نياز همايو
اُبتيون ريکان اُڀري ويون
(لوڪ نظم)
مندان گذري ويون،
ڪونجان اڏري ويون،
وندر جون سڀ وٿون اَلاڙي!
پنهنجي وسن مان نڪري ويون،
ڪونجان اڏري ويون،
مندان گذري ويون.
ڪونجن ڪهندي رڻ تي رمندڙ ڪرهن وانگ قطار ڪئي،
وڇڙيل مارن مڙي نه ٻيهر پوئتي ڪا به نهار ڪئي،
ماڳ رسڻ کان اڳ ئي پنهنجي،
مرم جون واٽان وِکري ويون،
مندان گذري ويون،
ڪونجان اڏري ويون.
مُندن وَر وَر ويس مٽائي، سوڪهڙن ۾ سهنج ڪيا،
مارُن منجهه مَٽي نه ڪڏهن ڀي ڏور اَڻاوا اهنج ڪيا،
ڀاڳ ڀڙائي ڪيئنءَ جو نرڙ تي،
ابتيون ريکان اڀري ويون،
ڪونجان اڏري ويون،
مندان گذري ويون.
ڀتيون مڪڙيون جسن ڀاڙيون، تن ماڻيو سک نه سکاڻن
جو،
سور مڙيوئي ساهه جو ويري، ڌارين توءِ ڌياڻن جو،
ڏک ۽ ڏمر جي رات نه مُڪي،
ڪيئي باکان مُڪري ويون،
مندان گذري ويون،
ڪونجان اڏري ويون.
هڪڙي ويٺي سوڻا ٿڦي، ٻي پئي ڇيڻا ڀور ڪري،
ماڻهوءَ کي پيو ماڻهو کائي، ڪم نه اِهو ڪو ڍور
ڪري،
نانگ نپايا جن، تن جون ٿي،
چيٺان اِڪري ڦِڪري ويون،
ڪونجان اڏري ويون،
مندان گذري ويون.
جوڳياڻي تنهن جوڳيءَ جي، جو نان نچائي مُرليءَ تي،
جيڪو سڀ ۾ سدا سدورو، سوئي سونهين صندليءَ تي،
ڪوڙ پسايا ڪرتب سي جو،
سچ جون ساکان وِسري ويون،
مندان گذري ويون.
ڪونجان اڏري ويون.
بگهڙ جو وياءُ بگهڙئي ٿيندو، سعدي هينءَ فرمائي
ٿو،
اُوڙڪ ڌڻ جو واهي الله، وَتايو پڻ ورجائي ٿو،
اهڙي ٿي جو ڪڏهن نه ٿي: ڄڻ،
ساريون ڪسران نڪري ويون،
ڪونجان اڏري ويون،
مُندان گذري ويون.
سيڙهه جو ڪنڊو گهر ۾ سانڍي، ٻول نه ٻوليون سانتين
جون،
ذات کپي هڪ، کپن نه يار نياز! ڪذاتيون ڀانتين جون،
ڪرڳل نِبرڻ وارا ڪينهن،
ڏس ته ڄماران نِبري ويون،
مندان گذري ويون،
ڪونجان اڏري ويون.
مندان گذري ويون،
ڪونجان اڏري ويون،
وِندر جون سڀ وَٿون اُلاڙي!
پنهنجي وسن مان نڪري ويون،
ڪونجان اڏري ويون،
مندان .......................!!
امداد حسيني
مون گيت لکيو آهي
مون گيت لکيو آهي
تنهنجي منهنجي باري ۾
ڪِرڻا ڪِرڻا لفظ کڻي
سِٽَ سريءَ ۾ پوئي پوئي
ان ۾ آهي ذڪر گلابي سانجهيءَ جو
ڪينجهر ۾ ٿي گيت ٻريو ڪنهن مانجهيءَ جو
تو مون نيڻ کپايا شام جي تاري ۾
مون گُت لکيو آهي
تنهنجي منهنجي باري ۾
ان ۾ آهي ذڪر سهاين راتين جو
ماکيءَ جهڙين مٺڙين مٺڙين باتين جو
جيڪي ڪيوسين چانڊوڪيءَ جي چاري ۾
مون گيت لکيو آهي
تنهنجي منهنجي باري ۾
ستَ بگهاڙي
ٻيو ته ڪجهه ڪو نه ڪرڻ ليءَ آهي
بس ٿڌو ساهه ڀرڻ ليءَ آهي
دل به کيسي جيان خالي خالي
روح آهي به الائي ناهي!
ذهن کي رهن رکي آياسين
رَتُ چُسي ويو هو ڄـؤر سماج
ٽيوب لائيٽس ٻرن ٿيون ڪيڏيون
پوءِ به جهنگل جا اهي رسم رواج
سنڌ ليءِ ڪات ڪهاڙا ساڳا
آهي ارغونَ اهي ئي ترخان
ويس تبديل ڪري ايندا ويا
نت نوان رنگ ملي چهرن تي
تَر جي ڪُتن سان ملي
رڍَ جي کَلَ ڍَڪي سَت بگهاڙيءَ وانگي
سنڌ جو ماس پٽڻ ليءِ آتا!
تنوير عباسي
ٽيليفون جا هائيڪو
ٽيليفون وڳي،
ڀانيم تون هوندينءَ مگر،
غلط نمبر هيءَ ڀي.
ڊائل ڪيم هر هر،
ڪنهن ٻئي ٽيليفون کنئي،
”ساري رانگ نمبر“
نمبر غلط لڳي،
ڀلجي شل ڪنهن ڏينهن ائين،
تنهنجي فون اچي،
آئي تنهنجي فون،
مونکي پوءِ خبر پئي،
گهر ۾ هيس مان ڪون.
توکي فون ڪيم،
کنئي ڪنهن اهڙي شخص جو،
نرڙ تي هٿ هنيم.
ماريندڙ ايڪانت،
خالي گهر کائڻ اچي،
ٽيليفون به سانت
تاج بلوچ
تنبوري جي ڪٽيل تارن مٽائڻ جو زمانو آ،
نوان نغما نون سازن تي ڳائڻ جو زمانو آ.
جتي جسمن سندا سوردا ٿين ٿا رات ڪاريءَ ۾،
انهيءَ بازار کي يڪسر مٽائڻ جو زمانو آ.
جو ساڻيهه جي شهيدن جي ڳچيءَ ۾ پاڻ اچي پوندو،
سو ڳاڙهو هار هينئين سان هنڊائڻ جو زمانو آ.
اي ساٿي تون سڪل ٽاريون وڻن جون سڀ جلائي ڇڏ،
نون ٻوٽن، نون غنچن لڳائڻ جو زمانو آ.
ڇڏي انسان جو انسانيت جي راهه کي حيوان،
انهيءَ انسان کي انسان بنائڻ جو زمانو آ.
وڃايو اعتبار اي ”تاج“ ڪهنه راهبر پنهنجو،
نئين رهه رو کي اڄ رهبر بنائڻ جو زمانو آ.
سرويچ سجاولي
وِهان ڪيئن گلن گلشنن ۾ اڏي،
برهه آهي وهندو بنن ۾ اڏي.
ڏسو قيس ليليٰ پيا ڪٿ رهي،
پنهون ۽ سسئي هئا پڳا ڪٿ ڪهي،
ڇڏيائون ڪٿي، تن تنن ۾ اڏي.
نصيحت نه ڪنهنجي، ڪا سهڻي مڃي،
چڙهي وَر وِرهه جي پو ويٺي وڃي،
درياهه جي ڪُنن ۽ ڪَنن ۾ اڏي.
نه چندن ٿي مارئي، وڌو چوٽ ۾،
نه آرام آيس عمر ڪوٽ ۾،
ڇڏيائين ڇنا، هُت ڇنن ۾ اڏي.
سمون ڄام حاڪم، ٺٽو تخت جنهن جو،
لڳيس نينهن ناوڪ، ڇڏيئين ماڳ پنهنجو،
مهاڻن سان ڀونگن ڀنن ۾ اڏي.
مُلان ڀل ته ڳالهيون ڪري پيو وڏيون،
ڪبا سجده تِن کي، جنين جي ڇڏيون،
محبت مسيتون منن ۾ اڏي.
سوين عرض آزيون اوهان کي ڪيم،
دکيءَ دل جون خبرون خطن ۾ لکيم،
ڇڏيم پيار پيارا پنن ۾ اڏي.
جتي ٻير ٻيرين ۾ پچيو پَوَن،
جتي بيت ڀاڳيا ٿا نڙ تي چَوَن،
رهان تِن سان، ٻجرن ٻنن ۾ اڏي.
نه سُک سان سمهان سنڌ جيسين ڏکي،
ڏيئي ريج رت جو ڪريان سا سُکي،
ڇڏيان تنهن کي پلڪن کنن ۾ اڏي.
سخن سونهن سيرت هجن گڏ جتي،
کڻي تون به ”سرويچ“ وڃجئين تتي،
سڄو شعر فڪرن فنن ۾ اڏي.
عنايت بلوچ
غزل
ڪڏهن ته آٿت ڏيندي آهين،
ڪنهن پل چين کسيندي آهين.
ڏاڍو مونجهو ٿيندو آهيان،
جندڙي جهومڻ لڳندي آهي،
بيدردن جي ڏيهه ۾ تنها،
منهجن جذبن اڌمن کي تون،
عين ”عنايت“ ٿورا تنهنجا،
|
جنهن دم نکڙي ويندي آهين.
جيئن تون واپس ٿيندي آهين.
ڪنهن سان سورَ سليندي آهين.
ڇوري ڇو روڪيندي آهين؟
جو مُرڪي گهوريندي آهين. |
انور هالائي
رهنمائي رهنما توکان نه ٿي،
دلربائي دلربا توکان نه ٿي.
مون ته ڪوشش هئي ڪئي بي
انتها،
تنهنجي در پهچي چمان ڇا ڇا
چمان
گرش فايابي نه ٿي مون کي
قبول،
تون مسيحا ٿو سڏائين، پر
فقط،
بر مزارِ ما غريبان، سنگ دل!
بخل ۾ مشهور اهڙو ٿي وئين،
ڀلجي سلجي منهنجي گهر پهچي
وڃڻ،
عمر ڀر مڃتا مڃي مون بي
حساب، |
پر ملڻ جي ابتدا توکان نه
ٿي.
جهڙي تهڙي مرحبا توکان نه
ٿي.
پر رڳو دستِ دعا توکان نه
ٿي.
”درد وارن جي دوا توکان نه
ٿي“.
چار قل يا فاتحا توکان نه
ٿي.
ڪا سخا نامِ خدا توکان نه
ٿي.
پر ڪڏهن اهڙي خطا توکان نه
ٿي.
صرف هڪڙي رات ها توکان نه
ٿي. |
”انور“ محزون خاطر دلربا،
ڪنهن به وعدي جي وفا توکان نه ٿي.
محبوب سروري
غزل
پٿر لڳي ٿو سَرَ کي يا پٿر کي سَرُ لڳي،
بس! ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ٿو ڪنهن جو ٽڪر لڳي.
سر سان لڳن هي سهڻا ۽ سهڻن سان سر لڳي،
ناتو هي لازوال لڳي، عمر ڀر لڳي.
اهڙيءَ طرح تون آءٌ نه کَرَ کي خبر لڳي،
ڪنهن بدنظر جي توکي نه سهڻا نظر لڳي.
خوش بخت کي ئي تنهنجو ٿو تيرِ نظر لڳي،
منهنجا وڏا نصيب! هي مون کي اگر لڳي!
سج چنڊ ساڻ توکي ڇا تشبيهه مان ڏيان؟
تنهنجي مقابلي ۾ ڇا شمس و قمر لڳي!
پنهنجن جي هوندي، پنهنجو به ٻوٽو ڪو ٻارجي،
وڌ ڀائرن جي ڀَرَ کان ٿو ٻانهن جو ٻَرُ لڳي.
شايد کڻي خوشيءَ جي خبر هو اچي پيو،
باغ و بهار منهنجو پيو نامه بر لڳي.
جنهن دم اچي ٿي ياد سندس لذتِ وصال،
هي تلخيء فراق ٿي شهد و شڪر لڳي.
انسان جو لڳي ڀلي انسان ساڻ عشق،
الله سائين کي به ٿو عشقِ بشر لڳي.
اي ماهرو! ٿي منهنجي حياتيءَ ۾ همسفر،
رستو هي پنهنجي پيار جو ٿو پـُر خطر لڳي.
آرام ٻي جڳهه تي مسافر کي ڪيئن اچي،
تنهنجي ئي دل ۾ مون کي پيو منهنجو گهر لڳي.
شاعر چئو، اديب چئو، اهلِ دل چئو،
’محبوب‘ سروري ته پيو ماستر لڳي.
محسن ڪڪڙائي
وائي
ويڳاڻيون وايُون،
موڳي مَنَ جا مامِرا.
ڳڻتيون منهنجي ڳوٺ لئه، آفت ٿي آيون،
سج لَٿي کانپوءِ سڀُ، جوکي جون جايُون.
اَلا، هيڻن سان هِتي، ايڏيون اَرڏايُون،
ڪُوڙن ڪانگيرو ڪيو، سُڏڪن سچايون.
او، شل آڻين سنِڌُ ۾، سائين، سُرهايون،
ويڳاڻيون وايون،
موڳي مَنَ جا مامِرا!!
استاد بخاري
ٽيڙو
او منهنجا احساس
ايڏي انڌي اڇَ تي!!
اڃا ڇا جي آس؟
الا، آس ئي آس!
اها آس الله آ-
جيڪا ناهه نراس.
سکڻي آکاڻي.
ورجائين ويٺو مٺا!
ڇاڻيءَ ۾ پاڻي.
مَٿو اکريءَ ۾.
وجهيو، واجهايان پيو، |
اکيون مهريءَ ۾.
ساکي مٿان سج،
گوڏي جيڏي ٻوڏ ۾،
ٻيلي ڇٽيم ٻج.
جيڪي ٿين سو ٿج!
ميڙي چونڊي ماڳ کي،
ڏينهان، راتيان ڏج.
پوياڙي پاڇا!
ڪير پيو ٿَوَ پوئتان؟
ڪنهنکي پڪڙيو ٿا؟ |
مخدوم جميل الزمان
مٺا! موٽ واپس، ڪي موجون ملهايون، وري ملڪ تي
موٽي آيو آ سانوڻ.
ٿڪل آرزوئن جا جذبا جذبا وڌايون، وري ملڪ تي
موٽي آيو آ سانوڻ.
چڙهي مينهن آيو اڇي آسمان تي مسرت ۾ ڪوئل
ٿي نغما آلاپي.
اي دل! ڪنهن طريقي سان دلبر گهرايون، وري ملڪ تي
موٽي آيو آ سانوڻ.
سڀئي گرم جوشيءَ ۾ خوش پيا هلن پو رڳو پاڻ روئندا
ئي
روئندا رهون ڇو؟
دلِ مضطرب! ڪا قيامت مچايون، وري ملڪ تي
موٽي آيو آ سانوڻ.
اڳي کان وٺي، مدتن کان وٺي صرف تنهنجو آهيان،
منهنجا محبوب سائين!
هلي آ ته روئندڙ اکين کي کلايون، وري ملڪ تي
موٽي آيو آ سانوڻ!
ڏسي هي ڪَڪَر ڪارا ڪارا فلڪ تي، اکيون ياد تنهنجي
۾
ڀرجيو اچن ٿيون،
سڄڻ! ڇڏ کڻي ڪاوڙون سڀ اجايون، وري ملڪ تي
موٽي آيو سانوڻ.
ستارن کان سهڻا پرين! چنڊ جهڙا! ڀلا موسمن کان
اهين
بي خبر ڇو،
هلي اچ پراڻا هو واعدا نڀايون، وري ملڪ تي
موٽي آيو آ سانوڻ.
قسم سان اٿم ياد، ڍولڻ پيارا! جو پر سال ڀاڪر وجهي
تو چيو هئو،
’جميل‘ اچ ته سيني سان توکي لڳايون، وري ملڪ تي
موٽي آيو آ سانوڻ.
”آزاد“ ورياهه
مڃي ذهن جيڪا، سا آهي سچائي،
حقيقت سموري ٻي آهي اجائي.
قدر ڪين ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ کي آهي،
ڌرم، دين، ايمان پئسو ۽ پائي.
بنا ڪنهن به مقصد هلي ڪوڙ هردم،
وري ڪين ڪنهن جي ٿي سچ تي ڪا وائي.
ٿيا فن ۽ فيشن، ٺڳي، ڪوڙ، دوکو،
تصنع ۾ همراهه سڄو ڏينهن توائي.
طمع، لوڀ، لالچ، جڏهن ٿي وڪوڙي،
وڃائي ورهين جي گهڙيءَ ۾ ڪمائي.
مٺا ٿا لڳن هت فقط پنهنجا جذبا،
ٻئي جو قدر ڪو به قيمت نه ڪائي.
آ انسان پنهنجي مفادن جو تابع،
وفا جو ڪري ٿو، ڪندو بي وفائي.
جڏهن سوچ بدلي، ته واعدا ويا وسري،
ڦرڻ جي نه ڪا مند ۽ مهل ڪائي.
نه ڪو سڱ سدائين ڪو قائم رهيو آ،
ڏکيو وقت آيو، ته پوءِ سڀ سڻائي.
ڦري دوست دشمن ڪڏهن ٿي سگهي ٿو،
ڪڏهن دشمنن مان ٿيو پئي چڱائي.
وڏو وقت ماڻهوءَ جو استاد آهي،
سکن ٿا گهڻا پر، چڱي چوٽ کائي.
پڇيم ڇو زمانو هي مٽجي ويو آ،
چيائون ته پنڌرهين صدي آهي آئي.
چڱو يا مَٺو صرف نالو ئي رهندو،
نه ساٿي نه سنگتي، نڪو حالو ڀائي.
ڪندا قيد پنهنجا به قابو قبر ۾،
نه ٿيندو ڪو ”آزاد“ ڪوشش اجائي.
آثم ناٿن شاهي
تنهنجي دل تان منهنجي ڇا تصوير ڊَٿي؟
دنيا جي تختي تان ئي مِٽجي ويو هان!
ڄڻ ڪنهن بَم سان مندر جي تعمير ڊَٿي!
تنهنجي دل تان منهنجي ڇا تصوير ڊَٿي!!
ٺَهندي ٺَهندي منهنجي هر تعبير ڊَٿي،
پنهنجي واتان پاڻ ئي پِٽجي ويو هان!
تنهنجي دل تان منهنجي ڇا تصوير ڊَٿي؟
دنيا جي تختي تان ئي مِٽجي ويو هان!!
احمد خان مدهوش
نعتِ رسول مقبول صه
ساري سنسار ۾ عظمت آ سوائي تنهنجي،
تون خدا جو ۽ سموري آ خدائي تنهنجي.
ديد ڊوڙائي ڏٺم عرش توڙي فرش مٿي،
جابجا آهه عيان جلوه نمائي تنهنجي.
خانِ خانان به جهڪيا، خاڪ نشينيءَ جي اڳيان،
بادشاهن تي به شاهي نظر آئي تنهنجي.
ڪوئي تمثيل نه تشبيهه ڏئي پوري سگهيو،
اهڙي مولا قد و قامت آ بنائي تنهنجي.
تون امينن جو امين آهين، امانت جو ڌڻي،
آهي مشهور برن سان به ڀلائي تنهنجي.
مرتبو اؤج تي انسان جو پهچي ئي نه ها،
ٿي ها دنيا کي ميسر جي چڱائي تنهنجي.
ڪيئن مدهوش جدائي جو سهي سور سگهي؟
ڪئي خدا ڀي نه گوارا آ جدائي تنهنجي.
مظفر حسين جوش
گيت
مورک من! هن ڪوڙي جڳ ۾ ڇو ڳولين ٿو پيار،
جيون جوڳي تو ڪنهن ڪارڻ سک جي بين وڄائي،
تو ڇو پريم بِکاري بنجي در در سين لڳائي،
وڄندي وڄندي ڪنهن ٽوڙيا هي تنهنجي من جا تار.
وڇڙي ويا سڀ جيون ساٿي وڇڙيو من جو چين،
اُلهي ويا سڀ سورج سک جا ڏينهن لڙي ٿيا رين،
پريم جي نگري اجيارڻ لئه جيون جوتي ٻار.
دک جو ساٿي ڳول نه جڳ ۾ دک سان نينهن لڳاءِ،
پاڳل پنهنجي من جي ويڌن ڪنهن کي ڪين ٻڌاءِ،
ڪنهن پٿر دل سان تنهنجا هي نيڻ لڙي ٿيا چار.
اميد خيرپوري
منهنجي منٿن کي بهاني ۾ نه رک
غير کي دل جي خزاني ۾ نه رک
پنهنجي چاهت ڪاڻ مون کي ڳڻ ڀلي
منهنجو ڳاڻاٽو زماني ۾ نه رک
ڪانڙن جو پڻ اجهو آهي اڏيل
چڻنگ چوري آشياني ۾ نه رک
ماڻِ پنهنجي سوچ سان من جي مراد
آسرو شاني ۽ جاني ۾ نه رک
عقل کي ايذاءُ ايندو هوش ڪر
سيلهه ميڙي شامياني ۾ نه رک
جي رهن ننگا ٿا پنهنجي نانءَ لئه
تن کي تون ماڻهن جي خاني ۾ نه رک
ذهن جو گردن جهڪي پوندو ’اميد‘
ڪنهن حقيقت کي فساني ۾ نه رک
وفا ناٿن شاهي
غزل
پيار کي بندگي چوان ٿو مان،
حسن کي زندگي چوان ٿو مان.
پوءِ ڪارو هجي يا ڀورو هجي،
روپ کي روشني چوان ٿو مان.
ماحصل روح آهي چاهت جو،
جسم کي گندگي چوان ٿو مان.
ساري دنيا سان، پيار جا رشتا،
اُنس کي عاشقي چوان ٿو مان.
جيڪو انسان ساڻ پيار ڪري،
ان کي ئي آدمي چوان ٿو مان.
جسم جو پيار عارضي آهي،
روح کي دائمي چوان ٿو مان.
تنهنجي چهري کي تنهنجي زلفن کي،
روشني تيرگي چوان ٿو مان.
غلام حسين رنگريز
وري ڪا موٽي بهار ايندي،
اڱڻ اسان جي گلاب ٽِڙندا.
وصال وايون وري به ورنديون
نگاهون نقطا به ڳولي لهنديون،
دلين جي ڌڙڪن ۾ ڌرتي هوندي،
ڏسي ڪو گهايل، ڪو گهاءُ ايندءِ،
سوين سوالن سنديون صدائون،
ڪروڙين جذبا جواڻ ڪُسيل، |
صدين جا ڪيئي حجاب ٽٽندا.
حقيقتن تان نقاب هٽندا.
رڳن جا سارا رباب وڄندا.
تڏهن ئي سارا عذاب ڇٽندا.
انهن جا آخر جواب ملندا.
ڪڏهن ته تن جا حساب ٿيندا. |
|