حوالا ۽ سمجهاڻيون
(1) ”تاريخ فيروزشاهي“ جو مصنف روايت ڪري ٿو، ته
هڪ بزرگ جمنا درياهه جي ڪناري تي وضو ڪري رهيو هو:
هڪ ٻئي بزرگ کانئس پڇيو ته خبر اٿئي ته هن محل ۾
ڪير رهي ٿو؟ ساڳئي بزرگ پاڻ مرادو جواب ڏيندي
چيو، ته هن محل جومالڪ سلطان فيروز شاهه آهي، جنهن
جي قدمن هيٺان هزارين فتنا ۽ فساد دٻيل آهن. جنهن
وقت هيءُ بادشاهه وفات ڪندو، ان ڏينهن دنيا وارن
کي سندس شخصيت ۽ مرتبي جواندازو ٿيندو. ا-هه.
عفيف، شمس سراج: ”تاريخ فيروز شاهي“ (اردو)، مترجم
مولوي محمد فدا علي ”طالب“. جامع عثمانيه حيدرآباد
دکن، 1938ع، ص 18 -19.
(2) تيمور لنگ(9- اپريل 1336ع - 18- فيبروري
1405ع)
”برلاس“ قبيلي جو فرد هو. چنگيزخان جي اولاد مان
هو. مغربي وچ ايشيا کي فتح ڪري، پنهنجي حڪومت قائم
ڪيائين. 24 - سيپٽمبر 1398ع تي سنڌو درياهه پار
ڪري، 18- ڊسمبر 1398ع تي دهلي فتح ڪيائين.
سيد قاسم محمود: ”اسلامي انسائيڪلوپيڊيا“ (اردو)،
شاهڪار بوڪ فائونڊيشن ڪراچي سنڌ، ص 59 – 558.
(3) اڪبر جي والده حميده بانو،عالمن ۽ اوليائن جي
وڏي قدردان هئي. اڪبر کي علم نوازي ۽ درويشن جي
قدردانيءَ جي خوبي، پنهنجي والده کان ورثي ۾ ملي
هئي. حميده بانو، خواجه احمد جام زنده پيل رح
(المتوفي 1141ع) جي اولاد مان هئي. خواجه صاحب جي
مزار خراسان ۾ آهي. سندس اولاد شيعه مذهب رکندڙ
هو. حميده بانو جو پيءُ بابا مير دوست عرف علي
اڪبر، همايون جي قافلي جو سردار هو. علمي فضيلت جي
ڪري ”فضيلت ماب“ جي لقب سان سڏبو هو. همايون جڏهن
ٻيهر هندستان فتح ڪيو، ته ان وقت مولانا علي اڪبر
کي سـﮧ هزاري“ جو عهدو مليو. همايون جڏهن ٻيهر
هندستان فتح ڪيو، ته ان وقت مولانا علي اڪبر کي
”سـﮧ هزاري“ جوعهدو مليو. همايون جو قافلو جڏهن
”پاٽ“ شهر جي ويجهوڳوٺ ”ٻيلي“ وٽ پهتو، ته شهنشاهه
جي والده دلدار بيگم آغاچه پُٽ کي ڏسي، سندس ضيافت
ڪئي. هن موقعي تي همايونءَ حميده بانوءَ کي ڏٺو.
آخرڪار 29 - آگسٽ 1540ع تي مولانا ابوالبقا ”پاٽ“
۾ بادشاهه جو حميده بانوءَ جو نڪاح پڙهايو. بابر
بادشاهه، خواجه احمد جام رح جي اولاد مان ماهم
بيگم سان شادي ڪئي هئي، جنهن جي بطن مان همايون
تولد ٿيو. انهيءَ لحاظ کان حميده بانو، همايون جي
مائٽياڻي هئي.
مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي
پريس حيدرآباد سنڌ، 1959ع، ص 24 - 423.
(5) بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، مترجم محموداحمد فاروقي، شيخ غلام علي
ائنڊ سنسس لاهور، 1962ع، ص 393.
(6) محمد اسلم: ”دين الاهي اور اس کا پس منظر“
(اردو)، ندوة
المصنفين لاهور، 1970ع، ص . 3-31.
(7) شيخ نظام، هندستان جي مشهور شهر ”نارنولي“ جو
ويٺل هو. پنهنجي وڏي ڀاءُ شيخ اسماعيل وٽان خلافت
جو خرقو حاصل ڪيو هئائين. شيخ نظام چاليهن ورهين
تائين رشد ۽ هدايت جي مسند تي جلوه گر رهيو. پاڻ
هر سال خواجه قطب الدين بختيار جي زيارت لاءِ
نارنوليءَ کان دهليءَ پيادل ويندو هو. شيخ صاحب سن
997 هه / 1589ع ۾ وفات ڪئي.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 576.
(8) اڪبر اجمير ڏانهن ويندي، پيرين اگهاڙو پنڌ ڪيو
هو. اهو سفر 7- رمضان المبارڪ 975 هه/ 6- مارچ
1518ع تي ڪيو هئائين. انهيءَ سفر جي تاريخ مير
علاء الدوله قزوينيءَ پنهنجي ڪتاب ”تذڪرة
الشعراء“ ۾ هن ريت بيان ڪئي آهي؛
شاهه دين پرور و جمشيد سرير
خسرو عهد محمد اڪبر
ساخت بي شبه پئي فتح چيتور
ديگ روئين تن از در پيکر
بهر تاريخ ولي از عالم غيب
ديگ چيتور کشا شد يک سر.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص380.
(9) صدر الصدور شيخ عبدالنبي بن احمد، مشهور بزرگ
شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ جو پوٽو هو. مڪي مڪرمـﮧ ۽
مديني شريف ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث جو علم پرايو
هئائين. پاڻ پنهنجي دور جو هڪ وڏو جيد عالم ۽ محدث
هو. هميشه عبادت الاهيءَ ۾ مصروف رهندو هو. شروع ۾
اڪبر سندس ڏاڍو معتقد هو. پاڻ مخدوم الملڪ عبدالله
سلطانپوريءَ کان عمر ۾ ننڍو هو، پر هُن وانگر
ايترو ظالم ۽ غاصب نه هو؛ ليڪن مسجدن جي امامن کان
وڏيون رقمون وٺي، کين جاگيرون وٺرائي ڏيندو هو.
آخر ۾ سندس زوال آيو. شيخ مبارڪ جڏهن ”محضر نامو“
تيار ڪيو، تڏهن انهيءَ تي صحيح وجهائڻ لاءِ کيس
پکڙي وٺي آيا ۽ کانئس زوريءَ صحيح ڪرايائون. سندس
قتل جو تفصيلي بيان مٿي ڪري آيا آهيون. شيخ
عبدالنبيءَ سن 991هه / 1583ع ۾ وفات ڪئي.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 8-605.
(10) ايضاً، ص 436.
(11) مخدوم الملڪ عبدالله سلطانپوري جو تعلق
انصاري قوم سان هو. سندس وڏا ملتان جا ويٺل هئا،
جي پوءِ جالنڌر جي ويجهو ”سلطان پور“ ۾ اچي رهيا.
مخدوم الملڪ، مولانا عبدالقادر سرهنديءَ وٽان علم
حاصل ڪيو هو. پاڻ فقـﮧ ۽ ٻين اسلامي علوم جو وڏو
ماهر هو. همايونءَ کيس ”مخدوم الملڪ“ جو خطاب ڏنو
هو. شيرشاهه سوريءَ کيس ”شيخ السلام“ جي لقب سان
نوازيو هو. مخدوم الملڪ پنهنجي اقتدار جو اثر، ٻن
شين تي صرف ڪيو: پهريون مال ۽ دولت کي جائز ۽
ناجائز طرح سان گڏ ڪرڻ ۽ ٻيو عالمن، درويشن ۽
مشائخن کي اذيتون ۽ تڪليفون ڏيڻ. چون ٿا ته جڏهن
پاڻ وفات ڪري ويو، ته سندس گهر مان ٽي ڪروڙ رپيا
نقد نڪتا هئا. سندس گهر مان سونين سرن سان ڀريل
صندوقون پڻ هٿ آيون هيون، جي هُن مُردن جي بهاني
سان قبرن جي صورت ۾ دفن ڪرايون هيون. ماڻهن کي
ظاهري روزي، نماز، زڪوات وغيره جي نصيحت ڪندو هو.
پر پاڻ ان تي ڪڏهن به عمل نه ڪندو هو. اڪبر کيس
زوريءَ حج تي روانو ڪيو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ پاڻ
بنان اجازت موٽي آيو؛ ليڪن زندگيءَ ساڻس وفا نه
ڪئي ۽ سن 1582ع ۾ احمد آباد ۾ وفات ڪيائين.
ڏسو شيخ محمد اڪرام: ”رود ڪوثر“ (اردو)، اداره
ثقافت اسلاميه لاهور، 1987ع، ص 94 - 95.
(12) بيرم خان جو تعلق ايران جي ”ترڪمان“ قبيلي
سان هو. پاڻ بدخشان ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو
سيف علي بيگ هو. سيف علي بيگ کي بابر، غزنيءَ جو
حاڪم مقرر ڪيو هو. بيرم خان سورهن ورهين جي ڄمار ۾
همايون وٽ ملازمت اختيار ڪئي. پاڻ جنگ جي ميدان ۾
هڪ ماهر بهادر سپاهي هو، ته مستند وزارت تي هڪ
مدبر سياستدان ۽ منتظم حاڪم هو. فقيرن ۽ درويشن جو
معتقد هو. دانائيءَ، سخاوت، خلوص، حسن اخلاق،
نيازمندي ۽ انڪساريءَ ۾ سندس ٻيو ڪو ثاني نه هو.
جيڪڏهن بيرم خان نه هجي ها، ته همايون هندستان تي
ٻيهر قبضو ڪري نه سگهي ها! کيس جيڪڏهن هندستان ۾
مغل سلطنت جو باني ڪري سڏيو وڃي، ته ان ۾ ڪوبه
وڌاءُ نه ٿيندو. بيرم خان آخر ۾ پنهنجي مخالفت جي
سازشن جي وسيع ڄار ۾ ڦاسي پيو ۽ 14- جمادي الاول
968هه / 31 - جنوري 1561ع تي گجرات ۾ شهادت
ماڻيائين. کيس سندس وصيعت موجب سن 985هه / 1577ع ۾
مشهد مقدس ۾ مدفون ڪيو ويو.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 50 - 348، 69 - 668.
(13) شيخ محمد غوث گوالياري، شطاري سلسلي جو وڏو
مبلغ هو. سندس نسب جو سلسلو سلطان العارفين شيخ
بايزيد بسطاميءَ سان ملي ٿو. شير شاهه سوريءَ جي
دور ۾ گواليار مان هجرت ڪري، گجرات ۾ سڪونت اختيار
ڪيائين. همايون جڏهن هندستان تي ٻيهر قبضو ڪيو، ته
شيخ محمد غوث ٻيهر گواليار موٽي آيو. همايون کيس
وڏي عقيدت، عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندو هو.
اڪبر جي قائم ٿيل عبادتخاني ۾ سندس ويهڻ لاءِ خاص
جاءِ مقرر ٿيل هئي. شيخ محمد غوث گواليارويءَ 14 -
رمضان 970هه/ 7- مئي 1563ع تي وفات ڪئي. شيخ جي
وفات کانپوءِ سندس فرزند شيخ ضياءَ الله سان به
اڪبر جا بهترين تعلقات قائم رهيا.
ڏسو محمد حسين ”آزاد“ مولانا: ”درٻار اڪبري“
(اردو) سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور، 1988ع، ص 79 -
775.
(14) شاهنواز خان صمصام الدوله: ”ماثر الامراء“
(اردو)، جلد 2، مترجم پروفيسر محمد ايوب قادري،
مرڪزي اردو بورڊ لاهور، سن 1969ع، ص 64 - 563.
(15) شيخ سليم چشتيءَ جي والد جو نالو شيخ بهاءُ
الدين هو. پاڻ شيخ فريد گنج شڪر جي اولاد مان هو.
سندس ولادت 884 هه / 1479ع ۾ ٿي. ”ملڪ العلماء“
شيخ مجدد الدين کان سرهند ۾ علمي تحصيل ڪئي
هئائين. روم، بغداد، شام، نجف ۽ ٻين ملڪن جو سفر
ڪيو هئائين. 22- حج ادا ڪيا هئائين. پاڻ اسلامي
ملڪن ۾ ”شيخ الهند“ ۽ برصغير ۾ ”شيخ الاسلام“ جي
لقب سان مشهور هو. سن 971 هه / 1564ع ۾ فتح پور
سيڪريءَ ۾ هڪ خانقاهه جو بنياد وڌو هئائين. شيخ
سليم چشتيءَ 976هه / 1571ع ۾ رحلت ڪئي. سندس مزار
جي مٿان اڪبر هڪ عاليشان روضو ٺهرايو هو.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 69 - 568.
(16) شهنشاهه اڪبر کي هن کان اڳ ۾ ڪيترائي پُٽ ٿيا
هئا، جي ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويا. ان دور ۾ اڪبر جي
عمر27- 28 ورهيه هئي. ان وقت سندس راڻي جوڌا ٻائي
حامله هئي. بادشاهه پنهنجي راڻيءَ کي شيخ سليم
چشتيءَ جي خدمت ۾ موڪليو، جنهن کيس پُٽ ڄمڻ جي
بشارت ڏني. بادشاهه خود شيخ محمد بخاري ۽ حڪيم عين
الملڪ جي چوڻ تي شيخ سليم چشتيءَ جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو ۽ کانئس نريني اولاد لاءِ دعا گهرايائين.
اڪبر، شيخ سليم چشتيءَ سان تعلقات جي ڪري، سندس
قديم خانقاهه جي ڀرسان هڪ شاهي عمارت، خانقاهه ۽
مسجد شريف جو بنياد رکيو. ان شاهي عمارت جو نالو
”رنگ محل“هو. اڪبر اها جاءِ خاص شاهي مستورات لاءِ
تعمير ڪرائي هئي ۽ شهزادو سليم انهيءَ هنڌ پيدا
ٿيو هو.
فتح پور جو شهر آگري کان 23 ميل اولهه ۾ ۽ سيڪريءَ
کان 5 -6 فرلانگن تي واقع آهي. سيڪري جبل جو نالو
”ڪوهه ربلي“ آهي ۽ انهيءَ ٽڪريءَ جي دامن ۾ فتح
پور جو شهر آباد آهي. جنهن غار ۾ شيخ سليم چشتي
رياضت ڪندو هو، انهيءَ هنڌ پٿر جي ٽُڪيل مسجد شريف
اڄ تائين موجود آهي. هيءُ شهر 14-15 ورهين ۾ آباد
ٿيو. اڪبر خود هتي 12 ورهيه رهيو ۽ ان کانپوءِ
”اڪبر آباد“ هليو ويو.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 383.
(17) جهانگير نورالدين محمد: ”توزڪ جهانگيري“
(اردو)، جلد اول، مترجم اعجاز الحق قدوسي، مجلس
ترقي ادب لاهور. 1968ع، ص 86 - 87.
(18) جميل يوسف: ”بابر سي ظفر تڪ“ (اردو)، مڪتبه
اردو ڊائجيسٽ لاهور، 1969ع، ص - 95.
(19) ايضاً.
(20) شيخ عبدالله نيازي سرهندي، شيخ سليم چشتيءَ
جو مريد هو. پاڻ هميشه اڪبر جي قائم ڪيل عبادت
خاني جي ڀرسان شيخ سليم چشتيءَ جي خانقاهه جي حجري
۾ معتڪف رهندو هو. جڏهن سيد ميران محمد جونپوريءَ
مهدويت جي دعويٰ ڪئي، ته شيخ عبدالله به سندس
پوئلڳي اختيار ڪئي؛ ليڪن ڪجهه وقت کانپوءِ مهدوي
عقائد کي ترڪ ڪري ڇڏيائين. پاڻ توڪل ۽ قناعت جو
صاحب هو. سن 1000 هه / 1592ع ۾ وفات ڪيائين:
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 86 - 585.
(21) ايضاً، ص 434.
(22) ايضاً.
(23) ايضاً.
(24) مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ
يونيورسٽي پريس حيدرآباد سنڌ، 1959ع، ص 201.
(25) اڪبر عالمن جي نشستن واري جهڳڙي طي ڪرڻ لاءِ
فيصلو ڪيو، ته اتر کان صوفي درويش ۽ مشائخ جلوه گر
ٿين، الهندي طرف سادات عظام مسند نشين ٿين، ڏکڻ
طرف ديني عالم، فقيـﮧ ۽ محدث ويهن ۽ اوڀر طرف امير
۽ درٻاري ويهن.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 435.
(26) ايضاً.
(27) حاجي ابراهيم سرهندي آگري جو ويٺل هو. زهد ۽
تقويٰ ۾ پنهنجي دور جو يگانه روزگار بزرگ هو. کيس
ديني علمن، خاص طرح حديث جي فن ۾ وڏي دسترس حاصل
هئي. شريعت جو سخت پابند هو. ماڻهو ساڻس نهايت ئي
ادب سان جُهڪي ملندا هئا. جڏهن اڪبر جي تعمير
ڪرايل عبادت خاني ۾ آيو، ته شاهي مراسم ۽ تڪلفات
جي ڪا به پابندي ڪا نه ڪيائين ۽ بنا ڪنهن خوف ۽
خطري جي وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ لڳو. خواجه عبدالصمد عرف
عبدالله شيرازيءَ جي ساڻس وڏي عقيدتمندي هئي ۽
هميشه کيس چوندو هو ته، ”جيستائين خلفاءِ راشدين
جي محبت دل ۾ نه آهي، ايسيتائين نماز ۽ روزو سڀ
بيڪار آهن.“
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 637.
(28) مرزا مفلس، مُلا احمد جند جو شاگرد هو.
مناظري جي فن جو وڏو قابل هو. آگري ۾ جامعه خواجه
معين الدين ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو. ستر
ورهين جي ڄمار ۾ مڪي شريف ۾ وفات ڪيائين.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 647.
(28) ايضاً، ص 427.
(29) ايضاً، ص 39 – 438.
(30) ايضاً، ص 465.
(31) تناسخ فلسفه جبر جو لازمي عقيدو آهي. جيڪي
مذهب جبر کي تسليم ڪن ٿا، اهي ڪنهن نه ڪنهنصورت ۾
تناسخ ارواح کي مڃيندا آهن. هندو فلسفي جو هيءُ هڪ
اهم بنياد آهي. تصوف ۾ تناسخ جو مطلب، هڪ ذات جو
مختلف حالتن ۾ جلون ۾ ظهور ٿيڻ آهي. ويدانيت ۾
”خواهش“ تناسخ جو باعث آهي. ذات پنهنجي ڪمال تي
پهچي ختم ٿئي ٿي، ليڪن خواهشن جي تڪميل نه ٿي ٿئي
۽ ان تڪميل جي لاءِ ذات ٻئي روپ ۾ جلوه گر ٿئي ٿي.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا، ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 468.
(32) ايضاً، ص 68 – 467.
(33) مُلا عبدالقادر بدايونيءَ جنهن بزرگ جو نالو
شيخ زمان لکيو آهي، سو غلط آهي. دراصل ان بزرگ جو
نالو عبدالملڪ هو ۽ سندس لقب امان الله هو. پاڻ
شيخ حسن جو مريد ۽ شيخ مودود لاريءَ جو شاگرد هو.
شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ جو قول آهي، ته سندس
تعلق ملامتيه سلسلي سان هو. ابن عربيءَ جو معتقد
هو.12- ربيع الثاني 997هه / 28- فيبروري 1589ع تي
رحلت ڪيائين.
ڏسو شيخ عبدالحق محدث دهلوي: ”اخبار الاخيار“
(اردو)، مترجم مولانا سبحان محمود ۽ مولانا محمد
فاضل، مدينه پبلشنگ ڪمپني ڪراچي سنڌ، ص 99 - 496.
(34) بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 468.
(35) ايضاً، ص 469.
(36) ايضاً.
(37) ايضاً، ص 442.
(38) فيضيءَ جا اهي شهر هتي ملاحظي لاءِ ڏجن ٿا:
خداوندي ڪه مارا خسروي داد
دل دانا و بازوئي قوي داد
بعدل و داد مارا رهنمون ڪرد
بجز عدل از خيال ما برون ڪرد
بود وصفش زحدِ فهم برتر
تعاليٰ شانـﮧ الله اڪبر.
ڏسو بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 477.
(39) ايضاً، ص 476.
(40) شيخ مبارڪ پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم ٿي
گذريو آهي. سندس وڏا اصل ۾ يمن جا رهاڪو هئا ۽
سندن تعلق شيعا فرقي سان هو. شيخ مبارڪ جو مورث
اعليٰ شيخ موسيٰ، يمن مان هجرت ڪري سيوهڻ ۾ اچي
رهيو. شيخ مبارڪ جو پيءُ شيخ خضر، دادو ضلعي جي
ڳوٺ ”ريل“ مان لڏي ناگور ۾ وڃي رهيو. جتي سن 911
هه / 1505ع ۾ شيخ مبارڪ تولد ٿيو. راجپوتن جي حملي
ڪري، شيخ مبارڪ ناگور مان هجرت ڪري احمد آباد ۾
اچي رهيو. |