پنهنجي ويا ڪرڻ جي مهاڳ ۾ سئٽڪ صاحب چوي ٿو ته مون
کي هڪڙو به اهڙو سنڌي ڪونه گڏيو جنهن کي سنڌي ويا
ڪرڻ جي سچي ٻوجهه يا ان جي سکڻ لاءِ چاهه هجي. جن
کي سيکارڻ ٿي چاهيم تن به سکڻ لاءِ نفرت ڏيکاري.
”سنڌي- انگريزي ڊڪشنري“ بنسبت هن جو چوڻ آهي ته
مون کي هن ڪتاب جي تيار ڪرڻ ۾ حيدرآباد جي ٻن
برهمڻن پنڊت سچانند (سچدانند) ۽ پنڊت جيٺارام چڱي
مدد ڪئي. هن جي مرڻ وقت هن ڊڪشنريءَ جا فقط 160
صفا ڇپجي چڪا هئا. پوءِ سرڪار انهيءَ ڪم کي پوريءَ
۽ مناسب ريت سماپت ڪرڻ جو ڪم اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس
(پوءِ سر برو ايلس) تي رکيو، جنهن ان کي خاطر
خواهه نموني ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جو مهاڳ به پاڻ
لکيائين.
ٻئي يورپي عالم ڊاڪٽر ٽرمپ جا سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت
لاءِ ڪيل ڪشالا ۽ خدمتون ڪماليت جي در جي جون
هيون. هن ٻه ٽي ڪتاب لکيا جن مان ٻه املهه آهن جي
ايستائين ياد رهندا، جيستائين سنڌي ٻولي زنده ۽
قائم هوندي. اهي آهن:
(1) ”سنڌي پاٺاولي“ Sinhi
Reading Book in Sanskrit (Devanagri & Arabic),
Lodon, 1858.
انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌي سبق ٻنهي لپين عربي توڙي
ديوناگريءَ ۾ لکيل آهن.
(2) ٻيو ڪتاب جو ٽرمپ صاحب جو لکيل آهي سو هڪ
عاليشان رچنا آهي، جنهن لاءِ هن جو نالو سنڌي لوڪن
کي هميشه ياد رهندو. اهو آهي ڪتابي صورت ۾ پهريون
ڇپيل ”شاهه جو رسالو“ هيءَ ڪتاب سنه1866ع ۾
جرمنيءَ جي ليپزگ شهر ۾ ڇپيو، ۽ اردو لپيءَ ۾ نج
سنڌي اکرن لاءِ ڪجهه نشانيون ٺهرائي ڇپايو هئائين.
ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ هي صاحب لکي ٿو: ”مان قصا،
ڪهاڻيون، ڪافيون راڳ، ڏوهيڙا ويس ڪنا ڪندو، انهيءَ
مراد سان ته انهن مان سنڌي ٻوليءَ جي پوري کوجنا
ڪريان ۽ ٻوليءَ جي ڪافي ڄاڻ حاصل ڪريان. مان اهي
بيت، ڪافيون وغيره فقيرن، ڀٽن، چارڻن، سرنداين،
مڱڻهارن کان ٻڌندو هوس، جي ميلن، مجلسن، محفلن تي
ڳائي ماڻهن کي وندرائيندا هئا. منهنجو ويچار هو ته
اهو سڀ ڪٺو ڪيل مصالح ترتيب وار ٺاهي سنڌي جنتا
لاءِءَ هڪ قسم جو ساهت موجود ڪريان، ۽ پوءِ سنڌيءَ
بنسبت ڀاشا و گيان جو اڀياس ڪريان.“
(3) ڊاڪٽر ٽرمپ جو ٽيون ڪامياب ڪتاب آهي ”سنڌي
وياڪرڻ“ (1872)، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شبدن يا
لفظن جي ڀاشا وگيان (Philology)جي
ذريعي کوج ڪري، انهن جي ڀيٽ ۾ پراڪرت ۽ ان مان ڦٽل
ٻين آرين ٻولين ۽ سنسڪرتي نسل وارين ٻولين جهڙوڪ
مرهٽي، بنگالي، هندي وغيره سان ڪئي اٿس. اهو ڀاشا
وگيان جو ڀاڱو ڪتاب جي شروع ۾ ڏنل آهي. انهن شبدن
لاءِ ديوناگري لپي ڪم آندل آهي، ۽ ٻين ويا ڪرڻي
حرفن ۽ پدن لاءِ چٽيءَ طرح سمجهڻ لاءِ مثال طور
گهڻي ڀاڱي شاهه جي رسالي مان بيتن جون مناسب سٽون
انگريزي معنيٰ سان ڏنيون ويئون آهن. ٻيا ڪتاب جن
مان مثال ڏنا اٿس سي آهن: سنڌيءَ ۾ ڪرستانن جي
انجيل (Bible) مان
سٽون، ڇو ته اُن وقت سنڌي ڪتابن جي اڻاٺ هئي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي شاهه جي رسالي جي مقدمه
۾، نحوي بناوتن واري باب ۾ ٽرمپ صاحب جي ويا ڪرڻ
جي مدد ورتي آهي. گربخشاڻي صاحب ٽرمپ جي عالماڻي
گرامر جي واکاڻ مان ڍاپندو ئي ڪين هو. چوندو هو ته
منهنجي اها چاهنا آهي ته پنهنجي حياتيءَ ۾ ڊاڪٽر
ٽرمپ جي گرامر ۾ ڪجهه مناسب ڦير ڦار ڪري، مان اهو
ضرور نئين سر ڇپائيندس. شري جئرامداس دولترام، جو
ڪيترن سالن کان سنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾
اونهو اڀياس ۾ کوجنا ڪري رهيو آهي، تنهنجو به
اهڙوئي ويچار ۾ تمنا آهي.
ٽيون انگريزي عالم هو پادري جارج شرٽ، چرچ مشن
سوسائٽي وارو، سرڪاري عملدار نه هوندي به هن صاحب
جي سنڌي ٻولي ۾ گهڻي دلچسپي هئي. هن هڪ ڪارائتي
”سنڌي انگريزي ڊڪشنري“ ديوان اڌارام ٿانورداس مير
چنداڻي ۽ مسٽر صادق علي بيگ مرزا جي مدد سان تيار
ڪئي جا سال 1879ع ۾ عربي سنڌي لپيءَ ۾ ڇپجي پڌري
ٿي. 1911 تائين سنڌيءَ لاءِ اها هڪڙي ئي ڪارگر
ڊڪشنري هئي. جنهن سال ۾ شري پرمانند ميورام جي
”سنڌي انگريزي ڊڪشنري“ ظاهر ٿي، جنهن کان بهتر ۽
وڌيڪ ڪارائتي ڊڪشنري اڃا ته پيدا ڪانه ٿي آهي.
شرٽ صاحب ٻيو به هڪڙو ننڍڙو ڪمائتو ڪتاب ”اکر
ڌاٺو“ (1866) نالي لکيو هو جنهن ۾ سنسڪرت بنياد
وارن سنڌي لفظن جي اشتقاق يا وئتپتي يا ڌاتو (Roots) ڏنل
آهن. هي صاحب نيڪ ۽ خدا ترس انسان هو ۽ سنه 1886۾
ڪوئيٽا ۾ گذاري ويو.
سنڌي عالمن جا بنيادي ڪارائتا ڪتاب
يورپي عالمن کانپوءِ پهريون سنڌي ودوان جنهن سنڌي
ساهت ۽ ڀاشا جي ڪافي شيوا ڪئي سو هو ديوان روچيرام
گجومل ڪرپالاڻي. هو صاحب سرڪاري عملدار هو ۽ سنه
96-1895 ڌاري موڪل جي وقت به عمدا، ڪارائتا ۽
ساراهه جوڳا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين.
(1) ”عجب نقطا“ نهايت دل وندرائيندڙ ڪهاڻين جو
ڳٽڪو هو، جو ڪيترائي سال حيدرآباد جي نوودياليه ۾
نيتي سکيا (اخلاقي تعليم) جي وشيه طور پاڙهڻ ۽
ايندو هو، پر هاڻي اڻ لڀ آهي.
(2) Sindhi
Proverbs with English Eqiuvanlents-
هيءَ هڪ عالماڻو ۽ واکاڻ جوڳو پهاڪن جو ڳٽڪو آهي.
منجهس هر هڪ پهاڪي لاءِ تز ۽ ساڳئي ارٿ وارا
انگريزي پهاڪا پڻ ڏنل آهن. جن پهاڪن لاءِ سمان
انگريزي پهاڪا نه ملي سگهيا اٿس تن جو فقط لفظي
ترجمو ڏنل آهي. هن ڪتاب جي خوبي اها آهي جو پهاڪن
جو انگريزي ترجمو ڏاڍيءَ ڇيديءَ، سڀاويڪ ۽ ٻول چال
واريءَ انگريزيءَ ۾ ڪيل آهي. ائين پيو ڏسجي ته
ڪنهن قابل انگريز کان منهنجو لفظي ترجمو نظر مان
ڪڍايو اٿس. ڪتاب Sir
charles Ollivenr سنڌ
جي ڪمشنر کي، جنهن جي زيردستيءَ ۾ ديوان نوڪري
ڪئي، تنهن کي ارپڻ ڪيو اٿس. ڪتاب جو پهريون ڇاپو
ڪمشنر جي پريس ۾ ڇپايل هو.
ٻيو وڏو سنڌي ودوان مسٽر جهمٽمل نارومل وسناڻي ٿي
گذريو آهي. هو سنسڪرت توڙي پارسيءَ جو چڱو ڄاڻو
هو. پهريائين سرڪاري هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ فرسٽ
اسسٽنٽ ماستر هو ۽ نوڪريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سرڪاري
سنڌ بوڪ ڊيپوءَ جو Curator ٿيو،
جنهن عهدي تان 1902 ۾ پينشن تي ويو. هن صاحب ٽي
عالماڻا ۽ ڪارائتا ڪتاب لکيا.
(1) ”سنڌي وياڪرڻ“ جو سرڪار سنه 1892ع ۾ ڇپائي
حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن ۽ هاءِ اسڪولن جي
مٿين درجن لاءِ منظور ڪيو هو. هن ڪتاب جي تيار ڪرڻ
۾ هن صاحب سنسڪرت وياڪرڻ جي اڀياس مان حاصل ڪيل
گيان ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جي گرامر جون خوبيون گرهڻ ڪيون
آهن. ان جي هڪڙي خاص خوبي اها آهي جو وياڪرڻي شبدن
جا عربي نالن سان گڏوگڏ سنسڪرت نالا به ڏنا اٿس.
هن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي جنهن جو مول سنسڪرت
آهي، تنهن جي ويا ڪرڻي حرفن لاءِ عربي نالا ڪم آڻڻ
آهي گويا ”ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري.“ افسوس جو هن ڪتاب
جو هڪڙو ئي ڇاپو نڪتو. اڄ به جيڪڏهن اهو پستڪ
ڇپايو وڃي ته جيڪر سنڌي ويا ڪرڻن ۾ صدر جاءِ حاصل
ڪري.
(2) جهمٽمل صاحب جو ٻيو ملهائتو ڪتاب هو، ”وئتپتي
ڪوش“ يعني اشتقاقي لغت(Etymological
Dictionary) سنڌي
۾ جيڪي لفظ سنسڪرت مان نڪتل آهن تن جا منجهس بنياد
ڏنل آهن. هي ڪتاب لٿو ۾ ڇپيل هو، سنڌ مان ”مهراڻ“
مخزن ۾ نئين سر ڇپيو.
ماستر جهمٽمل جي سنڌي ڀاشا جي باري ۾ ڪيل خدمتن جو
سنڌي جنتا ڪجهه قدر ڪونه ڪيو آهي ۽ هن جي قابليت ۽
محنتن کي وساري ڇڏيو آهي.
پروفيسر ملڪاڻيءَ جو هيءَ پهريون ئي پستڪ آهي،
جنهن فقط سنڌي نثر جي تاريخ جو چٽو وستار پوروڪ ۽
احوال ڏنل آهي، ۽ سندس ڪيترن سالن جي ڪٺي ڪيل
ڪتابي سامگريءَ جي اڀياس، ڪشالي ۽ اورچائي جو
نتيجو آهي. هر قسم جي تصنيفن، مضمونن، ليکڪن ۽
اداڪارن، وڏن، وچولن بلڪه ننڍن جو منجهس ذڪر ڪيل
آهي. ڪي ذڪر ڪيل ليکڪ ته اهڙا به آهن جن حياتيءَ ۾
هڪ اڌ ڀيرو مس ڪنهن مضمون تي قلم هلايو هجي. مطلب
ته وس پڄندي ڪنهن به سنڌي ليکڪ کي ڪين وساريو اٿس.
ڪتاب سنڌي نثر جي حقيقتن جو ڀنڊار آهي. سهسين
ڪتابن جو احوال ڏيڻ سان گڏوگڏ، لکندڙ اُتن ٽيڪا
ٽپڻي به ڪندو اچي، جنهن مان سندس تنقيدي شناس ظاهر
ٿي ٿئي. تنهن کانسواءِ، مکيه ڪتابن مان جي سنڌي
نثر جا مثالي فقرا چونڊي ڏنا اٿس، سي به هن گرنٿ
جو ادبي ملهه وڌائين ٿا.
ڪتاب ستن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (1) اوائلي دۇر
(2) ڪهاڻي (3) ناول يا اپنياس (4) ناٽڪ (5) ننڍو
ناٽڪ يا ايڪ انڪي ناٽڪ (One-
act Play) (6)
مضمون نويسي يا نبنڌ (7) تنقيد يا سمالوچنا. هر هڪ
وشيه تي سلسليوار جيڪو به احوال هٿ لڳو اٿس سو
ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي. اميد ته هيءَ پستڪ نه رڳو
سنڌيءَ جي اوچي اڀياس ڪندڙن کي ڪارائتو ٿيندو، پر
هر ڪنهن پڙهيل سنڌيءَ کي لطف ڏيندو ۽ منورنجڪ
لڳندو.
بمبئي، 18 مئي، 1961ع
ڏيارام
وسڻمل
هن ڪتاب جي بنياد
بابت
شمار ويهن ورهين جي ڳالهه آهي. تازو آرٽس خواهه
سائنس ڪاليجن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ لازمي ڪيو ويو
هو. ڪراچي ڪاليج ۾ استاد ڀيرومل اڳيئي سنڌيءَ ۾
ليڪچرار هو، جنهن کي وٺائڻ لاءِ استاد لعلچندي کي
مقرر ڪيائون، پر تڏهين به هيترن ڪلاسن کي سنڌي
پڙهائڻ جو ڪم وڌي پيو. آءٌ تن ڏينهين انگريزيءَ ۾
ليڪچرار هوس، پر ٻه چار سنڌي ڪتاب لکيا هئم، جنجي
آڌار تي پرنسيپال بٽائيءَ مون کي انگريزيءَ ۽ سنڌي
جو نائب پروفيسر بنائي، انهن ٻن عالمن جو همراهه
ڪري رکيو. شوق وچان سنڌي ساهت سان واقفيت ته چڱيري
هيم، پر شاگردن کي پڙهائڻ ۽ امتحانن لاءِ تيار
ڪرائڻ واسطي اونهي اڀياس جي ضرورت هئي، جنهن ۾
ٻنهي مربي استادن مون کي وڏي مدد ڪئي. ٽيون استاد
جيٺمل، حيدرآباد ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرار هوندو
هو، تنهن سنڌي ساهت جي اُنتيءَ لاءِ ڪراچيءَ ۾ هڪ
شاهي ميڙ ڪوٺايو هو، جنهن ۾ ٻين هندو مسلم عالمن
سان گڏ، استاد لعلچند پڻ تقرير ڪئي هئي. اُن تقرير
جي اُتساهه ۽ دليلن کان آءٌ ايترو متاثر ٿيو هوس
جو گهر پهچڻ سان ويهي پنهنجو پهريون ادبي مضمون
”سنڌي ٻوليءَ جو واڌارو“ لکي ڪڍيم، جو ”سنڌو“ مخزن
جي جنوري 1941واري پرچي ۾ ڇپيو هو. پوءِ ته ٻيا ٻه
چار ساهتڪ ليک لکي ويس، جي به ساڳئي مخزن ۾ شايع
ٿيا هئا، ۽ پوءِ سنواري وڌائي 1950 ۾ بمبئي ۾
”ادبي اصول“ نالي ڪتاب ۾ درج ڪيا هئم.
ادبي اصولن کانپوءِ ادبي تاريخ ڏانهن ڌيان ڊوڙيو.
مرحوم محمد صديق ميمڻ جي ”سنڌ جي ادبي تاريخ“
(ڀاڱو پهريون) 1938 ۾ شايع ٿي چڪي هئي، جنهن ۾
گهڻي ڀاڱي سندس شاعريءَ جو احوال ڏنل هو. محترم
لطف الله بدويءَ جو ”تذڪره لطفي“ (جلد پهريون)
1943 ۾ نڪري چڪو هو، جنهن ۾ ته ڏنل ئي سنڌي
شاعريءَ جي تاريخ هئي. تنهن ڪري مون کي ويچار آيو
ته نظم جي تاريخ ۾ مٿين عالمن جي سند ڀرين محنتن
کانپوءِ وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ غير ضروري آهي، سو ڇو نه
آءٌ سنڌي نثر جي تاريخ جوڙڻ تي محنت ڪريان، جنهن
ڏانهن ڪنهن ڌيان ئي ڪونه ڏنو آهي. سنڌي ناٽڪ ته
جڏهن کان شروع ٿيا تڏهن کان پئي پڙهيا اٿم. سو
پهرين هن جو بنيادي مضمون ”سنڌي ناٽڪ جي ترقي“
لکيم، جو ”سنڌو“ جي جنوري 1942 واري پرچي ۾ ڇپيو
هو، ۽ ٻيو نمبر ليک ”سنڌي ناول جي ترقي“ ”هندستان“
اخبار جي 1942 واري سالياني پرچي ۾ ڇپيو هو. هي
مضمون پڙهندڙن کي چڱا پسند پيا هئا. انهن پسند
ڪندڙن مان هڪڙو هو منهنجو جهونو ادبي دوست آسانند
مامتورا جو ان وقت ٿيا سافي سوسائٽي جو منتري هو.
چيائيم؛ سوسائٽي جي هال ۾ ماهوار تقريرن جو سلسلو
نه شروع ڪرين، جن ۾ ناٽڪ ۽ ناول سان گڏ سنڌي ساهت
جي ٻين شاخن جو احوال به ناظرين کي ٻڌائين، ته ڪو
مادري ٻوليءَ لاءِ شوق ۽ فخر جاڳين! پڇيومانس؛
صدارت ڪير ڪندو؟ چيائين؛ شروعات ناٽڪ واريءَ تقرير
سان ڪر، جنهنجي صدارت لاءِ مون لعلچند صاحب کي
مڃايو آهي؛ پوءِ ڏٺو ويندو. 6 سيپٽمبر 1943 تي
ناٽڪ جي ترقي واري تقرير استاد کي اهڙي وڻي جو
چيائين ته باقي رهيل تقريرن جي صدارت به مان پاڻ
ڪندس. ان ناٽڪ واري مضمون جا ڪاغذ به مون کان وٺي
رکيائين ۽ پوءِ اهو سنواري پنهنجي ايڊيٽر هيٺ
”مهراڻ“ مخزن ۾ شايع ڪيو هئائين. اها سنڌي ناٽڪ تي
تقرير ڪراچي جا سرناگتي هال ۾، اعرابن واري ساهت
تي 1941 ۾ مون پهريون دفعو ڪئي هئي، جنهن موقعي جو
سڀاپتي ڄميل پرسرام هو ۽ ڪاڪو ڀيرومل سامهون ويٺو
هو؛ ٻنهي عالمن ڪافي داد ڏنو هو ۽ پنهنجي آزمودي
مان ڪجهه وڌيڪ مصالحو به ڏنو هئائون.
پوءِ ته مهني سر مهني مان اهي مضمون تيار ڪندو ويس
۽ ڇهن مهنن ۾ اهو تقريرن جو سلسلو ختم ٿيو، جن
مڙني جي صدارت استاد لعلچند ڪئي ۽ ڪيتريون مفيد
صلاحون مصلحتون ڏنائين. اهي ڇهه مضمون ۽ تقريرون
هن ڪتاب جا بنيادي پٿر آهن، ۽ آسيس ڪئي هئي. مضمون
نويسيءَ ۽ تنقيد جي اوسر وارا ليکه مون وري به
”سنڌو“ مخزن ۾ وجهايا هئا؛ تان جو سنڌي ڪهاڻي ۽
ننڍي ناٽڪ جي ترقي وارا مضمون به هتي بمبئيءَ ۾
اچڻ کانپوءِ پورا ڪري بولچند راجپال کي آگري ۾
موڪليا هئم جتان 1945 ۾ ”سنڌي“ ۾ شايع ڪيا هئائين.
پر الڳه الڳه مضمون تيار ڪرڻ ۽ تقريرون ڏيڻ هڪڙي
قسم جو ڪم هو ۽ انهن کي ملائي منجهان مڪمل ادبي
تاريخ جوڙڻ بنهه نرالو مٿاڪٽ وارو ڪم هو. جيسين
سنڌ ۾ هوس تيسين ته وڌيڪ ۽ وڌيڪ جهونا توڙي نوان
ڪتاب هٿ ڪري مصالحو ڪٺو ڪندو ويس ۽ انهن مضمونن جي
رٿا ۽ دائرو وڌائيندو کين تاريخ سلسلي ۾ وجهندو
ويس. پر بمبئيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ الاهي ڪم اڃا رهيو
پيو هو. سنڌ جي ڪتب فروشن ۽ مان انگريزي ڪتاب
گهڻائي پٺيان ڇڏي آيس، پر سنڌي ڪتابن ۽ مخزنن جو
هڪ ڦاٽل ورق به ڪونه ڇڏيم. اهائي املهه ملڪيت جنم
ڀوميءَ مان ڍوئي هت پهتس ۽ ڪجهه وقت ان مان پئي ڪم
ڪڍيم. پوءِ ته ڌم لڳائي ڏنيم، ڪراچيءَ، حيدرآباد،
سکر ۽ شڪارپور ۾ پٺيان رهيل دوستن ڏانهن خطن
ڊوڙائڻ جي، ته فلاڻا ڪي فلاڻا ڪتاب پئسن تي نه، ته
زوري تحفي طور روانا ڪريو. ڪن سڄڻ تحفا موڪليا، ڪن
گهربل احوال موڪليا، ڪن ته سکڻو جواب نه ڪو نه
ڏنو. هندستان ۾ داڻو داڻو ٿيل سنڌي لکيڪن ۽ ساهت
پريمين ڏانهن به نوازش ناما موڪليم، جن وٽان به ڪي
ڪارائتا ڪتاب ۽ ضروري تفصيل مليا. پر مڙني کان
وڌيڪ شڪر گذاري ڀاءُ هريسندر جي ٿو مڃان جنهن
ڪراچي توڙي اجمير مان پنهنجي قارون جي خزاني مان
ڪيترن بي بها پستڪن جا پارسل مون ڏانهن سوکڙي ڪري
موڪليا، جن کان سواءِ هي ادبي تاريخ جو ڪتاب ختم
ئي ڪونه ٿئي ها. هاڻي به هيءَ ڪتاب سربستو ختم نه،
پر اڻ پورو سمجهڻ کپي، ڇو جومان ڄاڻان ٿو ته منجهس
ڪيترا خال هوندا جي اڻ ڀريل رهجي ويا آهن. آخر
هڪڙي ماڻهو لاءِ ههڙي اٿاهه وشيه سان پورو انصاف
ڪرڻ ناممڪن آهن. وري به شڪر جو ايترو زخيرو ڪٺو ٿي
پيو آهي جو فخر پيو ٿئي ته سنڌي نثر هروڀرو اهڙو
مسڪين ڪونهي جهڙو سمجهندا هئاسون!
پر ائين نه سمجهڻ کپي ته جيڪي به ڪتاب يا چونپڙيون
يا مضمون مونکي هٿ چڙهيا سي سڀ هن تاريخ ۾ درج ڪري
انجو مقدار وڌايو اٿم. پنهنجي ٻڌيءَ آهر مواد ۽
عبارت جي لحاظ کان جيڪي به لکتون مونکي ادبي معيار
کان گهٽ لڳيون جن ۾ ڪي خاص خوبيون ياخاميون نظر
آيون آهن، تن جي مختصر ڇنڊ ڇاڻ به ڪئي اٿم، جنهن
ڪري هن ادبي تاريخ کي ڪي قدر ”تنقيدي تاريخ“ به
ڪوٺي سگهجي ٿو، پڙهندڙن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ
ڪيترين لکيتن مان مثالي فقرا چونڊي هوبهو ڏنا اٿم
ته پتو پوي ته سنڌي نثر زماني جي رفتار سان ڪيئن
ورن ورن مٽائيندو رهيو آهي. رکا تاريخي احوال ۽
انگه اکر متان پڙهڻ ۾ خشڪ بنجي پون اهو انديشو دۇر
ڪرڻ لاءِ مون داخلي يا شخص نوع ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي_ خاص طور ناٽڪي طور واري فصل ۾ پنهنجا ۽
ٻين ناٽڪن جا شخصي آزمودا ڏيئي هن تاريخ کي ڪهاڻي
جي رنگت ڏيڻ چاهي اٿم .
آخر ۾ مان پنهنجي جهوني استاد ديوان ڏيارام وسڻيل
مير چنداڻي جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن برڌ
اوسٿا ۽ ڪمزور نظر جي باوجود، جهوني شاگرد جي حجت
اونائي، پيار جو پورهيو سمجهي، هيڏي ساري پستڪ تي
نور نچويو ۽ پنهنجي اٿاهه ڄاڻ مان ڪيترين حقيقتن
جون درستيون ڏسيون، ڪيتريون عالماڻيون صلاحون
ڏنيون، ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجي مبارڪ قلم مان مهاڳه
لکي ڏيڻ جو
شرف ڏنائين. ديوان ڏيارام سنڌي عالمن مان جهوني ۾
جهونو سنڌي نثر جو ڄاڻو آهي. سنسڪرت ۽ فارسي جو
علم رکندي به هو صاحب ٺيٺ سڀاويڪ سنڌي ڪتب آڻيندو
آهي ۽ جيڪي به ٿورو لکندو آهي، موزون لکندو آهي.
ان زماني ۾ جڏهن سڀڪو شعر جون سرڪيون پيو ڀريندو
هو ۽ سنڌي نثر ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونه هو،
تڏهن ديوان صاحب ئي هو جنهن 1907 ۾ ديوان ليلارام
پريمچند سان شرڪت ۾ ”گلدستو“ نالي انتخاب پڌرو
ڪيو هو، جنهن ۾ ٿورن مشهور شعرن سان گڏ گهڻي ڀاڱي
سنڌي نثر جا ٽڪرا ۽ مضمون جهونن ڪتابن ۽ مخزنن مان
سوڌي پهريون دفعو ڇپايا هئائين. ڪيترا سال پوءِ
1935 ۾، نجو نثر جو انتخاب ”چونڊ سنڌي نثر“ نالي
شايع ڪيائين، جنهن ۾ نثر جي اوسر بابت هڪ مختصر
تاريخي مهاڳه ”سنڌي نثر جي نظر“ لکيو هئائين. جو
اڃا تائين ڪيترن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ درسي ڪتاب طور
رکيل آهي، تنهنڪري منهنجي نثر جي تاريخ تي نظر
ثاني ڪرڻ ۽ انجو عالماڻو مهاڳه لکڻ لاءَ ديوان
ڏيارام پارو سند وارو صاحب مونکي ڪونه سجهي، جنهن
لاءِ وري به سندس شڪر گذاري ٿو ڪريان.
مان ”ساهتيه اڪاڊميءَ“ جي سنڌي صلاحڪار بورڊ جو به
آڀاري آهيان جنهن هي ڪتاب پسند ڪيو آهي ۽ اڪاڊميءَ
کي شايع ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي آهي ۽ انهن پڻ منظور
ڪيو آهي. هاڻي جڏهن پاٺڪن کي پسند پوي تڏهن لايا
سجايا ٿين.
بمبئي 28 مئي 1961ع
منگهارام ملڪاڻي
قلم تازو:-
هي ڪتاب ”ساهتيه اڪاڊميءَ“ وارا، چينائي حملي ۽
پاڪستاني لڙائي سببان پئسي جي ڪوتاهيءَ ڪري ڇهه
سال ڇپائي نه سگهيا. هن سال مون ڪنهن شخصي ڪارڻ
ڪري دستخط کانئن موٽائي ورتو، ۽ انکي سنواري
سڌاري، هاڻ ” ڪونج پبليڪيشن“ دواران پڌرو ڪري رهيو
آهيان. |