سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:11 

حيدرآباد جا جهونا ناشر (Publishers) ”ايس- جي- ڪو آپريٽو سائٽي“، تنجو بانيڪار ليلارام ولايتراءِ به هڪ خاصو ترجمان هوندو هو. هن صاحب مشهور انگريزي ليکڪاMrs. Henry wood جا ناول ترجمو ڪيا، جن مان ”ايسٽ لز“ 1926 جيٺمل پرسرام جي ”نئين سنڌي لئبرريءَ“ ۾ ڇپايو ويو، ۽ ”هئليبرٽن جا ڏکڙا“ ۽ ”ڊينسبري اڪهه جو قصو“ پنهنجي سوسائٽي پاران ڇپايا هئائين- جي ٽيئي نصيحت آميز۽ دل ڀڄائيندڙ پنگتي قصا هئا ۽ سليس سنڌيءَ ۾ لکيل هئا. 1927 ۾ ليلارام صاحب، مشهور انگريزي مصنف Sir Walter Scott جي ناول The Heart of Midlothian جو اختصار”دلير دل نينگر“ نالي سان ڏنو، جو پڻ ”نئين سنڌي لئبرريءَ“ ۾ ڇپيو هو. 1928 ۾ ڀيرومل مهر چند، غلامن جي آزاديءَ بابت معروف آمريڪي ناول، Mrs. Stowe جي لکيل Uncle Toms’s Cabin جو سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو”گولن جا گوندر“ نالي سان ڇپايو.

1930 ۾ پرنسيپال صاحب سنگ شاهاڻي، جو پڻ ٺيٺ محاوريدار سنڌيءَ جو صاحب هوندو هو، تنهن مشهور انگريزي گرنٿڪار Thomas Hardy جو ناول TheMayor of Casterbridge”بلو کوکر“ نالي سان، سنڌي ڳوٺاڻي مسلم زندگيءَ ۾ اهڙو ٺهڪايو جو گهڻي ڀاڱي اصلي لکيل پيو لڳي. پرنسپال صاحب، ساڳئي ليکڪ جو ٻيو ناول Two on a Tower، ”تارن جو اڀياس“ نالي سان شهري هندو جيوت ۾ الٿو ڪيو هو، پر اهو ڏيهي حالتن سان پورو ٺهڪايل نه هو، ۽ ان جو ترجمو به ڪيترن هنڌن تي نهايت اکري ۽ الوڻو هو، جنهن مان هن عالم جي دستوري ٺيٺ سنڌيءَ جو ساءُ ڪونه آيو.

 

هندستاني شاهڪارن جا ترجما

 

ديوان ڪوڙو مل چندنمل پهريون سنڌي عالم هو جنهن بنگالي جاڳرتيءَ جي پرڀاو هيٺ اچي، جديد هندستاني ناول نويسيءَ جي ابي بنڪم چندر چئٽرجيءَ جون آکاڻيون ۽ ناول، سپڪ سلوڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا- جنهن کانپوءِ ٻين مشهور بنگالي افساني  نويسن تان ترجمو ڪرڻ جو رواج سنڌي ساهت ۾ پيو. ديوان صاحب، بنڪم جا سنسني خيز تاريخي قصا ڪونه کنيا اپر سندس پنگتي ناول پسند ڪيائين. پهريون ناول جو هن صاحب سنڌي ۾ آندو سو هو ”چندر مکي“، جنهن ۾ هڪ بنگالي ڪٽنب ۾ هڪ گگدام آدرش ننهن جو قصو ڏنل هو، ۽ جو سندس سرڳواس ٿيڻ کانپوءِ 1918۾ ماستر بگيمل تلسيداس ڇپايو هو (جو خود تواريخ ۽ جاگرافيءَ تي درسي ڪتابن لکڻ ۾ ماهر هو.) ”چندر مکيءَ“ مان ديوان صاحب جي سرل هنديءَ ڏانهن مائل ٺيٺ سنڌي جو هيٺيون حوالو ڏجي ٿو:

”چندر مکي جو دک اڳي جهڙو اَپار هو تهڙوئي هاڻي وري سندس سک اَپار آهي. اڄ هوءَ پنهنجي پتيءَ جي سکي استري ٿي آهي. هاڻي هوءَ سڀني پرين کي پاڻ ڀري ٿي آهي ۽ گهڻي آرام سان وقت پيئي گذاري. هن جي دک جي رات پوري ٿي ويئي آهي. آپدا روپي انڌڪار کي هن جي سڀاڳ جي سورج اُڀري ناس ڪري ڇڏيو آهي. جئن انڌڪار کانپوءِ سوجهرو ۽ برسات کانپوءِ اُس آنند ڏيندي آهي. تيئن دک کان پوءِ سک شانتي ڏيندو آهي. نارائڻ پنهنجي پيءَ جو ڌن سڀ ناس ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي هوءَ غريب ٿي رهيو آهي پر تب هنن جو سک جو گذارو پيو ٿئي. جيوت جو گذران ٻيڙي سمان آهي، پتي پتني اُنهيءَ ٻيڙيءَ جي هلائڻ وارا آهن. جيسين اُنهن جو ميلاپ آهي تيسين ٻيڙيءَ کي جوکو ڪونهي، اُها سئين سڌي پئي هلي پر اُنهن ٻنهي ۾ ڪجهه وروڌ ٿيو ته ٻيڙي اڻائي ويندي ۽ هنجي ٻڏڻ جو ڀؤ رهندو. هڪڙو ٻيڙيءَ کي ڪاهيندو هڪ پاسي ۽ ٻيو ڪاهيندو ٻئي پاسي ته اُنهيءَ کنچا ٽاڻ ۾ اوس نقصان آهي. انهيءَ ريت گهر جو ڌڻي ۽ ڌياڻي ٻئي گڏجي ڪم ڪندا ۽ هڪ مت تي هلندا ته گهر جو ڪم ڪار سولائي سان پيو هلندو.“

بنڪم چندر جو Krishankanta’s Will، جنهن سڀاويڪ سيرتن ۽ واقعن واري سماجڪ ناول کي آءٌ سندس شاهڪار سمجهندو آهيان، تنهنجو ترجمو ڪوڙيمل صاحب ”روهني نالي سان ڪيو هو، پر اهو به ”ڪوڙيمل ساهتيه منڊل“ وارن گهڻو پوءِ 1937 ۾ ڇپايو هو. بنڪم جو راجنيتي ناول ”آنند مٺ“، جنهن ۾ سندس مشهور قومي گيت ”بندي ماترم“ ڏنل آهي، ۽ جنهن ۾ ڪن سنياسين جي ديش ڀڳتي ۽ انگريز سرڪار خلاف بلوو ڏيکاريل آهي ۽ هؤلناڪ حادثن سان ٽمٽار آهي، سو ساڳئي نالي سان مهراج ديودت ڪندارام ترجمو ڪيو هو ۽ .هندو آفيس“ مان 1926 ۾ ”نئين سنڌي لئبرري“ ۾ نڪتو هو، منوهر داس ڪوڙيمل جو ”سروجني“ (1930) پڻ بنگاليءَ تان ورتل، نئين زماني جو هڪ سچو سماجڪ قصو هو ۽ سٺي سنڌيءَ ۾ لکيل هو. 1926 ۾ مهراج دوارڪا پرساد شرما ”راجپوتي تلوار“ ۽ 1932 ۾ ”وير ڪماري“، ٻئي پارٽي ويرتا بابت تاريخي ناول هنديءَ تان انواد ڪيا هئا، ۽ ٽيون ”سنڌي تلوار“ 1942 ۾ ڪڍيو هئائين، جو سنڌ ديش جو تاريخي قصو هو ۽ منجهس محمد بن قاسم جي فتح کانپوءِ برهمڻ آباد جو احوال ڏنل هو.

1929 ۾ ديوان ديارام گدومل جي جهوني لکيل ”نل دمينتي“ نالي ڪٿا، ديوان ميٺارام ڌرمداس ٽرسٽ وارن ڇپائي پڌري ڪئي هئي. اها هڪ سنسڪرت گرنٿ تان ترجمو ڪيل هئي، پر ديوان صاحب جي سموري دستخط نه لڀڻ ڪري ماستر سهجرام ٽهلرام سمپورڻ ڪئي هئي. هن ڪتاب جي عبارت، سنسڪرت تان انراد ٿيڻ ڪري، ديوان ديارام جي دستوري سليس سنڌيءَ کان ڳوري هئي، جنهن ڪري ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ اوکن سنسڪرت ساهت جي ٻي امر پريم ڪهاڻي ”ستي ساوتري“ پڻ سنڌيءَ ۾ آندل هئي، جا حيدرآباد ميونسپالٽي جي پريزيڊنٽ ديوان بهادر هيرانند کيمسنگ لکي هئي، جڏهن سندس ايامڪاريءَ ۾ هيرآباد ڪواٽر تي اهو نالو پيو هو. اهو ننڍو پستڪ ديوان صاحب، پنهنجي وڪالت ڀائيوار موتيرام رامچند ڀاٽيا سان شراڪت ۾ لکيو هو. 1930 ۾ مشهور مسلم عالم محمد صديق ميمڻ ”حياتي جو پهريون دؤر نالي ناول شايع ڪيو هو، جيڪوس اردو ناول تان ورتل هو. منجهس چالو زماني ۾ گهرو زندگيءَ جو قصو بيان ڪيل هو جنهن مان زالون چڱا سبق سکن ٿيون، ڇو ته اُنجا خاص موضوع زناني تعليم ۽ اخلاق هئا. ميمڻ صاحب جي عبارت محاوريدار پر ساڳئي وقت عام فهم هئي. 1942 ۾ شامداس هيمنداس هڪ تاريخي قصو ”اڪبر جي سخاوت“ عرف ”راڻي پدماوٿي“ لکيو هو، جنهن ۾ راڻي پرتابسنگ ۽ سندس راڻيءَ جي بهادري کانسواءِ، اڪبر بادشاهه جو به عاليشان چتر چٽيل هو. ساڳئي ليکڪ ٻيو تاريخي ناول ”جهانگير جو انصاف“ پڻ لکيو هو ۽ اَنومان ٿو ڪڍجي ته اهي ٻئي قصا ڪٿان انواد ڪيل يا ورتل هئا.

ماهوار رسالن جو دؤر- ترجمو ڪيل ناول

هاڻي ٻين هندستاني ڀاشائن:هندي، اردو، گجراتي وغيره ۾ لکيل ناولن تان ترجمن جي ڌم لڳي ويئي، جي پڻ روزاني جيوت تي ٻڌل هوندا هئا. پر اڳي رواج هوندو ته گهڻو ڪري لکندڙ پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپائيندا هئا، ۽ هڪڙو ڄڻو ڪتاب خريد ڪندو هو ته چاليهه ڄڻا اوڌارو وٺي پڙهندا هئا ۽ تان جو آخر پنو پني سان ڪونه ملندو هئو ۽ هوڏانهن ويچارا ڇپائيندڙ ڪَنَ به ڪين ڇڏائيندا هئا. تنهن بدران 1914 ۾ نڪتل ”سنڌي ساهتيه سڀائون ۽ منڊل کلندا ويا جي سالياني چندي ڀرڻ سان گراهڪن کي ماهوار رسالا پهچائيندا هئا. انهن رسالن ۾ گهڻو ڪري ته آکاڻيون نڪرنديون هيون. پر ڪي ناول به قسطن ۾ ڇپائيندا هئا ۽ اهي پوري ٿيڻ تي ڪٺا ڪري ڪتابي صورت ۾ ڪڍندا هئا.

انهن ساهت سڀائن مان پهرين سندر ساهتيه سوسائٽي 1924 ۾ جاري ٿي ۽ ميلارام واسواڻيءَ ڪڍي هئي، جنهن سنڌي ساهت جي شيوڪ گهڻي ڀاڱي يڪي سر، انهيءَ ماهوار رسالي دوران، مشهور هندستاني گرنٿڪار جا ناول ۽ آکاڻيون هنديءَ ۽ اردوءَ تان ترجمو ڪري، 1947 تائين سنڌي ساهتيه جو خزانو مالا مال ڪيو. شروعات ۾ ڪيترا دلچسپ تاريخي ۽ قومي قصا، جادو ناٿ سرڪار جي ڪتابن ۽ ٽاڊ صاحب جي ”راجسٿان“ وغيره تان وٺي جوڙيندو هئو، مثلا ”راڻو پرتاب“ (1926)، ”شيواجي“ (1927)، ”راجا اشوڪ“ (1928)، ”رنگ محل“، ”شيش محل“ (1938) ۽ ”انارڪلي“. مشهور بنگالي عالم رميش چندر دت جي Slave Girl of Agra تان سنڌي ۾ آندل ”آگري جي ٻانهي“ (1936) ۽ ”ڪمل ڪماري“ (1937) پڻ ان مول ليکڪ تان ترجمو ڪيا هئائين. ”آگري جي ٻانهي“ مان، شهزادي سليم ۽ مهرالنسا جي شروعاتي محبت بابت هيٺيون سهڻو بيان ڏجي ٿو:

”مهرالنسا کي اهڙي حشمت ۽ دٻدٻي سان ڳالهائيندو ڏسي سليم چيس، ’مهرالنسا، تون سچ پچ بادشاهيءَ لاءِ ڄائي آهين ۽ وقت پري ڪونهي جڏهن سلطنت تنهنجا فرمان بجا آڻيندي. چڱو، جي تنهنجي مرضي آهي ته مان وڃان ٿو. تنهنجي مصلحت مڃيندس. پر پڇاڙيءَ جو هڪ نوازش ٿو گهران. جدا ٿيڻ کان اڳ رڳو هڪ ڀيرو پنهنجي  منور منهن جو ديدار ڪراءِ. پنهنجي موهيندڙ نيڻن جي هڪ نگاهه هن پينار تي وجهه. بدنصيب شهزادو پنهنجي دل م تنهنجي صورت سڪ سوز سان سانڍيندو ڀٽڪندو وتندو....، مهرالنسا نيٺ به ته عورت هئي، ويتر نرم دل ۽ دردوندي. پڇاڙيءَ جي خوشامند ۽ التجا زناني دل کي ڀڄائي وڌو. ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين، ’يا خدا، جيڪڏهن ڪو گناهه جو ڪم ڪريان ٿي ته پنهنجي رحم سان بخش.’منٽ ٻه رکي چيائين، ”شهزادا، تنهنجو هي پڇاڙيءَ جو عرض موٽائي نٿي سگهان.‘

”ناز سان نه، پر نزاڪت سان، ريشمي پڙدو سرڪي پري ٿيو ۽ منور منهن ظاهر ٿيو جنهن ۾ غرور نه پر الاهي شان هو. اکين ۾ لڄ ۽ مرم. حياءَ وچان ڀريل ڳلن ۾ گلابي رنگت ڀرجي آئي، جنهن سندس حسن کي ٻيڻو ٻهڪايو. شعر، راڳ ۽ حسن جي ملڪ ايران ۾ به سندس ثاني نازنين نه هئي، نه ڪي هندستان جي رمڻين ۾ ڪا اهڙي موهيندڙ مورت.... دهليءَ جي نقاشن بيسود عاج ۽ ڪپڙي تي بي مثل سونهن چٽي آهي ۽ مغرب جي شاعرن جي حرم جي هسن تي شعر رچيا آهن، ڇاڪاڻ ته هن ايراني حور جو حسن، نقاش جي ڪاريگريءَ ۽ شاعري جي جذبات ڀري قلم بنديءَ جي پهچ کان ٻاهر هو. تحقيق هوءَ بي نظير هئي.... سليم مهر النساءَ جو بي- برقو منهن ڏٺو ته سندس دل ٿڌو ساهه ڀريو. مهرالنساءَ منهن ڏيکاري وري کڻي ڍڪيو ڄڻ ته وڄ چمڪو ڏيئي گم ٿي ويئي.“

چندي چرن سين جو لکيل ”نند ڪمار کي ڦاسي“نالي تاريخي ناول پڻ ميلارام ترجمو ڪيو، جنهن ۾ آکاڻيءَ جو ڍنگ خيرڪو هو، باقي ڪمپنيءَ جي ڏينهن ۾، انگريزن جا هندستانين تي ظلم، اَنگن اکرن ۽ حقيقت سميت، اهڙا ته بيان ڪيل هئا جو دل ڏاريو ٿي ڇڏيائون. تنهن کانسواءِ ميلارام صاحب ڪيترائي پنگتي ناول به ترجمو ڪيا، جي گهڻو ڪري، نئين جڳ جي هندي افساني نويسيءَ جي بانيءَ، منشي پريمچند جا اصل لکيل هئا، جنمان مکيه هئا: ”نرملا“ (1931)،  ”خوني سماج“ (1934) جو ”سيوا سدن“ تان سنڌي جيوت ۾ آندل هو، ”سوشيلا“ (1937)، ”سکدار“، ”منور ما“، ”ڪرم ڀومي“ (1940)، ”مايا چار“ (1940)، ”چندر چڪور“ ۽ ”رتنا“- جي سڀ سماج جي اهم ۽ نازڪ مسئلن تي ٻڌل دلفريب ناول هئا. منشي پريمچند جي مشهور ناول (گئودان“ جو ترجمو دولت ٽهلراماڻيءَ جو ڪيل ”دکي هاري“ نالي سان پڻ هن منڊل 1942 ۾ ڪڍيو هو. 1945 ۾ پريمچند جي هڪ قصي جو اختصار ”چندرپال“ نالي ميلارام ڪيو هو، جنهن ۾ هڪ ننڍي ديش ڀڳت جي ڪهاڻي ڏنل هئي. شرت چندر جو ”سوامي“ نالي سان سماجڪ ناول، دولت وشانت جو انواد ڪيل، 1942 ۾ ڪڍيائون، ۽ سندس گڏيل ڪٽنب جي فائدي ۾ ناول ”هارجيت“ نالي سان 1943 ۾، هڪ گمنام ترجمان جو ڇپايائون. بنڪم چندر جي هڪ سماجڪ ناول تان ورتل ”دولت جو دوکو“ به هن منڊل 1945 ۾ ڪڍيو هو، جو بي-اين کٻڙ جو انواد ڪيل هو. مرزا قليچ بيگ ۽ جيٺمل پرسرام کانپوءِ، ميلارام صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيون ترجمان هو، جنهن سؤ کن ڪتاب ته بيشڪ لکي ڪڍيا هوندا، ۽ سندس لکڻي به پختي ۽ روانيءَ واري هئي.[1]

ٻيو جهونو ماهوار رسالا شايع ڪندڙ رتن ساهتيه منڊل 1943 ۾ نڪتو هو، جنهن جا بانيڪار هئا چوهڙ هندو جا ۽ يارومل ڪيولراماڻي، جن به سالن جا سال، سنڌ ڇڏڻ تائين، ترجمن معرفت سنڌي ساهت جا گهڙا پريا.

بنڪم چندر چئٽرجيءَ جي مکيه پنگتي ناول ”وش ورکش“ جو ترجمو ”اُشا“ نالي سان، ۽ سندس ٻين ٻن ناولن جا ترجما ”رجني“ ۽ ”چندر شيکر“ نالن سان پارومل ڪيا هئا. پر بنڪم کي آءٌ پورن اپنياسڪار نه سمجهندو آهيان، ڇو ته هن جي ناولن ۾- خصوصاً تواريخي قصن ۾ جهوني زماني واري سنسنيءَ جي بوءِ گهڻي ڀريل آهي. ٻيو بنگالي ناول نويس شرت چندر چئٽرجي هڪ ماٺيڻو، پر اونهن ويچارن ۽ مانسڪ کوجنا وارو ليکڪ آهي، جو بنڪم کان گهڻو گوءِ کڻي ويو آهي. پارومل صاحب شرت جي به هڪ سهڻي ننڍي ناول جو ”للتا“ نالي (1939) آزاد ترجمو ڪيو هو. تنهن کانپوءِ ساڳئي ليکڪ جي منوگيانڪ شاهڪار ”شريڪانت“ جا ٻه ڀاڱا ترجمو ڪيائين، جنهن جا آخرين ٻه ڀاڱا چوهڙمل ترجمو ڪري 1947 ۾ ڇپايا. چوهڙ مل صاحب ته شرت تي خواهه ۽ سندس گهڻيئي ناول ترجمو ڪيائين، جن مان مکيه هئا: ”دادي“ (اصل ”بڙي ديدي“- 1939)، (آزاديءَ جا اپاسڪ“ (”پاٿيرداعوي“- 1940) ۽ ”جوالا“ (”گره داهه“) هنن ناولن مان پڇاڙيءَ وارو ”جوالا“ جنهن ۾ هڪ سناتني ڇوڪري ۽ برهمو ڇوڪري جي محبتي مسئلي جي اونهي من- کوجنا ڪيل هئي، سو منهنجي نظر ۾ سڀني، کان زياده دلڪش هو. ”آزاديءَ جا اپاسڪ“ قومي آزاديءَ جي وشيه تي هڪ لنبو ناول هو، جنهن ۾ هڪ بنگالي نوجوان جو برما ۾ نوڪري ڪندي هڪ اعليٰ خيال عيسائي ڇوڪريءَ سان پيار ۾ پوڻ جو مسئلو کنيل هو- جو گهڻي ڀاڱي ليکڪ جي آتم جيونيءَ تي ٻڏل هو، پر منجهس جي راڄنيتي بحث مباحثه ۽ انقلابي ڪارناما آندل آهن، سي آکاڻيءَ جي وهڪري کي روڪين ٿا ۽ ڪڪ ڪيو وجهن. هن منڊل شرت جو مشهور ”ديوداس“ به ڇپايو هو، جو سانول چيلاڻيءَ ترجمو ڪيو هو ۽ هڪ دکدائڪ پريمي ناول هو. پر ديوداس ناٽڪ جو چرتر مون کي بيحد جذباتي ۽ ضعيف لڳندوآهي، جنهن ڪري هن ناول کي آءٌ اعليٰ درجو نه ڏيندو آهيان. رتن منڊل رميش چندر دت جي پنگتي ناول Lake of Palms جو ترجمو، مينگهراج موٽواڻيءَ جو ڪيل ”سڌا“ نالي سان پڻ ڇپايو، جو ٻال وڌوا جي مسئلي تي هڪ دلسوز ناول هو ۽ ان ليکڪ جو بهترين ناول هو.

پر منهنجي نظر ۾ رابيندر ناٿ ٽاگور ساهت جي هر حصي ۾: ڇا شعر، ڇا ناول، ڇا ناٽڪ، ڇا آکاڻيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ۽ مٿين بنگالي ناول نويسن مان ڪوبه ساڻس برميچي ڪونه سگهندو. سندس لنبو ناول The wreck (اصلي ”نؤڪا ڊوُبي“، چوهڙمل صاحب ”طوفاني رنگ“ نالي سان پهرئين ڪڍيو هو، پر منهنجي خيال موجب اهو هڪڙو ئي ٽاگور جو ناول آهي جنهن ۾ سنسنيءَ وارا واقعا ڀريا پيا آهن ۽ انجي ڪردار نگاري به ڪي قدر اسڀاويڪ ٿي لڳي. پر ”مايا“، جو چوهڙمل ”چوکير والي“ تان ترجمو ڪيو هو، سو مون کي گرد يو جي مڙني ناولن مان بهترين لڳندو آهي، ڇو ته منجهس سڀاويڪ واقعن جي ذريعي، نهايت نازڪ ۽ اونهي چترڪاري ڪيل آهي، جا هڪ پيچدار محبت جي مسئلي تي ٻڌل آهي. ٽاگور جي هڪ پنگتي ناول جو ترجمو ”ڦلواڙي“ نالي سان ڪرشن ڄيٺانند جو ڪيل پڻ ”رتن“ وارن ڇپايو هو. چوهڙمل ۽ پارومل ٻئي صاحب هنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ماهر آهن ۽ سندن سنڌي عبارت، سليس هنديءَ ۽ فارسيءَ جي وڻندڙ ميلاپ جو نتيجو آهي- توڻي بعضي تڙتڪڙ ۾ لکڻ ڪري پختي نه لڳندي آهي.

وڌيڪ هندستاني ۽ مغربي ناولن جا ترجمان

1939ع ۾ ڪهاڻي ساهتيه مندر جي بانيڪار جڳت آڏواڻيءَ به چڱائي سهڻا ناول ترجمو ڪيا هئا، جن مان مکيه شرت چندر جا هئا: وڏي دادي“ (1939)، (جو، ”رتن“ وارن ”دادي“ نالي سان ڪڍيو هو)، ”شطرنج جو کيل“ (1940)، ۽ آخرين التجا“ (1940) جنهن کي به مان شرت جي بهترين ناولن ۾ شمار ڪندو آهيان. جڳت آڏواڻي ۾ بنڪم چندر جي هڪ تاريخي ناول جو ”راجپوت رمني“ 1939 ۾ ڇپايو هو، پ پ ٽاگور جي هڪ پنگتي ناول جو ترجمو ”بگڙيل ڪٽنب“ 1941 ۾. انگريزي ناول نويس سرهال ڪين جي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ بابت دل ڀڄائيندڙ ناول Woman of Knockaloeجو ترجمو ”آخرين سفر“ 1939) نالي سان ڪيائين،جو هن ترجمان جو پختيءَ عبارت لکيل بهترين ڪتاب هو ۽ ڇاپي جي چوڪن کان به آجو هو- جيڪا اسانجن ڪتابن جي وڏي خامي آهي. 1943 ۾ ”ڪهاڻي“ سالو ايم- آر- مائيداساڻي کنيو، ۽ اُنجي سايي هيٺ ساڳئي سال ”بغاوت“ ناول شايع ڪيائين، جو ٽاگور جي هڪ ناول جو اردوءَ تان ترجمو ڪيل هو. 1945 ۾ املاديويءَ جي قصي تان ”ديش شيوڪ“ ترجمو ڪيائين جنهن ۾ ان ڪردار جي ديس جي آزاديءَ لاءِ قرباني ڏيکاريل هئي. 1947 ۾ ٽاگور جي Two Sister جي رٿا تي ٻڌل ننڍو ناول ”ننڍي ڀيڻ“ ڪڍيائين، اهو الٿو ڪري سنڌي ماحول ۾ بيهاريل هو. مائيداساڻيءَ جي لکڻي چڱي ۽ سليس آهي.

1940ع ۾ جيٺانند لعلواڻيءَ ”ڀارت جيون ساهتيه منڊل“ رليو جنهنجي سهاري هيٺ بنڪم چندر جا ٻه مکيه ناول1940 ۾ ڇپايائين: هڪڙو سندس ترجمو ڪيل راجپوتي اتهاسڪ ”ناول ”راجسنگهه“، ۽ ٻيو سماجڪ ناول ”ديوي چؤڌرياڻي“ جو بي ڊي هيراننداڻيءَ ڪچي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. جيئن اڳي چيو ويو آهي، بنڪم جا گهڻا ناول تواريخي ۽ راڄنيتي آهن، جي جنگين، منصوبن ۽ خونريزين سان ڀرپور هوندا آهن. سندس ٽن پنگتي ناولن جو ادبي درجو وڌيڪ آهي، جن مان ”روهني“ ۽ ”آشا“ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ”ديوي چؤڌرياڻي“ سندس ٽيون مشهور پنگتي ناول آهي، جنهن ۾ هڪ مرد جو گهڻين زالن سان شادي رچائڻ جو مسئلو کنيل آهي، پر تنهن هوندي به انجي نائڪا آخر ڦورن جي ٽوليءَ جي سردارڻ بڻجي مڙس هٿ ٿي ڪري، ۽ اتي به سنسنيءَ وارا حادثا دل آهن. جيٺانند، شرت چندر جا ٽي مکيه سماجڪ ناول ترجمو ڪيا: ” ڳوٺاڻي سماج“ (1941)، ”براهمڻ ڪنيا“ (1947) شڀدا“ (1947). ساڳئي ڀارت جيون رسالي ۾ نانڪرام ڌرمداس جو ”ڪشميري ڦول“ 1944۾ نڪتو هو، جو ميري ڪاريلي جو مشهور روماني ناول Thelma جو الٿو هو، ۽ 1946 ۾ ”..... جون ڪنگڙيون“، جو به ڪنهن انگريزي ناول تان الٿو ڪيو هئائين.

1942 ڌاري ديارام سڀاڻيءَ ”آشا ساهت منڊل“ کولي جنهن جي سهاري هيٺ شرت چندر جا ٽي مکيه ڪتاب ڇپايائين: ”چنگاري“ ۽ ”سدا سهاڳڻ“ جي پاڻ سليس سنڌي: ۾ ترجمو ڪيائين، ۽ ٽيون ”ڀاڀي“ (1943) جو نانڪ هنڱوراڻيءَ ترجمو ڪيو هو. هن ساڳئي ترجمان جو ”ڦاسي“ به ساڳئي منڊل ساڳئي سال ڇپايو هو، جو برک فرانسي ناول نويس وڪٽر هيئو جي ڪنهن ننڍي ناول جو ترجمو هو. ڪماري اندير هيمراجاڻيءَ جا چار چڱا ترجمو ڪيل ناول به آشا منڊل ڇپايا ”پرک“ (1943) جئيندر ڪمار تان، گجانند ماڊ گولڪر جي مرهاٽي ناول تان ”ڪانتا“ (1946) راڌا ڪرشن پرساد جي هندي ناول تان ”شارڌا“ (1947)، چوٿون ”ٻه دليون“ (1947) جو اصل هڪ انگريزي ناول Out of Bitterness جي هندي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ انواد ڪيل هو. 1947 ۾ شرت چندر جي منووگيانڪ شاهڪار ”چرتر هيڻ“ جا ٻه ڀاڱا ڇپيا، جن مان پهريون ڀاڱو ڪرشن جيٺانند ترجمو ڪيو هو ۽ ٻيون خود سڀاڻيءَ پر پوءِ سنڌ مان هندن جي ڀاڄ پوڻ ڪري سڄو ناول پورو نه ڪري سگهيو.

آخر ۾ بهاري ڇاٻڙيا ”زندگي پبليڪشن“ منڊل کوليو جنهن ۾ 1947 ۾ شرت بابوءَ جو سماجڪ ناول ”وپرداس“ ۽ ٽاگو جو سماجڪ ناول ”ٻه ڀينر“ پاڻ ترجمو ڪري ڇپايائين، جنهن جو الٿو ساڳئي سال ۾ مائيداساڻيءَ ”ننڍي ڀيڻ“ نالي ڪيو هو. جڳت آڏواڻيءَ کانپوءِ، بهاري، ڇاٻڙيا ٻيون نمبر ڪارگر ترجمان ۽ ناشرهو، جو به پنهنجن ڪتابن ۾ سهڻا چتر ڏيئي، ، ساهت ۽ ڪلا جو ميلاپ ڪندو هو.

مٿين ماهوار رسالن ۾ ڇپايل ناولن کانسواءِ، ڪن ليکڪن اڪثر انگريزيءَ تان ترجمو ڪيل ناول ڇپايا، جن مان پهريان ٻه هئا نانڪرام ڌرمداس جا: ”آدرش ناري“ (1926) جو گهرو جيوت جو هڪ چتر هو، ۽ ”نازڪ گلڙا“ (1929) جو پادري فرار جي مشهور سڪولي زندگي بابت ناول (Eric) تان سنڌي جيوت ۾ الٿو ڪيل هو، پر اها ڳالهه ديباچي ۾ يا ڪنهن به هنڌ ڄاڻايل ڪانهي. اهو ساڳيو ناول مٿي ڄاڻايل آهي ته مرزا قليچ بيگ جو اڳيئي ترجمو ڪيل هو، ۽ ٽيون دفعو هيرانند سوڀراج ”روزان روز“ نالي سان 1937 ۾ ترجمو ڪيو هو. 1938ع ۾ ڪماري گلي ڪرپالاڻيءَ ٽاگور جو ”گورا“ سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جو هڪ مشهور پنگتي ۽ قومي ناول آهي ۽ منجهس انگريزي پيءَ ۽ هندستان مان پيدا ٿيل هڪ نوجوان جي جدوجهد جو بيان ڪيل آهي. پروفيسر رام پنجواڻيءَ، مشهور انگريزي ناول نويس هال ڪين جي ناول Enternal City جو الٿو ”پدما“ نالي سان 1939 ۾ ڇپاو، جو هندستاني جيوت سان ٺهڪندڙ هڪ دلچسپ پنگتي ۽ سياسي ناول آهي. پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي ٽامس هارڊيءَ جو شاهڪار ناول Tess of the Durbervilles 1940 ۾ ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ نالي سان ڏيهي حالت م آندو، جيتوڻيڪ نهايت دکدائڪ ناول آهي، ليڪن انگريزي حالتون ديسي وايو منڊل سان ٺيڪ طرح ٺهڪايون نه ويون آهن.[2] معروف آمريڪن اپنياس ليکڪا برل بڪ جي مشهور چيني زندگيءَ واري ناول Good Earth جو ترجمو ”ڌرتي ماتا“ نالي سان مولچند مسافر 1942 ۾ ڇپايو هو. ساڳيءَ ليکڪا جي ٻئي ناول Patriot جو ترجمو تيرٿ سڀاڻيءَ جو ڪيل ”سندر ساهتيه“ پاران 1945 ۾ ڇپيو هو ۽ نالو هوس ”ديش ڀڳت“. سڀاڻيءَ پرل بڪ جو ٻيو به ناول ”سونهري پشپا“ نالي سان ترجمو ڪيو هو، جو ”زندگي“ رسالي ۾ 1947 ۾ ڇپيو هو. هڪ انگريزي ليکڪا بارٿا ڪلي جو ناول Golden Heart پڻ سڀاڻيءَ جو ترجمو ڪيل ”اچل پريم“ نالي سان 1939 ۾ نڪتو هو. سڀاڻي صاحب سٺي سلوڻي سنڌي لکندو آهي. ساڳيءَ ليکڪاجي ٻئي هڪ ناول جو ترجمو ”پريم جيون“ نالي سان ڪماري چندرا آڏواڻيءَ ڪيو هو جو ”سندر ساهتيه“ 1946 ۾ ڇپايو هو.

انگريزي ليکڪ جان بنئن جي مشهور تمثيلي ناول Pilgrim’s Progress جو ترجمو ”سالڪ جو سفر“ نالي سان پرڀداس ڀيرومل جو ڪيل، سندس پتا پيرومل مهر چند لکندڙ جي فوت کانپوءِ، 1944 ۾ مورتن سان ڇپايو. هن عيسائي اصولن تي ٻڌل ڪتاب جو ترجمو ڪندي، پرڀداس اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ڦير ڦار ڪئي هئي، جو اُنجا اخلاقي ۽ روحاني سبق سڀني ڌرمن سان لڳي ٿا اچن. عبارت به اهڙي پختي ۽ محاوريدار ڪم آندي اٿس، ۽ سنڌي شاعرن مان ڪيترا حوالا اهڙا ٺهڪايا اٿس، جو اُن جو قدر سڃاڻي ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ لکندڙ جي وارثن کي ان سال انعام ڏنو هو. هن ڪتاب مان هيٺيون مثال سوچڻ لاءِ مجبور ڪندو ته سنڌي اصطلاح جي استعمال ۾ مڄاڻان پٽ پيءَ کان گوءِ کڻي ويو آهي:

”اڃا تون اواٽ، واٽان پاسي ويسري،

سنهين ٿي سواٽ، ته منجهان دل دڳ لهين. شاهه

شريعت جي حد مان لنگهي، سالڪ ساڳيو دڳ لهي، سوڙهي دروازي ڏي رخ رکي هليو. ڪٿي سوڙهيون سڳرون ته ڪٿي پهڻيارا پٽ هئا، پر هيءُ ڪنهن  به ڳالهه جي ڪاڻ نه ڪري، نيٺ اچي انهيءَ دروازي وٽ پهتو. دروازي جي مٿان ٿلهن اکرن ۾ لکيل هو، ته ’کڙڪايو، ته اوهان لاءِ اُپٽبو‘. سالڪ دروازو کڙڪائي سچيءَ سڪ مان پڪاريو، ته ’ٻاجهارا، ٻاجهه پئي، دروازو کوليو، ته مون موڙهل جو ڪو منهن ٿئي.‘ سگهوئي ’نيڪ نيت‘ نالي هڪ شخص دروازو کوليس ۽ پڇيائينس، ته ’تون ڪير آهين؟ ڪٿان آيو آهين؟ ڇا گهرجيئي؟‘..... سالڪ چيس ته مان هڪ گنهگار آهيان، ۽ پٺيءَ تي ڳري بوجي هئڻ سبب پيو هچان. مان ناسونت دنيا مان آيو آهيان ۽ من جي مراد هيءَ اٿم، ته هتان ملڪوت ۽ جبروت واري واٽ وٺي، لاهوت لامڪان ۾ پهچان، ته هميشه لاءِ ڇوٽڪارو لهان. توهين ڀلائي ڪري مون کي اندر اچڻ ڏيو، ته اوڏهين وڃڻ لاءِ هن دروازي کان واٽ آهي.... نيڪ نيت وراڻي ڏنيس، ته هن دروازي کان ٿورو پري هڪ مضبوط قلعو آهي، جنهن جو مالڪ ’نفيس‘ آهي. اهو عام طرح ’ابليس‘ ۽ ’شيطان‘ سڏجي ٿو. اهو ابليس ائين چاهيندو آهي ته سڀڪو سندس تابعي هجي ۽ حق جو طالب نه ٿئي.....

سالڪ--نفس کي نهوڙڻ لاءِ ئي هن دروازي ۾ گهڙيو آهيان.....

نيڪ نيت—دروازو تنهنجي اڳيان اُپٽيل آهي. جن جي دنيا مان دل کٽي ٿي آهي ۽ نفس سان ڪو ناتو رکڻو نه اٿن، تن لاءِ دروازو اَڻپڇو اُپٽيو، ۽ اُهو ڪوبه بند نه ڪندو.

سالڪ –هاڻ منهنجا ڪشالا قبول پيا ۽ منهنجو سفر ساب پيو.

’شل وري آيس ور، سفر مئي جا ساب پيا.‘ شاهه

1946۾ پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ هڪ روسي ناول (جنهن جي ليکڪا جو نالو ڄاڻايل ڪونهي) جو ترجمو ”بک“ نالي سان ڪڍيو، جنهن ۾ ڏڪر جي ڀوت جي ڀيانڪ تصوير چٽيل هئي ۽ ٻوليءَ به چيدي ۽ برجستي ڪم آندل هئي. ساڳئي سال ۾ هيرانند سوڀراج هال ڪين جو White Prophet ”انصاف“ نالي سان ترجمو ڪيو، جو قديم مصر جي آزاديءَ لاءِ لڙائيءَ بابت دلچسپ ناول هو.

ڪيترن ٻين ديسي ناولن جا ترجما پڻ سنڌيءَ ۾ ٿيا، جن جي مول ليکڪن جيتوڻيڪ جهونن استادن جهڙي مشهوري نه به حاصل ڪئي هجي، ته به سندن هيٺيان ناول سڀ چڱي خاصي معيار وارا هئا، جن جي ياداشت ڏجي ٿي:

نالو             لکندڙ          ترجمان     ڇپائيندڙ   سن

”رڪمڻي“      ڪشن پرساد   ميلارام    سندر ساهتي      1930

”ستڀاما“               نروپما ديوي    --------           --------------       1934

”سنجيوني“    موهنلعل سوپان   -------         --------------       1939

(هن گجراتي ليکڪ جو بهترين دل اٿاريندڙ سماجڪ ناول)

”سنسار ليلا“   هميندر ڪمار ----------      ------------    1943

غريب جي دنيا“        رمڻلال ديسائي        ---------           ------------        1946

”پورنما“                ----------------        جهامن داس ------------      1947

                                مسافر

(وئشا- وواه جي مسئلي تي دلڪش ناول، پرترجمو اکري ڪيل ۽ ڳؤرا هندي اکر ڪم آندل.)

”ٽياڳ“                نروپما ديوي    پارومل   رتن          1940

”لگن“          رمڻلال ديسائي        --------                 1941

”ٻڏندڙ سورج“ هري نارايڻ آپٽي      هري       -----               1946

                                هنڱوراڻي             

”زندگي“       اشاديوي متر   جڳت آڏواڻي ڪهاڻي 1941

”بدلو“          ڪي- ايم منشي      ديوسڀاڻي      آشا            -----

”اڌڪار“                چارو چندر        -----------    -----          1942          بندو پاڌيه

”مڪتي“      شانتا ۽ سيتا چئٽرجي ------ -----   1943

Cage of Gold) تان ترجمو ٿيل ۽ نهايت سهڻو سماجڪ ناول)

”واپس“                 نيهار بالا              ديوسڀاڻي      آشا            1944

”قسمت“               سروج ڪماري     ---------             -------       1945

”ڏڪار“        تارا شنڪر     بندو پاڌيه       -------       ------

”پرٿوي ولڀ“   ڪي- ايم منشي  نانڪ هنڱوراڻي    -------        1946

(هن گجراتي ليکڪ جو بهترين تاريخي ناول)

”ريکا راڻي“    ديوي ديال     چندرسين     ڀارت جيون    1945

”نيتا بوس“    سيتا چئٽرجي نوٽن ڪرپالاڻي     -------     1946

”ڊاڪٽر ڪوٽنس       خواجه احمد عباس     موهني دوداڻي   -------       1946

جي امر ڪهاڻي

”ساٿي“                يشپال          گوبند مالهي زندگي   1946

(نهايت آزاد خيال ۽ انقلابي سماجڪ ۽ قومي ناول)

”پراشچت“     موهن لعل سوپان      بهاري ڇاٻڙيا -------     1947

”انقلابي شاهراهه“ انچل                گوبند مالهي باغي   ------

(پاڪ محبت ۽ قومي انقلاب بابت عاليشان ناول)

”انقلابي سپاهي“      ڪشنداس     -------------   --------

پڇاڙيءَ واري مالهيءَ ۽ ڇاٻڙيا جا ترجمو ڪيل ناول، 1942 واري آزاديءَ جي آندولن کان متاثر هئڻ ڪري، سماجڪ، آرٿڪ ۽ سياسي شعور سان ڀريل هئا. پر نوجوان ليکڪن جو ڪوبه آرٿڪ انقلاب ۽ ”ترقي پسنديءَ“ واري اصلي لکيل ناول سنڌ ۾ نڪتل ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. جيتوڻيڪ انقلابي اصلوڪين آکاڻين لکڻ ۾ نوجوانن پاڻ چڱو موکيو هو، جيئن اڳئين فصل ۾ ڏيکاريو ويو آهي. مٿيئنءَ فهرست ۾ آخرين ناول ”انقلابي سپاهي“ هڪڙو ئي ناول هو جنهن جو پهريون ڪجهه حصو ترجمو ڪيل هو، پر ٻيو سمورو گوبند مالهيءَ دليان لکيو هو، جنهن ڪري ان کي مالهي صاحب جو ڪي قدر پهريون اصلوڪو ناول سڏي سگهجي ٿو.[3]

سنڌ ۾ آخرين خود—ساختا ناول

هاڻي سنڌ ۾ ناول نويسيءَ جي آخرين دؤر جو ذڪر ٿو ڪجي، جنهن ۾ ڪن ليکڪن جي اندر ۾ جذبا جاڳيا ۽ ڪي دلچسپ من گهڙت اپنياس لکي ورتائون، جن تي سنڌي ساهت کي ناز هئڻ کپي. مرزا قليچ بيگ جو ”زينت“ ۽ ديوان پريتمداس جو ”عجيب ڀيٽ“ آڳاٽي زماني ۾ لکيا ويا، لعلچند جو ”چوٿ جو چنڊ“ ۽ پيرومل جو ”موهنيءَ ٻائيءَ“ وچولي زماني ۾، پر هن نئين زماني جو پهريون دليان ٺاهيل ناول عبدالرزاق عبدالسلم جو ”جهان آرام“ 1931۾ نڪتو هو. اُن ناول جي سورمي جيتوڻيڪ هڪ لائق ۽ وفادار عورت هئي، ۽ انجي عبارت پڻ سهڻي ۽ عالماڻي هئي، ليڪن اُنجا ڪي ڪردار ۽ واقعا غير حقيقي، بلڪه ڪرامتي هئا، جنهن ڪري هيءُ ناول حقيقت نگاريءَ جي ڪسوٽيءَ تي اُتري نٿو اچي. پرسرام شهاڻيءَ جو ”ڪملا“ پڻ شمار هن وقت نڪتو هو ۽ اصلوڪو قصو ٿي لڳو، جنهن ۾ هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي آخر هڪ شاهوڪار ڇوڪري سان شادي ڪرايل هئي، پر وچ ۾ ڦورن ۽ ڌاڙيلن وارا نظارا سنسنيءَ سان ڀريل هئا.

1933۾ شيوڪ ڀوڄراج هڪ عاليشان اصلوڪو ناول ”آشيرواد“ لکيو، جنهن کي نئين جڳ جو حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل پهريون اهم ناول سمجهڻ کپي. هندستان ۾ آزاديءَ جي هلچل جو اثر سنڌ تي پڻ پئجي چڪو هو، ۽ مهاتما گانڌيءَ جي ستياگره ۾ بهرو وٺندي، شيوڪ صاحب ڪي اونها اندر جا آزمودا پرايا جن تي هيءَ ناول ٻڌو هئائين، ۽ اهو اصول ثابت ڪري ڏيکاريائين ته روز مره جي جيوت جو جبري جاچ سان اڀياس ڪرڻ ۽ اُنکي ڪلاڪاريءَ سان پيش ڪرڻ سان زندگيءَ جي معمولي واقعن مان به دلچسپ ڪهاڻيون بنائي سگهجن ٿيون، جن گهمساني حادثن جون محتاج نه آهن. هن لکندڙ جي عبارت هالو چالو روز مره واري پر اُتساهه ڀري هئي. 1934 ۾ شيوڪ صاحب ٻيو جيون- اُپناس ”دادا شيام“ سڪوني جيوت بابت لکيو، پر ان ۾ هڪ ماستر ۽ سندس شاگردياڻين جو ناتو بلڪل ڇڙواڳ ۽ اجهل ڏيکاريائين، جو ٿيڻيءَ کان ٻاهر ۽ اڻ وڻندڙ پي لڳو. هن ناول جي ٻوليءَ به ذرا اڻ گهڙي ٿي لڳي جنهن ۾ رواني گهٽ گهٽ هئي. هي ٻئي ڪتاب ڪوڙيمل ساهت منڊل جي بانيڪار هري سندر روپچند ڇپايا هئا، جنهن صاحب ڪتابن جي مٽاسٽا جي هڪ ڪارگر رٿ ٺاهي، حيدرآباد ۾ پنهنجو ڪتب خانو اهڙو بنايو هو جو اهڙو ڪو ڇاپي ۾ موجود ڪتاب مشڪل هوندو هو جو وٽانئس نه ملي سگهندو هو.  هيءَ منڊل 1925 ۾ برپا ٿيو ۽ 200 کن ڪتاب شايع ڪيا هئائين ۽ تنهن کانسواءِ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شمار 500 ننڍيون وڏيون لئبرريون کولايائين. 1937 ۾ روچيرام سڏاڻيءَ هڪ سماجڪ قصو ”آزاد خيال زالون“ نالي لکيو، جو وڌوا وواهه جي فائدي ۾ ڏيتي ليتيءَ جي برخلاف هو ۽ جيتوڻيڪ بنگالي جيوت ۾ بهاريل هو ته به اصلوڪو لکيل اثرائتو ناول هو. سڏاڻي صاحب 1930 ۾ ”عمر مارئي“ جو قصو به ڇپايو هو، جنهن ۾ کوجنا ڪري سڄي آکاڻي ڪڇ وارن ڀٽن جي حوالن تي نئين سر ٻڌي هئائين، جنهن موجب مارئي هڪ هندو ڇوڪري ثابت ڪئي هئائين. سڏاڻي صاحب جي عبارت سٺي پختي آهي.

1941 ۾ آشا ساهت منڊل پاران آسانند مامتورام جو تخليقي ناول ”شاعر“ نڪتو جنهن ادبي مرڪزن ۾ هلچل آڻي ڇڏي. هن جهڙو آدرشي ناول سنڌ ۾ ڪونه نڪتو، جو پڙهندڙن کي ڌرتيءَ جي ڌوڙ مان مٿي کڻي عرش ۾ پيو اڏائي. منجهس ڪشمير جي فردوسي واديءَ جا بيان ۽ گهرا فلسوفاڻا ويچار، مؤزون ۽ مائيدار سنڌيءَ ۾ ظاهر ڪيل هئا، جنهن ۾ چيدن هندي ۽ فارسي لفظن جو خوش- آواز ميلاپ هو. هن ناول ۾ ڪردارن جي- خاص طور هندو ناٽڪ جي، جو مسلمان ڪشميري ڇوڪريءَ سان پيار ۾ ٿو پوي-- من- کوجنا ايتري ته اونهي ڪيل هئي، ۽ ٻئي پاسي ظاهري واقعا اهڙا ته ماٺا ماٺا آندل هئا، جو ائين کڻي چئجي ته جيڪا به ڪارروائي هن ناول ۾ هئي سان اندر جي اونهاڻ ۾ ٿي ٿي. سنڌي ساهت ۾ هيءَ پهريون منووگنانڪ (Pscychological) ناول هو جنهن ثابت ڪري ڏيکاريو ته حادثن ۽ اتفاقن بدران، صرف سيرتن تي پڻ دلپذير ناول ٻڌي سگهجن ٿا. ”شاعر“ ناول مان هيٺيون حوالو مامتورا صاحب جي آتموادي (Spiritual) ويچارن ۽ سندس هندي – فارسيءَ جي آميزش واريءَ عبارت جو نمونو آهي:


[1]  هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ پڌرو ٿيو ته ميلارام جي نالي هيٺ، سندس وڏو ڀاءٌ فتحچند واسواڻي انهن مان اڪثر ڪتاب لکندو هو.

[2]  هن ناول تي ڪيل آلوچنا تنقيد واري فصل ۾ ڏنل آهي

[3] گوبند مالهي هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ برک ناول نويس بنجي پيو۽ ”آنسو“ ۽ ”زندگيءَ جي راهه تي“، ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“، ”شرم ٻوٽي“، ”ديسي سيڻ ڪجن؟“ وغيره، وغيره، ڪيترا ڪامياب ناول لکي ڪڍيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org