سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :28

جيتوڻيڪ هو ڀڳل ٽٽل زندگي هٿان ٿڪجڻ جهڙو نه هو، پر شايد ٿڪجي پيو هو ۽ شايد لکي ڇڏڻ پئي گهريائين، پنهنجي ڏاڪڻ جي گهٽيءَ واري دروازي تي سڄي زندگيءَ جي ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ. ”مٿي ڪو به نه اچي، بدر ننڊ پيو آهي.“

بدر جو جسم ته پنڊ پاهڻ ٿيو پيو هو، پر سندس ذهن، سندس جسماني کوٽ کي ڀرڻ لاءِ تيز رفتار ٿي پيو هو، تڏهن ته هن هر احساس هوندي به وڏي اعتماد سان چيو هو ته:

برتر ته نه سهي دوستو ڪمتر آهيان،

هن دور جي انسان کان بهتر آهيان،

اشعار جي صورت ٿو هيرا آڇيان،

دنيا جي نگاهن ۾ گو پٿر آهيان.

هن پنهنجي دل کي ايڏو وسيع ڪري رکيو هو، جو اٿاهه غم به انهيءَ جي ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ ٿي لڳا ۽ مطمئن ٿي چيائين؛

غمن جي سلسلي جو دنگ ناهي،

مگر دل جو ته حلقو تنگ ناهي.

بدر تي ڪنهن احسان ڪيو هو؟ سا ته خبر مون کي ناهي، مان ته سمجهان ٿو ته جڏهن هُن احسان جي ڳالهه ڪئي آهي ته شايد سندس اشارو جيجل ڏانهن آهي ۽ چوي ٿو ته:

بدر غم پنهنجا وساري ته وساري ليڪن،

تنهنجا احسان وسارڻ کان وڌي ويا آهن.

بدر، لطيف سائين سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن کان مختلف ٿي پٺيءَ تي گهاءُ جهلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن مان سندس اندر جي بزدلي قطعي نه آهي، پر انهن لفظن مان هن جي امن سان اٿاهه دلچسپي بکي ٿي. هو سمجهي ٿو ته امن ۽ پيار هن زندگيءَ جو مکيه مقصد آهن. هو ويڙهه تي ويساهه نٿو رکي، ڇو ته ويڙهه سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن، تڏهن ته چيو اٿس:

ڳڻڻ کان وڌ پُٺيءَ گهاوَ آهن،

اسان جي ڪنهن سان ڪائي جنگ ناهي.

سچ پچ بدر اهڙو فنڪار هو جنهن جو فن ڪيترن ئي فنڪارن جي وجود کي سگهارو ڪندو ۽ بدر جي وڇڙي وڃڻ جو احساس ڪافي وقت ڏکوئيندو رهندو.

”بدر“ ويندو ته انڌيرو ٿيندو،

مون کي محفل مان اٿاري ته ڏسو.

- سرڪش سنڌي

جيئن سانوڻ ۾ سنڌوءَ جون اَڻ کٽ ڇوليون اڀرنديون رهنديون آهن. تون پرٽجي پيو هئين پوهه جي پاري جيان، تون اوتجي پيو هئين ڄيٺ جي ڄَرَ جهڙي جهولي وانگر ۽ مان وات پٽي هڪ ڪَنو توکي ٻڌي رهيو هوس!

بدر! تنهنجون اهڙيون صلاحيتون، ايڏي ڄاڻ، ايتري قابليت سڀ توسان گڏ، تنهنجي پلنگ تي ليٽيون پيون رهيون، ڪنهن به اچي انهن مان فائدو نه ورتو ۽ نه تون انهيءَ پوزيشن ۾ رهئين، جو پنهنجي پيرين هلي، هِت هُت، هِن هُن کي پنهنجون اهي خوبيون پهچائي سگهين ها!

بدر! تون معذوريءَ جي حالت ۾ به حوصلي جو پهاڙ ۽ زنده دليءَ جو مجسمو بڻيو رهئين- مون کي خبر آهي تون جنهن گهر ۾ مسواڙ تي رهندو هئين، ان جي مالڪ گهر خالي ڪرائڻ لاءِ توکي ڪيتريون تڪليفون ڏنيون. مهينن جا مهينا گهر جو پاڻي، بجلي ۽ گئس بند ڪرايائين، توتي ڪورٽن ۾ ڪيس ڪيائين، پر تون پلنگ تي پئي هڪ هنڌ به ويڙهه وڙهندو رهين، ۽ اها ويڙهه  تنهنجي حياتيءَ تائين جاري رهي – تو سخت گرمين ۾ سواءِ پکي ۽ پاڻيءَ جي ڏکيا ڏينهن به گذاريا (تنهنجي گهر – ڀاتين به ان ڀوڳنا ۾ صبر سان تنهنجو ساٿ ڏنو) تنهنجي اڪيلي ورونهن ٽيليويزن هفتن جا هفتا بند رهي، پر تنهنجي چپن تان ڪڏهن به مُرڪ نه وئي، تنهنجي نراڙ تي ڪي به گهُنج نه پيا. تو گهٻرائجي گهر جي مالڪ سان ڪمپرومائيز نه ڪيو- تو، سيشن/ سول ڪورٽ مان ته ڪيس کٽيو، پر مالڪ پاران  هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل جو انتظار ڪندو وئين!

بدر! هڪ هنڌ پئجي پئجي، نيٺ تنهنجو هاضمي جو نظام خراب ٿي ويو ۽ تون ڊائريا جو شڪار ٿي، اڻ ڌٺي ڏيهه روانو ٿي وئين- ڪنهن ڦڪيءَ فرق نه ڪيو، ڪنهن سُتيءَ ساٿ نه ڏنو- هاءِ هاءِ بدر قريشي!

بدر! ماڻ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ، ٽئين ڏينهن تي سهڪندو، هُڦندو تنهنجي گهر پهتو هوس: تولاءِ چار قُل پڙهڻ ۽ کوڙ سارا لُڙڪ لاڙڻ لاءِ. پر، دروازو بند هو، گهر ۾ ڪو به ڪو نه هو- دَر تي ’منظر‘ جي اکرن ۾ چِٽ لڳل هئي:

”اڄ محترم بدر قريشيءَ جو ٽيجهو آهي، اسان سڀ، ٻئي علائقي (شايد حسين ڊي سلوا) ۾ قرآن خوانيءَ لاءِ وڃي رهيا آهيون.“

۽ مان پنهنجي بيماريءَ جي ڪمزوريءَ سببان، ان اڻ ڏٺل جڳهه کي ڳولي لهڻ جو سَتُ نه سمجهي، مايوسيءَ ۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر موٽي آيو هوس.

بدر! وچان ڏاڍا ڏينهن پئجي ويا آهن، مان تنهنجي پونين ڏي هاڻي ڪهڙو مُنهن وٺي وڃان موڇاڻيءَ لاءِ، جڏهن ته مان تنهنجي جيئر، تنهنجي ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪري سگهيس ۽ نه تنهنجي پرڏيهه پڌراڻ جي سفر ۾ ٻه وکون گڏجي توسان هليس. نه تنهنجو منهن ڏسڻ نصيب ٿيو، نه توتي مٽي ورائي وجهي سگهيس، نه بروقت پٿر تي پهتس، نه ڳوڙهن ڀريو ٻُڪ دعا لاءِ کنيم- مان شرمسار آهيان بدر! توکان به ته تنهنجي پونين کان به!

بدر! تنهنجي امڙ جو حال اهو آهي، جو:

”ان آنکهون مين دريا چلتا هي،

ساحل په ميرا گهر جلتا هي.“

- تنهنجا ڀائر بيحال آهن ۽ انهن جو اولاد اداس آهي- مقصود، منظر، ستار، ۽ فيض ۽ تنهنجا ٻيا پرستار ۽ ساٿي ويچارا بڻجي ويا آهن- انهن کي آٿت ڏيڻ لاءِ، تون موٽي ڪو نه ايندين!؟

بدر! تنهنجا خط، جن ۾ تون منهنجي شاعريءَ کي پسند ڪندو هئين، جن ۾ تون منهنجي فيض (پُٽَ) جون تعريفون ۽ ساراهون لکندو هئين ۽ کيس دعائون چوندو هئين- جيڪي اڄ به مون وٽ محفوظ آهن ۽ مون لاءِ وڏو ادبي خزانو آهن، جن کي مان تو طرفان موڪليل امُلهه سوکڙيون سمجهان ٿو- اُهي خط، کُتون ٿي اڄ منهنجي هانءَ ۾ کپي رهيا آهن!

بدر! منهنجا سُڏڪا، منهنجون لڇون، منهنج لڙڪ ۽ ليلهاٽ سڀ توکي ڀيٽا، قبول ڪجانءِ!

”هِڪ هِڪ ٿيندا هوت، هتان وڃن پيا هيکلا،

مارَ پوئي شل موتَ!، جاني کوڙ جدا ڪيئه!“

- آثم ناٿن شاهي

دل کي هڪ زخم نئون

وقت وڏو بيرحم آهي. هن جو ڪم بيدردي سان اڳتي اڳتي ئي ڊوڙڻ آهي. سندس ڊوڙ ۾ ڪير چيڀاٽجي، گهائجي يا ساٿ ڇڏي وڃي، ان سان هن جو ڇا!!- ان ڀيانڪ گهڙيءَ کي سڄا سارا 40 ڏينهن گذرڻ تي آهن، جنهن وقت پنهنجي عمر ۾ هڪڙو ٻيو وڏو حادثو پسيو هو. ڪيڏا نه ڪڙا پل هيا اهي، جنهن ويلي مون کان منهنجو هڪڙو ٻيو سهارو کسجي ويو هيو. وجود خلا ۾ لڙڪندو، بي ست ۽ بي ساهو محسوس ڪيو هيم. لڙڪ به برف وانگر ڄمي ويا هيا. سانحو ايڏو ته گهرو ۽ شديد هيو جو ان تي ڳوڙها ڳاڙڻ به غير اهم سمجهيا هيا. الائي ڇو مون سان اهو الميو رهيو آهي ته روشنين جو شهر مون لاءِ هميشه ڏاڍو ڀيانڪ ثابت ٿيو آهي. هن ئي شهر ۾ منهنجي جيون جي روشني راهه بنائيندڙ / ڪٺن سفر جا سونهان اڀ ۾ تاري وانگر وڏي لاٽ ٺاهي، اکين کان اوجهل ٿي، سموري روشن ساڻ کڻي مون کان وڇڙي ويا آهن. هن ئي ڪٺور شهر ۾ مان پنهنجي وجود لاءِ نهايت اهم ۽ گهري نسبت وارا شعوري طور منهنجي آڱر وٺي رهنمائي، رهبري ڪندڙ هٿ آڱر مان ڇڏائي ڏور هليا ويا آهن.

23- جولاءِ 1989ع واري ٿاٻي کان پوءِ، يتيميءَ وارو احساس کڻي اٿيو ئي مس هيم جو ستت ٻيو آٿت، آڌار اکيون ٻوٽي مون کان رسي ويو. مون مٿان چوڏهينءَ جو چنڊ (بدر) شفقت واري سموري چٽائي، سهائي ساڻ کڻي پولار ۾ الهي ويو....!! سنس تصويري ڄڻ اکين ۾ اٽڪي پئي آهي. ڳالهيون ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن. اهي سمورا لمحا، واري واري سان اڃا تائين هڪ فلم وانگر ڦرندا رهن ٿا.

سوچيان ٿو ته هو منهنجي ذهن تي ايترو ڇانيل ڇو رهيو ۽ ڇو آهي. ساڻس منهنجو رشتو ڪهڙو هيو؟ ظاهري ناتا رشتا بلڪل اهم ناهن. اهم آهي ته ڪنهن جيءَ جي جرڪندڙ جذبي واري سچائيءَ سان سڪائتي، پر خلوص ۽ محبت جيڪا هر سٻنڌ کان مٿانهين آهي ۽ جنم جنم جيئندڙ پڻ آهي. خبر ناهي ان وٽ الائي ڪهڙي شڪتي هئي، جنهن سبب هر پاڪ پوتر ڳانڍاپي جو مرڪز ۽ محور رهيو. ساڻس عملي ويجهڙائي کي پسندي مٺڙي سائين حامي صاحب جي ڳالهه سو سيڪڙو سچ ٿي محسوس ٿئي ته:

”پڪا پختا سڀئي رشتا ته ٽوڙڻ سان ٽٽي پوندا،

مگر نازڪ ترين ناتو محبت جو نه ٽٽڻو آه..“

سندس يادون منهنجو املهه خزانو آهن، قيمتي سرمايو آهن. اهي راتين جون راتيون جيڪي ڳالهائيندي ڳالهائيندي اک ڇنڀ م گذري وينديون هيون. اهي شامون جن ۾ چانهه سموسن جا دور هلندا هيا. اهي ادبي بحث، اهي سياسي موضوع، اهي ذاتي/ نجي حال احوال، اهو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ، تاڙو ملائڻ، ڪاوڙجڻ، رسڻ، روئي پرچڻ، پرچائڻ. اٿاهه گهراين واري واسطيداري آهي، ڇا ڪا جلد وسرڻ واري ڳالهه آهي... يا هو وسرڻ واري شخصيت آهي. جيسين هي ساهه جو سلسلو آهي، تيسين سلهاڙيل رهندو ذهن ان جي امر يادن سان...!!

”دل تي آهي سارو اڪريل، پٿر تي ڪجهه لکڻو ناهي،

لوهه جا ليڪا ڊاهي سگهبا، ياد جو ليڪو ڊهڻو ناهي.“

(سرڪش سنڌي)

جيون جي ڪٺورتائن، اذيتن، پيڙائن کي مسڪرائيندي، کلندي کلندي، سيني لائيندي دردن ۽ سورن کي سنجيدگيءَ سان سهندي اڪيلو، بي يارو مددگار، 6- ڊسمبر 1970ع کان هڪ هنڌ جاءِ والاريندڙ، هي زندگي جي ڪنڊن واري ڪٺن راهه تي هلندو رهيو ۽ ڀرپور نموني اوستائين هليو، جيستائين لوڪ جي بي حسي، حالتن جي تلخين کي سهڻ جو ست ساريائين. آخر سڀني کان منهن موڙي درديلن داستانن کي سيني ۾ سانڍي 30- جنوري 1990ع تي سول اسپتال جي يورولاجي وارڊ ۾ ڊائلسز روم واري شيشي جي در پٺيان خوشبوءِ وانگر واءُ وکري ويو!

”اڻ ڏٺي راهه تي ٿيو آهه روانو ماڻهو....“

نالو به ته سندس چونڊ ڪري ئي رکيو ويو هو ”بدر“ ۽ هو به ته چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو سندر چمڪندڙ چهرو. اجرو، ذهانت ۽ ڏاهپ جي روشنيءَ سان منور، جرڪندڙ جلويدار اکيون. ڪنهن نظربد جوشڪار ٿيو ۽ گرهڻ گهيرا سندس جسم تي ڀوڳنا جو باعث بڻيا، پر پوءِ سندس جيئڻ وارو فلسفو اهو ساڳيو چنڊ وارو ئي رهيو ته جوت جلائي جڳ ساري تي چانڊوڪيءَ جونور ڦهلائي، ٻين کي دڳ لائجي ۽ انهن جي ڪارن ڪوجهن لمحن کي منور ڪجي، روشن ڪجي. اهو اعتراف پاڻ هيٺين لفظن ۾ ڪيو اٿائين:

”وري دوستو ڪا تمنا ڪجي، نئون رنگ ڪو زندگيءَ کي ڏجي،

اسان فن جيئڻ جو سکيو چنڊ کان، انڌيرو ڀلي ڪجهه ته روشن هجي.“

23- فيبروري 1983ع تي هن مهان محبتي، مٺڙي مانواري سائينءَ اڳيان پنهنجو ننڍڙو آٽوگراف بوڪ جهليو هئم ته شفقت واري گهور ڪري، عينڪ اکين تي لڳائي، ٺونٺ سهاري ويهي، لکڻ کان اڳ چيو هئائين ته ”منظر، مان توکي پنهنجو پسنديده شعر ٿو لکي ڏيانءِ“. اهو شعر هو:

”ڳولن ٿا ڇانورا ڀي سحرا جا مسافر،

۽ پاند سج اڳيان به جهلڻ ڪو نه ٿو ڏئي.“

ڪيتري ته منظر ڪشي آهي، دکدائڪ انداز سان محرومي ۽ حالتن جي مسئلن تي اذيت جي عڪاسي ٿيل آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته هڪ حساس ڏات ڌڻيءَ جي ذهني بلندي جي اُڏام ۽ ذهني وسعت. هونءَ بظاهر ساري ماحول کان ڪٽجي، هڪ پلنگ جي ساٿ سهاري پَل پورا ڪندڙ ماڻهو، پر پنهنجي ذهن جي آڌار ۽ معلومات جي تڙپ ذريعي هر پَل باخبر ۽ باشعور رهيو. ان مان ان انسان جي عظمت عيان آهي، جيڪو اعصابي استعمال سان ساري ڪائنات جي هر موضوع تي وسيع ۽ تازي تواني معلومات رکندو هجي ۽ هر ڪنهن سان بحث ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي سگهي. اسان ته ڪڏهن ڪڏهن حيران ٿي ويندا هئاسين ته ٻاهر گهمندڙ ڦرندڙ سماجي لڳ لاڳاپن سان ڳانڍاپيل ماڻهو به ان جي آڏو اڌ جيتري به خبر چار ڪو نه رکندا هئا.

هر سچي سرجڻهار جيان پنهنجي مشڪ ڀري مٽيءَ سان محبت ڪندو هو. سندس تعلق موهن جي دڙي جي تهذيب سان هو، تنهن ڳالهه تي فخر وچان چئي ڏنو هئائين:

موهن جي دڙي ساڻ تعلق آهي،

انسان جي تهذيب جا وارث آهيون،

جنهن کي ڇهون سون بڻائي ٿا ڇڏيون،

پٿر جي سڏايون، ته ڀي پارس آهيون.

سندس شعرن ۾ هر هنڌ اها وطن سان انسيت ڏاڍي چٽي پسي سگهجي ٿي، جيئن ٻئي هنڌ چيو اٿائين ته:

وطن جي آبروءَ خاطر اسان جو،

ٿئي صد بار سر صدقي ته ڇاهي؟

زمينِ سنڌ پياري آهه يارو،

اسان کي زندگيءَ سان پيار ناهي.

هن کي سنڌ جي ڪشمڪش واري موڙ تي،جتي اندروني توڙي ٻاهرين مشڪلاتن ۽ مسئلن جي موجودگيءَ ۾ هتان جي سياستڪار سڳورن جي اکٻوٽ واري سياسي حرڪت پسند ڪو نه هئي. هو ڌرتيءَ جي سلامتي ۽ سک جو متلاشي هو، تنهنڪري کيس هيراڦيري ڪندڙ راهبرن کان سخت مايوسي هئي ۽ سندس کوکلي انا لاءِ چئي ڏنو هئائين ته:

هر ڪوئي سربراهه ٿيڻ ٿو چاهي      يا وري قافلو ڇڏيو ٿو وڃي،

سڀئي واٽون  جدا جدا  ٿا ڏسن،          راهرو راهه ۾ رليو ٿو وڃي.

هميشه سياسي راند رچائيندڙ هن دور جي شاعر ۽ اديب تي ڇوهه ڇنڊيندا آهن ته هو بي عمل ۽ صرف ڳالهين جا ڳهير ٿا ٿين، پر نه هن ڏاهي ڏات ڌڻي شاعريءَ ۾ واضح ڳالهه ڪئي. جيئن:

گڏجي هلندا ته سڀ پچي ويندا،

بدر منزل جو ڏس ڏئي ٿو وڃي.

يا

ڳالهيون پرينءَجي پار جون هرڪوئي ٿو ڪري،

ڪجهه پير به وڌايو ڪجهه اڳڀرا به ٿيو.

هن باعمل انسان جي اندر واري سگهاري قوت تي نظر ڊوڙائبي ته محسوس ٿيندو هو ته 20 سالن کان هڪ هنڌ تي ويٺل ٻين لاءِ مسئلو ڪو نه رهيو. هڪ بيٺل پاڻيءَ جيان سينوارجي ڪو نه ويو هو، پر اڌمن جون اٿلون ڏيندڙ ۽ احساس جي پرجوش مهاساگر جيان محسوس ٿيندو هو. ڪوشش ڪري ڪنهن کي تڪليف نه ڏيڻ وارو، رضا تي راضي رهندڙ، زنده دل، خوش طبع، زندگي جي لاءِ سڀ کي سهڻيون صلاحون ۽ خوبصورت طريقا ڏيندڙ، طاقتور ۽ همت جو هالار هو.

اسان جو معاشرو اڃا ايترو بي حس ۽ بي رحم آهي، جو هن جهڙي آدرشي، اڏول، عزم واري مجبور ۽ معذور ماڻهوءَ کي سک، سهنج، سهوليت ڏيڻ بجاءِ سندس مٿي جو سور بڻجي، ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ سکيو آهي- هن فن ۽ فڪر کي سڀ ڪجهه ارپيو،پر پاڻ کي ڇا مليس موٽ ۾، معاشي مسئلن جو ڀنڊار. رهڻ لاءِ پنهنجو (ڪکائون ئي سهي) آشيانو نه هجڻ ڪري هڪ ڪم ظرف، غير انساني، وحشي صفت ماڻهو هٿاران ذهني ۽ جسماني تڪليفن ۽ پيڙائن جو مرڪز رهيو. سندس پوئين عرصي واري شاعريءَ ۾ اهڙا واضح احساس موجود آهن. جيئن:

بدر جو گهر ٿو پڇين، هو ڏس پري روشنيون،

جنهن گهر جو ڏيئو گل آهي، اهو منهنجو آ.

هر ساهه اڳئين کان ڳورو آ.

هر ساهه اڳئين کان اوکو آ.

هر ساهه اڳئين کان گهٽجي ٿو.

هن دور ۾ يارو ڪيئن جيئون؟

هُو خوددار هيو ۽ جيئڻ لاءِ هميشه ڪنڌ اوچو رکڻ سندس اصول جو اهم متو هيو. جڏهن ڏٺائين ته هن مطلبي، لوڀي، لالچي زماني ۾ سخت پريشانين سببان ڪٿي، ڪنهن ڏي، واجهائي ڪجهه طلبيو وڃي.ان کان بهترآ ته راند رَتل ئي ڇڏجي!

راند ٿئي ته اصولن سان ٿئي،

ورنه هي راند رهڻ جي ناهي.

هو اصولن جو پڪو هيو ارادي جو مستحڪم هيو. آخر تائين پنهنجي مضبوط اصول پرستي ڏيکاريندو رهيو ۽ انهن بڻايل اوکن اصولن سبب هو هن جڳ مان هليو ويو... راند اڌ ۾ ڇڏي خاموش احتجاج ڪندي گهڻوپري هليو ويو...

سڄا سارا چاليهه ڏينهن ٿي ويا آهن. هن حادثي کي، پر پوءِ به ائين ٿو محسوس ٿئي ته هي واقعو ڪو هاڻي پيو ٿئي، اجهو هينئر ڪو اسان کان وڇڙي پيو. زخم بلڪل تازو... نئون....!!

دل کي هڪ زخم نئون ڏيو ٿو وڃي،

روز هي ڪو نه ڪو هليو ٿو وڃي.

(چاليهي تي لکيل)

- قاضي منظر حيات

دلبر! هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس    

آه! نديم انصاري

محترم ولي محمد ”نديم“ انصاري اسان کان اوچتو وڇڙي ويو. هر ڪنهن کي هتان هلڻو آهي. هن فاني دنيا ۾ ڪو به نه رهيو آهي ۽ نه رهندو.

7- فيبروري 1990ع جو ڏينهن اداس اداس پئي محسوس ٿيو. ان ڏينهن برسات جي هلڪي هلڪي بوند به وسي رهي هئي. ٽين بجي ڌاري روزانه عوامي آواز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر ۽ ترقي پسند شاعر منصور ميراڻيءَ پير جي ڳوٺ ۾ هيءَ دکدائڪ خبر اچي ٻڌائي ته ولي محمد نديم انصاري هڪ ٽرڪ جي هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. اعتبار ئي نه پئي آيو. پر جيئن ته موت هڪ حقيقت آهي، انهيءَ کي ڪو به لنوائي نٿو سگهي، ۽ اعتبار ڪرڻو پيو. انهيءَ ڏينهن نديم صاحب حج جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جي سلسلي ۾ خيرپور ويو هو، ڇو ته هو اسپانسر اسڪيم تحت حج تي وڃڻ جي تيارين ۾ هو. ساڳئي ڏينهن ريڊيو پاڪستان خيرپور تي مذهبي پروگرام به رڪارڊ ڪرائڻو هئس. هو پنهنجي هڪ دوست مولابخش لانگاهه سان موٽر سائيڪل تي ٻيلهه چڙهيل هو. جيئن ئي اهي ريڊيو پاڪستان خيرپور جي بلڊنگ جي ويجهو پهتا ته مولابخش لانگاهه موٽر سائيڪل جو ٽرن ڪٽيو ته روڊ جي آلي هئڻ سبب موٽر سائيڪل سوڌو روڊ جي پاسي ڪچي ۾ وڃي ڪريو، ليڪن نديم صاحب اڇل کائي وچ روڊ تي وڃي ڪريو. ان وقت هڪ ٽرڪ ڪراچيءَ کان اچي رهي هئي، جيڪا مٿانئس چڙهي ويئي ۽ منٽن ۾ کيل ختم ٿي ويو. موٽر سائيڪل سوار کي ڪجهه به نه ٿيو.

نديم انصاري صاحب 8- ڊسمبر 1927ع تي پنهنجي ڳوٺ موري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سندس والد صاحب جو نالو محمد بچل هو. نديم صاحب پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1939ع ڌاري ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ وڃي داخل ٿيو. اتي هو جڏهن انگريزي ڇهين درجي ۾ پهتو ته سندس والد گذاري ويو. پوءِ هو تعليم کي اڌ ۾ خيرباد چئي ڳوٺ هليو آيو، ڇو ته پٺيان سندس ڪٽنب جي نظرداري ڪرڻ وارو ٻيو ڪو به ڪو نه هو. پوءِ ته نديم انصاري صاحب محنت مزدوريءَ کي لڳي ويو. ٻارهن سال زندگيءَ جي ڳاهه ۾ مسلسل ڳهندو رهيو. نيٺ 1953ع ۾ سنڌي فائينل پاس ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر ٿيو. ان کان پوءِ 1955ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ته پريالوءِ جي هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري استاد ٿيو. اهڙيءَ طرح بي. اي. (آنرس) بي. ٽي ۽ ايم. اي (سنڌي) جا امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. 1968ع ۾ وري لاهور يونيورسٽيءَ مان ايم. ايڊ جي ڊگري به حاصل ڪيائين. نديم صاحب جي انهيءَ علمي لياقت ۽ قابليت کي ڏسي کيس بيورو آف ڪريڪيولم ۾ ريسرچ آفيسر مقررڪيو ويو. نديم صاحب اتي پنهنجون خدمتون احسن طريقي سان سرانجام ڏيندو رهيو. سندس انهيءَ محنت ۽ جاکوڙ جو قدر ڪندي کيس پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي هو اڍائي سال کن پنهنجو فرض ادا ڪندو رهيو. نيٺ 1988ع ۾ نديم صاحب کي ارڙهين گريڊ ۾ ترقي ڏيئي ڪامپريهينسو هاءِ اسڪول خيرپور ۾ پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتان هو ڊسمبر 1988ع ۾ رٽائر ٿيو.

نديم صاحب کي جيئڻ جو ڍنگ ايندو هو. هو ڪنهن تڪليف کان نه ڊڳو ۽ مڙس ٿي منهن ڏنائين. هن پنهنجي زندگي مسلسل جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ گذاري. هو هڪ بهترين ماهرِ تعليم هو ۽ ساري عمر تعليم ڏيندو رهيو. هن پنهنجي حياتيءَ جو آغاز هڪ مزدور جي  حيثيت سان ڪيو ۽ ترقي ڪندي ڪندي آخر پرنسيپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو.

ادبي زندگي: نديم انصاري صاحب ادبي دنيا ۾ قدم ته پاڪستان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي رکيو هو، ڇو ته سائين سليم ڳاڙهوي جي صحبت ۾ رهندي ڪافي حد تائين پختو شاعر بڻجي چڪو هو، مگر سندس شاعري پاڪستان جي پهرين ڏهاڪي ۾ رسالن ۽ جريدن ۾ ڇپجڻ لڳي. ان وقت سائين سليم ڳاڙهوي صاحب نديم صاحب جي صلاح مشوري سان ۽ ڪجهه نوجوان ادب دوستن جي مدد سان ’بزم سليم ڳاڙهي موري‘ جو بنياد وڌو، جتي طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيڻ لڳا. سڀني دوستن جي شعر جي اصلاح سائين سليم ڳاڙهي صاحب جن ڪندا هئا. سائين سليم ڳاڙهوي جن جي تربيت هيٺ جيڪي نوجوان اديب ۽ شاعر رهيا تن جا نالا هي آهن: نديم انصاري صاحب، خادم رفيقي، عزيز ڳاڙهوي، الله بخش حباب انصاري، سومرو خنجر ميانوي. حليم سنڌي، منير سولنگي، (راقم الحروف) ۽ حجاب انصاري. حليم سنڌي، سائين سليم ڳاڙهوي ۽ خنجر ميانوي هاڻي اسان وٽ ڪو نه آهن ۽ انهن جون يادگيريون ۽ تحريرون اسان وٽ موجود آهن.

”بزم سليم“ ڳاڙهي موري ۾ سنڌ جو مشهور شاعر جناب عنايت بلوچ به هڪ نو آموز شاعر جي حيثيت سان شريڪ ٿيندو هو. هو پنهنجي والد صاحب غلام النبي اداسي بلوچ سان وقت بوقت مشاعرن ۾ ايندو هو. عنايت بلوچ هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي. نديم انصاري صاحب کي ڀٽائي گهوٽ جو ڪلام تمام گهڻو ياد هو. جيئن ته هو صاحب سخت مذهبي انسان هو، تنهنڪري پند و وعظ ۾ شاهه جي شاعري تمام گهڻي استعمال ڪندو هو.

نديم انصاري صاحب جيئن ته بزم سليم جي ميمبرن ۾ سينئر ميمبر هو، تنهنڪري اسان سڀني دوستن سان نهايت قرب ۽ محبت سان هلندو هو. هن اهو تعلق مرڻ گهڙيءَ تائين نڀايو.

سکر ۾ جڏهين اسدالله ڀٽي فوجي حڪومت جي مدد سان تنظيم فڪر و نظر جو بنياد وڌو ته نديم صاحب به وڃي ان تنظيم ۾ شامل ٿيو. هو اتي نشر و اشاعت جو چيئرمين ٿيو. بزم سليم جا ٻي ٽي ميمبر به پاڻ سان گهلي ويو، جن جا نالا هي آهن: خادم رفيقي، حليم سنڌي ۽ عزيز ڳاڙهوي. تنظيم فڪر و نظر ۾ پاڻ شامل ٿيڻ ۽ مذڪوره دوستن کي شامل ڪرڻ جي ان جي پنهنجي سوچ هئي، اتان ئي نديم انصاري صاحب ۽ منهنجون راهون جدا ٿيون، ليڪن ذاتي دوستيءَ ۽ احترام ۾ ڪو به فرق نه آيو.

انجمن جي رونقن کي اي ”نديم“

ٿا ڏين بُوي ختن تنهنجا سخن!

شاعري: هرڪو شاعر داخلي ۽ خارجي اثرن کان ضرور متاثر ٿئي ٿو جو هو ڪجهه محسوس ڪري ٿو اهو جذبن جي روپ ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ رنگ ڀري ٿو. نديم صاحب جي شاعريءَ ۾ اسان کي قديم رنگ به ملي ٿو ته جديد رنگ به. هن شاعريءَ وسيلي سونهن ۽ سرهاڻ جي تلاش ڪئي. نديم صاحب جيئن ئي ڪجهه محسوس ڪيو آهي تيئن ئي هو انهن خيالن کي ڪاغذ جي صفحن تي رقم ڪندو ويو آهي. غزل، گيت، نظم ۽ ڪافي هن جي شاعري جا رنگ آهن. سڀني ۾ غزل جو رنگ گهرو نمايان آهي. غزل ۾ نديم صاحب کي پهرين دور جي غزل گو شاعرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هن غزل جو قديم ۽ روايتي انداز هٿان نه ڇڏيو آهي. ملاحظه فرمايو غزل جا چند بند:

هي دل ته دل آ، جڏهن ان ۾ يادِ يار هجي

گهُرَ صدف ۾ بنا قطره خام ٿيندو آهه

چڪي پئين ته سڃاڻين خمار جي لذت

پڇج رند کان ڇا ڪيف و جام ٿيندو آهه

صبا باغ ۾ خارن وٽان به گذري ٿي

مگر انهيءَ جو گلن سان ڪلام ٿيندو آهه

’نديم‘ مئي کان ته توبهه ڪري ڇڏي آهي

نظر کان تنهنجي هينئر شاد ڪام ٿيندو آهه.

هن غزل ۾ نديم صاحب جمالياتي رنگ کي خوب نکاريو آهي:

نظر منهنجي ڍڪايا توکي جلوا

خدا قائم رکي هن پيرهن کي

ستارن جون سڪون برباد ٿي ويو

ڏسي تنهنجي اکين ۾ ماڻڪن کي

انهن جي دم سان ويرانا وسن ٿا

تو سمجهيو ئي نه آ ديوانه پن کي

’نديم‘ آيو آ شايد انجمن ۾

سلاست جو عطا ٿي آ سخن کي.

نديم صاحب وٽ روايتي انداز سان گڏ جديد انداز به ملي ٿو: چند بند ملاحظه فرمايو:

تنهنجا دلاسا، تولا ماسا، منهنجا نيڻ نراسا

تو جي ايڏي دير لڳائي اکڙين جو ڇا ٿيندو

هيڏو پيارو – سانوڻ سارو هيکل ڪيئن ڪٽي ڪو

جهڙ ڦڙ تي گيت ملن جا مَنُ ڪنهن سان ڳائيندو

ڪنهن جون ساريون راتيون اوسيئڙي ۾ گذري وينديون

پاپي جڳ ۾ يَرَ ڪنهن کي ڀلجي ياد نه ايندو.

نديم انصاري صاحب جي غزل کي ڇڏي سندس نظم تي نظر وجهنداسين ته سندس نظم به اسان کي پڪو ۽ پختونظر ايندو. هن جو اسلوب پيارو ۽ وڻندڙ آهي. هڪ نظم جو عنوان ”پاڇو انسان کان وڏو ٿي ويو“ آهي، ان ۾ انسان جي بيوسي ۽ بيڪسيءَ جو نظارو خوب چٽي ٿو.

جيئن ته سنڌي ادب ۾ ڪافيءَ کي به وڏي اهميت رهي آهي. ڪافي يا وائي سنڌ جي قومي مزاج وٽان آهي. سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ عارفن پنهنجي اظهار جو ذريعو ڪافيءَ کي بنايو آهي. لطيف ۽ سچل وائي کي ۽ ڪافيءَکي معراج تي پهچايو.اهو سلسلو صدين کان هلندو اچي ٿو ۽ هلندو رهندو. نديم انصاري صاحب ڪافيءَ کي به پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻايو آهي. هن به اهو ئي پراڻو انداز اختيار ڪيو آهي، جيڪو اسان جا صوفي بزرگ شاعر اختيار پئي ڪندا رهيا آهن. حالانڪه هن وقت جديد ترقي پسند شاعريءَ ۾ روايتي صنفِ وائيءَ کي بلڪل نئون اسلوب ڏنو ويو آهي. چوي ٿو:

آئون ڪيئن عيد ڪريان، ماروئڙا هُتِ روئندا هوندا

ماروئڙا هُتِ روئندا هوندا.

پوئين پهر پهنواريون، ساريو رت روئان

ماروئڙا هُتِ روئندا هوندا.

اڀري، نڌر، نديم، نماڻي منٿون ميڙ ڪيان

ماروئڙا هُتِ روئندا هوندا.

تصنيفات: نديم انصاري جو فقط هڪ ننڍو ڪتاب ”خلفاءِ راشدين“، سيرت تي تنظيم فڪر و نظر وارن ڇپرايو هو. باقي سندس نثر توڙي نظم جو مواد قلمي صورت ۾ سندس فرزند منير احمد انصاريءَ وٽ محفوظ آهي. شاعريءَ جا مجموعا هي آهن: نالئه نديم، افڪار نديم، حصه نظم ۽ ٻيو منتشر ڪلام جيڪو جدا جدا ڊائرين ۾ لکيل آهي. سنڌ جو هي قادرالڪلام شاعر پٺيان هڪ فرزند ۽ ٽي نياڻيون ۽ هڪ بيوه ڇڏي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو. هو هن وقت اسان ۾ نه آهي، ليڪن هو جيڪو ادبي سرمايو اسان وٽ ڇڏي ويو آهي، انهيءَ وسيلي اسان سان تيستائين گڏ  هوندو جيستائين سنڌي ادب قائم آهي.

- منير سولنگي

مرڻ مهڻو نه آهي!

قابلِ احترام، منهنجا محسن، منهنجا ۽ سڀ جا ”نديم“ ۽ عظيم علمي و ادبي شخصيت پنهنجي خادم کان هڪ گهڙي به پري رهڻ گوارا نه ڪندڙ سائين، تنهنجو ڪُمهلو موت دوستن،وارثن، خادم لاءِ ۽ ادبي دنيا لاءِ هڪ وڏو هاڃو نه آهي ته ٻيو ڇاهي؟

مرڻ برابر مهڻو نه آهي، پر تنهنجو موت اسان لاءِ موت نه آهي ته ٻيو ڇا چوان؟...

تون ته سڀ جو ”نديم“ به هئين، پر انهن سڄڻن کان ائين جدايون، تو به زاري!... پر يار هائو بالاسرڪار جي رضا تي راضي رهڻو آهي!... موريءَ کي سُڃ ڪرڻ وارا شل جنت ۾ جاءِ هجنئه، ادبي محفلون رچائڻ وارا ويندو رهين! افسوس صد افسوس!... چاهه وٺڻ لاءِ ۽ ڪجهه وقت گڏجي گهارڻ لاءِ ميمڻ عبدالله صاحب هيڊماستر هاءِ اسڪول موري وٽ وٺي وڃڻ جي واٽ ڪٽي ويندو رهين!... ائين چوندو هئين ته ”خادم“ وڃبو ته ٻڌائي وڃبو! پر افسوس ائين دل کي آٿت ڏيندي آخري سفر ڏانهن راضي ٿئين! ۽ اڻ موڪلايو ويندو رهين!....

ڊاهي وئين جو ويٺس مٺڙا آس جو محل اڏي،

 ڇاکئون منهنجو نينهن نچي ۽ ڇاتي پيار پڏي!

منهنجا سائين! ”منير“ سولنگي جي پنهنجن مشاعرن ۾ نه اچڻ جي شڪايت ۽ حسرت به ساڻ کنيون وئين، هن کي پرچائڻ وارو پروگرام هاڻي ڪيئن ٿيندو، هو ته مون تي به ناراض آهي!... شل پرچي پوي، پر جي هاڻي پرتو ته  ڇا ٿيو!

ائين ڪين واجب هُيئه منهنجا يار،

ڪري پنهنجو ”خادم“ وئين بيقرار!

بقول قادر ڪلام شاعر استاد سائين ”سليم“ ڳاڙهوي صاحب:

چشم آلوده کڻي تولاءِ ٿا ڦرندا وتون،

درد تنهنجي ڪهاڻي دلربا ڪهڙي لکان!

- مهيسر ”خادم“ رفيقي

ولي محمد ”نديم“ انصاري

سائين نديم انصاري صاحب جو مون سان تعارف هڪ ”استاد“ جي حيثيت سان ٿيو. سندن شخصيت ۾ حلم، انڪساري، ڳالهه ٻولهه ۾ توازن، گفتگو شائسته، انهن سڀني وصفن مون کي انصاريءَ صاحب جو گرويده ڪيو. عمر ۾ مون کان بيشڪ ڪجهه وڏو هو، پر هميشه مون کي تعظيم ڏيندو هو. آءٌ سندس شعر ۽ شاعريءَ سان گڏ سندس علم ادب جي ڄاڻ جو پڻ مداح رهيو آهيان. سندس ريڊيو تي جيڪي مقالا، مضمون يا بحث ٿيندا هئا، عموماً انهن تي بحث ٿيندو رهندو هو، ۽ انهن مان جيڪي نڪتا نڪرندا هئا، سي هميشـﮧ منهنجي علم ۾ اضافو آڻيندا هئا.

سندس ناگهاني موت جنهن کي مان شهادت چوندس، سندس خاندان لاءِ ته هڪ وڏو صدمو آهي، پر اسان دوستن کي شايد باقي زندگيءَ ۾ ڪو وري ٻيو نديم انصاري ملي سگهي.

- مولا بخش لاڙڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com