سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :25

سنڌ تحقيقي بورڊ جا ڇپيل ڪتاب:

سنڌ جي علم ادب ۽ خاص طرح سنڌ جي تاريخ بابت سرڪاري ادارن کان علاوه گذريل اڌ صديءَ کان، ڪجهه خانگي انجمنون به سرگرم پئي رهيون آهن. بمبئيءَ کان علحده ٿي سنڌ جداگانه صوبو بڻيو ته ان پس منظر ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ آرڪيالاجيءَ بابت، نهايت ئي وڏي پيماني تي تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ڪتاب شايع ڪيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ جي اتهاس بابت سنڌ ريسرچ سوسائٽيءَ به ڪم جو آغاز ڪيو. هيءَ سوسائٽي محترم ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪجهه ٻين استادن جي ذاتي دلچسپيءَ سان وجود ۾ آئي، جنهن کي يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسيلر محترم مظهر الحق صديقي صاحب جي مالي ۽ اخلاقي مدد به حاصل رهي. هن انجمن، سنڌ جي تاريخ ڏهن جلدن ۾ مختصر، عام فهم ۽ آسان شايع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو هو. بدقسمتيءَ سان هيءَ سوسائٽي ٽي جلد شايع ڪرڻ کان پوءِ ڄڻ ختم ٿي وئي. هن اداري لاءِ ميڊم تنوير جوڻيجو ”سنڌ جا قديم آثار“ ۽ محترم غلام محمد لاکو ”سمن جي سلطنت“ نالن سان ڪتاب لکيا، جي پوءِ ٻين ادارن ڇاپي پڌرا ڪيا. سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن بابت محترم عبدالله ورياهه صاحب جي ذاتي توجهه سان ”سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي“ پڻ ٺهي آهي، جنهن مان سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ عوام کي وڏيون اميدون آهن.

هنن ڪوششن کان علاوه خانگي سطح تي سال 1989ع جي ابتدا ۾ نوجوان اديب جناب ناز سنائيءَ ”سنڌ تحقيقي بورڊ“ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. هن بورڊ ذريعي سنڌ بابت خالص تحقيقي ۽ علمي نوعيت جو ڪم ڪرڻ لاءِ پروگرام ٺاهي، بانيڪار، ٻن نوجوان محققن ۽ اديبن: محترم دادا سنڌي ۽ غلام محمد لاکو صاحب کي ميمبر بڻائي ڪم جو آغاز ڪيو. هن بورڊ هڪ سال جي مختصر مدت ۾ ڇهه ڪتاب ڇاپي پڌرا ڪيا آهن. ناز سنائي بورڊ کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ليڪن سندس چوڻ آهي ته حيدرآباد جي موجوده حالتن،سندس رٿا کي گهڻو ڌڪ هنيو آهي. سنڌ تحقيقي بورڊ جو پهريون ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جا تحقيقي مسئلا“ ناز سنائيءَ مرتب ڪري 1989ع ۾ شايع ڪيو. هن ترتيب ۾ سنڌ جي تاريخ بابت تحقيق ڪندي جي مسئلا درپيش اچن ٿا، انهن جو مذڪور ڪيل آهي. مقالا نگارن ۾ مرحوم غلام محمد گرامي، مرحوم پير علي محمد راشدي، جناب سيد حسام الدين راشدي مرحوم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ ناز سنائي اچي وڃن ٿا. هي 115 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ويهه رپيا قيمت اٿس. هن اداري جو ٻيو ڪتاب: ”سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما“ آهي، جو دادا سنڌي صاحب جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجا چار مضمون: اهل مدارس جو سنڌي ادب ۾ حصو، سنڌ جي عالمن جون سياسي خدمتون، اهل سنڌ ديار عرب ۾ ۽ سنڌ جا سپوت هنڌ ۾، شامل ڪري ترتيب ڏنا آهن. ڪل 137 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب فيبروري 1989ع ۾ ڇپيو ۽ قيمت پنجويهه رپيا اٿس. بورڊ طرفان ٽيون ڪتاب: ”سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي“ شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مشهور بزرگ اديب جناب جي. ايم. سيد، تاريخ سنڌ جي هڪ اهم باب کي نروار ڪيو آهي. هي ڪتاب ويهارو سال کن اڳ ڇپيو هو. ڪتاب جي قيمت ويهه روپيا بلڪل مناسب آهي.

سنڌ تحقيقي بورڊ چوٿون ڪتاب: ”سنڌ جي تاريخ جا ماخذ“ نالي سان شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب ناز سنائيءَ ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ پير حسام الدين راشدي مرحوم، قريشي حامد علي خانائي، پيٽرهارڊي، ڊاڪٽر بلوچ، غلام محمد لاکو ۽ ايم- آئي- موئر جا مقالا شامل آهن. هنن مقالن ۾ سنڌ جي تاريخي ماخذن بابت مجمل توڙي مفصل طرح سان قلم کنيل ڏسجي ٿو. هيءَ ڪاوش بلاشـبـﮧ سنڌ بابت ڪم ڪندڙن لاءِ بنيادي رهبريءَ جو ڪردار ادا ڪندي. هن مجموعي ۾ سيد حسام الدين راشدي مرحوم ۽ غلام محمد لاکو جا وڌ ۾ وڌ مضمون ڏسجن ٿا، جن جو تعداد ٽي آهي. ٽوٽل 170 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب جون 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت ٽيهه روپيا هر طرح سان موزون آهي. سنڌ بابت اشاعتي سلسلي کي جاري رکندي اداري پنجون ڪتاب سيپٽمبر 1989ع ۾ شايع ڪيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو هي ڪتاب: ”ميرن جي صاحبي“ پهريان 1924ع ۾ ڇپيو هو. هن ڇاپي جي قيمت ويهه رپيا آهي ۽ سرورق تي پڪي قلعي حيدرآباد جو اسڪيچ ڏنل آهي، جو هاڻي اسان جي حال تي ۽ پنهنجي تباهيءَ تي رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. محترم ناز سنائي ٻن اکرن لکندي ڪتاب بابت درست طور تي تنقيدي نگاهه وڌي آهي. سنڌ تحقيقي بورڊ جو ڇهون ڪتاب: ”سومرن جي دور جا سورما“ ڊسمبر 1989ع ۾ ڇپيو آهي. هي ڪتاب محترم دادا سنڌي جي ڪاوشن جو نتيجو آهي، جنهن کي ٽن ڀاڱن ۾ لکيو ويو آهي. پهرين حصي ۾ سومرن جي دور تي سرسري نظر وڌل آهي. ٻين ڀاڱن ۾ دودي چنيسر جي ڳالهه تي بحث ڪيل آهي. ان بعد ٽئين ڀاڱي ۾ اصل عنوان طرف ايندي، پهرين مرد سومرن ۽ پوءِ عورت سورمين بابت بيان آندل آهي. آخر ۾ سومرن جي دور جي سورمن جي حوالي سان بحث ڪندي ڪي نتيجا ڪڍڻ جو جتن ڪيو ويو آهي. ان بعد سومرا دور ۽ سنڌي ادب جي تعلق تي روشني وڌل آهي. بلاشـبـﮧ هيءُ ڪتاب لکي دادا سنڌي صاحب، سنڌ جي اتهاس جي هڪ مکيه باب تي روشني وڌي
آهي. سنڌ تحقيقي بورڊ جي مڙني ڇپيل ڪتابن ۾، ڇپائي، ٽائيٽل، گيٽ اپ ۽ ڪاغذ وڌيڪ بهتر ڪتب آندل آهي. ڪل 111 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ويهه روپيا رکيل آهي. آخر ۾ ناز سنائي 1989ع لاءِ سنڌي تحقيقي بورڊ جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ ڏني آهي. خدا ڪري سنڌ تحقيقي بورڊ پنهنجي پروگرام ۾ ڪامياب ٿئي ۽ سنڌ جي تاريخ تي ڪم جاري رکي سگهي.

- محمد قاسم سومرو


 

طالب الموليٰ سائينءَ جي مقالي

”سروري جماعت جو ڏهر ۽ اويسي طريقو“

تي هڪ راءِ

ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌي ادب جي تاريخ جي محققن کي اهو معلوم آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ اڃا به ڪيترائي اهڙا خال رهيل آهن، ڪي اهڙيون صنفون اڃان تائين اڇوتيون پيون آهن، ڪي اهڙا اديب ۽ شاعر اڃا گمنام آهن، جو اها دعويٰ نٿي ڪري سگهجي ته سنڌي ادب جي تاريخ مڪمل طور لکجي چڪي آهي. هن ڏس ۾ نه صرف عربن جي ابتدائي دور کان وٺي سومرن جي دور واري رهيل مواد کي هٿ ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ واري دور يعني سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان اڳ واري زماني (Pre-Islamic Period) ۾ لکيل علمي ۽ ادبي مواد جي سلسلي ۾ به کوجنا ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي Ph.D واري ٿيسز ۾ صفحي 170 تي، ’معياري ادب جي تاريخ‘ واري باب ۾ عرض ڪيو هو ته:

”اسلام جي آمد کان اڳ واري سنڌي علم جي تاريخ جي ڪا به خبر پئجي نه سگهي آهي. هن ڏس ۾ راجستان ۽ گجرات جي پراڻن ڪتبخانن کي اٿلائڻ پٿلائڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته فاتح سنڌ، غازي محمد بن قاسم جي حملي وقت (712ع)، ۽ ديبل جي فتح وقت ڪي سنڌي لوهاڻا، ڀر وارين غير-مسلم حڪومتن ڏانهن لڏي ويا ۽ اوڏانهن وڃي پناهه ورتائون (1)، ممڪن آهي ته لڏ پلاڻ ۾ هُو ڪي علمي ۽ ادبي شيون پاڻ سان کڻي ويا هجن، جيڪي شايد هن ڏس ۾ اسان جي رهنمائي ڪن“(2).

حيرانيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌي ادب جا ڪيترائي استاد اڃا تائين ڪلهوڙن جي دور کي ئي سنڌي ادب جو ’سونهري دور‘ سمجهن ٿا. هنن شايد خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي لکيل ”سنڌي ادبي تاريخ“ کان پوءِ ڇپيل مواد کي تسليم نه ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ميمڻ صاحب جن جي تحقيق کان پوءِ ڪيترو مواد ڪتابن ۽ رسالن ۾ شايع به ٿيو آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌي ادب جو هر دور پنهنجي ليکي ڌار ڌار خوبيون ۽ خصوصيتون رکي ٿو، ۽ هر دور ۾ لکيل يا تخليق ڪيل علمي ۽ ادبي خزانو سماجي، ثقافتي، لساني، علمي ۽ ادبي لحاظ کان اهميت رکي ٿو. ان ڪري هر دور جي علم ادب جي تاريخ جي جائزي جي ضرورت آهي.

اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته سنڌي ادب جي اُستان، اديبن، نقادن ۽ شاعرن اڃا تائين سنڌي ادب جي ’ڏهر‘ جهڙي اهم صنف کي ناقدانه نظر سان پرکيو ئي نه آهي، جيتوڻيڪ شاهه لطيف جو ’سرُ ڏهر‘ سالن جا سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي-اي ڪورس لاءِ پڙهايو به ويندو هو. هن وقت تائين اڪثر اديبن ۽ نقادن، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ڪتاب: ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ’ڏهر‘ جي باري ۾ قائم ڪيل راءِ کي يا ته نقل ڪيو آهي ۽ يا ڊاڪٽر صاحب جي راءِ کي حوالي طور پيش ڪيو آهي. بلوچ صاحب جن جي تحقيق کان پوءِ ’ڏهر‘ جي باري ۾ ٻيو جيڪي تحقيقي مواد ملي ٿو، سو آهي ’ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز‘ طرفان ڇپايل ڪتاب ’سر ڏهر‘، جنهن ۾ شاهه لطيف جي ’سر ڏهر‘ تي شاهه صاحب جي 244 عرس جي موقعي تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل اڪثر مقالن ۾ به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘ ڪتاب تان استفادو ڪيو ويو آهي.

هن ڏس ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌيءَ شاعريءَ جي سرواڻ شاعر، اديب، عالم ۽ فاضل ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن، عزت ماب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن کي سلام آهي جو هنن ’ڏهر‘ جي باري ۾ هڪ مفصل ۽ معياري مقالو لکي، وڏي مونجهاري کي حل ڪيو آهي. منهنجي اها حيثيت ڪانهي جو آءٌ ’طالب الموليٰ‘ سائينءَ جن جهڙي مفڪر، عالم ۽ فاضل جي خيالن تي تبصرو ڪري سگهان، پر جيڪي ڪجهه محسوس ڪيو اٿم، اهو عقيدت وچان لفظن جي صورت ۾ پيش ڪيو اٿم. پڙهندڙ چاهي ڇا به سمجهن، پر منهنجا اهي ويچار سنڌي ادب جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ عرض ڪيل آهن، باقي مخدوم صاحب جن لاءِ منهنجي دل ۾، هڪ ادنيٰ عقيدتمند خادم جي حيثيت ۾، لکين نه بلڪه ڪروڙين احترام آهن.

قبليٰ مخدوم صاحب جن هونئن به ته سنڌي علم ۽ ادب جي تنقيد ۽ تنقيدي ادب جي تاريخ ۽ شاعريءَ جي فن وغيره تي بيش بها مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکيا آهن، سنڌي تنقيدي ادب ۾ نوان رجحان ۽ نوان لاڙا پيدا ڪيا اٿن، سنڌي شاعريءَ کي نون نظرين ۽ نون لاڙن طرف لاٿو اٿن، جن لاءِ سندن ڪتاب ”ڪافي“ سنڌي ادب ۾ هڪ ”اهم سرمايو“ آهي؛ پر مخدوم سائين جن سنڌي شاعريءَ جي مشهور پر وساريل صنف، ’ڏهر‘ جي باري ۾ .سروري جماعت جو ’ڏهر‘ ۽ اويسي طريقو“ جي عنوان تي،هڪ لاثاني ۽ بينظير مقالو لکي، سنڌي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ ۾ بيشمار غلط فهمين ۽ مونجهارن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن هن موضوع تي طالب الموليٰ سائينءَ جن قلم نه کڻن ها ته جيڪر اهي غلط فهميون، سنڌي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ حقيقت جو روپ وٺي وڃن ها، ۽ ٻئي ڪنهن به صاحب کي اها همت نه ٿئي ها جو ’ڏهر‘ جي باري ۾ ۽ مخدوم نوح عليـﮧ رحمت جي ”طريقي“ جي سلسلي ۾ قائم ڪيل راءِ کي رد ڪري سگهي. مذڪوره غلط فهميءَ تي مبني راين ۽ ويچارن کي رد ڪرڻ لاءِ همت فقط مخدوم صاحب ئي ڪري سگهڻ جو اختيار به رکن ٿا، ڇو ته بقول سندن ”ڏهر جو واسطو شروع کان وٺي سروري جماعت سان رهيو آهي.“ ٻي غلط فهمي جنهن کي عاليجناب مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جن صاف صاف لفظن ۾ سلجهايو آهي ۽ سندن رايو هڪ سند طور تسليم ڪيو ويندو، اهو آهي: ”درگاهه مخدوم نوح عليـﮧ رحمت سروريءَ جو، سهروردي طريقي سان گڏ، اويسي، طريقي جو هجڻ“(4). اهڙيءَ طرح ٽيون نقطو، جنهن کي به سائين طالب الموليٰ جن سلجهايوآهي، اهو آهي: ”درويش نوح هوٿياڻيءَ جو درگاهه حضرت نوح عليـﮧ رحمت سان واسطو هجڻ جي ڪري سندن (درويش نوح هوٿياڻيءَ جو) اويسي هجڻ.“

جناب مخدوم سائينءَ جن ’ڏهر‘ لفظ جي معنيٰ، مفهوم، وصف، ڏهر ۾ ڪم آندل مضمون ۽ ڪارج وغيره تي مثالن ۽ دليلن سان جيڪا وضاحت ڪئي آهي، تنهن جي باري ۾ سنڌ جا عالم ۽ فاضل بهترين راءِ ڏيئي سگهن ٿا. منهنجي خيال موجب هيءُ هڪ  گهڻ - پاسائون تحقيقي، ذميواريءَ، دليلن ۽ ثبوتن سان، وضاحتي مقالي لکڻ ۽ محنت طلب ڪم هو، جيڪو فقط اهو عالم ڪري سگهيو ٿي، جنهن جو درگاهه حضرت نوح عليـﮧ الرحمت سان سان گهاٽو ۽ گهرو واسطو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ’ڏهر‘ جو واسطو بقول مخدوم صاحب جن ”شروع کان وٺي سروري جماعت سان رهيو آهي ۽ ملتان واري حضرت غوث الحق جي فقيرن سان ڏهر جو ڪو به واسطو ڪونهي“. عاليجناب مخدوم صاحب جن جيئن ته درگاهه حضرت نوح عليـﮧ الرحمت جا سجاده نشين آهن، ان کان سواءِ پاڻ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جا مڃيل سرواڻ به آهن، انهيءَ ڪري سندن هر لفظ دليل ۽ هر جملو سنَد جي حيثيت رکي ٿو. ان لحاظ کان ڏهر کان سواءِ درگاهه جي طريقي جي باري ۾ طالب الموليٰ سائينءَ جن جي راءِ کان سواءِ ٻي ڪا به راءِ ڪا به حيثيت نه ٿي رکي ۽ ٻئي ڪنهن به صاحب کي اهو حق نٿو پهچي ته درگاهه حضرت نوح عليـﮧ الرحمت جي باري ۾ يا درگاهه سان واسطو رکندڙ ڪنهن به حقيقت جي باري ۾ ڪو رايو ڏيئي سگهي.

سنڌي علم ادب جي تاريخ جي هڪ ادنيٰ شاگرد جي حيثيت ۾، منهنجو اهو خيال آهي ته عاليجناب مخدوم صاحب جن جي هن مقالي سنڌي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي. ڪاش، هي مقالو سال کن اڳ شايع ٿئي ها ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان شايع ٿيل ڪتاب، ’سر ڏهر‘ ۾ هڪ شاندار مهاڳ طور شامل ٿئي ها ته ان ڪتاب جي اهميت ۾ جيڪر وڌيڪ اضافو ٿئي ها. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ڇپايل ڪتاب ’سر ڏهر‘، جنهن ۾ ڀٽ شاهه تي شاهه لطيف جي ’سر ڏهر، تي، 244 عرس جي موقعي تي ڪوٺايل ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي مرتب ڪري، ڪتابي صورت ڏني ويئي آهي؛ هي هڪ سٺو ۽ شاندار ڪتاب ۽ محقق ۽ مرتب طرفان ڪيل ڪامياب ڪوشش آهي. اهو ڪتاب پنهنجي ليکي سنڌي ادب ۽ لطيف شناسيءَ تي هڪ بهترين اضافو آهي، جنهن لاءِ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ چيئرمن به مبارڪ جا حقدار آهن ۽ هاڻوڪو سيڪريٽري به کيرون لهڻي. پنهنجي مقالي ۾ عاليجناب مخدوم صاحب جن فرمائين ٿا:

”13- مئي 1980 تي شيخ محمد اسماعيل صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو لکيل ڪتاب ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘ موڪليو، ۽ ان ڏينهن ئي مطالعي بعد شدت سان ضرورت محسوس ٿي ته جلد اهڙو مضمون لکجي ته جيئن وضاحت ٿئي ۽ ڪا به غلط فهمي باقي نه رهي. ان مضمون لاءِ حوالا گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، پر طبيعت جي ناسازيءَ سبب اهو ڪم جلد مڪمل نه ٿي سگهيو. هن وقت به عبدالله ورياهه، اسان جي هدايتن ۽ گڏ ڪيل حوالن موجب مضمون نقل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي“ (5).

منهنجي خيال ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ’سر ڏهر‘ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ، ۽ ان ڪتاب ۾ ڪن مقالن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ کي ڪن محققن طرفان دهرائڻ ڪري، طالب الموليٰ سائينءَ جن ڏهه سال اڳ وضاحت لکڻ جو جيڪو ارادو ڪرڻ فرمايو، تنهن جي شدت سان ضرورت محسوس ڪيائون ۽ نوجوان محقق ۽ عالم محترم عبدالله ورياهه کي پنهنجي رهنمائي ۽ هدايتن موجب هن مقالي جي نقل ڪرڻ ۾ مشغول رکيائون. مون کي عبدالله ورياهه جي لياقت، علميت ۽ ودوان هجڻ تي پورو يقين آهي، ۽ سائينءَ جن کي به سندن هن لائق ۽ عالم مريد جي قابليت تي فخر آهي، ڇو جو هن ڪم جي تڪميل ۾ ورياهه صاحب جو يقيناً حصو آهي.

هن مقالي ۾ عزت واري طالب الموليٰ سائينءَ جن سڀ کان پهرين ’ڏهر‘ لفظ جي معنيٰ، مفهوم ۽ وصف بيان ڪندي، مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ’سنڌي لغات قديمي‘ جي حوالي سان فرمائين ٿا:

”ڏهرلفظ، ڏاهر جو مخفف (گهٽايل) آهي. ڏاهر جو اشتقاق (بنياد) لفظ ’ڏهه‘ آهي، جنهن جو معنائون آهن: خبر، ڏَس، پَتو، پرولي ۽ ڳجهارت.“

پر مخدوم سائينءَ جن پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربي جي بنياد تي ’ڏهر‘ لفظ جي معنيٰ ’سڏ‘ ۽ ’اطلاع‘ پڻ مقرر ڪئي آهي. سائين جن اڳتي لکن ٿا:

”لفظ ’ڏاهه‘ ۾ ’ر‘ نسبتي آهي، جيئن: ڪُنڀر، ڀتر ۽  لهر وغيره. عوام ۽ خواص کي سڏ ڪري، يا اطلاع ڏيئي ’الله‘ ۽ ان جي آخري رسول ڏي رجوع ڪرائڻ جو هڪ بهترين ۽ آسان ذريعو ۽ رستو آهي ”ڏهر“ (6)

سر سان ڏهر ڏيندڙ فقيرن کي عاليجناب مخدوم سائينءَ جن ’ڏاهري‘ سڏين ٿا ۽ فرمائين ٿا:

”چوڻي آهي ته ڏاهري به آيل آهن يا ڏاهرن جي اچڻ جو اتنظار آهي“ (7).

هن سلسلي ۾ وڌيڪ لکن ٿا:

”چوندا آهن ته فلاڻي ڳالهه لاءِ سموري پرڳڻي ۾ ’ڏاهه‘  ڏني ويئي ته سوين ماڻهو اچي گڏ ٿيا (مدد ڪرڻ لاءِ) ته ڪم ٿي ويو(8).

بهرحال، سائينءَ جن جي مقرر ڪيل معنيٰ ۽ وصف، لفظ ڏهر، ۽ ان جي ڪارج ۽ مفهوم سان بلڪل ٺهڪي ٿي اچي، يعني ته عوام ۽ خواص کي سڏ ڏيئي / سڏ ڪري / اطلاع ڏيئي الله ۽ ان جي آخري رسول ڏي رجوع ڪرائڻ.

ڏهر لفظ جي وصف جي باري ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ڇپايل ڪتاب ’سر ڏهر‘ ۾ محققن به وصفون ڏنيون آهن. محترم معمور يوسفاڻي پنهنجي مقالي ’سر ڏاهر جو مطالعو‘ ۾ لکي ٿو:

”ڏاهر لفظ جي معنيٰ آهي سُڌ، سما يا ڏس پتو ڏيڻ وارو هي لفظ بنيادي طرح ’ڏاهه‘ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خبرچار /اهڃاڻ/ ڏس پتو/ سُڌ سما وغيره. شاهه صاحب جي رسالي ۾ موجوده سُر پڻ انهيءَ معنوي دائري ۾ اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جا ڪافي ڏس پتا موجود آهن“ (9).

معمور صاحب اڳتي لکي ٿو:

”لسانيات جي دائري ۾ ٻنهي لفظن (ڏاهر ۽ ڏَهر) جو جائزو وٺبو ته ’ڏهر‘ لفظ، ’ڏاهر‘ جو مخفف ڪيل (ننڍو ڪيل) ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏاهر سان هم وزن ڪئين لفظ ملن ٿا، جن جا مخفف پڻ ’ڏهر‘ جهڙا ٿين ٿا. ’واهر‘ مان
وَهِر‘، ’ٿاهر‘ مان ’ٿهر‘، ’لوهار‘ مان ’لوهر‘، ’ميهار‘ مان
 ’ميهر‘  ۽ ’ڏاتار‘ مان ’ڏاتر‘“(10)

شيخ محمد اسماعيل صاحب لکي ٿو:

”ڏَهر“ اصل سنڌي لفظ ’ڏاهه‘ مان نڪتل آهي،  جنهن جي معنيٰ آهي ’ڏَسُ‘، ’اهڃاڻ‘ ’آگاهي‘ ۽ ڄاڻ وغيره.“

لفظ ’ڏهر‘ جي وصف کانسواءِ عاليجناب طالب الموليٰ سائينءَ جن تمهيد ۾ وڌيڪ فرمائين ٿا:

”پر ڏهر بابت وڌيڪ لکڻ جو خيال ٿيو ته جيئن مختلف حلقن ۾ مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي جماعت سروريءَ جي ’سهروردي‘ يا ’اويسي‘ هجڻ بابت پيدا ٿيل مونجهارن جي وضاحت ڪري سگهجي“ (12).

ان ڏس ۾ محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ صفحي 305 تي جيڪا راءِ ڏني آهي، تنهن کي هوبهو دهرائيندي مخدوم صاحب جن پڻ لکن ٿا:

مخدوم صاحب جن جو طريقو سهروردي آهي ۽ مخدوم صاحب (هالا) جي جماعت جي اصطلاح ۾ مرشدن جي تعريف ۽ ذڪر جي سلسلي کي ’ڏهر‘ چون؛ ’ڏهر ڏيڻ‘ معنيٰ بلند آواز ۽ هڪ خاص ڍار سان اهڙا بيت ڏيڻ جن ۾ درگاهه جي وڏي سرور پير يعني مخدوم نوح صاحب رحه ۽ سندس درگاهه جي صفت هجي. اهو مضمون هن درگاهه جي مريدن لاءِ برڪت ۽ آٿت جو سهارو آهي ۽ سندن ’ڏهر ڏيڻ‘ جو خاص مقصد اهو ئي آهي“ (13).

يقيناً جيڪڏهن قبليٰ طالب الموليٰ سائينءَ جن مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي طريقي- ته مخدوم نوح رحه صاحب جن نه فقط سهروردي هئا، پر اويسي پڻ هئا-  جي باري ۾ پنهنجي مقالي ۾ چٽائيءَ سان روشني نه وجهن ها ته جيڪر ڊاڪٽر صاحب جن جي اها دعويٰ ته مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت سهروردي هئا ۽ اويسي نه هئا- هر عالم جي نظر ۾ سَند جي حيثيت رکي ها، ۽ اهو مونجهارو ته مخدوم نوح رحه اويسي نه هئا. هميشه لاءِ ثبوت جي صورت وٺي وڃي ها ۽ صدين تائين سَند جي صورت اختيار ڪري ها، ان وقت تائين انتظار ڪرڻو پوي ها، جڏهن وري سروري خاندان جو ڪو عالم هن مونجهاري کي حل ڪري ها. پر عاليجناب طالب الموليٰ سائينءَ جن، محترم ڊاڪٽر صاحب جن جي زندگيءَ ۾ (الله سائين بلوچ صاحب جن کي وڏي حياتي بخشي) ئي هن مونجهاري کي هميشه لاءِ سلجهائي ڇڏيو. سائين طالب الموليٰ صاحب جن جي هن تفصيلي وضاحب کان پوءِ اهو پڻ ثابت ٿي ويو آهي ته درويش نوح هوٿياڻي به اويسي طريقي جا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن (درويش نوح هوٿياڻيءَ جو) حضرت نوح رحه جي درگاهه سان واسطو هو.

عزت ماب سائين طالب الموليٰ صاحب جي اها ميار پڻ بجاءِ طور صحيح آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ ’ڏهر‘ کي سنڌي شاعريءَ جي هڪ صنفت طور شامل نه ڪيو ويو آهي. سائين جن فرمائين ٿا:

”سنڌي ٻولي ۽ ادبجي تاريخ ۾ سنڌي شاعريءَ جي جيترين به صنفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ڏهر کي شامل نه ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ بڻ بنياد جي باري ۾ اڄ تائين جيڪو بحث ڪيو ويو آهي، ان ۾ جديد تحقيقاتي بنيادن مطابق پرچار وارو ڪلام يعني ’گنان‘ به ڏنا ويا آهن، جن کي اندازن 1965ع کان پوءِ اسماعيلي پيرن جي ڪلام يعني سنڌي شاعريءَ جي صنف طور قبول ڪيو ويو آهي“ (14).

’گنانن‘ جي باري ۾ ٿوري وضاحت ڪرڻ کان اڳ، آءٌ اهو به عرض ڪندس ته لطيف جي ڪلام ۾ ’سر ڏهر‘
جيتوڻيڪ هڪ سُر طور شامل ڪيو ويو آهي، پر جيئن ’سر ڏهر‘ ڪتاب ۾ شامل ڪيل مقالن جي مطالعي مان، ۽ قبله مخدوم صاحب جن جي تفصيلي اپٽار مان ثابت ٿئي ٿو ته واقعي ’ڏهر‘ سنڌي شاعريءَ جي هڪ الڳ ۽ اهم صنف آهي، جنهن کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ شامل ڪرڻ کپندو هو.

رهيو سوال گنانن جو، ان باري ۾ آءٌ ايترو عرض ڪرڻ جي اجازت وٺندس ته گنان صرف پرچار وارو ڪلام نه آهي. جيڪڏهن گنانن جي مقصد کي پرچار ۽ تبليغ تائين محدود رکبو ته پوءِ سڀني صوفين جي ڪلام کي پڻ پرچار تائين محدود ڪرڻو پوندو. گنانن کي سنڌي شاعريءَ جي صنف طور 1965ع کان پوءِ يا اڳ قبول ڪيو ويو، اهو بحث نه آهي،  بحث هي ڪرڻو آهي ته ’گنانن‘ جي شروعات ڪڏهن ٿي؟ گنانن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب  ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ جيڪو بحث ڪيو آهي، اهو يڪطرفو آهي. اسماعيلي جماعت ڊاڪٽر صاحب جي ان راءِ سان ان ڪري اتفاق ڪندي، جو ڊاڪٽر صاحب کي گنانن جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ ڪانهي، پر هڪ اسماعيلي جي حيثيت ۾، گنانن جي باري ۾ ڄاڻ مون کي ۽ ٻين اسماعيلين کي ماءُ جي ٿڃ جي ذريعي ڄمڻ سان گڏ ملي آهي ۽ ٻين کي ملندي رهندي.

تاريخي لحاظ کان گنانن جي ابتدا تمام پراڻي آهي. آڳاٽي ۾ آڳاٽا گنان 1079ع ۾ اسماعيلي داعي، پير ستگر نور جا چيل ملن ٿا، جيڪو ايران کان برصغير ۾ آيو ۽ هندي، گجراتي، ڪڇي، سنڌي ۽ ملتاني (سرائڪيءَ) ۾ پنهنجو ڪلام چيائين. هن درويش پنهنجي ڪلام کي ’گنان‘
سڏيو(15). گنان جي وصف منهنجي هن وضاحتي مقالي جو موضوع نه آهي، البت انهيءَ راءِ جي وضاحت لاءِ گنانن ۾ چيل مضمون جي باري ۾ مفصل طور لکندس ته ’گنان صرف پرچار وارو ڪلام نه آهي.‘

قبله مخدوم سائين جن فرمايو آهي ته ”گنانن کي 1965ع کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي صنف طور قبول ڪيو ويو آهي.“ هن ڏس ۾ آءٌ مؤدبانه عرض ڪندس ته ’اسماعيلي (نظاري) جماعت گنانن کي  عام پبلڪ لاءِ شايع ڪرڻ جي اجازت ڪا نه ڏيندي هئي. البت خواجڪي سنڌي رسم الخط يا گجراتي رسم الخط ۾ اهو ڪلام يعني ’گنان‘ ڇپيل موجود هوندا هئا (اڄ به آهن). اهي پراڻا ڪتاب اچ به برٽش لائبرريءَ ۾ ملن ٿا ۽ موجوده صورت ۾ سڄي دنيا ۾ اسماعيلي (نظاري) جماعت وٽ جماعت خانن ۾ ملن ٿا. عربي- سنڌي رسم الخط ۾ گنان پهريون ڀيرو مرزا قليچ بيگ 1922ع ۾ پنهنجي ڪتاب ”تحفـﮧ اسماعيليـﮧ“ ۾، اسماعيلي فرقي ۽ عقيدي جي تاريخ ۾ مثال طور ڏنا آهن (16). جيڪي مرزا صاحب جي ڪتاب ۾ 57 ۽ 85 صفحن تي ڏسي سگهجن ٿا. ان کان پوءِ ”درُ اسلام“  ڪتاب کان سواءِ مرحوم محمد هاشم لالواڻيءَ  پنهنجي ڪتاب ”اسماعيلي آغا خاني فرقي جا مبلغ ۽ داعيءَ“ ۾ صفحي 64 تي گنانن جو ذڪر ڪيو آهي (17). پر اهي ڪتاب صرف اسماعيلي جماعت تائين محدود هوندا هئا. عام پبلڪ لاءِ پهريون ڀيرو 1955ع ۾،  ميراث رسالي ۾، مرحوم سلطان علي فدائيءَ، گنانن جي مفهوم ۽ مقصد تي هڪ مضمون لکيو. ان وقت آءٌ ”ميراث“ رسالي جو ايڊيٽر هوس.سلطان علي فدائي رسالي جو خرچ ڀريندو هو. هو هڪ وڏو عالم ۽ فاضل هو. سلطان علي فدائي منهنجو مربي ۽ محسن به هو، انهيءَ ڪري سندس مشن کي جاري رکڻ لاءِ مون ۽ ٻين ساٿين عهد ڪيو هو.

انهن ڏينهن ۾ مرحوم مولانا محمد عثمان ڏيپلائيءَ پيرن، سجاده نشينن ۽ درگاهن جي خلاف قلم کنيو هو. هن خواجه شمس جي سهاري سان اسماعيلي عقيدي، روايتن، اسماعيلي امام هزهائنس آغا خان خلاف ۽ باطني طريقي ۽ باطني تصوف جي خلاف گهڻو ڪجهه لکيو. اهو ئي سبب هو جو هڪ اسماعيليءَ جي حيثيت ۾ مون گنانن جي حوالي سان ۽ گنانن جي روشنيءَ ۾ اسماعيلين جي مسلمان هجڻ، صوفي هجڻ، ۽ اسماعيلي طريقي جي سلسلي ۾ 1958ع ۾ پهرين حيدرآباد جي بيسنت هال ۾ هڪ مقالو پڙهيو. ان کان پوءِ گنانن جي ”ادبي حقيقت“ واري موضوع تي ڌار ڌار ادبي ڪانفرنسن ۾ مقالا پڙهيا، ۽ عام پبلڪ ۽ سنڌ جي اديبن جي سامهون گنانن جي شاعرانه، علمي ۽ ادبي حيثيت جي باري ۾ دلائل ڏنا. منهنجو مقالو، جنهن جو عنوان هو:  ”سومرن جي دور جي سنڌي شاعري“، رسالي مهراڻ جي جلد 9 ۽ نمبر 1-2، 1960ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سومرن جي دور ۾ چيل گنانن تي روشني وڌي ويئي هئي(18).هن سلسلي ۾ منهنجو ٻيو مقالو وڌيڪ تفصيل سان ۽ ٻن قسطن ۾، ”سومرن جي دور ۾ سنڌي ادب“ جي عنوان سان ماهوار نئين زندگيءَ جي فبروري 1972ع ۾ ڇپيو(19). ان کان پوءِ منهنجي پي- ايڇ- ڊي واري ٿيسز ۾ (جيڪا 1970ع ۾ ڊگريءَ لاءِ پيش ڪئي ويئي) پڻ وڌيڪ تفصيل سان اسماعيلي پيرن جي ڪلام يعني گنانن تي روشني وڌي ويئي هئي (20). ان کان پوءِ مرحوم گرامي صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب، پروفيسر مرحم خان صاحب ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب گنانن جي باري ۾ ڌار ڌار مقالن ۾ پنهنجا رايا ڏنا، ۽ گنانن جي حيثيت کي قبول ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ جي پهرئين ڇاپي ۾ منفي رويو اختيار ڪيو ۽ گنانن جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، البت ٻئي ڇاپي ۾ گنانن کي اوائلي دور جي يعني قديم شاعري تسليم ڪرڻ جي بدران، انهن کي سنڌي ادب جي ٻئي دور جي شاعريءَ طور قبول ڪيو (21). ڊاڪٽر صاحب جي راءِ تي آءٌ تفصيل سان ڌار مقالي ۾ لکندس. بهرحال سنڌي عالمن، اديبن، استادن ۽ شاعرن ’گنانن‘ جي قدامت ۽ انهن جي فني ۽ شاعرانه اهميت کي تسليم ڪيو، ۽ انهن کي سنڌي ادب جي هڪ صنف طور قبول ڪيو.

گنانن کي ’اسماعيلي پيرن جي تعريف ۽ توصيف جا بيت ڪوٺڻ‘ به ان ڪري صحيح نه آهي جو گنانن ۾ اهي سڀ خوبيون ۽ خصوصيتون شامل آهن، جيڪي برصغير جي صوفي شاعرن، ويدانتي درويشن جهڙوڪ: ڪبير ڀڳت، ميران ٻائي، دادو ديال، نرسئين ڀڳت کان سواءِ بابا فريد، بابا بُلي شاهه، مخدوم نوح، شاهه لطيف، شاهه ڪريم، سچل سرمست، مهامتي پراڻ ناٿ ۽ ٻين صوفين جي ڪلام ۾ نظر اچن ٿيون. ان لحاظ کان گنانن ۾ موضوع ۽ مضمونن جي لحاظ کان تمام گهڻي وسعت نظر ايندي. شاعرانه خوبين جي لحاظ کان به گنانن ۾ فصاحت ۽ بلاغت کان سواءِ فڪر جي گهرائي، تخيل جي بلندي ۽ پرواز، اونهي سوچ ۽ پنهنجي پنهنجي دور جي عڪاسيءَ کان سواءِ مقامي ماحول جي منظر ڪشي نظر ايندي. اسماعيلي پيرن جي ڪلام (گنانن) ۾ انسان شناسي  (Humanism) جون مڙيئي خوبيون نظر اچن ٿيون.

گنانن ۾ مضمون جي گوناگوني ۽ وسعت جي باري ۾ مون پنهنجن مقالن ۽ ٿيسز ۾ جن لفظن ۾ عرض ڪيو هو، اُهي هيٺ دُهرائجن ٿا:

”پير صاحب جو ڪلام ناصحاڻي ۽ صوفياڻي مضمون سان ڀريل آهي. الله ۽ رسول جو نالو جپڻ، دل صاف رکڻ، ڪوڙ ۽ ڪپت کان پاسو ڪرڻ، دنيا کي فاني سمجهڻ جهڙا مضمون هن بزرگ جي ڪلام ۾ بيان ٿيل آهن“ (نئين زندگي مارچ 1972ع ص-35)

اهڙيءَ طرح ٻئي هنڌ عرض ڪيو هئم:

”سندن ڪلام ۾ مذهبي ۽ تبليغي مضمون گهڻو آهي. خدا جي وحدانيت ۾ يقين رکڻ، حضور جن کي خدا جو آخري نبي ڪري مڃڻ، نبي صلعم تي ڪلمو پڙهڻ، گانءِ- پوڄا ترڪ ڪرڻ جي تلقين سان گڏ مومن جون وصفون به بيان ڪيون اٿن.“ۡ

(نئين زندگي مارچ 1972ع، ص - 35.“

اهڙيءَ طرح ساڳئي رسالي ۾ لکيو هئم:

”پير صدر الدين جو ڪلام تصوف ۽ ويدانت جي مضمون سان ڀريل آهي. پنهنجي ڪلام ۾، هن دنيا کي فاني سڏيو اٿن، ۽ مريدن کي تلقين ڪئي اٿن ته هيءَ دنيا ڪنهن کي نيبهه ٿيڻي نه آهي، تنهن ڪري لازمي آهي ته دل مان ڪوڙ ڪپت ۽ دولاب کي دور ڪجي، ۽ نفس جي غلاميءَ کان پاڻ بچائجي. باطل کان آزاد ٿي، پاڻ کي حق جي حوالي ڪرڻ تي پير صدرالدين گهڻي قدر زور ڏنو آهي. انساني زندگيءَ بابت پاڻ فرمايو اٿن ته: بندي کي زندگي ان لاءِ بخشي ويئي آهي ته هُو بندگي ڪندو رهي، ۽ ذڪر فڪر ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي. غفلت ڇڏڻ ۽ ننڊ نڀاڳيءَ کي ترڪ ڪرڻ لاءِ بار بار تلقين ڪئي اٿن. پير صدرالدين همـﮧ اوست واري نظريي جو قائل هو ۽ فرمايو اٿن: جيئن اکين ۾ نور، گل ۾ خوشبوءِ، کير ۾ مکڻ ۽ سج ۾ روشني پوشيده آهي، تيئن الله پاڪ جو وجود انسان توڙي ٻين شين ۾ به موجود آهي“ (نئين زندگي مارچ 1972ع، ص 39).

بهرحال جيئن گنانن کي سنڌي شاعريءَ جي هڪ صنف طور آخرڪار تسليم ڪيو ويو، تيئن ’ڏهر‘ کي به هڪ صنف طور گهڻو اڳ تسليم ڪرڻ کپندو هو.

مخدوم صاحب فرمائين ٿا:

”ڏهر، سنڌي شاعريءَ جي هڪ عظيم صنف آهي، جنهن ۾ خدا تعاليٰ جي تعريف، حضرت محمد ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ساراه ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جي ساراه جو ذڪر آهي. منهنجي ڄاڻ موجب شاعريءَ جو هي نمونو الف اشباع (مقدمـة الصوات) جي دور سان گڏ شروع ٿيو آهي ۽ اڄ تائين قائم ۽ دائم آهي“ (22)

مخدوم سائينءَ جن اڳتي فرمائين ٿا:

”ڏهر ۾ حمد، نعت، منقبت، اصحابه ڪرام ۽ ٻين الله وارن جي ثنا، دين اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ۽ مرشد جي تعريف تي مضمون لکبا آهن. ڏهر عوام ۽ خواص کي سڏ ڪرڻ يا اطلاع ڏيئي، الله ۽ ان جي آخري رسول ڏي رجوع ڪرائڻ جو هڪ بهترين ۽ آسان ذريعو ۽ رستو آهي، جنهن جي وسيلي نه صرف الله ۽ الله جي رسول، پر پنهنجي مرشد جي احوال کان پڻ جماعت کي روشناس ڪرايو وڃي ٿو“ (23).

ڏهر جي مضمون جي باري ۾ ٻين محققن پڻ پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن. ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ صاحب لکي ٿو:

”سر ڏهر ۾ ڏس پتو پڇڻ، وڇوڙي، درد، فراق، ڦوڙائي ۽ چاڪ چڪڻ جو مضمون ڪم آندو ويو آهي. اهڙيءَ طرح فاني دنيا ڇڏي، بقا ڏانهن وڃڻ جو وستار، تاريخي ماڳن ۽ مڪانن کان سواءِ هوشيار ۽ خبردار رهڻ جي هدايت ڪيل آهي“ (24).

معمور يوسفاڻي پنهنجي مقالي ’سر ڏاهر جو مطالعو‘ ۾ لکي ٿو:

”ڏاهر ۾ مناجات ۽ دعا، جن ۾ الله پاڪ جي حضور ۾ ٻاڏائڻ ۽ مديني جي مير کي پڪارڻ جهڙا موضوع شامل آهن. غافل ۽ مغرور انسان کي چتاءُ ۽ ڏس ڏيڻ. اهڙيءَ طرح شاعر جو ذاتي مشاهدو، واقعاتي ۽ مشاهداتي بيت شامل آهن“ (25).

علي احمد بروهي صاحب لکي ٿو:

”سر ڏهر شاهه جي رسالي جو نچوڙ آهي، يا اڃا هيئن کڻي چئجي ته رسالي جو روح آهي. شاهه جي ڪلام جو سرچشمو آهي ڪلام مجيد. سر ڏهر جو مجموعي پيغام چئن داستانن ۾ آهي:

(i)                   سنسار جي فاني حيثيت ۽ انسان جي غفلت، (ii) الله ۽ مديني جي مير جو ذڪر فڪر ۽ دعائون، (iii) عبادت ۽ ذڪر لاءِ ارادو، عمل ۽ وقت، ۽ (iv) ملڪ الموت ۽ سندس مارو“(26).

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ديوان ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي حوالي سان، پنهنجي مقالي، ”شاهه لطيف جي سر ڏهر جي علامتي مطالعو“ ۾ لکي ٿو:

”سر ڏهر ۾ دنيا جي بي ثباتي ۽ الله جي مَردن جي اڻاٺ ڏانهن اشارا آهن. الله تبارڪ و تعاليٰ جي ڪائناتي حاڪميت ۽ محمد عربي صه جي شخصيت کي رحمت جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي“ (27).

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، پنهنجي مقالي ”شاهه جي ڪونج“ ۾ لکي ٿو:

”سر ڏهر ۾، رسول ڪريم صه جي دروينتي ڪرڻ ۽ ٻاجهه گهرڻ، ڌڻيءَ در ٻاڏائڻ، غفلت ڇڏڻ، سستي ۽ ڪاهليءَ کان خبردار رهڻ، جهڙا مضمون شامل هوندا آهن“ (28).

هڪ اعليٰ مقام واري شاعر، ماهر نقاد جي حيثيت ۾ مخدوم صاحب جن ’ڏهر‘ جي وصف، مفهوم ۽ ڪارج جي باري ۾ جيڪي ڪجهه فرمايو آهي اهو هڪ سَنَد جي حيثيت رکي ٿو. هو فرمائين ٿا:

”ڏهر، سنڌي شاعريءَ جي هڪ غير- عروضي صنف (نمونو) آهي، جنهن کي مخدوم معظم غوث الحق حضرت مخدوم نوح رح جي سروري جماعت جياريو اچي. اها صنف ايتري ته مقبول هئي ۽ آهي، جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به پنهنجي شاعريءَ ۾ ان کي جاءِ ڏني“ (29).

هن مقالي ۾ قبله مخدوم صاحب جن، ڏهر چوندڙ شاعرن جي نالن کان سواءِ، هڪ ٻئي مونجهاري کي به حل ڪيو آهي. سڀني محققن، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن راءِ کي به نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ ڏهر کي قديم سنڌي راڳ جي هڪ راڳڻي بيان ڪيو ويو آهي. هن ڏس ۾ شيخ محمد اسماعيل صاحب پنهنجي مقالي ”سر ڏهر“ ۾ لکي ٿو:

”سر ڏهر جي سنڌ جي قديم موسيقيءَ جي نظام ۾ هڪ راڳڻي هجڻ جي تصديق هن مثال مان ٿئي ٿي ته گذريل چئن- پنجن صدين کان وٺي، سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جي بزرگرن وٽ ذڪر فڪر جا بيت ۽ وايون سر ڏهر ۾ آلاپيا ويندا هئا. انهيءَ ڪري پوءِ ذڪر جي اهڙن بيتن ۽ واين کي سڏايائون ئي ڏهر جا بيت ۽ وايون.

”سر ڏهر، قديم سنڌي موسيقيءَ جي هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا هن وقت اسان کان گم ٿي ويل آهي. هيءَ راڳڻي مدح، مناجات، مرشد جي ساراهه، سلوڪ جي راهه جي پانڌيئڙن جي سڪ، غفلت کي ڇڏڻ ۽ موت جي برحق هجڻ جي اظهار لاءِ مخصوص هئي. انهيءَ لحاظ سان هن سُر ۾ شامل بيت ۽ وايون به انهيءَ مخصوص مضمون واريون هئڻ لازمي آهن“ (30).

’ڏهر‘ کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب به هڪ راڳ سمجهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جن فرمائين ٿا:

”اسان راڳ ڏهر جي اصليت ۽ ماهيت کي سمجهڻ لاءِ مخدوم صاحب جي مريدن ۾ رائج ڏهر ڏيڻ جي سلسلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي“ 031).

عزت ماب مخدوم سائينءَ ’ڏهر کي راڳڻي‘ سمجهڻ واري راءِ سان اختلاف رکن ٿا، ۽ فرمائين ٿا:

”رهيو سوال ڏهر راڳ جو، ته ڏهر راڳ هو ئي ڪو نه، پر ’ڏهر‘، ’راڳ ڀيروين‘ ۽ ’جوڳ‘ ۾ آلاپيا ۽ چيا (ڳايا) ويندا آهن“ (32).

هڪ ٻيو نقطو، جنهن جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن لکيو آهي ۽ ان جي تلقيد ٻين نقادن پڻ ڪئي آهي، اهو هي آهي ته ”ڏهر ملتان جي سهروردي طريقي ۾ پڻ رائج هئا ۽ اڃا تائين آهن.“ هن سلسلي ۾ شيخ محمد اسماعيل صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ کي نقل ڪندي لکي ٿو:

”سنڌ ۾ سهروردي بزرگن ۽ فقراء جي طريقت جو سلسلو ملتان جي بزرگ غوث بهاءُ الدين ذڪريا سان منسلڪ رهيو آهي، تنهنڪري اڄ به غوث جا پانڌيئڙا اهڙن آستانن ۽ درگاهن تي ڏهر چوندا آهن.“ (33).

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حوالي سان لکي ٿو:

”سنڌ ۾ سماع جو سلسلو غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ کان شروع ٿيو، جنهن جو بنياد پڻ ذڪر ئي هو. ملتان جي سهروردي طريقي جو ذڪر جيڪو سنڌ ۾ هلندڙ آهي، انهيءَ جا ٻه قسم آهن. هڪ تحليل جو ذڪر ۽ ٻيو ڏهر جو ذڪر“ (34).

پر عزت ماب مخدوم سائينءَ جن ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ٻين سڀني محققن جي مٿينءَ راءِ سان اختلاف رکندي فرمائين ٿا:

”سنڌ ۾ سروري جماعت کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به جماعت ۾ ’ڏهر‘ جو رواج نه آهي. ملتاني جماعت ۾ ’ڏهر‘ بدران بيت چوندا آهن. صرف مخدوم نوح رح جي جماعت ۾ ڏهر چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ حمد، نعت، منقبت، صحابه ڪرام ۽ ٻين الله وارن جي ثنا، دين اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ۽ مرشد جي تعريف وغيره تي مضمون لکيا آهن“ (35).

سچ پچ ته جيڪڏهن مخدوم سائينءَ جن وضاحت ڪري انهن غلط فهمين ۽ مونجهارن کي سلجهائين نه ها ته سنڌي ادب ۽ تاريخ جو ايندڙ نسل هميشه گمراهيءَ جي هن ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هجي ها.

ٻيو هڪ اهم موضوع، جنهن جي باري ۾ هن سُڄاڻ پيشوا ۽ روحاني رهبر جيڪا روشني وڌي آهي ۽ وضاحت ڪئي آهي، اهو موضوع آهي: ’درويش نوح هوٿياڻيءَ جي نسبت ۽ طريقي جي باري ۾‘. هن ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته جيڪڏهن قبله مخدوم صاحب جن هن موضوع تي به قلم نه کڻن ها ۽ درويش نوح هوٿياڻيءَ جي نسب ۽ طريقي جي سلسلي ۾ چٽائي نه ڪن ها ته جيڪر هيءَ غلطي، سنڌي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ جو حصو بڻجي وڃي ها ۽ ايندڙ نسل ۽ محقق کي صحيح معلومات ملي نه سگهي ها. مخدوم سائينءَ جن جي هن فيصله ڪن راءِ کي سنڌ جا نقاد ۽ تاريخ جا ماهر هميشه اهم ۽ املهه سمجهندا ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندا ۽ هڪ سَند سمجهي اهميت ڏيندا. سائينءَ جن فرمايو آهي:

”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب اڳتي هلي بزرگ نوح هوٿياڻي رحه جي تاريخي حقيقت معلوم ڪندي، هڪ ڏهر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پاڻ سومر فقير ڏاهريءَ کان درگاهه نوح هوٿياڻيءَ تي ٻڌو هئائون:

اُٿندي پير اويس جو، نر جو نانءُ ڳنهن،

سي سدا وتن سنرا، پاپ نه پڙي تن،

الله اويسين، ڪوسو واءُ نه واريين.

مخدوم سائين جن، اڳتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ کي هوبهو دهرائين ٿا ۽ لکن ٿا:

”بلوچ صاحب جن هن بيت بابت لکن ٿا ته پڇا تي چيائون هي ڪو آڳاٽو بيت آهي، جيڪو سيني بسيني هلندو اچي، پر اهو معلوم نه آهي ته ڪهڙي شاعر جو چيل آهي. ظاهر آهي ته هي ’سماع‘ جو بيت آهي، ڇاڪاڻ ته ’اُٿندي‘ مان مراد آهي ’سماع‘ ۾ اٿندي سان ئي برڪت ۽ ڀلائيءَ لاءِ اويس پير ۽ اويسين جو نالو کڻڻ. اهو پڻ ظاهر آهي ته هيءُ بيت مخدوم صاحب جي سلسلي جي فقير جو چيل نه آهي، ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحب جو طريقو ’اويسي‘ نه آهي، مگر ’سهروردي‘
 آهي (36).

ڊاڪٽر صاحب جن جي هن راءِ سان، عاليجناب مخدوم طالب الموليٰ جن اختلاف راءِ ڪندي اول ته مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت ۽ سندن خاندان جي ’اويسي‘ هجڻ ۽ پوءِ درويش نوح هوٿياڻي، جو سروري جماعت سان تعلق هجڻ جي باري ۾ دليلن ۽ ثبوتن سان وضاحت ڪئي آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن قبله مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جن تڪليف وٺي ۽ محنت ڪري اها وضاحت ڪن ها ته جيڪر سنڌي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ ۾ هيءَ غلط فهمي هميشه لاءِ درج ٿي وڃي ها ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙي بين الاقوامي حيثيت جي محقق ۽ فاضل جي راءِ کي سَند طور قبول ڪيو وڃي ها، پر مخدوم سائينءَ جن، نهايت ئي مؤدبانه انداز ۾، محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب  جن راءِ سان اختلاف ڪندي فرمائين ٿا:

”هن ۾ وضاحت طلب اها ڳالهه آهي ته ’ڏهر‘ ۾
’اويسين‘ جو ذڪر ڪيل آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب اهو ڏهر سروري جماعت جي ڪنهن فقير جو چيل ان ڪري نه آهي جو هي سلسلو سهروردي آهي، اويسي نه آهي ۽ سندن خيال موجب درويش نوح هوٿياڻي رحه اويسي سمجهڻ ۾ اچي ٿو“(37).

هن وضاحتي نقطي کان پوءِ سائين طالب الموليٰ جن پهرين ’اويسي طريقي‘ کي تفصيل سان سمجهايو آهي ۽ پوءِ دليلن سان ثابت ڪيو اٿن ته حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جن جو اويسي طريقي سان پڻ تعلق هو ۽ ان کان پوءِ ثابت ڪيو اٿن ته درويش نوح هوٿياڻي رحه جو مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جن جي سلسلي ۽ طريقي سان تعلق هو. ان کان پوءِ سائينءَ جن حضرت اويس قرنيءَ جي لاڏاڻي ۽ سندن آخري آرامگاهه جي باري ۾ مختلف حوالن سان ذڪر ڪيو آهي. پنهنجن پختن دليلن ۽ حوالن کان پوءِ مخدوم سائينءَ جن فرمائين ٿا:

”مٿين سمورن دليلن ۽ تاريخي حقيقتن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان بعد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ان خيال جي واضح ترديد ٿي وڃي ٿي ته مخدوم صاحبن جو سلسلو اويسي نه آهي ۽ پير اويس بابت چيل ڏهر، مخدوم صاحبن جي سلسلي جي ڪنهن فقير جو چيل نه آهي، پر اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهو ڏهر سروري جماعت جي ڪنهن فقير جو چيل آهي، جنهن ۾ پنهنجي مرشد کي اويسي پير ۽ ان جي مڃيندڙن ۽ مريدن کي اويسي سڏيو اٿن“ (38).

بهرحال هي هڪ اهم مقالو آهي، جنهن سنڌي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي. هن مقالي جي حوالي سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڏهر جي وصف، معنيٰ، مفهوم ۽ مضمون کان سواءِ ڏهر جي سلسلي ۾ هن کان اڳ قائم سڀني دعوائن ۽ راين کي تبديل ڪري، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اضافو آڻڻ جي ضرورت آهي. مقالي جي شايع ڪرڻ سان ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل مواد ۾ هڪ لاثاني اضافو ٿيو آهي، جنهن لاءِ رسالي مهراڻ جو ايڊيٽر ۽ سندس ساٿي مبارڪن جا مستحق آهن.

ڪتابن، مقالن ۽ مضمونن تان مدد ورتي ويئي

(1) Thadhani, T.S., Article, ‘The Lohanas` Published in Journal of Sind Historical Society, Vol: VIII, No: 3, January, 1948.

(2)       الانا غلام علي، ڊاڪٽر: ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ڄام شورو، انسٽيٽيوف آف سنڌالاجي، 1977ع، ص 170.

(3)       مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مقالو: ”سروري جماعت جو ’ڏهر‘ ۽ اويسي طريقو“، رسالو مهراڻ، نمبر 1/1990ع (جنوري- مارچ)، ص 33، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

(4)       ايضاً، ص 46.

(5)        ايضاً، ص 33.

(6)       ايضاً، ص 33.

(7)       ايضاً

(8)       ايضاً

(9)       معمور يوسفاڻي، مقالو: ”سُر ڏاهر جو مطالعو“، ’سُر ڏهر‘ ڪتاب ۾ شامل آهي، مرتب: نواز علي شوق، ڊاڪٽر: ڀٽ شاهه- حيدرآباد، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1989ع، ص 15.

(10)   ايضاً ص 17.

(11)    شيخ محمد اسماعيل، مقالو: ”سر ڏهر“، حوالي 9 جو پويون حصو، ص 70.

(12)   حوالو 3، ص 33.

(13)   نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“، ڀٽ شاهه- حيدرآباد، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1978ع، ص 305.

۽ پڻ ڏسو حوالو 3، ص 35.

(14)   حوالو 3، ص 34.

(15)    حوالو 2، ص 172.

(16)   مرزا قليچ بيگ: ”تحفـﮧ اسماعيليـﮧ“، حيدرآباد، 1922ع، ص 57 ۽ 58.

(17)   محمد هاشم لالواڻي: ”اسماعيلي آغا خاني فرقي جي مبلغ ۽ داعي“، ڪراچي، اسماعيليه ائسوسيئيشن، 1952ع، ص 64.

(18)   الانا غلام علي، ڊاڪٽر، مقالو: ”سومرن جي دور جي سنڌي شاعري“، حيدرآباد، سماهي مهراڻ، جلد 9، نمبر 1-2، 1960ع، ص 148 ۽ 156

(19)   ايضاً، مقالو: ”سنڌي ادب سومرن جي دور ۾“، ماهوار نئين زندگي، فيبروري 1972ع ۽ مارچ 1972ع، ڪراچي، پاڪستان پبلڪيشنس، ص 15 کان 34 ۽ ص 33 کان 49.

(20)  حوالو 2، ص 172 ۽ ص 194 کان 199.

(21)   نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1980ع، ص 184 کان 186.

(22)  حوالو 3، ص 34.

(23)  ايضاً، ص 34.

(24)  نواز علي شوق، ڊاڪٽر: ”سر ڏهر“، مهاڳ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 244 عرس جي موقعي تي پڙهيل مقالن جو مجموعو،ڀٽ شاهه- حيدرآباد، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1989ع، ص 10.

(25)   حوالو 9، ص 30.

(26)  علي احمد بروهي: مقالو: ”سر ڏهر جو مجموعي پيغام“، تفصيل لاءِ حوالو 24، ص 108.

(27)  غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر. مقالو: ”شاهه لطيف جي سُر ڏهر جو علامتي مطالعو“، حوالو 24، ص 119.

(28)  عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر: مقالو: ”شاهه جي ڪونج“، حوالو 24، ص 162.

(29)  حوالو 3، ص 34.

(30)  حوالو 11، ص 70.

(31)   حوالو 13، ص 306.

(32)  حوالو 3، ص 36.

(33)  حوالو 11، ص 70.

(34)  حوالو 28، ص 166.

(35)   حوالو 3، ص 36.

(36)  ايضاً، ص 42.

(37)  ايضاً، ص 42.

(38)  ايضاً، ص 46.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com