هوءَ جنهن وقت ٽئين درجي جي هڪ پٺتي پيل محلي جي
هڪ پراڻي طرز جي، ڪچين سرن ۽ گچ سان لتل گهر ۾
داخل ٿي هئي، تڏهن گهرجي جي صحن ۾ پيل هڪ اڌ پراڻي
ڪرسي ۽ پراڻي ٽيبل مان هڪ ڪرسيءَ تي هڪ پنجاهه سٺ
سالن کن جي پوڙهي آهليل هئي. هن جي اکين تي هڪ
پراڻي سڳن سان ٻڌل نظر واري عينڪ چڙهيل ۽ آڏو ئي
پراڻي ٽيبل تي ناس جي دٻلي ۽ ناس اگهڻ واري اڳڙي
پيل هئي. پوڙهيءَ جي نڪ ۽ وات کي ناس ٿڦيل هئي.
پوڙهي ننڊ ۾ الوٽ کونگهرا هڻي رهي هئي. پوڙهيءَ تي
نظر پوندي ئي راحت کي بُڇان وٺي وئي هئي.
”مُئيءَ کي ننڊ به ڪا اکين سان ٻڌي پئي آهي. جڏي
ڏس تڏي...“ هن ايندي شرط برقعو لاهي پري ڦٽو ڪندي
هڪ ڪرسي سيري ڦهه ڪري اڇلائيندي وڏو ساهه کنيون
هو. اوچتي کڙڪي تي پوڙهي سجاڳ ٿي پئي هئي. هوءَ
سجاڳ ٿيندي ئي راحت تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي وئي هئي.
”ائي، ڇو پئي آئين، اڃان ته نه اچين ها. مان آهيان
جو بادشاهزاديءَ کي ڏسي ڏسي ٿڪي آهيان ۽ هيءَ
وري...“
”ماسي مزرا آهن توکي. ايڏي ننڊ! شهر آهي جو اڃا
سوڌو کُليو پيو آهي، رستا پيا وهن، توکي ساجهر ئي
ننڊ؟ توبهه! باهه ڏيانس، گرمي ته ڏس، ونجڻو ڪاڏي
ڪيو ٿي؟“
هن رئي جي پلاند هوا ۾ لهرائيندي وڏا وڏا ساهه
کڻندي چيو هو.
”اڙي ها ها جهڪي ٿيءُ جهڪي ٿيءُ. مان کي ننڊ جا
مهڻا ڏين، پاڻ سو ڪندي ئي ڪانهين؟“
”ڪئي ڇو نه پر ڪنهن ٽيم جي، ڪن چارئي پهر ننڊ جي
حوالي.“
”ڪهڙي وري پاءُ گلن ۾ ترڻ واري ميرن جي بالي آهين،
جو تنهنجي مٿان ويهي پهرا ڏيان؟“ پوڙهيءَ ٽيبل تان
ناس جي دٻلي کڻي هٿ جي تريءَ تي هڻي، ناس چپٽي
ڏيندي چيو هو.
” هَهَه هَهَه هَهَه، مڙهي بالي وري ڪهڙي عرش تان
لهي آئي هوندي. اها به اسان ماڻهن جهڙو ماڻهو
هوندي، ان کي وري ڪهڙا ٻه سڱ مٿي تي هوندا؟“ راحت
ٽهڪڙا ڏيندي چيو هو.
”اڙي هاڻي ٻڌم ٻڌم، پر اهو ته ٻڌاءِ ته ٿيو ڪو
اپراسو؟“
”اپراسو؟ هَهَه هَهَه، هان هي وٺ، ساهه نه نڪرئي“
هن پرس مان ڪجهه نوٽ ڏيندي چيو هو ۽ پوءِ پوڙهيءَ
نوٽ ڳڻيندي چيو هو.
”ڇو اڄ خوشيءَ ۾ ماپي نٿي ماپين، ملي ته نه وئي ٿي
ڪا سوني آسامي!“
”ڏاڍو سڻڀو شڪار، جي پوڻ لڳو ته پؤن ٻارهن، اصلي
ڏوئي ڍڪڻ گهه“ هن آرس ڀنڃي ڄنگهان ڊگهيريندي
پوڙهيءَ تي رعب ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ پوڙهي
نوٽ مُٺ ۾ قابو ڪندي چيو هو.
”ها، مارجي ته ميرُ مارجي باقي چاڪر ڇا چُڪائجن.“
”مڙهي، چاڪرن کي ڏي ٻَنِ، مان ته مير ماريو آهي
مير.“
”اَڙي اهو آهي ڪير؟ مان کان ڪا ڳُجهائي“
”هل ڙي هل، تون پنهنجو وکت کائي وئينءَ.“
”مُئي! ماڻهو ٿي رهزن.“ پوڙهيءَ چتاءَ جي انداز
۾چيو هو ۽ پوءِ راحت ٽهڪڙا ڏيندي رازداريءَ واري
لهجي ۾ چيو هو.
” هَهَه هَهَه هَهَه، ڏٺي مکياري، نه وڻي ته مال
مالڪن جو.“
”ڀلا آهي ڪير!“ پوڙهيءَ بي قراريءَ مان پڇيو هو.
راحت پنهنجي ڪرسي ڇڏي هلي اچي پوڙهيءَ مٿان بيٺي
هئي. مرڪي چيو هئائين:
”ڪير به هجي، تنهن سان تنهنجو ڪم.“
”چڱو نه ڏس، باقي مان به مارئي آڏو پِتا نه پڌرا
ڪيامانءِ ته اها ئي ڳالهه.“ پوڙهيءَ خفي ٿيندي چيو
هو.
”هون... پِتا پڌرا ڪندي پاڻ سو سَتي جَتي آهين.
سڄا سارا راهه رند تنهنجا ڏيکاريل، هاڻي وري....
ٻلي سؤ ڪُئا کائي حج هلي هئي“ هن پوءِ چڙي رسامي
جو انداز اختيار ڪندي ٻيهر پنهنجو پاڻ کي ڪرسيءَ
تي سٽيو هو.
”مُئي! ماري پوءِ ڇو ٿي ايڏو پسرائين. ڪرين ڇو نه
ٿي نخرا“ پوڙهي نوٽ هڪ مٺ ۾ ڪندي ڪرسيءَ تان اٿندي
”کُههُ گهر سندس، ماريو چُهڙو هجي يا چَمار، مان
ته آهيان هن گهر جي مالڪياڻي. تون ڄاڻ تنهنجو ڪم.“
”چڱو هاڻي ڇڏ بس، هنيانءُ ٿو چٽجي، ڪو مانيءَ ڳڀو
کاراءِ.“
”ڇو، ان سُڃي سکڻي نه کارايُئِه ڇا، جنهن جي
ساراهه ڪندي اصلي ڍاپين ئي نٿي.
”اڙي ڀَپَ، اَسونهين ساڻ ايتري حجت به چڱي ڪونهي.“
”ڪير آهي؟ ڪٿي ويٺو آهي؟ ڇا ڪندو آهي؟“ پوڙهيءَ
هلندي هلندي هڪ هنڌ رڪجي کيس معنيٰ خيز نظرن سان
گهوريندي چيو هو.
”اڙي. ها ها پيٽ نه ڦاٽئِه سڄي رات پئي آ، پهريان
ڳڀو ته پيٽ ۾ وجهڻ ڏي.“
”چڱو، تون ڪپڙا بدلائي وٺ، تيتر مان چانور پائي
اچان پر ان دٻلڙيءَ جي پارت اٿي، متان لمڪي ۾
ڪيرائي نه رکينس.“
۽ پوءِ ٻئي صبح تي سوير ئي اٿي ٻئي ڄڻيون گهرو ڪم
ڪار کي لڳي ويون هيون. گهر ۾ هر هڪ شيءِ کي سليقي
سان رکي رهيون هيون، ڄڻ ڪو پير مرشد ايندو هجين.
راحت سوير ئي پنهنجو ڪم ڇڏائي رات جي اوجاڳي، ٿڪ،
صبح جي رئي دز لٽيل جسم کي پاڪ پوتر بڻائڻ لاءِ
وڃي نلڪي جو پاسو ورتو هو ۽ پوڙهي ٻاهر آڳند کي
ٻهاري رهي هئي. هر هر ڪنڌ هيٺ ڪرڻ ڪري سندس عينڪ
کسڪي هيٺ ٿي رهي هئي. هوءَ هر هر عينڪ کي دُرست
ڪري رهي هئي ۽ ڪڏي ڪڏي وڌيڪ خفي ٿيندي پنهنجي ئي
منهن بڙ بڙ ڪري رهي هئي.
”هاڻي هڪ هنڌ کڻي ٺَههُ ته ڦهڪايانءِ نه ڀت تي،
ڪهڙو ته اچي ڪا رههُ ڪيو ٿي“ کن کان پوءِ اوچتو
ٻاهران ڪڙو کڙڪيو هو. پوڙهي ٻهاري هڪ پاسي اڇلائي
گوڏن تي هٿ رکي اٿي ٻاهر وڃڻ لڳي هئي. دروازو ٻيهر
کڙڪيو هو ۽ وري ٽيهر. پوڙهيءَ دروازي ڏانهن وکون
کڻندي پنهنجي منهن بيزاريءَ مان چيو هو.
”ماريو، ڪو چڙهئي گهوڙي تي آيو آ، اصلي باهه ٻاري
ڏني اٿائين.“
پوءِ جڏهن پوڙهي در تي آئي هئي، تڏهن ٻاهر اقبال
کي ڏسي ڪجهه ياد ڪندي هڪي ٻڪي ٿي وئي هئي، پر تڪڙو
پاڻ سنڀالي هروڀرو به پڪائي ڪندي پڇيو هئائين ”ابا
ڪنهن سان ملڻو آهي؟“
”ماسي، مان ٽانگي وارو آهيان، اڄ سڄي ڏينهن لاءِ
ٻولايل....“ هن قدري ڌيرج مان چيو هو.
۽ پوڙهي واپس مڙندي چيو هو ”چڱو چڱو، ٻچڙا مان
اطلاع ڪيان“ ۽ پوءِ ويندي ويندي هڪ دفعو ٻيهر کيس
ٽيڏي اک سان ڏٺو هئائين، تنهن بعد اڳتي ويندي
پنهنجي منهن ڀڻڪيو هئائين.
”ڇورو ته سون تي رتي آهي، پر خداءِ ڪري نيبهه
ڪريس.“ پوڙهيءَ اندر پهچندي ئي ڦڪڙيون ڪرڻ شروع
ڪيون هيون. نلڪي هيٺان سنان ڪندڙ راحت ڏانهن وڌندي
پڪاريو هائين.
”اڙي ڪاڏي وئين، هيڏي ٻاهر ته نڪر.“
”ٻيو ته سک آ، صبح مردان سان هنيانءُ ئي کائي ڇڏيو
ٿي. وري ڪهڙي کاڻ کُٽئي؟“
راحت نلڪي چوڌاري ڏنل ديوار کان منهن ڪڍي چيو هو ۽
پوڙهيءَ ڏانهس وڏيون وکون کڻندي چيو هو.
”مُنهن ڪاري هيڏي ٻاهر ته نڪر، لاشڪ ته هو آيو ٿي“
پوءِ سرگوشيءَ جي انداز ۾ چيو هئائين.
”سچ.....!! پر ٻڌاءِ ڪيئن لڳئه!؟ راحت خوشيءَ جي
عجيب احساس وچان پڇيو هو. پوڙهيءَ کيس جلد ڪرڻ
لاءِ رهڙ ڏني هئي.
”اڙي هاڻي ڇڏين، هجنئي رڳو فتوائون وٺڻيون. وڃينس
ٻاهر، ڇا چوندو پرائو مڙسالو.“
”امڙ، تون به ڏاڍي ٿي ٻڌائين، ڏسين ٿي اڃا بُضون
ئي ڪين ساريو ٿم. تون وٺي اچينس، تيتر مان جلديءَ
۾ ڪپڙا پائي وٺان، پر ڳالهه کي چوريندينءَ تون.“
”اڙي هاها، ڇو ٿو ساهه نڪرئي. اچڻ ته ڏيس، ڏس ته
ڪيئن ٿي هٿن تي پِرتا ڪري ڏيکاريانءِ.“ چوندي
چوندي پوڙهي ٻيهر ٻاهرين در ڏانهن وڌڻ لڳي هئي. در
تي ايندي پوڙهيءَ اقبال کي اندر اچڻ لاءِ چيو هو،
تڏهن هن وڌيڪ پڪ ڪندي چيو هو.
”ماسي، اندر اچان؟“
”اڙي، تڏي ڇا. تون پنهنجو ٻچو آهين، توکان ڀلا
ڪهڙو ڀؤ“، پوڙهيءَ اڳيان اڳيان هلندي اڇاترا قدم
کڻندي هلي رهي هئي ۽ اقبال پٺيان پٺيان سست ۽ ڍلا
قدم کڻندو هلي رهيو هو. پوڙهيءَ، کيس آڳر ۾ پيل
پراڻن ڪرسين مان هڪ تي ويهاريو هو ۽ پوءِ پاڻ
جلدائيءَ مان نلڪي طرف وڌي وئي هئي.
”مائي ڇڏاءِ، يڪو ٿو تنهنجو اوسو لهي“ پوڙهيءَ
هلڪي آواز ۾ چيو هو ۽ راحت ٽوال سان لڱ اگهندي
چيو.
”بس آيس، تيتر تون کيس رُجهائي ويهار.“
کن کان پوءِ آلن وارن کي ڇنڊڪا ڏيندي راحت اقبال
ڏانهن ايندي مرڪي چيو هو.
”ايترو ساجهر!“
”ها، بس.“
”شکر جو آئين، ماسي ته سِر ئي پٽي وئي هئي“ هن
وارن کي پٺتي گردن تي وائکو ڪندي چيو هو، جنهن سان
گڏ هوءَ وڌيڪ سندر لڳي رهي هئي. هن جي ڀڳل وجود تي
آلو چولو چنبڙيل هو. هوءَ هلڪي مُرڪ سان ڪرسيءَ
تان اٿي هئي.
”مان اجها آيس.“
۽ پوءِ جڏهن ٿوري جهٽ کان پوءِ واپس آئي هئي، تڏهن
سندس هٿ ۾ سادي چانهه داني ۽ پراڻا سادا ڪوپ پکڙيل
هئا. هن پوءِ هڪ ڪوپ ۾ چانهه پرٽيندي اقبال ڏانهن
وڌائي هئي. ٻئي کن پوڙهيءَ پنهنجي ڏڪندڙ هٿن ۾ ڪوپ
ڪندي مرڪي پڇيو هو.
”پوءِ پٽ، ڪهڙيءَ ڳالهه تي بيٺين؟ اسان ته سڀني
ڳالهين ۾ مکياري ڇڏيو ٿي.“
پوڙهيءَ جي اوچتي آواز تي اقبال ڇرڪي ڦڪي مرڪ
مرڪندي راحت جي مک تان نظر هٽائيندي، چانهه سرڪ
ڀريندي چيو هو.
”ماسي، مان کي قبول آ.“
هن جي اقرار سان گڏ راحت جي چهري تي هروڀرو به شرم
جي لڪير اُڀري آئي هئي. پوڙهيءَ اڃا به وڌيڪ کيس
هُرکائڻ لاءِ چيو هو:
”ابا، ڪئي ڳالهه ڏوريندي آهي. اڄ ڏسين ٿو ته ڀتين
کي به ڪن آهن. تون ٻچو آهين، توسان ڪهڙي ڳجهائي!
اسان وٽ به ڌڻيءَ جو ڏنو سڀو ڪجهه آهي. مائيءَ جي
مرحيات ۽ منهنجي خاوند جا مليل ڳهه ڳٽا، ٿانو ٿپا،
جيڪي سي چار ڪوڏيون هَڙَ ۾، بس هجي جيڪو سنڀالي.“
”پوءِ مان کي اجازت، ٽانگو مالڪن جي حوالي ڪري
اوکا پوکا پلي اچان.“ اقبال چانهه جو ڪوپ خالي ڪري
ٽيبل تي رکندي، اٿي راحت جي چهري ۾ اکيون کپائيندي
مرڪي چيو هو.
”ڀلي ڀلي، تون پنهنجو سوس پلي اچ. جڏي به اچين
اسان جون اکيون ٿڌيون.“
اقبال اٿي هلڻ لڳو هو، جنهن سان گڏ راحت به اٿي
ساڻس گڏ هلڻ لڳي هئي. پوڙهيءَ ٻيهر پٺيان آخري تير
اڇلايو هو ”آئون جائي پنهنجو نِلو پِلو ٽانگو به
وٺي ڏينداسون.“
هو ٻئي اڳتي وڌي رهيا هئا، هڪ ٻئي کي عجيب ۽ کائڻ
وارين نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا. راحت مرڪي پڪ ڪرڻ
خاطر پڇيو هو.
”پڪ موٽندين نه؟“
”ٻڌ.....“ اقبال، کيس يقين ڏياريندي چيو هو، تڏهن
راحت وڌيڪ کانئس وچن وٺندي، مُرڪي چيو هو.
”مُڙساڻو اقرار؟“
”ڏس هاڻي، ائين ڏٺو ٿي، هي کٻو هٿ ڪاڏي ويندو
آهي.“
”پوءِ مان اوسيئڙي ۾ رهنديس“ هن کيس در جي چائنٺ
ٽپائيندي آخري ڀيرو مرڪي چيو هو.
۽ پوءِ جڏهن واپس آيو هو تڏهن ساڻس جيڪي ڪجهه
ساعتون گڏ گهاريون هئائين، انهن جون يادون ساريندي
هن کي ننڊ اچي وئي هئي. ان ننڊ ۾ ئي هن هڪ ڀوائتو
خواب ڏٺو هو. هوءَ پنهنجو پاڻ کي پراڻن ميرن گدلن
ڪپڙن ۾ پنندي، ڪنهن ڦٽ پاٿ تي پيل هر لنگهندڙ آڏو
هٿ ڊگهيري خيرات گهرندي، مڙس هٿان موچڙا کائي گهر
مان تَڙجندي، ڌڪا کائيندي بي عزتو ٿيندي، مڙس کي
ٻيءَ ڪنهن نئين نويلي ڪنوار جي آغوش ۾ مزا ماڻيندي
ڏسندي رهي هئي. اهڙن بڇڙن حالن تي پوڙهي کلون ڪندي
وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي چٿرون ڪري رهي هئي.
”هَهَه... هَهَه، هَهَه... ڏس پنهنجي حالت، ڏس
پنهنجي... چيم نه پئي ائين ضرور ٿيندو، ائين ضرور
ٿيندو. هو توکي ٿوڪاريل گرهه جيان اڇلائي ڇڏيندو.
چوسيل ککڙيءَ جيان ڦٽو ڪري ڇڏيندو. هاڻي تون ياعمر
پئي عذاب پسندينءَ، هَههَ هَههَ.“
”نه نه، هو مون کي دوکو نه ڏيندو، دوکو نه....“
”توکي دوکو نه ڏيندو؟ ايترو مرد تي ويساهه!
هَهَه... هَهَه، هَهَه... ڪجهه سِک، پنهنجن تجربن
مان سِکُ. متان ڪنهن ڏينهن ڪنڊا نه ڪڍڻا پوني.
ڪنڊا نه.... توکي ان جو علاج ڪرڻو ئي پوندو،
ڪرڻوئي پوندو.“
”مانکي، هن تي ڀروسو آهي. منهنجو هن تي احسان آهي،
منهنجو، منهنجو...“
” هَهَه... هَهَه، هَهَه... احسان، احسان، احسان،
ڪير ٿو چوي، تنهنجو هن تي احسان آهي. هن ته پاڻ
توتي احسان ڪيو آهي. تون اهو اجاڙ وڻ آهين، جيڪو
برپٽ ۾ بيٺي بيٺي سُڪي سڙي ويو هجي. تون اها
وانجهه آهين، جيڪا سهسين سينگار ڪرڻ کان پوءِ به
ماءُ بڻجي نٿي سگهي. تون اهو بيٺل پاڻيءَ جو دُٻو
آهين، جيڪو بيٺي بيٺي سينوارجي بدبودار ٿي ويندو
آهي ۽ پوءِ، پوءِ ماڻهو ته ڇا پر ڪو ڪتو ٻِلو به
نوسڻ ڪو نه ايندس. تون اها ڪلراٺي زمين آهين، جنهن
۾ ڪو به سَلو اُڀري نٿو سگهي.“
”هن کي سائو سلو گهرجي، هن کي ٻيو اقبال گهرجي، هن
کي .... ۽ تون يا عمر رولو ڪُتيءَ جيان ڳڀي ڳڀي
لاءِ پئي نوسيندي وتندينءَ، ٻُچڪر تي پئي پُڇ
گسائيندينءَ.“
”نه نه، مان ائين ڪرڻ نه ڏيندس. ائين ڪرڻ نه
ڏيندس، نه ڏيندس، نه ڏينس...“
هوءَ ننڊ ۾ سُتي ئي سُتي وڏيون هنئين ڦاٽيون
دانهون ڪرڻ لڳي هئي، جنهن تي پوڙهيءَ سجاڳ ٿي کيس
وڏي آواز ۾ سڏ ڪيا هئا.
”ڇا ڪرڻ نه ڏيندينءَ!؟ سنجها وکت اهو ڇا پئي
جابولين، لڳا ته نٿي موت جا مارون؟“ پوڙهيءَ جي
آواز تي هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي هئي. هن جي اکين
مان پاڻي وهي رهيو هو. سندس سڄو جسم پگهر ۾ شَلُ
هو. هن پنهنجي پريشاني لڪائيندي رئي جي پلاند سان
منهن اگهندي گهٻرايل آواز ۾ چيو هو.
”ماسي!؟ ائين ڄڻ ڪنهن ڌٻڻ ۾ ڦاسي مدد لاءِ
واجهائيندي هُجي.“
”ڇَڏِ هان حالَ، مانکي ننڊ ڪرڻ ڏي، سڄي ڏينهن ۾
به اک ٻوٽڻ ڪا نه ڏني ٿي.“
”نه، ماسي اڄ مان توکي مورئون ننڊ ڪرڻ نه ڏيندس.
اڄ اسان کي ڪنهن نه ڪنهن فيصلي تي پهچڻو ئي پوندو.
ڪو نه ڪو رستو لهڻو ئي پوندو.“ هن ڪي قدر پختي
آواز ۾ چيو هو، جنهن تي پوڙهي ڪنهن آڄاتي خوشيءَ
وچان ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهي هئي. پوءِ ويهاڻي هيٺان
عينڪ کڻي اکين تي چاڙهيندي چيو.
”هئي.... نور کان سواءِ به نسورو ڪوڙ آهي. ٻانهن
واري عينڪ پائڻ به ڪهڙي نه سولي آهي.“
”ماسي، اڄ ڪنهن نه ڪنهن فيصلي تي پهچڻو ئي پوندو.“
”فيصلي تي ته پهتينءَ، اڳ ۾ مانکي ناس جي دٻلي ته
هٿ ڪري ڏي، مٿو ٿو ڦري. ڪچيءَ ننڊ مان اٿاريو ٿي.“
پوڙهيءَ ويهاڻي هيٺان هٿوراڙيون ڏيندي ناس جي دٻلي
جاچيندي ۽ پوءِ دٻلي ملڻ تي، دٻلي هٿ جي تريءَ تي
هڻندي ناس چپٽيون ڀري نڪ ۽ وات ۾ ڏيندي، ”هاءِ
هاءِ... مس مس مٿو جاءِ آيو آهي. ها، هاڻي چؤ ڇا
پئي چَيئِه؟“
”ماسي، مان اهو ئي.... مان اهو ئي پئي چيو ته متان
جائي به تنهنجو چيو سچ نه نڪري.“
”جي ايترو سڀڪجهه ڏسندي به گيسر جو گهر ٿيندينءَ،
کيس ڀوليءَ وانگر چنبڙي پئي هوندينءَ ته پوءِ هڪ
ڏينهن پاڻ به ڏيهڙپ ٿيندينءَ، مان مڙهيءَ کي به
اڇي مٿي ۾ دردر پنائيندينءَ.“
”ڀلا ڪا ٽِڪَ سوچ، جيئن لال به لڀي پريت به رهجي
اچي.“
”مائي، جي مان کان ٿي پڇين ته پوءِ نه لال لڀندو
نه پريت رهندي. ها، ائين ضرور ٿيندو، نانگ به
مرندو لٺ به بچندي.“ پوڙهي پنهنجو فيصلو ڏيندي چيو
هو، جنهن کان راحت ڪنهن خوف وچان ڏڪي وئي هئي.
”نه نه ائين نه، ائين نه، ماسي ائين.... اهو
سڀڪجهه مانکان نه پڄندو، مان کان نه پڄندو، مان
کان....“
”نه پڄندو، هون.... اڙي چڱائي ٿي چوانءِ، ڏاڍا هٿ
هڻندينءَ، جڏي نه هاءِ به ويئي هوءِ به ويئي، تڏي
ڌوٻيءَ جو ڪتو نه گهر جو نه گهاٽ جو.“
راحت کن لاءِ خاموش ٿي وئي هئي، تنهن بعد هڪ ڀيرو
وري ٻيهر تصور ئي تصور ۾ پنهنجو پاڻ کي در در جا
ڌڪا کائيندي، فقيرياڻيءَ جي ويس ۾ ڇڳل ڦاٽل ڪپڙن ۾
فٽ پاٿ تي ويٺل ڏٺو. اقبال کي نئين نويلي ڪنوار جي
ڪڇ ۾ هجڻ ۽ کيس ڌڪا ڏئي گهر مان تڙي ڪڍڻ جهڙا منظر
ڏسڻ لڳي هئي ۽ پوءِ سڏڪن سان گڏ بي اختيار نڪري
ويو هوس:
”نه نه، مانکي ائين ڪرڻو ئي پوندو. ڪرڻوئي...“ هن
ويهاڻي ۾ منهن لڪائي وارن ۾ هٿ جڪڙي ڇڏيا هئا.
۽ پوءِ جيڪو ڪجهه ڪيو هئائون، سو شايد انهن ڳالهين
جي ٽئين ڏينهن تي ئي عمل ۾ آيو هو. رٿيل پروگرام
موجب ٽيليويزن جي وائر کي ٻئي ڪنهن وائر جي ٽڪر
سان ڳنڍي ٻاهر گهر جي صحن ۾ رکيو ويو هو. شام جو
به دستور جي ابتڙ ٽيليويزن کي سوير ئي هلايو ويو
هو. هو ٻئي عورتون جيتوڻيڪ خاموش، بغير ڪنهن فڪر
جي ٽيليويزن جا پروگرام ڏسي رهيون هيون، پر تنهن
هوندي به سندن اندر ۾ لوڇ پوڇ جاري هئي.
پوڙهي پنهنجي بهادري جتائڻ لاءِ ڪڏي ڪڏي ڪي لفظ
ڳالهائيندي راحت ڏانهن به تڪي، اهو ڏسڻ جي ڪوشش
ڪري رهي هئي ته جنهن اٽڪل بازيءَ لاءِ کيس تيار
ڪيو هئائين. هينئر به ان ڏاڪي تي بيٺي آهي يا ڌڪو
کاڌو اٿائين ۽ پوءِ ڪڏي ڪڏي کيس هارايل ڏسي همت
ٻڌرائڻ جي ڪوشش ۾، سندس غمگين چهري کي تڪي سنڀالڻ
لاءِ ريس جي سوارن جيان مختلف موڙ ڏئي سڌو ٽڪ تي
هلائڻ لاءِ ٿي جتن ڪيائين.
۽ پوءِ ڪيڏيءَ مهل منجهند جو ستل، اوجاڳي جو سٽيل
اقبال به بسترو ڇڏي پوتڙي ۽ گنجيءَ ۾ ٻاهر نڪري
آيو هو. هن جي اکين تي اڃا به ٿڪاوٽ ۽ ننڊ جا خمار
هئا. هو وڌيڪ حسين لڳي رهيو هو. هن پوءِ عورتن
مٿان ايندي ايندي نئين تبديليءَ بابت پڇيو هو.
”اڄ ڇو ٽي – ويءَ کي هيڏي ٻاهر ڪڍيو اٿؤ!؟“
”ابا، گرمين جا ڏينهن آهن، هاڻي مُٺي اندر نٿي
ٺهي، ٻيو ته جَڳهڙي به خللصي آ، اندر آواز جو پيو
منجهي ته اصلي ڪن پيو کائي ڪن.“ پوڙهيءَ ڦڙتيءَ
سان جواب ڏنو هو ۽ اقبال، راحت جي خاموشيءَ ۽ چهري
تي ڇانيل ڏوهه جي اثر کي پسي مرڪي چيو هو:
”ماسي، اڄ وري هن مومل کي ڇا تي ڪاوڙايو ٿي؟“
”ابا ڪاوڙايو ٿس پنهنجي پرڪارن، مان ڇو. اها صبح
لاڪون جو رٺي آ ته نه کاڌو نه پيتو....“
”اڄ ڀلا تڙ نه ڪرائيندينءَ ڇا؟“ اقبال مرڪي ساڻس
مخاطب ٿيو هو ۽ هن لنوائڻ جي انداز ۾ چيو هو:
”نه، اڄ مان کي مٿي ۾ سور آهي.“
”چئبو اڄ سائينءَ جن جي دشمنن جي طبيعت ٺيڪ ناهي.“
اقبال مرڪي نلڪي طرف وڌندي چيو هو. هن پاسي جڏهن
نلڪي گيڙڻ جا ڪافي آواز ٿيا هئا، تڏهن پوڙهيءَ
وائر تي لت ڏيندي ٻنهي ڇيڙن کي ڌار ڪري ڇڏيو ۽
اکين ئي اکين ۾ راحت کي رٿيل پروگرام جي تڪميل
لاءِ اشارو ڏنو. راحت ڪرسي ڇڏي پريان ئي ٻوڪڙ ڪندي
سڏيو هو:
”اڙي جود ڪر هيڏي.... ماسيءَ، ٽي – ويءَ جي وائر
کي ڇني.. هيڏي ٻاهر ته....“
”هاڻي جو هلي پئي.“ هن صابڻ هڻندي چيو هو.
ماسيءَ ڪرسي سيريندي وچڙائي ڇني رکي. هن جي لرزندڙ
آواز سان گڏ جسم به ڪنبي رهيو هو. هن پوءِ اندران
ئي چيو هو:
”وائر ڇڳي، ته نه ڳنڍجي سگهبي ڇا، تون ڇو اچي
پريشان ٿي آهين.“ اقبال جي ٺاهوڪيءَ دلداريءَ تي
راحت گنگ منگ ٿي بيٺي ئي رهي هئي. کيس هينئن
هارايل ڏسي پوڙهيءَ ٻه وکان ڏانهس کڻندي چيو هو:
”ته پوءِ وڃي يڪو وهنج، ٻچڙا ڏاڍو سٺو پروگرام
هليو ويندو.“
تڏهن اقبال جلدائيءَ مان اڌو گابرو صابڻ لائي ٽوال
هيٺ تي ڪري وائر مٿان آيو هو ۽ راحت کي چيو
هئائين، ”چڱو وڃ اندران وڃي بٽڻ مٿي ڪرينس.“
راحت جي ويندي ئي پوڙهيءَ ڳالهايو هو:
”ماريئي، پيسا به ڊوڍَ جا ورتا، جائي به اڄ ملڪ کي
حرام کائي ويو آ.“
”ماسي، تهان کي به اجائي جي تڪڙ، ٻئي سان به ته
صلاح ڪجي.“
۽ پوءِ اندران راحت آواز ڏنو هو:
”بٽڻ مٿي ٿس.“
راحت جي ٻڏندڙ آواز تي پوڙهيءَ پنهنجي لفظن جو
پردو وجهندي چيو هو:
”پٽڙا، اصلي ڏاڍو مزو ٿس.“
”ماسي چوندي جو آهين، ٽيليويزن اکين کي وٺي ٿي.“
اقبال وائر جي ٻنهي ڇيڙن کي ڌار ڌار ٻنهي هٿن ۾
کڻندي چيو هو ۽ پوءِ جيئن ئي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندي
ٻنهي ڇيڙن کي ملايو هئائين، تيئن ئي بجليءَ جي
جهٽڪي سان ڦهه ڪري زمين تي ڪريو هو. هن کان وڏي
دانهن نڪري وئي هئي ۽ ان دانهن تي راحت اندران
بدحواسيءَ جي عالم ۾ بٽڻ مٿي ڪرڻ کانسواءِ ئي
تيزيءَ ۾ ٻاهر اچي اقبال کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ جيئن
ئي کيس پري ڇڪيو هئائين، تيئن ئي پاڻ به ڦهه ڪري
ڪري پئي هئي. وائر جسم کي ويڙهي ويس. ان بعد
پوڙهيءَ تڪڙي. اٿي ڪوٺين جي دروازن کي بند ڪري،
وٺي وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون هيون. |