينمل جو ”سنڌي ٻوليءَ
سان انڌير“، جو ٻن قسطن ۾ (30 آگسٽ ۽ 6 سيپٽمبر
1925)، ”مسلمانن جا انڌير“ ۽ ”هندن جا انڌير“ سرن
سان پيو هو. اُنهن ٻنهي مضمونن ۾ سنڌيءَ کي ڳوريءَ
عربي- فارسي ۽ سنسڪرت جي پرمار کان بچائڻ ۽ ٺيٺ
سنڌي لکڻ لاءِ للڪار ڪيل هئي. مٿين مضمونن ۾ ٻنهي
ڌرين جي زيادتيءَ جا نهايت مزيدار مثال ڏنل هئا.
جيٺمل صاحب لکيو هو:- ”هينئر ته سنڌيءَ ٻوليءَ
پٺيان، هڪ قسم جا هندو توڙي مسلمان، ڪاٺ ڪهڙا کڻي
اچي پيا آهن. راجا ڀرت جون ’چاکڙيون‘ ڪڍي، ڪن
مسلمانن چيو آهي ته ’جتي‘ وجهو! ’وچن جا پالنا‘
ڪڍي هروڀرو ’قول جي پيروي‘ وجهو!چاکڙي معنيٰ جتي
ته آهيئي ڪانه! وچن ۽ قول ڀلي ٻئي ڪم آڻجن، پر وچن
کي ڪڍي ڇو ڦٽو ڪجي؟..... ڏسو ته ڪي مسلمان اخبارون
وغيره ٻولي ڪهڙي ٿيون ڪم آڻين! هڪڙي يار خط لکيو
’ڪيترا يوم ماضي ٿي ويا آهن، پر اوهان جو خط
نارسيده‘ اڙي ڀائي، ائين ڇو نٿا لکو، ’ڪيترا ڏينهن
گذري ويا آهن، اوهان جو خط نٿو اچي‘؟ هيڏانهن هندو
ڀائر ’روزاني اخبار‘ کي هروڀرو ڇڏي، ٽنبين ’دئتڪ
پترا! ’حق‘ کي نيڪالي ڏيئي وجهندا ’ادڪار‘. جڳتر ۾
استنتشٺا پيدا ٿي وئي آهي، پر تنترتا کي ڇڏي،
ستنترتا پراپت ڪرڻ گهرجي‘“ لعلچند صاحب لکيو هو:-
”هندن کي آترويلا اهائي آهي ته سنڌيءَ کي شڌ
ڪريون! مسلمان چاهين ٿا ته اُنکي دين جي گهوڙي تي
چاڙهيون!! شل نه ڄاڻي اها شڌي ۽ تبليغ، جن رنڌڻي ۾
هي رولو وڌو. هاڻي انهي ڪري سچ پچ ٿئي ڇا پيو؟ نيٺ
سنڌي اکر سنڌي مان وڃن ٿا، هڪالبا، ۽ اُنهنجي جاءِ
وڃن ٿا الوڻا ۽ بيسوادي اکر ڀريندا... ڏسو ته ٻنهي
پاران اعتراض ڪهڙا پيا اٿارڻ ۾ اچن. مسلمان چون چي
اسان جا ٻار ’هندڪا‘ اکر ’ڪٽوري‘ ۽ ’چاکڙي‘ وغيره
جهڙا سمجهي ڪين سگهندا، ان ڪري اُنهن جي جاءِ تي
’وٽو‘ ۽ ’جتي‘ آڻيون. هندو چون حضرت محمد ۽ حضرت
عليءَ ۾ اسان جو وڃي ڇا، جو اسانجن ڪچڙن ٻارڙن کي
انهن نسبت ڳالهيون ٻڌايون ٿيون وڃن؟... آءٌ پڇان
ٿو ته نيٺ اسانجا هي يار چاهين ڇا ٿا؟ ايتري به
ساڃهه نٿي پوين ته اُنهن افعالين ٻوليءَ جو رس جس
سمورو ڪڍي ٿا ڇڏيون. هڪڙو يار ٿو انهيءَ ڏهاڙي،
هڪڙي هنڌ ڪثرت جي باري ۾، ٻه اکر ڳالهائي. ڇا ٿو
چوي؟ ’هي پنهنجن ڇاترن جا پراچين ۽ اوراچين پرڪار
جا ويايام ڏسي، اسانجن اکين اڳيان براچين سميه جو
درشيه اچيو بهي. اسان پاٺشالائن جي سنچالڪن کي
ونيه ٿا ڪريون ته اهي ويايام پنهنجن وديائين ۾ به
چالو ڪن.‘ پڙهندڙ پاڻ نبيرو ڪري. هيءَ سنڌي آهي،
سڳداسي آهي؟ ويٺو ڳن ڏينس، سمجهندي اٿيئي حال!“
ٻيا به سٺا ساهتڪ ليکڪ هئا: دوارڪا پرساد شرما جو
”سنڌي ساهت جو واڌارو“، جنهن ۾ ٻين ٻولين مان
مشهور ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ساهت کي وڌائڻ لاءِ زور
ڏنل هو، ۽ پروفيسر گهنشيام شوداساڻيءَ جو ”سنڌي
ٻوليءَ جا شبد“، جنهن ۾ جهونا سنسڪرت لفظ ڪتب آڻڻ
۽ نه وسارڻ تي زور ڏنل هو. گهنشيام صاحب جي ليک ۾
هي ويچار ظاهر ٿيل هئا:- ”ڌار ڌار ديسن ۾ ماڻهن جا
ڪي خاص ويچار ٿين ٿا يا ڪي خاص ڀاونائون ٿين ٿيون،
يا ڪي وشيش سنسٿائون ٿين ٿيون، جن کي پڌري ڪرڻ
لاءِ اُنهن کي پنهنجا ئي شبد ٿين ٿا. ڇاڪاڻ جو اهي
ويچار يا اُهي ڀاونا يا اُهي سنسٿائون ٻين مانهن ۾
نه آهن، تنهن ڪري ٻين ماڻهن جي ٻولي ۾ انهن لاءِ
اوس ئي شبد به ڪونه ٿا ٿين. اهڙي پرڪار جا شبد
جيڪڏهن لهه وچڻ جي ڪري هڪڙيءَ ٻوليءَ مان ٻيءَ
ٻوليءَ ۾ آيا، ته اُنهيءَ ۾ نه ته ڪو اعتراض ڪونهي
پر پاڻ انهيءَ مان لاڀ آهي مثلن اسان ۾ جيڪو مها
اُتم پرش ٿئي ٿو، جنهن ۾ ايشور جي شڪتيءَ جو تيج
ٻهڪي ٿو، تنهن کي ’اوتار‘ سڏيو وڃي ٿو. عربي ۾
مسلمان اهڙي ڪرپار جي ماڻهو کي ’نبي‘ ڪري ٿا سڏين.
هاڻي جيڪڏهن اهو ’نبي‘ شبد سنڌي ۾ آڻي اسين ائين
چونداسون ته حضرت محمد مسلمانن جو نبي آهي ته اهو
انهيءَ کان وڌيڪ سهڻو ۽ سارٿڪ ٿيندو جو اسين چئون
ته ’حضرت محمد مسلمانن جو اوتار آهي‘، ڇو جو
جيڪڏهن خاص ارٿ ’نبي‘ مان ٿو نڪري سو ’اوتار‘ مان
ڪونه ٿو نڪري. اهڙي پرڪار جا شبد جيڪڏهن سنڌيءَ ۾
آيا ته پاڻ چڱو، ڇو جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڄڻ ته نوان
ويچار اچي ويا.... پر سوال آهي ته.... سنڌي ٻولي ۾
ڪيترائي اهڙا شبد گهڙي ويا آهن ۽ گهڙندا پيا وڃڻ
جن لاءِ اسان وٽ ساڳئي ئي ارٿ وارا شبد اڳ ۾ ئي
آهن جي نون شبدن جي گهرڻ ڪري وڃن پيا ٿڏبا....
هينئر ’شادي‘شبد ايترو ته ماڻهنجي وات ۾ اچي ويو
آهي.... جو سنڌي شبد (وهانو ۽ پرڻو) کي ڌڪ لڳو
آهي. سنڌيءَ ۾ شادي شبد ڪتب آڻن جي ڪابه ضرورت
ڪانه هئي.... ساڳيءَ ريت ’سال‘ شبد ’ورهيه‘ کي
ڌيري ڌيري ٿڏيندو پيو وڃي.... اسان کي پراچين سمي
کان وٺي ”لئبرريون‘ هيون جن کي اسين ’پستڪ آليه‘
چوندا هئاسون... ته پوءِ ڇو اسين سنڌي ٻولي ۾ اهي
شبد ڪتب آڻيون؟.... اسان سنڌين جي هن ويل اهڙي
اويڪا آهي جو اسين ڌارين ٻولين جي شبدن کي پنهنجي
گهر ۾ آڻي انهن کي سنگهاسن تي ٿا وهاريون ۽ پنهنجن
شبدن کي ٿڏي گهر نيڪالي ٿا ڏيون.... انهي ڪري
جڳائي ته پنهنجي ٻوليءَ کي ڌارين شبدن جي ڪاهه کان
بچايون.“ پروفيسر صاحب جا اهي خيال مبارڪ آهن ته
ٻين ٻولين جا لفظ سنڌيءَ ۾ آڻجن ته پوري معنيٰ سان
ڪتب آڻجڻ ۽ خاص ڪري، ڌارين اکرن آڻڻ سان پنهنجا
جهونا ڏيهي اکر ڀلجي نه وڃجن. پر سندس ويچار موجب،
جي ’شادي‘ ’سال‘ ۽ ’لئبرريءَ‘ جهڙا سولا سٺا اکر
سنڌي ۾ نه آڻينداسون، ۽ سندس مثال موجب، هڪڙو ئي
’شبد‘ پيا سڄي ليک ۾ دهرائينداسون ۽ ’اکر‘ لفظ يا
’حرف‘ڪم آڻن کان ڪيٻائينداسون، ته ٻوليءَ جو شبد-
ڀنڊار ڪيئن ڀربو ۽ انجو واڌارو ڪيئن ٿيندو؟ مٿيان
ٻه ليک ۽ گهنشيام صاحب جو ”هندو سنگهٺن“ سڀ 1924 ۾
ڇپيا هئا. پروفيسر صاحب جو ”ڪرم يوگ“ (سوامي
وويڪانند تان ورتل) سنسڪرت گاڏڙ سنڌيءَ ۾ لکيل هو
۽ 1922۾ ڇپيو هو، پر پوءِ وڌائي ڪتابي صورت ۾ ڪڍيو
ويو.
”ڀارتواسي“ جي 1924 واري سؤراج پرچي ۾ سنتداس
منگهارام جو راڄنيتي ليک ”اتحاد“ پيو هو، ۽ ساڳئي
پرچي ۾ جئرامداس دولترام جو ”سؤراج“ به ڇپيو هو،
جنهن صاحب جا تاريخي کوجنا وارا مضمون ”امرڪوٽ“ ۽
ا”امر ڪوٽ ۽ اڪبر بادشاهه“ 1925 ۾ ڇپيا هئا. ٻين
ٻن بزرگن جا مضمون پڻ هن مخزن ۾ پيا هئا: پروفيسر
شيوارام ڦيرواڻيءَ جو ”سنڌ جي پنگتي حالت“ ۽ محمد
صديق ميمڻ جو ”ڪامل رهنما“ (حضرت محمد جا لڇڻ)، جي
1924 ۾ ڇپيا هئا. پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جا
تاريخي مضمون ”گرنار“ ۽ ”جهونا ڳڙهه“ 1926 ۾ ڇپيا.
جيٺمل صاحب نوجوان ليکڪن کي به همٿائيندو هو، سو
منوهر داس ڪرڙيمل جا ”سنڌي ڪڙم جي حالت“ ۽
”هندوستان ۾ طب علم“ 1924 ۾ پيا هئا، ۽ تيرٿ
ويڙهومل وسنت جا ”اوندهه“، ”سوجهرو“ ۽ ”رت بسنت
سان رهاڻ“ 1926 ۾ ڇپيا هئا، جنهن سال ”ڀارتواسي“
بند ٿي ويئي.
(6) ”روح رهاڻ“
تنهن وچ ۾ ڄيٺمل پرسرام، ٿياسافيءَ جي ڦهلاءُ لاءِ
1920 ڌاري ”“روح رهاڻ“ ماهوار مخزن چالو ڪئي، جنهن
۾ برهم وديا يا علم الاهي، يعني مڙني ڌرمن جي مول
متن جي يڪسانگيءَ تي زور ڏنل هوندو هو. اها مخزن
1924 تائين نڪرندي رهي، پر پوءِ ”ڀارتواسيءَ“ سان
گڏي ڇڏيائين. ”روح رهاڻ“ ۾ به گهڻا تڻا ڌرمڪ ۽
سماجڪ مضمون خود ڄيٺمل جالکيل هوندا هئا،
پرڪيترائي انجو نائب ايڊيٽر مرزا نادر بيگ قليچ
بيگ نهايت آزاد خياليءَ سان لکندو هو. ٿياسافيءَ
جي ڪن ماهر مصنفن تان ترجمو ڪرڻ سان گڏ، نادر بيگ
جا پنهنجا لکيل مضمون هئا؛ ”مسلمان ڀائپي“ ۽ ”اهڙا
ٻيا به گهڻا“ (1924)، ۽ ”اسين ۽ ٻيا“، ”ٻار جي
ترقي“ ۽ ”موت بعد دوزخ آهي؟“ 1925). نادر بيگ صاحب
جي موزون، ۽ تنهن هوندي به نهايت سليس سنڌي، جنهن
۾ هڪڙو به ڏکيو اکر نه ملندو، ۽ جنهن ۾ هو پنهنجي
والد مرزا قليچ کان به گوءِ کڻي ويوهو، تنهن جو
مثال ”اهڙا ٻيا به گهڻا“ مضمون مان ڏجي ٿو:
”ڳالهين ڪندي منهنجو سنگتي ڪنهن اسان جي واقفڪار
ماڻهو جي گلا ڪرڻ لڳو. تنهن تي مون کيسي مان هڪڙو
ننڍو ڪتاب ڪڍيو، جنهن جو نالو آهي ”مرشد جي قدمن
وٽ“ (At
the feet of the Master) جو
آءُ هميشه ساڻ کڻندو آهيان، ۽ ڪتاب کولي هيٺيون
جملو پڙهي ٻڌايومانس، جو اصل انگريزيءَ ۾ لکيل
آهي: ’گلا جو منڍ آهي بدخيالي، جا پاڻ هڪ ڏوهه
آهي.... ڪنهن جي گلا ڪڏهن نه ڪر، ۽ جي ڪو ٻيو
ڪنهنجي گلا ڪندو هجي ته تون ٻڌڻ کان انڪار ڪر.
پوءِ چيومانس ته: هي ڪهڙو نه عمدو خيال آهي ۽ ڪهڙي
لذيذ نموني سان ڏنل آهي.... هو چوڻ لڳو
ته:’ڪرشنامورتي هندڪو نالو آهي نه؟ انهن واڻين کي
خدا ۽ دين جي ڪهڙي خبر، هي رڳو پايون ۽ آڌيلا ميڙي
ڄاڻڻ، ٻيو مڙيئي خير‘.... ٻئي ڏينهن صبح جو دستور
موجب قرآن شريف جو دؤر ڪندي اتفاق سان هيٺين آيت
تي منهنجي نظر پئجي ويئي:’اڙي ايمان وارو، ڪنهن تي
شڪ نه آڻيو، جو پڪ آهي ته شڪ به ڪن حالتن ۾ ڏوهه
آهي، ۽ نه جاسوسي ڪريو، نه پرپٺ ڪنهنجي گلا
ڪريو‘..... جڏهن وري منهنجو سنگتي مون کي گڏجڻ آيو
تڏهن.... پڇيومانس ته:’هن آيت ۽ هن جملي ۾ جو انهي
ڏينهن پڙهي ٻڌايو هومانءِ، ۽ جو تو چيو ٿي ته عام
رواجي آهي، توکي ڪو گهڻو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟....
گهڙي ساعت خيال ڪري چوڻ لڳو ته: ”خدا جو سنهن،
مرزا، سچ ٿو چوين. ٻئي بنهه هڪ جهڙا آهن.‘ مون
چيومانس: ’هائو.... آءٌ ڀانيان ٿو ته هن ننڍڙي
ڪتاب ۾ اهڙا گهڻائي خيال ڏيکاريا ويا آهن، جي قرآن
شريف جي آيتن سان گهڻو ڪجهه ملي ٿا اچن“.....
نيٺ..... پهرين وندر لاءِ، پر پوءِ شونق سان، ٻين
ديني ڪتابن جي به ڀيٽ ڪرڻ لڳاسين. زند اوستا، ڀڳوت
گيتا، انجيل—اهي سڀ ڀيٽياسين. انهن مشابهتن ڪندي
ته اسان کي ماٺ لڳي ويئي. اگرچ سڀني مذهبن پنهنجي
پنهنجي نموني سان پنهنجا خيال ظاهر ڪيا هئا، ته به
انهيءَ ۾ ته شڪ ئي ڪونه ٿي ڏٺو ته ساڳيو شريعتي
خواهه طريقتي، ديني خواهه دنيوي قاعدو سڀني مذهبن
سان لاڳو هو.... چوڻ لڳو ته: ’پاڻ جي آيتون ۽ جملا
ويهي گڏ ڪيا آهن، انهي بابت مون کي خيال آيو ته جي
ڪو هوشيار ماڻهو ويهي خيال ڪري ته جيڪر اصل نئون
مذهب ٺاهي وٺي، جو سڀني جي دل وٽان لڳي اچي.“ |