پهريان ٻه ڪتاب شايد سورهين صديءَ جي آخري اڌ ۾
لکيا ويا، جڏهن ته باقي ست ڪتاب سترهين صديءَ ۾
لکيا ويا. آخري ڪتاب جي لکجڻ کان پوءِ به، مغل سنڌ
تي اڌ صدي قابض رهيا، ليڪن ان عرصي ۾ تيار ٿيل
ڪنهن به ماخذ جو پاڻ کي علم ڪونهي.
ميان نصير محمد 1681ع ڌاري سنڌ ۾ مقامي حڪومت جو
بنياد رکيو. هڪ صديءَ جي حڪومت کانپوءِ، ميان
عبدالنبيءَ جي غلط ڪارين سبب، آخرڪار 1782ع ۾
سياسي طرح هي خاندان ختم ٿي ويو. ميان صاحبن خود
به فارسي علم ادب جي سرپرستي ڪئي ۽ ڪتاب لکيا،
توڙي شعر چيو. هن دور تي مير علي شير قانع جهڙو
لاثاني مؤرخ ۽ تذڪره نگار ڇانيل آهي. هن زماني ۾
سنڌ بابت هي ماخذاتي مواد لکيو ويو:
(10) نامـﮧ نغز
باغ علي خائف سنڌي.
(11) منشور الوصيت
ميان
نور محمد ڪلهوڙو.
(12) مڪلي نامـﮧ
مير علي شير قانع.
(13) تاريخ عباسيان، مثنوي
مير علي شير قانع.
(14) تاريخ عباسيان، نثر
مير علي شير قانع.
(15) تحفـﺔ
الڪرام مير علي
شير قانع.
(16) نگيرانِ
سنڌ پنڊت موهن
لال ”لالا“.
(17) قصيده بمدح عبدالنبي
مير علي شاهه شائق
(18)جنگ مرزا
حسين باراهمـﮧ،مثنوي سريرام
ٺٽوي.
هن ڪتابن مان تيرهون ۽ چوڏهون خاص ڪلهوڙن بابت
هئا، جي ناپيد آهن ۽ آخري ڪتاب ۾ راهما قبيلي ۽
مرزا شاهه حسن جي جنگ جو احوال ڏنو ويو، جو پڻ گم
ٿي ويل آهي.
ميرن جي دور ۾ (1783 - 1843ع) پڻ تاريخ تي وڏي
تعداد ۾ ڪتاب لکيا ويا، جن مان ڪجهه ماخذ وري به
ڪلهوڙن بابت آهن. سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي فارسي زبان
جي بالادستيءَ جو هي آخرين زمانو آهي. ميرن جي دور
۾ تاريخ سنڌ بابت هي ڪتاب لکيا ويا.
(19) تاريخ
سنڌ
سيد محب الله بکري.
(20) فتح
نامه
مير عظيم الدين ٺٽوي.
(21) دستور العمل
آگهي رام چند ٺٽوي.
(22) تاريخ
بلوچي
عبدالمجيد جوکيو.
(23) تاريخ
سنڌ
منشي ٽوپڻ مل.
(24) تاريخ
عباسيان
مصنف نامعلوم.
(25) ڪلهوڙه
نامو
ثابت علي شاهه.
(26) احوال
ڪلهوڙه
مظهر علي.
(27) فتح
نامه
مير صوبدار خان.
1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. ان بعد هن خطي
۾ فارسي ٻولي زوال پذير ٿي. حاڪمن سنڌي ۽ انگريزي
ٻولين جي سرپرستي شروع ڪئي، ان هوندي به سنڌ متعلق
ڪجهه ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيا ويا.
(28) تاريخ
تازه نواي معارڪ
منشي عطا محمد
شڪارپوري
(29) خزائن تاريخ
منشي عطا محمد شڪارپوري
(30) نظارة السنڌ
پوسٽنس جي
ڪتاب جو ترجمو.
(31)
فريئرنامو
مير يار محمد خان.
(32) پل
نامو
خدا داد خان.
(33) خيرپور
نامو خدا داد
خان.
(34) لب تاريخ
سنڌ خدا داد خان.
(35) جام جهان نما
مخدوم محمد عاقل کهڙوي.
(36) گلزار
سنڌ مولوي
عبدالرحيم سومرو.
هت اسان صرف انهن ڪتابن جو وچور ڏنو آهي، جي خاص
ڪري سنڌ جي تاريخ تي لکيا ويا، انهن جو تعداد ”چچ
نامه“ کان ڪري ”گلزار سنڌ“ تائين ستٽيهه ٿئي ٿو.
سنڌ متعلق مختصر فارسي پمفليٽ به لکيا ويا، جن جو
بهرحال هت ذڪر نه ڪيو ويو آهي. تاريخ بابت ٻيا
مددي ذريعا، شاعرن جا تذڪرا، سياسي مڪتوب ۽ صوفين
جا ڪتاب ان کان علاوه لکيا ويا، جن کي پڻ هن مضمون
۾ نه آندو ويو آهي. ورهاڱي بعد هندستان ۾ ميڊيول
دور جي ماخذن بابت، سوين ڪيٽالاگ، فهرستون ۽ ڪتاب
ڇپيا آهن. ممڪن آهي ته انهن جي ورق گرداني، سنڌ
بابت ڪجهه وڌيڪ ماخذن جي نشاندهي ڪري.
ماخذن جي اشاعت جي صورتحال:
سنڌ اندر لکيل تاريخي ماخذن جي ڇپائيءَ جا مکيه ٻه
مرحلا آهن، انهن بابت هيٺ الڳ الڳ روشني وڌي
ويندي.
(الف) انگريزن جي دور ۾ ٿيل ڪوششون:-
سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ جيئن ئي فارسي
زبان ۾ تاريخ نويسيءَ جي شمع اجهامڻ لڳي، تيئن ئي
اسان جا قديم تاريخي ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾
ترجمو ٿيڻ شروع ٿي ويا. اليٽ پنهنجي رٿيل هند جي
تاريخ جو پهريون جلد 1853ع ۾ تيار ڪيو، جنهن ۾ سنڌ
جي فارسي ماخذن مان اقتباس، انگريزيءَ ۾ آندائين ۽
انهن تي جابجا تنقيد به ڪيائين
. سنڌ
سرڪار جي فيصلي موجب ديوان ننديرا، سن 1854ع ۾
”تاريخ معصومي“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي، ۽ ورندڙ سال ۾
ڪيپٽن ماليٽ
(G.G.Malet)
ان جو انگريزي ايڊيشن پيش ڪيو. اڌ صدي پوءِ مرزا
قليچ بيگ سڀني مکيه فارسي ذخيرن کي ڪتب آڻي، تاريخ
سنڌ جا ٻه جلد انگريزي زبان ۾ شايع ڪيا.
مرزا صاحب ”چچ نامه“ سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪيو ۽ مير
علي شير جي ڪتابن جي مدد سان ”قديم سنڌ – ان جا
مشهور شهر ۽ ماڻهو“ جي نالي سان هڪ وڌيڪ ڪتاب به
تيار ڪيو.
انهن ڪاوشن ۽ ڪوششن جي باوجود به، سنڌ متعلق اصل
فارسي ماخذن جي، جديد طريقي سان ايڊيٽنگ ۽ ڇپائي
ضروري هئي. هندستان جي ذخيرن بابت اهڙو ڪم گهڻو اڳ
شروع ٿي چڪو هو. ڪنهن صاحب ذاتي دلچسپي وٺي سن
1304هه (1885ع) ۾، مطبع ناصري دهليءَ مان ”تحفـﺔ
الڪرام“ جو فارسي ايڊيشن پڌرو ڪيو، ليڪن هي
ڇاپونهايت ئي ناقص هو. ان سڄي صورتحال سبب سنڌ
بابت اصل فارسي ماخذن جي جديد طريقي سان ايڊيٽنگ ۽
اشاعت ضروري هئي. ڏسجي ٿو ته هن ڏس ۾ پهريون
سنجيدو علمي ڪم پروفيسر برائون شروع ڪيو. هن صاحب
سنڌ ۾ لکيل فارسي گو شاعرن جو پهريون تذڪرو ”لباب
الالباب“ ايڊت ڪري ٻن جلدن ۾ لنڊن مان شايع ڪيو.
ابتدا ۾ برائون تذڪري جو ٻيو جلد ايڊٽ ڪيو ۽ پوءِ
علامه محمد قزوينيءَ سان گڏ پهريون جلد به مرتب
ڪيو.
تازي دور ۾ آقاي سعيدي نفيسي مرحوم، هن تذڪري جي
پهرئين ڇاپي کي، يڪجاءِ ڪري تهران مان نروار ڪيو
آهي. ويهين صديءَ جي شروع وارن ڏهاڪن ۾ مولانا دين
محمد وفائي ۽ محمد حنيف صديقي مرحوم، پنهنجن
تاريخي ماخذن جي ڳولا جاري رکي. پير علي محمد
راشدي ۽ سيد حسام الدين راشدي پڻ، سنڌ جي تاريخي
ذريعن جي تلاش ۽ اڀياس ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي.
هلندڙ صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ سنڌي هندن ۾ ليکڪن جو
وڏو تعداد موجود هو، پر ڪنهن هن طرف توجـﮧ نه ڏنو.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو پهريون سنڌي اسڪالر
آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ جي اصلي ذخيرن جي اهميت کي
محسوس ڪيو ۽ انهن جي ڇاپڻ ۾ دلچسپي ورتي. ڊاڪٽر
صاحب سال 1938ع ۾ ”تاريخ معصومي“ ۽ سال 1939ع ۾
”چچ نامه“ ايڊٽ ڪيا. دائود پوٽي مرحوم مفصل حاشيا
۽ علمي مقدما لکي هنن ڪتابن کي شايع ڪيو. چون ٿا
ته سندس تحقيق ۽ محنت کي ڏسي، مولانا ابوالڪلام
آزاد کان جس ۽ قدردانيءَ جي دانهن نڪري وئي هئي.
هن دور ۾ سنڌ جي تاريخي ماخذن جا ڪجهه اردو ترجما
به ٿيا، ليڪن انهن کي ڪا خاص پذيرائي حاصل نه ٿي
سگهي. ان کان علاوه محمد صديق ميمڻ ”بيگلارنامه“ ۽
”تاريخ طاهريءَ“ جا جزوي سنڌي ترجما به ڇپيا هئا.
(ب) پاڪستان ٺهڻ بعد ورتل ڪوششون:-
قيام پاڪستان کان پوءِ سال 1951ع ۾ سنڌي ادبي
بورڊ جي نئين تشڪيل ٿي، تڏهن مختلف رخن کان تحقيقي
ڪم ڪرڻ جون رٿون جڙيون. جناب جي. ايم . سيد جامع
سنڌي لغات جي اسڪيم ۾ دلچسپي ورتي. ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ لوڪ ادب سهيڙڻ جي رٿ ڏني. ڊاڪٽر دائود
پوٽي سنڌ جي مفصل تاريخ تيار ڪرڻ جي سوچ ڏني. سيد
حسام الدين راشدي صاحب، تاريخي ماخذن جي اشاعت جو
خاڪو پيش ڪيو.راشدي صاحب ته پنهنجي طرفان پيش ڪيل
هن رٿا جي تڪميل لاءِ، پنهنجي هڪ ذاتي دوست ممتاز
حسن مرحوم کان، جو پاڪستان سرڪار ۾ هڪ اعليٰ آفيسر
هو، مناسب رقم جي حاصلات ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويو. ان
دور ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو سڄو ڌيان، سنڌي ڪلاسيڪي
شعر جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ طرف رهيو. ان ڪري سنڌ جي
تاريخي ماخذن جي ڇنڊڇاڻ، ڳولا، حاصلات، ڇپائي ۽
ايڊيٽنگ ۾، خود راشدي صاحب گهڻي دلچسپي ورتي. هن
علمي ۽ تاريخي پراجيڪٽ جي پورائي لاءِ سنڌ جا ڪافي
ڪتبخانا ڏٺا ويا، مير علي شير قانع جو ذخيرو خريد
ڪيو ويو ۽ هندوستان توڙي لنڊن جا ميوزم ۽
لئبريريون ڀيٽيون ويون. ان ريت ڪافي نوان ڪتاب
ڳولي هٿ ڪيا ويا، جن بابت اڳ ۾ ڪا به ڄاڻ ميسر نه
هئي. ان ڏس ۾ ”نامه نغز“ ۽ ”تاريخ مظهر شاهجهاني“
جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. راشدي صاحب کان علاوه ڊاڪٽر
بلوچ به هن رٿا ۾ وڏو سهڪار ڪيو ۽ علمي توڙي عملي
ڪم ڪيو. محترم محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي بورڊ
جي سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان پڻ تاريخي ماخذن جي
ڇپائيءَ لاءِ هر طرح جو تعاون ڪيو ۽ مفيد مشورا
ڏنا. سنڌي ادبي بورڊ سنڌ ۾ لکيل فارسي شعر ۽ ادب
جي ستونجاهه ڪتابن کان علاوه، تاريخ سنڌ جي ٽيهه
اصلي ماخذن شايع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو. هيل تائين
هن رٿا تحت هي تاريخي ڪتاب ڇپيا ويا آهن.
(1) تاريخ تازه نواءِ معارڪ
عبدالحي حبيبي
افعاني 1959ع
(2) لب تاريخ سنڌ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ 1959ع (3)
تاريخ مظهر
شاهجهاني
سيد حسام
الدين راشدي 1962ع
(4) منشورالوصيت سيد
حسام الدين راشدي 1964ع
(5) تاريخ طاهري
ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ 1964ع
(6) ترخان بامه
سيد حسام
الدين راشدي 1965ع
(7) فتح نامه شير محمد
نظاماڻي 1967ع
(8) مڪلي نامه
سيد حسام
الدين راشدي
1967ع
(9) تحفـﺔ الڪرام
سيد حسام
الدين راشدي 1971ع
(10) بيگلارنامه
ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ 1980ع
ڇپيل ڪتاب ’فتح نامه‘ مير عظيم الدين جو لکيل آهي.
جيڪڏهن بورڊ طرفان صوفين جا ظاهر ڪيل ٻه تذڪرا.
(1) تحفـﺔ الطاهرين شيخ محمد اعظم
1956ع
(2) حديقـﺔ الاولياء سيد عبدالقادر
ٺٽوي 1967ع
(3) تڪمله مقالاة الشعرا
مخدوم محمد
ابراهيم خليل 1958ع
(4) روضـﺔ السلاطين سلطان
محمد فخري هروي 1968ع
به تاريخ جي ماخذاتي اسڪيم ۾ شامل ڪجن، تڏهن به هن
اداري پاران سنڌ بابت ڇپيل بنيادي ذخيرن جو ٽوٽل
انگ سورنهن ٿئي ٿو. شيخ محمد اعظم جو لکيل تذڪرو
بدر عالم دراني مرحوم ايڊٽ ڪيو، جڏهن ته ٻيا سڀ
تذڪرا سيد حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان تدوين ۽
ترتيب هيٺ آيا. مير علي شير قانع جو لکيل سنڌي
صوفين جو منفرد تذڪرو ”معيار سالڪان طريقت“ به
راشدي صاحب ايڊٽ ڪرڻ گهريو ٿي، ليڪن افسوس جو سندن
هٿان هي ڪم پورو نه ٿي سگهيو. ان کان علاوه ”تحفـﺔ
الڪرام“ جي ايڊيٽنگ به اڌوري رهجي وئي. اصلي ماخذن
جي اشاعت کان علاوه بورڊ هن ڏس ۾ ڪجهه ڪتابن جا
ترجما به ڇپيا آهن. مخدوم امير احمد، چچ نامه،
تاريخ معصومي ۽ تحفـﺔ الڪرام کي سنڌي ويس ڍڪايو.
هنن ڪتابن جو اردو ترجمو اختر رضوي ڪيو. محترم
نياز همايوني مظهر شاهجهاني ۽ تاريخ طاهري سنڌيءَ
۾ منتقل ڪيا. حافظ خير محمد اوحدي ’لب تاريخ سنڌ‘
جوسنڌي ايڊيشن پيش ڪيو. ان کان علاوه بورڊ ’ترخان
نامه‘ جو سنڌي ڇاپو به آڻي رهيو آهي. سنڌ کان ٻاهر
به ڪجهه تاريخي ماخذن جا ترجما ٿيا آهن. ڊاڪٽر
سليم اختر صاحب ’مظهر شاهجهاني‘ انگريزي زبان ۾
’سنڌ انڊر دي مغلس‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي،
جنهن کي اسلام آباد جو هسٽري، ڪلچر اينڊ
سويلائزيشن جوادارو، سنڌ ڪلچر ڊپارٽمنٽ جي مالي
مدد سان ڇاپڻ گهري ٿو. ان کان سواءِ خداداد خان جي
’لب تاريخ سنڌ‘ جو روسي زبان ۾ ايڊيشن محمدي
صافولوف ماسڪو مان پڌرو ڪيو آهي. هن صاحب روسي
زبان ۾ سنڌ جي تاريخي ماخذن بابت پڻ مضمون ڇپيا
آهن.
سنڌي ادبي بورڊ جي هن علمي پراجيڪٽ کان علاوه به
سنڌي جي تاريخي ماخذن، تذڪراتي ذخيرن ۽ سياسي خطن
بابت، گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪجهه ڪم ٿيو آهي، جنهن جو
مختصر طرح هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
(1) ذخيرة
الخوانين:
هي منفرد تذڪرو بکر جي فريد پٽ معروف مغل، دور جي
اميرن بابت لکيو. ان کي ڊاڪٽر سيد معين الحق صاحب
ٽن جلدن ۾، ترتيبوار سال 1961ع، 1970ع ۽ 1974ع ۾،
پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچيءَ لاءِ پڌرو ڪيو.
هن تاريخي تذڪري ۾ خاص طرح سنڌ ۾ مغل نوابن بابت
نهايت قيمتي مواد ملي ٿو.
(2) انشاء ماهرو:
هي ملتان جي گورنر عين الملڪ ماهروءَ جي لکيل خطن
جومجموعو آهي، جن ۾ ڪجهه مڪتوب اهڙا آهن، جن ذريعي
ڄامن ۽ تغلقن ۾ ٿيل ڇڪتاڻ تي روشني پوي ٿي. سمن جي
تاريخ جي ابتدائي حصي تي پيل اونده، هنن خطن جي
اڀياس ذريعي ختم ٿي سگهي آهي. پروفيسر شيخ
عبدالرشيد ’انشاي ماهرو‘ ايڊٽ ڪيو ۽ لاهور مان ان
کي ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان 1965ع ۾ شايع ڪيو
آهي.
(3) زبدة
المعاضرين:
شاعرن جو هي تذڪرو سيد حسين شيرازي، سنڌ جي ميرن
لاءِ لکيو هو. هن تذڪري کي ڊاڪٽر محمد باقر 1966ع
۾ لاهور مان ڇپيو آهي.
(4) لطائف لطيفي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت هي فارسي تذڪرو مير
عبدالحسين سانگيءَ 1888ع ۾ لکيو هو. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب ان کي ترتيب ڏئي 1967ع ۾، ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز پاران شايع ڪيو.ميان عبدالرسول قادري هن
تذڪري جو سنڌي ترجمو ڪيو، جو پڻ ثقافتي مرڪز 1986ع
۾ شايع ڪيو.
(5) آداب عالمگيري:
ٺتي جي منشي ابوالفتح قابل خان هي خط ترتيب ڏنا،
جي اورنگزيب مختلف وقتن تي لکيا هئا. ڪجهه خطن مان
سترهين صديءَ جي آخري اڌ ۾، سنڌ ۾ پکڙيل بيچيني ۽
ابتر صورتحال جو پتو پوي ٿو. هي خط چوڌري
عبدالغفور ٻن جلدن ۾ ايڊٽ ڪري سال 1971ع ۾ ريسرچ
سوسائٽي آف پاڪستان لاهور ذريعي ڇپيا آهن. ڪجهه
خطن جواردو ترجمو به ٿيو آهي.
(6) تذڪره مشائخ سيوستان:
سيوهڻ جي صوفين جو هي تذڪرو مغل دور ۾، عبدالغفور
پٽ حيدر سيوهاڻيءَ تيار ڪيو. هي تذڪرو راشدي صاحب
مرحوم جي ڪوشش سان رسالي مهراڻ ۾ ڇپيو
(3-4/1974ع). ان بعد ساڳئي رسالي ۾ (3-4/1979ع)،
نياز همايوني صاحب ان جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو.
مرحوم راشدي صاحب هن تذڪري تي پڻ مفصل ڪم ڪرڻ
گهريو ٿي، ليڪن سندن اها آس پوري نه ٿي سگهي.
(7) چچ نامه:
ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ان کي ايڊٽ ڪري 1939ع ۾
شايع ڪيو. ان هوندي به هن ماخذ جي هڪ نئين مستند
ايڊيشن جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. ان جذبي تحت ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ’چچ نامه‘ جو هڪ معياري ڇاپو مرتب ڪيو ۽
ان تي انگريزيءَ ۾ حاشيا لکيا. هي ايڊيشن اسلام
آباد جي هسٽري ۽ ڪلچر واري اداري 1983ع ۾ شايع ڪيو
آهي.
وڌيڪ مکيه ماخذن جي نشاندهي:
اسين سنڌ واسي گذريل ڏهن سالن کان اجتماعي طور تي،
پنهنجن تاريخي ماخذن جي اشاعت کان محروم رهياسين،
تڏهن به هن خطي بابت ڪجهه وڌيڪ ذريعن جي نشاندهي
ٿي آهي، جن جو مطالعو اسان جي اتهاس لاءِ نوان
نقطا مهيا ڪري سگهي ٿو. اڳ ۾ هنن ماخذن بابت علمي
دنيا کي گهٽ ڄاڻ هئي. جيتوڻيڪ مٿي ڏنل لسٽ ۾ انهن
جا نالا اچي ويا آهن، پر هيٺ اسين متعلقه ضمن ۾
ڪجهه وڌيڪ روشني وجهنداسين.
(1) ارغون نامه:
ارغوانن پنجٽيهه ورهيه حڪومت هلائي. هن دور ۾
تصنيف ۽ تاليف جا ڪيئي مثال ملن ٿا. هرات جي محمد
فخريءَ شاعرن جو منفرد تذڪرو به لکيو، جو شاهه حسن
ارغون جي نالي منسوب ڪيائين. ان ڪري خاطري آهي ته
ارغونن بابت هڪ جداگانه تاريخي ڪتاب پڻ لکيو ويو
هوندو. ويهينءَ صديءَ ۾ سنڌ بابت ڪم ڪندڙ اسڪالر
ان متعلق خاموش ڏسجن ٿا. ايليٽ ’ترخان نامه‘ کي
’ارغون نامه‘ به سڏيو آهي. خدا داد خان صرف ’ارغون
نامه‘ جو نالو کنيو آهي. مرزا قليچ بيگ ’چچ نامه‘
جي انگريزي ڇاپي ۾ ’ارغون نامه‘ ۽ ’ترخان نامه‘ جو
جدا جدا ذڪر ڪيو آهي. ٻه صديون اڳ ’تحفته الڪرام‘
لکندي، مير علي شير قانع پڻ هنن نالن سان ٻن جدا
جدا ڪتابن جو تذڪرو ڪيو آهي. هن صورتحال ۾ پڪ ٿئي
ٿي، ته ارغونن بابت ”ارغون نامه“ نالي هڪ جداگانه
ڪتاب لکيو ويو، پر وقت گذرڻ سان اهو اسان کان به
وسري ويو ۽ پوءِ سنڌ جو سرحدون ٽپي ڪنهن ٻئي ملڪ
ڏي منتقل ٿي ويو. تازو بزرگ اديب مرزا عباس علي
بيگ صاحب ٻڌايو ته ”ارغون نامه“ نه صرف لکيو ويو
هو، پر ان کي ڪنهن صاحب ايڊٽ ڪري هندستان مان شايع
به ڪيو آهي. في الحال ان متعلق ڪجهه چئي نه ٿو
سگهجي. ممڪن آهي ته ”نصرت نامه ترخان“ جو اصل نالو
”ارغون نامه“ هجي، جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.
(2) بکر ۾ مغل نواب:
بکر جو پرڳڻو هڪ صدي مغلن جي قبضي ۾ رهيو ۽ اتي
نواب يا گورنر مقرر ٿي ايندا هئا. هيل تائين اهو
پتو پئجي نه سگهيو آهي ته هن ڏس ۾ ڪو ڪتاب لکيو
ويو يا نه؟ خدا داد خان ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ مغل
نوابن جي لسٽ ڏني آهي، جي بکر سرڪار تي مقرر ٿيا
هئا. ڊاڪٽر حامد علي قريشي صاحب مون کي ٻڌايو ته،
هن هڪ اهڙي ڪتاب جو اڀياس ڪيو آهي، جو بکر جي
مغليه نوابن بابت لکيو ويو هو.
|