حڪيم فتح محمد صاحب جي ”آزاديءَ ۽ غلاميءَ جو فرق“
مضمون مان هن بزرگ عالم ۽ اديب جي اعليٰ خيالن ۾
نباز سنڌي عبارت جو سهڻو مثال ملي ٿو، جنهن ۾
مسلمانڪي ۽ هندڪيءَ جو سنڌو ئي ڪونهي:- ”بهاري
موسم ۾ جڏهن چمن ۾ چهچٽو، لڳندو آهي، تڏهن اتي جئن
بلبل پير پائيندي آهي، تئن گلستان ڦري بلبلستان ٿي
پوندو آهي. سندس سونهن سوڀيا اهڙي ته وڻندڙ ۽
موهيندڙ هوندي آهي آهي، جو انسان مٿس عاشق ٿيو
پوي، ۽ کيس ڦاهي ۾ ڦاسايو، ڪوڙڪن ۾ اٽڪايو، اچيو
بند ڪري.... آزاد بلبل ۽ بندياڻي بلبل ۾ وڏو فرق
هوندو آهي. آزاد بلبل جو سينو پر ڇاتي ڪشادي، پيٽ
ڀريل ۽ بدن ٿلهو هوندو آهي. بندياڻي بلبل جي ڇاتي
ڇنل، سينو سوڙهو ۽ پيٽ لڪ سان لڳل ڏسبو آهي. آزادي
بلبل پيرون کائي به ڀڙ ۽ خوش گذاريندي آهي.
بندياڻي بلبل جلون ۽ منترين کائيندي به ڳريل ۽
منجهيل هوندي آهي. آزاد بلبل کٻڙن جي پنن ۾ رات
ڏينهن گهاريندي گذاريندي به اڪثر امن ۾ هوندي آهي.
بندياڻي بلبل پڃري جي مخصوي ڪوٽن ۾ رهندي، ۽
ڌاريندڙ جي پهري هوندي به،اڪثر ڪتن ٻلن جو قوت، يا
سرديءَ گرميءَ جو شڪار، يا روڳ ۽ مرض جو لقمو
ٿيندي آهي. آزاد بلبل تي ڪتن ۽ ٻلن کي ڪاهه ڪرڻ جي
همت ئي ڪانه ٿيندي آهي آهي، جو اُنهن کي به يقين
هوندو آهي ته آزاد بلبل قدرتي آزاديءَ جي زور تي
پاڻ کي بچائڻ جي طاقت رکي ٿي. پر ويچاري بندياڻي
بلبل کي ڳرڪائڻ لاءِ ڪتن ۽ ٻلن جو وات اڪثر پاڻي
پيو ٿيندو آهي ۽ هو سدائين انهيءَ وجهه ۾ هوندا
آهن. اهوئي حال آزاد ۽ غلام قومن جو آهي. ساڳيو
فرق، ساڳيو تفاوت ٻنهي ۾ آهي.“
نانڪرام ڌرمداس، جو به سنڌيءَ جو پختو ڄاڻو هوندو
هو، تنهن ”بهارستان“۽ ”ڦول ڦليل“ (1932) نالي ٻن
انتخابن ۾ سهڻا جهونا مضمون درج ڪيا هئا، جن سان
گڏ آسانند مامتورام جو ”پٽ جي زبان“ ۽ خود پنهنجا
ڪيترا سئر سفر وغيره تي لکيل مضمون پڻ وڌا هئائين.
هن وقت جي تاليف ڪيل رسالن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته، يا
ته ساڳيا جهونا شاهڪار مضمون وري وري پيا پوندا
هئا. مثلاً بولچند ڏيارام جو ”تاج محل“، صاحبسنگ
شاهاڻيءَ جو ”وهيو“، پرمانند ميوارام جا ”جهنگ جو
شئل شڪار“- ”سارنگ ساوڻ لايا“ (ڦليلي)، ۽ ديارام
گدومل جا ساميءَ جي سلوڪن ۽ عمر خيال جي رباعين
وارا مهاڳ، يا جي نوان مضمون چونڊ ويندا هئا ته
انهن مان ڳچ عدد خود مؤلف جي مضمونن جو هوندو هو،
پر جهونن ڪتابن ۽ مخزنن مان کوجنا ڪري ڪي ٻيا عمدا
ليک ڪونه وجهندا هئا. 1932 ڌاري فتحچند ۽ ميلارام
واسواڻيءَ گڏجي ”جوهر نثر“ نالي انتخاب ڪڍيو هو،
جنهن ۾ ديوان ڪوڙيمل ۽ مرزا قليچ بيگ کانسواءِ،
زنده ليکڪن جا مضمون به چونڊيل هئا.
ان بعد ليکراج ڪشنچند (عزيز) ۽ فتحچند وسواڻي گڏجي
”گلستان“ انتخاب ڪڍيو، جنهن ۾ به مرزا قليچ بيگ جي
”پڙهڻ يا اڀياس ڪرڻ“ (”مقالات الحڪمت“ مان ورتل)
کانسواءِ، ٻيا سڀ نوان مضمون چونڊي وڌل هئا،
جهڙوڪ:-
”ٻهراڙيءَ جي شام” ۽ ”جهوپڙي“- اميد علي دوست علي
”انگريزي قوم جون ڪي خوبيون“ (”سنڌو“ مخزن مان)-
نماڻو
”ڳوٺاڻي حياتي“ (”ڳوٺاڻي چهر“ مان)- نارائڻداس
ملڪاڻي
”ابرهام لنڪن“ (”سنڌو“ مان) – شيوارام ڀاڳچند
”شان ۽ محنت“ (”سنڌو“ مان)- لکيمچند ڪاڪا
”تندرستي“ (”گهرو علاج“ مان)- ڊاڪٽر هرنامداس
”عدالت جو وزير“ ۽ ”فرشتو“ (”سندر ساهتيه“ رسالي
مان)- ميلارام واسواڻي
خود مؤلفن جا لکيل هيٺيان چار چار سٺا مضمون هن
انتخاب ۾ پيا هئا:
”اميد“، ”رنگ ۾ ڀنگ“، ”غم يا خوشي“ ۽ ”پڇتاءَ جا
لڙڪ“
- ليکراج عزيز، ۽ ”موتي ۽ سندس شڪار گاهه“ (”پريم
پرچارڪ“ مان)، ”عجيب چوري“، ”محبت جي اک“ ۽
”ڏيئو“- فتح چند منگترام.
1940 ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي ”سنڌي نثر ۽ نظم جو
انتخاب“ نالي هڪ مجموعو ڪڍيو هو، جنهن ۾ جهونن
مشهور مضمونن ڌاران، ٻيا عمدا ليک هئا:-
”ويچار“، ”حيا“ ۽ ”همت“- مرزا قليچ بيگ
”حڪومت جي ڪماليت“ ۽ ”ميرن جي صاحبي“- حڪيم فتح
محمد
”سنڌ ۽ مصر جي ڀيٽ“- محمد صديق ميمڻ
”ڏک سک جي سونهن“- ليکراج ”عزيز“
”دل جي طلب“ – ميران محمد شاهه
”والميڪيءَ جي وارتا“ ۽ ”نالندا يونيورسٽي“- ڊاڪٽر
گربخشاڻي.
هن انتخاب ۾ خود ڊاڪٽر دائود پوٽي جا ٻه مشهور
ادبي مضمون پيل هئا: ”هڪڙو ”برٽن صاحب جي سنڌي
ساهت تي نظر“ جو ترجمو، جنهن ۾ ان انگريزي عالم
سنڌي ٻوليءَ جي واکاڻ ڪئي هئي جا پڙهندي فخر پيو
پيدا ٿئي. ٻئي مضمون ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ توڻي
سنڌي ادبي تاريخ ڪانه ڏنل هئي، جئن سري مان سمجهجي
ٿو، پر منجهس ناياب قديم سنڌي ادب جي کوج ڪرڻ لاءِ
للڪار ڪيل هئي. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي هڪ ٻيو سنڌي
مضمونن جو انتخاب ”سرها گل“ (1943) نالي پڻ تاليف
ڪيو هو جنهن ۾ سندس مضمون ”سنڌي ساهت جي اڄوڪي
حالت“ پيو هو. ليک ۾ به جيتوڻيڪ اڄوڪي سنڌي ساهت
جو ذڪر ڪري سوُتو پوُتو ڪيو هئائين، پر منجهس جيڪو
بيان آڳاٽي زمين ۾ هندو- مسلم برادري بابت ڪيل هو،
سو تحسين جوڳو ۽ دل اڀاريندڙ هو. هنن ٽنهي مضمونن
مان حوالا اڳيئي ڏنا ويا آهن.
1944 ۾ پروفيسر لالسنگ اجواڻيءَ، هڪڙيءَ ئي جهوني
مخزن ”ڊ- ج- سنڌ ڪاليج مسلني“ جي جهونن فئلن مان،
1901 کان 1942 تائين، 27 مضمون چونڊي ”ويچار“ نالي
مجموعي ۾ ڇپايا. پڙهندڙ ڏسندا ته مٿي ذڪر ڪيل نثر
جي انتخابن جا نالا گهڻو ڪري گلن ڦلن تان ڏنل
هوندا هئا (جئن نظم جي انتخابن جي نالا ماڻڪ موتين
تان ڏنل هوندا هئا). پر اجواڻي صاحب هن انتخاب کي
اهوئي نئون نالو ڏيئي پنهنجي اصليت ڏيکاري، ڇو جو
مضمون نويسيءَ جو بنياد ئي ”ويچار“ تي ٻڌل آهي. هن
ڳٽڪي جا سهڻا ليک، جي ٻين مجموعن ۾ نه آيا هئا، سي
هئا:-
”سنڌي عبارت“ –پرمانند ميوارام
”چنڊول“ –پرنسپال صاحب سنگهه شاهاڻي
”حب وطن“ ۽ ”درياهه جو درشن“- تولارام ٻالاڻي
”اک“ ۽ ”سارنگ“ –ڀيرومل مهر ڇند
”گنجي جبل جو سير“ –ميران محمد شاهه
”ڀنڀور“ –لالچند امر ڏنومل
”شاهه ۽ سندس شعر“—تاج محمد پٺاڻ
”نفاق“—عبدالڪريم ميمڻ
”دوست ڏانهن خط“—پروفيسر رام پنجواڻي
”وقت“ - ...... هرومل سدا رنگاڻي
”گيتا جي سکيا“ - .... لوڪومل ڪيسواڻي
”غلامن جي بيک“- ... ڏيپچند کينئرا
۽ خود پروفيسر اجواڻيءَ جا چار مکيه مضمون: ”جيوت
جو ٿنڀو“، ”جيوت جو مزو“، ”هڪ عجيب لطف“، ۽ خاص
ڪري نثر جي اصولن بابت ادبي ليک ”نثر ۾ ڇا گهرجي.“
جنهن مان اڳي ئي مثال ڏنل آهي.
1944 کان 1945 تائين پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ
جا چونڊيل نثر ۽ نظم جا ٽي ڀاڱا ”ادبي گلشن“ نالي
سان نڪتا، جن جي خصوصيت ديوان ڏيارام وسڻمل جي
انتخابن وانگر اها هئي جو هر هڪ ليکڪ جي ساهتڪ
جيوت ۽ رچنائن جو مختصر احوال پڻ ڏنل هو. جهونن
لکندڙ ۽ مضمونن کانسواءِ، انهن ٽن ڀاڱن ۾ نوان
مضمون هيٺيان هئا:-
”شڪار“ ”نيلگري“ ۽ ”ڳولن وارو پنچائي سرشتو“-
لعلچند امرڏنومل
”نيڪدل بادشاهه ۽ سچي سخاوت“ (”گلشن بهار“
مان)-غلام محمد شاهنواڻي
”ماڪ جو ڦڙو“ ۽ ”منيءَ جي ڪهاڻي“ (”دانائي جا سبق“
مان)- قاضي عبدالرزاق
”قوميت“ ۽ ”آرام ۽ عشق قوميت کي ناس ڪري ٿو“
(”ڪمال ۽ زوال“ مان) حڪيم فتح محمد
”نياپو“ ۽ ”تنهنجو ڀلو ڪري ڀڳوان“ (”ورق“
مان)—توبند ڀاٽيا
”مان جيڪر ڪارو هجان“،”مقاطعن جو نيلام“ ۽ ”ناول“
(”ادبي آئينو“ مان)- ليکراج ”عزيز“
”تقدير“ (”حياتيءَ جو پهريون ۽ ٻيو دؤر“ مان)-
محمد صديق ميمڻ
”حڪايت“ (”گلزار چنبيلي“ مان) – محمد بخش
”پرائي ماس ۾ ڪاتي“ ۽ ”نالا“- پروفيسر ڀمڀاڻي.
ليکراج ”عزيز“ جو ”ناول“ هڪ ادبي مضمون هو، جو
ڀمڀاڻي صاحب جي اصلوڪي ناول “مالهڻ“ جي مهاڳ طور
لکيل هو. ناول نويسيءَ جي مکيه وصفن: حياتيءَ جي
ترجمانيءَ ۽ اخلاق جو بيان ڪندي، عزيز صاحب پنهنجي
مائيدار عبارت ۾ هي اهم اصول پيش ڪيا هئا:-
”شاندار ۽ عمدي قصي جو مدار آهي مصنف جي تنقيد تي
۽ اهڙو ڪتاب هن جي نقطا نگاهه کان حياتيءَ تي هڪ
راءِ زني آهي، هو ڪڏهن اداڪارن جي واتان نڪته چيني
ڪرائي ٿو ته ڪڏهن پاڻ ڪري ٿو. هرڪو اعليٰ درجي
وارو قصو زندگيءَ مان ئي اُڀري ٿو، زندگيءَ تي ئي
دارومدار اٿس ۽ اُهي شيون جي حياتيءَ سان واسطو
رکندڙ آهن، تن کان لاپرواهه ٿي نٿو سگهي. سچ پچ ته
افسانو انسان جي علمن جو هڪ دفتر آهي.... ناول ۾
اهو ضروري آهي ته ڪنهن نه ڪنهن مقصد کي پيش نظر
رکجي ۽ اخلاق جي دامن هٿان نه ڇڏجي. المقصه ته
ناول ۾ مصنف کي نه فقط بامعنيٰ، پر مراد ۽ دلچسپ
آکاڻي قلم بند ڪرڻ گهرجي، پر ساڳئي وقت کيس اخلاقي
اصلاح جو به خيال رکڻو آهي ۽ انسان کي حياتيءَ جي
نشيب فراز کان به آگاهه ڪرڻو آهي جيئن پڙهندڙن
لاءِ دستور العمل ڪم ڏئي.“
داخلي يا شخصي مضمونن جا مجموعا
هاڻي اُنهن تصنيف ڪيل مجموعن جو بيان ڪبو جن ۾
مڙيئي مضمون هڪڙي ئي لکندڙ جا هجن، جن مان ئي مصنف
جي خيالن ۽ احساسن دواران سندس شخصيت پروڙڻ جو
اصول پورو ٿي سگهي ٿو ۽ جن کي داخلي يا شخصي
مضمون (Subjective
essays) ڪوٺبو
آهي. انهن مان پهريون مجموعو هو پرمانند ميورام جو
”گل ڦل“ جنهن جو پهريون ڀاڱو 1925 ۾ ۽ ٻيون ڀاڱو
1936۾ نڪتو. اهي ڪتاب پرمانند صاحب ”جوت“ اخبار جي
جهونن فئلن مان پنهنجا بهترين مضمون ۽ ٻين ڪن
لکندڙن جا به ٿورا مضمون چونڊي ڇپايا هئا. هن صاحب
جي اعليٰ مضمون نويسيءَ جو مثال ”جوت“ اخبار جي
فقري هيٺ اڳيئي ڏنل آهن، هتي فقط ”گل ڦل“ جي
پهرئين ڀاڱي جي ديباچي مان هڪ ٽڪر ڏجي ٿو، جنهن
مان پرمانند صاحب جي مضمونن جي وسيع دائري جي پروڙ
پوندي:- ”ڪن دوستن جي صلاح ٿي، خاص ڪري پروفيسر
ايڇ- ايم- گربخشاڻي ايم- اي- جي، ته ”جوت“ ۾
ٽيهارو ورهين کان جي طرح طرح جامضمون پي ڇپيا آهن،
ڇا اخلاقي، ڇا تعليمي، ڇا تواريخي، ڇا سائنس جا،
ڇا جيتن، پکين۽ جانورن جا بيان، ڇا جهونن ڊٺلن
شهرن جا احوال، ڇا سورمن ۽ نيڪ مردن ۽ زالن جا
چرتر، ڇا جهنگ جا شئل شڪار، ڏند ڪٿائون، ۽ عمديون
۽ نصيحت ڀريون ڪهاڻيون ۽ نقل سي، چونڊي هڪ ڪتاب
ڇپائجي.“ ”گل ڦل“ ڀاڱو ٻيون، جو گرداسمل هاءِ
اسڪول جي هيڊماستر لڌارام موهنداس جي چوڻ تي ڇپايو
ويو هو، تنهن ۾ به وگيانڪ مضمون، نقشن سميت، وڌا
ويا هئا، جي ڪي- جي – ٺڪر جا لکيل ”تند بنا تار“ ۽
”هوائي جهاز“ هئا.
1927 ۾ لعلچند امرڏيمل جو ”ڦلن مٺ“ نڪتو، جنهن
جنهن کي پرمانند جي ”گل ڦل“ کانپوءِ آءٌ ٻيون نمبر
عاليشان ليکن جو سنگره سمجهندو آهيان. پر هي مضمون
اڳيئي ڪنهن مخزن ۾ ڇپيل نه هئا، بلڪه لعلچند صاحب
پنهنجي ڊائريءَ مان چونڊ ڪري پهريون دفعو ڇپايا
هئا، جنهن ڪري هن ڪتاب کي پهريون شخصي مضمونن جو
مجموعو ڪوٺي سگهجي ٿو. لکندڙ منجهس ڳوناگون وشين
تي پنهنجا شخصي ويچار ۽ جذبا ظاهر ڪيا هئا، گويا
پنهنجي اندروني شخصيت تي هر پهلوءَ کان روشني وڌي
هئائين. ڪو اَڻ ڄاڻو به لعلچند جو هيءَ پستڪ
پڙهندو ته سندس خود مختيار خيالن، ۽ مائيدار
محاورن سان جنجهيل عبارت مان، سندس هستي ۽ منورتي
چٽيءَ طرح هنجي آڏو اُڀيون ٿي اچي بيهنديون. مهاڳ
۾ پاڻ لکيو هئائين:- ”اهي خود ڪشيدا ويچار، توڙي
ٻڌلن ۽ پڙهيلن مضمونن جا سنڌيءَ ۾ اختصار، مون
سمجهيو ته پنهنجي ڊائريءَ مان ڪڍي، ڪتاب جي صورت ۾
ڇپائبا، ته سنڌي ساهت کي چڱي هٿي ايندي. پڙهندڙ
ڏسندو ته هن ”ڦلن مٺ“ ۾ قدرت جا نظارن جا بيان،
اخلاقي مسئلنجي اوک ڊوک، تاريخي واقعن تي نڪته
چيني، ورزش ۽ صحت تي ويچار ۽ سائنس جي کوجنائن تي
چٽڪا، سڀ رنگ ئي نئين ۾ اچن ٿا. منهنجي واٽ ئي
پنهنجي آهي. لتاڙيل سڙڪ تان آءٌ هلان ئي ڪونه ٿو.“
هن حوالي مان نه فقط مضمونن جي گونا گونيءَ جي سڌ
پوي ٿي، پر لعلچند صاحب جي خود خياليءَ ۽ درڍتا جو
به سماءُ ٿو پوي، جنهن ڪري پاڻ تي ”ڏڪر“ جو لقب
لڳائڻ ۾ به فخر سمجهندو هو. هن مجموعي جا گوناگون
مضمون هئا: ”آسمان جو نظارو“، ”پساري ۽ ڳوٺاڻا،
”نقاش ۽ شاعر“، ”پريم“، ”چمن هنڌ“، ”اڪبر اعظم“،
”شواجي“، ”هندو ڄاوا! اُٿ، اُٿي ٻار“، ”نيگري“،
”ڪرشنا ڪماري“، ”شاعر ڪير؟“، ”جيوت، چٽاڀيٽين جو
سلسلو“، ”شاهه ۽ سچل“، ”اچرج جهڙيون رسمون ۽
رواج“، ”خط (سنسار جو شاندار آئيندو)“، ”ٻاهر وارن
سان هندستان جي ڏيتي ليتي“، ”ڳوٺن وارو پنچاتي
سرشتو“، ۽ آڳاٽي هندستان جا ودياپيٺ دارالعلوم.“
ڪي سال پوءِ، لعلچند ”سدا گلاب“ نالي سان ٽاگور جي Gordener وارن
جوانيءَ جي نفيس اُمنگن ڀريل گيتن جو ترجمو،
پنهنجي اصطلاحي نثر ۾ ڪري ڇپايو هو، جن جي اوٽ تي
پنهنجا به ڪي جذباتي ٽڪرا لکي اُن ڪتاب ۾ ملائي
ڇڏيا هئا.
1933- 34 ڌاري، هڪ سنڌي ودوان، جو منڍ ۾ سنڌ کان
ٻاهر آرٿڪ آچاريه هوندو هو ۽ آخر سياسي اڳواڻ ٿيو،
سو اچانڪ سنڌي ساهت جي آڪاس ۾ نئون ستارو ٿي
اُڀريو. 1929 وارين ٻوڏن ۾ ڏڪر جي سمي، سنڌ جي
ڳوٺن ۾ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي پاران دان ڀريا دؤر
ڪندي، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ ”ڳوٺاڻي چهر“ جا
ٻه ڀاڱا لکي ڪڍيا، جن ۾ ڳوٺاڻن جي زندگيءَ ۽ سندن
دکن سکن جو نقشو وفاداريءَ ۽ همدردي سان هڪ پاسي
چٽيائين، ته ٻئي پاسي ڳوٺاڻن جي چهري ٻوليءَ ۽
سندن محاورن ۽ ڪهاوتن کي ادبي مرتبو ڏيئي ڇڏيائين.
تنهن کانسواءِ، هن صاحب سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ ان
نئين دلپسند قلم کي وروٺايو جو پرمانند ميوارام
لڳايو هو، يعني مذاقي نوع ۾ مضمون لکيائين جن جي
سنڌي ادب ۾ گهڻي کوٽ هئي. فرانسي عالم اَنانول
نرانس جو قول آهي ته ”مذاق هڪ خدائي ڏات آهي جا
سنسار جي لڙڪن مٿان انڊلٺ جيان ڪمان ڪري بيهي ٿي.“
يعني مذاق ۽ خوش خلقي سان ئي دنيا جي دکن کي
برداشت ڪري سگهجي ٿو. ملڪاڻي صاحب جي ڪهڙي به
ڳنڀير وشيه تي لکڻيءَ ۽ ٽپ ٽپ تي ٽهڪ نه، ته مرڪ
آهيئي ئي آهي، جنهن مان سندس خوش مزاج شخصيت پيئي
بکي. سندس ننڍن ننڍن جملن واريءَ لکڻي جو نوع اهڙو
آهي ڄڻ پڙهندڙن سان دوبدو ٿي خانگي رهاڻيون ويٺو
ڪري. خصوصاً ”ڳوٺا ڻي چهر“ جي ٻئين ڀاڱي جو آخرين
ليک ”چريا لنڊ“ پڙهندي، شرط آهي جي ڪوبه ور ور
ڏيئي کلڻ کان پاڻ کي روڪي سگهي! مثال طور هيٺيون
ٽڪر پڙهي ڏسو:
”موٽرون وٺي هلياسون خير ڪرڻ.... رستو کڏون کوٻا،
دڙا ۽ ڊٻون. اڳيان ڌڌڙ، پٺيان ڌڌڙ، منهن ۾ ڌوڙ،
مٿي ۾ ڇائي. وات مچڪاءِ ته واريءَ جي لذت پيئي
اچي. موٽر ڌوڪيندي وڃي، ۽ اچي جو جهوٻو ته ٺينگ
پيا ڇڏيون. ڪار دار چوي: فلاڻا جهلي ويهه، خبردار
ٿچ. هي منهنجا ڏند ڏسين ٿو؟ اڳيان ٻه آهن ئي ڪين.
هڪڙي ڀيري ڌوڪيندا پي وياسين. ڊرائيور اکين سچو،
سو دڙي مٿان ڊوڙندو ويو، ۽ وٺي جو اڇال ٿو ڏيئيم،
ته منهن نڪ وڃي موٽر جي ڍڪ سان.... ڏسان ته ٻه ڏند
پيا ڌڏن. آهين تون به سو کيم سرير. خير جي ڪم تي
ڏند ڪين ڪڍائينداسين. هڪڙي ڀيري هڪڙو واڻيو هيئن
موٽر ۾ پي ويو. ويٺو ڪين هو، ليٽيو پيو هو. وٺي جو
اڇل جو کائي ته نڪ نه ٺهي، ڏسي ته ڦٿو پيو آهي!
بس، پوءِ ته آءُ به ڀولڙي وانگر موٽر کي ڇڏي چهٽي
ويٺس. ٻانهن ڪاٺ ۾. موٽر ۾ هو ڪامورو، سو خلاصا
ويٺا هئاسون. هونئن ته ڀاڙي واريءَ ۾ پنج پٺيان،
چار اڳيان، ٻه ٽي ٻاهران، مڙئي ڏهه ٻارهن هڪ ٻئي ۾
ٺهڪي ڦهڪي وهندا آهن. ڪن جا پير پٽ ۾، ڪن جا ٻاهر
پيا لڙڪن، ڪي هنڌ مٿان، ڪي هنجن منجهه، ڪي لٽڪي
بيهن، ڪي چنبڙي وهن.....
ساڳئي مضمون ۾ هڪ قدرتي بيان ڏنل هو جو مذاقي نه
پر شاعراڻو هو ۽ منجهس سندر چتر چٽيل هئا:- ”تعلقه
ماتلي البت مٿاهون آهي. پر پٽ بيابان منجهس گهڻو.
هتي رستا ڇا جا! ٻوٽا لڳا پيا آهن. موٽر کڻي ڇڏ ته
لاهور ميل پيئي وڃي. بنا آواز، بنا ڌوڏي، ترڪندي
پيئي وڃي. پر هي ڇا! ڏس ته ساڄي پاسي پاڻي، ڏائي
پاسي پاڻي، سامهون به پاڻي، وڻ به پيا ڏسجن. وڻڻ
جا اونڌا پاڇا به پيا ڏسجن، پر ماڻهو، نڪو مرون.
وڃ اُڏامندو، وڃ اُڏامندو، پر پاڻي وڃي هٽندو.
منجهند جو ٻارهن لڳا آهن. واري تتي آهي، پٽن مان
غبار پيا نڪرن. پاڻي اٿاهه لڳو پيو آهي. وڻن جي
وس پيئي پسجي. پر هي وري ڇا! ٿورو ڦيرو کاڌو سون
ته وڻ گم، پاڻي گم. واريءَ جا پٽ ۽ موٽر جي
گهوگهو. خواب هو، سڀ غائب ٿي ويو! هي سڃ جو نظارو
رڃ، سنڌ ۾ عربستان، قدرت جي حئرت آهي! تتل پٽ تنهن
کي به پنهنجو سيتل اسرار آهي.“ هنن ٻن مجموعن جا
مکيه مضمون، جن مان ڪي پهرئين ”جوت“ ۾ ڇپيا هئا،،
سي هئا: ”ٻوڏون“، غريبن جي جهڳي“، ”تقاوي“، ”مال
جي چوري“، ”پن چري“ ”رسائي“، ”ٻهراڙي ۾ مهمان
نوازي“، ”بٽئي جو رواج“، ”ٿر ۾ ڏڪار“، ”ٻروچڪيون
ڏاڙهيون“، ”جان جو قدر ڪونهي“، ”ٿر جو سير“، ”ٿر
جا ميگهواڙ، ”ٿر ۾ پوک.“، ”شعربازي“، ”هيڻا هر
ڪنهن وهيڻا“، ”اَدا، اسان جتان ان ڪونه ڪڍيا“،
”گانڌيءَ جو قسم اٿيئي“،”ڀلا سائين اسانجي به ته
ٻڌو“. مٿئين ليکن جي نرالن سرن مان ئي معلوم ٿيندو
ته منجهن سنڌ جي ديهاتي جيوت جي هر پهلوءَ کان چڱي
خاصي جهلڪ ملي ٿي. هن ڪتاب جي منڍ ۾ پروفيسر صاحب
سنڌي ڳوٺاڻن جي ٻوليءَ ۽ سندن حالت بابت جيڪي لکيو
هو تنهن مان عبرت وٺڻ کپي:-
|