عبادتخاني جي تعمير:
شهنشاهه اڪبر، شيخ سليم چشتي رح جو وڏو معتقد ۽
مريد هو. انهيءَ عقيدتمنديءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ،
هُن پنهنجي لاڏلي ۽ سڪيلڌي پٽ جهانگير جو نالو
”سليم“ رکيو هو. سن 982هه – 1574ع ۾ شهزادي سليم
جي ڄمڻ کان ٻه سال پوءِ، اڪبر فتح پور سيڪريءَ ۾
شيخ سليم چشتيءَ جي خانقاهه جي ڀرسان، شيخ عبدالله
نيازيءَ (20) جي حجري ۾ هڪ ”عبادت خانو“ تعمير
ڪرايو (21). مُلا شيريءَ ان باري ۾ هڪ قصيدو چيو
آهي، جنهن جو هڪ بند هن طرح آهي:
درين ايام ديدم جمع بااموال قاروني،
عبادت هائي فرعوني عمارت هائي شدادي (22)
اڪبر جي قائم ڪيل عبادتخاني متعلق عبدالقادر
بدايوني لکي ٿو، ته ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ اهو
”عبادتخاني“ مان بدلجي ”عيادتخانو“ بڻجي پيو (23)
انهيءَ عبادتخاني ۾ هر جمعي ڏينهن، جمعي نماز کان
پوءِ اڪبر هڪ خاص درٻار قائم ڪندو هو. عبادتخاني
جي انهيءَ مجلس ۾ سادات، مشائخ، عالم ۽ امير سڀئي
اچي جمع ٿيندا هئا. اڪبر عبادتخاني جي مجلس ۾ شريڪ
ٿيڻ لاءِ، ملڪ جي وڏن وڏن عالمن ۽ مشائخن کي دعوت
ڏيئي گهرائيندو هو (24). مسلمان عالمن سان گڏ جين
ڌرم، هندو ڌرم، ٻـُڌ ڌرم، عيسائي عالمن ۽ ٻين
مذهبي فرقن جي عالمن کي پڻ دعوت ڏني ويندي هئي.
اڪبر انهن عالمن جي بحث مباحثي کي چڱيءَ طرح ۽ غور
سان ٻڌندو هو ۽ انهن جي پُرمغز تقريرن ۽ دليلن کي
صلح ڪُل ۽ سياسي مصلحت جي بنياد تي سوچيندو هو،
ڇاڪاڻ ته سندس زيرنگين هڪ وسيع سلطنت هئي ۽ بي
شمار خدا جي مخلوق، سندس اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ
هيٺ زندگي بسر ڪري رهي هئي.
عبادتخاني جي مجلسن ۾ مذهبي عالم، ظاهري دنيوي شان
۽ شوڪت کي مذهب کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ لڳا ۽ پهرين
مجلس ۾ ئي عالمن جو پاڻ ۾ مخصوص نشستن تان اختلاف
ٿي پيو. هر عالم اها ڪوشش پئي ڪئي، ته بادشاهه
سلامت جي ويجهو، خاص حضور ۾ ويهڻ جو شرف حاصل
ڪريان. نيٺ اڪبر جي ذاتي مداخلت تي عالمن جي نشستن
جو فيصلو طي ڪيو ويو (25). عبادتخاني ۾ مذهبي بحث
مباحثي دوران عالم ۽ مشائخ، ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه
تان هڪ ٻئي سان وڙهندا هئا ۽ نامعقول لفظن ۾ هڪ
ٻئي تي گند اڇلائيندا هئا. سچ پچ ته اڪبر جي عهد
حڪومت ۾ اسلام تي جيڪو به ڏکيو وقت آيو، ان لاءِ
انهيءَ دور جا عالم ئي جوابدار آهن. اڪبر هڪ آزاد
خيال ۽ خودسر حاڪم هو. کيس عالمن جي اها ويڙهه
ويڙهان ڪنهن به طرح سان پسند ڪا نه هئي. انهيءَ
سلسلي ۾ اڪبر هڪ حڪم نامو جاري ڪيو، ته جو به عالم
مجلس ۾ ڪا به نامعقول گفتگو ڪندو، ته ان کي مجلس
مان ٻاهر لوڌي ڪڍيو ويندو. انهيءَ ڪم لاءِ مُلا
عبدالقادر بدايونيءَ کي مقرر ڪيو ويو (26)
جيئن ته عبادتخاني ۾ ايندڙ هر هڪ عالم جي اها ڪوشش
هوندي هئي، ته هو ڪنهن به طرح ٻين تي پنهنجي
قابليت ۽ علميت جو سڪو ڄمائي ۽ بادشاهه جي اڳيان
ٻين کي نااهل ۽ جاهل ٺهرائي، انهيءَ ڪري
عبادتخاني واري مجلس کي خالص علمي مجلس سڏي نٿو
سگهجي. دراصل انهيءَ مجلس ۾ شريڪ ٿيندڙ عالمن جو
مقصد علم جي توسيع نه هو، بلڪه انا جي تسڪين ۽ ٻين
جي تضحيڪ ۽ توهين هو. انهيءَ مجلس ۾ عالم جيڪي
حربا استعمال ڪندا هئا، تن جو هيٺئين واقعي مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
مُلا عبدالقادر بدايوني لکي ٿو ته جنهن وقت
تاشڪندي نالي هڪ عالم پنهنجو تفسير درٻار شاهيءَ ۾
پيش ڪيو، ته ان وقت حاجي ابراهيم سرهنديءَ (47)
مرزا مفلس (28) کان پڇيو، موسيٰ جو صيغر ڇا آهي ۽
ان جو اشتقاق ڪهڙو ٿيندو؟ جيتوڻيڪ مرزا صاحب عقلي
خواهه نقلي علوم ۾ يگانه روزگار عالم هو، پر هن
سوال جي جواب ۾ منجهي پيو ۽ ڪو به جواب ڏيئي نه
سگهيو. انهيءَ تي ٻين خوشامدڙين اهو ظاهر ڪيو ته
حاجي ابراهيم، مرزا مفلس کي لاجواب ڪري ڇڏيو (28).
خود مُلا عبدالقادر بدايوني جڏهن پهريون ڀيرو
عبادتخاني جي مجلس ۾ آيو هو، تڏهن سندس واسطو
قدامت پرست عالمن جهڙوڪ: شيخ عبدالنبي، حاجي
ابراهيم سرهندي وغيره سان پيو هو. بدايونيءَ بحث
دوران کين لاجواب ڪري ڇڏيو هو.
اگر ذاتي فضيلت کي ظاهر ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي تڪفير ۽
تذليل تائين معاملو هجي ها، ته به شايد اڪبر مذهب
کان ايترو پري نه ٿي وڃي ها؛ پر ڪيترن ئي اهم
مسئلن تي خود عالمن ۾ ظاهري اختلاف راءِ هو. هڪ
عالم جيڪڏهن ڪنهن مسئلي کي حرام ٺهرائيندو هو، ته
ٻيو عالم ان ساڳئي مسئلي کي حلال قرار ڏيندو هو.
اهڙين ڳالهين ۾ سڀ کان پهريائين مُلا عبدالقادر
بدايونيءَ پنهنجا جوهر ڏيکاريا. هڪ دفعي عبادتخاني
۾ ”تعدادِ ازواج“ جي مسئلي تي بحث ڇِڙيو. اڪبر کي
چئن کان وڌيڪ زالون هيون. اڪبر جي خواهش هئي، ته
ڪنهن به راڻيءَ کي جدا ڪرڻ کانسواءِ ڪا شرعي
فتويٰ ملي وڃي، ته جيئن ان مسئلي کي پوريءَ طرح
حل ڪيو وڃي. ڪيترن عالمن حنفي فقـﮧ جي روشنيءَ ۾
ان مسئلي جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي؛ ليڪن مُلا
عبدالقادر بدايونيءَ ”مالڪي فقـﮧ“ جي روءِ ۾
”متعه“ کي جائز ٺهرائي، بادشاهه جي حق ۾ فتويٰ
ڏني. انهيءَ تي اڪبر. حنفي فقـﮧ جي درٻاري عالم کي
معزول ڪري، مالڪي فقـﮧ جي عالم قاضي حسين عرب کي
درٻار جو فقيـﮧ مقرر ڪيو، جنهن مُلا عبدالقادر
بدايوني جي فتويٰ جي توسيع ڪئي (29).
مخدوم الملڪ عبدالله سلطان پوريءَ، شيخ عبدالنبيءَ
جي خلاف هڪ رسالو لکيو، جنهن ۾ هن مٿس خضر خان
سرواني ۽ مير حبش کي ناحق قتل ڪرائڻ جو الزام صادر
ڪيو ۽ اها فتويٰ پڻ ڏني، ته شيخ عبدالنبيءَ جي
پٺيان نماز پڙهڻ جائز نه آهي. ساڳيءَ طرح شيخ
عبدالنبيءَ پڻ مخدوم الملڪ جي خلاف ڪافي زهر
اوڳاڇيو(30). انهن ٻنهي عالمن جي شخصي جهڳڙن جي
ڪري، شريعت محمديءَ کي ڪافي نقصان رسيو.
عبادتخاني ۾ سڀ کان وڌڪ خرابيون تڏهن شروع ٿيڻ
لڳيون، جڏهن سڀني فرقن جا عالم جهڙوڪ: سُني، شيعا،
صوفي، مهدوي، عيسائي، هندو ۽ ٻُڌ وغيره مجلسن ۾
شريڪ ٿيڻ لڳا ۽ انهن جي ذريعي مختلف اختلافي
مسئلا، بادشاهه جي اڳيان آيا.
گوتم نالي هڪ برهمڻ ”نامه خرد وافر“ جي ترجمانيءَ
تي مقرر ٿيل هو. اڪبر هن کي اڪثر خلوت ۾ گهرائي،
ڪيترين هندي شين جا نالا پڇندو هو ۽ انهن کي ياد
ڪندو هو. بادشاهه انهيءَ برهمڻ جي صحبت ۾
”تناسخ“(31) جي عقيدي ڏانهن لاڙو کاڌو. بادشاهه کي
خوش ڪرڻ لاءِ خوشامدڙين تناسخ جي اثبات ۾ ڪيترائي
رسالا پڻ لکيا (32).
صوفين پڻ اڪبر جي پريشان خيالن ۾ ڪافي اضافو آندو.
شيخ تاج الدين بن زڪريا هڪ وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ
ٿي گذريو آهي. سندس لقب ”تاج العارفين“ هو. پاڻ
شيخ زمان پاڻي پٽ واري (33) جو شاگرد هو، جو ڪيترن
ئي تصنيفن جو صاحب هو. ملا عبدالقادر بدايونيءَ جو
قول آهي، ته هو پنهنجي دور جو ابن عربي هو (34).
شيخ تاج الدين، اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ قرآني آيتن
۽ حديثن ۾ اهڙيون تاويلون ڪيون، جو بادشاهه خود
حيران ٿي ويو. بدايونيءَ جو چوڻ آهي ته شيخ موصوف
شريعت محمديءَ جو ايترو پابند نه هو، ۽ گمراهه
صوفين وانگر وحدت الوجود جو قائل هو (35). شيخ تاج
الدين، بادشاهه کي ”انسان ڪامل“ ٺهرائي، کيس سجدو
ڪرڻ جائز قرار ڏنو ۽ ان جو نالو ”زمين بوس“
رکيائين (36).
مُلا ابوسعيد، شيخ امان پاڻي پٽ واري جي ڪتبخاني
مان هڪ جهونو اڏوهيءَ کاڌل ڪتاب آندو، جنهن مان
اها حديث پيش ڪيائين، ته بهشت ۾ سڀ ڏاڙهيءَ ڪوڙ
هوندا انهيءَ تي اڪبر اهو فرمان جاري ڪيو، ته جڏهن
بهشتين جي اها حالت هوندي، ته پوءِ ڇو نه دنيا ۾
به ائين ڪيو وڃي!
علامه ابوالفضل عبادت خاني جي باري ۾ لکي ٿو، ته
انهن بحثن جي ڪري ڪيترين ئي حقيقتن تان پردو کڄي
پيو. اهو سڀڪجهه ڪج بحثي ۽ ديني عالمن جي تعصب
جونتيجو هو. عبادتخاني ۾ عالمن جي مناظرن کان پوءِ
اڪبر کي دنياوي اقتدار سان گڏوگڏ ديني سيادت تي به
حاوي ٿيڻ جو خيال ٿيو. کيس اهو به ذهن نشين ڪرايو
ويو، ته قديم دور جي حاڪمن به خطبو پڙهيو هو. اڪبر
ظاهر ۾ اسلام جي پيروي ڪرڻ خاطر، ليڪن اصل ۾
پنهنجي اجتهاد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 1- جمادي الاول
987هه /26 – جون 1579ع تي فتح پور جي جامع مسجد ۾
خطبي پڙهڻ لاءِ منبر تي آيو، پر فيضيءَ جي چنڊ
شعرن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به پڙهي نه سگهيو(38). آخر
۾ حافظ محمد امين کي امامت ڪرڻ جو حڪم ڏنائين(39).
اڪبر جي انهيءَ روش کي ڏسي، عوام ۾ مذهبي بي راهه
روي ۽ بيچيني پيدا ٿي پيئي ۽ اسلام ۾ ڪيترائي
فروعي مسئلا ۽ عقيدا رونما ٿيا. عبادتخاني ۾ جڏهن
مناظرن ۽ دليلن جي بجاءِ ڪج بحثي ۽ اجائي مذاق ٿيڻ
لڳي، تڏهن راسخ العقيده عالمن ’عبادتخاني‘ ۾ اچڻ
ڇڏي ڏنو ۽ گوشه نشين ٿي ويهي رهيا. انهيءَ تي اڪبر
ناراض ٿي، ڪيترن عالمن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو.
عالمن جو اڪبري درٻار ۾ زوال
جڏهن عالم سڳورا پنهنجن ڪج بحثن ذريعي دنيا وارن
کي عجيب تماشا ڏيکاري رهيا هئا، ته ان وقت اڪبر جي
درٻار ۾ هڪ اهڙو شخص اچي داخل ٿيو، جو علم ۽ فضل ۾
پنهنجي وقت جو يگانه روزگار هو. اهوشخص هو مُلا
فيضي 7 ابوالفضل جو پيءُ شيخ مبارڪ (40). هُن
مخدوم الملڪ عبدالله سلطان پوري ۽ صدرالصدور شيخ
عبدالنبي جي ڪٽرپڻي جي ڪري، ڪيتريوئي تڪليفون
سٺيون هيون. شيخ مبارڪ جي انهن تڪليفن جو ذڪر،
علامه ابوالفضل پنهنجي ڪتاب ”اڪبرنامه“ ۾ ڪيو آهي.
مخدوم الملڪ ۽ صدرالصدور، شيخ مبارڪ کي پنهنجي
راهه جو ڪنڊو سمجهي، ٻنهي بادشاهه جي حضور ۾ عرض
ڪيو، ته شيخ مبارڪ مهدوي آهي، ته شيعه عقيدو پڻ
رکي ٿو. پاڻ خود گمراهه آهي ۽ ٻين کي به گمراهه
ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح بادشاهه کان شيخ
مبارڪ جي قتل جي اجازت حاصل ڪيائين. ليڪن شيخ
مبارڪ چالاڪيءَ ۽ ساڻپ سان پنهنجي جان بچائي، ڀڄي
وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. آخر ۾ امير مرزا ڪوڪـﮧ جي
سفارش سان سندس جان آزاد ٿي.
سن 1579ع ۾ هڪ اهڙو واقعو رونما ٿيو، جنهن عالمن
جي اقتدار کي وڏو ڪاپاري ڌڪ هنيو. مٿرا جي هڪ شخص
قاضي عبدالرحيم، مسجد ٺهرائڻ لاءِ سامان گڏ ڪيو
هو. هڪ سرڪش برهمڻ ان سامان تي قبضو ڪيو ۽ اهو
سمورو سامان کڻائي وڃي هڪ مندر جي تعمير ۾ڪتب
آندائين. قاضيءَ ۽ سندس ساٿين جڏهن برهمڻ کي سامان
کڻڻ کان منع ڪئي، ته هن حضور پاڪ صلي الله عليه
وسلم جي شان ۾ گستاخيءَ جهڙا لفظ چيا (نعوذ
باالله) ۽ مسلمانن کي پڻ گهٽ وڌ ڳالهايائين. قاضي
عبدالرحيم اها شڪايت صدرالصدور شيخ عبدالنبيءَ کي
وڃي ڪئي. برهمڻ کي درٻار شاهيءَ ۾ طلب ڪيو ويو، پر
هُو نه آيو. آخرڪار شيخ ابوالفضل ۽ بيربل کي
موڪليو ويو، جي برهمڻ کي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
برهمڻ کي سزا ڏيڻ جي مسئلي تي عالمن ۾ اختلاف راءِ
پيدا ٿي پيو. شيخ عبدالنبيءَ انهيءَ مسئلي تي اڪبر
کان راءِ گهري، ليڪن هو ان معاملي کي ٽاريندو
رهيو. برهمڻ قيدخاني ۾ بند هو. هوڏا نهن اڪبر جون
راجپوت راڻيون، برهمڻ کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل
هيون. آخرڪار صدرالصدور فتويٰ ڏيئي، برهمڻ کي قتل
ڪرائي ڇڏيو. برهمڻ جي قتل کان پوءِ اڪبر جي راجپوت
راڻين ۽ درٻاري خوشامدڙين کي ڪافي وجهه مليو ۽
بادشاهه کي چوڻ لڳا ته حضور اعليٰ! عالمن کي اوهان
ايترو ته مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي، جو هو اوهان جي
ڪنهن خوشيءَ جو به خيال نٿا ڪن ۽ پنهنجي اثر ۽
طاقت کي ڏيکارڻ لاءِ قتل ۽ غارت جي بازار گرم ڪيو
ويٺا آهن. بادشاهه انهيءَ واقعي تي ڏاڍو ناراض
ٿيو.
انهن ڏينهن ۾ شيخ مبارڪ ڪنهن شاهي تقريب جي موقعي
تي درٻار شاهيءَ ۾ آيو. اڪبر عالمن جي طاقت کي بي
اثر ڪرڻ لاءِ شيخ مبارڪ سان گفتگو ڪئي. شيخ مبارڪ
بادشاهه کي مشورو ڏنو، ته هُو خود اجتهاد جي دعويٰ
ڪري سگهي ٿو. اڪبر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ، شيخ
مبارڪ قرآني آيتن ۽ روايتن جي روشنيءَ ۾ هڪ
”محضرنامو“ تيار ڪيو. ملڪ جي وڏن وڏن جيد عالمن کي
دعوت ڏيئي گهرايو ويو ۽ گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ
ان تي مهرون هنيون ويون. انهيءَ محضرنامي تي مخدوم
الملڪ عبدالله سلطان پوري، صدرالصدور شيخ
عبدالنبي، قاضي جلال الدين، قاضي خان بدخشي، ميران
صدر جهان جهڙن عالمن پڻ صحيحون ڪيون ۽ مهرون
هنيون.
محضرنامو:
هيءُ محضرنامو آگسٽ 1579ع ۾ مرتب ٿيو ۽ ان جو متن
هن ريت هو: ”هن تمهيد ۽ تشريح جھ جو خلاصو هيءُ
آهي، ته سلطان جهان پناهه جي عدل ۽ انصاف، تدبر ۽
انتظام جي ڪري، هندوستان جهڙو وسيع ملڪ امن ۽ امان
جو مرڪز بڻجي چڪو آهي ۽ هر هنڌ جا خواص و عوام،
خاص ڪري عرب ۽ عجم جا عالم ۽ فاضل، هتي اچي مقيم
ٿيا آهن. سڀئي عالم وڏي غور ۽ فڪر ڪرڻ کانپوءِ آيت
ڪريمه ”اطيعو الله و اطيعو الرسول و اولي الامر
منڪم“ ۽ حديث شريف ”ان احب الناس الي الله يوم
القيامـﺔ امام عادل من يطه الامير فقد اطاعني و من
يحصي الامير فقد عصاني و غير ذالک من الشواهد
العقليـﮧ و الدلائل النقليه“ جي روشنيءَ ۾ اهو
فيصلو صادر ڪريون ٿا، ته الله تعاليٰ وٽ سلطان
عادل جو رتبو، مجتهد جي مرتبي کان وڌيڪ آهي. حضرت
سلطان الاسلام ڪهف الانام امير المومنين ظل الله
علي العالمين ابوالفتح جلال الدين محمد اڪبر
بادشاهه خلد الله ملڪ سڀ کان زياده انصاف وارو،
عقل وارو ۽ علم وارو آهي. سلطان عالم عوام جي
سهوليت ۽ مملڪت جي انتظام خاطر، مجتهدن وٽ دين جي
اختلافي مسئلن مان ڪنهن به هڪ پهلوءَ کي ترجيح
ڏيئي، ان کي مسلڪ قرار ڏئي؛ ته اهڙيءَ صورت ۾
بادشاهه جو فيصلو متفق عليـﮧ سمجهيو ويندو ۽ ان جي
اطاعت ۽ پيروي، سموري رعيت لاءِ لازم هوندو. سلطان
عالم پناهه ڪو به اهڙو قانون ۽ حڪم نافذ ڪري، جيڪو
عوام جي سهوليت لاءِ هجي ۽ شريعت موجب هجي، ته ان
تي عمل ڪرڻ هر شخص لاءِ لازمي ۽ قطعي هوندو. ان
حڪم جي انحرافي ڪندڙ سزا جو مستحق ٿيندو. هيءَ
تحرير خلوص نيت تي مبني آهي ۽ خدا جي خوشنودي ۽
اسلامي حڪمن جي ترويج لاءِ، عالمن ۽ فقيهن جي
اتفاق راءِ سان ماه رجب 987 هه ۾ قلمبند ٿي.“ (42)
انهيءَ محضرنامي جي ڪري، بادشاهه کي سمورا اختيار
ملي ويا ۽ سندس لاءِ اجتهاد جو دروازو کلي پيو.
ڪنهن کي به ڪنهن قسم جي مخالفت جي طاقت نه رهي.
تحليل ۽ تحريم جو جهڳڙو ختم ٿي ويو. شريعت جي
مقابلي ۾ امام جي راءِ کي فوقيت حاصل ٿي ويئي.
مُلا عبدالقادر بدايونيءَ جو قول آهي، ته محضرنامي
جي ڪري ڪيترائي بدعقيدا ۽ مسئلا ظاهر ٿي پيا. قرآن
پاڪ کي مخلوق ٺهرايو ويو. وحيءَ کي امر محال چيو
ويو. نبوت ۽ امامت جي باري ۾ ڪيترائي شڪ ۽ شبها
پيدا ٿي پيا. فرشتن ۽ ٻين غيبي ڳالهين ۽ ڪرامتن جو
انڪار ڪيو ويو. (43) مطلب ته هر طرف کان بي ديني
ڦهلجي ويئي. ماڻهن کي حڪم ڏنو ويو، ته بادشاهه جو
خاص ڪلمو ”لالله الالله اڪبر خليفـﺔ الله“ پڙهيو
وڃي. ليڪن اهو ڪلمو، صرف حرم سراءِ تائين محدود
رهيو. (44) مُلا عبدالقادر بدايونيءَ انهيءَ بي
دينيءَ جي ماده تاريخ ”فتنهائي امت“ مان ڪڍي آهي.
(45)
اڪبر جي مخالفت:
اڪبرجي انهيءَ جي اجتهادي اعلان تي، ان دور جي
ڪيترن جيد عالمن ۽ حق پرست اميرن ۽ دربارن مخالفت
ڪئي. جونپور جي مشهور عالم مُلا محمد يزديءَ
بادشاهه جي خلاف ڪفر جي فتويٰ صادر ڪئي. بادشاهه
مُلا محمد يزدي ۽ مير معزالملڪ کي ڪنهن بهاني سان
شاهي درٻار ۾ گهرايو. فيروزآباد وٽ ٻنهي کي گرفتار
ڪرائي، گواليار جي قلعي ۾ بند ڪرايو ويو. ان کان
پوءِ کين هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري، درياهه ۾ غرق ڪيو
ويو. بنگال جي قاضي يعقوب مانڪپوريءَ کي به اهڙيءَ
طرح ختم ڪرايو ويو (46). مخدوم الملڪ ۽ صدر الصدور
کي سن 1580ع ۾ حج ۽ خيراتي ڪمن جي بهاني سان حجاز
طرف جلاوطن ڪيو ويو. هنن کي جڏهن بادشاهه جي خلاف
عام مخالفت ۽ بغاوت جو پتو پيو، ته واپس موٽي آيا.
مخدوم الملڪ واپسيءَ دوران سنه 1582ع ۾ احمد آباد
(گجرات) ۾ وفات ڪري ويو. صدر الصدور جو انجام ڏاڍو
خراب ۽ حسرت ناڪ ٿيو. شيخ عبدالنبيءَ کي گرفتار
ڪري، فتح پور سيڪريءَ آندو ويو. بادشاهه، شيخ سان
ڏاڍو سخت ڪلاميءَ سان پيش آيو ۽ کيس ڀريءَ درٻار ۾
منهن تي ٺونشو وهائي ڪڍيائين. انهيءَ تي شيخ
بيباڪيءَ سان چيو، ته ان کان بهتر آهي، ته ڇُريءَ
سان ڇو نٿا ماريو؟ آخرڪار قيدخاني ۾ کيس گهٽا ڏيئي
بيدرديءَ سان ماريو ويو(47).
اهڙيءَ طرح اڪبر مشهور عالمن جي خاتمي کان پوءِ
پنجاب جي عالمن کي پڻ پنهنجي غضب ۽ غصي جو شڪار
بڻايو. قاضي عبدالشڪور کي جلاوطن ڪري، جونپور جو
قاضي مقرر ڪيو ويو: ليڪن هو اڃا الهه آباد پهتو
هو، ته کيس معزول ڪيو ويو. قاضي صاحب واپس لاهور
ڪو نه آيو ۽ الهه آباد ۾ ئي رهي پيو، جتي درس ۽
تدريس ۾ مشغول رهيو(48). شيخ منور بني اسرائيل به
لاهور جو هڪ وڏو جيد عالم هو. هيءُ به اڪبر جي جوش
۽ غضب جو شڪار بڻيو.
اڪبر ڪيترن ئي عالمن ۽ بزرگن کي مڪاري ۽ حيلي
سازيءَ سان ڪوڙن مقدمن ۾ ڦاسائي شهيد ڪرائي ڇڏيو.
باوجود ائين ڪرڻ جي به، سندس عقيدن خلاف عام شورش
۽ بغاوت جو سلسلو ختم نه ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾
ونسينٽ سمٿ لکي ٿو:
”سنه 1581ع جو سال، اڪبر جي زندگيءَ جو نازڪ ترين
سال هو.“
مُلا محمد يزديءَ سنه 1580ع جي اوائل ۾ اڪبر جي
خلاف فتويٰ ڏني هئي. ان دور ۾ بهار ۽ بنگال ۾ سندس
خلاف بغاوت ٿي هئي، اها اڃا ختم ئي ڪا نه ٿي هئي؛
بلڪ توڏر مل، جو ان بغاوت کي ختم ڪرڻ ويو هو، سو
خود منگير ۾ گهيري هيٺ اچي ويو“ (49).
اڪبر پنهنجي حڪمت عمليءَ سان بغاوت جو خاتمو آندو،
پر عبادت خاني جي حالتن جون خبرون، ٻاهر عوام جي
اڳيان اچي رهيون هيون، جن جي خلاف عام برهمي جاري
هئي.
دين الاهيءَ جو نفاذ:
سنه 1582ع ۾ ”دين الاهيءَ“ کي نافذ ڪيو ويو. رسول
اڪرم صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي هجرت کي هڪ هزار
سال پورا ڪونه ٿيا هئا، مگر سندن نبوت کي هڪ هزار
سان ٿي چڪا هئا (50). انهيءَ ڪري اڪبر جي ذهن ۾
اهو خيال اچي پيو، ته ڇو نه نئين دين جي آغاز جو
اعلان ڪجي! ان زماني ۾ نئين دين جي اعلان ڪرڻ ۾،
اڪبر جي آڏو ڪا به رڪاوٽ ڪا نه هئي.
اڪبر ملڪي سڪي خواهه ناڻي ۾ تبديلي آندي. بادشاهه
کي سجدي ڪرڻ جو حڪم نافذ ڪيو ويو. شراب جو اگهه
خود بادشاهه پاڻ مقرر ڪيو. فتح پور سيڪريءَ ۾
طوائفن جو هڪ وڏو اڏو قائم ڪيو ويو ۽ ان بستيءَ جو
نالو ”شيطان پوره“ رکيو ويو. هجري سن کي ختم ڪري،
ان جي جاءِ تي ”سن الاهي“ جاري ڪيو ويو. راجا
ديپچند هڪڙي جلسي ۾ عرض ڪيو، ته جيڪڏهن ڳئون عزت
جي لائق نه هجي ها، ته قرآن پاڪ ۾ سڀ کان پهريائين
سوره ”البقره“ ڇو نازل ٿي؟ انهيءَ ڪري اڪبر ڳئونءَ
جي ڪوس تي بندش وڌي. ڪُتي ۽ سوئر کي پاڪ سمجهيو
ويو. سون ۽ ريشم پهرڻ فرض قرار ڏنا ويا.
جهڙيءَ طرح عباسي خليفي معتصم بالله، عربن جي زور
ڀڃڻ لاءِ ترڪن کي ترجيح ڏني هئي، اهڙيءَ طرح اڪبر
به چاهيو ٿي، ته هندڪي رسمن جاري ڪرڻ سان هندو
سندن دين الاهيءَ ۾ شامل ٿيندا. ليڪن بيربل
کانسواءِ ٻئي ڪنهن به هندو امير، دين الاهيءَ ۾
شموليت اختيار ڪا نه ڪئي. دين الاهي صرف ارڙهن
ماڻهن اختيار ڪيو هو، جن مان ٺٽي جو حاڪم مرزا
جاني بيگ (51) سڀني کان اڳرو هو. اڪبر جا جيڪي
حلقه بگوش هئا، سي آهستي آهستي هڪٻئي پٺيان وفات
ڪري ويا. سن 1593ع ۾ شيخ مبارڪ وفات ڪري ويو. سن
1595ع ۾ فيضيءَ هي جهان ڇڏيو. علامه ابوالفضل،
جهانگير جي غصي ۽ غضب جو شڪار ٿي ويو. اهڙيءَ طرح
دين الاهيءَ جا سڀ ستون ڊهي پيا.
اڪبر مذهب اسلام کي ترڪ ڪو نه ڪيو هو، ليڪن عالمن
جي غلط بياني ۽ ويڙهه ويڙهان جي ڪري اسلامي تعليم
۽ عقيدن کي سمجهڻ ۾ قاصر رهيو. ازانسواءِ سندس
پاليسي، صلح ڪُل جي اصول تي ٻڌل هئي؛ جا هندستان
جا عالم ۽ مذهبي پيشوا سمجهي نه سگهيا. اڪبر جي
مذهبي عقيدي جي باري ۾ ڪا به قطعي راءِ بيان ڪرڻ
ڏاڍو ڏکيو معاملو آهي. هندن، عيسائين، ٻڌڌرم، شيعن
– مطلب ته هر ڪنهن مذهبي فرقي اهو محسوس ٿي ڪيو،
ته بادشاهه اسان جو عقيدو ۽ مذهب اختيار ڪيو آهي.
علامه ابوالفضل جو قول آهي، ته اهو سڀڪجهه بادشاهه
ان ڪري ئي ڪيو، ته مملڪت جو هرفرقو ائين محسوس
ڪري، ته بادشاهه سندن حامي آهي.
اڪبر جي دورجي مؤرخن جي تاريخن ۾ ڪافي اختلاف ڏسڻ
۾ اچن ٿا. ان دور جي معاصر مؤرخن ۽ راوين جي
اختلافن سببان اڪبر جي مذهبي پاليسيءَ جي اصل
حقيقت جي تهه تائين پهچي ڪو نه ٿو سگهجي.
اڪبر جي زماني جي حالتن ۽ واقعن جا اکين ڏٺا شاهد،
ڪيترائي تاريخ نويس آهن. انهن مان هيٺيان گهڻو
مشهور آهن:
(الف) بخشي نظام الدين، مصنف ”تاريخ طبقات اڪبري“.
(ب)علامه ابوالفضل، مصنف ”اڪبر نامه“ ۽ ”آئين
اڪبري“.
(ج) مُلا عبدالقادر بدايوني، مصنف ”منتخب
التواريخ“.
(د) اسد بيگ، مصنف ”اڪبر نامه“.
(هه) شيخ عبدالحق محدث، مصنف ”تاريخ حقي“.
(و) نورالحق محدث، مصنف ”زبدة
التواريخ“.
بهرحال اڪبر جو ”دين الاهي“ وارو نظريو، اسلامي
نڪتي نگاهه کان هڪ فتنو هو، جو کانئس پوءِ هميشه
لاءِ دفن ٿي ويو ۽ سندس پوين گادي نشين حاڪمن، ان
کي وري ٻيهر ڪڏهن به زندهه ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. |