(3) گلزار سنڌ نادرات هند: زنگي
پور ڳوٺ تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد جي رهاڪو، مولوي
عبدالرحيم صاحب سومري، خانداني روايتن کي گڏ ڪري،
سومرن جي تاريخ بابت هڪ فارسي مثنوي لکي، جنهن کي
پوءِ محمد عثمان سومري ۽ صوفي قلندر بخش جي زور
ڀرڻ تي، سن 1922ع/ 1340هه ۾ سنڌي زبان ۾ منتقل
ڪيائين. هن مثنويءَ کي بنياد بنائي مولوي عبيدالله
شائق سومري، هڪ ڪتاب ”دولت علويـﮧ“ جي نالي سان
1929ع ۾ شايع ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن ماخذ جي
نشاندهي ڪئي هئي. راقم کي دوست منظور احمد سومري
”دولت علويـﮧ“ جي ڪاپي ڏني جا چڱي درست حالت ۾
آهي.
(4) نصرت نامه ترخان:
هي ڪتاب سورهين صديءَ جي پڄاڻيءَ ڌاري محمد بن
بايزيد پورانيءَ لکيو، جنهن ۾ سنڌ جي ترخان ۽
ارغون حاڪمن بابت مواد ملي ٿو. راشدي صاحب 198ع ۾
مون کي ٻڌايو هو ته هي ڪتاب قدامت جي لحاظ کان
’تاريخ معصومي‘ کان به آڳاٽو آهي. هن ڪتاب جو صرف
جلد اول علي ڳڙه يونيورسٽيءَ مان راشدي صاحب مرحوم
هٿ ڪيو هو. ڊاڪٽر انصار زاهد ڪراچي يونيورسٽيءَ جي
انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽيڊيز لاءِ
’نصرت نامه ترخان’ ايڊٽ ڪرڻ جوارادو رکي ٿو. ياد
رهي ته زاهد صاحب مغل دور بابت پنهنجي بهترين
اسٽڊي اڳ ۾ ئي ڇاپي چڪو آهي.
(5) انتخاب منتخب:
اٽڪ جي محمد يوسف شاهجهان جي زماني ۾ ”منتخب
التواريخ“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو هڪ
اختصار ٺٽي جي منشي عبدالشڪور اورنگزيب جي دور ۾
”انتخاب منتخب“ جي نالي سان تيار ڪيو ۽ ان ۾ سنڌ
جي حوالي سان واڌارا به ڪيائين. مغل دور ۾ سنڌ
بابت لکيل تاريخي ڪتابن جي سلسلي جي هي آخري ڪڙي
آهي. راقم ان متعلق ٽي سال اڳ هڪ تعارفي مقالو
پڌرو ڪيو هو.
(6) نگيران سنڌ:
تاريخ سنڌ جو هي نادر ماخذ ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي وٽ محفوظ آهي. ان ڏس ۾ خود سنديلو صاحب لکي
ٿو.
”پنڊت موهن لال لالا ڳوٺ ڀوتڙن (لڳ سيوهڻ) جو ويٺل
هو. ميان عطر خان ولد ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
درٻار جو خوش نويس هو. ميان عطر خان جي درٻار ۾ 27
خوش نويس هئا، ليڪن جاءِ صدارت پنڊت والاري هئي،
جنهن ڪري کيس ”قرة
العين“ (اکين جو ٺار) جو لقب مليل هو. ميان عطر
خان ”حڪمران سنده“، ”آئين اڪبري“ جي نموني تي، 12
جلدن ۾ (نگيران سنده) يعني ”سنڌ جي حڪمرانن جي
تاريخ“ مرتب ڪرائي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ سان
گڏ سنڌ جي ولين جو به ذڪر ڪيل آهي. سنڌ جا قصا
ڪهاڻيون به محققانه انداز ۾ آيل آهن. هن تاريخ ۾
پنڊت صاحب جو وڏو هٿ هو.
اسان جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بدقسمتي جو سنڌ بابت
يا خاص ڪري ڪلهوڙن بابت تيار ٿيل هڪ اهڙو ضخيم
پستڪ، جنهن جي تياريءَ ۾ خود سنڌ جي هڪ حاڪم ميان
عطر خان ذاتي طور تي دلچسپي ورتي هجي، ان بابت پاڻ
کي هي به معلوم ڪونهي ته، ان جو اصل مفهوم ڇا آهي،
ان جا باب ڪيترا آهن، ڀاڱا حصا گهڻا اٿس، ڪتاب جا
ٻارنهن جلد آهن ته اهي ڪهڙيءَ ريت رٿيل آهن، تاريخ
ڪلهوڙن جي آهي يا سنڌ جو سمورو سياسي اتهاس ان ۾
سمايل آهي، صفحا يا ورق ڪيترا اٿس، قصن ڪهاڻين جي
نوعيت ڇا آهي ۽ پنهنجن مشاهيرن بابت ان مان ڪيتري
حد تائين مواد ملي سگهندو. حد ته هي آهي جو اسان
جي ڪنهن به علمي اداري ۾ نه اصل چيز موجود آهي، ۽
نه وري ان جي فوٽو ڪاپي ئي هٿ ڪئي ويئي آهي!
هاڻي ڇا ڪجي؟
اسان هت تاريخ جي جن بنيادي ماخذن بابت گفتگو ڪئي
آهي، اهي گهڻيءَ حد تائين سنڌ جي اسلامي دور بابت
مواد مهيا ڪن ٿا. هن طويل عرصي ۾ سنڌ جي ملڪ ڪافي
لاهي چاڙها ڏٺا. ڪڏهن هن ملڪ غلاميءَ جا بدترين
ڏينهن ڏٺا، ته ڪڏهن وري سومرن ۽ سمن جي ڏيهي راڄ
۾، پنجن صدين جي خودمختياري، سک ۽ سلامتي ماڻي.
ارغون آيا ته پهرئينءَ ڌڪ ۾ سمن ڄامن جي مثالي
حڪومت ختم ڪيائون، ۽ پوءِ هڪ طرف ٺٽي کان ملتان
تائين شهرن تي حملا ڪري، راتاها هڻي انهن کي برباد
ڪيائون، ته ٻئي طرف ڏيهي رهاڪن لاءِ، هي سرزمين
تنگ ڪري کين ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف لڏ پلاڻ
لاءِ مجبور ڪيائون. نه ملڪ اسان جو رهيو ۽ نه وري
شهر اسان جي قبضي ۾ رهيا. شاه بيگ ارغون کان ڪري
اورنگزيب تائين، حڪومت ۾ سمرقند ۽ بخارا کان آيل
ماڻهن جي رهي، پر ظلم ته هي به ٿيو جو سنڌ جي ملڪي
وحدت به ختم ڪئي وئي. سبي الڳ ته بکر جدا. سيوهڻ
جو انتظام جداگانه، ته ٺٽي کي وري شاهي صوبو بنايو
ويو. لاهري بندر ۽ اورنگا بندر ته ڄڻ هئائي مغلن
جي ملڪيت. ارڙهن صدي ۾ ڪلهوڙن جي مقامي حڪومت ٺهي،
پر ايراني ۽ افغاني حملن سبب غير يقيني حالتون
جاري رهيون. مير صاحبن ته سنڌ جي ملڪ کي ٽن حصن ۾
تقسيم ڪيو، ان ريت قومي ايڪي ۽ اتحاد کي زبردست
نقصان پهتو.
سنڌ جي مشهور عالم ۽ تاريخدان سيد حسام الدين
راشدي مرحوم تاريخ جي اهميت بابت هڪ هنڌ لکيو هو
ته: قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن کي تازي رکڻ،
۽ منجهن عملي جوش لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو سڀ
کان اهم ذريعو قومي تاريخ آهي. قومي تاريخ جي ئي
صفحن تي پنهنجن بزرگن جا اعليٰ ڪارناما، آئينده
نسلن لاءِ هميشه واسطي زندگيءَ جو سبق بڻجن ٿا.
انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم پنهنجي ماضيءَ کي بي
نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي عروج ۽ زوال جي اسباب ۽
عوامل تي ٿڌي سيني سان غور ڪري، آئينده جا خدوخال
درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي
تاريخ اکين آڏو نه هجي، ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته
اها زندگيءَ جي ميدان ۾ عملي محرڪات جي هڪ نهايت
ئي اهم وسيلي کان محروم آهي.
قومي زندگيءَ کي سرگرم رکڻ ۽ وقار توڙي آجپي جي هڪ
اهم ذريعي ۽ وسيلي لاءِ تاريخ جو اڀياس لازم آهي.
ان جي تياري ۽ ترتيب لاءِ بنيادي ماخذن جي اشاعت ۽
موجودگي به ازحد ضروري آهي. راشدي صاحب مرحوم
ابتدا ۾ سنڌ جي مغل دور تي ڪم ڪري رهيو هو، ليڪن
اڳتي هلي في الحال ان کي غير ضروري سمجهي، سڄو
ڌيان تاريخ جي بنيادي ماخذن جي ايڊيٽنگ طرف
ڏنائون. جڏهن جرمنيءَ ۾ قوم جي نئين سر جوڙجڪ ۽
جٿي بنديءَ طرف ڌيان ڏنو ويو، تڏهن سڀ کان اول
ادب، ڪلچر ۽ تاريخ بابت، هزارين موجود ماخذن کي
سهيڙي سموهي ڇاپيو ويو. بلاشبـﮧ قومن جي نئين
حياتي ۽ سرت ڀريو سماج، صرف نعريبازي ۽ خيالي
ڳالهين سان حاصل نه ٿا ٿين. تاريخ ۾ سنڌي قوم جون
ڪيل سوين غلطيون به ملن ٿيون، ته ان ذريعي روشن
مستقبل جا امڪان ۽ بهتر جيوت لاءِ اميد جا ڪرڻا پڻ
پسجن ٿا.
ڊاڪٽر دائود پوٽي جي محنت کان پوءِ، سنڌي ادبي
بورڊ تاريخ سنڌ جي ماخذن ڏي ڌيان ڏنو. ان جي ڪيل
ڪم جو وچور مٿي ڏنو ويو آهي. گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ هن
ناليري اداري، سنڌ بابت ڪنهن به ماخذ کي شايع نه
ڪيو آهي. ڪجهه سالن کان جتي اسان جي تعليم زوال
پذير ٿي آهي، اتي اسان جن ادبي ادارن جو سلامت رهڻ
به هڪ معجزو آهي. اڄ اسان جي تعليمي مرڪزن ۾ علم
انسان
(Humanities)
جا شعبا ويران ٿي چڪا آهن. انهن درسگاهن ۾ شاگرد
ته داخلا نه ٿا وٺن، پر چند استادن کان سواءِ، ڪو
به سنڌ جي تاريخ جي تحقيق ۽ اڀياس ۾ دلچسپي نه ٿو
وٺي. ان صورت ۾ مشرقي ٻولين جا ڄاڻو ته ڳوليا به
نه ٿا ملن، پر انگريزي زبان به اسان لاءِ اوپري ٿي
رهي آهي. تاريخ سنڌ جي قديم ڪتابن جو وڏو تعداد
فارسي زبان ۾ آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽو، سيد حسام
الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر بلوچ، پنهنجن تاريخي ماخذن
ايڊٽ ڪرڻ سبب، اسان جي علمي اتهاس ۾ وڏي وقعت رکن
ٿا. سندن ليول جا عالم ۽ محقق روز روز پيدا نه
ٿيندا آهن. ان هوندي به سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر،
عربي ۽ فارسي ٻولين جا ڄاڻو اڃا به ملي ويندا، جي
اسان جي تاريخ جي بنيادي ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ ترجمن
۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. اڄ اسان کي جلد کان جلد
انهن اديبن ۽ ڄاڻن جون خدمتون حاصل ڪري، سنڌ بابت
قديم ماخذن جي اشاعت طرف توجه ڏيڻ گهرجي. ٻيءَ
صورت ۾ ايندڙ ڏهن پنڌرهن سالن ۾ اسان جي وڏن جا
لکيل ڪتاب خود اسان لاءِ بيڪار ٿي ويندا.
هن علمي ڪم لاءِ وڌ کان وڌ جوابداري سنڌ سرڪار جي
ڪلچر ڊپارٽمنٽ جي آهي، جو هڪ کان وڌيڪ ادبي ۽
ثقافتي ادارن جي سرپرستي ڪري ٿو. خود سنڌي ادبي
بورڊ جنهن سنڌ جي بنيادي تاريخي ڪتابن جي اشاعت ۾
دلچپسي ورتي، ان کي به ڪلچر ڊپارٽمنٽ جي سرپرستي
حاصل آهي. هن ڏس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ تي به ڪي
ذميداريون اچن ٿيون. پنجاب يونيورسٽي هن ڪم جي
اهميت کي ڏسندي، ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان تشڪيل
ڏني، جنهن هيل تائين تاريخ بابت بنيادي ماخذن جو
وڏو تعداد ڇاپيو آهي. چون ٿا ته ڪراچي يونيورسٽيءَ
اندر ڪراچي اسٽڊي سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي.
هونئن به يونيورسٽين جو ڪم رڳو پڙهائي نه آهي.
جيسين تحقيق جي ڪم ۾ دلچسپي نه ورتي ويندي، ايسين
ڪا به يونيورسٽي اڌوري ليکي ويندي. اسان جي
يونيورسٽيءَ ۾ سنڌالاجي به آهي، پر ان جو ڪم گهڻ
رخي ذميدارين تي ٻڌل آهي. سنڌ جي تاريخي ماخذن جو
وڏو تعداد اڃا اڻ ڇپيل حالت ۾ آهي. انهن جي ڇپائي
۽ ايڊيٽنگ لاءِ هڪ فرد نه پر هڪ مڪمل جداگانه
اداري جي ضرورت آهي، ان ڪري اسان جي سنڌ
يونيورسٽيءَ جي موجوده سربراه محترم ڊاڪٽر آر.اي.
شاهه صاحب ۽ سنڌ ڪلچر کاتي جي هاڻوڪي سيڪريٽري
محترمه مهتاب اڪبر راشدي صاحبه کي گذارش آهي ته
پاڻ هن ڏس ۾ ڪي ضروري اپاءُ وٺن ۽ هڪ اهڙي اداري
جي قيام ۾ دلچسپي وٺن، جنهن جو ڪم صرف ۽ صرف سنڌ
جي بنيادي ماخذن جي اشاعت هجي. سنڌي ادبي بورڊ جي
موجوده چيئرمين عالي مرتبت مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ صاحب کي پڻ اسان جي اپيل آهي ته پاڻ
پنهنجي اداري کي هن ڏس ۾ وري سرگرم ڪن ۽ تاريخ سنڌ
بابت ابتدائي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ ڪي فيصلا ڪن.
محترم غلام رباني آگرو صاحب ۽ حبيب الله صديقي
صاحب سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ پڻ ان پوزيشن ۾ آهن
جو هو صاحب به سنڌ جي تاريخ تي ڪجهه نه ڪجهه ڪري
سگهن ٿا.
ڪشنچند
بيوس
.
(هڪ پُراڻي
ياد)
انيس انصاري
ڪشن چند بيوس سان منهنجي پهرين ملاقات شعر ۽
شاعريءَ جي سلسلي ۾ نه، پر مريض ۽ حڪيم جي حيثيت ۾
ٿي. بيوس صاحب هو حڪيم ۽ مان هئس هيانچي جو مريض.
اهو زمانو ئي اهڙو هو. مليريا جي موسم آئي ته گهر
جي اَٺن ڀاتين مان ڇهه ته مليريا جي مرض ۾ مبتلا
هوندا ئي هئا؛ باقي رهيل ٻن ماڻهن جو وارو وري
پوءِ ايندو هو. اهو مرض هو به مزيدار، ڪن کي روز
ٿيندو هو، ته ڪن کي هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن، جنهن
کي ٻيئڙ سڏيندا هئا، ۽ ٽيون وري هو ٽيئڙ، جو ٻه
ڏينهن ڇڏي ٽئين ڏينهن اچي گهٽيندو هو. اهي بخار
وقت جا وري اهڙا پابند، جو پوري وقت تي اچي چڙهندا
هئا. هن بيماريءَ ۾ تلي (هيانچو) وڌي ويندي هئي.
ايمپائر ٽاڪيز جي پردي تي، ان زماني ۾، ”بيوس
شفاخانه“ جا ٻه اشتهار سلائيڊ ذريعي ڏيکاريا ويندا
هئا. هڪ ۾ هوميوپيٿيءَ جي جادو اثريءَ جو بيان
هوندو هو ته ٻئي ۾ ٻرهل (تليءَ جي وڌڻ) جي شرطيه
علاج جو ذڪر. مان ٻئي نمبر اشتهار جي سلسلي ۾ بيوس
شفاخاني ۾ داخل ٿيم.
بيوس شفاخانو ڳولي لهڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪا نه ٿي.
اندر گهڙيس ته هڪ نوجوان (بعد ۾ معلوم ٿيو ته سندس
نالو گوبند رام دادلاڻي هو) ماڻهن کي جادو اَثر
دوائون ڏئي رهيو هو ۽ هڪ ڪرڙوڍ ماڻهو (بعد ۾ سندس
نالو ڪشن چند معلوم ٿيو) آرام ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيو
خيالن ۾ محو ويٺو هو. ان وقت تائين مون کي اڃا
اِهو معلوم ڪو نه ٿيو هو ته اهو ئي ڊاڪٽر ڪشن چند
بيوس آهي، جنهن جي نالي تي دواخانو هلي ٿو.
بيوس سان پرپٺ واقفيت منهنجي سنڌي اسڪول ۾ ٿي. ٻه
درجا ديني مدرسي لاڙڪاڻي ۾ پڙهي آيم مين اسڪول
لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ. پهرئين ڏينهن ئي معلوم ٿيو ته
اسيمبليءَ ۾ قرآن مجيد جي تلاوت بجاءِ پرارٿنا ڪئي
وڃي ٿي. اها پرارٿنا هر روز پڙهڻ ڪري پنجاهه –
ٻاونجاهه سالن بعد به مون کي ياد آهي. پرارٿنا
هئي:
سڀ ڪن تنهنجي ساراهه - قدرت وارا
نرمل جوتي نور نظارا.
1-
ڪوٽان ڪوٽ بڻائيءَ ڌرتيون،
سهسين سج، چنڊ تارا ڪتيون،
جن جو انت نه پارا - قدرت وارا
2-
گلن اندر سرهاڻ ڌرين ٿو،
موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،
هـــيــرا لــــعــل هــــزارا - قدرت
وارا
ان پرارٿنا (حمد) جا ڪل ست بند آهن.
ٿورن ڏينهن ۾ معلوم ٿيو ته اهو ڪلام روپ مالا نالي
ڪتابڙي ۾ ٻين گيتن سان گڏ لکيل آهي، جو هڪ آني
قيمت تي ويڙهي مل جهمٽ مل جي ڪتابن جي دڪان تان
ملي سگهندو. اهو دڪان شاهي بازار ۾ هو. مون وڃي
روپ مالا ڪتاب خريد ڪيو ۽ پرارٿنا ياد ڪري ڇڏي. ان
پرارٿنا کان سواءِ هڪ ٻي پرارٿنا به ڪڏهن ڪڏهن
اسيمبليءَ ۾ پڙهي ويندي هئي. اها پرارٿنا پڻ ڪشن
چند بيوس جي لکيل هئي. ان ۾ ڪل پنج بند آهن، عنوان
اٿس ”ڌڻيءَ در وينتي“. ان جا ٻه بند هيٺ ڏجن ٿا:
اسان جي حال تي هردم سٻاجها ٻاجهه پنهنجي ڪر،
ڀلارا ڀال پنهنجي سان اسان جو پاند پالهو ڀر.
1-
ڀليل آهيون ته تون پنهنجي ڪلا سان راهه روشن ڏي،
اسان جو هي قدم ڪچڙو سنئين رستي تي سائين ڌر.
2-
چڱائيءَ ۽ مدائيءَ جي سچي ساڃاهه صاحب ڏي!
ڀلو ۽ بهتري جنهن ۾ سدا سا شال پاريون پَرِ.
نوجوان ماڻهوءَ کي دوائن ڏيڻ ۾ رڌل ڏسي مون آرام
ڪرسيءَ تي ويٺل ڪرڙوڍ ماڻهوءَ کان وڃي پڇيو:
”سائين! هيانچي جي دوا هتان ملندي آهي؟“ ماڻهو، جو
خيالن ۾ محو هو، تنهن جي ويچار ڌارا ٽٽي پيئي ۽
مون ڏانهن ڏسي چيائين، ”ها“. وڌيڪ پڇيائين، ”ڪير
بيمار آهي؟“ جواب ڏنومانس، ”مان“. پاڻ ڏانهن ويجهو
سڏي ڪرسيءَ تي سنئون ويهي کٻي طرف پاسرين هيٺان
زور ڏئي ڏٺائين ۽ چيائين، ”تلي ته پٿر جهڙي سخت
اٿئي“. مون جواب ڏنس، ”تڏهن ته آيو آهيان اوهان
وٽ“.
ان دوران جوان ماڻهو (ڊاڪٽر گوبند رام) وٽس وڌي
آيو. ڏاڍي نماڻائيءَ سان چيائين، ”بيوس سائين!
فلاڻي ماڻهوءَ جي بيماريءَ جون علامتون هي آهن،
مان هي دوائون ڏنيون اٿمانس، پر فائدو ڪو نه اٿس.
ڪهڙي دوا ڏيانس.“ بيوس دوا تجويز ڪئي، پر مان ڄڻ
آسمان مان اچي زمين تي ڪريس. هي آهي بيوس؟؛ انهن
پرارٿنائن جو لکندڙ، جي مون سنڌي ڪلاسن ۾ پڙهيون
هيون! هي آهي بيوس، جنهن جو ڪتاب شيرين شعر اسان
کي انگريزي ڪلاسن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. مون جو بيوس جو
ديوقامت اميج ٺاهيو هو، سو اچي پٽ پيو. منهنجي
سامهون هڪ ننڍي قد جو، سنهي بدن وارو، ساده پوش
ماڻهو ويٺو هو. جو شيرين شعر جو خالق ٿي ئي نه پئي
سگهيو. منهنجي خيالن جو سلسلو بيوس جي ڳالهائڻ تي
ٽٽو. هن چيو سڀاڻي هڪ وڏو خالي شيشو ۽ سوا رپيو
کڻي اچجانءِ؛ سڀاڻي ئي دوا ٺاهيندس جا پرهينءَ صبح
جو کڻي وڃجانءِ. پرهينءَ تي جيڪا دوا بيوس مون کي
ڏني سا هوميوپيٿيءَ جي نه هئي، پر يوناني هئي. دوا
سان ڀريل وڏو شيشو ڏيندي چيائين ”دوا ڪوڙي اٿئي،
صبح جو ڪوڪي کائي پوئي دوا جا ٻه وڏا چمچا
پيئجانءِ. ڏينهن ۾ هڪ دفعو دوا پيئڻي آهي، ۽
اوستائين پيئڻي آهي جيستائين شيشي مان دوا ختم
ٿئي.“
شيشي جي دوا سان گڏ منهنجي بيماري به ختم ٿي.
شاعر ڪشن چند بيوس کي مون انگريزي ڪلاسن ۾ خوب
پڙهيو، هڪ ته شيرين شعر اسان جي ڪلاس جي نصاب تي
هو، ۽ ٻيو ته ان وقت جي رسالن سنڌو وغيره ۾ بيوس
جا نظم ڇپيا هئا. اهي مضمون ۽ سٽاءُ جي لحاظ کان
ٻين جي ڪلام کان مختلف هئا، ان ڪري مون کي گهڻو
پسند ايندا هئا. ان زماني ۾ مان به ڪچو ڦڪو شعر
چوڻ لڳو هوس.
شايد سال 1938ع هو. معلوم ٿيو ته ڪشن چند بيوس
اسان جي پاڙي ۾ اچي ٿو ويهي، ۽ آخر هڪ ڏينهن سندس
سامان اچڻ لڳو. اسان پاڙي جي پڌر ۾ ونجهه وٽي پئي
کيڏي جڏهن بيوس جي ڪٽنب ۾ هڪ هم عمر ڇوڪرو ڏٺوسين
ته اسان ڏاڍو خوش ٿياسون ته هڪ رانديگر جو اسان ۾
اضافو ٿيو. هو تلسي (داس) هو. پر پوءِ معلوم ٿيو
ته هو اسان سان رلڻ ملڻ وارو هو ئي ڪين. بيوس هر
روز نيم مطابق اتان بيوس شفاخاني ويندو هو ۽ وقت
تي موٽندو هو. ويندي يا ايندي جي مان ٻاهر پڌر ۾
موجود هوندو هوس ته بيوس کي سلام ڪندو هوس، جنهن
جو جواب هو مٺي مسڪراهٽ سان ڏيندو هو.
ٿورن ڏينهن بعد بيوس جي اچڻ وڃڻ واري معمول ۾ رخنو
پوڻ لڳو ۽ آخر ڪجهه ڏينهن تائين هو نظر ڪين آيو.
هڪ ڏينهن ڊاڪٽر گوبند رام دادلاڻيءَ کي سندس گهران
نڪرندي ڏٺم. ساڻس دوا دارونءَ جي سلسلي ۾ منهنجي
چڱي واقفيت ٿي وئي هئي. کانئس معلوم ٿيو ته ”سائين
بيوس بيمار هو. پٺيءَ تي وڏي ڦرڙي نڪتي هئس، جنهن
جي گهر ۾ آپريشن ڪرائي هئائين ۽ هاڻي هو بهتر هو.
ڪجهه ڏينهن بعد بيوس وري معمول مطابق اسپتال اچڻ
وڃڻ لڳو.
لاڙڪاڻي جي شيوا منڊلي جتي بي لوث سوشل خدمت جي
ڪري مشهور هئي، اتي ان جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي به
وساري نه ٿو سگهجي. هڪ شاندار لائبرري ۽ ريڊنگ روم
کان سواءِ شام جو ان جي وسيع ٿلهي تي ادبي
گڏجاڻيون ٿينديون هيون. هتي ڪڏهن شاهه – ڪلاس
ٿيندو هو ته ڪڏهن سامي – ڪلاس. فرش تي گلم وڇايو
ويندو هو، جنهن جي هڪ ڪناري تي ڪاٺ جي چونڪي رکي
ويندي هئي، جنهن تي موقعي جي مناسبت سان ڪڏهن شاهه
جو رسالو رکيو ويندو هو ته ڪڏهن ساميءَ جا سلوڪ.
شاهه ڪلاس ۾ شاهه جو هڪ بيت ۽ سامي ڪلاس ۾ ساميءَ
جو هڪ سلوڪ پڙهيو ويندو هو، جنهن تي هلندي هئي
ٽيڪا. هر هڪ بيت يا سلوڪ جو مفهوم ۽ مطلب پنهنجي
ڄاڻ مطابق ٻڌائيندو هو ۽ آخر ۾ مير مجلس، جو گهڻو
ڪري بيوس صاحب هوندو هو، يا ان جي غير حاضريءَ ۾
ڪو ٻيو پنهنجو خيال پيش ڪندو هو. لائبرريءَ کلڻ جو
وقت به تقريباً ساڳيو هوندو هو. ڪتاب مٽائي ڪڏهن
ڪڏهن مان به اچي انهن ڪلاسن ۾ ويهندو هوس.
ميٽرڪ ۾ آيس ته بيوس جو نظم ”غريبن جي جهوپڙي“
اسان جي نصاب ۾ شامل هو. نصاب ۾ ٻيو ڪلام به هو پر
جنهن وقت بيوس جو نظم پڙهندا هئاسون ته اسان جي
اکين اڳيان غريبن جي جهوپڙين جو نظارو ڦري ويندو
هو. ان نظم جو هڪ بند هيٺ ڏيان ٿو:
ڇانگي ڇنو اڏيائون جو لامن لکن منجهان،
سارو اجهو سٽيائون، پراڻن پکن منجهان،
ڪاڍو ڪڍيائون ڪڙٻ جي ڪانن ڪکن منجهان،
مفتي مدد تي آيا، مچي مڙس ٿي، مڙي،
الا، جُهري م شال غريبن جي جهوپڙي.
ڪشن چند بيوس هڪ سادو، نهٺو ۽ وڏيءَ دل وارو انسان
هو. لٽا ڪپڙا نهايت سادا پائيندو هو. هلڪي قميص،
هلڪو پاجامو، ٻئي سفيد رنگ جا، ڪاري ٽوپي ۽ سليپر.
هيءَ هئي سندس روزمره جي پوشاڪ.
سندس زندگيءَ ۾ ئي بيوس جي شاعرانه حيثيت تي
اختلاف هو. ڪي ته کيس مها ڪوي ڪري ليکيندا هئا ۽
ڪن وٽ هو رڳو چڱو شاعر هو.
لاڙڪاڻي جا شاعر هري دلگير، رام پنجواڻي، هوند راج
دکايل وغيره سندس گهڻو احترام ڪندا هئا. مسلمان
شاعرن ۾ به هو عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.
بيوس تي تنقيد به ڀرپور ٿي ۽ سندس زندگيءَ ۾ ٿي.
ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي سنڌ جي هندن جي تاريخ ۾ بيوس
لاءِ لکي ٿو: ”مسٽر ڪشن چند ماستر هو ۽ چڱو سنڌي
شاعر آهي.“ نارائڻداس ڀمڀاڻي پنهنجي ڪتاب ”اديب
گلشن“ جي نظم جي حصي ۾ بيوس جي ڪلام کي جاءِ ڪا نه
ڏني آهي. البت ليکراج عزيز جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”ڪجهه عرصو ٿيو ته ننڍڙن جي دنيا جو نظمي راجا
بيوس هو. هينئر هن جي حڪومت تي عزيز گهيرو ڪيو
آهي. هو ٻاهريون حدون لتاڙي، اندر راڄڌاني ۾ داخل
ٿي، ان جو ڪجهه حصو ته والاري به چڪو آهي. بيوس
خيال جو پورو پر نظم جو ڪچو آهي. عزيز خيال توڙي
وزن جو ڪامل آهي.“ ليکراج عزيز پنهنجي تنقيد جي
ڪتاب ”گل و خار“ ۾ بيوس جي شاعريءَ تي تنقيد ڪندي
سندس شعر ۾ وزن ۽ بحر جي خامين سان گڏ لفظن جي غلط
استعمال وغيره جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. هن ائين به چيو
آهي ته بيوس جا اڪثر نظم علامه اقبال وغيره جو
ترجمو آهن.
ان وقت جي مسلمان شاعرن پڻ بيوس تي تنقيد ڪئي آهي.
حقيقت ۾ بيوس هڪ اهڙو شاعر هو، جنهن شاعريءَ تي
ڇانيل جمود ٽوڙي پنهنجي ڪلام جي ذريعي ٻڌايو ته
شعر هيئن به چئبو آهي. بيوس شاعريءَ کي هڪ نئون
موڙ ڏنو آهي. سنڌي نثر ۾ محترم جمال ابڙي ۽ سنڌي
نظم ۾ محترم ڪشن چند بيوس جا نالا هميشه امر
رهندا.
بيوس عام طرح ادبي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ گهٽ شريڪ
ٿيندو هو. هو ان هل هنگامي کي پسند ڪين ڪندو هو،
جنهن ۾ اجائي واهه واهه ۽ خوب خوب چئي داد ڏنو
وڃي. هو پنهنجي ئي دنيا ۾ مست هو، جتي نه هئي کيس
اجائي شهرت جي خواهش، نه بيجا تنقيد جو ڀؤ.
بيوس کي پنهنجي کتري هجڻ جو احساس ڪجهه مڙئي گهڻو
هو، ان ڪري پنهنجين نياڻين جي شادي سنڌ کان ٻاهر
ملتان ۾ کتري ڪُل ۾ ڪئي هئائين. سندس پٽن تلسي
(داس) ۽ شيام (سندر) تُلسي منهنجو هم عمر هو.
مئٽرڪ به ساڳي سال (1941ع) ۾ بمبئي يونيورسٽي مان
گڏ ڪئيسين. پتو نه آهي ته هي ڪٽنب اڄ ڪلهه ڪٿي آهي
۽ ڪهڙي حال ۾ آهي؟ جتي به هجي شال سکي هجي.
بيوس جو ڏاڏو پرمانند ۽ ان جو والد مينگهراج ملتان
۾ ڄاوا نپنا هئا. پرمانند جو اچڻ سنڌ ۾ ٿيو، جتي
شڪارپور جي حڪيم ڪوٽومل جي ڀيڻ سان سندس شادي ٿي.
ان بعد هو سنڌ جو ئي ٿي رهيو. ڪشن چند بيوس جو
والد تيرٿداس به هتي ئي پيدا ٿيو ۽ فوت ٿيو. بيوس
پاڻ تاريخ 19- مارچ 1885ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
تعليم مان فارغ ٿي لاڙڪاڻي ۾ ماستري ڪيائين. پينشن
تي اچڻ بعد هن هوميوپٿ ڊاڪٽر گوبند رام دادلاڻيءَ
سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ بيوس دواخانو کوليو. ڊاڪٽر
دادلاڻي باوجود سنديافته ڊاڪٽر هجڻ جي منجهيل ڪيسن
۾ ساڻس صلاح ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته بيوس سائينءَ
جي چونڊيل دوا ۾ سندس دعا جو تاثير پڻ شامل هوندو
آهي.
هن درويش خصلت ۽ ٻاجهاري انسان ۽ شاعر سن 1947ع ۾
هن فاني دنيا کي تياڳو.
|