سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:28 

آءُ خاطريءَ سان چوندس ته هن ’ڳوٺاڻي چهر“ ۾ هڪ به لفظ يا اصطلاح مون ڪنهن انگريزي خوانده کان ڪونه جهٽيو آهي..... باقي ڳوٺن ۾ ويچارن وٽ رهي آهي اها سنڌي ٻولي اها به کسي وٺون ته پوءِ جهڙا پاڻ تهڙا سندن ڍور. عجب ته جيئن گهٽ پڙهيل تيئن ٻولي سوادي، جاهل جت ته ٻولي چهري. اُچار ٻيو، آواز ٻيو، نمونو ٻيو.... اسان شهر واسين کي نه سنڌي ٻوليءَ جي سونهن، نه ڳوٺن جي حالت جي خبر آهي.... اسين انهن ’چئن‘ کي سڃاڻون نٿا، ڌاريو ٿا سمجهون، نيچ ٿا سمجهون، کانئن نفرت ٿا کائون، چي ’اهي ڄٽ سڌرڻ جا نه آهن‘.... ’ڳوٺاڻي چهر! پڙهڻ سان ڏسبو ته اهي ’ڄٽ‘ به اسان جهڙا ماڻهو آهن، اسان وانگر ئي سور ٿو ٿئين ۽ جوش ٿو اچين.... وقت جو چڪر ڦري آيو آهي. سالها پائمال رهيا آهن، پر هاڻي اُٿڻ جا سعيا ٿا ڪن. جي کين هٿ ڏيئي ٽارينداسون ته ٻئي ٺري پونداسون، نه ته اسان کي ٻوڙي به ترندا.“پروفيسر ملڪاڻيءَ جو ٻيو مجموعو ”اناردانه“ 1940 ۾ نڪتو هو، جنهن ۾ پنهنجن اڳين ڪتابن مان چونڊ مضمون ڪٺا ڪري وري ڇپايا هئائين ۽ اڌ کن ليک ”ڳوٺاڻي چهر“ مان ورتل هئا: ”ڪشمير جو سير“ جو 1926 ڌاري نڪتو هو، جڏهن پروفيسر صاحب اڃا اهڙو مشهور ليکڪ نه ٿيو هو، تنهن مان به ڪي بياني مضمون کنيل هئا، جن مان بهترين شاعراڻا ليک هئا ”افروت پريت“ ۽ ”مغلن جا باغ“. ”گجرات“ ڪتاب جو 1929 ۾ نڪتو هو تنهن مان چونڊيل دلچسپ مضمون هئا. ”گجراتي گربو“ ۽ ”گجراتي ناريون“ ”راجپوتانا“ ۽ ”راجپوت اڳي ۽ هاڻي“ پڻ عمدا ليک هئا. سندس نئين اڳئين ڪتاب ”جيلي جيوت“ (1933) مان کنيل فلسوفاڻا مضمون هئا ”جيل ڪين آشرم“ ۽ ”جيل هڪ آدرشي ڳوٺ“. ”اناردانه“ جا عاليشان ليک، جن ۾ پروفيسر صاحب وڏي آزاد خيالي ۽ حسن پرستي ڏيکاري هئي، سي هئا: ”مائٽن جا حق ۽ پاڙيسرين جون جوابداريون“، ”سهڻو ڪير، مرد ڪي زال؟“، ”ڪي رهاڻيون“. پهرئين مضمون مان ملڪاڻي صاحب جي سماجي طنز ۽ صاف گوئي پڌري آهي:

”آءُ ڀانيان ٿو ته هڪ پاسي اسين هندستاني دنيا ۾ ڏاڍا رحمدل ۽ دياوان آهيون، ته ڪنهن به جيون کي ڄاڻي واڻي اهنج ڪين رسائينداسين ۽ ٿي سگهي ٿو ته ايذاءَ جو علاج ڪنداسين. پر ٻئي پاسي اسين هندستاني نهايت بي خيالي ۽ بي سمجهه آهيون. اسان ۾ قرب آهي، پر مرجانا ڪانهي. رحم آهي، پر سمجهه ڪانهي. تنهن ڪري اسان مهاتما پيدا ڪيا آهن، پر ”مجنٽلمن“ ڪين پيدا ڪيا آهن. ڳوڙهن ۽ ڳرن سوالن جا جواب ڏنا اٿئون، پر اٿڻ وهڻ، ادب ۽ آداب اک اڳيان به نه آندا اٿئون.

”يورپ ۾ جيڪڏهن هڪ ڳالهه مون تي سڀ کان وڌيڪ اثر پيدا ڪيو ته اهو: هرڪو ماڻهو پاڻ کي تنهنجو مائٽ نٿو سمجهي، پر فقط پاڙيسري. ۽ پاڙيسريءَ جو حق نٿو ڇڪي، پر جوابداريون نٿو وساري. تنهنجي گهر ۾ بک آهي، يا بيماري، يا موت، اهو تون ڄاڻ. مڙس آهين، مڙس ٿي دنيا جي آفتن کي منهن ڏي. پر آءٌ تنهنجو پاڙيسري ٿي ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪندس، ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪندس، جو توکي ايذاءُ ڇا پر اهنج، اهنج ڇا پر خفو ٿئي. تو وٽ ايندس ته چتائي ايندس، در اندر گهڙندس ته کڙڪائي گهڙندس، در کولي ايندس ته آهستي کوليندس ۽ وري ضرور پائيندس، ڪرسي تي وهندس ته ڪرسي ڪين گهليندس، ٻيڙي ڇڪيندس ته توکان پڇي ڇڪيندس، ڪم لاهي تو وٽ ٽنگون ٽيڙي ويهي ڪين رهندس. جي پاڙيسري آهيون ته در ٻاهر ڪن ڪچرو، ڪسيءَ ۾ پيشاب، گهٽيءَ ۾ ڪاڪوس ڪين ڪندس..... تون مون وٽ ايندين ته اڌ اگهاڙو اڱڻ ۾ يا در ٻاهر ڏندڻ يا گرڙيو نه ويٺو ڪندس ڪي آءٌ توسان ڏندڻ وات ۾ وجهي، لوٽو هٿ ۾ کڻي، رستي تي ٿڪون ڦٽيون ڪندو ’جهنگل‘ هلندس.... مائٽن سان گڏ رهڻ يا هر ڪنهن کي سؤٽ سمجهڻ جا ڏينهن لڏي ويا. هاڻي اسين فقط پاڙيسري آهيون ۽ مائٽن کي به پاڙيسري پيا سمجهون. چڱو ٿيندو ته مائٽن جا حق ڇڏي، پاڙيسرين جون جوابداريون محسوس ڪريون.“

”ڪي رهاڻيون“ واري مضمون ۾ پروفيسر صاحب جي ادار دلي، انقلابي پر اعليٰ خيالن واري ڏسڻ ۾ اچي ٿي:- ”هاڻي ڪن لائي ٻڌ ته آءٌ ڇا لاءِ ٿو سڪان: هڪ زال- دوست لاءِ،. ڪنواري يا پرڻيل- مون لاءِ ذري گهٽ ساڳي ڳالهه آهي، جنهن دوست سان منهنجو سنٻنڌ سڀاؤ، خيال ۽ آدرش تي ٻڌل هجي- ڏيل ۽ ڏيک جي نَشي تي ٻڌل هجي، جنهن سان لحاظ، قياس ۽ قرب ونڊي سگهجي، پر جنهن ڏي حواسن ۽ هوسن جي ڇڪتاڻ نه رڳو نامناسب پر گناهه سمجهان، اهڙي دوستي منهنجي ڀاونا جو وڪاس ڪري سگهي ٿي، دنيا جي ڪمن ڪارين ۽ ڪشالن ڪوششن ۾ مون کي اُتيجت ڪري سگهي ٿي.“

”اناردانه“ جو مهاڳ لکندي پروفيسر اجواڻيءَ هن ريت ڀوڳ پاتو هو: ”پرفيسر ملڪاڻيءَ جون اکيون سدائين سونهن کي ڳولين پيون ۽ چپ سدائين مرڪ سان پُر آهن. پر اها مُرڪ بنهه لڙڪ جي ويجهو آهي. کلي کلي روئي به ڏجي، جي ٿورو حؤض ڪجي ۽ پهرين مذاق جي پردي هيٺان ليئو پائجي. هونءَ به جيوت ۾ توڙي ساهيته ۾ مرڪ ۽ لڙڪ اصل پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.“

پر هڪ افسوس جي ڳالهه آهي جو هن سنگرهه جو نالو فارسي صورت ۾ ڏنل آهي، ”انار دانه“ بدران جيڪڏهن ”انارداڻا“ ڪري ڪوٺيس ها ته ڪهڙو نه سهڻو سنڌي نالو ٿي پوي ها!

مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کانسواءِ، پروفيسر ملڪاڻيءَ ٻيا به مضمونن جا ڪتاب لکيا هئا. 1927 ڌاري عام واقفيت جو ڪتاب ”سنڌ جا هنر“ لکيائين، جنهن ۾ ڳوٺاڻن سان سوال جواب ذريعي سنڌ جي قديم ۽ مشهور هنرن ۽ دستڪارين جا احوال ۽ بيان ڏنل هئا، مثلاً ٺٽي جون لونگيون، بوبڪن جا غاليچا، نصرپور جا کيس ۽ هالن جون سوسيون وغيره. ”مهاتما سان ڳالهيون“ (1935) ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڏنل هو جي هن صاحب مهاتما گانڌي سان ڪيون هيون. جڏهن هريجن دوري تي ساڻس ڪجهه وقت گذاريو هئائين. هن ڪتاب مان سٺا مضمون هئا: ”گوري گوپي“، ”ساميه واد تي خيال“ ۽ ”ذات پات ۽ اجهوتپڻو“، جن مان پڇاڙيءَ وارا ٻه اُنهن اهم مسئلن تي مهاتما جي خيال کان واقف ڪن ٿا. 1944 ۾ ملڪاڻي صاحب مهاتما جي هڪڙي پستڪ جو ترجمو ”يوڳ ڪين جوڳ“ نالي سان ڪيو هو، جنهن ۾ به ان وشيه تي گانڌيجيءَ جا ويچار ظاهر ڪيل آهن.

ديوان واڌومل گنگارام اهو بزرگ مصنف هو، جنهن ساري ڄمار گوشي نشينيءَ ۾، پڙهڻ ۽ لکڻ پٺيان نور پي نه چويو، ۽ آخر زندگيءَ جي پونياڙيءَ ۾ هڪ لڪل لعل وانگر پنهنجو جوهر ڏيکاريو. ديوان صاهب جا ڪي پنگتي ليک پهرئين ”ديش متر“ اخبار ۾ پوڻ لڳا هئا، جن جي ويچارن جا سنجيداڻيءَ، آزمودي جي اونهاءَ ۽ لکڻيءَ جي بي ڊپائيءَ سنڌي سماج جي خير خواهن جا ڏند چپن سان لڳائي ڇڏيا هئا. خصوصاً هن صاحب جي سپڪ ۽ مجمل عبارت، ننڍن ننڍن توريل تڪيمل جملن واري، جنهن ۾ گويا ڪوذي ۾ درياهه هوندو هو، تنهن مان اهونيٺ سنڌي محاوري جو هڳاءُ ايندو هو جو استاد لعلچند جي چيدي لکڻيءَ مان ملندو هو. مشهور انگريزي ادبي نڪته چين Sir Quiller Couch جو گفتو آهي ته ”عبارت ۾ ئي لکندڙ جي شخصيت سمايل ٿيندي آهي.“ سو ديوان واڌومل جي نه فقط خيالن مان، پر سندس عبارت مان به سندس جبري ۽ محڪم شخصيت ظاهر ٿي ٿئي. ديوان صاحب جون پنگتي نڪته چينيءَ ۽ سڌاري واريون ٻه چؤنپڙيون: ”پئنچاتي انقلاب ۽ ڏيتي ليتي جو ڏوت“ ۽ ”اڄ ڪلهه جي تعليم“، ڪوڙومل ساهتيه منڊل وارن اڳيئي ڇپايون هيون، جن سان هڪ وڌيڪ ڀاڱو ”اڄ ڪلهه جوڌرم“ ملائي، 1939 ۾ ”پنگتي انقلاب“ نالي سان ديوان صاحب جي مضمونن جو مجموعو ڇپايائون، جو سدائين سنڌي ساهت جو هڪ ڳهڻو شمار ڪيو ويندو. هن ڪتاب جي ٽنهي ڀاڱن مان مکيه مضمون هئا: ”سنڌ ۾ ساڌو سنتن جي ڦرلٽ“ ”ٻاون جون اکيون ماڻهن جي مرڻ ۾“، ”اڄوڪي تعليم جا نتيجا“، ڀارت جو ڌرم“، ”سنڌ جي اڳين حالت“، ”هاڻوڪي پنگتي دردشا جا ڪارڻ“. ”اڄ ڪلهه جي تعليم“ واري ڀاڱي مان هيٺيون ٽڪر هن زماني جي پنگتي اوڻاين جي نرڀؤ اوگهڙ ڪرڻ جو اثرائتو مثال آهي ۽ پڻ ديوان واڌو مل جي مجمل اصطلاحي عبارت جو نمونو آهي:-

”ڇوڪر ڇيڳلا، ڇوڪريون هيڪاري ڇانگ ٿيون مارين. لڄ حياءَ ويا، متان سمت به ڪافور ڪن، ٻئي ڪوڙن حرصن پٺيان شادي ۽ گهر ڪرڻ کان ٽهندڙ، هر ڪنهن جي ٻڌي اها اچي ٿي آهي ته اڇاترو رهجي. شادي به هڪ قسم جي وندر ڄاڻ، ڪئين ائين وسمڻ ۽ ڪرڻ پيا آهن. جوانن جي صحبت گفتگو رڳو رونشو، ناٽڪ، نڄاڻ ڪهڙي پڇاڙي ٿئي. زالن جو مکيه مڻيو مڙس، سو ڪيتريون ڏينڀو ٿيون ڀائن. ناري، نرکي ڏائڻ ڏسندي ته هو به کيس ڏائڻ ڏسندو. اها مغرب جي ملوڪت وڃي ڀارت ۾ جاءِ پائيندي. نه وواهه، نه گهر، ته ڪهڙا ٻار ڄمندا، نپندا يا لڇڻ سکندا؟ حيوان مان انسان ٿياسون، وريو ٿا پاڻ حيوان ڪيون. ديش ۾ طلاق جو طريقو ڄاڻ آيو، پوءِ ملڪ ئي ڪلبون ۽ ڪلالخانه..... ٻار وڏڙا ننڍڙا، ڇوڪر ڇوڪريون گڏ پڙهڻ سان ڳالهه به نه ٺهي، پر جوان اوستا جا نر ناريون گڏ سکيا  وٺن، راند روند ڪن، يا ناٽڪ سئني ۾ کيل ڪن، کلن، تنهن به ملڪ منجهايو آهي. ڇو ٻئي ساڳئي قسم جي سکيا وٺن؟ ٻنهي جو سرير ٻيو، ٻنهي لاءِ سڀاويڪ ڪار ٻي ٻي، پوءِ به پڙهڻ ساڳيو سو ڪٿي ٺهندو؟ جواني مستيءَ جي وقت ۾ ٻئي گڏ پڙهن، کيڏن، کلن، سو ڏاڍو اگرو پيو لڳي.... شادي کان به جواب، پرڻيل، ته مڙس زال ٻئي هڪ ٻئي لاءِ مٿاڇرا.، ٻارن کان به ٻئي ڇرڪن، پوءِ ڪهڙو گهر ٻڌبو، ڪهڙو لڇڻ ليڪو رهندو؟..... جواني جو جذبو چون پريم، جنهن نر ناري ٻئي پي تاهه (؟) بنائي ڇڏيا آهن..... هن مان گهڻو دک نارين کي رسيو آهي. جنهن لاءِ ڪابه عام ڳالهه ڪوڙي هجي يعني ساري جيوت تي داغ ڪيو اچي—نرلاءِ ايڏي ڪانهي. هڪ لاءِ عمر جي ڪارنهن، ٻئي جو ڪلنڪ اهڙو ڪارونٿو ڏسجي. ڪيترو سارو..... وهنوار ولائتي ريتن ڪيو آهي....

”ٻار ڇو بار سمجهجي جي مڙس زال ٻئي پنهنجو پاسو پڄائين لاهين” پر ڄم تي روڪ اهڙي ٿي وچڙندي وڃي، جو ٻار جي ڪنهن کي تانگهه ئي ڪانهي. ڪنواري پرڻئي، سڀ وقت سڀ لاءِ سولو رستو، انهيءَ ڄم تي روڪ جي سبق وڏو دنيا ۾ ڦيرو ڪيو آهي. نر ناري ٻئي وڃن ڇتا ٿيندا. هيڪاري بي روزگاري، تنهن ۾ هر ڪو انهي سکيا کي رستگاري پيو سمجهي. ڀلي شادي نه ڪري، ڪم سان ڪم، ڇا جا ٻار، ڇا جا گهرگهاٽ. پر اهو نٿا سارين ته اُن مان ڪيڏي لفنگائي، لنگوتارائي ٿيندي، پاپ وڌندو، بيماريون نڪرنديون، هٿ وٺي ٿا سرير سان هاڃي ڪن.... ٻار بار ڀائنجي ته پاڻ قبضو ڪجي ڪين بي شرميون ريتيون اختيار ڪجن..... پاڻ قبضو نه ڪري سگهجي ته من Safe period جي سار رکجي.... انگن ڍڪڻ جي مرجادا مالڪ مردن کي به بخشي آهي. اڄوڪي سکيا سڄو لباس اگهاڙو ڪري ڇڏيو. جي اهي مرجادا جا خيال پڙهيلن نه پاليا ته اَڻ پڙهيل ڪيئن پاليندا؟... وديا اول اهڙي هجي جنهن مان ماڻهو ڇتا نه ٿين. زالن لاءِ ناچ، ناٽڪ، ڪلبون، محفلون، چڱيون، پروقت سر ڪن، نه رڳو اُنهن جو اوسيرو.... جوان نر ناريءَ جو گڏ پاڙهڻ سيکارڻ، سکيا ڏيڻ لاءِ هرگز پورو رستو نه آهي. پوءِ پڙهڻ ڇٽو، من ڀٽڪندو، پاڻ اٽڪائڻ جا خيال اُن ۾ اٽڪ ڪندا. نوان گلفام گلفامڙيون ڪيئن نه گل سونگهيندا؟ سڀ خيالات نفس پوڄن جي.... اڄ چون گهڻا پيا ته ٻار ڇا ڪبو، جنجال آهي، پنهنجي جيوت هٿ وٺي وهه ڪرڻي آهي. پر ياد رکجي ته اولاد لاءِ ايشور سڀاويڪ سڪ سڀ ۾ رکي آهي جا ڪڏهن مٽڻ مرڻ جي نه آهي.... هٿرادو وسيلا ٻار ٻوساٽڻ جا نه رڳو پاپ آهن پر اُهي سڀاويڪ سڪ جا گهاتڪ آهن. ٻار ئي آهن جي ماڻهوءَ کي حيوان مان انسان ٿا بنائين، انهن جي خدمت، رکيا، تات پالنا، سڀ لڇڻ همدردي قرباني ٿا سيکارين.“

ديوان واڌومل ڪيترا ڌرمي پستڪ پڻ لکيا ۽ ڇپايا هئا، جن مان مکيه هئا: ”هريءَ جو هار“ (1936)، ”جيو جي جنم ساکي“ (آتمڪ سکيائون) ۽ ”ويدانت مان ورق“ (3 ڀاڱا- ويدانتڪ مسئلن جي سمجهاڻي)، جن مڙني مان ديوان صاحب جي مشرقي خواهه مغربي اَٿاهه اڀياس جي پروڙ پوي ٿي.

1940 ۾ تيرٿ وسنت جو ”چڻگون“ نڪتو هو، جنهن جي مضمونن جي لکڻيءَ ۾، ڪتاب جي نالي مطابق، خوب آزاد خيالي ۽ زنده دلي رکيل هئي، جنهن ڪري اُنهن چڻگن سماج ۾ چڱو چوکوڀنڀٽ ٻاري ڇڏيو هو. وسنت صاحب هڪ تجربيڪار ۽ ذهين مصنف آهي، جنهن جو زندگيءَ جي فلسفو روايت پرستيءَ کي ٺوڪر هڻندڙ آهي. اُن ڪري هر وشيه تي سندس ويچار خودداريءَ سان ڀريل، اختياريءَ ۽ بي پرواهيءَ سان ظاهر ڪيل هئا—پوءِ کڻي انهن کي ڪو صحيح سمجهي يا غلط. ”شاهه جو سنيهو“ سندس بهترين علمي ليک هو، جنهن ۾ شاهه صاحب جي روحاني رازن کان وڌيڪ سندس ”حسن پرستي، فطرت آميز ۽ بشر دوستي“ کي اهميت ڏنل هئي—جوتن ڏينهن ۾ هڪ نئون نظريو هو. شاهه صاحب جي شاعريءَ جو عملي اندازو اجهو هيئن لڳايو هئائين:- ”منهنجي ناقص عقل ۾ سچو صوفيپڻو وحدت، ڪثرت، جزي ۽ ڪل تي وعظ ڪرڻ ۾ نه آهي پر آدميت ۽ بشر دوستيءَ ۾ آهي. هو آهي خيال ۽ هي آهي اُن خيال جو زميني زندگيءَ ۾ عمل، ٽئگور پڻ گيتانجلي ۾ ان جي اپٽار ڪئي آهي... اهو آهي سچو صوفيپڻو جنهن کي آدميت يا بشريت ٿو چوان. اها آدميت شاهه جي شعر ۾ هر جا نمايان آهي.

’ڪوڙي ڪايائون تنهنجو لکن لک هزار،.

جيءَ سڀ ڪنهن جيءَسين، درسن ڌارو ڌار،

پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چئان.‘

سندس همدردي سرؤ ديسي آهي ۽ جڏهن پنهنجي وطن کي آسيس ڪري ٿو تڏهن ٻين کي وساري نٿو.

”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

نه فقط ايترو، پر ڪابه جاندار شيءِ ناهي، ڪو به فطرت جو نظارو ناهي، جو کيس ڪشش نٿو ڪري. حسن پرستي ته سندس نس نس ۾ پيئي بکي...

’کڻي نيڻ خمار مان جان ناز ڪيائون نظر،

تارا ڪتيون تائب ٿيا ديکيندي دلبر

سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،

جهڪو ٿيو جوهر جانب جي جمال سين.

دوستو، اها حسن پرستي ۽ بشر پرستي فطرت آميزي آهي جنهن هر رنگ جي ادبيت کي جبري تقويت ڏني آهي، ۽ سندس تهذيب کي اهو رنگ، اهو جذبو، اها حرارت ۽ جنبش عطا ڪئي آهي، جا فقط فلسفه جي نفيس نقطن ۽ اخلاقي هدايتن ۾ ٿي نٿي سگهي.“

”جواهرلعل“ واري مضمون ۾ ان هندستاني جي محبوب اڳواڻ جي خوبين سان گڏوگڏ، سندس ”هئمليتي“ منوورتيءَ جو ڇيد پڻ وسنت صاحب ڪيو هو، جنهن ڪري پنڊت نهرو ضمير جي فڪرات ۾ مبتلا هئڻ ڪري عمل ۾ ڪسو ٿيو پوي. ”چؤڀلا مان ڇا ڪريان“ سندس بهترين سماجڪ ۽ آرٿڪ انقلاب وارو مضمون هو، جنهن ۾ چالو سرشتي کي ڊاهي نئين سماج برپا ڪرڻ جي للڪار ڪيل هئي. وسنت صاحب جو بهترين سيرت نگاريءَ وارو ليک هو ”نانو“، جنهن ۾ پيرسن ناني جو زبردست چرتر اکين اڳيان کڙو ٿيو بيهي. ”ادو عمر“ ۾ به زوردار چرتر نگاري ڪيل هئي، جنهن ۾ جواني، جن پرستي ۽ گناهه بابت انقلابي خيال پيش ڪيل هئا. هن مضمون مان به هڪ فقرو پيش ڪجي ٿو:- ”سخت پورهيو، ڪام جي ڇڪ، پيٽ جي بک، بني بشر جو ورثو آهن. پورهئي سان پيٽ ڀرجي ۽ پيٽ ڀرڻ سان ڪام ترشنا اتپن ٿئي. افسوس جو زر ۽ زن جي ڳوٺ ۾ ڪمي آهي جنهن ڪري اُنجي حاصليت لاءِ آڏا اُبتا رستا اختيار ڪرڻا پون ٿا. ادو پڻ زن ۽ زر پٺيان چار دفعا ناناڻي گهر جا روٽلا کائي آيو آهي. جيل ۾ وڃڻ عيب نه آهي. ڳوٺاڻا اُن کي مڙسي جي نشاني سمجهن ٿا. ڇو ڪين سمجهن؟ جڏهن قانوني حدن اندر هلت، پيٽ جي ۽ اندر جي بک نه لاهي، ته قدرت اوس جڙتو قانون ڀڃي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي. جيڪڏهن ادو انهي ڪري جيل ويو ته اُن کي ڏوهي چئي نه سگهبو... قانون يا ڪنهن به نظام جي عزت تيسين ڪرڻ جائز آهي جيسين ان قانون جي حدن اندر هر فرد لاءِ ڪافي موقعو هجي ته پنهنجون گهرجون پوريون ڪري سگهي.... ڇا سماج انيا ۽ انرٿ تي ٻڌل آهي، جنهن سماج ۾ نئين اُسرندڙ حياتيءَ کي ڦلڻ ڦُولڻ جو موقعو نه آهي، ۽ جنهن ۾ قانون قاعدا، ڌرم رسم، فقط ڪن ٿورن پيٽ ڀريلن ۽ حريفن جي حفاظت لاءِ آهن، تنهن کي ڊاهڻ ثواب آهي.“

”چڻگون“ جي مهاڳ ۾ حيدر بخش جتوئي صاحب کي ”مشرق ۽ مغرب جي ادبيات ۽ اثرات کان ڪافي ماهر“ هجڻ لاءِ جيڪو داد ڏنو هو سو بيشڪ روا آهي. مغرب ۽ مشرق جي خيالات ۾ ماهر هئڻ کان سواءِ، سنت صاحب کي مشرق جي ٻن قديمي ٻولين، فارسيءَ ۽  هنديءَ تي به چڱو دسترس آهي. پر انهي خاصيت مان ئي سندس عبارت ۾ هڪ خامي پيدا ٿي ٿئي، جو فارسيءَ ۾ هنديءَ جي ڳوڙن لفظن ۽ محاورن جي ملاوت بعض سندس لکڻيءَ کي دقيق بنايو ڇڏي،- جا حالت سندس همعصر فلسوفاڻي مصنف آسانند مامتورا جي عبارت سان پڻ لاڳو آهي، تنهن کانسواءِ، اڪثر ساڳئي جملي کي اڌ فارسي ۽ اڌ هندي طرز ۾ لکيو چوُ چُو جو مربو ڪيوڇڏي. خيالن جي اونهاڻ ڪري به سندس جملا لنبا ۽ پيچيده بنجو پون جنهن ڪري مضمون جو سلسلو سمجهڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. مثال طور ”سنگت سار“ ۾ لکي ٿو: ”چئو اوم تت ست. اهي تارون پاروتيءَ جون نسون آهن. جن مان ڪلاونت راڳ درپن جي اپديش انوسار رس ۽ ڀاءُ ڪڍي ٿو ۽ پنهنجي آتش فشان فڪر ۽ امنگ کي لرزان آهنگ ۽ آواز عطا ڪري ٿو.“

تيرٿ وسنت 1940 ۾ ”جواهر جيوتي“ ترجمو ڪيو، جنهن لاءِ کيس سرڪاري تعليم کاتي وٽان 1941 ۾ انعام مليو هو. هيءَ ڪتاب  نه فقط جواهر لال نهروءَ جي آتم ڪٿاهئي پر هندستان جي آزاديءَ جي تاريخ تي هڪ مڪمل مثالو هو. ترجمان جي عبارت به موضون ۽ پختي هئي. ليڪن جواهر لعل جهڙي ويڪتيءَ جي ويچارن جي آزاد ترجماني ڪندي، وسنت صاحب هڪ پاسي اصلوڪي پستڪ جي ڪيترن ٽڪرن جا اختصار پنهنجي لکڻيءَ ۾ ڏنا هئا، ۽ ٻئي پاسي پنڊت جي ڪن خيالن کي وڌائي پنهنجي ويچار موجب واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي—جا ترتيب منهنجي نظر ۾ هڪ ترجمان جي جوابدارين کان ٻاهر هئي. ان جي ڀيٽ ۾، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي جو ساڳئي ڪتاب جواکر به اکر ترجمو ”جواهر آتم ڪٿا“ (2 ڀاڱا- 1946) نهايت وفادار انواد هو، جنهن ۾ اصلوڪن خيالن سان ڪابه هٿ چراند ڪانه ڪيل هئي، ۽ لکيل به ٺيٺ سهڻيءَ سنڌي ۾ هو. پر شايد گهڻو لنبو ٿي وڃڻ ڪري اهو ڪتاب اهڙو لوڪ- پسند نه ٿيو جهڙو ”جواهر جيوني“.

ٻيون مضمونن جو مجموعو جنهن لاءِ ساڳئي سال سرڪاري ادبي بورڊ جو انعام ڏنو ويو هو، سو ليکراج ”عزيز“ جو ”ادبي آئينو“(1941) هو، جنهن صاحب نثر ۾ طبيعت آزمائي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هڪ ڪامياب ناظم، ڪامياب، ناثر به بنجي سگهي ٿو ۽ شاعراڻي پرواز ۽ رنگين زبانيءَ سان  نثر کي به سينگاري سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ عزيز صاحب پنهنجي دستوري فارسي آميز ڳوريءَ عبارت کي گهٽ دقيق بنايو هو، ۽ هر وشيه جي اپٽار، پنهنجن احساسن ۽ جذبن ذريعي اهڙي اثرائتي ڪئي هئي، جو هيءَ ڪتاب تحقيق لکندڙ جي حيثيت جو آئينو بنجي پيو. منجهس هر قسم جا بياني، مذاقي، ادبي ۽ فلسفوڻا مضمون هئا، جي سڀ موزون اصطلاحي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيل هئا. عالماڻا ادبي مضمون هئا: ”شعرو شاعري“، لطيفي لات“ ”علم ادب ۽ زبان“ ۽ ”سامي جا سلوڪ“. ۽ شاعراڻا بياني مضمون هئا: سهائي رات“ سج جو الهڻ“، ”بهار“ ۽ ”سج جو اڀرڻ.“ فلسوفاڻا مضمون هئا: ”ڏوريان ڏوريان نه لهان“ ”جيئن سوهرڻ هماءُ“ ۽ ”سسئيءَ سڄي سڪ“. پر منهنجي خيال ۾ عزيز صاحب جا وڌيڪ دلچسپ مضمون مذاقي هئا، جن ۾ نازڪ کل چرچو ڀريل هو: ”مقاطعن جو نيلام“ ”مان جيڪر ڪارو هجان“ ۽ ”منهنجي نئين ٽوپي“. هن ڳٽڪي به سنڌي مضمون نويسيءَ کي چڱي اوج ڏني. ”مان جيڪر ڪارو هجان“ مان هيٺيون حوالو شاعر صاحب جو نثر تي ضابطو ۽ سندس مذاقي نوع ثابت ڪري ٿو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org